سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :18

تحريڪ آزاديءَ جي ترجمان روزنامه ”الوحيد“ جي ڪهاڻي

خان محمد پنهور

روزنامه الوحيد 15 - مارچ 1920ع ۾ جاري ٿي. هي اخبار ڪيئن جاري ٿي، ڇو جاري ٿي ۽ سندس قائم ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا، انهن سڀني معاملن تي غور ڪيو ويو آهي. سڀ کان پهريائين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو، ته جيئن الوحيد جي ڪهاڻي کي منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي.

پهرين خلافت ڪانفرنس سنڌ ۾ 1919ع ۾ حيدرآباد ۾ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زيرصدارت منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جا هزارين ماڻهو ۽ هندستان جا ليڊر به شريڪ ٿيا ۽ سنڌ جا علماءِ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو، مولانا حامد الله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، مولانا  محمد صادق، مولانا محمد صديق مورائي، پير غلام مجدد سرهندي (مٽياري)، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر: علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر نور محمد شيخ، نور محمد وڪيل ۽ ٻيا ڪيترا ليڊر اچي شريڪ ٿيا. غلام محمد ڀرڳڙي انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏينهن اچي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو.

مولانا ملڪاڻي صاحب جو صدارتي خطبو ڪتابي صورت ۾ ڇپيل، مولوي محمد صديق مورائي پڙهيو. ان ڪانفرنس ۾ خلافت بابت ۽ ترڪي حڪومت جي حق ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ترڪيءَ جي سلطان کي برصغير جا مسلمان پنهنجو خليفو تسليم ڪندا هئا، ڇو ته مڪي شريف، مدينه منوره ۽ عربستان ۾ حڪومت ترڪي جي کسي ۽ خادم ڪعبه ترڪي جو سلطان هو. مگر انگريزن سنڌ جي هڪ مولويءَ کان فتويٰ لکرائي ته ترڪيءَ جي خلاف مڪي جي گورنر شريف(جيڪو ترڪي حڪومت طرفان هو) کي برغلائي انگريز حڪومت کان خليفو بنايو ويو. ان ڪري برصغير جي مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪئي ته مسلمانن جو خليفو ترڪي جو سلطان آهي ۽ شريف غدار آهي، خليفو نه آهي. خلافت تحريڪ ۾ هندو به شريڪ ٿيا، جو هندستان جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ جو دور هو ۽ هندستان کي انگريزن جي قبضي مان آزاد ڪرڻ جي تحريڪ زوردار نموني شروع ٿي چڪي هئي.

هن ئي ڪانفرنس ۾ تجويز پيش ٿي ته سنڌي مسلمانن جون ٻه هفتيوار اخبارون، هڪ ”الامين“ جيڪا شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ادارت ۾ شايع ٿي ۽ ٻي ”الحق“ شيخ عبدالعزيز جي ادارت ۾ سکر مان نڪرندي هئي، مگر روزانه سنڌي اخبار مسلمانن طرفان جاري ڪجي ۽ ان جو نالو تجويز ڪجي. هڪ صاحب چيو ته ”ڪلمه الحق“ نالو رکجي، پر تائيد ڪا نه ٿي. ٻئي صاحب چيو ته ”السلطان“ نالو رکجي، جو اسان جي خليفي، ترڪي حڪومت جي بادشاهه کي سلطان ڪوٺيو وڃي ٿو. مگر ان جي به اڪثريت تائيد ڪا نه ڪئي. ان تي مولوي محمد صديق مورائيءَ چيو ته هن وقت ترڪي حڪومت جي گاديءَ تي وحيدالدين حاڪم آهي، تنهن ڪري اخبار جو نالو ”الوحيد“ رکيو وڃي. سڀني حاضرين ان نالي جي تائيد ڪئي ۽ ”الوحيد“ اخبار ڪراچيءَ مان جاري ٿي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان، پبلشر سر عبدالله هارون ۽ پرنٽر شيخ عبدالعزيز ٿيو(1).

الوحيد جي جاري ڪرڻ جا مقصد

سنڌ جي هيءَ تاريخي اخبار جن مقصدن تحت جاري ڪئي وئي هئي، سي هن ريت هئا:

1- عام مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ، 2. مقدس مقامن ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ، 3. مسلمانن ۾ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ، 4. مسلمانن جي مرڪز ”خلافت“ جي قائم ۽ دائم رکڻ واسطي جدوجهد ڪرڻ.

الوحيد جي تاريخ شاهد آهي ته هن انهن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ”الوحيد“ جي ايڊيٽرن، مالڪن ۽ ڪارڪنن کي جيلن جون سزائون، ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون پيون، پر هنن پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ جدوجهد جاري رکي. حق ۽ سچ جي آواز جو ساٿ ڏنائون ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون.

الوحيد جي شروعات

هن اخبار جي جاري ٿيڻ جي ساڍن ٽن مهينن بعد قاضي عبدالرحمان، حاجي عبدالله هارون جي مدد سان شيخ عبدالعزيز کان الوحيد پريس جا جملي حقوق خريد ڪري ورتا. اهو ذڪر قاضي عبدالرحمان ”الوحيد“ جي 4- جولاءِ 1920ع واري پرچي ۾ به ڪيو آهي. مولانا دين محمد وفائي اخبار جو پهريون اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪو بعد ۾ ڪافي عرصو اخبار جو ايڊيٽر رهيو.

 اخبار جي شروعات ڪرڻ لاءِ مرحوم شيخ عبدالعزيز، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرحوم سر عبدالله هارون جون گڏيل ڪوششون هيون. شروع ۾ اخبار جي مالڪي جا حق حاجي عبدالله هارون وٽ هئا، پر پوءِ اخبار سنڌ جي خلافت ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪئي وئي. 1920ع ڌاري سر عبدالله هارون الوحيد اخبار کي صوبه سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ کي وقف ڪري ڏني ۽ اهڙيءَ طرح الوحيد جي خسارن کان پاڻ کي آجو ڪيو.(2)

الوحيد نڪرڻ شرط اخبار شيخ عبدالعزيز(فرزند شيخ سليمان الحق وارو) جي نظرداريءَ ۾ ڏني وئي، ليڪن ٻن مهينن جي قليل عرصي کان پوءِ قاضي عبدالرحمان (جو بي - اي- پاس ڪري آيو هو) جي حوالي ڪئي وئي. شروع وارن ڏينهن ۾ الوحيد جي تحريري مددگارن ۾ مرحوم مولوي حڪيم شمس الدين به شامل هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ مجلس خلافت جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ ڪراچي ۾ اسپتال هلائيندو هو. انهيءَ کانسواءِ ادارتي عملي ۾ مولانا دين محمد وفائي، گهر جا سڀ سانگا لاهي، ان مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو هو. حافظ خير محمد اوحدي لکي ٿو ته:

”الوحيد“ سنڌ جي سياسي ۽ صحافتي اُفق تي ڪي اهڙا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي ويئي، جن کي اسين وسارڻ چاهيون ته به آسانيءَ سان نٿا وساري سگهون ۽ جيستائين ”الوحيد“ نالي جو تعلق آهي، اهو سندس ظاهري اهڃاڻ جي مٽجي وڃڻ جي باوجود سنڌ جي آسمان صحافت تي هميشـه چمڪندو رهندو.(3)

