صحافت واري وقت ۾ مولانا وفائيءَ وڏو ناماچار ڪڍيو. نشر و اشاعت سندس
زندگيءَ جي ”مشن“ بڻجي چڪي هئي، جنهن کي حياتيءَ
جو حصو سمجهي، نباهيندو آيو. سال 1923ع ۾ توحيد ۽
سنت جي اشاعت لاءِ ماهوار ”توحيد“ جاري ڪيائين. هي
رسالو خالص ديني نوعيت جو هو ۽ سنڌي زبان جو
معياري علمي رسالو سمجهيو ويو. منجهس علمي، تاريخي
۽ اصلاحي مضمون ڪثرت سان ڇپبا رهيا. خاص ڪري
قادياني فتني جا پول پڌرا ڪيائين.
مذهبي ڄاڻ سان گڏ مسلمانن کي هن رسالي جي مطالعي مان سياسي سجاڳي به ملي.
قبر پرستي، پير پرستي ۽ اجاين وهمن ۽ وسوسن جهڙين
ڪيترين ئي بي جا، اڍنگين، بدعتي ۽ گمراهه ڪندڙ
رسمن ۽ رواجن خلاف اثرائتي انداز ۾ لکيائين. خاص
ڪري پيٽ پرست مـُـلن کان باخبر رهڻ ۾ هن رسالي وڏو
ڪردار ادا ڪيو، جن مسلمانن وٽ شرڪ جي نوبت آڻڻ ۾
ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. مولانا وفائي ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌي (1889 - 1978ع) جهڙا قومي ڪارڪن هن رسالي جي
سرپرستي سنڀاليندا آيا. سال 1928ع تائين رسالي جو
پهريون دور پورو ٿيو ۽ 1934ع ۾ رسالو ٻئي دور ۾
داخل ٿيو، جيڪو پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ به ڪافي وقت
جناب علينواز وفائيءَ جي نگرانيءَ ۾ نڪرندو رهيو.
”الوحيد پرنٽنگ پريس، 429 - ميڪلوڊ روڊ ڪراچي“ ۽
”عباسي ليٿو پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ“ مان رسالو
باقاعده شايع ٿيندو رهيو.
سال 1923ع جي آخر ۾، مولانا وفائي ”جمعيت العلماء ِّ سنڌ“ کي ڇڏي صرف
”الوحيد“ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. سال 1924ع ۾ آريه سماج
طرفان ”شڌي ۽ سنگهٽن جي هلچل“ هندستان ۾ هنگامو
مچائي ڇڏيو، جنهن ڪري ملڪ ۾ وڏو ڏڦيڙ پيو. انهيءَ
روز بروز جي وڌندڙ غـُـلغلي، ”خلافت تحريڪ“ جو زور
گهٽائڻ شروع ڪيو. آخر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
ڪوششن سان قائم ڪيل ”انجمن نو مسلمانانِ سنڌ“
طرفان سال 1926ع ۾ مولانا وفائي ”سنجوڳي شيخن“ ۾
دين جي تبليغ جي سلسلي ۾ جدوجهد شروع ڪئي، ڇاڪاڻ
جو هندو ”شڌي تحريڪ“ هلائي، نون مسلمانن ۽ سنجوڳي
شيخن کي برغلائي، ٻيهر هندو ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ سازشون
سـِـٽي رهيا هئا.
سنڌ جي انهن نون مسلمانن ۽ سنجوڳي شيخن کي سرڪاري رڪارڊ ۾، آدمشماريءَ جي
اعتبار کان هندو سمجهيو ويندو هو. هوڏانهن آريه
سماج وارا کين ”مـُـرتـَـد“ سڏيندا هئا، ۽ کين
ٻيهر پنهنجي ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ واجهه وجهي رهيا هئا.
انهيءَ معاملي کي مـُـنهن ڏيڻ لاءِ مولانا وفائي
ڪراچيءَ مان پهريائين لاڙڪاڻي پهتو. لاڙڪاڻي ضلعي
۾ آباد ٿيل ”سنجوڳي شيخن“ ۾ پورا ڇهه مهينا ڪم
ڪيائين. نتيجي ۾ پنجويهه هزار سنجوڳي شيخن، سال
1931ع واري آدمشماريءَ ۾ پاڻ کي مسلمان لکرايو.
ان کان پوءِ سکر پهچي، هفتيوار ”الحزب“ اخبار جاري ڪيائين. اخبار جو سرپرست
سيد حزب الله شاهه راشدي المعروف بـه جيئل شاهه
شهيد هو. مولانا وفائيءَ ست مهينا هيءَ اخبار
هلائي. پوءِ ڪن اَڻ ٽر حالتن سببان اخبار بند ڪري
ڪراچيءَ روانو ٿيو، ۽ ٽيون ڀيرو ”الوحيد“ جون
ذميواريون پڻ سنڀاليائين. سال 1939ع ۾ مولانا
عبيدالله سنڌي (1872ع - 1944ع) سان گڏجي ”عبيد
الاهي تحريڪ” ۾ شامل ٿيو. مارچ 1943ع تائين وري
”الوحيد“ کي ترقي ڏيارڻ ۾ مصروف رهيو. آخر حالتن
جي اِجازت نه ڏيڻ سبب، ”الوحيد“ کان علحده ٿيو،
مگر ماهوار ”توحيد“ کي بنا ناغي ڪڍندو رهيو.
انهن ڏينهن ۾، شهيد الله بخش سومرو (1900 - 1943ع) طرفان جاري ڪيل روزنامه
”آزادي“ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. مولانا وفائيءَ جي
پير پائڻ سان ”آزادي“ بلند درجي تي پهتي ۽ سنڌي
اخبارن ۾ وڏي اهميت واري اخبار ليکجڻ لڳي. هن
اخبار اڳتي هلي هفتيوار صورت اختيار ڪئي، ۽ سال
1948ع کان تا حال باقاعدگيءَ سان نڪرندي پئي اچي.
