رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
ڊاڪٽر حميده کهڙو
مترجم: مراد علي مرزا
ويهين صديءَ جي شروعاتي دؤر ۾ هندستان جي سياسي
آسمان جو روشن ترين تارو لاشڪ رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي ئي هو. پنجيتاليهن ورهين جي ننڍيءَ ڄمار ۾
جڏهن هو اوج تي هو، تڏهن سال 1934ع ۾ سندس وفات جي
ڪري سمورو برصغير ۽ خاص ڪري سنڌ هڪ داناءُ ۽ معتدل
قوم پرست کان محروم ٿي ويو. ٻيءَ صورت ۾ هندستان
جي سياست ڪهڙو رخ اختيار ڪري ها، اهو سياست جو هڪ
ويچار جوڳو نڪتو آهي. افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته
هن عظيم انسان جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن تي ڪو ڪم ئي
ڪو نه ٿيو آهي. هن لاءِ هڪ مخلص سوانح نويس جي
ضرورت آهي ته جيئن قومي رهنمائن جي سٿ ۾ کيس حقيقي
۽ مانائتي جاءِ ملي سگهي. آءٌ هت سندس زندگيءَ جو
هڪ مختصر خاڪو ڏيڻ گهران ٿي ۽ اُميد اٿم ته اسان
جا نوجوان محقق انهيءَ کي مڪمل ڪندا.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هر لحاظ کان هندستاني قومي
تحريڪ جو هڪ برک اڳواڻ هو، پر عام طرح ماڻهن کي هن
جي باري ۾ تمام گهٽ معلومات آهي. هو هڪ ناميارو
وڪيل ۽ لکپڙهه جو ماهر هو، پر سندس ڪا به تحرير
سلامت نه رهي آهي. ڪتابن ۽ دستاويزن ۾ ڪٿي ڪٿي
سندس حوالا اچن ٿا، پر سواءِ سن 1972ع ۾ ڪلڪتي مان
ڇپايل (Dictionary of National Biography) (قومي سوانح جي لغت) جي، ڪٿي به سندس زندگيءَ جو احوال نه
ٿو ملي، تنهنڪري اسان کي جناب جي - ايم - سيد جا
ٿورا مڃڻ گهرجن، جنهن پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن
سين“ جي جلد اول (1967ع) ۾ وڏي تحقيق ڪري هڪ خاڪي جي صورت ۾ هن
بابت خاصي تفصيل سان لکيو آهي. منهنجي هن مضمون جو
مواد محترم جي - ايم - سيد جي تحقيق، ٻين ڪتابن ۾
ٽڙيل پکڙيل تحريرن ۽ منهنجي والد سميت انهن شخصن
جي بيانن تان ورتل آهي، جيڪي هن کي ٿورو گهڻو
سڃاڻندا هئا.
رئيس جي-ايم-ڀرڳڙي سن 1878ع ۾ سنڌ جي تعلقي جيمس
آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ پيدا ٿيو هو. سندن بزرگ ديري
غازي خان مان گهڻا نسل اڳ لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا
هئا. غلام محمد ڀرڳڙي جو پيءُ ان وقت وفات ڪري
ويو، جڏهن هن جي عمر اڃا ڏهه ورهيه هئي، تنهنڪري
سندن ملڪيت جي نظرداري ڪورٽ آف وارڊس جي حوالي ٿي.
ڳوٺ جي مدرسي ۾ شروعاتي تعليم وٺڻ کان پوءِ هو
حيدرآباد جي مشن هاءِ اسڪول ۾ ۽ پوءِ حيدرآباد جي
ئي نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ ۾ پڙهيو. ٿورو عرصو
هن ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڻ تعليم حاصل ڪئي،
جتان عليڳڙهه هليو ويو ۽ اتي مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين. سنڌ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ هڪ روشن خيال ۽
وچولي زميندار جي حيثيت ۾ حياتي گذارڻ لڳو ته هڪ
اهم واقعي سندس زندگيءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو. هڪ
ڀيري رات جو ٿرپارڪر ۾ شادي پلي اسٽيشن جي ويجهو
هڪ ڊاڪ بنگلي ۾ رهيل هو ته کيس اهو بنگلو هڪدم
خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ڇو جو اتي انگريز عملدار
کي اچي رهڻو هو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بنگلي خالي
ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ڪاوڙجي
پيو ۽ هن قلم 110 هيٺ کيس سبق سيکارڻ جو فيصلو
ڪيو. ڀرڳڙيءَ جي دوستن کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ جي صلاح
ڏني، جنهن تي هو انگلستان هليو ويو، جتي ٽي سال
رهي، بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري، سال 1908ع ۾ وطن
موٽي آيو.
واپس اچڻ کان هڪدم پوءِ جي - ايم - ڀرڳڙيءَ
حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي، جتي جلد ئي سياسي
سرگرمين ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾
حيدرآباد، صوبي جي سياسي سرگرمين جو مرڪز هوندو
هو. صوبي جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جا برک اڳواڻ
ان وقت حيدرآباد ۾ ئي رهندا هئا ۽ اتي ئي مصروف
هوندا هئا. انهن مشهور شخصيتن مان هڪ مولانا
عبيدالله سنڌي به هئا،جن حيدرآباد ويجهو
پيرجهنڊو ڳوٺ ۾ ”دارالرشد“
قائم ڪيو هو. نوجوان هندو ڪارڪن پيدا ڪرڻ لاءِ
پنجاب جي گروڪل آشرم جي سنياسين ”برهم آچاريه آشرم“
قائم ڪيو هو. مشهور ڪانگريسي سياستدان آچاريه
ڪرپالاڻي جي وڏي ڀاءُ اسلام جي تبليغ شروع ڪري ڏني
هئي. انهيءَ کان سواءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به
ڪيترائي ماڻهو سرگرم عمل هئا. ڀرڳڙي جلد ئي دوستن
۽ همخيال ڪارڪنن جي هڪ وڏي سـَـٿ پيدا ڪئي، جن ۾
هندو به هئا ته مسلمان به، جهڙوڪ سنتداس منگهارام،
ڄيٺمل پرسرام، جيرامداس دولترام، عبدالقادر حافظ،
عبدالرحمان بئريسٽر، مسٽر عبدالجبار، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، (جنهن تازو اسلام قبول ڪيو هو).
