سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :4

 پير صاحب پاڳاري حزب الله شاهه صاحب جو انگريزن خلاف ترڪيءَ جي سلطان ڏانهن خط

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت خلاف پير صاحب پاڳارن جي جدوجهد قومي آزادي جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. انهيءَ سلسلي ۾ 1896ع واري ”پهرين حر تحريڪ“ ۽ 1942ع واري ”ٻي حر تحريڪ“، انگريزن سان جنگ ۽ مقابلي جون ٻه وڏيون شاندار ڪوششون هيون. ”پهرين حر تحريڪ“ کان اڳ انگريزن خلاف جيڪو جذبو جاڳايو ويو يا جيڪي قدم کنيا ويا تن تي هن وقت تائين گهٽ روشني پيل آهي. پير صاحب صبغت الله شاهه اول، سکن خلاف سيد احمد بريلوي جي پوري مدد ڪئي ته جيئن سرحد وارن علائقن جي مسلمانن کي سکن جي غلامي کان آزاد ڪجي پر اها ڪوشش سنڌ تي انگريزن جي غاصبانه قبضي کان اڳ واري دور ۾ ٿي. موجوده ڄاڻ موجب، پير صاحب حزب الله شاهه (وفات 1308 هه 1890ع) پهريون پير پاڳارو هو، جنهن جي سجاده نشينيءَ واري دور ۾ سنڌ ۾ انگريزن جي ڌاري حڪومت خلاف جذبو جاڳيو. پير صاحب نه فقط آئينده جي جدوجهد لاءِ (جيڪا پوءِ سندن فرزند پير صاحب علي گوهر شاهه- ثاني جي دور ۾ ”پهرين حـُـر تحريڪ“ جي شروع ٿي) جماعت کي منظم ڪيو، پر انگريزن جي ڪن قدمن خلاف آواز اٿاريو. انهيءَ کان وڌيڪ پير صاحب جن سياسي نوع جي هڪ قدم کنيو، ۽ انگريزن جي جابرانه حڪومت خلاف ترڪيءَ جي سلطان سان تعلق قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سلطان عبدالحميد خان ڏانهن خط لکيائين.

پير صاحب حزب الله شاهه ڇنڇر ڏينهن تاريخ 18 شوال سن 1258 هه (1842ع) ۾ ڄائو. اڍائي مهينن جو ڄاول هو جو انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. ساڍن چئن سالن کن جي عمر ۾ جڏهن سندن والد (پير صاحب علي گوهر شاهه اصغر) جي وفات تي هو سجاده نشين ٿيو تڏهن سڄي سنڌ تي انگريزن جو غلبو ۽ قبضو ٿي چڪو هو: يعني ته سنڌ تي انگريزن جي زوري قبضي سببان سنڌ جي هڪ آزاد مسلمان رياست جو خاتمو ٿي ويو هو، ۽ فقط مير علي مراد کي ئي انگريزن پنهنجي دوست جي حيثيت ۾ نئين خيرپور رياست جو والي بنائي تخت تي وهاريو هو.

آزادي لاءِ جدوجهد پير صاحب جن کي ورثي ۾ ملي هئي. هڪ طرف انگريزن جو سنڌ تي قبضو ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو ٿي ويو ته ٻئي طرف انگريزن جي طرفدار مير علي مراد خان جو پير صاحب سان نزاع شروع ٿيو. پير صاحب جن پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي بلوغت ۽ جواني واري دور تائين انگريزن سنڌ ۾ جيڪي پئي ڪيو، تنهن کي غور سان پئي ڏٺو. انگريزن سنڌ جي آزاد حڪومت ختم ڪري سنڌ کي غلام بنايو هو، ملڪ تي ڌاريا قاعدا قانون مڙهيا هئا، ماڻهن جي مالي حالت زبون ٿي وئي هئي ۽ سندن خوشي ۽ خوشحالي ختم ٿي چڪي هئي، ۽ سنڌ جي اسلامي روايتن کي، جيڪي صدين کان وٺي رائج هيون، مسخ ڪيو پئي ويو. انگريزن جي سرڪاري جلسن ۾ کليو کلايو شراب پئي هلايو ويو.

شراب خوري خلاف احتجاج

پير صاحب جن پهريان غيرتمند شخص هئا، جن جراِّت سان شراب خوريءَ واري انهيءَ حرڪت خلاف آواز اٿاريو. روهڙي - سکر وٽان درياءَ واري پل جي سلسلي ۾ بمبئي جو گورنر آيو ۽ وڏو سرڪاري جلسو ٿيو، جنهن ۾ پير صاحب جن ۽ ٻين مقامي معزز ماڻهن کي سڏيو ويو هو. اتي شراب جا گلاس سندن آڏو رکيا ويا. پير صاحب جن غيرت وچان اُٿي بيٺا ۽ خاص طرح انگريز آفيسرن ڏي منهن ڪري پنهنجي ڀريل آواز سان احتجاج ڪيائون ته جيڪڏهن شراب نه هٽايو ويو ته پاڻ جلسي کي ڇڏي هليا ويندا. تقرير ۾انگريزن جي حڪومت طرفان ملڪي رسم جي خلاف سرڪاري جلسن ۾ شراب پيارڻ واري حرڪت تي سخت نڪته چيني ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو بروقت شيشا ۽ گلاس هٽايا ويا ۽ شراب ڏيڻ بند ڪيو ويو. هن مشهور واقعي بابت ميان حسام الدين شاهه هن طرح لکيو آهي ته: ”خودداري جي اها حالت هئي جو لينسڊائون پل جي افتتاح وقت جيڪا گورنر پارٽي ڪئي هئي، ان ۾ جنهن وقت شراب جو دور هليو، ان وقت پير صاحب جن پنهنجو پيمانو هٿ ۾ جهلي مخالفانه انداز ۾ نهايت ڪڙڪيدار تقرير ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شراب جا شيشا پيمانن سميت مجلس مان ٻاهر کڻائي ڇڏيائون“.(1)

انگريزن خلاف ترڪيءَ جي سلطان ڏي خط

پير صاحب جن وڏا محب وطن ۽ ان سان گڏ اعليٰ سياسي تدبر ۽ سياسي بصيرت جا مالڪ هئا(2) سنڌ جي پنهنجي آزاد اسلامي حڪومت جي خاتمي بعد انگريزن جي غاصبانه قبضي کي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو ڏسي دور انديشيءَ سان سوچيائين ته انهيءَ غلامي کان ڪيئن نجات حاصل ڪجي. پهريائين سندن توجهه انهيءَ طرف ٿيو ته اندروني طور ملڪ ۾ ماڻهن جي اجتماعي طاقت کي وڌائجي. خود پاڻ پنهنجي جماعت کي نه فقط وڌايائون ۽ منظم ڪيائون، پر جماعت ۾ همت ۽ مردانگي، مقابلي ۽ جهاد جو روح ڦوڪيائون. انگريزن طرفان جو ڪوڙي ڪيس ۾ کين نظر بند ڪيو ويو، ان خودبخود سندن جماعت ۾ انگريزن خلاف نفرت جو جذبو پيدا ڪيو. پير صاحب جن کي انگريزن جي قبضي بعد عام ماڻهن جي افلاس ۽ مايوسيءَ جو احساس ٿيو ۽ پاڻ پنهنجي حد تائين غريبن جي دلجوئي ۽ سائلن جي مدد لاءِ سخا جا دروازا کولي ڇڏيائون.

