آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو، سنڌ تي انگريزن جي غير مسلم حڪومت
قائم ٿي. سنڌ جي مسلمانن ذهني طور ان کي قبول نه
ڪيو ۽ مختلف نمونن سان انگريزن سان برسر پيڪار
رهيا. 1857ع ۾ جڏهن برصغير جي هندن - مسلمانن گڏجي
آزاديءَ جي تحريڪ هلائي، ته سنڌ جي مسلمان به ان ۾
ڀرپور حصو ورتو، ۽ شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾
انگريز فوج جي خلاف بغاوتون ٿيون.
1857ع جي آزاديءَ جي تحريڪ کان پوءِ آزاديءَ جو جذبو ختم نه ٿيو، پر ڪنهن
نه ڪنهن صورت ۾ قائم رهيو ۽ تحريڪ مختلف صورتن ۾
هلندي رهي. 1885ع ۾ ڪانگريس قائم ٿي، ۽ 1906ع ۾
مسلم ليگ وجود ۾ آئي. سنڌ جا رهاڪو انهن ٻنهي
جماعتن ۾ حصو وٺند ا رهيا. ٻنهي جماعتن جا جلسا
وقت بوقت ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندا رهيا.
ٻنهي جماعتن جون شاخون سنڌ ۾ قائم ٿيون ۽ ٻنهي
جماعتن جي مکيه ليڊرن سنڌ جا دورا ڪيا.
ريشمي رومال تحريڪ:
حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي، ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خفيه
تنظيم جو بنياد وڌو. ان سلسلي ۾ سن 1909ع ۾ جمعيت
الانصار قائم ڪئي ويئي. 1911ع ۾ طرابلس جي جنگ
لڳي، جيڪا 1912ع ۾ ختم ٿي.
1912ع ۾ يونانين جي مشهور فتنه انگيز وزيراعظم ”موسيوويني زيليوس“ جي ڪوششن
۽ حرفت سان ترڪن جي خلاف يونان، بلغاريه ۽ سرويه
جو اتحاد قائم ٿيو ۽ پوءِ ان اتحاد ۾ ”مونتي
نيگرو“ به شامل ٿي ويو. هنن گڏجي بلقان تي حملو
ڪيو. هن جنگ ۾ ترڪن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. آخر
فتح ڪيل علائقن جي ورهاست تي ترڪي جي دشمنن ۾
جهيڙو ٿي پيو. ان جو فائدو وٺي ترڪن ٻيهر ايڊ
ريانو پل، ويموتيڪا ۽ قرقه ڪليسا فتح ڪيا.
فرانس جيتوڻيڪ ترڪيءَ سان جنگ نه ڪئي، پر اٽليءَ جي تائيد ۽ همت افزائي
ڪئي. برطانيه ترڪيءَ جي فوجن کي مصر مان لنگهڻ نه
ڏنو، طرابلس تي اٽليءَ جي حملي جو خاموشيءَ سان
خير مقدم ڪيو ۽ اٽليءَ جا اهي ٻه ڪروزو ضبط ڪيا،
جيڪي هن انگلينڊ کان خريد ڪيا هئا ۽ ان جي قيمت
ادا ڪري چڪو هو. روس صدين کان ترڪيءَ جو دشمن رهيو
هو. هن پاڻ کي بازنطيني سلطنت جو وارث ٿي سمجهيو ۽
قسطنطنيه تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙين
حالتن ۾ 1914ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي، جنهن ۾
ترڪي، روس، برطانيه ۽ فرانس جو طرفدار ٿي نٿي
سگهيو.
بلقان واري جنگ ۾ ترڪي جي فوج ڪمزور ٿي ويئي هئي، جنهن جي نئين سر تنظيم جي
ضرورت هئي، ان ۾ جرمنيءَ ترڪي سان تعاون ڪيو ۽
ترڪي فوج جي تنظيم ۽ تربيت لاءِ جنرل ”خان در
غولتن“ کي ترڪيءَ موڪليو. ان کان سواءِ اڳ ۾ به
جرمنيءَ ترڪيءَ سان اُچائي نه هئي، انهيءَ ڪري
ترڪي، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمن جي طرفدار ٿي
ويئي. عيسائي حڪمرانن جي سازش سبب 1914ع تائين
ترڪيءَ جا هيٺان علائقا ترڪيءَ کان ڇڏائجي ويا
هئا، مقدونيه، ايپي لاس، البانيه، ٿرسين جو وڏو
حصو، ڪريٽ، قبرص ۽ ٻيا ڪيترائي ٻيٽ، طرابلس،
بلغاريه، بوسينه، هرزبي گودينه ۽ مصر.
ترڪيءَ سان جيڪو هيڏو سارو هاڃو ٿيو، ان سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي بيقرار ڪري
ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ترڪي دنيا ۾ مسلمانن جي
واحد آزاد ۽ خودمختيار سلطنت هئي ۽ خلافت جي ڪري
ان سان اميد قائم هئي، ته ڪنهن وقت دنيا جي
مسلمانن لاءِ مرڪزيت جي ڪا صورت پيدا ٿي ويندي.
مسلمانن چاهيو ٿي ته عراق، عرب، شام، فلسطين ۽
مقامات مقدس خليفة المسلمين جي قبضي ۽ قيادت ۾
رهن.
سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي انگريزن کان نفرت هئي، ويتر ترڪيءَ جو اهو حال ڏسي
انگريزن کان وڌيڪ متنفر ٿيا. 1914ع ۾ حضرت شيخ
الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي ۽ سندس شاگردن
ترڪيءَ جي فائدي ۾ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيو ۽ جمعيت
الانصار ڪوشش وٺڻ شروع ڪئي. مولانا محمد صادق کڏي
وارو حضرت شيخ الهند جو شاگرد هو، ۽ ان جماعت جو
رڪن هو. مهاڀاري لڙائي دوران انگريزن، هندستاني
لشڪر سان عراق تي حملو ڪيو، جيڪو ان وقت ترڪن جي
هٿ هيٺ هو. مولانا محمد صادق کڏي واري فتويٰ ڏني
ته انگريزن جي لشڪر ۾ شامل ٿي ترڪن سان وڙهڻ ڪفر
آهي. جيئن ته بلوچستان ۾ مولانا صاحب جو وڏو اثر
هو، انهيءَ ڪري ان فتويٰ جي ڪري بلوچستان ۾ وڏو
ممڻ متو. سردار نورالدين مينگل جي اڳواڻيءَ ۾
انگريزن جي خلاف بغاوت ٿي، انهيءَ ڪري هڪ طرف
انگريزن جي بلوچستان ۾ ڀرتي رڪجي ويئي، ٻئي طرف
انگريزن بغاوت کي روڪڻ لاءِ بلوچستان ۾ لشڪر
موڪليو. نتيجو اهو نڪتو، جو ترڪن جي گهيري هيٺ آيل
جنرل ٽائون شيڊ کي وقت سر هتان جي مدد پهچي نه
سگهي، ۽ هو مجبور ٿي ترڪن اڳيان پيش پيو. انگريزن
کي مولانا صاحب تي مٺيان لڳي، ۽ کيس چار سال
”ڪارواڙ“ جيل ۾ رکيائون.
