سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :14

سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس -- 1938ع

ڪريم بخش خالد

        چوڏهين صدي هجري جي اهم واقعن ۾، پاڪستان جي بڻجڻ کي تاريخي اهميت حاصل آهي. عالمي تاريخي جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته دنيا جي نقشي تي پاڪستان ئي هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو نظرياتي بنيادن تي، انهن ماڻهن جي جدوجهد سببان قائم ٿيو، جيڪي هڪ خاص نظريي تي پختو يقين رکن ٿا، ۽ ان جي حفاظت لاءِ جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ خاطر هر وقت تيار رهن ٿا.

 قديم آثارن جي کوجنا ڪندي، اها حقيقت ثابت ٿي چڪي آهي ته هيءُ ملڪ جاگرافيائي لحاظ کان هميشـه هڪ مليل ۽ گڏيل علائقو رهيو آهي، ۽ هتان جي ماڻهن جون مذهبي ۽ تمدني روايتون گهڻو ڪري هڪجهڙيون ئي رهيون آهن. مقامي خصوصيتن ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن جي فروغ جي محدود وسيلن سببان، انهن ۾ ڪي قدر فرق ڏسڻ ۾ ايندو، پر اهو تفاوت سندن تاريخي لاڳاپن ۾ ڪنهن رخني جو سبب بڻجي نه سگهيو، ۽ هو تاريخ کان اڳ واري دور کان وٺي اڄ تائين مختلف طريقن سان، تسبيح جي داڻن وانگر پاڻ ۾ مليل رهندا پئي آيا آهن، ۽ اهي لڳ لاڳاپا اُنهيءَ وقت لازوال بنيادن تي قائم ٿيا ۽ مضبوط بڻيا، جڏهن 93 هجري (712ع) ۾، مهراڻ جي وادي اسلام جي خورشيد تابان جي روشن ڪرڻن سان منور ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اُتر- اولهه هندستان جو وسيع علائقو توحيد جي نعمت سان سرفراز ٿيو.

 سنڌ -- باب الاسلام

آزاديءَ جي جدوجهد جي مختلف مرحلن ۾، بغاوت، عدم تعاون، ترڪ موالات، سماجي سڌارا، جديد تعليم جو فروغ ۽ انگريز سان سندس ئي داؤ پيچ ذريعي مقابلو ڪرڻ شامل هئا. انهن سڀني تحريڪن ۾، هندستان جي مسلمانن نه فقط ڀرپور حصو ورتو، پر اها حقيقت آهي ته هنن نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا. هن قومي جدوجهد جو آخري مرحلو پاڪستان جي تحريڪ هئي، جنهن ۾ مسلمانن گڏجي، والهانه طور تي، نهايت جوش جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مختلف سوچ ويچار ۽ علائقن سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن، فڪري ۽ عملي وحدت جو مظاهرو ڪيو ۽ قائداعظم جي بي لوث ۽ عهد آفرين قيادت، کين آزادي ۽ ڌار وطن جي خداداد نعمتن سان نوازيو. ان مان اسان کي هيءُ سبق پڻ مليو ته ٻڌي ۽ فڪري ايڪو ئي ڪاميابيءَ ۽ سرفرازيءَ جي ڪنجي آهي. قائداعظم جو هيءُ قول مشهور آهي ته براعظم هند ۾، پاڪستان جي تصور جو بنياد انهيءَ وقت پيو هو، جڏهن هتي پهريون غير مسلم، توحيد جو ڪلمو پڙهي، اسلام جي حلقي ۾ شامل ٿيو هو، ۽ اسان کي معلوم آهي ته اهو تاريخ ساز واقعو سنڌ جي سرزمين تي ٿيو هو، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌ فقط ”باب الاسلام“ ئي نه، پر پاڪستان جو پڻ دروازو آهي. تنهنڪري آزاديءَ جي هلچل ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جي ڏس ۾، سنڌ جي اهميت جي اندازي لڳائڻ لاءِ، قائداعظم جو اهو قول، ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان جدائي

1847ع تائين چارلس نيپئر،سنڌ جو گورنر  رهيو پر سندس وڃڻ کان پوءِ، سنڌ کي بمبئي  پريزيڊنسيءَ ۾ شامل  ڪيو ويو. اهو قدم سراسر انتظامي  ڏاڍ ۽ سياسي سازش  هو. انهيءَ  جوڙجڪ سببان ظلم ۽ ڏاڍ  جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي باشندن جدوجهد شروع ڪئي، سنڌ ۾ مسلمان گهڻائيءَ ۾ هئا، بمبئيءَ سان  ملائڻ  جي ڪري، سنڌ جي ماڻهن  لاءِ نه  فقط انتظامي  دشواريون ۽ تڪليفون پيدا ٿيون، پر نوڪرشاهيءَ  رشوت، رسائي ۽ لاپي جي ڌم لڳائي ڏني، هڪ طرف  بمبئيءَ  جي مارواڙي واڻين  ۽  حڪومت  برطانيه  جي سٽاءَ، سنڌ جي مسلمانن لاءِ، جن ۾ اهي مسلمان به شامل  هئا جيڪي پيڙهين کان  مختلف علائقن  مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا  هئا ۽ مقامي  ماڻهن جي معاشرتي  ۽ تمدني زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو بڻجي چڪا هئا، تن جي لاءِ ڏکيون حالتون پيدا ڪري وڌيون ته ٻئي طرف مسلم اڪثريت کي بي اثر اقليت ۾ تبديل ڪري، هندو غلبي کي هٿي ڏني. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ شبهو ناهي ته هيءُ قدم به انهيءَ مسلم دشمني وارن اپائن مان هڪ هو، جيڪي برطانوي حڪومت، پنهنجي سامراجي عهد جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي پاڪستان قائم ٿيڻ تائين، مسلمانن جي ٻيهر اوسر جي خلاف عمل ۾ آڻيندي رهي.