ٻئي طرف پنهنجي سياسي بصيرت سان محسوس ڪيائون ته انگريزن جي ايڏي وڏي طاقت کي، ڪنهن ٻي ٻاهرين وڏي طاقت جي مدد ۽ معاونت کان سواءِ ملڪ مان هٽائڻ مشڪل ٿيندو. انهيءَ سلسلي ۾ ان وقت جي اسلامي دنيا جي خليفي ۽ ترڪي جي سلطان عبدالحميد سان ناتو قائم ڪرڻ ۽ خليفي کي انگريزن جي حڪومت جي ڪرتوتن ۽ ڪارنامن کان آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهيائون. انهيءَ مقصد لاءِ سلطان عبدالحميد ڏانهن پاڻ فارسي ۾ خط جو مسودو تيار ڪيائون، جنهن جي وڌيڪ عبارت آرائي ۽ خوش نويسي پنهنجي فرزند ميان علي اصغر شاهه کي سونپيائون. ميان علي اصغر شاهه اهو مسودو عبارت آرائي سان نهايت سهڻو ڪري لکيو، ايتري قدر جو کيس دستور موجب والد صاحب کان خلعت حاصل ڪرڻ جي تمنا ٿي ۽ انهيءَ تمنا کي پڻ عبارت آرائي سان نقشي واري حاشيـه سان سينگاري خط جي مسودي جي پويان ساڳئي سهڻي صورتخطي ۾ لکي پيش ڪيائين.

خط جو اهو پهريون مسودو، جيڪو ميان علي اصغر شاهه لکي پيش ڪيو، تنهن جو عڪس ئي اسان تائين پهتو آهي. جناب پير صاحب جن طرفان آخري طور اهو خط ڪهڙي صورت ۾، ۽ ڪهڙي طريقي سان سلطان تائين پهچايو ويو، سو سراسر راز هو ۽ اڄ تائين راز رهيو آهي. هن مسودي جو مطالعو ڪندي هيٺين نتيجن تي پهچجي ٿو: (‍1) هن مسودي ۾ وچان وچان ٿورا گهڻا خال ڇڏيل آهن، جيڪي ڪن خاص لفظن ۽ فقرن سان غالباً پوءِ پير صاحب جن خود پاڻ ئي ڀريا. (2) خط جي خاص معنيٰ ۽ مقصد کي شروع کان آخر تائين عبارت آرائي ۾ ڍڪيو ويو آهي ته آساني سان اهو معلوم نه ٿي سگهي ته اهو ڪو سياسي نوعيت جو خط آهي. (3) پير صاحب جن هي خط سلطان عبدالحميد ثاني (1293-1227 هه/1876-1909ع) ڏي لکيو ۽ جيئن ته پاڻ محرم 1308هه ۾ وفات ڪيائون، انهيءَ ڪري اهو خط 1293-1308هه واري عرصي ۾ لکيو ويو هوندو. (4) هن خط اندر وچ ۾ سنڌ تي انگريزن جي ڪيل قبضي ۾ ڪرتوتن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي تباهي جو خاص ذڪر آهي. لکيائون ته:

”هن وقت جڏهن هندستان چؤڌاري بي دين نصارن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي، تڏهن دين ۽ ايمان مٽجي غلط سلط ٿي چڪا آهن، بگهڙ ڌڻ جا رکوال آهن، شريف ۽ رذيل ٻنهي کي هڪجهڙو سمجهيو وڃي ٿو، هندو زوران زور ته مسلمان ڪمزور آهن. مفلسي گهڻي ۽ بيحد ته سرڪاري مطالبا وڌان وڌ... اهي صليب جي نشان کي ايمان جي تعويذ کان وڌيڪ اثرائتو سمجهن ٿا، ۽ ناقوس جي آواز کي اذان ڪري ڀائين ٿا...... نه حڪمرانن کي رعيت جي تباهي تي غور ته نه وري رعيت جي هٿ ڪرائي ۾ زور. هڪ طرف زراعت بي برڪت ته ٻئي طرف ڍل وصول ڪندڙن جي ڪثرت. باوجود انهيءَ جي، قلم ۽ زبانون، انگريزن ۽ سندن طرفدار تابعن ۽ نوابن جا ٻول ٻولي ۽ ڳڻ ڳائي رهيا آهن.“

خط ۾ مٿئين مقصد واري بيان ۽ ان بعد سلطان عبدالحميد جي نالي واري آخري حـصي جي اصل فارسي عبارت هيٺين طور آهي:

السلاطين ظل الله تعاليٰ

تسبيحِ مسبحان خاکي و تمديحِ حامدانِ افلاکي سبوحِ اقدس رب الارواح و النفوس را... اکنون کـه چهار دانگ هندستان تحت اقتدار نصرانيان... آمده اديانها برغلط شده وايمانها مختلط گشتـه، گـَـرگ بره را پاسبان است شريف با رذايل باًبروي يکسان، هندوان چيره دست و مسلمان خيره و پست، افلاس طاريست بيهد و مطالبات سر کاري بلا عدد... نقش صليب مؤثر تر از حرز يماني خوانند و صداي ناقوس آواز اذاني دانند - جز سبهره مسجد را اعتکاف نشين نيست سواي گربـه قبر موش راتوليت گرين - هه مبتدع پير فياض حقيقت است و هرنا متشرع هياض طريقت فـُـجار بمراتڀِ ارجمند فائز و ابرار محروم از صلاهِ و جوائز - ارضيات رقومِ رهن را نامڪتفيٰ مسکونات سو را موفيٰ - نـه حڪام را بر تباهيءَ رعايا غور ونـه رعايا را در پنجئه بازو زور - زراعت ها ي بي برکت کشش محصلان را کثرت - مگر لبل قلم را در ثنا ِّ گلهاي حديـقـه سروريٰ ناظمانِ اورنگ و گلبانِ نو بهارِ سخا پروريءَ نوابان تابع فرنگ، صفير بر صفير است و نغمـه دلپذير کـه نـه زبان را در مدايح اعمالِ شانِ مجالِ زدنِ حرفي ونـه روان را در قبايح افعال ايشان خيال گرفتن طـَـر في...