حضرت شيخ الهند، پنهنجي خفيه تحرير جي سلسلي ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي کي
سال 1915ع ۾ انگريزن جي خلاف محاذ قائم ڪرڻ لاءِ
ڪابل روانو ڪيو. هو 15 - آگسٽ تي افغانستان جي
علائقي”سوريايڪ“ ۾ داخل ٿيو. سندس انقلابي ساٿي،
مجاهد مرد شيخ عبدالرحيم سنڌي، بلوچستان جي آخري
حد تائين ساڻس گڏ رهيو. مولانا سنڌي 1915ع کان
1923ع تائين افغانستان ۾ رهيو، ۽ پنهنجي تحريڪ جي
سلسلي ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن اُتي سردار نصرالله خان،
امير حبيب الله خان ۽ ان جي فرزند عنايت الله خان
سان ملاقاتون ڪيون.
حضرت مولانا سنڌي پنهنجي تحريڪ جي پروگرام جي سلسلي ۾ ريشمي رومالن تي ٽي
خاص خط لکي شيخ عبدالحق جي هٿان شيخ عبدالرحيم
سنڌي(1)
ڏانهن حيدرآباد موڪليو، ته جيئن هو خط پاڻ يا
پنهنجي خاص ماڻهوءَ جي ذريعي شيخ الهند مولانا
محمود الحسن کي حجاز ۾ پهچائي. شيخ عبدالحق شاگردن
سان گڏ ساڳي تحريڪ جي سلسلي ۾ هجرت ڪري ڪابل ويو
هو. هو ملتان جي الله نواز خان جو ملازم رهيو هو.
نه معلوم ڪهڙن سببن جي ڪري هن اهو خط شيخ
عبدالرحيم جي حوالي ڪرڻ جي بدران الله نواز خان جي
والد ملتان جي خانبهادر رب نواز کي ڏنو. ان جي
ذريعي پنجاب جي گورنر مائيڪل اوڊوائر کي وڃي مليو.
انهيءَ وقت حڪومت شيخ عبدالرحيم جي ڳولا ۾ لڳي
ويئي. شيخ عبدالرحيم کي به کڙڪ پئجي ويئي، ۽ هو
هڪدم روپوش ٿي ويو، ته متان سندس پڪڙجڻ جي ڪري،
سندس استاد حضرت شيخ الهند کي ڪا تڪليف نه پهچي.
چيو وڃي ٿو، ته روپوشيءَ جي حالت ۾ ٻئي نالي سان
سرهند ۾ رهيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.
ريشمي رومال وارو خط حضرت مولانا عبيدالله سنڌي 9-10 جولاءِ 1916ع تي لکيو،
۽ 15 - آگسٽ 1916ع تي شيخ عبدالحق ريشمي رومال
سوڌو ملتان ۾ گرفتار ٿيو. اهڙيءَ طرح هيءَ تحريڪ
ناڪام ٿي، ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ جي نالي سان
مشهور ٿي.
انهيءَ تحريڪ جي منصوبي موجب ملڪ اندر بغاوت جا مرڪز به قائم ڪيا ويا هئا،
انهن مان ٻه سنڌ ۾ به هئا: هڪ امروٽ (ضلعي
شڪارپور) ۾ هو، جنهن جو امير حضرت مولانا تاج
محمود امروٽي هو، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ هو،
ٻيو لسٻيلي ۽ ڪراچي لاءِ ڪراچي هو، جنهن جو امير
حضرت مولانا محمد صادق کڏي واري هو. هن تحريڪ ۾
ذڪر ڪيل شخصيتن کان سواءِ، سنڌ جي ٻين ماڻهن جا
نالا به ملن ٿا، جن هن تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو:
1- سيٺ حاجي عبدالله هارون: هن صاحب مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪابل جي سفري
خرچ لاءِ پنج هزار رپيا ڏنا.
2- مولوي عبدالله پٽ نهال خان لغاري، ويٺل ڳوٺ ملان بخش لغاري تعلقو ميرپور
ماٿيلو ضلعو سکر. دين پور جي پير غلام محمد جو
شاگرد هو.
3- قاضي عبدالقيوم: هيءُ حيدرآباد جو ميونسپل ڪمشنر هو، ۽ شيخ عبدالرحيم
سنڌيءَ جو ساٿي هو.
4- فتح محمد سنڌي: ڳوٺ”رڪ“ ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ
روپوش ٿي ويو.
5- ابراهيم سنڌي: ڪراچيءَ جو رهاڪو هو، ۽ عبدالله جو پٽ هو. خط پڪڙجڻ کان
پوءِ روپوش ٿي ويو.
6- محمد علي سنڌي: گوجرانواله جي حبيب الله جو پٽ هو، پر سنڌ ۾ رهڻ جي ڪري
سنڌي مشهور هو. مولانا عبدالله سان گڏ ڪابل ويو
هو، ۽ خفيه مشن جي سلسلي ۾ شيخ عبدالله سان گڏ
موٽي آيو هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ روپوش ٿي ويو، يا
موٽي ڪابل ويو.
7- شاهه بخش ولد امام بخش انصاري: حيدرآباد جو رهاڪو هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ
نظر بند رهيو. 8- پير اسدالله شاهه سنڌي: امروٽ
ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ
جو شاگرد هو، ۽ مدرسه ڳوٺ پير جهنڊو ۾ وٽائنس
تعليم حاصل ڪئي هئا. ان کان پوءِ انقلابي تحريڪ ۾
حضرت مولانا جو رفيق رهيو.
9- فتح محمد سنڌي: اصل ۾ هندو هو. کيس دين پور جي بزرگ مولانا غلام محمد
مسلمان ڪيو. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ امروٽ ۾ اچي
رهيو، جتي هو 6 سال رهيو. ان کان پوءِ سکر ۽
شڪارپور ۾ ڪاروبار شروع ڪيائين. کيس سکر ۽ شڪارپور
۾ بيڪريءَ جا دڪان هئا. ڳئن جي کلن جو واپار به
ڪندو هو. 1915ع ۾ مولانا عبيدالله سان گڏجي ڪابل
ويو. 1916ع ۾ هتي جي انقلابين لاءِ مولانا
عبيدالله، برڪت الله جا خفيه خط کڻي آيو. سيپٽمبر
1916ع ۾ سندس گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ٿيو، پر هو
روپوش ٿي ويو، ۽ حڪومت کي سندس ڪو به پتو پئجي نه
سگهيو.