سنڌ جي هيءَ واحد اخبار آهي، جيڪا خالص ادبي مواد
شايع ڪندي رهي ٿي. حضرت وفائيءَ جو لائق فرزند،
محترم علي نواز وفائي سندس ادارت جا فرائض سرانجام
ڏيندو رهي ٿو.
مولانا وفائي صاحب ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيا، جن مان ڪجهه سندس حياتيءَ ۾ پڌرا
ٿيا. وٽس قلمي ڪتابن جو به وڏو ذخيرو موجود هو.
تاريخ 22 جمادي الثاني 1939هه مطابق ڏهين اپريل
1950ع تي، اڱاري رات، هي عالم سڳورو، 60 ورهين جو
سفر خير خوبيءَ سان پورو ڪري، پنهنجن کان وڇڙي،
وڃي اعليٰ عـِـلـِـييـِـن ۾ هميشه هميشه لاءِ
آرامي ٿيو. مظفر حسين، شفيع محمد ۽ علي نواز نرينه
اولاد ڇڏيائين.
صحافت جي تحريرن کان سواءِ هيٺيان ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيا:
1- اَذڪار حسين رضه (رَدُ شيعه. جواب ”يادگار حسين“).
2 - اِسلامي زندگي (1964ع ۾ شايع ٿيل).
3 - اظهار الڪرامـة في مسئلا الخلافـة و الامامـة (اِسلامي سياست).
4 - اعتقاد صحيح (مذهب اَهل حديث).
5 - الختم عليٰ فم الخصم (رَدُ قادياني).
6 - امداد يتيما
7 - الهام الباري (ترجمو: ”تجريد البخاري“ (ست جـُـلد)، حصو پهريون شايع ٿيل
1952ع، ٻيو حصو 1956ع، ٽيون حصو؟، چوٿون حصو
1962ع، پنجون حصو 1963ع).
8- الهام المبين (ترجمو ”حسن حسين“).
9 - انتخاب صحيح بخاري.
10 - تاريخ محمد صلي الله عليـہ وآلہ وسلم (شايع ٿيل 1930ع).
11 - تذڪره مشاهير سنڌ (پهريون جلد شايع ٿيل 1974ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد).
12 - توحيد اسلام (ترجمو: ”تقويت الايمان“ - اسماعيل شهيد دهلوي، 1921ع).
13 - حيدر ڪرار رضه.
14 - خاتون جنت رضه (شايع ٿيل 1928ع).
15 - راحت الروح تذڪره نوح.
16 - زندگيءَ جو مقصد (فلسفه علم نفس).
17 - سيدنا عثمان رضه (شايع ٿيل 1964ع).
18 - شاهه جي رسالي جو مطالعو (شايع ٿيل 1962ع).
19 - صديق اڪبر رضه.
20 - غوث اعظم رضه (شايع ٿيل 1955ع).
21 - فاروق اعظم رضه (شايع ٿيل 1925ع).
22 - فـُـتوح الغيب (تصوف، نامڪمل).
23 - قرآني صداقت (رَدُ آريه).
24 - لاجواب تحرير (رَدُ آريه).
25 - لطف اللطيف (شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو احوال، 1951ع).
26 - مير محمد عربي صلي الله عليـه وسلم (شايع ٿيل 1947ع).
27 - نو مسلم هندو راڻيون (تاريخ، شايع ٿيل 1928ع).
28 - هندستان، اسلام جي نظر ۾.
29 - هندو ڌرم ۽ قرباني (رَدُ آريه و هنود).
30 - يادِ جانان (احوال: رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجو، 1920ع).
عام طرح وفائي صاحب کي ”تاريخ جو امام“ سڏيندا هئا، انهيءَ لاءِ ته ”تاريخ”
سان کيس گهري دلچسپي هئي. خاص ڪري سنڌ جي تاريخ
بابت وڏي ڄاڻ رکندو هو. حافظو به تيز هوس، جنهن
ڪري تاريخ ساز شخصيتن جون سوانح عمريون لس بيان
ڪري ويندو هو. سندس وڏو ڪارنامو اهو پڻ چيو وڃي ٿو
ته مختلف حادثن ۽ نه وسرندڙ واقعن بابت اهڃاڻ،
صحيح طريقي سان بلڪل درست ۽ پيرائتا ڪري ٻڌائيندو
هو. گهڻن بزرگن جي ولادت ۽ وفات جا سن به برزبان
ياد هوندا هيس.
سادو رهڻ، سادو کائڻ ۽ سادو پهرڻ سندس طبيعت کي ڀانءِ پيل هو. سدائين توڪل
تي گذاريائين، ۽ هميشه قناعت کي ترجيح ڏنائين.
سچ پچ وفائي صاحب ”علم جو ڏيئو“ هو، جنهن جي لاٽ مان ڪيترن علم جي طالبن کي
روشني ملي. ڪتاب ڇپائي بنان نفعي جي وڪرو ڪندو هو،
۽ ڪڏهن به آسودي هجڻ جي هوَس نه رکيائين.
ايترين سارين خوبين واري شخصيت تي جيترو به لکجي، ته به، پورو حق ادا ٿي نه
ٿو سگهي. سندس شاگردن جو حلقو به وسيع هو. مولانا
محمد صادق راڻيپوري ۽ مولانا محمد قاسم مشوري هن
ڏس ۾ سرِ فهرست آهن. مولانا مشوري وٽانئس
”تحريرات“ ۾ ڀـَـڙُ ٿيو. هڪ صحيح مسلمان جي حيثيت
۾، ڳوٺ ڳوٺ وڃي، دين اسلام کي روشناس ڪرائڻ ۾
مولانا وفائيءَ جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.
تبليغ جي سلسلي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي رح جي
ارشاد موجب ڪم ڪندو هو.