الغرض ”الوحيد“ ستت ئي ايڏي مقبول ٿي ويئي، جو سنڌ اندر قومي سجاڳي جي زبردست لهر اٿاري ڇڏيائين. سڄي ڇيڙي نبيري سندس حـصي ۾ اچي ويئي. الوحيد جو لکيو سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڄڻ حرف آخر ٿي پيو. ڪنهن کي چوڻ جي مجال نه هئي. هر ڪو پيو ان جي لکڻيءَ ڏانهن تڪيندو هو. الوحيد قطعي مجمول ۽ صفا معقول، انگريز ششدر ٿي ويا ۽ سنڌ ۾ انگريز پرستن جون ٿالهيون اُبتيون ٿي ويون. ديڳڙا اونڌا ٿي ويا ۽ ڏويون ٽنگجي ويون.(4)

الوحيد جا ايڊيٽر

37 ورهين جي طويل عرصي ۾ الوحيد اخبار جا ڪيترائي ايڊيٽر مقرر ٿيا، جن ۾ مکيه هئا: قاضي عبدالرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا دين محمد وفائي، شيخ عبدالسلام، مير الهه بخش ٽالپر، قاضي خدابخش، رئيس علي محمد مري بلوچ، دين محمد عليگ، مولانا عبدالڪريم چشتي، نبي بخش سرڪي، حڪيم شمس الدين،  علاؤ الدين سمون، مولوي عبدالغفور سيتائي، مشتاق ابڙو، پير شاهنواز، دين محمد مستري ڇتن وارو ۽ شيخ عبدالرحيم شامل آهن. الوحيد جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان ۽ آخري ايڊيٽر شيخ عبدالرحيم هو. انهيءَ سلسلي ۾ جناب خير محمد اوحدي جو خيال به هنڊائڻ جهڙو آهي، جيڪو هن الوحيد ۽ ان جي ايڊيٽرن جي باري ۾ ظاهر ڪيو آهي.

”الوحيد کي سندس ابتدائي دور ۾ ئي تحريڪ خلافت جي حمايت ۽ سنڌ جي مسلمانن جي جذباتي وابستگي ۾ شيخ عبدالمجيد، قاضي عبدالرحمان ۽ مولوي دين محمد وفائي جي قلم ايڏي بلند ترين درجي تي پهچائي ڇڏيو هو جو ان کانپوءِ اچڻ واري دور ۾ هو پنهنجي شهريت ۽ مقبوليت کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به ايڊيٽر جي قلم جي مرهون منت نه رهي هئي. ان جي برعڪس الوحيد جا ايڊيٽر مشهوري ۽ هر دلعزيزڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هميشـه الوحيد جا محتاج ئي رهيا، الوحيد پارس هئي، جنهن جو هٿ هن سان لڳي ويو اهو سون بنجي ويو(5)“.

1920ع ۾ الوحيد جي خلافت تحريڪ جي پليٽ فارم تان اجراءَ ٿيو، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ ۽ برصغير جي مسلمانن جي مفادن لاءِ اخبار ڀرپور جدوجهد ڪرڻ لڳي. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي واري تحريڪ ۾ به هن ڀرپور ساٿ ڏنو. سندس ادارتي عملي ۽ سرپرستن تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هنن تحريڪن لاءِ هلايل هلچل ۽ سرگرمين جون خبرون، مطالبا، تحريڪ جي لاءِ حمايت ۾ مضمون، اداريا ۽ خاص نوٽ  وغيره لاءِ الوحيد پنهنجا صفحا مخصوص ڪري ڇڏيا هئا ۽ ان تحريڪ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئي.

الوحيد تي ٿيل سرڪاري سختيون ۽ ڏکيا ڏينهن

”الوحيد“ سنڌ جي صحافت جو هڪ اڻ وسرندڙ ۽ لافاني تاريخ جو سونهري باب آهي، جنهن کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. هن اخبار خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ واري تحريڪ ۽ آزادي جي تحريڪ کي گهر گهر پهچائڻ ۽ مقبول بنائڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. هن اخبار جو مواد هڪ طرف تي سنڌ جي سياسي ادب ۽ ٻئي طرف ديني، سماجي ۽ علمي ادب جي تاريخ آهي.

جيئن ته الوحيد خلافت تحريڪ جي پيداوار هئي، ان ڪري، هن جي اجراءَ سان گڏ منجهس اهڙو ته انگريز دشمني تي مبني مواد شايع ٿيڻ لڳو جو فرنگي سرڪار جون وايون بتال ٿي ويون. ستت ئي ايڊيٽرن کي پينل ڪوڊ جي سيڪشن 126 ۽ سيڪشن 153 هيٺ گرفتار ڪيو ويو، انهيءَ گرفتاري جو ڪارڻ هي مواد هو.

نمبر

 

1 -

2 -

3 -

4 -

5 -

6 -

7-

8 -

9 -

10 -

11-

 

12 -

13 -

14 -

15 -

 

عنوان

 

اخبار ڊيلي گزيٽ ۽ اسان

بغداد؟

ڪو آپريٽو سوسائٽيون ۽ وياج

”هندستان جو مستقبل“

”تعليم جو سوال“

مسلمانن جي حالت ۽ قسمت“

”خلافت جو بچاءُ“

”انور پاشا جو خط“

”مسلمان ڪائونسلون ۽ القاب“

”هندو مسلمان ڀائي ڀائي“

”سرڪاري اسڪولن جو بائيڪاٽ ڇو ڪجي“

”لارڊ ميئر آمريڪا ۾“

”پرشيا ۽ لارڊ ڪرزن“

ديوالي نه ملهايو“

ڪائونسلن جو بائيڪاٽ“

شايع ٿيڻ جي تاريخ

1920-8-5

1920-8-19

1920-8-22

1920-8-28

1920-8-21

1920-9-14

1920-9-18

1920-9-21

1920-10-6

1920-10-14

 

1920-10-16

1920-10-29

1920-11-8

1920-11-10

1920-11-10

 

جيئن مون عرض ڪيو ته ”الوحيد“ خلافت تحريڪ جي پيداوار هئي، ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته تحريڪ هن اخبار کي جنم ڏنو ۽ هن اخبار وري تحريڪ ۾ جان پيدا ڪئي. خلافت تحريڪ هجي يا هجرت تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي واري تحريڪ هجي يا انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ، مڙني تحريڪن جو بنياد انگريز دشمني ۽ استحصال شڪنيءَ تي ٻڌل هو. انهيءَ ڪري وقت بوقت اخبار جي ايڊيٽرن ۽ مئنيجرن کي سرڪاري سختيون ڏسڻيون پونديون هيون. ابتدائي دوّر ۾ هن اخبار تي جيڪي ڪيس هلايا ويا، تن مان ڪن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.