ڪابل ۾ حضرت مولانا سنڌي جي ڪوشش سان ”جنود ربانيه“ يعني نجات ڏياريندڙ لشڪر
تيار ڪيو ويو هو، ان جا سرپرست هئا: خليفة
المسلمين، سلطان احمد شاهه قاچار(ايران) ۽ امير
حبيب الله خان (ڪابل). ان جو جنرل يا سالار حضرت
شيخ الهند مولانا محمود الحسن هو، ۽ قائم مقام
سالار حضرت مولانا عبيدالله سنڌي هو. ان جا 29
نائب سالار(ليفٽيننٽ جنرل) هئا. انهن مان ٻه سنڌي
هئا: مولانا تاج محمود امروٽي ۽ پير اسدالله شاهه
سنڌي.
معين سالار(ميجر جنرل) ۾ ٻين سان گڏ شيخ ابراهيم سنڌي جو نالو ملي ٿو.
ضابطه(ڪرنل) جي فهرست ۾ مولوي عبدالله سنڌي، شيخ
عبدالرحيم سنڌي، مولوي محمد صادق سنڌي (کڏي وارو)،
حاجي شاهه بخش سنڌي، ۽ محمد علي سنڌي جا نالا ملن
ٿا. ليفٽيننٽ جي فهرست ۾ محمد علي سنڌي جو نالو
ملي ٿو.
هجرت تحريڪ
انهيءَ دوران برصغير ۾ هجرت تحريڪ شروع ٿي. هن تحريڪ جي اهميت ۽ ضرورت کي
سمجهڻ لاءِ ان وقت جي سياسي حالتن ۽ مسلمانن جي
جذبن ۽ احساسن کي سامهون رکڻ لازمي آهي. انهيءَ
ڪري مختصر طور اهي ڳالهيون بيان ڪجن ٿيون.
انهيءَ زماني ۾ ترڪيءَ جو سلطان مسلمانن جو خليفو سڏيو ويندو هو، انهيءَ
ڪري سنڌ جي مسلمانن کي ترڪيءَ سان بيحد محبت هئي.
هوڏانهن وڏي عرصي کان ترڪيءَ خلاف عيسائي حڪومتن
جو سازشون هليون ٿي آيون.
طرابلس ترڪيءَ جو علائقو هو. اتي جا رهاڪو مـُـسلمان هئا ۽ نسلي لحاظ کان
عرب، بربر ۽ ترڪ هئا ۽ ڪجهه اطالوي به رهندا هئا.
پر انهن کي ترڪي حڪومت کان ڪا به شڪايت ڪا نه هئي،
هروڀرو بنا ڪنهن سبب جي 1911ع ۾ طرابلس تي اٽلي
حملو ڪيو. فرانس، اٽليءَ جي مدد ڪئي. اٽلي طرابلس
تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ مسلمانن تي بي انتها ظلم
ڪيا. سنڌ جي مسلمانن جڏهن اهي خبرون ٻڌيون، تڏهن
هو اٽليءَ کان نفرت ڪرڻ لڳا. اٽليءَ جون ٽوپيون
ساڙيون ويون ۽ ترڪي ٽوپي پائڻ جو رواج عام ٿيو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمني ۽ ان جي طرفدارن کي شڪست ملي ۽ هنگامي صلح جي
معاهدي تي صحيحون ٿيون. ان ۾ ترڪيءَ لاءِ شرط رکيا
ويا: پنهنجي سموري فوج برخواست ڪندو، ان جا جنگي
جهاز فاتح ضبط ڪندا، ملڪ جي ريلن جي نگراني ۽
ڪنٽرول جو حق اتحادين کي هوندو، ”ايشيائي ڪوچڪ“ ۽
عربستان ۾ سرحدن جي تعمير کان سواءِ اندروني ملڪ
جو انتظام ترڪيءَ جي ئي اختيار ۾ هوندو.
انگريزن قسطنطنيه ۾ اهو ظالمانه قبضو ڪيو، جنهن کي
Captuation
سڏيو ويندو آهي، جنهن موجب فاتح کي ذاتي رهائشي
جاين ۽ گهرن تي به قبضي جو حق حاصل هوندو آهي.
انهن ڳالهين جي ڪري سنڌ ۽ هند جا مسلمان بيقرار ٿي
ويا. نتيجي ۾ برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي جلسا
ٿيا، جن ۾ انگريزن سان نفرت جو اظهار ڪيو ويو ۽
ترڪيءَ سان دلي همدردي ڏيکاري ويئي. محمد علي ۽
شوڪت علي انهن ڏينهن ۾ اُڀريا ۽ پنهنجي اخبار ۾
ترڪيءَ جي فائدي ۾ دل کولي لکيائون ۽ ڳالهايائون.
انهيءَ ڪري کين جيل ڀوڳڻو پيو. هو اڃا جيل ۾ ئي
هئا ته اتحادين ۽ جرمني - ترڪيءَ وچ ۾ هنگامي صلح
جو اعلان ٿيو.
هنگامي صلح کان پوءِ برصغير پاڪ و هند ۾ مسلمانن جا جذبا ڀڙڪي اُٿيا. مدراس
۾ سيٺ يعقوب حسن جي صدارت ۾ 17 جنوري 1919ع تي
مسلمانن جو اجتماعي اجلاس ٿيو. ان کان پوءِ 26
جنوري 1919ع تي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس منعقد ٿي،
جنهن جي صدارت مولانا قيام الدين عبدالباري فرنگي
محلي ڪئي. 22- سيپٽمبر 1919ع تي لکنو ۾ آل انڊيا
مسلم ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ”خلافت ڪاميٽي“ جو
بنياد رکيو ويو. ان کانپوءِ خلافت ڪاميٽيءَ جو
اجلاس 23 نومبر 1919ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن
جي صدارت فضل الحق ڪئي.