بر افلاطون کتابِ حکمت بينايِّ کـه برضمير سـَـجـَـنجل (1) تصوير صاحبان عقولِ اوليٰ خـُـبرتِ داننده گانِ طرزِ سؤال سائل و بر خيالِ قمر مثالِ دانايانِ ذوي الفطرهِ فهمنده گانِ مقالِ قائل کـه مظهر خباياي(2) رموزِ سرمدي اند و مـَـصدرِ خفاياي(3) امور ايزدي (ظاهر و روشن است)(4) کـه اين تمهيدِ تهيد ستگاني رابـَـسطي جـُـز سؤال نيست و اين جملـه تشييدِ مـَـباني را سطحي ممواي بسطِ اذيال.....

پس بهتر کـه جهتِ دوامِ بقاي عمر و اقبال و ارتقاي عز و اجلالِ خسرو همايونِ دريا نـَـوال قـُـلزم فدم قدر مجال المنعوت بصفات الجمال (والجلال) ضيا ِّ الملک و املـه والدين امير الامـه والمومنين ظل رب العالمين اِمام رعيـه المسلمين جناب سلطان عبدالحميد اورنگ آراي ممالکِ محروسـه کل ملک ترکستان و عربستان صانـَـه اللهُ عـَـنِ الفـِـتـَـنِ اولـِـحدثان(4) دستي در درگاهِ احديٽ و بازوي مسئلتي د بارگاهِ صمديت دراز نماي.... برتخت کامراني بمراداتِ جاوداني الي يوم القيام بهرمتِ انبياءَ عظام و خلفاءِ کرام و اوليا ذوي الاحترام سلامت داراد و نـقطئه مرکزِ حکومتش روز بروز وسيع و کشاده کناد بالنون والصاد.“

 

 ”سنڌ سڀا“--- سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم

]سنڌي هندو ۽ مسلمانن جي علحيدگيءَ جي ابتدا[

 

غلام محمد لاکو

 

ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي تهذيب، تمدن، اتهاس ۽ ادب کي آدجڳاد کان تمام مٿانهين حيثيت پئي حاصل رهي آهي. اسلام هن خطي ۾، سن 712ع ڌاري پهتو. بعد ۾ يارهن صديون لاڳيتو، هتي مسلمانن راڄ ڪيو ۽ حڪم هلايو. سال 1843ع ۾ هي خطو به، باقي هندستان وانگر، انگريزي راڄ جو حصو ٿي ويو. ان سان گڏ هتي اسلامي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ پنهنجي سياسي خودمختياري توڙي انفرادي ۽ جداگانه حيثيت به گم ڪري ويٺي!

هند - پاڪ ننڍي کنڊ ۾ سال 1947ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿي گذريو، سو ڪو اتفاقي حادثو نه هو. دراصل پاڪستان ٺاهڻ ڪري، ٻين انيڪ تحريڪن ۾ سنڌي مسلمانن جيڪو ڀرپور ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ جيڪا مستقل علحدگي پيدا ٿي، ۽ پوءِ آخرڪار هندن کي هي ملڪ به ڇڏڻو پيو. ان لاءِ خام مال حقيقت ۾ ٽالپورن جي دور کان تيار ٿيڻ شروع ٿيو هو. جنهن به مؤرخ هندو- مسلم علحدگيءَ تي ڪم ڪيو، افسوس آهي ته انهن مان ڪنهن به سنڌ جي سيني ۾ گهري جهاتي پائي هي ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته آخر سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪيئن وڇوٽي پيدا ٿي؟

ٽالپرن هالاڻيءَ جي ميدان تي، پنهنجن حاڪمن ۽ مرشدن کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو. نون حاڪمن اٿندي ئي ڪي اهڙا فيصلا ڪيا، جنهن سبب سندن خلاف بدمزگي جو بنياد پئجي ويو. ان سان گڏ ٽالپورن جي ڪجهه فيصلن ۽ عملن سبب، سنڌ جي هندن کي به سخت مايوسي ٿي. مثال طور مير غلام علي جي اشاري تي، ٻڍڙي ۽ معمر سفارتڪار ديوان گدومل کي، ڪن ماڻهن سندس گهر ۾ گهڙي لٺين سان ڊاهي ڇڏيو. ان بعد نائونمل ۽ سندس خاندان ۽ حڪمرانن ۾ جيڪا اڌ صدي لاڳيتو چپقلش رهي، اها ته عالم آشڪار آهي. ان جو ذڪر خود نائونمل ۽ ٻين همعصر تذڪره نگارن وڏي واڪ ڪيو آهي. آخرڪار نائونمل، انگريزن سان ملي، سنڌ کي غصب ڪرايو. ان ريت، سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ علحدگي اڃا به وڌي وئي. جيئن ئي ميرن جو زوال ٿيو، تيئن نيپئر سنڌ جي جديد انتظامي جوڙجڪ ۽ سڌاري توڙي ترقيءَ متعلق ڪي اهم فيصلا ڪيا. هن سڄي عمل ۾، نائونمل انگريزن سان شريڪ رهيو. کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بنايو ويو ۽ سندس چوڻ تي، سنڌ ۾ ڪيئي هندو ڪاردار مقرر ٿيا، جنهن جو ذڪر خود سيٺ صاحب پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ ڪيو آهي.

سال 1847ع ۾ نيپئر جي وڃڻ تي، سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پرڳڻي جي ماتحت ڪيو ويو. بمبئيءَ جي گورنر جي سرپرستيءَ ۾، هت هاڻي ڪمشنر ڪم ڪرڻ لڳو. پرنگل کان پوءِ هن خطي لاءِ فريئر صاحب ڪمشنر مقرر ٿي آيو، جيڪو سال 1859ع تائين رهيو. حقيقت ۾ جديد سنڌ جو باني فريئر صاحب ئي آهي. هن سنڌ جي ڀلي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيئي فيصلا ڪيا، جيڪي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهن. هن صاحب سنڌي الف بي تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان عالم شريڪ هئا. جيئن ته سنڌ جي سياسي، ملڪي ۽ قومي فضا اڳ ۾ ئي زهريلي هئي، ان ڪري ان جو هن خالص علمي ڪم تي به ڪافي اثر پيو. ڀيرومل لکي ٿو-

”ائين هن علمي ڪم کي گويا فرقيوار رنگ اچي ويو، ۽ هيءُ هڪ هندو مسلم سوال ٿي پيو“. (سنڌي ٻولي جي تاريخ، ص 260).