حاضر ٿيڻ جي تاريخ

1920-10-27

 

1921-1-4

 

 

1921-2-22

 

 

1922-12-29

 

 

1923-3-29

 

 

1923-6-6

 

 

1925-11-29

1926-7-24

ڪنهن وٽ حاضر ٿيڻو پيو

 

سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي

 

ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي

 

 سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي

 

 

سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي

 

 

سٽي  مئجسٽريٽ ڪراچي

 

 

 فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ حيدرآباد

 

سٽي مئجسٽريٽ حيدرآباد

مختيارڪار ميهڙ

الزام

 

انڊين پينل ڪوڊ جو سيڪشن”5“

انڊين پينل ڪوڊ جا سيڪشن 153 ۽ اي 124

انڊين پريس ايڪٽ آف 1910ع

ڪرمنل پروسيجر ڪوٽ 108

انڊين پينل ڪوڊ جا سيڪشن اي - 103 ۽ 124

انڊين پينل ڪوڊ جو سيڪشن 500

ايضاً

ايضاً

 

سرڪار سڌو سنئون پاڻ ”الوحيد“ جي انتظاميه کي ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ اٽڪائيندي هئي، يا وري پنهنجي ڇاڙتن معرفت اخبار تي بدناموسي جا ڪيس ڪرائيندي هئي، ليڪن ”الوحيد“ جي انتظاميه ڪڏهن به پاڻ کي نه جهڪايو. (6)

شروعات ۾ قاضي عبدالرحمان کي انگريزن خلاف بغاوت ڪرائڻ لاءِ مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪليو ويو. ان بعد شيخ عبدالمجيد سنڌي پاران ادارت جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو، ليڪن سرڪار کيس به ڪو نه سـَـٺو.

تنهن کان پوءِ ”الوحيد“ جا جيڪي ايڊيٽر انگريزن خلاف آباديءَ جي جدوجهد ۾ سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي حفاظت خاطر سرڪاري مهمان خاني ڏانهن موڪليا ويا، تن ۾ جيڪب آباد جي نبي بخش، قاضي خدابخش، دين محمد عليگ ۽ عبدالغفور سيتائي جا نالا قابل ذڪر آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌي ”الوحيد“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا جيل ويو.(7)

حريف اخبارون

”الوحيد“ کي ابتدا کان وٺي پنهنجي همعصر حريف اخبارن جو به مقابلو ڪرڻو پوندو هو. ”الوحيد“ سنڌ ۽ ڪراچي ۾ ان وقت مسلمانن جي واحد ترجمان اخبار هئي. جڏهن پاڪستان جي حصول جي منزل ويجهي پوندي وئي، تيئن تيئن، هندن جون اخبارون ”الوحيد“ لاءِ ۽ ”الوحيد“ هندن جي اخبارن لاءِ مسئلو بنجي وئي. الوحيد کي مطالعي هيٺ آيل دور جي آخر ۾ ڪراچيءَ مان ٽن انگريزي اخبارن ”سنڌ آبزرور“، ”ڊيلي گزيٽ“ ۽ ”ڪراچي ڊيلي“ جو ڀرپور مقابلو ڪرڻو پيو. انهن مان ڊيلي گزيٽ ته الوحيد جي اجراءَ کان وٺي سندس مخالفت ڪندي رهي. جيئن ته هن اخبار تي فرنگي سامراج جو اثر هو، ان ڪري هن ڪوشش ڪري نوڙيءَ مان نانگ پئي بڻايو. الوحيد سان دشمني پاڙيندڙ هئي. هن اخبار ۾ “الوحيد” جي صحيح ۽ سچين رپورٽن کي اهڙي نموني سان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو هو، جنهن سان نه صرف ”الوحيد“ جي ساک کي، پر هندو مسلم لاڳاپن کي به خطرو پيدا ٿيڻ جو انديشو هوندو هو.

الوحيد جو ڏکوئيندڙ خاتمو

اها انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن خلافت جي مسئلي ننڍي کنڊ ۾ روڄ راڙو مچائي ڇڏيو هو. ڌارئي تسلط مخالف ۽ محب وطن سنڌي اڳواڻ انهيءَ مسئلي ۽ موقعي کي غنيمت ڄاڻي سنڌ واسين کي قربانين ڏيڻ ۽ غلاميءَ جا زنجير ٽوڙڻ لاءِ ذهني طور تي تياري ڪري رهيا هئا. فرنگي سرڪار ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ ماڻهن کي رنگ، نسل، دين ڌرم ۽ ذات پات جي خانن ۾ ورهائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي هئي. ”عوام ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ جو نشانو بڻجي چڪا هئا، پر اڻ ڳڻين اختلافن هوندي به سڀئي هڪ ڳالهه ۾ متفق هئا ته ڪيئن به ڪري سفيد وحشين مان جند ڇڏائي وڃي. ان ڪري هر هڪ پنهنجي پنهنجي دڳ تي هلي اها منزل ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

سنڌي مسلمان به ساڳي تند تنواري رهيا هئا، ليڪن انهيءَ وقت ڪا به روزانه اخبار نه هـُـئي جا سندن جذبن  ۽ امنگن جي ترجماني ڪري. ان زماني ۾ فقط سکر مان هڪ اخبار ”الحق“ شايع ٿيندي هئي، مگر هفتيوار هجڻ ڪري وقت جي هنگامي دور ۾ هن جي آواز جي ڪا شنوائي ڪا نه ڪئي. ان کانسواءِ ”الحق“ هڪ خاص پاليسيءَ تي زندگيءَ جون منزلون طئي ڪري چڪي هئي، وڌيڪ هلڻ لاءِ هن ۾ هڪ وک کڻڻ جي به طاقت نه رهي هئي.(8)

”الوحيد“ انهيءَ وقت سنڌي عوام جو آواز ٿي اُڀري. ”خلافت تحريڪ“ کان وٺي سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ تائين، ”سنڌ آزاد پارٽي“ کان وٺي ويندي مسلم ليگ تائين، هن اخبار هر دور ۾ سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي مؤثر ترجمان ٿي رهي، ليڪن اها ئي اخبار انهن هٿن سان بند ٿي، جن کين مضبوط ڪيو هو. اها اخبار جا فرنگي راڄ جو مقابلو ڪندي رهي، سا پنهنجن جي اڳيان بي وس ۽ مجبور ٿي پئي. جڏهن عوام غلاميءَ جا زنجير ٽوڙڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن آزاديءَ جي شمع بڻجي ڪم ڪيو، جڏهن عوام اڃا آزاديءَ جو لاڀ به نه پاتو ته هن اخبار کي غلام بڻايو ويو.

سر عبدالله هارون جي ذاتي ملڪيت کان وٺي ويندي ”صوبائي خلافت ڪاميٽي“ جي سپرد ٿيڻ تائين ”الوحيد“ عوام جو ساٿ ڏنو ۽ عوام الوحيد جو ساٿ ڏنو. ڏکئي وقت الوحيد عوام جي سار لڌي ۽ اوکي ويل عوام بکون ڪاٽي به چندا ڀري هن اخبار کي جاري رکيو. هيءَ اخبار غريب عوام ته هلائي سگهيو، پر جڏهن اميرن جي هٿ ۾ آئي ته نه هلي سگهي. جڏهن الوحيد لميٽيڊ ڪمپني ٿي ته “الوحيد” جي عوام سان ڪمپني ته نه رهي، ليڪن اها لميٽيڊ ضرور ٿي وئي تان جو سيپٽمبر 1956ع ۾ انهيءَ اخبار جي آفيس، ان جي مشين ۽ هر ڪنهن شيءِ کي نيلام ڪيو ويو، جنهن ڪڏهن به قوم جي عزت نيلام ٿيڻ نه ڏني هئي!