سنڌ ۾ به خلافت تحريڪ شروع ٿي ۽ ان کي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وڏي تقويت
پهچائي. سندس جاري ڪيل اخبار ”الامين“ ان سلسلي ۾
وڏو ڪم ڪيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي به هن اداري سان
وابسته هو. خلافت ڪاميٽي ناره جو مهتمم حاجي احمد
علي المجاهد هو، هــُـن به پاڻ پتوڙيو. تحريڪ کي
روڪڻ لاءِ حڪومت ”امن سڀا“ قائم ڪري، تحريڪ خلافت
توڙي قومي رجحانن خلاف ڪن زميندارن، پيرن ۽
جاگيردارن جي ذريعي محاذ آرائي شروع ڪئي، پر عوام
تي ان جو ڪو به اثر نه پيو. نتيجو اهو نڪتو جو
عوام نه فقط انگريزن خلاف نفرت ڪندو رهيو، پر انهن
پيرن ۽ زميندارن کي به حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳو،
جيڪي امن سڀائي ٿي، انگريزن جي طرفداري ڪري رهيا
هئا. انگريزن جي اشاري تي اهي امن سڀائون هر تعلقي
۾ قائم ڪيون ويون هيون ۽ ”سچائي“ نالي اخبار به
ڪڍي ويئي هئا، پر اُهي ڪوششون بي فائدي ثابت ٿيون.
ان کان سواءِ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر
خانبهادر نبي بخش محمد حسين جي مدد سان هڪ نام
نهاد مولوي فيض الڪريم جي مدد سان هڪ فتويٰ
لکرائي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي خلافت کي ناجائز ثابت
ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي، ان کانپوءِ حڪم ٿيو
ته ان تي سڀ عالم ۽ پير صحيحون ڪن. سنڌ جي 16
عالمن ۽ پيرن مجبور ٿي، ان تي صحيحون ڪيون.
اهو ڏسي حق پرست ميدان تي نڪري آيا ۽ خلافت جي فائدي ۾ فتوائون ۽ رسالا
لکيائون. اهڙو هڪ رسالو منهنجي سامهون آهي، جيڪو
مولانا معين الدين صديقي سيوستانيءَ جو لکيل آهي.
هي رسالو ڊيمي سائيز جي 45 صفحن تي مشتمل آهي ۽
1337 هه(1919ع) ۾ حاجي احمد علي خلافت ڪاميٽي ناره
طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. مولانا صاحب قرآن مجيد،
حديث شريف ۽ فقه جي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ نهايت واضح
دليلن سان خلافت جي اهميت، افاديت ۽ ضرورت کي واضح
ڪيو آهي ۽ ترڪي خلافت کي بلڪل جائز سڏيو آهي. ان
وقت سنڌ جي مسلمانن جي دلين ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن
لاءِ جيڪو درد هو، اهو سندس هيٺين جملن مان بلڪل
واضح آهي:
”هندستان جا مسلمان، جي دولت برطانيه جا رعيت آهن، سي به نيٺ مسلمان ته
آهن......“ (ص 11).
خلافت جي تعريف ۽ ضرورت جي شروعات هن جملي سان ڪري ٿو:
”دنيا ۾ جيئن ٻيون مختلف قومون آهن، تيئن مسلمان به هڪڙي خاص قوم آهي، جا
سڀني قومن کان ممتاز ۽ علحده آهي.“ (ص 3).
هن مان معلوم ٿيندو ته مسلمانن جي الڳ ۽ جداگانه قوميت جو تصور سنڌ جي
مسلمانن ۽ عالمن ۾ قديم زماني کان موجود هو، نه
فقط ايترو، پر هو مسلمان قوم جي فوقيت جا به قائل
هئا. ان کان سواءِ هڪ ٻئي عالم مولانا حافظ محمد
ابراهيم ڳڙهي ياسينوي به فيض الڪريم جي خلاف ڪفر
جي فتويٰ ڏني.
ڊسمبر 1919ع ۾ امرتسر ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي. ساڳي ئي شهر ۽ ساڳي ئي
مهيني ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اجلاس به ٿيا. محمد
علي، شوڪت علي ”بيتول“ جيل مان نڪري، سڌو اچي
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو، ته
15- جنوري 1920ع تائين خلافت جي مسئلي ۽ عربستان
بابت مسلمانن جا مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ وفد تيار
ڪري انگلينڊ موڪليو وڃي، جنهن جي صدارت مولانا
محمد عليءَ جي سپرد ڪئي ويئي. ان کان سواءِ خلافت
فنڊ قائم ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڏهه لک روپيا گڏ ڪيا
وڃن. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ به خلافت تحريڪ جي
پٺڀرائي ڪئي.
انگلينڊ وفد موڪلڻ کان اڳ خلافت جي سلسلي ۾ هڪ وفد 19- جنوري 1920ع تي
هندستان جي وائسراءِ سان مليو، پر وائسراءِ مايوس
ڪندڙ جواب ڏنو. انهيءَ ڪري انگلينڊ وفد موڪلڻ
لاءِ فيبروري 1920ع ۾ خلافت ڪانفرنس جو ٽيون اجلاس
بمبئيءَ ۾ منعقد ٿيو. هن اجلاس ۾ انگلينڊ موڪلڻ
واري وفد تي اعتماد جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
2- مارچ 1920ع تي هي وفد وزير هند مسٽر فشر سان مليو. ان کان پوءِ وفد مسٽر
لائڊ جارج سان مليو ۽ مولانا محمد علي وڏي قابليت
۽ بي باڪيءَ سان هندستان جي مسلمانن جا مطالبا پيش
ڪيا. پر برطانيه جي وزيراعظم مسلمانن جا مطالبا
منظور ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري
برصغير پاڪ و هند جا مسلمان ڏاڍا مايوس ٿيا.
پنهنجي جذبات جي اظهار طور 19- مارچ 1920ع تي،
”يوم غم“ ملهايو ويو.
12- جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جي طرفان هندستان جي وائسراءِ لارڊ
چيمسفورڊ کي مسلمانن جي رهنمائن درخواست ڪئي، ته
ترڪيءَ کي صلح لاءِ جيڪي شرط ڏنا ويا آهن، اهي
ڏاڍا سخت آهن، انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي. ان سان گڏ
اهو به لکيو ويو ته پهرين آگسٽ 1920ع تائين جيڪڏهن
هيءَ درخواست قبول نه ڪئي ويئي، ته حڪومت سان عدم
تعاون ڪيو ويندو. ان درخواست تي برصغير پاڪ و هند
جي سرڪرده رهنمائن سان گڏ سنڌ جي هيٺين رهنمائن
صحيحون ڪيون:
(1) سيٺ حاجي عبدالله هارون، (2) مولانا تاج محمود امروٽي، (3) ميان امين
الدين منشي،(4) شيخ عبدالمجيد سنڌي،(5) سيد
اسدالله شاهه ٽکڙائي، (6) مولوي محمد صادق کڏي
وارو، (7) جان محمد خان جوڻيجو، (8) پير رشدالله
جهنڊي وارو، (9) محمد هاشم مخلص، (10) مولوي
عبدالحي مورائي.