سنڌ ۾ اسلامي اصولن جي هن مبلغ کي، اسلامي تبليغ ۽ اشاعت ۾ ڪافي رنڊڪون
پيون، مگر صداقت، سچائي ۽ خلوص جهڙن نيڪ جذبن سان
سدائين اٽل رهيو ۽ ڪڏهن لـُـڏيو به ڪـِـينَ. جڏهن
به ڪنهن هندوءَ کي مسلمان ٿيندو ڏسندو يا ٻڌندو
هو، ته خوش ٿيندو هو. سندس حلقه احباب بلڪل وسيع
هو. سندس دسترخوان امير خواهه غريب لاءِ هڪ جهڙو
هو. برصغير جي مشهور عالمن، شاعرن ۽ طبيبن کان
علاوه ٻين ملڪن جي عالمن ۽ ناميارن شخصيتن سان به
قلمي تعلق قائم رکيائين.
صوم و صلوات جو سختيءَ سان پابند هو. ڪشادي پيشاني، پڪي رنگ ۽ رعبدار چهري
سان، سدائين ٿلهي لباس ۾ ملبوس نظر ايندو هو. هٿ ۾
لڪڻ ۽ شيرواني، پوشاڪ جو حصو هوندي هيس. مٿي تي
تـُـرڪي ٽوپي پائيندو هو. ميندي رَتل سفيد ڏاڙهي،
منهن تي ٺهندي هيس. آواز بلند ۽ دلڪش، گفتار فصيح
۽ بليغ هوندي هيس. پيچدار ۽ مشڪل مسئلا ٿورن لفظن
۾ بيان ڪري ويندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ پير علي محمد
راشديءَ جهڙو مڃيل صحافي ۽ علم جو ڀنڊار به معترف
آهي.
مطلب ته مولانا وفائيءَ ۾ سمورن: عقلي ۽ نقلي علمن کان سواءِ سياسي سوجهه
ٻوجهه به جهجهي هئي. هو وسيع النظر عالم هو. ڪيترن
عالمن ساڻس علمي بحث مباحثا به ڪيا، جن ۾ پاڻ ئي
سوڀارو ٿيو. حنفي عقيدي سان تعلق هوس، ۽ هر وقت
اها ئي ڪوشش رهندي هيس، ته هميشه اهڙي راهه وٺجي،
جنهن ۾ اختلاف باقي نه رهي. علم جي تعظيم ۽ تڪريم
سندس زندگيءَ جو خاص مـَـتو هو. اهل ممات کي
نيڪيءَ سان ياد ڪندو هو. قبرن جي زيارت ۽ ثواب
حاصل ٿيڻ جو قائل هو. توڪل، زهد، حـُـب الله ۽
حـُـبِ رسول الله صلي الله عليـہ وآلہ وسلم - سندس
گفتار، ڪردار ۽ عمل مان واضح هئا. ماڻهن جي طبيعت
کي پرکڻ ۾ مولانا وفائيءَ کي مـَـلڪو حاصل هو.
ڪڏهن به اجائي ۽ بي بنياد گفتگوءَ ۾ وقت نه
وڃايائين. اجاين سوالن ڪرڻ واري تي ناراض ٿيندو
هو. ڪنهن به اعتراض، سمجهاڻي ۽ بحث وغيره ۾ مبالغي
کان ڪم نه وٺندو هو، انهيءَ سلسلي ۾ ٻين کان مدد
وٺڻ ۾ به عار نه ڪيائين.
تقرير جي مقابلي ۾ تحرير کي ترجيح ڏنائين. دوستن جي اسرار تي تقرير ڪندو هو،
ته عالمانه ۽ خطيبانه انداز اختيار ڪندو هو. خاص
ڪري ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ احمد
مجتبيٰ صلي الله عليـہ وآلہ وسلم جن جي سيرت طيبه
بابت روايتن کي ڇنڊي ڇاڻي بيان ڪندو هو. اهڙن
موقعن تي اڪثر ڪري ڳوڙهي اڀياس ۽ اخلاقي قدرن کي
سامهون رکندو هو.
مولانا وفائيءَ کي سنڌ جي قديم ڪـُـتبخانن ڏسڻ جو موقعو مليو، جهڙوڪ: پير
جهنڊو لائبريري (هالا)، مخدوم هالا لائبريري
(هالا)، مخدوم فضل الله لائبريري (پاٽ، دادو)،
جامع راشدي لائبريري (پير ڳوٺ، خيرپور)، مدرسة دار
الفيض سونو جتوئي (لاڙڪاڻو)، مدرسة دارالعلوم
اَمروٽ (شڪارپور)، مدرسة مدينة العلوم ڀينڊو
(حيدرآباد) ۽ مدرسة دارالعلوم رهڙو (ميهڙ، دادو)،
وغيره- انهن مان به استفادو ڪيائين.
”سنڌ سڌار سوسائٽي“ جي بنيادي رڪن ۽ ”سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ شروعاتي ميمبر
جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. سندس ٻيا رفيق: حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي (1882ع 1942ع)، ديوان پرسرام ”ضيا”
(1912ع - 1958ع)، عثمان علي انصاري (1897ع -
1958ع) هئا. سال 1949ع ۾ درسي ڪتابن جي تياريءَ ۾
ڀاڱي ڀائيوار رهيو.
”وفائي“ تخلص سان نظم ۾ به طبع آزمائي ڪيائين. سندس پهريون شعر، سال 1913ع ۾
”السلام“ (ڪراچي) ۾ پڌرو ٿيو. سندس شاعري قومي رنگ
۾ آهي.
ماخذ
1. پنج روزه ”توحيد“ (جلد اول)، رمضان - شوال 1342هه مطابق اپريل - مئي
1924ع
2. سماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر) 3 - 4/1957ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
3. يادگار مولانا وفائي رح - مرتب: علي نواز وفائي، وفائي پبلشنگ هائوس،
سرناگتي بلڊنگ، پاڪستان چوڪ ڪراچي - 1، جون 1973ع.