الوحيد کي محفوظ ڪرڻ جو مسئلو

روزانه الوحيد ڪراچي 15- مارچ 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي اڳواڻن جي سرپرستيءَ ۾ شايع ٿي ۽ 1956ع ۾ بند ٿي. ان وچ ۾ اخبار مختصر مدتن ۾ پڻ بند ٿي. ڇٽيهن سالن جي هن طويل عرصي دوران ”الوحيد“ سنڌ جي ڪيترن ئي سياسي، مذهبي ۽ سماجي تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ کان علاوه سنڌ جي خاص طور ۽ برصغير جي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. انهيءَ وڌيڪ عرصي دوران الوحيد ۾ سنڌ جي هڪ وڏي تاريخ سمايل آهي.

 افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن وقت سنڌ ۾ صرف ميرپور بٺورو ضلع ٺٽو ۾ محترم غلام محمد جوهر وٽ الوحيد جا مڪمل پرچا موجود آهن ۽ ٻئي نمبر تي ڪجهه پرچا سنڌ الاجي ۾ آهن. غور طلب مسئلو هي آهي ته الوحيد، جنهن کي اسان سنڌ جي تاريخ ساز اخبار چئون ٿا، سا اسان جي ايندڙ نسل لاءِ شايد موجود نه هجي، ڇاڪاڻ ته ميرپور بٺورو ۾ اها اخبار بنا جلد بنديءَ جي غير محفوظ طريقي سان آهي ۽ ڊپ آهي ته ايندڙ چند سالن دوران اخبار مڪمل طور اڏوهي يا پني جي  سڙي وڃڻ ڪري ختم ٿي ويندي. ان ڪري ضروري آهي ته ان مسئلي تي غور ڪيو وڃي ۽ هڪدم هن سنڌ جي تاريخ ساز اخبار کي محفوظ ڪيو وڃي. محفوظ ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي طريقا ٿي سگهن ٿا.

1. سنڌ الاجي يا ڪو ٻيو سنڌ جو قومي ادارو ان کي خريد ڪري پاڻ وٽ جلدبندي ڪرائي محفوظ ڪري.

2. محترم غلام محمد جوهر کي ايترو فنڊ ڏنو وڃي، جو هو پاڻ وٽ ان کي جلد بند ڪرائي، ڪٻٽ خريد ڪري ، پوءِ ان ۾ محفوظ رکي.

3. هن وقت جيتوڻيڪ محترم غلام محمد صاحب ريسرچ ڪرڻ وارن سان مڪمل تعاون ڪري ٿو، پر جلد بنديءَ ۽ مڪمل ترتيب نه هئڻ ڪري ريسرچ ڪرڻ واري کي نهايت تڪليف ٿئي ٿي، ۽ ڏينهون ڏينهن اخبار جا پنا وڃن ٿا سڙندا.

4. تنهن ڪري منهنجي سنڌ جي گهڻگهرن کي اپيل آهي ته هو الوحيد کي محفوظ ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن ۽ سنڌ جي هن وڏي تاريخ کي محفوظ ڪن.

”الوحيد“ جو سنڌ آزاد نمبر

”الوحيد“ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان وقت ۾ الوحيد سنڌ هئي ۽ سنڌ الوحيد هئي. سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نه رڳو هن اخبار ۾ ايڊيٽوريل ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا، بلڪ سياسي ليڊرن جا بيان ۽ الوحيد جا هدايتي اشتهار به شايع ٿيندا هئا. تنهن  دؤر ۾ جڏهن ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جون گڏجاڻيون سڏايون ويون ته هن اخبار ان کي ڀرپور نموني سان مشهور ڪيو. سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ڪارڪردگي ۽ شاخن جو تفصيلي احوال به شايع ٿيندو هو.

جڏهن ماڻهن جي محنت ۽ جاکوڙ هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ۽ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي ويئي ته هن اخبار جون 1936ع ۾ ”سنڌ آزاد نمبر“ ڪڍيو، جو ڪالهه جيان اڄ ۽ اڄ جيان سڀاڻي سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ صحافت جي تاريخ جو هڪ غير فاني دستاويز جي حيثيت سان قبول ڪيو ويندو. هي نمبر انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ گڏ ڪڍيو ويو هو.

سنڌ بمبئيءَ کان علحده ٿي، جدا صوبي جي صورت ۾ نوي سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ پهرين اپريل 1936ع تي ننڍي کنڊ جي نقشي تي وري نروار ٿي. الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر ان کان اڍائي مهينا پوءِ 15 - جون 1936ع تي شايع ٿيو.

الوحيد جو هيءُ نمبر تاريخي معلومات ۽ عظيم صحافت جو هڪ لافاني يادگار آهي، جيڪو هر دور ۾ نئين نسل کي سنڌ بابت معلومات فراهم ڪندو رهندو.

ميران شاهه مرحوم سنڌ جي علحدگيءَ جي تاريخ جي عنوان سان خود هن نمبر جي صفحي 115 تي پنهنجي مضمون جي هيٺين لفظن سان شروعات ڪئي آهي.

“حب وطن يا سليس سنڌيءَ ۾ ساڻيهه جي سڪ انسان جي خزاني احساس جو هڪ بيش بها دريڪتا  آهي. سنڌ جي مختصر تاريخ ڏيڻ، انهيءَ وقت جو ان کي بمبئي جي زندان مان رهائي ڏني وڃي ٿي، آءٌ لازمي ٿو سمجهان، جا نه فقط برادران وطن کي پنهنجو انان ملت جي ضمانت کان واقف ڪندي، پر تاريخ سنڌ ۾ هڪ ورق زرين ٿي رهندي ۽ آئينده نسل لاءِ همت ۽ ڪوشش جو مثال پيش ڪندي.“

انهيءَ اهميت واري نمبر جو ٻيو ڇاپو، جو واقعي معلومات ۽ صحافت جو هڪ يادگار آهي ۽ جنهن کي سچ پچ ته سنڌ جي تاريخ ۾ زرين باب جي حيثيت حاصل آهي، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت پاران سيپٽمبر 1979ع ۾ ڇاپيو ويو.

”الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر“ اصل ۾ صفحي جي 8/36/23 سائيز ۾ شايع ٿيو هو. نئين ڇاپي لاءِ فوٽو آفسيٽ ڇاپي جي سهولت مان فائدو وٺندي صفحا 8/30/20 ننڍي سائيز جا ته ٿيا آهن، پر ان سان انهن جي پڙهجي سگهڻ جي صورت تي ڪو خاص اثر ڪو نه پيو آهي. نئين ڇاپي ۾ اصل نمبر جا اٺ صفحا، جو جن تي رڳو تجارتي اشتهار هئا، شامل نه ڪيا ويا آهن. نئين  ڇاپي جي ٻاهرين ڪور تي سنڌ جو چئن رنگن جو نقشو ڏنو ويو آهي، جو پراڻي ڇاپي ۾ فقط خطي صورت ۾ ڏنل هو. پراڻي جو ڪور سادو هو ۽ ان تي لفظ ”الوحيد“ انهيءَ ئي سهڻي خطي صورت ۾ ڇپيل هو، جنهن صورت ۾ هن نئين ڇاپي جي ڪور تي ڏنل آهن.