شيخ صاحب جناب ڀرڳڙي وٽ رهڻ لڳو ۽ سندس اخبار
”الامين“
کي ايڊٽ ڪرڻ لڳو. غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي سياسي
دوستن ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا،
سيٺ يوسف علي علوي، غلام حسين قاسم، جعفر فدو ۽
ٻيا شامل هئا. انهن سياستدانن مان گهڻا ڪراچيءَ ۾
رهندا هئا. اتي سندن سرگرمين جو هڪ مرڪز اسلام ڪلب
هئي، جيڪا ”گانڌي گارڊن“
جي ويجهو هئي ۽ جتي معزز مهمان پڻ ايندا هئا ۽
ترسندا هئا.
سال 1909ع ڌاري ڀرڳڙي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو
رڪن ٿيو. هن کي ان چار رڪني وفد لاءِ پڻ چونڊيو
ويو هو، جنهن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي
نمائندگي ڪرڻ لاءِ اُماڻيو ويو هو. جي.ايم.ڀرڳڙيءَ
کي زميندارن ۽ جاگيردارن جو عيوضي چونڊيو ويو هو ۽
ساڻس سيٺ هرچند راءِ کي سنڌ جي ميونسپالٽين جي
عيوضي طور موڪليو ويو. اهي ٻئي بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل ۾ غيرسرڪاري جماعت سان وڃي گڏيا، جنهن جو
اڳواڻ سر فيروز شاهه مهتا هو.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي رڪن هجڻ واري عرصي ۾
ڀرڳڙي پنهنجي صوبي ۽ عام ماڻهن جي حالت سڌارڻ،
هندستان جي مسلمانن جي
حالتن کي
بهتر ڪرڻ ۽ پڻ هندستاني قومي تحريڪ جي سياسي مسئلن
کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا.
هن اتي ”مسلم ايجوڪيشن سيس بل“
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سرڪار جي مخالفت سبب اهو رد
ٿي ويو. جي. ايم. ڀرڳڙي پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي هر
سرگرمي ۽ سياسي صورتحال کان واقف ڪندو رهيو. هن
صوبي جي هر تعليم يافته ماڻهوءَ سان لکپڙهه ذريعي
رابطو رکيو. اهڙيءَ طرح هن سنڌين جي سياسي تعليم
تي خاص ڌيان ڏنو. سندس انهن ڪوششن جي ڪري ئي
”رسائي ڪميشن“
جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي ڏنل رپورٽ تي حڪومت
ايترو ته پريشان ٿي جو، رسائيءَ جي لعنت کي ختم
ڪرڻ لاءِ سخت اُپاءَ ورتا ويا. جي. ايم. ڀرڳڙي ۽
سندس ساٿين، جن ۾ اهم هندو سياستدان به شامل هئا،
سنڌ جي علحده حيثيت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ انگريز
عملدارن جو خيال هو ته سنڌ کي پنجاب سان شامل ڪيو
وڃي، سخت ڪوششون ڪيون.
جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن هندستان جو سيڪريٽري
آف اسٽيٽ سر ايڊون مانٽيگو هندستان جي گشت تي آيو
هو، تڏهن جي. ايم. ڀرڳڙي هڪ وفد ٺاهي هن سان
ملاقات ڪئي هئي. انهيءَ وفد جي موقف مانٽيگو کي
ڏاڍو متاثر ڪيو، پر بمبئي سرڪار جي زور سبب ته سنڌ
بمبئيءَ سان ئي شامل هجي، ساڳي صورتحال کي ٿوري
عرصي جي لاءِ قائم رکڻ ڏنو ويو.
عام ڀلي جي قانون سازيءَ جي انهيءَ مصروف پروگرام
کان سواءِ رئيس غلام محمد ڪل هند قومي سياست ۾ پڻ
ڀرپور حصو وٺندو هو.
هن انڊين نيشنل ڪانگريس جي انهن سڀني ساليانن جلسن
۾ شرڪت ڪئي، جيڪي ان زماني ۾ ڊسمبر جي مهيني ۾
ٿيندا هئا. سندس ۽ سندس ساٿين جي اثر هيٺ هر سال
سنڌ جي وفد جو تعداد وڌندو ويو. سال 1910ع واري
جلسي ۾ سنڌ جا 58 عيوضي شريڪ ٿيا هئا ۽ ساڳيءَ ريت
ان کان پوءِ جي سالن ۾ اهڙن عيوضين جو تعداد وڌندو
ويو. سال 1911ع ۾ هن پنهنجن ڪن ساٿين سان گڏجي آل
انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ شاخ جو پايو وڌو. ڀرڳڙيءَ،
وشنداس ۽ ٻين جي دعوت تي سال 1913ع ۾ انڊين نيشنل
ڪانگريس جو ميڙ ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو.
آل انڊيا ڪانگريس جو اٺاويهون ميڙ نواب محمد بهادر
جي صدارت هيٺ 26 کان 28 ڊسمبر تائين 1913ع ۾
ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سر آغا خان، ايم. اي. جناح،
لالا لجپت راءِ،
ڊنشا واچا ۽ ٻين معزز معروف ماڻهن حصو ورتو. حڪومت
جي ظاهري مخالفت ۽ پروپيگنڊا جي هوندي به ته جيئن
سنڌ جي فرمانبردار مسلمانن ۾ ڪو ڏڦيڙ نه پوي، اهو
ميڙ ڏاڍو ڪامياب ٿيو هو. ان کان پوءِ جلد ئي رئيس
غلام محمد
ڀرڳڙي پاڻ سان هڪ وڏو وفد ساڻ ڪري، آگري روانو
ٿيو. جتي سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت ۾ 30- ڊسمبر تي مسلم ليگ جو ساليانو ميڙ ٿيڻو هو.