4. عظيم سنڌي انسان - پروفيسر عبدالغفور سنڌي، ماڊرن بوڪ اسٽور، جاڙل شاهه
لاڙڪاڻو، نواز پرنٽنگ پريس ايمپائر روڊ لاڙڪاڻو،
1981ع
5. اُڻويهين صديءَ جا نثر نويس (ڊي - فـِـل لاءِ ٿيسز) - ميمڻ عبدالغفور
سنڌي، قلمي 1983ع
6. سنڌي رسالن جي تاريخ (1890ع کان 1980ع تائين)- الهررکيو ٻـُـٽُ، سنڌ
پبلشرس حيدرآباد، انڊس پرنٽرس، حيدرآباد سنڌ،
جولاءِ 1981ع
7. هفتيوار ”آزاد“ جا مختلف پرچا.
----------------
سڄڻن جا سنيها
(مهراڻ بابت چند تاثرات)
*
”مهراڻ“ جي مقالا نمبر ۾ چونڊ
چڱي ڪيل آهي. سنڌ بابت ڪافي مواد آندل آهي، جنهن
مان سنڌ جي ڪن گمنام پهلوئن تي روشني پوي ٿي.
جيڪڏهن مقالن کي معياري ماڻ ۾ مـَـئبو ته ”سنڌي
طب“ مڙني کان مٿاهون آهي.
گذارش: هڪ خاص نمبر ”سنڌڙيءَ جا ڳوٺ وسن“ تي شايع ڪرايو وڃي ته تاريخي مواد
۾ اضافو ٿيندو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
(لاڙڪاڻو)
*
سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي معياري ٽماهي، ادبي ۽ علمي
رسالي ”مهراڻ“ سببان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ
رسالو، جنهن سنڌي ادب ۾ شعر ۽ تاريخ ۽ تحقيق کي بي
بها خزانو عطا ڪيو آهي، گذريل 33 ورهين کان،
پنهنجي ادبي معيار کي قائم رکندي، باقاعدگيءَ سان
ڇپجي رهيو آهي.
مهراڻ جو آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر 84ع وارو پرچو اسان جي سامهون آهي، جنهن ۾
17 مقالا، ٽي خاڪا ۽ ڪجهه ادبي خط شايع ٿيل آهن،
جي مواد توڙي زبان ۽ بيان جي لحاظ کان نهايت
معياري آهن.
سنڌي ادب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ آثار قديمه، تحقيق ۽ تنقيد، سياحت ۽ طب جي موضوعن
تي هن پرچي ۾ آيل تحقيقي مقالا نه فقط پڙهندڙن جي
علمي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا، پر محققن لاءِ به نئين
معلومات مهيا ڪري، کين فڪر جي راهن تي اڳتي وڌڻ ۾
مدد ڏين ٿا.
هن رسالي ۾، مرحوم سيد حسام الدين راشدي (سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا)، ڊاڪٽر
غلام علي الانا (سنڌي ٻولي جو موجوده مقام، اُن جو
مستقبل ۽ اُن جي ترقيءَ لاءِ تجويزون)، ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي (سنڌ جا سهروردي بزرگ)، ڊاڪٽر سدا
رنگاڻي (شاهه صاحب جي شعر تي عربي اثر)، محمد
ابراهيم جويو (هو جي هئا هـِـت) ۽ مرحوم رئيس ضياء
ِّالدين بلبل (سنڌي طب) جا ليک اسان جي ادب ۾
قيمتي اضافو ڪن ٿا.
تاثراتي مضمونن ۾ علي احمد بروهي (سيد جمال الدين بخاري بابت) ۽ ايڇ. ايم
خواجه (قاضي فيض محمد بابت) جا مکيه خاڪا پڙهڻ
وٽان آهن.
ايڊيٽوريل ۾، رسالي جي ”ناهموار“ مالي حالتن جي شڪايت ڪندي، قيمت کي ”معقول
حد تائين“ وڌائڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بهتر ٿئي ها،
جيڪڏهن سولائيءَ سان قيمت وڌائڻ بدران، ڪجهه جاکوڙ
ڪري ”مهراڻ“ جي اشاعت ۽ کاپي ۾ اضافو ڪيو وڃي ها.
سرڪاري سرپرستي هيٺ، بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ٽماهي
رسالو لکندڙن کي معقول حد تائين معاوضو به ڏيئي
سگهي ٿو، پر شرط هيءُ آهي ته رسالي کي ڪاروباري
انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ظاهر آهي ته جيئن
رسالو ويندو مهانگو ٿيندو، تيئن خريدار ويندا
گهٽبا. هن پهلوءَ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻيءَ حالت
۾ نتيجو اهو نڪرندو ته ادب کي عام ڪرڻ جون ڪوششون،
رسالي جي ڳري قيمت سببان، ناڪام رهجي وينديون.
اميد ته مهراڻ جو هي ”مقالا نمبر“ به اڳين وانگر ادبي ۽ علمي حلقن توڙي عام
پڙهندڙن ۾ مقبوليت حاصل ڪندو.
لطيف ڊائجيسٽ مئي 85ع
(ايڊيٽر علي احمد بروهي)
*
مهراڻ جو ”مقالا نمبر“ پڙهيم. اهڙي شانائتي شماري
شايع ڪرڻ تي اوهان مبارڪباد جا مستحق آهيو. حقيقت
۾ مهراڻ جو هر شمارو شاندار آهي، جنهن جي ڀيٽ ٻي
رسالي سان ڪرڻ مهراڻ جي معيار کي گهٽائڻ برابر
آهي. سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ تمدن جي مهراڻ جيڪا خدمت
ڪري رهيو آهي، سا مثالي آهي. تازي شماري کان اڳ
”رني ڪوٽ“، ”سنڌي ادب سيمينار“ ۽ ”فهرست“ نمبر به
پڙهيا اٿم. سندن ڪهڙي تعريف ڪريان؟ هر نمبر سنگ
ميل جي حيثيت رکي ٿو. الله اوهان کي سگهه ۽ صحت
ڏيندو ته جيئن اها اعليٰ روايت قائم رکي سگهو.