سنڌ آزاد نمبر جو پهريون ڇاپو ڏهه هزار ڪاپين جي ايڊيشن ۾ ڇپيو هو، ان جو ٻيو ڇاپو تقريباً چاليهه سالن کان پوءِ ٻن هزار ڪاپين جي ايڊيشن ۾ شايع ڪيو ويو، اميد اها آهي ته اسان جا پڙهيل، سمجهدار محب وطن نوجوان ۽ بزرگ، شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن، سياست ۽ تاريخ جا محقق ۽ عالم هن مان جوڳو فائدو وٺندا.

”الوحيد جي سنڌ آزاد نمبر“ ۾ جيڪو مواد ڏنو ويو آهي، ان جي فهرست مان اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان ۾ ڪيترو مواد آهي، ڪيڏي تاريخ سمايل آهي، ڪيڏي نه صحافتي خدمت اخبار سرانجام ڏني آهي.

مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ جي موضوع تي لکيل ناياب مضمون، شعر، مختلف تاريخي دورن جو احوال، سنڌ جي علحدگيءَ جي تاريخ جو بيان، سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جو احوال، مذهب، سياست، تاريخ، جاگرافي، علم ۽ ادب تي لکيل مواد شامل آهي.

حوالا

(1) شيخ عبدالعزيز ان وقت سکر مان “الحق” رسالو ڪڍندو هو. وٽس پنهنجي پريس هئي، جيڪا هو “الوحيد” لاءِ ڪراچي کڻائي آيو.

(2) الوحيد پريس ۽ اخبار جي مستقبل، بقا ۽ بهتري جو مسئلو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، الوحيد 15 - فيبروري 1935ع.

(3) سنڌي، صحافت جي مختصر تاريخ، حافظ خير محمد اوحدي، مهراڻ جي مجلس، ص 410.

(4) پير حسام الدين راشدي، ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“.

(5) سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ، اوحدي، مهراڻ جي مجلس ص 11.

(6) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ڪراچي ضلع جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو، پي. ايڇ. ڊي. لاءِ مقالو.

(7) شيخ عبدالرحيم، روزانه ”الوحيد“، مقالو، نئين زندگي، آگسٽ 1967ع ص 62.

(8) شيخ عبدالرحيم، روزانه ”الوحيد“ مقالو نئين زندگي، آگسٽ 1967ع.


 

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڀاڱي ڀائيواري

احمد خان آصف مصراڻي

سنڌ، سنڌي، سورهيه ۽ سچار - چارئي لفظ ساڳئي حرف (س) سان شروع ٿين ٿا. سچي ۽ صحيح ڳالهه به ائين آهي ته سنڌ صدين کان وٺي سهسين اهڙا سورهيه ۽ سچار، سرويچ ۽ سگهارا، بانڪا ۽ بهادر، جوڌا ۽ جوان، سـُــڄاڻ ۽ سياڻا سياستدان پيدا ڪيا آهن، جن وطن ۽ قوم جي سلامتي ۽ حفاظت، غيرت ۽ حميت، حريت ۽ آزاديءَ کي دائم قائم ڪرڻ لاءِ سر سهايا، ڪشالا ڪاٽيا، قربانيون ڏنيون ۽ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل ڪيون.

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ وارن نه رڳو حصو ورتو، مگر هنن ٻين صوبن جي پڻ اڳواڻي ڪئي. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت سنڌ ۾ ٿي. پاڪستان جون  واڳون کيس سنڌ (ڪراچي) ۾ مليون. سندس آخرين آرامگاهه به سر زمين سنڌ ۾ آهي. پاڪستان جي حاصل ڪرڻ ۾ آغا خان سيد سلطان محمد شاهه جو به وڏو هٿ هو. سر آغا خان جي جنم ڀومي به سنڌ(جهرڪ، ضلعو ٺٽو) ٻڌائي وڃي ٿي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته قائداعظم جي ولادت به جهرڪ ۾ ٿي هئي(1).

پنهنجي هڪ تقرير ۾ اسان جي وڏي اڳواڻ فرمايو هو ته ”پاڪستان تڏهن وجود ۾ آيو، جڏهن برصغير هند (گڏيل هندو پاڪ) ۾ پهرئين مسلمان قدم رکيو.“ فخر جي ڳالهه آهي ته غازي محمد بن قاسم رح جڏهن سنڌ ۾ قدم رکيو ته پهريان سنڌي مسلمان ”چنا“ ٿيا. چنن اڳتي هلي وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو، عربن کين جاگيرون ڏنيون ۽ پنجاب تائين سندن هاڪ ڌاڪ ٿي ويئي. پنجاب جو وڏو واهه ”چناب“ هن قوم جي نالي سان مشهور ٿيو(چناً قوم+ آب = پاڻي)، چنن کي پاڻي پهچائيندڙ نهر(2).

پاڪستان اسان کي ڪيئن مليو؟ اسان کي ماضيءَ جي حالتن ۽ حقيقتن ڏانهن موٽڻو پوندو. اچو ته انهيءَ پس منظر کي جاچيون:

غازي محمد بن قاسم جي فتح 10- رمضان المبارڪ 93 هه 16- جون 711ع(3) کان وٺي آخرين مغل بادشاهه ظفر جي شڪست 1857ع تائين ساري هندستان تي اڪثر حڪمراني مسلمان حڪمرانن جي هئي. راجائن ۽ مهاراجائن جي رياستن هوندي به مرڪزي حيثيت ڪنهن نه ڪنهن مسلمان بادشاهه کي حاصل هئي.

هندستان جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته غزنوي گهراڻي 976ع کان 1857ع بهادر شاهه ظفر تائين قريبا 900 سال هندستان جا حاڪم مسلمان ٿي رهيا آهن(4).

انگريز اسان جي ڏيهه ۾ واپاري بنجي آيا، ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪيائون. شهنشاهه جهانگير جي ڏينهن ۾ سر ٽامس رو سفير ٿي 1615ع کان 1618ع تائين رهيو، ۽ انگريزن کان واپار جون وڏيون سهوليتون مليون. شاهه جهان بادشاهه جي هڪ نياڻي باهه ۾ سڙي پيئي هئي. جنهن جو علاج ڊاڪٽر بوٽن ڪيو ۽ مزيد واپاري سهوليتون انگريزن کي 1838ع ۾ حاصل ٿيون. اسان جي سنڌ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، شاهه بندر ۽ ٺٽي ۾ 1760ع ڌاري انگريزن کي واپاري ڪوٺين جي اجازت ڏني(5).