ان ريت جيڪا ڳالهه سنڌ ۾ حل ٿيڻ کپندي هئي، سا وڃي بمبئيءَ ۾ حل ٿي. هندو - مسلم ڇڪتاڻ سبب، هي پهريون ڀيرو هو جو اسان جو هڪ مسئلو سنڌ کان ٻاهر نبيريو ويو. ان ريت نفاق ۾ اڃا به اضافو ٿي ويو. بهرحال، فيصلو مسلمانن جي حق ۾ ٿيو، جنهن کي هندن بادل ناخواسته قبول ڪيو.(تعجب آهي ته هڪ صدي کان پوءِ، ڪٽر هندن دهلي ۽ بمبئيءَ ۾ ويهي هن مسئلي کي کنيو، جنهن جو تفصيلي ذڪر همعصر اديب موهن ڪلپنا پنهنجي آتم ڪٿا ”بـُـک، عشق ۽ ادب“، 1985ع، سنڌ ۾ ڇپيل، ۾ ڪيو آهي). هن فيصلي بعد سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾، تصنيف ۽ تاليف شروع ٿي. هند سرڪار وري شاهه جي رسالي لاءِ رقم منظور ڪئي. فريئر صاحب سنڌ جو ڪمشنر هو ته، هندستان ۾ هڪ بلوو ٿي پيو. هيءُ واقعو سال 1857ع ۾ ٿي گذريو. پوري ننڍي کنڊ وانگر سنڌ ۾ به ان کي انگريزن پوريءَ قوت سان چيڀاٽي ڇڏيو. اهڙي مشڪل وقت ۾ اهو سيٺ نائونمل ئي هو، جنهن سنڌ جي ڪمشنر صاحب ۽ سندس انتظاميه جي ڀرپور مدد ڪئي هئي.

(2)

بغاوت هند جاڪي اهم نتيجا نڪتا. ڪمپني سرڪار ختم ٿي ۽ سمورو هندستان، تاج برطانيه جي سڌي حڪم تحت آيو. هندن جو انتظاميه ۾ عمل دخل وڌي ويو، ۽ پوري ننڍي کنڊ جو مسلمان ويچارو ۽ مفلوج ٿي ويو. سال 1861ع ۾ انڊين ڪونسلس ايڪٽ لاڳو ٿيو، جنهن بعد هتي آئيني حڪمرانيءَ جو بنياد پيو. ان تحت سرڪار ۾ عوامي نمائندگيءَ جو عمل شروع ٿي ويو. هاڻي هندستان ۾ سياسي جماعتن ۽ تنظيمن جو بنياد پيو. ان وقت هيءُ سلسلو اڃا ابتدائي مرحلن ۾ هو. سال 1886ع ۾ سر سيد جي ڪوششن سان ”برٽش انڊين ائسوسيئيشن“ ٺهي، ۽ پڻ ڪي ٻيون تنظيمون به ظهور ۾ آيون. سال 1867ع ۾ هندستان ۾، اردو - هندي ڇڪتاڻ ڪافي تبديلي آندي. هن جهڳڙي ڪري هندستان ليول تي، هندن ۽ مسلمانن ۾ مستقل وڇوٽي پيدا ٿي. ان بعد سر سيد جو سڄو ڌيان، مسلم تعليم ڏي ويو ۽ هو 1875ع ۾ عليڳڙهه ۾ ڪاليج ۽ مدرسو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.ان دور ۾ هندستان ۾ ايندڙ وائسراءِ، گهڻو ڪري غير همدرد ۽ فرعوني طبيعتن جا مالڪ هئا. البت جڏهن لارڊ رپن(1880-1984ع) هندستان جو وائسراءِ مقرر ٿي آيو، تڏهن صورتحال ۾ ڪافي سڌارو آيو. هن صاحب پنهنجي دور ۾، هندستانين کي ڪي حق ۽ رعايتون ڏنيون. سندس دور ۾، عام ماڻهوءَ  تان ٽيڪسن جو ڪافي بوج گهٽايو ويو، البته کيس زميني سڌارن آڻڻ ۾ ناڪامي ٿي. صوبن ۽ مرڪز جي حقن جو نئين سر جائزو ورتو ويو. وڌيڪ هي ته لارڊ رپن لوڪلبورڊ ۽ ميونسپل جي فرضن ۽ حقن کي به نئين سر متعين ڪيو. اتي نامزدگي بجاءِ، چونڊ جو سڌو طريقو لاڳو ڪيو ويو. تعليم تي توجه ڏنو ويو. سندس دور ۾ انگريزي ۽ مقامي زبانن جي حقن کي برابر تسليم ڪيو ويو. جڏهن لارڊ رپن سال 1884ع ۾ هندستان کان واپس ٿيو، تڏهن هن پٺيان پنهنجا هزارين مداح ڇڏيا. بعد ۾ لارڊ ڊفرن(88-1884ع) هندستان جو وائسراءِ ٿيو. هن صاحب به تاريخ ۾ چڱو نالو ڇڏيو آهي. سندس دور ۾ هندستان  جي سياسي پارٽي ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ وجود ۾ آئي. اسين جنهن دور جو مطالعو ڪري رهيا آهيون، ان کي ”انڊين ڪونسلس ايڪٽ  1892ع“ تائين ريڙهي سگهجي ٿو.

(3)

جيئن ته قبضي سنڌ بعد هيءُ ملڪ هندستان جو حصو رهيو. ان ڪري مناسب هو ته اول اسين اتي ٿيندڙ واقعن ۽ تبديلين کي ڏسي وٺون. فريئر، لارڊ ڪئننگ وانگر، سنڌ ۾ ڪمپني سرڪار جو آخري حاڪم ۽ تاج برطانيه جو پهريون ڪمشنر هو. بعد ۾ مسٽر انويرارٽي  ڪمشنر ٿي آيو ۽ هي سلسلو سال 1936ع تائين، يعني سنڌ جي الڳ  صوبي ٺهڻ تائين جاري رهيو. ’انڊين ڪونسلس ايڪٽ 1861ع‘ سنڌ جي مسئلن ۾ ڪافي واڌارو ڪيو، ڇو ته سنڌ جو ڪمشنر بمبئيءَ جي ماتحت هجڻ ڪري، ڪجهه ڪري سگهڻ جو اهل نه هو. آخرڪار سرڪار کي اسان جي حالت تي رحم آيو ۽ ”سنڌ ائڪٽ 1868ع“ لاڳو ڪيو ويو. ان جو نتيجو وري هي نڪتو جو ڪمشنر صاحب جي اختيارن ۾ بي حساب واڌارو ٿيو، جنهن ڪري هو هتي جي ماڻهن لاءِ مصيبت بنجي ايندا هئا. هاڻي هن سڄي پس منظر ۾، جديد سنڌ جي اڏاوت شروع ٿي. سال 1860ع ۾ تعليم کاتو به برپا ٿيو، پر پيسي جي ڪميءَ سبب، ان ڏس ۾ ڪو به خاطر خواهه ڪم نه ٿيو. سال 1863ع تائين، مس مس وڃي هت هڪ هاءِ اسڪول(اين. جي وي. هاءِ اسڪول ) تعمير ٿيو. سنڌي شاگرد ميٽرڪ جي امتحان پاس ڪرڻ ۽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ بمبئي ڏي ويندا هئا، ڇو ته ان جو سنڌ ۾ ڪو به بندوبست نه هو. ڪراچيءَ کان بمبئي سمنڊ ذريعي وڃبو هو. هي سفر انتهائي تڪليفده، طويل ۽ اڻانگو هو. ان هوندي به ڪجهه هندو شاگرد همٿ ڪري، اوڏي ويا ۽ سٺ ستر وارن ڏهاڪن ۾ ڊگريون وٺي سنڌ واپس پهتا. آنجهاني ڀيرومل جو خيال آهي ته پهريون سنڌي، جنهن ميٽرڪ ۽ بي. اي. پاس ڪئي، اهو مسٽر چوهڙمل ڪندن مل هو. ڪن صاحب جو وري هي خيال آهي ته مسٽرآلومل ٽيڪمداس(نائونمل جو پوٽو) پهريون سنڌي گريجوئيٽ ۽ سي. ايس. آءِ هو. بهرحال، ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ جي هندن جديد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سٺي پيش رفت ڪئي ۽ بمبئي کان واپس ٿي هو صاحب، سنڌ جي تعليم، ثقافت، ادب ۽ سياست تي پوريءَ طرح سان ڇائنجي ويا.