بمبئيءَ کان سنڌ جي  آزادي، دورس سياسي  اهميت واري هئي، تنهن ڪري انهيءَ  تحريڪ ۾  برطانوي  هندستان جي  ٻين علائقن  جا مسلمان رهنما، سنڌ جي اڳواڻن  سان ٻانهن ٻيلي ٿيا، مثال  طور: حاجي  سر عبدالله  هارون، رئيس  غلام محمد  ڀرڳڙي،شيخ  عبدالمجيد  سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر  محمد ايوب  کهڙو، سيد ميران  محمد شاهه، پير علي  محمد شاهه راشدي، جناب جميشد  نسروانجي ميهتا، سيد غلام  مرتضيٰ شاهه سان گڏو گڏ  قائم اعظم  محمد علي جناح، سر سلطان محمد شاهه آغا خان، ميان سر محمد شفيع، جناب شفاعت احمد خان، صاحبزاده سر عبدالقيوم  وغيره  پڻ انهيءَ  تحريڪ ۾ سرگرم عمل رهيا، پر قائداعظم  جي سياسي بصيرت، حب الوطني جي مستقبل  سان سندس  والهانه دلچسپي، هن معاملي  ۾ سنڌ جي مسلمانن جي ڪاميابيءَ  جو ڪارڻ بڻي، چنانچه جيئن هيءَ  هلچل  منظم نموني  ۾ اڳتي وڌي ته قائداعظم  نهايت  جرئت سان انهيءَ  مطالبي جي پٺڀرائي  ۽ توثيق  ڪندو رهيو، جڏهن ته سنڌ جي هندو مفاد پرستن ۽ بمبئيءَ  جي مارواڙي شاهوڪارن  ان جي کلم کلا مخالفت ڪئي، تقريري  ۽  تحريري معرڪا ٿيا، اخبارن ۾  بيان بازي سان  گڏو گڏ موافقت  ۽ مخالفت ۾ ڪتابچا ڇاپيا ويا. هندن وٽ ان آئيني تجويز  جي خلاف ٻيو ته  ڪو قانوني ۽  تاريخي دليل  ڪو نه هو، انهيءَ  ڪري هنن هروڀرو  انتظامي مونجهارن ۽ مالي کوٽ  جي بنياد تي ، انهيءَ  جائز گهر جي  مخالفت ڪئي،  ۽ بمبئيءَ  جي وڏن آفيسرن  جي ذريعي، جـيڪي سنڌ کي شڪار ، تفريح ۽ ناجائز ڪمائيءَ  جو علائقو سمجهي ويٺا  هئا، گڏيل  مفاد خاطر  غلط رپورٽون  تيار ڪرائي، سنڌ  جي جدائيءَ واري  مسئلي کي سبوتاز ڪندا رهيا، پر قائد اعظم جي تقريرن، بيانن  ۽  مسلم ليگ  جي ٺهرائن  مان ظاهر ٿئي ٿو ته  هند سطح  تي قائد اعظم ۽ مسلم  ليگ  هميشه هن  مطالبي  جي  ڀرپور پٺڀرائي پئي ڪئي.

بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل  هئڻ ڪري سنڌ جا باشندا 1847ع کان 1908ع  تائين انگريزن  ۽ هندو اڪثريت جي ٻٽي غلاميءَ  جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا. جڏهن 1909ع ۾ منٽو- مارلي سڌارن  کان پوءِ ، سنڌ علائقي  جي  چئن  نمائندن کي  بمبئي ڪائونسل  ۾ چونڊجڻ جو حق مليو، ته خوش قسمتيءَ  سان رئيس غلام  محمد ڀرڳڙي به چونڊجي ويو، جيڪو برجستو قومي  ڪارڪن ۽  خود دار  وطن دوست  هو، انهي ڪري بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسئلن  تي بحث  مباحثي جا  امڪان پيدا ٿي پيا، انهيءَ  کان علاوه، سنڌ  ۾ صوبائي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ سببان عوام ۾ سياسي سجاڳي  پيدا ٿي. اهي ڪانفرنسون  سکر (1908ع)، حيدرآباد (1909ع)، لاڙڪاڻي (1916ع)، شڪارپور (1917ع)، ڪراچي (1918ع)، جيڪب آباد (1919ع) ۽ سکر 1920ع) ۾ ٿيون ۽ سنڌ  جي ٻين مسئلن سان گڏ ، بمبئيءَ کان جدائيءَ جي سوال بابت پڻ ماڻهن ۾  جاڳرتا پيدا ٿي.

31- ڊسمبر 1925ع  تي عليڳڙهه ۾ سر عبدالرحيم جي صدارت ۾، ڪل هند مسلم ليگ جي اجلاس  ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان  جدا ڪرڻ جو ٺهراءُ يڪراءَ منظور ٿيو، قائد اعظم، سر علي امام، سر محمد شفيع، مولاناشوڪت  علي، مولانا  محمد علي، سيٺ يعقوب حسن، ڊاڪٽر  سيف الدين ڪچلو، مولانا حسرت موهاني، جناب آصف  علي، جناب آل نبي، جناب تصدق احمد خان شيرواني ۽ صاحبزاده آفتاب احمدخان  بحث ۾  حصو ورتو. ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پيش ڪيو هو.