ميرن جي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جيمس برنس جي ڪوشش سان ناٿن ڪرو ايجنٽ ٿي 1799ع ۾ واپاري جهاز ڊريڪ ڪراچي ۾ آندو(6)، هڪ طرف انگريز واپار ڪندا رهيا،ٻئي طرف پنهنجا جاسوس موڪلي سڄي هندستان جي ملڪي حالتن کان واقف ٿيندا رهيا، ۽ غدار ۽ وطن ۽ قوم دشمن ماڻهو به هٿ ڪندا رهيا. بنگال طرف کين جعفر هٿ لڳو، ڏکڻ هندستان ۾ صادق پورنيا ملي وين، سنڌ ۾ نائونمل واڻيو هٿ لڳن. پوءِ ته پنهنجي چالاڪ، مڪار، دغاباز ۽ فريبي آفيسرن جهڙوڪ ڪلائيو، وارن هيسٽنگس، ايلنبرو، ڊلهائوسي ۽ نيپئر پارن هٿان بنگال کان وٺي جو شروع ٿيا، ڏکڻ هندستان ۾ ٽيپو سلطان جو خاتمو آڻي 1834ع ۾ سنڌ سڳوري تي اچي ڪڙڪيا. سنڌ جي سورهين مياڻي ۽ دٻي ۾ پهلواني جا اُهي جوهر ڏيکاريا جو نيپئر پنهنجا وارَ پــَـٽڻ ۽ منهن مٿو ڪٽڻ لڳو هو. هوشو همراهه جو هي نعرو”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ اڄ به دُٻي جي ڀرسان ناريجن جي ڳوٺ لڳ فضا ۾ گونجي رهيو آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن مير صوبدار بغاوت نه ڪري ها، مير علي مراد عداوت نه ڪري، سردار امام بخش جتوئي ۽ سردار ولي محمد چانڊيو (غيبي ديرو) شقاوت نه ڪن ها ته سنڌ انگريزن جي هٿ نه اچي ها. سنڌ 1843ع کان 1847ع تائين نيپئر جي گورنريءَ هيٺ رهي، 1847ع ۾ کيس بمبئي کاتي سان منسلڪ ڪيو ويو، جتي 1936ع تائين بمبئيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي. انهيءَ وچ ۾ سنڌ وارا خاموش نه ٿي ويٺا، سنڌ جي “جدا ٿيڻ جي تحريڪ”(1919ع) ۾ اهڙي ته جوش، جذبي ۽ سرجوشيءَ سان هلايائون، جنهن جو پڙاڏو لنڊن جي آفيسن تائين وڃي پهتو. سر شاهنواز قــُـَٽي، سر غلام حسين هدايت الله، مرحوم محمد ايوب کهڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ ٻين انيڪ سنڌي ليڊرن، عالمن، پيرن ۽ شاگردن جي همت ۽ جرئت، محنت ۽ مشقت نيٺ رنگ لاتو ۽ سنڌ بمبئيءَ کان 1936ع ۾ الڳ ڪري جدا صوبو قرار ڏنو ويو. 1942ع واري حـُـرن جي تحريڪ، جا سورهيه بادشاهه، پاڳاري پير سائين سيد صبغت الله شاهه رح جي سرڪردگيءَ ۾ تحرڪ ۾ آئي هئي، اُها به انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ جي هڪ قسم جي جنگ هئي. انهيءَ تحريڪ  ۾ سورهيه بادشاهه پير پاڳاري کي جون 1943ع ۾ ”دار“ جي وسيلي شهيد ٿيڻو پيو. مگر سندن پيشگوئي: ”اسان نه هونداسين، مگر اسان مان ڪي ضرور، انگريزن کان سنڌ کي آزاد ڏسندا”، بلڪل پوري ٿي ۽ 1947ع ۾ سنڌ آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اوليت وارو شرف حاصل ڪيو.

مڪار انگريز ”ٻين کي ويڙهايو، حڪومت هلايو“ جي پاليسي تي ڪاربند ٿي، هند جي جدا جدا نوابن، اميرن، راجائن ۽ مهاراجائن کي پاڻ ۾ ويڙهائي هندستان تي رفتي رفتي قابض ٿيندا ويا، پر هن ملڪ جي غيور مسلمانن ڪڏهن به سندن غلامي قبول ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار نه رکيو. سدائين انگريزن تي حملا ڪندا رهيا، جن مان ڪن کي ڀنڊاري ٿي سڏيو ويو ته ڪن کي چور، ڦورو ڪن کي لٽيرا ٿي ڪوٺيو ويو ته ڪن کي باغي وغيره. آخر آزاديءَ جي باهه ڀڙڪو کائي ڀڀڙ، ڄڀيون ۽ ڄيرا ٿي مئي 1857ع ۾ پوري هندستان ۾ پکڙجي ويئي. اِها خبر جڏهن اتر سنڌ ۾ پهتي تڏهن اُتان جا ڊومڪي، جکراڻي، کوسا ۽ ٻيا قبيلا الله توهار ڪري دريا خان جکراڻي، سردار دلمراد خان کوسي جي اڳواڻيءَ ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري اُٿيا، خانڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ جنرل
جان جيڪب ۽ انگريزي ڇانوڻيءَ تي قبضو ڪري وٺن ها، مگر ڪن غدارن اڳ ۾ ئي انگريز لشڪر کي سجاڳ ڪري ڇڏيو، تنهنڪري دلمراد خان ۽ ڪي ٻيا جوڌا پڪڙجي پيا. مير دلمراد خان کي جنم ٽيپ ڏيئي ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو، اتي هن سورهيه سردار غريب الوطنيءَ جي حالت ۾ جان ، جانِ آفرين جي حوالي ڪئي. خدا شال اهڙي مرد مجاهد جي مرقد تي رحمت جا ڪڪر وسائي. جنگ آزاديءَ ۾ هڪ طرف بهادر شاهه ظفر جي علم هيٺ مولانا احمد شاهه، نانا صاحب، جهانسي جي راڻي، جنرل تانتيا ٽوپي، جنرل بخت خان، شهزادو جوان بخت، راڻي زينت محل، مير دلمراد خان، مير دريا خان ۽ ٻيا پهلوان سر سهائي آزاديءَ جو جهنڊو جهولائي رهيا هئا ته ٻئي طرف غدار سکن ۽ راجائن جن ۾ ڪپور ٿلا، پٽيلا، ڪولمپور، جيپور رياستن جا والي هئا، غداريءَ جو پورو پارٽ ادا ڪري انگريزن جي مدد ڪري رهيا هئا. انگريز سوڀارا ٿيا، دهليءَ جي شهنشاهه ظفر کي قيد ڪيائون، ڪيترن شهزادن کي قتل ڪيو ويو، ٻن شهزادن جا سرڪپي ، ٿالهه ۾ رکي، گدري طور، بهادر شاهه وٽ پيش ڪيائون. شهزادين ۽ بيگمات سان وڏا ويل وهايا ويا. هزارها بي گناهه ماڻهن کي قتل ڦاسيون ڏنيون ويون. گولين سان اڏايو ويو، تخت گاهه دهلي کي ڊاهي ڊوهي کنڊرن جي صورت بڻايو ويو(6 - 7)

جيئن ته انگريزن ملڪ مسلمانن کان ڦريو هو، تنهنڪري هندن تي هٿ رکي پوري مسلم قوم کي نپوڙيو ۽ نهوڙيو. مسلمانن جي ڪو به پرسان حال ڪو نه هو، وري به الله رحمت ڪري سر سيد احمد خان تي، جنهن اسبابِ بغاوت هند جهڙا ڪتاب لکي هڪ طرف انگريزن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻئي طرف مسلمانن ۾ علم حاصل ڪري، وڃايل عزت ۽ ناموس هٿ ڪرڻ جي تبليغ ڪئي. جنهن چڱو اثر پيدا ڪيو.