جيتري قدر سنڌي مسلمان جو سوال آهي ته اهو سياسي توڙي مذهبي خيال کان نفرت ڪري، جديد تعليم جي ويجهو نه آيو، ان ڪري اسان جي اڪثريت پسماندگي ۽ جهالت جو شڪار ٿي وئي. مسلمانن تعليم ڏي تڏهن توجه ڏنو، جڏهن هندو ان ڏس ۾ ڪافي اڳتي نڪري چڪا هئا. قبضي سنڌ کان ٽيهه سال پوءِ، مس مس پهريون سنڌي مسلمان، گريجوئيٽ ٿي سگهيو، هي هو مرحوم مرزا صادق علي بيگ، جنهن سن 1872ع ۾ ڊگري ورتي. سال 1886ع  تائين، صرف چار سنڌي مسلمان گريجوئيٽ ٿيا ۽ هي اهو زمانو هو، جڏهن هتي جا هندو، سنڌ جي زندگيءَ جي مڙني شعبن تي ڇانئجي چڪا هئا. آنجهاني اجواڻي پنهنجي ادبي تاريخ(انگريزي) ۾ جيڪي سنڌي نثر جا چار پيل پاوا تجويز ڪيا آهن، انهن مان صرف هڪ مسلمان(مرزا قليچ بيگ) ڏسجي ٿو ۽ باقي ٽي هندو - ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام ۽ ڪوڙومل چندن مل ڏسجن ٿا. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ جي مهذب دنيا تي، ڪير وڌيڪ ڇانيل هو ۽ ان جو سبب ڇا هو؟

(4)

انگريزن جي قبضي بعد، جيئن مون عرض ڪيو، اٿندي ئي سنڌ جو ملڪ تمام گهڻن لاهن چاڙهن مان گذريو. صوبائي حيثيت جو ختم ٿيڻ، هندو طبقي جو ملڪي معاملن تي ڇانئجي وڃڻ، حيدرآباد بجاءِ ڪراچيءَ جو تخت گاهه مقرر ٿيڻ، نئين الف - ب جو عمل ۾ اچڻ، سن 1861ع جو انڊين ڪونسلس ائڪٽ لاڳو ٿيڻ ۽ وري سنڌ ائڪٽ 1868ع جو ظاهر ٿيڻ - هي سڀ واقعا اسان جي جديد سياسي تاريخ جو صرف مهاڳ آهن. انگريزن پراڻي انتظاميه ختم ڪري، سنڌ جي بندوبست کي پنهنجي خيال کان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. هڪ طرف اپر سنڌ لاءِ جان جيڪب کي ۽ ٿر ۽ پارڪر لاءِ الڳ سياسي ايجنٽ (ڪرنل تروٽ) جي مقرري ٿي ته ٻئي طرف رياست خيرپور کي ڇڏي، باقي ملڪ  کي ٽن ضلعن ۾ تقسيم ڪري اتي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا. سٺ واري ڏهاڪي تائين جلاوطن مير صاحبان، يا ته رب ڏي راهي ٿي چڪا هئا، يا وري سنڌ واپس ٿي سرڪار کان جاگيرون وٺي خوش ٿي ويٺا هئا. هوڏي مير شير محمد خان آف ميرپور پڻ سنڌ واپس ٿي چڪو هو. هن به آخرڪار سرڪار کان جاگير وٺي، سياست ۽ ملڪي معاملن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. پراڻي تعليمي نظام ۽ فڪر جي جاءِ تي، مغربي طرز جي تعليم رائج ٿي چڪي هئي. سنڌ اندر هڪ طرف پراڻن جاگيردارن سنڌ جو سودو قبول ڪري، انگريزن کان پنهنجيون جاگيرون بحال ڪرايون، ته ٻئي طرف پهريون ڀيرو هتي جاگيردارن جو بنهه نئون طبقو ۽ مڊل ڪلاس اڀري رهيو هو. هي پويون طبقو ئي، پوءِ صحيح معنيٰ ۾، سنڌ جي سياست ۽ ملڪي ماحول تي ڇانئجي ويو.

فتح سنڌ وقت (1843ع)، سنڌ جو هاڻوڪو تختگاهه ”ڪراچي“ مختصر ڳوٺڙو هو، جيڪو هڪ ڪوٽ ۾ محدود هو. ان قلعي کي ٻه دروازا - مٺو در ۽ کارو در- هوندا هئا. ذڪر هيٺ دور ۾ (1843-1892ع) ڪراچي شهر هڪ خوبصورت ۽ جديد طرز جو اڏجندڙ شهر ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ان جي آبادي وڌي مني لک تي وڃي پهتي. اُن دور ۾ بندر روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪي ٿوريون عمارتون ٺهيون هيون. رام باغ وارو علائقو، مس هاڻي مهذب شهرين جو مرڪز بنجي رهيو هو. صدر، ڪئنٽومينٽ ۽ پراڻي شهر وارن علائقن ۾ -- گورنمينٽ هائوس، فريئر هال، سول اسپتال ۽ ميري ويدَر ٽاور-- ڏسڻ جهڙيون عمارتون هيون. ان کان علاوه هتي منگهو پير، ڪلفٽن، ڪياماڙي ۽ منهوڙي جو ٻيٽ، مستقل جاگرافيائي علامتون  موجود هيون. هي شهر آهستي آهستي هڪ اهم واپاري مرڪز طور اسري رهيو هو. جتي سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ مال ۽ جهجهي دولت ڏسڻ ۾ آئي ٿي. هت دکني، پارسي، گجراتي ۽ بوهره قومن واپار ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي شهر ۾ ئي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي اجتماع ٿي سگهيا ٿي، ڇو ته اتي سڀ سهوليتون هيون، مرڪز هئا ۽ ماحول هو!