15- آگسٽ 1920ع تي ترڪيءَ کان زوري عهدنامي تي صحيح ورتي ويئي، جيڪا
”عهدنامي سيوري“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ۾ اهڙا
اگرا شرط هئا، جو مسلمانن جي دلين ۾ انگريزن جي
خلاف باهه ڀڙڪي اٿي. اهو ڏسي هندستان جي وائسراءِ
مسلمانن جون دليون ٺارڻ لاءِ هڪ پيغام شايع ڪيو،
جنهن رهندو مسلمانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم
ڏنو. سنڌ ۾ به ان جو وڏو اثر ٿيو. انهيءَ ئي سال
حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو جلسو ٿيو، جنهن جي
صدارت مولانا عبدالڪريم درس ڪئي. ان ۾ لاڙڪاڻي جي
رئيس جان محمد خان جوڻيجي انگريزن جي ظلمن بابت هڪ
ولوله انگيز تقرير ڪئي. ان کان پوءِ رئيس جان محمد
خان جوڻيجي جي ڪوشش سان 6-7-8 جون تي ٻي خلافت
ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت پير صاحب جهنڊي
واري ڪئي. ان جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري
رئيس جان محمد خان جوڻيجو هو. ان ۾ مولانا محمد
علي، شوڪت علي، مولانا عبدالباري لکنوي، مولانا
عبدالجبار لکنوي، ابوالڪلام آزاد، رئيس غلام محمد
خان ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود
امروٽي، مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر ڪچلو وغيره شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، ته
سنڌ جو هڪ وفد بمبئيءَ وڃي، سنڌ ۾ ڪامورن جي ٿيل
ظلمن بابت گورنر جو ڌيان ڇڪائي، ڇاڪاڻ ته سنڌ
بمبئيءَ سان ڳنڍيل هئي ۽ گورنر بمبئيءَ ۾ رهندو
هو. ان فيصلي مطابق هڪ وفد بمبئيءَ ويو، جنهن ۾
پير صاحب جهنڊي وارو، مولانا دين محمد وفائي ۽ ٻيا
ڪيترائي عالم هئا. ان سفارت جو لسان الوفد رئيس
جان محمد جوڻيجو هو. بمبئيءَ ۾ 26 ڏينهن رهڻ کان
پوءِ به گورنر کين ملاقات جو موقعو نه ڏنو. البت
سندن وڃڻ مان هڪ ٻيو فائدو ٿيو، جو کين آل انڊيا
خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو،
جيڪو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي صدارت ۾ 28 مئي تي
بمبئيءَ ۾ منعقد ٿيو. ان اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو،
ته مسلمانن جي مقصدن جي تڪميل جو واحد ذريعو”عدم
تعاون“ آهي. ان کان پوءِ 1- آگسٽ 1920ع تي خلاف
ڪاميٽيءَ سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال ڪرائي.
هجرت تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سر حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌي جي ڪوششن سان روزانه ”الوحيد“ ڪراچي مان جاري
ٿي، جنهن کي خلافت تحريڪ جو ترجمان بنايو ويو.
ترڪ موالات جي سلسلي ۾ هندستان جي عالمن جيڪا فتويٰ جاري ڪئي، ان تي سنڌ جي
به ڪيترن عالمن صحيحون ڪيون، جهڙوڪ مولانا محمد
ابراهيم ڳڙهي ياسينوي، مولانا محمد سليمان، مولانا
عبدالله جان سرهندي وغيره. 6 سيپٽمبر 1920ع تي
ڪلڪتي ۾ جمعيت علماءَ هند جو غير معمولي اجلاس
منعقد ٿيو، جنهن ۾ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عالم
شريڪ ٿيا، ان ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته ”جيئن ته
ترڪيءَ سان صلح وقت يورپ صريحاً ناانصافي ڪئي آهي،
برطانيه پنهنجي وعدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، خليفته
المسلمين جي مذهبي طاقت کي ڪچلي، اسلام دشمنيءَ جو
ثبوت ڏنو آهي، انهيءَ ڪري مسلمان تي بحيثيت مسلمان
جي لازم ٿئي ٿو ته اسلام جي دشمنن سان ترڪ موالات
ڪري.“ انهيءَ ٺهراءُ تي جن سنڌي عالمن صحيحون
ڪيون، انهن جا نالا هي آهن: مولانا تاج محمود
امروٽي، مولانا عبدالخالق مورائي، مٺل شاهه،
مولانا شمس الدين، ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن
انگريزن کي خطاب واپس ڪيا. سنڌ جي اهڙين 33 مشهور
شخصيتن جا نالا ملن ٿا، جهڙوڪ: سيد حاجي محمد شاهه
مٽياري، رئيس جان محمد جوڻيجو، شاهه علي جان، امين
الدين، پير آغا غلام مجدد، سيد محمد نعيم شاهه،
سيد علي اصغر ٽکڙ، جلال شاهه ٽکڙ، سردار محمد حيات
لاڙڪاڻه، محمد وارث پاٽ، آخوند نور محمد مٽياري
وارو وغيره.
سنڌ ۾ هجرت تحريڪ
سنڌ جا مسلمان مذهب جي معاملي ۾ ڏاڍا غيرتمند رهيا آهن. وزيراعظم جي مايوس
ڪندڙ جواب کان پوءِ جڏهن برصغير پاڪ و هند ۾ 19
مارچ 1920ع تي ”يوم غم“ ملهايو ويو، تڏهن سنڌ جا
مسلمان انگريزن کان ايتري قدر ته متنفر ٿي ويا، جو
هنن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، سنڌ مان هجرت ڪرڻ جي سٽ
سٽي. 10 اپريل 1920ع ۾ سيوهڻ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو
جلسو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالڪريم
درس ڪئي. ان ۾ رئيس جان محمد خان جوڻيجي ۽ ٻين
زوردار تقريرون ڪيون. ٺهراءُ پاس ٿيو، ته هن ملڪ
مان هجرت ڪئي وڃي ۽ مسلمانن جي ملڪ افغانستان ۾
وڃي رهجي. ان کان پوءِ جيڪب آباد ۾ خلافت ڪاميٽيءَ
جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ هجرت واري ٺهراءَ عملي صورت
اختيار ڪئي. هن جلسي جي صدارت مولانا تاج محمود
امروٽي ڪئي. ڪانفرنس ۾ رئيس جان محمد خان جوشيلي
تقرير ڪندي، قطع تعلقات جو سوال اٿاريو. تقرير ۾
اعلان ڪيائين ته ”مان سرداري جي ٻيو نمبر ڪرسي،
ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي ميمبري، بئريسٽريءَ
جي ڊگري، سڀ ترڪ ڪريان ٿو ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪار
ڪريان ٿو.“ سندس تقرير جي نتيجي ۾”ترڪ موالات“ جو
جوش ايتري قدر ڦهلجي ويو، جو ڪيترن ماڻهن قطع
تعلقات جا اعلان ڪيا.