ان کان پوءِ 1927ع ۾ قائداعظم جي تحريڪ تي دهليءَ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ هڪ آئيني فارمولا تيار ڪيو ويو، جيڪو پوءِ ”دهلي مسلم تجويزون“ جي نالي سان مشهور ٿيو. انهن تجويزن ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جو مطالبو به شامل ڪيو ويو هو. انهيءَ کان علاوه، قائداعظم جي مشهور ”چوڏهن نڪتن“ (مارچ 1929ع) ۾ به اهڙي تجويز شامل هئي.

1928ع ۾ راجا صاحب محمودآباد جي صدارت هيٺ ڪل هند مسلم ليگ جي اجلاس، ۽ 1929ع ۾ دهليءَ ۾ سر آغا خان جي صدارت ۾ ڪوٺايل ڪل هند مسلم ڪانفرنس به سنڌ جي جدائيءَ جي ٺهرائن جي پٺڀرائي ڪئي.

نومبر 1928ع ۾ سائمن ڪميشن جي اڳيان، ڪراچي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ وفد(خانبهادر ولي محمد حسن علي، مير ايوب خان ۽ جناب عبدالرحمان بئريسٽر، ان جا ميمبر هئا)، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ زوردار نموني ۾ ڪيس پيش ڪيو. 7 مئي 1929ع تي بمبئيءَ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سائمن ڪميشن کي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪئي ويئي هئي، پر سنڌ مان نامزد ڪيل هڪ ميمبر سيد ميران محمد شاهه اختلافي نوٽ لکيو، جنهن بابت هن ڄاڻايو آهي ته اهو قائداعظم جي صلاح سان لکيو هئائين.

اهڙين غير يقيني حالتن ۾، 26 مئي 1930ع تي جناب محمد ايوب کهڙي، پير علي محمد شاهه راشدي جي مدد سان، هڪ ڪتاب ”سنڌ جون مصيبتون (Suffering of Sindh) “ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جو مسئلو، تاريخي پس منظر ۽ مضبوط دليلن سان پيش ڪيو ويو هو. عمر جي آخري دور ۾، قائداعظم بابت پنهنجي ياداشتن کي قلمبند ڪندي کهڙي صاحب ڪراچيءَ جي روزانامه”ڊان“ (انگريزي) ۾ لکيو هو ته اهو ڪتاب قائداعظم جي چوڻ تي تيار ڪيو ويو هو.

سکر بيراج جي تعمير

سنڌ جي جدائيءَ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ سکر بيراج جي تعمير جو ذڪر ضروري آهي، ڇو ته سکر بيراج پاڪستان تحريڪ جي استحڪام جو هڪ اهم ستون ثابت ٿيو. قائداعظم ان جي اهميت کان پوريءَ طرح آگاهه هو. 4 فيبروري 1924ع تي، امپيريل ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ قائداعظم سکر بيراج لاءِ سامان جي خريداري بابت حڪومت هند کان سوال پڇيا هئا. بيراج جي اڏاوت جو ڪم 1923ع ۾ شروع ٿي چڪو هو، پر اصل رٿا ۾ اهڙي ڦير ڦار ڪئي ويئي هئي، جيڪا سنڌ جي عيوضين کي پسند نه هئي. قائداعظم جي سوالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ سان سندس دلچسپي فقط ان جي سياسي معاملن تائين محدود نه هئي، پر هو ان جي معاشي مضبوطي ۽ اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ به ايترو ئي فڪرمند هو. گول ميز ڪانفرنس برطانيه سرڪار هندستان کي وڌيڪ آئيني سڌارا ڏيڻ جي سلسلي ۾ 1930ع ۽ 1933ع جي وچ واري عرصي ۾ گول ميز ڪانفرنسون لنڊن ۾ ڪوٺايون. 12 نومبر 1930ع کان 19 جنوري 1931ع تائين، پهرين گول ميز ڪانفرنس منعقد ٿي. برطانوي هندستان مان جن مسلمان عيوضين شرڪت ڪئي، تن ۾ قائداعظم به شامل هو. 20 سيپٽمبر  1930ع تي، ڪراچي ۾ جناب جي.ايم.سيد پنهنجي بنگلي تي، قائداعظم جي اعزاز ۾ عصرانه(شام جي چانهه) جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ علامه آءِ-آءِ قاضي، جناب حاتم علي علوي، جناب محمد ايوب کهڙو ۽ سيد ميران محمد شاهه به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي قائداعظم کي سنڌ جي جدائيءَ واسطي ڪوشش ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح 1 آڪٽوبر 1930ع تي، حاجي سر عبدالله هارون، جناب محمد ايوب کهڙي ۽ جناب جي.ايم.سيد طرفان، قائداعظم ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي مان ۾، ڪارلٽن هوٽل (ڪراچي) ۾ رات جي ماني (ڊنر) جو بندوبست ڪيو، جتي کاڌي کان پوءِ تقرير ڪندي کهڙي صاحب گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي، جنهن لاءِ ٻئي ڏينهن هو انگلينڊ روانا ٿي رهيا هئا، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ واسطي کين عرض ڪيو. گول ميز ڪانفرنس جي دوران، برطانوي هندستان جي فرقيوارانه مسئلن کي حل ڪرڻ، ۽ آئيني سڌارن جي مسودي لاءِ تجويزون مرتب ڪرڻ خاطر، گهڻيئي سب ڪميٽيون ٺاهيون ويون هيون، جن مان هڪ سب ڪميٽيءَ (نمبر9) ارل رسيل جي سربراهيءَ ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جي سوال جو جائزو ورتو. ان ڪميٽيءَ جي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جي مسئلي جي حل ۾ فقط هڪ ئي رڪاوٽ هئي ۽ اُها هيءَ هئي ته بمبئي سرڪار ۽ هندو نمائندا انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏيئي بيٺا ته مالي لحاظ کان سنڌ جو جدا صوبو پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهندو، انتظامي خرچن جو بار کڻي نه سگهندو ۽ هميشه کوٽ ۾ رهندو. هن سلسلي ۾ بمبئي سرڪار جي وفد جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي، جيڪو ڪائونسل جو مسلم ميّمبر ۽ محمدن ائسوسيئشن جو صدر به هو، ۽ بمبئي سرڪار جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر سر غلام حسين هدايت الله شيخ، ٻنهي الڳ الڳ، انگن اکرن ۽ انتظامي نوعيت وارن دليلن ۽ انهيءَ وقت جي ٻين صوبن جا مثال ڏيندي، ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سکر بيراج ٺهڻ کان پوءِ ٿورن سالن ۾ ئي، نه فقط مرڪزي قرض ادا ڪيا ويندا، پر سنڌ مالي لحاظ کان پاڻ ڀرو صوبو بڻجي پوندو.