خاطري ته ڪانهي، البته گمان غالب آهي ته سنڌ سطح تي پهرين سياسي يا نيم سياسي يا وري اڃا به ته هڪ مذهبي - سياسي تنظيم قائم ڪرڻ جو خيال خانبهادر حسن علي آفنديءَ کي آيو. آفندي ۽ سندس ساٿين ويچار ڪري، ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اندرين علائقن مان ڪجهه ماڻهو گڏ ڪري، هڪ ميڙ يا اجلاس ڪيو. خيال هي هو ته اسلامي ليول تي هڪ تنظيم ”انجمن اسلام“ ٺاهجي. خانبهادر حسن علي آفندي، ذات جو ميمڻ هو ۽ ابتدا ۾ حيدرآباد جو رهاڪو هو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جا مسلمان، هن اجلاس ۾ صدارت جي مسئلي تان وڙهي پيا ۽ انجمن ٺهي نه سگهي. مرحوم الله بخش اٻوجهي هن صورتحال جو نقشو هن ريت چٽيو آهي:

پيو هو اچي اختلافِ صدارت
ڪي ميرن جي ڪن ۽ ڪي پيرن جي پارت
ڪي عظمت کي ڳولن، ڪي ڳولن امامت
ٺهي نا سگهي انجمن جي عمارت
انهي ڳالهه کي سال پنج چار گذريا
خيالات سڀ درس تدريس وسريا

                         (مسدس اٻوجهو، ص 54)

هي واقعو سال 1880ع ۾ ٿي گذريو. ڊاڪٽر ممتاز بخاري صاحب پڻ هي سال تجويز ڪيو آهي (سنڌ مدرسته الاسلام، ص 116ع). هي اختلاف مرحوم آفنديءَ کي صدر بنائڻ تي ٿيو هو.

هي اهو زمانو آهي، جڏهن لارڊ رپن هندستان جو وائسراءِ مقرر ٿي آيو هو. سندس دور ۾ اصلاحات جو سرسري ذڪر اڳ ۾ ئي مٿي اچي چڪو آهي. رپن جي دور ۾ ماڻهن گهڻي وقت جي گهـُـٽ ۽ ٻـُـوسٽ بعد پهريون ڀيرو آزاديءَ جو ساهه کنيو. اخبارن ۾ جوش پيدا ٿيو. تقرير ۽ تحرير تان بندش لٿي. غلام آقائن تي تنقيد ڪري سگهيا. ميونسپل ۽ لوڪل باڊيز جهڙن ادارن ۾ نامزدگي بجاءِ سڌي اليڪشن جو عمل شروع ٿيو. سڀ کان وڌيڪ ته هاڻي ننڍي کنڊ ۾ سياسي تنظيمن ٺاهڻ جو به دور شروع ٿي چڪو هو. هندستان جي هڪ صدي پراڻي جماعت ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ پڻ ان پس منظر ۾ ظاهر ٿي. هڪ طرف وائسراءِ هند، بهترين حڪمران، سٺو ڪارڪن ۽ لائق مدبر هو ته ٺيڪ ان ريت سنڌ تي به ان زماني ۾ مسٽر ارسڪن(1879-1887ع) جهڙو لائق ڪمشنر هو. هن صاحب به مسٽر رپن جي پاليسين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو.

هن دور ۾ اسرندڙ، جديد ۽ خوبصورت ”ڪراچي“ شهر ۾ جڏهن سنڌي نوجوان ”بمبئي“ مان جديد تعليم حاصل ڪري ۽ ڊگريون وٺي واپس پهتا، تڏهن انهن سنڌ جي تعمير ۽ اڏاوت توڙي عوامي ڀلي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو. بمبئيءَ ۾ رهندي، سنڌي نوجوان اتي جي هندن، پارسين، مرهٽن ۽ ٻين قومن جي تعليم يافته، مهذب، وطن دوست ۽ قوم پرست انسانن سان رلي ملي گهڻو ڪجهه پرائي آيا.بمبئي ته ٺهيو، پر سنڌ جي جديد اڏاوت ۾ ڀلا ولسن ڪاليج ۽ ايلفنسٽن ڪاليج جو ڪو گهٽ ڪردار آهي ڇا؟ اولاهين پريزيڊنسيءَ جي  مسٽر ڀنڊارڪر يا مسٽر ملباري سنڌ جي نئين فڪر تي ۽ سوچ تي تمام گهڻو اثر پيدا ڪيو. ستر واري ڏهاڪي ۾ ”پونا سروجينڪا سڀا“ نوجوان سنڌين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان اثر هيٺ سنڌ جي هندن خاص طرح ڪراچيءَ ۾ ويهي جديد سنڌ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جا هندو، سک پنٿ جي اثر هيٺ، حقيقي طرح سان مذهبي طور تي پنجاب جي قريب هئا ۽ مٿان وري هن خطي جي بمبئيءَ سان شامل ٿيڻ پڻ هنن کي بنهه پسند نه هو. اهو ئي سبب آهي جو بيدار مغز هندن جي حالت وڃي هيءَ ٿي:

 “Spiritually they belonged to the Punjab, politically (officially) to Bobmay, but by choice and inclination to neither.”

ڪٽر سک کين پنهنجي حلقي وٺڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ سنڌ جي جداگانه صوبائي حيثيت نه هجڻ ڪري، سنڌي ماڻهن کي مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جو به ڪو موقعو حاصل نه هو. ان حالت ۾ پڙهيل طبقي، سنڌ جي جداگانه ثقافت ۽ سياسي حيثيت(صوبائي) جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هنن ڪوشش ڪئي ته اهڙي الڳ ”سنڌ“ جي تشڪيل ٿئي، جيڪا کين ڪل هند شعوري وهڪري سان گڏ وٺي هلي. ان صورتحال ۾ سنڌ جي پهرين باقاعده سياسي تنظيم ”سنڌ – سڀا“ جو ظهور ٿيو. هي سڀا، هندستان ۾ ”ڪانگريس“ جي ٺهڻ کان چند سال اڳ ٺاهي وئي. اندازو آهي ته ”سنڌ سڀا“، انجمن اسلام جي نه ٺهڻ(1880ع) کان پوءِ، ان سال ئي يا ورندي سال (1881ع) ڌاري وجود ۾ آئي. هن سڀا جي ٺهڻ ۾ مسٽر ارسڪن ڪمشنر سنڌ جي فراخدليءَ کي پڻ وڏو دخل حاصل آهي. ساڌو هيرانند جي سوانح نگار جو ان متعلق چوڻ آهي ته:

”رپن انتظاميا پڙهيلن جي جذبن جو گهڻو احترام ڪيو. خوش قسمتيءَ سان، ان زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ارسڪن هو، جيڪو وسيع ذهن وارو آفيسر هو. هن تنقيد جي آجيان ڪئي. هن تفرقي بجاءِ مختلف ذاتين ۽ فرقن جي اتحاد تي زور ڏنو. هن صاحب ”سنڌ سڀا“ کي نافرمان سياسي انجمن بجاءِ سنجيده، لائق ۽ سمجهو ماڻهن جي سنگت سمجهي،گهڻو مان، مرتبو ۽ اهميت ڏني“ (ص7-186).