رني ڪوٽ نمبر ۾ تصويرن جي ڪمي ڏاڍي محسوس ٿي. اهڙي اعليٰ اڏاوت جون هر زاويي
کان ڪڍيل تصويرون شامل ٿيڻ گهرجن ها. پاڪستان
ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان ”فوڪس آن
پاڪستان“ نالي رسالو نڪري ٿو، ان جي جلد 6، نمبر
1، 1984ع شماري ۾ سلمان رشيد ”Romance
of Rannikot“ جي عنوان سان مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ هن رني ڪوٽ جي قلعي جون
بيحد خوبصورت رنگين تصويرون ڏنيون آهن، جيڪي ڏسڻ
وٽان آهن. رني ڪوٽ جي تاريخي عظمت پنهنجيءَ جاءِ
تي، پر هنن تصويرن ڏسڻ سان ئي قلعي جو ڏهڪاءُ پوي
ٿو. منهنجي صلاح آهي ته اوهان ٽوئرزم وارن کان اهي
تصويرون هٿ ڪري، مضمون جي ترجمي سميت، ايندڙ ڪنهن
شماري ۾ شامل ڪيو.
”مقالا نمبر“ بهترين آهي. هر مقالو پنهنجيءَ جاءِ تي علم ۽ تحقيق جو خزانو
آهي. پير صاحب جي مقالي جو غلام محمد لاکي صاحب
ڏاڍو سهڻو ترجمو آهي. مون کي يقين آهي ته هر
پڙهندڙ کي اهو پسند آيو هوندو. مون سستيءَ سبب
لاکي صاحب ڏانهن مبارڪباد ڪانه موڪلي آهي. لاکو
صاحب سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جوخاموش خدمتگار آهي ۽
اڳتي هلي تحقيق جي ميدان ۾، انشاء الله وڏو نالو
پيدا ڪندو. پير صاحب مرحوم سان سندس پرت جو پيچ
پختو آهي. هن کان اڳ سنڌي ادب تي پير صاحب جي
اُردو ڪتاب جو به سنڌيءَ ۾ سهڻو ترجمو ڪيو اٿس.
مون کان لاکي صاحب، پير صاحب جي ٻين فارسي مقالن
جي گهـُـر ڪئي آهي ته جيئن انهن کي به سنڌي ويس
اوڍائي، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري. مان سندس جذبي کي
ساراهيان ٿو. مان تمام جلد پير صاحب جا اڻ ڇپيل
فارسي مقالا ڏانهس اُماڻيندس، مون کي يقين آهي ته
اهي ڇپڻ لاءِ اوهان کي ئي اماڻيندو.
حسين شاهه راشدي
(ڪراچي)
*
مهراڻ جو مقالا نمبر، ما شاء ِّالله، ظاهر و باطن،
ٻنهي طرحن سان سٺو آهي. سنڌ جي مشاهيرن، تاريخ،
تهذيب، تمدن ۽ سنڌي لسانيات تي نهايت مفيد مقالن ۽
معلومات جو مجموعو آهي. مهراڻ جي وسيلي سنڌ جي جا
عظيم الشان تاريخ مرتب ٿي رهي آهي، ان ۾ توهان جو
حصو به اسان جن ٻين بزرگن ۽ دوستن کان گهٽ ناهي.
مان توهان جي بهترين ڪاميابين لاءِ دعاگو آهيان.
ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري
(ڪراچي)
*
مهراڻ جو مقالا نمبر، علمي معيار توڙي پيشڪش جي
لحاظ کان هڪ وڻندڙ شمارو آهي. هن پرچي ۾ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ صاحب جي تحقيقي مضمون جي ڪمي شدت سان
محسوس ٿي آهي. مهراڻ، بيشڪ سنڌي ادب جو تاريخي
دستاويز آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ جو مان
مٿانهون ڪيو بيٺو آهي. شعر و شاعري ۽ ڪهاڻين جي
مواد کي به هاڻي وارو ملڻ گهرجي.
عنايت بلوچ
(حيدرآباد)
*
ٽماهي مهراڻ جو پرچو اڳي کان اڳرو شايع ٿي رهيو
آهي. اوهان معيار قائم رکڻ ۾ هميشه پنهنجي بهترين
صلاحيتن ۽ ڪوششن کان ڪم وٺندا رهو ٿا، مقالا نمبر
ان جو بين ثبوت آهي. ان کان وڌ ڀلا آخر ڪهڙي ڪوشش
ٿي سگهي ٿي، جو ذري گهٽ مڙني نامور محققن ۽ اديبن
جون تحريرون ان ۾ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيو ۽ اهو
خاص پرچو ادب، لسان، تاريخ ۽ ثقافت جو هڪ بيش قدر
مجموعو بنجي سگهيو آهي. ايڏي ضخيم نمبر کي ڏسندي
بي تحاشا توهان کي داد تحسين ڏيڻ تي دل چاهيو ۽ هي
چار سـِـٽون لکي ويٺس.
سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه، سنڌ ۽ ايران جا تاريخي لاڳاپا، شڪارپور جا هندو
شاهوڪار، حضرت نوح نبي جي تاريخي ٻيڙي جي تلاش
وغيره وغيره، تاريخي تحقيق جي باب ۾ چڱا مضمون چئي
سگهجن ٿا، جيتوڻيڪ انهن موضوعن تي مضمون ڪي اڳي به
شايع ٿيل آهن ته ڪن ۾ پيش ٿيل مواد اڪثر ڪتابن ۽
مضمونن ۾ بار بار اچي چڪو آهي. جيستائين مورخ جي
سامهون ڪو صحتمند تاريخي نظريو نه هوندو ۽ زماني
جي ردوبدل ۽ انقلاب جو ادراڪ حاصل نه هوندس،
اوستائين هن جي مضمون مان واقعاتي تسلسل کان سواءِ
ٻيو ڪو به گهرو فهم نڪري نه سگهندو. حامد علي
خانائي صاحب جو مضمون ڪافي معلومات افزا آهي، هو
سنڌ جي پراڻين تهذيبي ۽ علمي جاين جي تحقيق ڪندو
رهي ٿو ۽ حسب دستور هن مضمون ۾ هڪ مزيد اهڙي مرڪز
تي روشني وڌي اٿس. هن پرچي ۾ رئيس ضياء الدين بلبل
مرحوم جو مضمون ٻين سڀني کان وڌيڪ پڙهندڙ جو توجهه
ڇڪي ٿو، جنهن کي گويا مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هن
سنڌ جي قديم طب تي روشني وجهندي نه فقط ان جي
تاريخ بيان ڪئي آهي، بلڪ آڳاٽي زماني جي سـُـتين
ڦـَـڪين، علاج معالج ۽ روايتي طريقن کي علم
الانسان، نفسيات، ملڪي ماحول ۽ ثقافت جي مطالعي جي
روشنيءَ ۾ بحث ڪيو اٿس ۽ ان جي افادي پهلوءَ کي
اُجاگر ڪندي سمجهايو اٿس ته سنڌي طب محض توهمات ۽
رسومات جي پابند ڪانه هئي،جيئن عام سمجهيو وڃي ٿو،
بلڪ اُها سائنٽيفڪ فن طور رائج هئي. البت ڪي
اهڙيون ڳالهيون به ضرور بيان ٿيل آهن، جن کي علمي
طور درست نٿو سمجهي سگهجي، تاهم ان جي هڪ فڪر
انگيز ۽ معلوماتي مضمون هجڻ کان ڪو به انڪار ڪري
نه سگهندو.