انهيءَ موقعي تي ترقي پسند قومي اڳواڻن جي هڪ وڏي
حـصي ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته ٻن وڏين قومي جماعتن
جهڙوڪ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ کي
هڪ ٿي هندستان جي آئيني جدوجهد واري مقصد کي حاصل
ڪرڻ گهرجي. سال 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ شروع ٿي
ويئي هئي ۽ اتحادي طاقتون جنگ ۾ فتحيابي حاصل ڪرڻ
لاءِ هندستان جي سهڪار واسطي بيچين هيون ۽ اهڙيءَ
ريت هر قسم جي وعدن ڪرڻ جي حالت ۾ هيون. برطانوي
حڪومت کان هندستان لاءِ ”هوم رول“ يا
”ڊومينين اسٽيٽس“
حاصل ڪرڻ جو اقرار وٺڻ خاطر محسوس ڪيو ويو ته
انگريز حڪومت کي وڏين جماعتن جي طرفان گڏيل رٿون
تيار ڪري پيش ڪجن، تنهن ڪري ٻنهي جماعتن جي دور
انديش اڳواڻن گڏجي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪيو، جن ۾
ايم. اي. جناح، سيد وزير حسن، رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي ۽ راجا صاحب محمود آباد اهم اڳواڻ هئا. ان
جو نتيجو مشهور لکنؤ ٺاهه 1916ع ۾ نڪتو. ڪانگريس ۽
مسلم ليگ ٻنهي پنهنجا ساليانه اجلاس لکنؤ ۾ ڪيا،
جتي جناح ۽ ڀرڳڙي ٻئي راجا محمودآباد جا مهمان
هئا. اتي لکنؤ ٺاهه ٿيو ۽ سرڪار جي اڳيان گڏيل
تجويزون رکيون ويون. انهن تجويزن جو جيڪو نتيجو
نڪتو، اهو تاريخ جو حصو آهي.
سال 1917ع ۾ ڪانگريس جو عام اجلاس ڪلڪتي ۾ ٿيو،
جنهن جي صدارت ايني بيسنت ڪئي. جيڪي جنرل سيڪريٽري
چونڊيا ويا، انهن ۾ هڪڙو جنرل سيڪريٽري رئيس غلام
محمد ڀرڳڙي به هو. هن کي آل انڊيا ڪانگريس جي
ورڪنگ ڪميٽيءَ تي کنيو ويو هو، جنهن جو هو اڪيلو
سنڌي مسلمان رڪن هو. سال 1918ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تي
هندستان جي سياسي صورتحال تبديل ٿيل هئي. انگريز
حڪومت ان حالت ۾ نه هئي جو هندستانين سان رعايت
ڪري ها ۽ جبري قانونن کي نافذ ڪري ها. هنن جيڪي
آئيني اصلاحات ڪيا هئا، اهي هندستانين جي اميدن جي
برخلاف هئا. عثمانيه سلطنت جو جنگ ۾ جيڪو حشر ٿيو
هو، ان جي ڪري هندستاني مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ
هو. کين شڪ هو ته اتحادي طاقتن ترڪيءَ کي ٽڪرا
ٽڪرا ڪرڻ ۽ خلافت کي ختم ڪرڻ گهريو ٿي. انهيءَ
احساس جي ڪري خلافت تحريڪ جي اوسر ٿي. اها هندستان
۾ هڪ عوامي سياسي تحريڪ هئي، جنهن هندستان جي
ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي آندي. جيئن ئي خلافت وارا ۽
انڊين نيشنل ڪانگريس انهيءَ ترڪِ موالات تحريڪ ۾
متحد ٿيا، ته ساري ننڍي کنڊ ۾ جوش جي لهر پکڙجي
ويئي. خلافت تحريڪ ۾ خاص ڪري سنڌين ڀرپور حصو
ورتو. سڄي صوبي ۾ نه رڳو وچولي درجي جي سياستدانن
۾، پر هارين توڙي شهري پورهيت ماڻهن ۾ پڻ بيچينيءَ
جي لهر پکڙجي ويئي هئي. خلافت تحريڪ جو پرچار
رضاڪار ڪارڪنن ۽ اخبارن جي ذريعي ڪيو ويو، جن ۾
رئيس غلام محمد جي اخبار ”الامين“
به شامل هئي. اخبار جي ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ کي اڳ ۾ ئي سال 1917ع ۾ گرفتار ڪري جيل
اُماڻيو ويو هو. انهيءَ تحريڪ جي زور سبب سنڌ جي
حڪومت سخت خوف خطرو محسوس ڪيو، جنهن سبب ماڻهن ۾
هراس پکيڙڻ خاطر ان سخت قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جي.
ايم. ڀرڳڙيءَ خلافت تحريڪ جي هلچل جي اڳواڻن مان
هڪ هو. ڪمشنر سر هينري لارنس جي زال ان سلسلي ۾
لکيو آهي ته، ”مسٽر بي هڪ مشهور معروف اڳواڻ آهي ۽
جڏهن اها خبر پوندي ته اهڙي اثر وارو شخص ان تحريڪ
سان آهي ته حيرت ۽ اچرج جي انتها نه رهندي. مسٽر
بي ڄاڻ ته گرفتار ٿيڻ وارو آهي. مسٽر بي انهيءَ
شورش ۽ هلچل جو محرڪ رهيو آهي. هو ڪانگريس جو
سيڪريٽري هو ۽ گانڌيءَ جي تمام ويجهو هو. هو هڪ
محنتي ۽ ذهين ماڻهو، بئريسٽر ۽ زميندار آهي.“ انهيءَ کان پوءِ جلد ئي سال 1918ع ۾ هو انگلينڊ ڏانهن روانو
ٿيو ته جيئن انگريز سرڪار جي بالا حاڪمن سان لهه
وچڙ ۾ اچي سگهي. هن سر اي.