انهيءَ کان پوءِ هجرت جي تياريءَ لاءِ باقاعدي ”هجرت ڪاميٽي“ ٺاهي ويئي،
جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه ۽ سيڪريٽري رئيس
جان محمد خان جوڻيجو چونڊيا ويا. عزيزالله عرف ملا
گامون(1)
ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي مسلمانن کي انگريزن خلاف بغاوت لاءِ
ڀڙڪائيو، ۽ هجرت لاءِ همت ٻڌائي. ڪيترن ئي ماڻهن
ڪابل ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ دفتر ۾ نالا داخل ڪرايا.
لاڙڪاڻي ۾ رئيس جان محمد خان جوڻيجي جي بنگلي کي
هجرت ڪاميٽيءَ جو دفتر بنايو ويو. خلافت تحريڪ ۽
هجرت تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي پير علي انور
شاهه راشدي
(1) ۽
مولوي علي محمد منگي(2)
به سرٽوڙ ڪوشش ورتي.
ان کان پوءِ 22 مئي تي حيدرآباد ۾ جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت پير تراب علي
شاهه راشدي ڪئي. ان ۾ رئيس جان محمد خان جوڻيجي جي
صحيح سان بمبئيءَ جي گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽري
ڏانهن تار ڪئي ويئي. ان کان پوءِ حڪومت سندس ٻنين
جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، پر رئيس مرحوم سڀڪجهه
برداشت ڪري، هجرت جي تياريءَ ۾ لڳو رهيو. سڄي
هندستان ۾ هي هڪڙو سنڌي مجاهد هو، جنهن هجرت تحريڪ
هلائي ۽ ان کي عملي صورت ڏني. سنڌ سندس ديني غيرت،
همت ۽ جرئت تي جيترو به ناز ڪري اوترو ٿورو آهي.
ان کان پوءِ رئيس مرحوم حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس
۾ شرڪت ڪئي، جيڪا جون ۾ منعقد ٿي، جنهن جو ذڪر اڳ
۾ اچي چڪو آهي. ان کان پوءِ هو وفد وٺي بمبئي ويو،
جتي گورنر کيس ملڻ جو موقعو به نه ڏنو. ان موقعي
تي هن بمبئيءَ جي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪئي، ان جو ذڪر اڳ ۾ آيو آهي.
انهن سمورين حالتن سنڌ جي مسلمانن کي هجرت لاءِ مجبور ڪيو، آخر جولاءِ 1920ع
۾ لاڙڪاڻي شهر مان اسپيشل ٽرين ڀاڙي ڪري رئيس جان
محمد خان جوڻيجي ساڍن ستن سون مهاجرن جو ساٿ ساڻ
ڪري افغانستان روانو ٿيو. هجرت جو احوال اخبار
”لاڙڪاڻه گزيٽ“ جي ايڊيٽر ٽهلرام پنهنجي اخبار جي
17 جولاءِ 1920ع واري پرچي ۾ هن طرح لکيو:
”9 جولاءِ 1920ع تي مسلمان پنهنجي دين جي اصولن جي پيروي ڪرڻ ڪري هجرت ڪري
ويا. سڀني جي دل تي زخم ڪري ويا. ان ڏينهن هر ڪنهن
مسلمان جو چهرو چمڪندڙ هو. لاڙڪاڻي شهر جا دڪان
بند هئا، ليڪن هر ڪنهن هندوءَ جو چهرو جدائي ڪري
ڪومايل هو ۽ ماڻهن جا هشام لاڙڪاڻي اچي ويا. تنهن
ڏينهن هجرت ڪندڙ 760 ڄڻا هئا. مسلمان ڀائرن جون
دليون خلافت ۽ ترڪيءَ جي مسئلي جي ڪري وڏي ماتم ۾
آهن، جتان ڪٿان هجرت ڪرڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا...“
هڪ هندوءَ جي قلم مان نڪتل هي احوال سنڌ جي مسلمانن جي ديني غيرت، پنهنجي
مسلمان ڀائرن لاءِ دلي همدرديءَ ۽ اسلام لاءِ ساهه
قربان ڪرڻ جي جذبي جي بخوبي عڪاسي ڪري ٿو. هڪ هجرت
ڪندڙ شاعر ”عبد“ پنهنجي جذبات جو اظهار هن طرح ڪيو
آهي:
اسان کي عزيزو، ٿي ڇڪي قسمت خدا حافظ
وڃون ٿا طرف ڪابل، ڪري هجرت خدا حافظ
بحڪم هادي ٿياسين مهاجرين في سبيل الله
خادم آهيون سڀئي، دين جي خدمت خدا حافظ |
مهاجرن کي لاڙڪاڻي کان روهڙي اسٽيشن تائين سڀني اسٽيشنن تي هزارن ماڻهن
الوداع ڪئي. سنڌ کان ٻاهر پنجاب ۽ سرحد جي اسٽيشنن
تي به مهاجرن جي ڪيترن ماڻهن مرحبا ڪئي. هڪ مجاهر
الهڏني پٽ نبي بخش پشاور پهچڻ کان پوءِ پنهنجي
عزيزن کي خط لکيو:
”صبح جو ستين بجي سوار ٿي، ساڍي 11 بجي سومر ڏينهن پشاور ۾ آياسون. لک کن
ماڻهو اسٽيشن تي پهتل هئا...... هاڻي جمع ڏينهن
روانا ٿي ڪابل ڏانهن وينداسون. دعا ڪريو ته خدا
صاحب اسلام کي فتح ڏي....“
هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي سربلنديءَ ۽ مسلمانن جي فتح ۽ نصرت جي
جذبي وچان سنڌ جي مسلمانن هجرت ڪئي.
هي قافلو 19 جولاءِ 1920ع تي جلال آباد پهتو. افغان سرڪار پهريائين کين
سهولتون ڏنيون، پر پوءِ توجهه هٽائي ڇڏيائون.