ادبي ڀاڱي ۾ چند مقالا خاص طرح سان قابل ذڪر آهن، ليڪن سچ پڇو ته ڊاڪٽر سدا
رنگاڻي خادم جو مقالو ”شاهه صاحب جي شعر تي عربيءَ
جو اثر“ سڄي رسالي جي جان آهي. دراصل هيستائين
لطيف جي علمي تحصيل تي، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيق
۾ ڪو به عالم وڌيڪ اضافو آڻي نه سگهيو هو، ليڪن
ڊاڪٽر سدا رنگاڻي صاحب ڪلام جي اندروني ۽ لساني
شهادتن کي مد نظر رکندي پهريون ڀيرو موضوع تي مدلل
طور بحث ڪيو آهي، جيئن لطيف جا شائقين ۽ پارکو ان
مان فيض حاصل ڪري سگهن.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
(حيدرآباد)
*
اوهان پنهنجي روايت مطابق هن رسالي کي به سهڻي
ترتيب سان سينگاريو آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب تي
چڱو خاصو مواد ڏنو اٿـَـوَ. هونئن ته اِن پرچي جا
سڀئي مضمون پڙهڻ لائق، تعريف جوڳا ۽ سانڍڻ جهڙا
آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ محقق لاءِ مستند مواد جو ڪم
ڏيندا، پر آئون رڳو ان پرچي جي طويل مقالي جو ذڪر
ڪندس، جنهن مون کي هي ٻه لفظ لکڻ لاءِ اڀاريو آهي.
اهو مقالو آهي ”سنڌي طب“، جيڪو مرحوم رئيس
ضياءِّالدين بلبل جو قلمبند ڪيل آهي. بلبل مرحوم
سنڌي ٻوليءَ جو نه رڳو هڪ معروف اديب هو، پر ساڳئي
وقت سنڌي تهذيب ۽ ثقافت تي پڻ سندس ڳوڙهي نظر هئي،
ان جو ثبوت سندس اهو مقالو آهي. خط لکڻ جو مقصد
هيءُ آهي ته ”طب“ جو فن يا علم هڪ مڪمل سائنس جو
درجو حاصل ڪري چڪو آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي
معروف رسالي جي ذريعي علم طب جي ماهرن کي گذارش
ڪندس ته اهي انهيءَ مضمون جو جديد طب جي روشنيءَ ۾
مطالعو ڪن ۽ ان ۾ جيڪي علمي ڳالهيون رهجي ويل آهن،
تن جو احوال ڏئي، ان کي اڳتي وڌائن، ته جيئن اسان
جو اهو علم، جيڪو بيٺل پاڻيءَ وانگر سينوارجي ويو
آهي، تنهن ۾ ان نئين سوچ جي تازي پاڻيءَ جي اچڻ
ڪري، اُهو سينوار اُن مان ٻاهر نڪري ويندو ۽ اُهو
پاڻي اڇو اُجرو ۽ تازو ٿي، وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو.
مراد علي مرزا
(حيدرآباد)
*
ٽماهي مهراڻ جو هر پرچو باقائدگيءَ سان نظر مان
گذرندو رهندو آهي. گذريل چند پرچا ۽ تازو شمارو
خاص نمبرن ۽ موضوعن جي حوالي سان شايع ڪيا ويا
آهن، جيڪا هڪ وڻندڙ ڳالهه پڻ آهي.
هونءَ به ادب جي ڪنهن به صنف تي علمي ۽ تحقيقي سلسلي سان جيڪي به ڪتاب ۽
پرچا شايع ٿيندا، اهي خاطريءَ سان بهترين مواد سان
سينگاريل هوندا، شرط انهيءَ سان ته اهو مواد محنت،
ڪوشش ۽ جذبي سان نه صرف حاصل ڪيو ويو هجي، بلڪ ان
کي سنواري ۽ سينگاري ترتيب سان پيش ڪيو وڃي.
اوهان جو تازو پرچو ”مقالا نمبر“ پڻ پنهنجي طور تي هڪ سٺي ڪوشش آهي. مختلف
موضوعن ۽ عنوانن تي جن به ليکڪن جا مقالا شايع ڪيا
ويا آهن، اهي پنهنجي پنهنجي نوعيت کان سٺي معلومات
مهيا ڪن ٿا، پر جنهن ڳالهه خاص طور تي متاثر ڪيو،
اها آهي اوهان جي ايڊيٽوريل جي اثرائتي ايپروچ.