مانٽيگو
سان ملاقات ڪئي ۽ 12- ڊسمبر 1920ع ۾
تي انگريز سرڪار جي مسلمان رعيت طرفان جيڪو وفد
انگلينڊ ويو هو ۽ ان انگلينڊ جي وزيراعليٰ کي
ياداشت ڌني هئي، ان تي هڪ صحيح هن جي به هئي،
جنوري 1920ع ۾
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي انگلينڊ مان موٽي آيو. فيبروري 1920ع
۾ خلافت ڪانفرنس بمبئي ۾ ٿي، جتي رئيس غلام محمد
ڀرڳڙيءَ جي ڪيل قومي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس تحريڪ
جو صدر چونڊيو ويو. صدارت لاءِ سندس نالو مولانا
عبدالباري فرنگي محل تجويز ڪيو ۽ سر فضل ڀائي ڪريم
ڀائي ان جي تائيد ڪئي. مولانا عبدالباري ۽ سر فضل
ڀائي ڪريم ڀائي کان سواءِ اتي موجود ٻيا معروف
اڳواڻ هئا: مولانا ابوالڪلام آزاد، مولوي ظفر علي
خان لاهوري،سيف الدين ڪچلو، مسٽر گورڌنداس، آزاد
سبحاني، حسرت موهاني، پير رُشدالله شاهه جهنڊي
وارو، مولانا شاهه سلمان ڦلواري، مولوي ابوالقاسم
فضل الحق، جهامنداس دواڪاداس، مسٽر ايم. اي. جناح،
مولانا دائود غزنوي، سر عبدالله هارون ۽ ٻيا.
خلافت تحريڪ بابت ٻين ٺهرائن سان گڏ ڪانفرنس هڪ
ٺهراءُ اهو به پاس ڪيو، جنهن ۾ مسٽر غلام محمد
ڀرڳڙيءَ جا ٿورا مڃيا ويا هئا ته هن لنڊن ۾ رهائش
واري عرصي ۾ خلافت تحريڪ جي وڏي خدمت ڪئي هئي. سال
1919ع جي سڌارن هيٺ جيڪي چونڊون ٿيڻيون هيون،تن ۾
ڪانگريس جي ٺهراءُ مطابق مسٽر ڀرڳڙيءَ حـصي وٺڻ
کان انڪار ڪيو. انهيءَ هوندي به هن کي ڪائونسل آف
اسٽيٽ ۾ نامزد ڪيو ويو، جيڪو عهدو هن دوستن جي
اصرار تي قبول ڪيو، پر پوءِ حڪومت جي سخت پاليسيءَ
تي احتجاج ڪندي، هن انهيءَ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي
ڇڏي. نومبر 1923ع ۾ ڀرڳڙي مرڪزي قانون ساز
اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. مارچ
1923 ۾ مسلم ليگ جو ساليانو جلسو لکنؤ ۾ ٿيو، جنهن
۾ غلام محمد ڀرڳڙيءَ کي صدر چونڊيو ويو. سندس
صدارتي تقرير جامع ۽ وسيع هئي، جنهن ۾ هندستان ۽
موجوده وقت جي ٽئين دنيا جي اندروني ۽ بيروني
مسئلن تي تفصيل سان روشني وڌي ويئي هئي. هڪ
دورانديش جي حيثيت ۾ هن جي بيان ۾ هڪ عجيب صداقت
هئي:
”ڪي ماڻهو مشرقي قومن جي ليگ جي خيال کي هڪ خواب
ڪري ٿا سمجهن، پر مون جڏهن ايشيا ۽ آفريڪا تي يورپ
جي ظلم ۽ ڏاڍ کي محسوس ڪيو، اڇي چمڙيءَ وارن جو
ڪارن ماڻهن سان ورتاءُ ڏٺو ۽ ڪن مغربي ملڪن ۾ مون
کي رنگ ۽ نسلي متڀيد جو تجربو ٿيو، تڏهن آئون
چٽيءَ طرح ڏسان ٿو ته اهو خواب جلد حقيقت جو روپ
وٺندو. هن کنڊ جي رهاڪن جي دل ۾ ”ايشيا، ايشيائين
جي لاءِ“
جو خيال اڳ ۾ ئي پيدا ٿي چڪو آهي، ساڳيءَ ريت
”آفريقا،
آفريقين لاءِ“
جو تصور آهي. اهو سڀڪجهه رفته رفته ٿيندو، قومن جو
ٺاهيندڙ ۽ ڊاهيندڙ پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو. هندستان
جي جاءِ لاشڪ انهيءَ برادريءَ ۾ آهي ۽ آئون
محسوس ڪريان ٿو ته پنهنجي پکيڙ، آباديءَ ۽ وسيلن
جي ڪري هڪ ڏينهن ان کي اها عزت واري جاءِ ملندي.“
مسلم ليگ جو پندرهون اجلاس اڌ ۾ ان وقت پورو ٿيو،
جڏهن قائداعظم جي ان تجويز تي نااتفاقي ٿي ته
ڪائونسل ۾ داخلا جي اجازت ڏني وڃي. 1- اپريل 1923ع
تي اهو ميڙ ٿوري عرصي لاءِ ملتوي ٿي ويو ۽ مئي
1924ع ۾ ان جي جڏهن لاهور ۾ ٻيهر گڏجاڻي ٿي، تڏهن
رئيس غلام محمد 45 ورهين جي ڄمار ۾ اڳ ئي 9- مارچ
1924ع تي وفات ڪري ويو هو. سنڌ جي هندو توڙي
مسلمانن جي لاءِ ۽ سموري هندستان جي مسلمانن لاءِ
اهو هڪ اوچتو ۽ هاڃيڪار نقصان هو. سنڌ جي مسلمانن
جي لاءِ ته اهو هڪ اهڙو خال هو، جيڪو وري ڪڏهن به
ڀرجي نه سگهيو آهي. مسلم ليگ جو پندرهون اجلاس
مسٽر ايم. اي. جناح جي صدارت هيٺ وري ڪٺو ٿيو،
جنهن ۾ هن جي وفات تي هيٺئين قرارداد منظور ڪئي
ويئي:
”مانواري جناب غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي افسوسناڪ ۽
بيوقتي وفات تي آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي گهري رنج
۽ غم جو اظهار ڪري ٿي ۽ محسوس ڪري ٿي ته هندستان
جا مسلمان پنهنجي هڪ عظيم محب وطن سياستدان ۽ قوم
جي بي لوث خدمتگار کان محروم ٿي ويا. اسان جي
خواهش آهي ته قوم جي طرفان اهو ڏک جو اظهار سندس
خاندان تائين پهچايو وڃي.“
جيتري قدر رئيس ڀرڳڙيءَ جو تعلق آهي ته ان قرارداد
جي ڪنهن به هڪ لفظ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه هو.