”رسيل ڪميٽي“ جي رپورٽ مان هي پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته قائداعظم پنهنجي آئيني، منطقي ۽ غير جانبدار دليلن جي ذريعي ڪميٽيءَ جي فيصلي کي سنڌ جي حق ۾ بدلائي ڇڏيو. قائداعظم چيو ته ”جيڪڏهن سنڌ کوٽ وارو علائقو آهي ته پوءِ بمبئي سرڪار هروڀرو ڇو ان کي پاڻ سان شامل رکڻ تي ضد ڪري ٿي؟ مان سنڌ کي جدا صوبائي حيثيت ڏيڻ جي فائدي ۾ آهيان، پر جيئن ته منهنجو تعلق بمبئي سان آهي، انهيءَ ڪري مان بمبئيءَ جي مفاد جي پڻ خلاف ناهيان“. هن تجويز پيش ڪئي ته هڪ مالي ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا صحيح نموني ۾ جاچ پڙتال ڪري ۽ مالي معاملن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪري. هندن انهيءَ تجويز جي مخالفت ڪئي، پر مالي ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي ۽ ان جي رپورٽ موجب بمبئي سرڪار ۽ هندو نمائندن طرفان پيش ڪيل انگ اکر غلط ثابت ٿيا ۽ ڪميٽيءَ سنڌ کي بمبئيءَ جي ڊگهي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جيڪا برطانيه سرڪار طرفان پڌري ڪيل”فرقيوارانه فيصلي“ ۾ شامل ڪئي ويئي ۽ قانون حڪومت هند، مجريه 1935ع هيٺ سنڌ کي جدا صوبو بنايو ويو.

قومي جدوجهد جو آخري مرحلو

گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ قائداعظم لنڊن ۾ ئي ترسي پيو، پر پوءِ مسلمانن جي لڳاتار عرضداشتن سببان وطن واپس آيو. 1934ع جو واقعو آهي ۽ ساڳئي سال جي آخر ۾ مرڪزي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. قانون حڪومت هند مجريه 1935ع جي لاڳو ٿيڻ سببان، هندستان جي سياسي حالتن ۾ ڦيرو اچڻ اڻ ٽر هو، انهيءَ ڪري قائداعظم ان قانون جي ڪن قلمن(سيڪشنس) سان سخت اختلاف هوندي به هندستان جي مسلمانن جي سياسي رهنمائي ۽ نين حالتن جي مقابلي ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي. 1936ع ۾ مسلم ليگ جي نئين سر جوڙجڪ جي سلسلي ۾، ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن جو دورو ڪيو ۽ عام چونڊن لاءِ منشور اهڙيءَ طرح بڻايو، جيئن چونڊن کان پوءِ صوبائي اسيمبلين ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ گڏيل وزارتون ٺاهي سگهن. انهيءَ جو آئيني بندوبست، فرقيوارانه فيصلي (ڪميونل ايوارڊ) ۾ موجود هو. جيئن ته مسلم اڪثريتي صوبن جي اسيمبلين ۾ مسلمانن کي سندن آباديءَ جي تناسب کان گهٽ سيٽون ڏنيون ويون هيون (جهڙوڪ بنگال، پنجاب ۽ سنڌ) جڏهن ته مسلم ٿورائيءَ وارن صوبن جي اسيمبلين ۾ وري کين نسبتاً وڌيڪ نشستون مليل هيون. بهرحال، گڏيل وزارتون ٺهي نه سگهيون، جنهن جو هڪ سبب ته هيءَ هو جو مسلم ليگ چونڊن ۾ ڪا نمايان ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهي، جڏهن ته ڇهن صوبن ۾ ڪانگريس قطعي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. انهيءَ ڪاميابيءَ جي بنياد تي، انهن صوبن ۾ ڪانگريس جماعتي وزارتون بڻايون. باقي صوبن ۾ مسلم جماعتن کي، غير مسلم ميمبرن جي سهڪار سان ئي وزارتون بنائڻيون پيون، جيڪي ڪي قدر ڪمزور ۽ بي اثر ثابت ٿيون.