اوهان سنڌي ادب جي چند مکيه مسئلن، اهلِ سنڌ کي اپيل، پرچي بابت يا ٻين
موضوعن کي زير بحث آڻي جن به حقيقتن جي مختصر طور
تي نشاندهي ڪئي آهي، اهي بلڪل برمهل، وقتائتيون ۽
قابلِ توجهه آهن. سنڌي ادب جي خدمتگذار خانگي توڙي
سرڪاري ادارن جي حوصله افزائي ۽ مالي مدد لاءِ
بااثر ۽ باثروت ادارن ۽ شخصيتن کي گهرجي ته اهي
ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پنهنجو پاڻ موکين ۽
ملهائين. ان کان علاوه سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي
ڊڪليريشن، اشتهارن، پي. آءِ. اي. جي پروازن ۾ سنڌي
اخبارن ۽ رسالن جو رکڻ، سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ
اديبن جي گهربل حوصله افزائي ۽ ڪتابن تي انعامن ۾
برابري جي مسئلن تي اوهان جو نقطه نظر بلڪل کليل ۽
قابلِ توجهه آهي. اوهان جن به ڳالهين تي توجهه
ڇڪايو آهي، اهي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کان علاوه ادب جي
هر شائق جي دل جي ڌڙڪن ۽ احساس آهن.
ادب جي لاتعداد صنفن هئڻ ڪري رسالي کي ڪنهن به هڪ صنف يا موضوع تي نمبر طور
شايع ڪيو ويندو ته ڪا بري ڳالهه ڪانهي، پر ايترو
ضرور خيال رهي ته رسالي جون تقاضائون: مواد ۾
ويرائٽي ۽ مختلف موضوعن تي خاص نمبر ڪڍڻ جي بجاءِ
رسالي کي عام ۽ روايت مطابق ڪڍيو وڃي، جنهن ۾ شعر
و شاعري ۽ ڪهاڻي وغيره کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪجي
ته بهتر.
عابد لغاري
(حيدرآباد)
*
ٽماهي ”مهراڻ“ جو تازو پرچو ڏسي دل کي ڏاڍي خوشي
نصيب ٿي. هونءَ ته مهراڻ جا سڀ مضمون مڙوئي رسيلا
۽ علمي خزاني جا جواهر آهن، پر مون پهرينءَ سـَـٽ
۾ ئي شڪارپور ۽ ”شڪارپورين“ متعلق ٻه مضمون پڙهي
ورتا آهن، خاص طور اهي ٻئي مضمون شڪارپور جي ڪلچر،
زبان ۽ واپار تي هڪ تاريخي مواد جي حيثيت رکن ٿا،
پر ”شڪارپوري“ واري مضمون ۾ جمال ابڙي صاحب جتي
پٺاڻن، شيخن، ميمڻن ۽ سرهين جي ذاتين جو ذڪر ڪيو
آهي، اتي ويچارن سرويچ سومرن جو ذڪر بنهه نه ڪيو
آهي. حقيقت هي آهي ته جيستائين شڪارپور جي سومرن
جو ذڪر نه ڪيو وڃي، تيستائين شڪارپور جو ذڪر
اڻپورو آهي. جيئن ته هي مضمون پراڻو آهي ۽ ٻيهر
شايع ڪيو ويو آهي ته پوءِ ان لاءِ صاحب مضمون کان
نظرثاني ڪرائڻ گهرجي ها. مون کي اميد آهي ته صاحبِ
مضمون کي اوهان منهنجي هن اعتراض کان آگاهه ڪندا.
ٻيو جمال صاحب شڪارپور جي پٺاڻن کي بنهه زميندار ۽ اڻ پڙهيل لکيو آهي، جيڪا
پڻ غلط بياني آهي. گذشته هڪ صديءَ کان شڪارپور جي
پٺاڻن علم ۽ ادب و سياست ۾ جيڪا نمايان خذمت ڪئي
آهي، انهيءَ کان اوهان بخوبي واقف آهيو. آغا غلام
حسين، آغا صوفي، آغا قادر داد خان، آغا بدرالدين،
آغا عبدالنبي عليگ، آغا تاج محمد، آغا محمد يعقوب
۽ آغا غلام نبي پٺاڻ جا نالا ڪنهن تعارف جا محتاج
نه آهن. ڇا، اهي سڀ جاهل هئا؟ اميد ته هن ٻئي
اعتراض تي به اوهان کيس آگاهه ڪري، آئينده ان جي
تصحيح ڪرائيندا.
آغا نور محمد پٺاڻ
(ڪراچي)
وضاحت
*
محترم آغا نور محمد صاحب جو لکيل خط پڙهيم، گهڻو
افسوس ٿيو. صاحب موصوف ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتو آهي.
منهنجو مضمون ”شڪارپوري“ هڪ عام شڪارپوري جي عادات، اطوار، رهڻي ڪهڻي، ٻولي،
پوشاڪ، چال ڍال، سوچ ويچار، ڇنڊ ڦوڪ، سونهن سان
پيار ۽ اٿڻي ويهڻيءَ متعلق آهي. مضمون جو واسطو
خاندانن ۽ شخصيتن سان بنهه ڪونهي ۽ نه قومن سان.
پٺاڻن جي شاندار ماضي، روايتن ۽ مشهور هستين کان
ڪنهن ڪافر کي انڪار آهي. مون ته ڪنهن به شخص يا
خاندان جو ذڪر ئي ڪونه ڪيو آهي، پوءِ آغا صاحب کي
ڇو اچي پنهنجو خاندان سـُـجهيو آهي. مون نه ته سر
غلام حسين جو ذڪر ڪيو آهي، نه شهيد خانبهادر الله
بخش جو، جي تاريخ ساز هستيون ٿي گذريون آهن، نه
خانبهادر محمد پناهه ڊکڻ (سومرو) جهڙي باوقار ۽
مدبر صاحب جو، نه خانبهادر جاڳڻ خان ڀيو جو. پوءِ
ڀلا پٺاڻ صاحبن کي وسارڻ جو سوال ڪيئن ٿو اُٿي.
آغا صاحب خوامخواهه جذباتي ٿي ويو آهي، يا وري احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهي.