(پاڪستان اسٽڊيز سينٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مخزن
”گراس روٽس“،
جلد 2، نمبر 1978ع تان کنيل.)
سر سلطان محمد شاهه، آغا خان سوم
ڊاڪٽر غلام علي الانا
سر زمين سنڌ جا ڀاڳ چئجن يا ڪراچيءَ جي ان وقت جي
سنسان، خاموش ۽ ويران واديءَ جا نصيب چئجن، جتي
سمنڊ جي ويجهو، محمد ٽڪريءَ تي، دنيا جي هن عظيم
رهنما، عظيم شخصيت، اسماعيلي قوم جي بي تاج
بادشاهه، سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين جي،
نومبر مهيني ۾ 1877ع ۾ ولادت ٿي.
سندن ولادت سان برصغير ۾ عموماً ۽ دنيا ۾ خصوصاً
تاريخ جو هڪ نئون ۽ اهم باب شروع ٿيو. جو 11
جولاءِ 1957ع تي سندن جامي بدلائڻ سان گڏ پورو
ٿيو. پاڻ پهرين برصغير جي تاريخ ۾، پوءِ بين
الاقوامي تاريخ ۾ انسانن جي عام طرح ۽ مسلمانن جي
خاص طرح قسمت بدلائيندڙ بزرگ جي حيثيت ۾ اُسريا،
اُڀريا، وڌيا ۽ ويجهيا. سندن وجود، لکين نه بلڪ
ڪروڙين انسانن جو آئيندو بدلائي ڇڏيو ۽ قسمت جي
ڪايا پلٽي ڇڏي. پاڻ ننڍپڻ کان ئي مسلم دنيا جي
عظيم خاندان، فاطمي خاندان جي هڪ چشم و چراغ هجڻ
جي حيثيت ۾ برصغير ۾ توجهه جا مرڪز رهيا. پاڻ نه
فقط ٻن ڪروڙ اسماعيلين جا روحاني رهبر، مذهبي
پيشوا ۽ امام الزمان هئا، پر پاڻ اهو علي الاعلان
فرمايو هئائون ته ”آئون شيعن جو امام آهيان ۽ سڄي
دنيا جي مسلمانن جو خليفو آهيان.“
دراصل اها هستي، جنهن مسلمانن ۾ فرقه بنديءَ کي
ڪڏهن به پسند نه ڪيو، اها هستي جنهن مسلمانن کي
پستيءَ تان کڻي، سندن قديم ۽ روايتي عظمت، شان ۽
شوڪت واريءَ بلنديءَ تي پهچائڻ جي هميشه تمنا ۽
خواهش ڪئي، اها هستي جنهن جي دل ۾ مسلمانن لاءِ
هميشه درد ۽ احساس هو، جنهن برصغير ۾ مسلمان ٻارن
جي تعليم لاءِ گهر گهر ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ گهمي چندا
گڏ ڪيا، جنهن اهو محسوس ڪيو ته برصغير جا مسلمان
محض هڪ فرقو نه، بلڪ هڪ قوم آهن، اها هستي جنهن
پاڻ اسلام جو نعرو بلند ڪيو، جنهن مسلمانن جي
بيداريءَ لاءِ، اتحاد ۽ اتفاق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽
جتن ڪيا، جنهن مسلم ليگ جو بنياد رکي، مسلم قوم
لاءِ الڳ وطن لاءِ راهه هموار ڪئي، جنهن جي دل ۾
پاڪستان جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ هميشه اونو رهندو هو،
اهڙي عظيم شخصيت جو ذڪر ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجن تاريخي
سورمن جي ساراهه ڪرڻ جي برابر آهي.
يورپ ۾ سندن وجود سان ان طرف مسلمانن جي وجود جو
بقا هو. يورپ ۾ سندن موجودگي، مسلمانن لاءِ فخر جو
باعث هئي. اڄ به انهن شهرن، ماڳن ۽ مڪانن ۾ وڃي
ڏسو، اڄ به مارسيلز، ڪانز، نيس، پئرس، لنڊن ۽
جنيوا جي ماڻهن کان پڇي ڏسو ته اوهان کي معلوم
ٿيندو ته اتي جا ماڻهو، اتي جا ماڳ ۽ مڪان، سندن
عظمت، سندن شان ۽ شوڪت، سندن مان، مرتبي، سندن
رهڻي ڪهڻيءَ جي ساراهه ڪن ٿا.
سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽيون هڪ مثالي انسان
هئا. پاڻ مثالي زندگي بسر ڪندا هئا. يورپ جهڙي
دنيا ۾ رهندي به هنن اسلامي قدرن ۽ اسلامي تهذيب ۽
تمدن جو هميشه خيال رکيو ۽ احترام ڪيو. کانئن هڪ
دفعي پڇيو ويو ته اوهان جي روزانه زندگيءَ ۾
خوشيءَ جون گهڙيون ڪهڙيون هونديون؟ پاڻ فرمايائون:
”منهنجي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جون گهڙيون نه گهوڙا -
ڊوڙ ميدان ۾ هونديون آهن ۽ نه وري ميدانِ سياست ۾،
پر منهنجي خوشيءَ جون چند گهڙيون اهي هونديون آهن،
جڏهن آئون جمعي جي ڏينهن عبادت ۾ پنهنجي رب العزت
جي سامهون سربسجود هوندو آهيان.“
اها هستي، جنهن جي زندگيءَ جي هر گهڙي، هر لمحو،
مسلمانن ۽ مسلم دنيا جي بهتري ۽ بهبود لاءِ وقف
هجي، اها هستي جنهن جو هر قدم، هر ڪارنامو، هر
عمل، هر فيصلو، هر سوچ، هر اشارو ۽ هر تلقين معنيٰ
خيز هجي، وڏي مقصد ۽ مفهوم واري هجي، ان هستيءَ جي
ڪهڙي عمل، ڪهڙي ڪارنامي ۽ ڪهڙي قدم جو ذڪر ڪجي. هو
همه گير انسان هئا ۽ سندن همه گيريت تي ڳالهائڻ يا
لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.