انهيءَ ڪري بي بندوبستي ٿي پيئي. مهاجرن جي
بندوبست لاءِ رئيس المهاجرين رئيس جان محمد خان
جوڻيجي هڪ وفد ساڻ ڪري مولانا محمد علي جوهر جي
ملاقات لاءِ روانو ٿيو. مولانا مرحوم انهن ڏينهن ۾
ڪاليج جي شاگردن ۾ ترڪ موالات جي تبليغ ڪري رهيو
هو، ته رئيس صاحب به ساڻس وڃي مليو. ان کان پوءِ
ٻنهي گڏجي هندستان جي گهڻن ئي شهرن جو گشت ڪيو.
نومبر جي پوين تاريخن ۾ رئيس مرحوم الله آباد واري ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪري
لاڙڪاڻي آيو. هتي کيس سنڌ جي جڊيشل ڪمشنر جو نوٽيس
پهتو، جنهن ۾ کيس چيو ويو هو ته ڪراچي اچي، جيڪب
آباد وارين تقريرن جي بابت جواب ڏئي. رئيس مرحوم
وڃڻ جي بجاءِ کيس جواب لکي موڪليو ته ”جيئن ته مان
افغانستان جي رعيت آهيان ۽ انجمن مهاجرين هند جي
طرفان موڪليل آهيان، تنهن ڪري جيڪڏهن انهن جو حڪم
ايندو ته ايندس، نه ته نه.“ لاڙڪاڻي مان بمبئي
ويو، جتي کيس بمبئيءَ خلافت ڪاميٽي طرفان پنجاهه
لک رپيا امداد ڏني ويئي، جيڪا هن هڪدم ڪابل رواني
ڪئي. آخرڪار ڪابل روانو ٿيو، پر سرحد تي کيس روڪيو
ويو. پشاور ۾ فارسي ۾ تقرير ڪيائين، جنهن ۾
انگريزن تي خوب ڇوهه ڇڏيائين ۽ پاڻ کي افغان رعيت
ظاهر ڪيائين. پشاور مان به کيس نڪري وڃڻ جو حڪم
مليو، جنهن ڪري لاهور آيو. اتان لکنو آيو ۽ ائوڌ
خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي فارسيءَ ۾ تقرير ڪيائين.
ان کان پوءِ اجمير جي خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ رئيس ماحول مولانا محمد
علي جوهر سان گڏجي اجمير آيو، اتي کيس بخار ٿي پيو
۽ جلسي ۾ اچي نه سگهيو. البت پنهنجي فارسيءَ ۾
لکيل تقرير جلسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليائين. سندس بخار
وڌي وڃي خوفناڪ بيماريءَ جي صورت اختيار ڪئي. آخر
27 رجب 1339 هه برابر 16 اپريل 1921ع تي مسافر ۽
مهاجر جي حالت ۾ اجمير شريف ۾ شهادت جو جام نوش
فرمائي، حيات جاوداني حاصل ڪيائين. کيس حضرت خواجه
غريب نواز معين الدين چشتي اجميري جي درگاهه ۾
مدفون ڪيو ويو.
”انالله و اِنا اليہ راجعون“
سندس وفات بعد ڪابل ۾ مهاجرن جو ڪو اوهي واهي نه رهيو. آخر افغان حڪومت جي
بي حسي ۽ بي توجهيءَ سبب ڦـُــرجي لــُــٽجي،
تڪليفون سهي واپس موٽي آيا. جيتوڻيڪ ظاهري طرح هي
تحريڪ ناڪام ٿي ويئي، پر هن تحريڪ اهڙا اڻ مٽ نشان
ڇڏيا، جو اڳتي هلي آزاديءَ جي راهه هموار ٿي ويئي.
هجرت تحريڪ کان پوءِ به خلافت تحريڪ سنڌ ۾ جاري رهي، ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽
ڳوٺن ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جا جلسا ٿيندا رهيا. ان جو
اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته 1924ع تائين صرف
ضلعي سکر( جنهن ۾ موجوده شڪارپور ضلعو به اچي ٿي
ويو.) ۾ هيٺين ريت خلافت ڪاميٽيءَ جا جلسا منعقد
ٿيا:
(1) 6 - 8 جولاءِ 1922ع تي مسٽر محمد مارمرڊبوڪ پکٿال جي صدارت ۾ سکر ۾ صوبه
سنڌ خلافت ڪانفرنس جو ستون اجلاس ٿيو. ان ڪانفرنس
۾ بي امان صاحبه ۽ بيگم محمد علي به شريڪ ٿيون.
(2) ڳوٺ چڪ، ضلعو سکر(موجوده ضلعو شڪارپور) ۾ 29- سيپٽمبر 1922ع تي.
(3) ڳوٺ پنوعاقل، ضلعو سکر ۾ 6- نومبر 1922ع تي.
(4) ڳڙهي ياسين ۾ 5 - جنوري 1923ع تي.
(5)گهوٽڪي ۾ 29 - جنوري 1923ع تي.
(6)ڊکڻ ۾ 23 - فيبروري 1923ع تي.
(7) ڊکڻ ۾ ٻيو ڀيرو 27- آڪٽوبر 1923ع تي.
(8) ڳوٺ سوئي، تعلقو اوٻاوڙو ۾ 30 - نومبر 1923ع تي.
(9) ضلعي خلافت ڪانفرنس سکر جو اٺون اجلاس سکر ۾ 2 - مارچ 1924ع تي، مولانا
شوڪت علي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ان موقعي تي
ضلعي خلافت ڪاميٽي جي سيڪريٽري عبدالستار آدم(1)
ضلعي خلافت ڪاميٽي جي ڪارگذارين جي تفصيلي رپورٽ
پيش ڪئي. ان ۾ ڄاڻائي ٿو:
”هجرت جي معاملي، جنهن گورنمينٽ کي هڪدم پريشان ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪاميابيءَ
جا سهرا سڄي هندستان ۾ انهيءَ بزرگ مولانا تاج
محمود امروٽيءَ جي سر تي سونهن ٿا. رئيس المهاجرين
نواب مرحوم جان محمد خان جوڻيجو، جو سنڌ مان پهرين
مهاجرن جي ريل وٺي ويو، تنهن کي انهيءَ ڪم تي
آماده ڪرڻ ۾ هن بزرگ جو تصرف هو.“
خلافت تحريڪ، پنهنجي ملڪ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ به گهڻو ڪجهه ڪيو. ان جو
اندازو ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ سکر جي ان رپورٽ مان
لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. ان
۾ ڄاڻايل آهي:
”مولوي محمد هاشم صاحب، ناظم جمعيت العلماءَ ضلعو سکر، چڪ ڪانفرنس کان پوءِ
پنهنجي مدرسي ۽ عيش آرام کي ڇڏي خلافت جي ڪم کي
لڳي پيو، ۽ خلافت جو وفد وٺي ساري ضلعي جو دورو
ڪيائين. پنهنجي تڪليف جو ذرو به خيال نه ڪيائين،
جيستائينڪ هو بيمار ٿي پيو. سڄي ضلعي کي انهيءَ
بزرگ بيدار ڪيو، ۽ عالمن کي حجرن مان ڪڍي، خلافت
جي خدمت لاءِ ميدان ۾ آندو. بيماري جي ئي حالت ۾
کيس 108 قلم جو سمن مليو. بيماريءَ جي ڇٽڻ سان 12
مهينا جيل هليو ويو، جو اڃا جيل ۾ آهي“. (ص 6).