قانون حڪومت هند مجريه 1935ع هيٺ، سنڌ صوبي قائم ڪرڻ لاءِ ”آرڊر- ِان – ڪائونسل“ جو مسودو 23 - جنوري 1936ع تي پڌرو ٿيو، جنهن موجب پهرين اپريل 1936ع کان سنڌ کي جدا صوبو تسليم ڪيو ويو، ۽ جيستائين نين چونڊن کان پوءِ سنڌ جي آئيني حڪومت وجود ۾ اچي، تيستائين سنڌ لاءِ گورنر مقرر ڪري، سموريون اختياريون کيس سونپيون ويون. کيس ٻه صلاحڪار (سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين) ۽ 25 ڄڻن جي صلاحڪار ڪائونسل ڏني ويئي. پهريون گورنر سر لانسليٽ گرهام مقرر ٿيو، جيڪو پهرين اپريل 1936ع تي بمبئي کان ڪراچي پهتو.

سنڌ ۾ فيبروري 1937ع ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس اپريل 1937ع ۾ ٿيو. سر غلام حسين هدايت الله پهريون وڏو وزير ٿيو، پر هڪ سال ۾ ئي سندس وزارت ٽٽي پيئي ۽ خانبهادر الله بخش سومري، هندو ميمبرن جي سهڪار سان نئين وزارت بنائي.

ائين ته سنڌ ۾، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان 1918ع ۾ مسلم ليگ قائم ٿي چڪي هئي، پر صحيح نموني ۾ هڪ منظم، فعال ۽ متحرڪ جماعت وانگر 1938ع ۾ ئي منظر عام تي نمودار ٿي. انهيءَ ڪري 1937ع جي چونڊن کان پوءِ، اسان ڏسون ٿا ته اسيمبلي ۾ مسلم ليگ پارٽي جو ڪو وجود ڪو نه هو. جنهن جوش، جذبي ۽ ولولي ۽ اُمنگ ۽ آرزو سان صوبائي خودمختياري حاصل ڪئي ويئي هئي، سو جذبو ڄڻڪ ختم ٿي چڪو هو ۽ اُن جي اُبتڙ خود غرضي، سياسي سوديبازي ۽ غير يقيني حالتون پهرين وزارت جي زوال جو سبب بنيون.

بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ، پاڪستان قائم ٿيڻ تائين ڏهن سالن جي صوبائي خود اختياري واري دور ۾، سنڌ کي ڇا حاصل ٿيو ۽ ان ڇا وڃايو، اهو هڪ ڊگهو دکدائڪ ۽ عبرتناڪ داستان آهي. ٿوري ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته قومي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ هندو غلبو برقرار رهيو ۽ مسلمانن جي پٺتي پيل حالت ۾ ڪا نمايان ڪمي ڪا نه ٿي، البته ڪي اهڙا واقعا ضرور ٿيا، جن سببان پاڪستان جي تحريڪ کي هٿي ملي ۽ منزل مراد حاصل ڪرڻ جا امڪان روشن ٿيا. اهڙن واقعن ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو آڪٽوبر 1938ع وارو اجلاس وڏي اهميت رکي ٿو.

ڪراچي ڪانفرنس

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو هيءَ اجلاس قائداعظم جي صدارت ۾ 8-9 ۽ 10 آڪٽوبر 1938ع تي، ڪراچي عيدگاهه ميدان(بندر روڊ) ۾ ٿيو. قائداعظم ريل گاڏيءَ جي ذريعي بمبئيءَ کان ڪراچي پهتو. ٿرپارڪر ضلعي ۾، ۽ پوءِ حيدرآباد کان ڪراچي سٽي اسٽيشن تائين، هر هڪ اسٽيشن تي سندس والهانه استقبال ڪيو ويو. ڊرگ روڊ کان پوءِ سندس گاڏي تي هوائي جهاز جي ذريعي گلن جي ورکا ڪئي ويئي ۽ سٽي اسٽيشن کان، اجلاس جي پنڊال تائين، شاهي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو ڪراچي جي تاريخ ۾ پنهنجو مثال نٿو رکي. انهيءَ اجلاس ۾ هندستان جي گهڻو ڪري سڀني مکيه مسلم ليگي رهنمائن شرڪت ڪئي، جهڙوڪ سر سڪندر حيات (پنجاب)، مولوي ابول القاسم فضل الحق(بنگال)، سردار اورنگزيب (سرحد)، سر سعدالله خان (آسام)، نواب اسماعيل خان (بهار)، چوڌري خليق الزمان، مولانا جمال ميان فرنگي محلي، مولانا شوڪت علي، بيگم مولانا محمد علي، راجا صاحب محمود آباد، سيد سجاد يلدرم (يوپي)، سيد غلام ڀيڪ نيرنگ (انباله)، جناب عاشق علي، وڪيل، (گيا، بهار)، جناب عبدالرؤف شاهه(ناگپور)، خانبهادر پير مريد حسين، سجاده نشين، درگاهه غوث بهاؤالحق زڪريا ملتاني، نواب احمد يار خان دولتانه، ملڪ برڪت علي (پنجاب)، نوابزاده لياقت علي خان وغيره. ان ڪري هيءَ ڪانفرنس ڄڻڪ ڪل هند سطح جي اجتماع جو ڏيک ڏيئي رهي هئي.

صوبائي مسلم ليگ جي صدر، حاجي سر عبدالله هارون پنهنجي مرحبائي تقرير ۾، هندو اڪثريتي صوبن ۾ ڪانگريس وزارتن جي مسلم دشمن سرگرمين ۽ پريشان ڪندڙ واقعن جو ذڪر ڪيو.