هزهائينس سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽيون، دراصل
ايران جي تڏهوڪي شاهي خاندان سان تعلق ٿو رکي.
سندن ڏاڏي بزرگوار آغا شاهه حسن علي آغا خان اول
جو سنڌ سان گهڻو واسطو رهيو آهي. هو سر زمين سنڌ ۾
ان زماني ۾ وارد ٿيا، جڏهن سنڌ تي مير ڪرم علي خان
ٽالپور حڪومت ڪندو هو. مير ڪرم علي خان جا، ايران
جي شهنشاهه محمد علي شاهه قاچار ۽ ان کان پوءِ ان
جي پٽ فتح علي شاهه قاچار سان ذاتي دوستيءَ جا
ناتا هئا. آغا خان اول، آغا شاهه حسن علي محمد علي
شاهه قاچار جو ناٺي ۽ فتح علي شاهه قاچار جو
ڀيڻويو ۽ محلات پرڳڻي جو گورنر هو. اهو زمانو 1836
يا 1737ع وارو زمانو هو. ان زماني ۾ انگريزن جون
سنڌ ۾ لالچي اکيون کتل هيون. هڪ طرف انگريزن جا
جاسوس، سنڌ جو جنگي نقطه ِّ نگاهه کان جائزو وٺي
رهيا هئا ته ٻئي طرف پنجاب جي سک حاڪم، راجا رنجيت
سنگهه انگريزن جي اشاري تي، ٽالپورن سان کؤنسڻ
شروع ڪيو هو. ساڳئي زماني ۾ فتح علي شاهه قاچار جي
مخالفانه رويي سبب آغا شاهه حسن علي پنهنجي اهل
وعيال ۽ اٽالي سميت افغانستان جي معرفت سنڌ ۾
جهرڪن جي شهر ۾ اچي قيام پذير ٿيو. فتح علي شاهه
قاچار مير ڪرم علي خان کي لکي موڪليو ته آغا شاهه
حسن عليءَ کي گرفتار ڪري ايران موڪليو وڃي.
آغا شاهه حسن علي جهرڪن جي شهر ۾ پنهنجو محلات
اڏائي ويهي رهيو، جتي سندن مريد وڏي تعداد ۾ رهندا
هئا. سنڌ ۾ سندن مريد پنهنجا ڀاڳ سڻاوا سمجهي، جوق
در جوق هن شهر ۾ اچڻ لڳا، انهيءَ ڪري امام الزمان
جي مرڪزي حيثيت سبب، جهرڪن جو شهر سڄي اسماعيلي
دنيا لاءِ مرڪز بنجي ويو. آغا شاهه حسن علي جو
فرزند آغا علي شاهه، آغا خان ٻيو به ساڻن گڏ جهرڪن
جي شهر ۾ رهندو هو. ميرن جي دشمنيءَ سبب، آغا شاهه
حسن عليءَ انگريزن جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ، انگريزن
جي طرفداري ڪئي ۽ جهرڪن جو شهر ان زماني ۾ انگريزي
فوج جي هڪ اهم ڊيپوءَ جي حيثيت رکندو هو، جتي هنن
پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجهيو.
1843ع کان اڳ آغا شاهه حسن علي بمبئيءَ هليو ويو،
ڇو ته ميرن جي بلوچ سپاهين کين جهرڪن ۾ سک جو ساهه
پٽڻ نه ڏنو.
بمبئي لڏي وڃڻ جي باوجود، آغا علي شاهه سنڌ سان
پنهنجا واسطا ۽ ناتا قائم رکيا ڇو ته سنڌ ۾ ٺٽي جي
رضوي سيد خاندان، اگهيماڻيءَ جي سيدن کان سواءِ ان
طرف پيرن، سجاده نشينن، راڄن جي چڱن مڙسن، رئيسن ۽
وڏيرن سان دوستيءَ جا ناتا رکيائون. شڪار جي شوق ۽
مريدن جي پرگهور لهڻ لاءِ سال جو گهڻو عرصو سنڌ ۾
رهندا هئا. جهرڪن ۾ سندن والد بزرگوار جي محلات
کان سواءِ پاڻ ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري تي، سونڊن جي
سامهون ٻيءَ ڀر امير پير جي غار جي مٿان ان زماني
جي لحاظ کان بهترين محلات اڏايو هئائون. ان کان
سواءِ ڪراچي شهر کان چند ميلن جي مفاصلي تي، (هاڻ
ڊفينس سوسائٽيءَ جي وچ ۾) هڪ ٽڪري تي پٿر جو محلات
اڏايائون ۽ ان ٽڪريءَ جو نالو ”محمد ٽڪري“
رکيائون. هيءَ اها جاءِ آهي، هي اُهو محل آهي،
جنهن ۾ سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين نومبر
1877ع ۾ جنم ورتو. هيءَ جاءِ هن وقت ڊفينس
ڪالونيءَ ۾ گنبذ واريءَ مسجد جي سامهون سلامت آهي.
ڪراچيءَ جو شهر، ان وقت اڃا ابتدائي مرحلن ۾ هو ۽
انگريزن کي سنڌ تي قبضو ڪندي اڃا 34 سال مس ٿيا
هئا ۽ سنڌ، بمبئي پريزيڊنسيءَ سان مليل هئي.
هزهائينيس سر سلطان محمد شاهه جي جنهن زماني ۾
ولادت ٿي هئي، اُن زماني ۾ انگريزن جي مخالفت ۽
آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿيندي ويهه سال ٿي چڪا هئا،
پر اڃا مسلمانن لاءِ تحريڪ ڌار نه هلي هئي. مسلمان
پنهنجون آزاد حڪومتون وڃائي چڪا هئا ۽ بي يار و
مددگار، آزاديءَ لاءِ گڏيل تحريڪ ۾ شامل هئا. اهڙي
زماني ۾، سر سيد احمد خان، نواب محسن الملڪ ۽
مسلمانن جا ٻيا گهڻگهرا، مسلمانن جي بيداريءَ ۽
سربلنديءَ لاءِ سرگردان هئا. سنڌ ۾ به خانبهادر
حسن علي آفندي شمس الدين بلبل، الهه بخش ”اٻوجهو“،
ميران محمد شاهه اول ۽ پير صبغت الله شاهه پير
پاڳارو هن ڏس ۾ اڳيان اڳيان هئا.