انگريزن مسلمانن جي لاک لاهڻ کان پوءِ هندن جي حقن تي به ڪي قدر ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا، تنهنڪري لارڊ ڊفرن (88-1884ع) جي ڏينهن ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد رکيائون جنهن جو آخري اڳواڻ مهاتما گانڌي ٿيو. ڪانگريس ۾ هندو خواه مسلمان وڏا وڏا ليڊر شامل هئا. خود قائداعظم محمد علي جناح به پهريائين ڪانگريس ۾ شموليت ڪئي هئي ۽ ايتري ته خدمت ڪئي هئائين جو ان صلي ۾ بمبئي ۾ 1918ع ۾ هڪ هال تي ”جناح هال“ نالو رکيائون. ٻئي طرف مسلمانن 1906ع ۾ مسلم ليگ جو بنياد ڍاڪا ۾ رکيو، ۽ پوري هندستان جي مسلمانن جي حقن جي حفاظت ۾ پاڻ پتوڙڻ لڳي. سنڌ اندر مسلم ليگ جون آفيسون هر ضلعي بلڪ هر تعلقي ۾ کـُـلي ويون هيون.

مسلم ليگ جي آخرين اڳواڻي قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. مٿي ڄاڻايو ويو آهي، ته غيّور مسلمانن غير جي غلامي ۾ رهڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي. 1917ع ۾ ٻن خيري ڀائرن(ڊاڪٽر عبدالستار خيري ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار خيري)، ڊنمارڪ (يورپ) جي گادي ڪوپن هيگن ۾ منعقده اقليتي ڪانفرنس ۾ هندستاني مسلمانن جي نمائندگي ڪندي، هندستان ۾ مسلمانن لاءِ جداگانه آزاد رياست جي گهر ڪئي. سندن مطالبي تي برطانوي شهنشاهيت جي نمائنده اخبار لنڊن ٽائمز به خوب ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي.

ٻيو ڪم، جيڪو خيري ڀائرن ڪيو، سو هيءُ هئو ته هنن هندستان ۾ انگريزي هفتيوار اخبار ”اسپرٽ آف اسلام“ ڪڍي، جنهن ۾ مسلمانانِ هند لاءِ جداگانه رياست بابت دليلن سان ليک هوندا هئا. اُها اخبار هر هفتي هڪ خاص ماڻهوءَ هٿان محمد علي جناح کي بمبئي موڪلي، پڙهائي ويندي هئي. جناح صاحب ان اخبار ۽ هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ڪري هندن جي ارادي کان (ته هو انگريزن کي ڪڍي هندو  رامراج قائم ڪرڻ چاهين ٿا) واقف ٿي پاڪستان جو همنوا ٿيو(8).

سنڌ ۾ مرحوم شمس الدين ”بلبل“، جو هڪ وڏو عالم، اديب، شاعر، ۽ صحافي هو، اُن به مسلمانن لاءِ جداگانه رياست جو آواز پنهنجي ڪتاب جام ِ جم جي ذريعي اٿاريو هو(9).

 بهرحال، هندستان جا هندو خواهه مسلمان ڌاري حڪومت مان بيزار ٿي چڪا هئا. تنهن ڪري وقتاً فوقتاً تحريڪون هلائي ڌاري حڪومت سان ڌڪار جو اظهار ڪندا رهيا. اهڙين تحريڪن مان ستياگره، ترڪ موالات، تحريڪ خلافت، تحريڪ هجرت (جا جان محمد جوڻيجي هلائي هئي)، تحريڪ خاڪسار اُهي تحريڪون آهن، جن ۾ سنڌ وارن ڀرپور عملي طور حصو ورتو، جيلن ۾ پيا، لٺيون سٺائون، ڪشالا ڪاٽيائون ۽ جاني ۽ مالي قربانيون ڏنائون. حقيقتاً اهي تحريڪون هڪ طرف هندستانين ۾ سياسي  شعور پيدا ڪري چڪيون هيون ته ٻئي طرف گويا پاڪستان ٺهڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهيون هيون. انگريز بهادر به چڱي ريت پروڙي ويا هئا ته آخر هندستان مان بسترا گول ڪرڻا پوندا، پر 1935ع کان ٿورن گهڻن سڌارن ڪرڻ ۽ دلاسن دڙن ڏيڻ سان ٽال مٽول ڪندا رهيا. هوڏانهن هندو وري پنهنجي گهٽائيءَ جي گهمنڊ تي ”مسلمان“ کي اقليت جو درجو ڏيندا رهيا. ڪيترا ڪٽر هندو ليڊر مسلمانن کي مليڇ سڏيندا هئا. سنڌ ۾ ته هي حال هو، جو ڪيترا هندو مسلمان کي ٻــُـڪَ تي پاڻي پياريندا هئا. اسڪولن ۽ اسٽيشنن تي هندو پاڻي ۽ مسلمان پاڻي جدا جدا هوندو هو. مسلمان ڪيترو به پڙهيل هوندو، مگر واڻيا پنهنجي اصطلاح ۾ ان کي ”ڄٽ“ ڪري ڪوٺيندا هئا. راجائن جي رياستن ۾ ته مسلمانن کي مذهبي ۽ سماجي آزادي به ڪا نه هوندي هئي. تنهن کان سواءِ هندن، شڌي ۽ سنگهٽن جهڙيون تحريڪون شروع ڪيون. انهن سڀني ڳالهين مسلمانانِ هند کي مجبور ڪيو ته هو الڳ رياست بنائي آزادي سان زندگي بسر ڪن.