انهيءَ کان پوءِ هن چيو ته ”مسلم قوم جي ثقافت، ان جو مذهب ۽ خود ان جو وجود خطري ۾ آهي ۽ هو اڪثريتي فرقي(هندو) مان ڪنهن عدل انصاف جي اميد نٿا رکن . اسان هينئر بلڪل اهڙي هنڌ پهچي چڪا آهيون، جتان اسان کي جدا جدا راهون اختيار ڪرڻيون آهن، ۽ جيسين اهو مسئلو اهڙيءَ طرح حل ٿي نه ٿيو وڃي جو سڀيئي ڌريون مطمئن ٿي سگهن، تيسين هيءَ ڳالهه ڪنهن جي لاءِ به ممڪن ناهي جو هو هندستان کي ”هندو هندستان“ ۽ ”مسلم هندستان“ ۾ الڳ الڳ وفاقي يونٽن طور ورهاڱي ٿيڻ کان محفوظ رکي.

قائداعظم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ اعلان ڪيو ته ”مان برطانوي سياستدان ۽ مدبرن ۽ انهن سان گڏ ڪانگريس جي اعليٰ ڪمان (هاءِ ڪمانڊ)جي ميمبرن جو ڌيان ڇڪائيندي، کين عرض ڪندس ته هو تازي معاشرتي انقلاب، ڦير گهير ۽ انهن جي نتيجن ۽ انجام کي، جيڪي مهاڀاري جنگ جي انديشي پيدا ڪرڻ جو باعث بنيا آهن، غور سان ڏسن، انهن کي سمجهن ۽ نهايت خاموشيءَ سان دل ئي دل ۾ انهن جو تاثر مرتب ڪن.انهيءَ صورتحال جو هڪڙو ئي سبب محض سوڊيٽن(Sudetan)  جرمن هئا، جن کي چيڪوسلواڪيه جي اڪثريت جي ڀاري بار هيٺان ڏاڍ مڙسي ڪري دٻايو ويو هو ۽ کين زور زبردستيءَ سان محڪوم ۽ مضمحل بڻايو ويو، انهن سان برو سلوڪ ڪيو ويو، مٿن ظلم ۽  تشدد ڪيو ويو ۽ ويهن سالن تائين سندن حق پائمال ڪيا ويا ۽ مفاد جو ڪو به خيال نه ڪيو ويو. تنهنڪري ان جو جيڪو لازمي نتيجو نڪرڻو هو، سو ئي ٿيو. يعني جمهوريه چيڪو سلواڪيه ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي هڪ نئون نقشو ترتيب ڏنو ويندو. جهڙيءَ طرح سوڊيٽن جرمن بي يارومددگار ۽ بنا ڪنهن دفاعي قوت جي نه هئا، ۽ ويهن سالن تائين ظلم ۽ تشدد، ڏاڍ ۽ تعدي سهندي به زنده ۽ باقي رهيا، بلڪل اهڙي طرح مسلمان به ته بي يارو مددگار آهن ۽ نه وري پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي قوت کان خالي آهن، ۽ براعظم ۾ پنهنجي قومي وجود ۽ پنهنجي قومي امنگن ۽ تمنائن کان دستبردار ٿي نٿا سگهن.“

ڪانفرنس ”بندي ماترم“ جي تشهير، هندي کي قومي زبان بنائڻ ۽ ”وديا مندر“ اسڪيم رائج ڪرڻ سببان، ڪانگريس کي ننديو، ۽ قانون حڪومت هند مجريا 1935ع ۾ ڪل هند وفاق جي جيڪا اسڪيم شامل ڪئي ويئي هئي، ان جي خلاف نهايت شدت سان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان کي مڃڻ کان بنهه نابري واري.

ڪراچي ٺهراءَ جي عبارت:

10- آڪٽوبر 1938ع تي، قائداعظم جي صدارت ۾، شيخ عبدالمجيد سنڌي جو پيش ڪيل ٺهراءَ، الله اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن جي گونج ۾ منظور ڪيو ويو. انهيءَ تاريخي ٺهراءَ جو متن هن ريت آهي:

جيئن ته انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو هندو - مسلم مسئلي بابت آل انڊيا مسلم ليگ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان انڪار(انهيءَ بهاني سان ته مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي نمائنده ناهي)، ڪانگريس جي انهيءَ عزم کي ظاهر ڪري ٿو ته مسلمان قوم ۾ نفاق پيدا ڪري، انهن تي هميشه لاءِ پنهنجو غلبو برقرار رکي، انهيءَ سان گڏوگڏ هندستان جي اقليتن واري مسئلي جي باهمي رضامندي ۽ پر امن ماحول ۾ حل ڪرڻ جي امڪانن کي هڪ دفعو وري برباد ڪري، جيتوڻيڪ مسلم ليگ گذريل پندرهن سالن کان انهيءَ ڏس ۾ بي نتيجي ڪوششون ڪندي رهي آهي.

جيئن ته ڪانگريس پنهنجي دولت ۽ اخبارن جي ذريعي مسلمان عوام سان سڌي لاڳاپي قائم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي آهي ته جيئن هڪ طرف مسلمانن جو پاڻ ۾ اتحاد ٽٽي پوي ۽ ٻئي طرف دنيا کي اهو گمراهه ڪندڙ تاثر ڏنو وڃي ته ڪانگريس ئي، هندستان جي سڀني قومن جي اڪيلي عيوضي جماعت آهي.