انهيءَ زماني ۾ نواب محسن الملڪ جي خواهش تي
هزرائيل هائينس سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين،
مسلمانن جي ٻيڙي جي واڳ سنڀالي ۽ وڏيون خدمتون
سرانجام ڏنائون.
برصغير جي مسلمانن جي جدوجهد جي تاريخ دراصل اڃا
صحيح طريقي سان منظر عام تي نه آئي آهي. آزاديءَ
جي تحريڪ ۾ سنڌ جيڪو حصو ورتو هو، تنهن جو بيان ۽
ذڪر اڃا پس منظر ۾ آهي. البت هن ڏس ۾ قاضي
عبدالمجيد عابد صاحب جا مضمون وڏي قدر ۽ قيمت وارا
آهن، پر اهي به اڃا ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ ڪتابي صورت ۾
گڏ نه ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي سپوت، سر سلطان
محمد شاهه آغا خان ٽئين، برصغير جي آزادي، قيام
پاڪستان ۽ مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي، تنهن جو ڪن
ٿورن لفظن يا ٿورن صفحن ۾ اعتراف ضرور ٿيل آهي، پر
هن سلسلي ۾ باقاعدگيءَ سان اڃا تحقيق ڪا نه ٿي
آهي، تحقيق ڪري به ڪير! جڏهن اسان اسماعيلين ئي
سندن احسانن کي وساري ڇڏيو آهي، جڏهن اسان سندن
مريدن ئي سندن قدر نه سڃاتو آهي، هت سندن يادگار
قائم نه ڪيو آهي، مٿن تحقيق نه ڪئي آهي، ته پوءِ
ٻين کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟
بهرحال، مون کي هن ڏس ۾ صرف ايترو عرض ڪرڻو آهي ته
مسلمانن جي جاڳرتا، بيداري، بهبودي، اصلاح ۽
آزاديءَ جي سلسلي ۾ جڏهن به ڪا تاريخ لکي ويندي،
جڏهن به ڪا تحقيق ڪئي ويندي، تڏهن هن عظيم رهنما
جا ڳڻ ڳايا ويندا، سندن ٿورا مڃيا ويندا ۽ ڀرپور
لفظن ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ
اسين پنهنجن بزرگن، پنهنجن سورمن ۽ پنهنجن سرويچن
کي جلدي وساري ڇڏيندا آهيون.
سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين جا برصغير جي
مسلمانن تي، سر سيد احمد خان کان پوءِ لکين احسان
آهن. تاريخدان شاهد آهن ته برصغير جي آزاديءَ جي
تاريخ، مسلمانن جي تهذيبي ۽ تمدني تاريخ هزرائيل
هائينس آغا خان ٽئين جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري
هوندي. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي تاريخ هجي يا سنڌ جي
بمبئي پريزيڊنسي کان آزاديءَ جو سوال هجي، عليڳڙهه
ڪاليج جو ذڪر هجي يا عليڳڙهه يونيورسٽي جي برپا
ڪرڻ جو بيان هجي، مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو سوال
هجي يا مسلم ليگ جي قيام ۽ ڪمال جو داستان هجي،
مسلمانن جي جذبي، جولان ۽ جدوجهد جو احوال هجي يا
مسلمانن جي سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي ترقيءَ
جو تجزيو هجي، برصغير ۾ خلافت تحريڪ هجي يا سيد
احمد بريلوي شهيد جي شيداين جو بيان هجي، ڪو به
داستان، ڪو به تذڪرو، ڪا به تاريخ، ڪو به واقعو
هزهائنيس آغا خان ٽئين جي خدمتن جي بيان کان خالي
نه هوندو.
پڙهندڙن کي ياد هوندو ته مؤتمر اسلاميه ڪانفرنس ۾
هزرائيل هائينس هن نئين اسلامي مملڪت پاڪستان جي
سرڪاري زبان لاءِ عربي جي سفارش ڪئي هئي ۽ فرمايو
هو ته هن ملڪ لاءِ سرڪاري زبان عربي ئي موزون
ٿيندي ته جيئن هي هڪ تهذيبي، تمندني، سماجي،
ثقافتي ۽ لساني نقطه نگاهه ان اسلامي رياستن جي
رهنمائي ڪري سگهي، پر ان وقت ڪوتاهه ذهن ۽ تنگدل
ماڻهن سندن خلاف قلم کنيو ۽ تنقيدون ڪيون. ان وقت
مولوي عبدالحق ۽ ٻين نقادن رسالن ۽ اخبارن ۾
هزهائينس جي رٿ جي خلاف تحريڪ هلائي. سڀني ڏٺو ته
بين الاقوامي سياستدان جي دور نظر، عالمي مرد جي
تجربي ۽ تجزئي تي حڪومت پاڪستان جيڪڏهن ان وقت
سوچي ها ۽ عربيءَ کي پاڪستان جي سرڪاري زبان بنائڻ
جو اعلان ڪري ها ته اڄ بنگلاديش نالي رياست جو
وجود ئي نه هجي ها. اڄ پاڪستان لساني ڪشمڪش ۾
مبتلا نه هجي ها، پر ان جي برعڪس قوم هن عظيم محسن
۽ عظيم رهنما کي فراموش ڪري ڇڏيو.