مٿي خيري ڀائرن ۽ مرحوم شمس الدين بلبل جي مطالبن جو ذڪر اچي ويو آهي، خيري برادران ۽ مرحوم شمس الدين بلبل گويا قصر پاڪستان جو پيڙهه رکندڙ هئا. سال 1930ع ۾ الهه آباد ۾ مسلم ليگ جو هڪ شاندار اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ خواه ٻين صوبن جا مسلمان وڏي جوش ۽ جذبي سان شريڪ ٿيا. جلسي جي صدارت علامه اقبال رح ڪرڻ فرمائي. هن صاحب پنهنجي خطبي ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ ۽ ٻين ڳالهين ڪرڻ سان گڏ زوردار لفظن ۾ فرمايو ته: ”.... آءٌ ڏسڻ چاهيان ٿو ته پنجاب، پنجاب، صوبي سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان کي مسلمانن لاءِ مجموعي رياست بنائڻ گهرجي(10).“ علامه جي انهن لفظن ۾ ”پاڪستان“ جو تصور سمايل هو. علامه رح ڪشمير جو نالو ڪو نه کنيو هو، مگر چوڌري رحمت علي ڪشمير کي به شامل ڪندي، پنجاب مان ”پ“، اتر سرحد مان ”الف“، ڪشمير مان ”ڪ“، سنڌ مان ”س“ ۽ بلوچستان مان ”تان“ حروف اخذ ڪري، اهڙي مملڪت جو نالو ”پاڪستان“ رکيو. چوڌري رحمت علي صاحب ٻين صوبن ۾، ٿورڙائيءَ ۾ رهندڙ مسلمانن کي يڪمشت ٿي پنهنجا جدا جدا ِخطا قائم ڪرڻ ۽ انهن جا نالا بانگستان، موپلستان ۽ عثمانستان وغيره به تجويز ڪيا هئا(11). 1930ع کان وٺي 1940ع تائين مسلم ليگ کي هڪ منظم جماعت بنايو ويو، جا برصغير پاڪ و هند جي مسلمانن لاءِ واحد نمائنده جماعت هئي. اڪثر هندو ليڊر مسلمانن کي اقليت قرار ڏيندي کليو کلايو چوندا هئا ته ”هندستان ۾ فقط ٻه طاقتون آهن، هڪ انگريز ۽ ٻيا هندو“. اڪثر مسلمان به پاڻ کي اقليت تصور ڪندا هئا، مگر خري برادران، شمس الدين بلبل، علامه اقبال رح ۽ حضرت قائداعظم جي ولولي انگيز قيادت مسلمانن ۾ اهو روح ڦوڪيو، جو هو سر ڌڙ جي بازي لڳائي ”پاکستان يا موت“، “بـَنکي رهيگا هندستان، ليکي رهينگي پاکستان“ جا نعرا هڻي، انهن کي عملي جامون پهرائڻ لڳا. 23 - مارچ 1940ع لاهور جي منٽو پارڪ ۾ (جتي هاڻي مينار پاڪستان ٺاهيو ويو آهي) مسلم ليگ جو هڪ عظيم الشان جلسو، قائداعظم  جي زير صدارت ٿيو. پوري هندستان جا وڏا وڏا ليڊر هن جلسي ۾ جلوه افروز نظر آيا. شير بنگال مولوي فضل الحق،  ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ چيو وڃي ٿو، يڪراءِ بحال ٿيو. بس، انهيءَ ٺهراءُ پاس ٿيڻ بعد مسلمانن ۾ نئين سر جوش ۽ جذبو جاڳيو. هر هنڌ جلسا جلوس ٿيڻ لڳا، ننڍي وڏي جي وات ۾ پاڪستان جو نالو هوندو هو.

پاڪستان جي ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان پوءِ 24، 25 ۽ 26 ڊسمبر 1943ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو سالانه اجلاس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو. استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمن جناب جي - ايم - سيد صاحب هو. هن صاحب جيڪو صدارتي خطبو پيش ڪيو هو، (سنڌي خواهه اردو ۾)، سو منهنجي پيش نظر آهي، سرورق تي گڏيل هندستان جي خاڪي ۾ پاڪستان جون حدون سنڌ کان ڪشمير تائين ۽ اوڀر ۾ بنگال ۽ آسام تائين ڏيکاريل آهن. جهنڊي ۾ چنڊ تارو ڏيکاريو ويو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ ”PAKISTAN“ لکيو ويو آهي. انهيءَ اجلاس ۾ حضرت قائداعظم  به شرڪت فرمائي هئي.

مسلمانن جي جدوجهد کي ڏسي ڪانگريس ۽ ٻين هندو ليڊرن اکنڊ ڀارت جي پروپئگنڊا  زورشور سان هلائي. مهاتما گانڌي خواه نهرو جهڙا مدبر به پاڪستان کي خواب ۽ خام خيال تصور ڪندا هئا، مهاتما گانڌي ورهاڱي کي گئو ماتا جا ٽڪرا سان تشبيـہ ڏني هئي.

انگريزن به جڏهن ڏٺو ته مسلمان  پاڪستان وٺڻ کانسواءِ نه رهندا ته پنهنجو ڀلو به انهيءَ ۾ سمجهيائون. ڪانگريس سان ڳٺ جوڙ ڪيائون. عارضي حڪومتون ٺاهيائون، ٻيا حربا هلايائون. آخر مجبور ٿي لارڊ ويول کي موڪليائون ته هو وڃي ڪو مناسب حل ڳولي. مگر جڏهن لارڊ ويول جي دال نه ڳري سگهي، تڏهن ان کي گهرائي، شاهي گهراڻي جي هڪ فرد لارڊ مائونٽ بيٽن کي موڪليو ويو، جو نهرو صاحب جو دوست هو. سندس بيگم به نهرو صاحب کي گهڻو ڀائيندي هئي.

مائونٽ بيٽن جون همدرديون هندن سان هيون، مگر حالات جو اندازو لڳائي مجبور ٿي 14- آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جون واڳون حضرت قائداعظم  کي ڏنائين. سنڌ حڪومت پنهنجون آفيسون ۽ بنگلا پاڪستان سرڪار جي حوالي ڪيا ۽ پاڪستان جي  پهرين گادي به سنڌ ۾ ٿي. سنڌي اسيمبلي بلڊنگ کي اهو شرف حاصل آهي جو سنڌ اسيمبلي وارن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺهراءُ به اتي پاس ڪيو هو ته قائداعظم محمد علي جناح کي  پاڪستان به انهيءَ جڳهه ۾ مليو ۽ پاڪستان جو جهنڊو به پهريائين اتي جهولايو ويو.

پاڪستان زنده باد

حوالا

1- رسالو مهراڻ قائداعظم نمبر جولاءِ - سيپٽمبر نمبر 1976ع، صفحو 7.

2- الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر، ڇاپو ٻيو 1979ع، صفحو 146 - 147.

3- محسنِ سنڌ، خليق مورائي، ڇاپو ٻيو، 1975ع صفحو 58.

4- خلاصه تاريخ هند اردو، ذاڪر حسين جعفري رمزي، صفحي 18 کان 46 تائين.

5- جنت السنڌ، مرحوم رحيمداد مولائي، ڇاپو اول 1958ع صفحو 538.

6- جنت السنڌ، مرحوم رحيمداد مولائي، ڇاپو اول 1958ع صفحو 613.

7- جنگِ آزادي ۾ انگريزن جيڪي بادشاهه گهرائي، خواص و عوام تي ويل وهايا اهي ”وداع ظفر“ مصنف راشدي الخيري، شڪسته حالت شهزاديون، احمد خان آصف ۽ ڏيپلائي صاحب جي ڪن ناولن ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهجن ٿا.

8- رسالو ”العلم“ جنوري تا مارچ 1984ع، سيد الطاف علي بريلوي صفحو 50- 51.

9- ڪتاب ”جامِ جم“، مرحوم شمس الدين بلبل، ڇاپو اول صفحو 56.

10- علامه اقبال کا خطبه صدارت حڪومت مغربي پاڪستان، صفحو 14.

11- قوم ۽ قوميت، احمد خان لانگاهه، صفحو 491.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com