جيئن ته ڪانگريس هندو راڄ قائم ڪرڻ جي نيت سان ڪن صوبن ۾ اهڙيون وزارتون بڻايون آهن، جن ۾ ڪنهن به مسلمان کي شامل ڪو نه ڪيو ويو آهي، يا وري جيڪڏهن(نالي ماتر) ڪو مسلمان وزير کنيو آهي ته اهڙو، جنهن جي پنهنجي مسلم قوم ۾ ڪا حيثيت ڪانهي، جيتوڻيڪ وزارتن بنائڻ جو اهو طريقو حڪومت هند جي قانون مجريه 1935ع ۽ برطانيه سرڪار طرفان جاري ڪيل هدايت نامي جي روح ۽ لفظن جي ابتڙ آهي.

جيئن ته انهيءَ (غلط) طريقي سان قائم ڪيل صوبائي وزارتن اهڙي طرح سان حڪومت هلائڻ جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن مسلمانن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري، سندن حوصله پست ڪن، مسلم ڪلچر جي صحتمند ۽ تعميري اثر کي (هندستان مان) ختم ڪن، مسلمانن جي مذهبي رسم و رواج ۽ سندن ديني ذميوارين ۾ رخنو وجهن، ۽ هڪ جدا قوم جي حيثيت سان سندن سياسي حقن  کي پائمال ڪن.

جيئن ته جمهوريت جي مڃيل اصول جي اُبتڙ، ڪانگريس جي هيءَ ڪوشش آهي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، انهن ۾ به مسلمانن جي سياسي قوت کي اڀرڻ نه ڏنو وڃي ۽ انهيءَ مقصد خاطر ڪانگريس انهن صوبن (جهڙوڪ: بنگال، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ) ۾ به اهڙن گروهن کي برسر اقتدار آڻي رهي آهي، يا انهن سان گڏجي گڏيل وزارتون بڻائي رهي آهي، يا مخلوط وزارتن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، جن گروهن کي مسلمان ميمبرن جي اڪثريت ۽ مسلمان عوام جو اعتماد حاصل ناهي،

جيئن ته ڪانگريس پنهنجي مرڪزي هاءِ ڪمان جي اٿارٽي (اختيار) کي صوبائي وزارتن جي ڪمن تي اهڙيءَ طرح مڙهي رهيو آهي، جيڪو طريقو فقط فاشي آمريتن ۾ رواج ۾ هوندو آهي، ۽ ان طريقي ڪار جو هاڻي اهو نتيجو نڪري رهيو آهي جو پارلياماني رسم رواج ۽ آئيني روايتن کي اُڀرڻ جو موقعو نه ٿو ملي، مسلمانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي ۽ کين پنهنجي جائز حـصي حاصل ڪرڻ کان به محروم رهڻو پوي ٿو ۽ صوبائي وزارتن کي آئين موجب مسلمانن جي حقن ۽ مفادن جي مد نظر، نئين سر بنائڻ کان به صاف انڪار ڪيو ويو آهي،

جيئن ته ڪانگريس فيصلو ڪري چڪي آهي ته:

(الف) مسلمانن جي سخت مخالفت جي باوجود ”وديا مندر اسڪيم“ (هندي ۾ تعليم جو پراڻو هندو طريقو، جنهن ۾ هندو مذهب جو پهلو غالب رهندو آهي) جاري ڪئي وڃي.

(ب) ”بندي ماترم“ جي نغمي کي قومي تراني جي حيثيت سان مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي به مڙهيو وڃي، جيتوڻيڪ ان نغمي سببان مسلمانن جا جذبا ۽ احساس ڏکوئجن ٿا، ان ۾ بـُـت پرستي جا عنصر موجود آهن ۽ ان جي بنيادي نظريي موجب، هيءُ نغمو مسلمانن جي خلاف ڌڪار جو اهڃاڻ آهي.

(ج) هنديءَ کي ديوناگري صورتخطي ۾ هندستان جي قومي زبان  بڻايو وڃي، جيتوڻيڪ اقليتن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي، ڇو ته ان جي ذريعي هندو مذهبي خيال ۽ هندو فلسفو ۽ ثقافت جو ٻج، انساني دماغن ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ هندستان تي برهمڻ ڪلچر جي غلبي جو امڪان روشن ٿئي ٿو.

(د) هندو، اڪثريت جي زور تي مڪاني ادارن ۾ مخلوط (گڏيل) چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن مسلمانن کي صحيح نمائندگي حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ملي.

(5) جتي به ٿي سگهي ته اردو اسڪول بند ڪيا وڃن ۽ اردو تعليم جي حوصلي افزائي نه ڪئي وڃي ته جيئن هندستان مان اردو جو نالو نشان مٽجي وڃي.

(و) تقرير ۽ تحرير ۽ جائز سياسي سرگرمين کي انهيءَ بهاني ختم ڪيو وڃي ته قانون ۽ امن امان(لا ۽ آرڊر) لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.

(ز) مسلمانن جي مذهبي آزادي ۽ رسم و رواج ۾ زور، زبردستي ۽ آتشي هٿيارن جي مدد سان رڪاوٽ وڌي وڃي.