1976ع ۾ باباءِ قوم، قائداعظم محمد علي جناح جي صد
ساله جشنِ ولادت دوران ڇپيل هر مقالي، هر مضمون ۽
هر ڪتاب ۾ جتي قائداعظم جي ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي، اُتي ٻين رهنمائن سان گڏ هزرائيل هائينس آغا
خان ٽئين جو ذڪر ضرور ڪيو ويو، ڇو ته پاڪستان آغا
خان ٻئي هڪٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهن. جت مسلم ليگ
جو ذڪر ڪبو، جت مسلمانن لاءِ جداگانه مملڪت جو ذڪر
ڪبو، جت عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جو ذڪر ڪبو، جتي
مسلمانن جي معاشي ۽ معاشرتي مسئلن جو ذڪر ڪبو، جتي
مسلمانن جي تعليم ۽ ترقيءَ جو احوال اوربو، جتي
پاڪستان جي قيام، بقا ۽ وجود جو بيان ڪبو، اُتي هن
هستيءَ جي عظيم خدمت جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هرگز ۽
هرگز رهي نه سگهبو.
اسلام جي هن بيباڪ مـُـبلغ ۽ بي تيغ سپاهيءَ جو
بيان آئون ڪهڙن لفظن سان ڪريان، جنهن يورپ ۾ سڄي
زندگي اسلام جي هڪ مـُـبلغ طور ڪم ڪيو هجي، جنهن
بزرگ مغربي دنيا ۾ رهي مسلمانن جي اخلاقن ۽ اعمالن
جي وڏي جرئت ۽ بيباڪيءَ سان وڪالت ڪئي هجي، جنهن
هستيءَ آفريڪا کان وٺي خليجي ٻيٽن تائين مسلمانن
جي حقن لاءِ جنگ جوٽي هجي، اُن لاءِ جناب مـُـشير
حسين قدوائيءَ کي دهرائڻ آئون مناسب ٿو سمجهان،
جنهن فرمايو:
”ليگ آف نيشنز ۾ گهڻن دانشورن سڄي دنيا ۾ ٽڙيل
پکڙيل قومن جي نمائندگيءَ جي دعوا ڪئي، پر اُنهن
جي ذهنيت گهڻو ڪري ماده تعليم پرستيءَ تي مبني
هئي. اُنهن جي موجودگيءَ ۾ هڪ ذميدار، مڪمل تعليم
يافته، تجربيڪار، دنيا گهميل ڦريل، هڪ ٺاهوڪو
معزز، مانوارو نوجوان اُٿي بيٺو. هن پنهنجي وزندار
۽ ڀڀڪيدار آواز ۾ دعوا ڪئي ته هن کي اسلام جي
شانائتي ۽ مان واري برادريءَ سان واسطو رکڻ تي فخر
حاصل آهي.“
قدوائي صاحب اڳتي لکي ٿو:
”اهو نوجوان بيشڪ جوشيلو هو، اهو موقعو سنسني خيز
هو. هن نوجوان انهن بزدلن جي منهن تي چماٽ هنئي،
جيڪي اهڙن موقعن تي اسلام جي نالي وٺڻ تي شرم
محسوس ڪندا هئا.
هن نوجوان جي انهن لفظن، اسيمبليءَ ۾ اسلام جو
وقار بلند ڪيو، جنهن کان گهڻو تعصب ڪيو ويندو هو.“
قدوائي صاحب لکي ٿو:
مان ڪنهن جي آڏو ڪڏهن به جهڪڻ وارو انسان نه
آهيان، بادشاهه جي اڳيان به نه، پر مان انهي انسان
جي اڳيان خوشي سان پنهنجو گردن جهڪايان ٿو، جنهن
اهي جوشيلا لفظ دل جي گهراين سان چيا هئا.“
اها شخصيت هئي، هزهائينس سر سلطان محمد شاهه
آغا خان ٽيون.
جڏهن به اسلام جي سالميت ۽ وقار کي چئلينج ڪيو
ويو، جڏهن به مسلم اتحاد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
۽ جڏهن به مسلمانن جي وجود کي خطرو درپيش هوندو
هو، تڏهن هزهائنس آغا خان ٽيون سينو سپر ڪري،
مخالفن جي اڳيان بيهي مقابلو ڪندو هو.
ترڪيءَ ۾ خلافت تحريڪ جي زماني ۾، برطانيه جي
وزيراعظم سان سندن ڪيل دليرانه گفتگوءَ کان اوهين
سڀ واقف آهيو. عربن جي موقف جي حمايت ڪرڻ، فلسطين
۾ مسجدالاقصيٰ جي مرمت جي سلسلي ۾ سندن ذاتي
دلچسپي، اسلام جي تبليغ ۽ پرچار جي سلسلي ۾ سندن
خدمتون، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ماڻهن کي اسلام جي دائري
اندر اچڻ جي دعوت، آفريڪي مسلم ويلفيئر سوسائٽيءَ
جي سرپرست هجڻ جي حيثيت ۾ آفريڪا ۾ مسجدون ۽
تعليمي ادارا قائم ڪرڻ، لنڊن ۾ ووڪنگ ۽ رچمنڊ پارڪ
۾ ريجينڊس گارڊن ۾ مسجدن جو قيام، سندن اُهي اهڙا
اهم ڪارناما آهن، جن کي دنيا جو ڪو به مسلمان
وساري نٿو سگهي، بلڪ هن عظيم انسان کي سلام ٿو
ڪري.
اها شخصيت، جنهن جا مداح دنيا جا سربراهه،
بادشاهه، راجائون، نواب ۽ امير هجن، اُها شخصيت
جيڪا همه گير هجي، اهڙي عالم ۽ علم پرور، علم
دوست، شهسوار، شهباز، سخن دان،سخن سنج، سخن پرور،
پيش بين ۽ پيش رو، سخي، حليم، ڪريم، مرشد، هادي،
رهنما ۽ روحاني پيشوا جو ذڪر ڪرڻ مون جهڙي ادنيٰ
انسان جي قوت کان ٻاهر آهي. سندن وسيع القلبي ۽
وسيع النظريءَ جو ثبوت سندن تقريرون، خطن ۽ ٻين
تحريرن کان سواءِ سندن ٻين اهم ڪتابن
Indian in Transition
Memoirs of Aga Khan
مان ملي ٿو. سلام آهي سنڌ تو تي، جو تو اهڙو سپوت
ڄڻيو، سلام آهي اي بزرگ هستي تو تي، جو تو سنڌڙيءَ
جو سر دنيا ۾ اوچو ڪيو.
|