مون ڪٿي چيو آهي ته پٺاڻ جاهل آهن. ڏيکاريو ڪو
اهڙو اکر، يا ڪو اشارو، ائين چوڻ ته ٿري ماڻهو
اڻپڙهيل آهن، ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته سڀ ٿري
جاهل آهن، يا سنڌي ماڻهو اڻ پڙهيل آهن جو مطلب ڇا
اهو آهي ته سنڌي جاهل آهن.
سومرن کي منهنجو سلام. پر سومرا جاتيءَ ۾ ڪهڙيون جداگانه ۽ مخصوص عادات ۽
رجحانات آهن، جن جو ذڪر ڪيو وڃي. شريف النفس،
محنتي کٽي، کنهباٽي يا ڊکڻ آهن، ڪوبه سندن مخصوص
انداز نه آهي. آغا صاحب جي ٻڌائي ته اسان جي ڄاڻ ۾
اضافو ٿيندو. مون شيخن، ميمڻن، سـُـرهين ۽ پٺاڻ
ذاتين جو ذڪر نه ڪيو آهي، پر سندن عادتن، رجحانن،
لاڙن ۽ سوچ جو.
بهرحال مون شڪارپور ۾ نهايت مختصر عرصو گذاريو ۽ جيڪي ڏٺم ۽ محسوس ڪيم، تنهن
جو ذڪر ڪيم. آغا صاحب ڀلي ان کي سڌاري، ٺاهي،
وڌائي لکي. ڀلي پٺاڻن جو سڄو شجرو ان ۾ آڻي، تمام
اهم اضافو ٿيندو.
جمال ابڙو
(ڪراچي)
*
سال 1984ع، رسالي ”مهراڻ“ لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيو،
جنهن ۾ هڪ ٻئي پٺيان چار چونڊ نمبر نڪتا. مڙني ۾
”مقالا نمبر“ مثالي آهي.
رسالي ۾ ڏنل سترهن مقالن مان هر هڪ مقالو پنهنجيءَ جاءِ تي شاهڪار جي حيثيت
رکي ٿو. بيشڪ توهان کيرون لهڻيون، جو سنڌي ادب کي
هي معياري نمبر ڏئي، ادب ۾ خاطرخواه اضافو ڪيو
اٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ”مهراڻ“ جي تاريخ ۾
هي ”مقالا نمبر“ اهم جاءِ والاري ٿو.
”سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا“، ”سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام“، ”حضرت نوح جي
ٻيڙيءَ جي تلاش“، ”سنڌي ڪافي“ ۽ ”سنڌي طب“ جهڙن
انمول مقالن گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ کان علاوه
”سنڌ جا سهروردي بزرگ“، ”شڪارپور جا هندو
شاهوڪار“، ”سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه“ ۽ ”شاهه
صاحب جي شعر تي عربي اثر“-- مقالا معلوماتي آهن.
360 صفحن تي ڦهليل، هي ”خاص نمبر“ بار بار پڙهڻ جي قابل آهي. سنڌ جي تهذيب،
ثقافت، سياست، علم ادب، طب ۽ جاگرافي وغيره جي
پوري پوري عڪاسي ٿئي ٿي. انهيءَ لکڻ ۾ وڌاءُ نه
ٿيندو، ته هي سنڌ جو هڪ مڪمل دستاويز آهي. جيڪڏهن
مٿس تفصيل سان تبصرو ڪجي، ته ”مقالا نمبر“ جيان
ٻيو ڪتاب به جـُـڙي وڃي. دعا آهي، ته توهان جي
هيءَ جستجو، اَدبي دنيا ۾ جوڳي جاءِ والاريندي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
(لاڙڪاڻو، سنڌ).
*مقالا
نمبر ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جو مضمون ۽
قريشي حامد علي صاحب جو گچيري تي مقالو وڌيڪ وڻيا.
ڊاڪٽر سدا رنگاڻيءَ جو مقالو ”شاهه صاحب جي ڪلام
تي عربي اَثر“ هن پرچي جي حقيقي جان آهي، ڇو ته
ڊاڪٽر هرومل شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام تي،
هڪ کوجنا پيش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي جي باقي
مضمونن کي پڻ مهراڻ ۾ شايع ڪيو ته جيڪر ڏاڍو سٺو
ٿئي.
اسرار احمد علوي
(راڻيپور، سنڌ)
*
مهراڻ جا سڀئي خاص نمبر- فهرست نمبر، سنڌي ادب
سيمينار نمبر، رني ڪوٽ نمبر ۽ مقالا نمبر سنڌي ادب
۾ دستاويزي حيثيت رکن ٿا. توهان جنهن محنت ۽ محبت
سان، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندا رهو ٿا، ان
لاءِ مبارڪن ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. رسالو
وقت اندر شايع ڪرڻ جي روايت قائم ڪري، توهان مهراڻ
جي هڪ اهم ضرورت جو پورائو ڪيو آهي. سنڌ جي ممتاز
عالم علامه آءِ .آءِ. قاضي جي فڪر، پيغام، فلسفي
۽ سوانح تي تحقيقي مضمون ڏيڻ جي وڏي ضرورت آهي.
اميد ته هن تجويز تي سوچيندا. مقالا نمبر ۾ ڊاڪٽر
سدا رنگاڻيءَ جو مضمون وڌيڪ وڻيو.
عبدالغفار صديقي
(ڄام شورو)
*
”مهراڻ” مقالا نمبر جي
ايڊيٽوريل ۾ سنڌي ادب جي ڪجهه مکيه مسئلن جو واضع
ذڪر ڪري توهان وڏي حق گوئي جو مظاهرو ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا ٻيا به ڪيترائي اهم مسئلا
موجود آهن، جن لاءِ مهراڻ کي پاڻ ملهائڻ کپي، اميد
ته مهراڻ اڳرو رهندو.
نصير مرزا
(حيدرآباد)
*
”مهراڻ“ جي مقالا نمبر ۾ ڊاڪٽر
سدا رنگاڻي جو لطيف سائينءَ تي تحقيقي مضمون ڏاڍو
وڻيو. جيڪو هن رسالي جي سونهن آهي.
انيس ميمڻ
(هالا نوان)
|