ڪتاب ”هيرانند - سنڌ جو روح“ جي اضافي شرح نگار، هن ميڙ کي ”مڪمل سياسي تنظيم“ سڏيو آهي. سنڌ سڀا، سنڌين جي سلامتي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي اخبارن ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڌيان ڏنو، انهن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهن تي ڀرپور بحث ڪيو. اها پنهنجي ميٽنگن ۾، هتان جي مشڪلاتن تي پيپر پيش ڪندي هئي ۽ انهن متعلق ٺهراءَ پاس ڪندي هئي. نون آفيسرن کي آجيان ڪرڻ ۽ بدلي ٿيندڙ صاحبان لاءِ الوداعي گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ اهڙين تقريبن جي ذريعي پنهنجو سياسي ۽ وطني ڪم ڪرڻ به سندن پروگرام ۾ شامل هو. شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي مسئلن کي ”سنڌ سڀا“ نه رڳو اهميت ڏني، پر انهن کي پروپيگنڊا ذريعي گهڻو اڀاريو ويو.

بدقسمتيءَ سان ڪجهه مصنفن هن سڀا جي پس منظر ۾، ڪجهه سرڪاري ڪارندن کي ڏسي، هي راءِ ڏني آهي ته هي انجمن مذهبي ۽ ادبي هئي. هي راءِ صحيح نه آهي. سنڌ سڀا پنهنجي دور جي مڪمل سياسي تنظيم آهي، جنهن ڏهاڪو کن سال، سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، ۽ هتي جي ماڻهن کي پهريائين سياسي شعور ان ذريعي ئي ڏنو ويو. هن جماعت ۾ سرڪاري ملازمن واري سوال تي، مصنفن هن ريت روشني وڌي آهي:

”هن انجمن جو روح روان ڏيارام ڄيٺمل هو، جنهن جهڙو انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ٻيو ڪو ناميارو قانوندان ڪو نه هو. هن تنظيم جي پس منظر ۾ رڳو سرڪاري ڪامورا نه هئا، پر ساڳئي وقت ان جي ڪارج ۾ وقت جا وڏا دماغ ۽ سٺا وڪيل پڻ هئا... سرڪار ان تي ناراض نه ٿيندي هئي ۽ نه وري آفيسرن کي ان ۾ حصو وٺڻ کان منع ڪندي هئي. اهڙي پاليسي ابتدائي ڏينهن ۾ ، ڪانگريس سان به لاڳو هئي“ (ساڌو هيرانند، ص 186، 187، 283 ۽ 284 ). مٿيان اقتباس ”سنڌ سڀا“ جي سياسي انجمن يا تنظيم هجڻ واري مسئلي تي، ڀرپور شاهدي ڏين ٿا.

هونئن ته سنڌ جي هن پهرين سياسي جٿي بنديءَ ۾ مکيه ڪردار هندن ادا ڪيو، پر ان سان گڏ ان ۾ ٻيون جاتيون - مسلمان، پارسي توڙي عيسائي به وڏي تعداد ۾ شامل هئا. وقت گهڻو گذري چڪو آهي، انڪري خاطري سان نه ٿو چئي سگهجي ته سنڌ سڀا جا ميمبر ڪهڙا ڪهڙا يا ڪيترا هئا؟ انهن جو تعلق سنڌ جي ڪهڙن علائقن سان هو؟ يا وري ان جا عهديدار ڪير هئا؟ هي سڀ واقعا ۽ انسان - پوري هڪ صدي اڳ مصروف عمل هئا ۽ ڪنهن به محقق ان طرف، سنجيدو ٿي ڌيان نه ڏنو، انڪري شايد ”سنڌ سڀا“ متعلق سمورن مسئلن جو احاطو هن وقت ڪرڻ ناممڪن نه تڏهن به تڪليف ده ضرور آهي. بهرحال، جو ڪجهه مواد ملي ٿو، ان ذريعي خبر پوي ٿي ته، هن تنظيم ۾ بلاشڪ سڀني سنڌين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڪجهه نالا هن ريت ملن ٿا:

اڌارام مولچند، جمشينجي نادر، فتح چند آتمارام، شريف صالح محمد، ايف ڪوڪ، ايڊنجي ڊنشا، ايم - ايم مورج ڀان اين گپتا، ساهيجرام گنگاڌر، دولترام ڄيٺمل.

هي نالا گورنر بمبئي لارڊ ري کي، ڪراچيءَ ۾ تاريخ 21 جنوري 1887ع تي ڏنل هڪ آجياڻي ذريعي ملن ٿا. ان کان علاوه ڏيارام گدومل، حسن علي آفندي، ساڌو هيرانند، مسٽر فتح علي(هي مسٽر بدرالدين طيبجيءَ جو مائٽ هو، جيڪو ڪراچيءَ جي هڪ فرم جو مئنيجر هو)، ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري، ڏيارام ڄيٺمل، سرائي ٺارو خان لينڊلارڊ لاڙڪاڻو (۽ سندس وڏو پٽ، جيڪو رپين کي مانپتر ڏيڻ واري سفارت ۾ شامل هو) - هي سڀ جا سڀ، سنڌ سڀا جا سرگرم رڪن هئا. جيتوڻيڪ پڪ نه آهي، پر گمان غالب آهي ته ڪوڙومل چندن مل، شونداس چاندومل ۽ ديوان نولراءِ شوقيرام پڻ سنڌ سڀا جا ميمبر هئا. قياس ڪري سگهجي ٿو ته، وقت به وقت، هي انسان ان تنظيم جا عهديدار رهيا-

* ڏيارام گدومل - سرپرست، باني ۽ آفيس سنڀاليندڙ.

* حسن علي آفندي(آڪٽوبر 1884ع تائين)، سيٺ آتمارام ڀوڄواڻي (وفات پهرين آگسٽ 1885ع تائين)، ۽ ڏيارام ڄيٺمل(وفات، 21 آگسٽ 1887ع تائين) - هي بزرگ جدا جدا وقتن تي، سنڌ سڀا جا صدر يا مجلسن جا جز وقتي چيئرمن وغيره رهيا.

* دولترام ڄيٺمل - سيڪريٽري.

* ساڌو هيرانند - پريس ۽ اطلاعات وغيره.

غالباً ڏيارام ڄيٺمل، سنڌ سڀا جي معرفت ”بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ جو ميمبر پڻ چونڊيو هو. پاڻ هيءَ ذميواري 8 جولاءِ 1886ع تي سنڀاليائين، ۽ پنهنجي وفات (21-8-1937ع) تائين، سنڌ جي بمبئيءَ ۾ نمائندگي ڪندو رهيو.