”بلبلانِ خلافت: هي چار ڇوڪرا مولوي محمد هاشم سان گڏ اسلامي خدمت جي ميدان
۾ نڪتا آهن، ۽ قومي غزل چوندا آهن. مولوي صاحب جيل
۾ ويو ته به سندن عزيزن جي دل کي لوڏو ڪو نه آيو،
۽ هنن به ايتري همت ڏيکاري جو هڪ دفعي ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ، ٻئي دفعي اوٻاوڙي جي مئجسٽريٽ سندن غزلن
جي بندش لاءِ اشتهار ڪڍيا، ته به هنن ڪا پرواهه نه
ڪئي. اڳي رڳو غزل چوندا هئا، هاڻي تقريرون به ڪندا
آهن. مولوي صاحب کان پوءِ سندن تعليم لاءِ هڪ
اتاليق سفر ۽ حضر ۾ هميشه گڏ رهندو آهي“. (6 ۽ 7).
”مدارس: مدرسته الاسلام چڪ ۽ مدرسه مجيديه ڳڙهي ياسين، هي ٻئي مدرسا خلافت
جي امداد لاءِ کوليا ويا آهن. مدرسته السلام اسحاق
ديرو به هن وقت خلافت جي امداد سان هلي رهيو آهي.
مدرسه محموديه شڪارپور کي وقت به وقت خلافت کان
امداد ملندي رهندي آهي، انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا
ضلعي اندر مدرسا آهن، جي خلافت کان امداد نه ٿا
وٺن، مگر خلافت جي نصاب موجب تعليم ڏيئي رهيا آهن“
.(ص 7)
”ميونسپل: مارچ 1922ع ۾ جيڪا ميونسپل جي چونڊ ٿي، ان ۾ 3 اميدوار خلافت جي
طرفان نامزد ڪيا ويا، جي ٽئي ڪامياب ٿيا“. (ص 7).
”اسيرانِ فرنگ: هن ضلعي مان پهريون مجاهد، جنهن اسلام خاطر مصيبتن سهڻ کي
نعمت ڪري سمجهيو، سو مولوي عبدالڪريم چشتي صاحب
آهي. هيءُ بزرگ ٽي دفعا جيل ڪاٽڻ بعد وري به سربڪف
ميدان عمل ۾ موجود آهي. سندس مجاهدانه تعليم جو
اهو اثر آهي، جو ان جو خليفو ميان امان الله صاحب
قريشي ۽ ميان غلام حيدر صاحب(عليگ) به ٻارهن ٻارهن
مهينا جيل ۾ رهي آيا. مولوي تاج محمد صاحب (عليگ)
به ٻارهن مهينا جيل ۾ گذاريا. اهي چارئي بزرگ ضلعي
کان ٻاهر تقريرون ڪرڻ ڪري گرفتار ٿيا”.(ص 7 ۽ 8).
”والنٽيئر: ضلعي اندر 125 والنٽيئر، جي دفتر ۾ داخل آهن، سي هر وقت خلافت
ڪاميٽيءَ جي اشاري تي اسلام تي سر ڏيڻ لاءِ به
تيار آهن. افسوس جو انهن مان به جان نثار حاجي پير
بخش ۽ ميان علي بخش تازو فوت ٿي ويا آهن، جي
بيماريءَ ۾ به خدمت خلافت لاءِ ماڻهن کي تاڪيد
ڪندا رهيا. پڇاڙيءَ ۾ حاضر مجلس وارن کي پاڻ تي
گواهه ڪيائون، ته اسان ايمان جي سلامتيءَ سان هن
دنيا مان لڏيون ٿا ۽ ڪلمو شريف پڙهيائون. پوءِ
نعره تڪبير پڙهي پياري جان خدا کي سپاريائون“. (ص
8).
خلافت تحريڪ جي ڪار پردازن، ماڻهن ۾ جيڪو جوش، جذبو ۽ ولولو پيدا ڪيو، ان جو
اندازو رپورٽ جي هن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو:
”ڪانفرنس جي اشتهار نڪرڻ کان پوءِ اسان جي مـُـبلغ ۽ والنٽيئر ڳوٺ ڳوٺ ۾
پکڙجي ويندا آهن، ۽ موقعي تي سارو ضلعو هزارن جي
تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندو آهي، ۽ اهو خلق جو انبوهه
مخالفن کي حواس باخته ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن چوٿين
اجلاس ۾ ڊکڻن جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڏهه هزار ماڻهو ڪٺا
ٿي ويا، جنهن ساري ضلعي جي مخالف زميندار جو ساهه
سڪائي ڇڏيو“.(ص 9).
سيد مير عبدالباقي جي قبرستان واري مسجد لاءِ ورتل ڪوشش جو ذڪر ڪندي رپورٽ ۾
ڄاڻايو ويو آهي:
”سکر ۾ سيد مير عبدالباقي پوراني جي قديم قبرستان ۾ سرڪار فاريسٽ آفيس لاءِ
بنگلا ٿي ٺهرايا، جنهن ۾ هڪ ويران مسجد به اچي ٿي
ويئي. ڪم شروع ٿي ويو، ديوارن جا بنياد کوٽيندي
ڪيترا لاشا به نڪتا. خلافت ڪاميٽيءَ کي اها رپورٽ
پهتي، جنهن هڪدم اشتهار ڪڍي قبرستان ۾ ميٽنگ
ڪوٺائي، گورنر ۽ مڪاني آفيسرن کي تار جي رستي
اطلاع ڪيا.... وري دوباره اچي مسجد ۾ ميٽنگ ڪري
ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته قبرستان ۽ مسجد جي جا عزت
ازروئي شريعت جي ٿي سگهي ٿي، تنهن ۾ ذرو به فرق
پوڻ نه گهرجي، ٻي حالت ۾ اسان سول نافرماني ڪرڻ
لاءِ تيار آهيون. خلافت جي انهيءَ آواز تي يڪدم
125 والنٽيئر ستياگرهه لاءِ تيار ٿي ويا ۽ سرڪار
مقام ڇڏي ڏنو“. (ص 1).
|