(5)

سنڌ سڀا جي پس منظر، ڪارندن توڙي اهلڪارن کي ڏسڻ بعد، مناسب آهي ته ان جي ڪارنامن ۽ حاصلاتن جو سرسري ذڪر ڪجي. جنهن دور ۾ هيءَ انجمن ٺهي، ان زماني ۾ ننڍي کنڊ ۾ سياسي چرپر ۽ عمل توڙي اوسر، اڃا ابتدائي مرحلن ۾ هئا. سنڌ سڀا، جيڪا ڪانگريس کان اڳ ٺهي هئي، ان بلاشبه سنڌي عوام کي سياسي سوچ سمجهه ڏيڻ، پنهنجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جي حل ڪرائڻ لاءِ، هڪ ڀرپور ميدان موجود ڪري ڏنو. انجمن ڪڏهن نرم زبان ۾، ۽ ڪڏهن ته سخت لهجو اختيار ڪري، سرڪار جو ڌيان سنڌ جي مسئلن ڏانهن ڇڪايو. هن سياسي تنظيم جو عروج سال 1884ع ۾ ٿيو. هن سال جي ابتدا ۾ ئي سنڌ سرڪار پنهنجي اخبار ”سنڌ سڌار“ سنڌ سڀا جي حوالي ڪئي. مٿن شرط هيءُ لاڳو ڪيو ويو ته، هن اخبار ۾ تعليم کاتي جي خبرن کي صحيح طريقي سان ڇاپيو ويندو. ڏيارام گدومل جي صلاح سان، ماهورا 175 رپين تي، ساڌو هيرانند هن اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. تمام جلد انگريزي اخبار “سنڌ ٽائمس“ (ابتدائي نالا - سنڌين، سنڌ نيوز ۽ بيڪن-(Beacon) به هن انجمن جي حوالي ٿي ۽ ان جا مالڪ مسٽر دورابجي  ۽ مسٽر پوچاجي ان ڳالهه تي به راضي ٿيا ته هو ٻنهي اخبارن جي مالي معاملن جا به ذميدار رهندا. سڀا جي اهلڪارن مٿن هي چٽو ڪري ڇڏيو ته اخبارن جي مالي ذميدارين لاءِ هيءَ تنظيم جوابدار نه رهندي ۽ ساڳئي وقت ادارتي پاليسين تي به سندن عمل دخل نه رهندو. البته هيءُ وعدو ڪيو ويو ته ٻنهي اخبارن جي خريدارن يا سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ، سنڌ ۽ سموري هندستان  ۾ هٿ پير هنيو ويندو. ان متعلق کين پوري پوري ڪاميابي ٿي. سنڌ سڌار کي سموري سنڌ تائين پهچايو ويو، ۽ سنڌ ٽائمس کي هندستان جي پرانهن علائقن ۾ به مشهوري حاصل ٿي. ساڌو هيرانند ٻنهي اخبارن جو ايڊيٽر رهيو، البت ڏيارام گدومل پس منظر ۾، سنڌ ٽائمس جو ڪم ڪار ڪندو هو. نومبر  1884ع ۾ ڪلڪتي جي مسٽر اين گپتا کي، سنڌ ٽائمس جو مدير مقرر ڪيو ويو. کيس هڪ سؤ رپيا پگهار، ساڌو هيرانند پنهنجي تنخواهه مان ادا ڪرڻ جو ذمو کنيو هو.

ساڌو هيرانند اڃا نوجوان هو. کيس صحافتي ذميدارين ۽ ملڪي معاملن جي تمام گهٽ ڄاڻ هئي، پر پس منظر ۾ رهي ڏيارام گدومل، هن صاحب جي ڀرپور تربيت ۽ مدد ڪئي. ڪجهه وقت بعد هيرانند، صحافت سان گڏ، ڪراچيءَ جي سماجي ڪمن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳو. هو سنڌ جي سياست ۽ اتهاس جو پڻ مطالعو ڪندو هو. هنن ڳالهين ڪري کيس ادبي ميدان تي، ڪجهه نه ڪرڻ جو به پورو پورو احساس هو. هن سڀني مسئلن هوندي به، ساڌو هيرانند اخبارن جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن کيس سرڪاري اهلڪارن جا دڙڪا به جهلڻا پوندا هئا. هن ذاتي دلچسپي وٺي، سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ ليک وڌا ۽ مضمون ڇاپيا. هن ڏس ۾ ڏيارام گدومل، ڪوڙومل چندن مل ۽ سندس ڀاءُ موتي ڪلڪتي مان کيس مدد ڪندا هئا. سندس سعيي سان سڄي سنڌ ’سنڌ سڌار‘ جا نمائندا مقرر ٿيا. هو کين ’خاطو‘ سڏيندو هو. (ان جومطلب ته سنڌي صحافت کي لفظ ’خاطو‘ هيرانند مهيا ڪيو). هو نمائندن تي زور ڀريندو هو ته، سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾، ڪامورا شاهيءَ جي ظلمن جي ڀرپور نشاندهي ڪن ۽ راشي عملدارن کي بلاخوف ننگو ڪن. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن، سرڪاري اهلڪارن جي ڏاڍاين، رشوت جي راڱن ۽ تعليم جي کوٽ جهڙن مسئلن کي سنڌ سڀا ٻنهي اخبارن ذريعي وڏي موثر انداز ۾ منظر تي آندو. آهستي آهستي سرڪاري ڪامورن به، هنن اخبارن کي وقعت ڏيڻ شروع ڪئي. سنڌ سڀا ساڌو هيرانند جي ڪوشش کي تمام سٺن اکرن سان ياد ڪيو. هنن اخبارن جا ليکڪ خود پنهنجي دور جا وڏا لکيا پڙهيا ۽ مهذب انسان هئا. اهي مشرقي تهذيب ۽ مغربي تمدن جو ميلاپ هئا. هڪ طرف هنن آخري مسلم سنڌ پنهنجين اکين سان ڏٺي ته ٻئي طرف مغربي طرز تي سنڌ جي نئين اڏاوت سندن آڏو ٿي رهي هئي. هڪ طرف سندن آڏو ڪلاسيڪل سماجي قدر هئا، ته ٻئي پاسي نون لاڙن ۽ رجحانن جنم پئي ورتو. هو هندي، انگريزي، سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جا عالم هئا ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهن کي ته سنڌ جي جديد ادبي تاريخ ۾ تمام مٿانهون درجو مليل آهي. اهو ئي سبب آهي جو کين سنڌ سڀا کي هڪ فعال تنظيم ٺاهڻ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي.


(1) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، تصنيف پير حسام الدين راشدي

(2) تاريخ 23- آگسٽ 1983ع تي ڪراچي ۾ پير علي محمد شاهه صاحب راشدي سان هن موضوع تي گفتگو ٿي. راشدي صاحب تصديق ڪئي ته پير صاحب حزب الله شاهه سياسي بصيرت رکندڙ هو. پير سائين جن جو ناٺي پير شاهه چوندو هو ته: جناب حزب الله شاهه نه صرف بين الاقوامي حالات ۽ واقعات کان باخبر هو، پر معاصرانه واقعات تي راءِ به رکندڙ هو. جنگيون ٿيون ته نقشا ڪڍي سمجهائيندو هو ته هيئن ٿئي يا هيئن ٿئي.

(1) سجنل - آئينـه

(2) جمع خبيئـه، بمعني تخمهاي کـه در انبار باشد اينجا مراد اسرار است

(3) جمع خفيئـه، بمعني اسرار وپنهاني ها

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com