جيئن ته هندستان جي هندو اڪثريت هزارن سالن کان ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي دقيانوسي رسم تي ڪاربند رهي آهي، ۽ اها رسم قوم پرستي، انساني مساوات، جمهوريت ۽ انهن سڀني مهذب عمراني اُصولن جي خلاف آهي، جن کي رواج ۾ آڻڻ جي جدوجهد ڪئي پيئي وڃي، ۽ ڇوت ڇات جي رسم سببان اڄ هندستان جا ڪروڙين انسان اقتصادي ۽ سماجي طور اڻ برابري (ننڍ وڏائي) جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ دائمي غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،

جيئن ته هڪجهڙين اميدن ۽ نظرين جي بنيادن تي، هڪ گڏيل هندستان ۽ متحده قوميت جي اوسر ۽ پکڙجڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي، جنهن جا سبب هي آهن جو هندو اڪثريت جي پراڻي (مذهبي) ڇوت ڇات واري ذهنيت اڃا قائم آهي ۽ هندو اڪثريت مسلمان قوم جي بدخواه ثابت ٿي چڪي آهي، ان کان سواءِ انهن(هندو ۽ مسلمانن) ۾ مذهب، زبان، رسم الخط، ثقافت، سماجي ۽ تمدني روايتن، نظرياتي لاڙن ۽ زندگي جي مقصدن ۾ بنيادي فرق آهي، ۽ ڪن علائقن ۾ ته نسلي فرق به آهي،

انهيءَ ڪري هيءَ ڪانفرنس نهايت ضروري سمجهي ٿي براعظم (هندستان) ۾ دائمي امن، ۽ هندن ۽ مسلمانن ۾ آزادي سان ثقافتي ترقي، اقتصادي ۽ سماجي سڌاري ۽ سياسي خودارادي جي حق حاصل ڪرڻ خاطر، آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪئي وڃي ته انهيءَ ڳالهه تي نئين سر غور ڪري ته، هندستان لاءِ ڪهڙو مقام حاصل ٿي سگهي ۽ پنهنجي لاءِ اهڙي آئيني رٿا تيار ڪري، جنهن موجب مسلمان قوم مڪمل طور تي آزادي حاصل ڪري سگهي.

انهيءَ سان گڏوگڏ، هيءَ ڪانفرنس ڪل هند گڏيل وفاق(فيڊريشن) کي، جنهن جي لاءِ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي، سختيءَ سان نا منظور ڪري ٿي، ۽ برطانيه سرڪار کان مطالبو ڪري ٿي ته انهيءَ قانون کي عمل ۾ آڻڻ کان پاسو ڪري، ڇو ته هن ايڪٽ ۾ پيش ڪيل رٿ هندستان جي عوام ۽ خاص ڪري مسلمانن لاءِ نقصانڪار آهي.

”آخر ۾ هيءَ ڪانفرنس اعلان ڪري ٿي ته هندستان جا مسلمان اهڙو ڪو به آئين قبول نه ڪندا، بشرطيڪ انهيءَ جو بنياد، هن ٺهراءَ ۾ بيان ڪيل اصولن تي ٻڌل هجي، ۽ مسلم ليگ جي صلاح مشوري ۽ ان جي منظوريءَ سان تيار ڪيو ويو هجي“.

هيءَ ٺهراءَ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ايم-ايل-اي(سنڌ) پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد خانبهادر مشتاق احمد گورماني، ايم-ايل-اي (پنجاب) ڪئي. ان جي وڌيڪ تائيد حاجي سر عبدالله هارون، ايم - ايل- اي (مرڪز)، سيد عبدالرؤف شاهه، وڪيل، ايم-ايل-اي (سي- پي) ۽ مولانا عبدالحامد بدايوني(يو -پي) ڪئي.

حالات حاضره بابت شايع ٿيندڙ هڪ رسالي ”دي انڊين اينيوئل رجسٽر“  (The Indian Annual Register)  انهيءَ ٺهراءَ کي نهايت اهم سمجهي، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.”ٻه وفاق - مسلم ۽ غير مسلم“ جي عنوان سان تبصري ۾ لکيو ويو ته ثقافت جي نالي ۾ نئين مسلم قيادت ڪنهن شيءِ جي لحاظ ڪرڻ کان سواءِ ملڪ کي هندو ۽ مسلم يونٽن ۾ ورهائيندي. اسان يورپ ۾ رونما ٿيندڙ هڪ اهڙي واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندا رهندا آهيون، جيڪو انهن(مسلم قيادت) کي سوچڻ تي اڀاري ٿو، بلڪه سندن همت افزائي ڪري ٿو ته جيئن سوڊيٽن جرمن چيڪوسلواڪيه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، اهڙيءَ طرح هندستان جا مسلمان به هندستان ۾ انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ ۾ حق بجانب ٿيندا، جتي مسلمان گهڻائيءَ ۾ آباد آهن. قومن جي حق خودارادي جي نالي ۾ سوڊيٽن علائقو  چيڪو سلواڪيه کان ڪٽجي، الڳ ٿي ويو، تنهنڪري انهيءَ اصول جي نالي ۾ مسلمان، هندستان جي قلب ۾ مسلم رياستن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا، پوءِ کڻي هندستان جي هڪ نئين نقشي تي، انهيءَ اسڪيم کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ لامحدود تبادلي جي ضرورت ئي ڇو نه پوي. اهڙي قسم جي خواهش ۽ آرزوءَ جو ئي نتيجو آهي ۽ اهو ئي سمورو جذبو آهي، جو سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي آخري اجلاس ۾ 10 آڪٽوبر 1938ع تي جناب محمد علي جناح جي صدارت ۾، مٿي ڄاڻايل مقصدن تي ٻڌل هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

حاجي سر عبدالله هارون ۽ سندس ساٿي(جن جا نالا پنهنجي مرحبائي تقرير ۾ ڄاڻايل اٿس) شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، جناب محمد هاشم گزدر، جناب جي. ايم. سيد. ملڪ عبدالعزيز، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جناب ايم. ايم خالق، مير غلام علي ٽالپر، مولوي عبدالحي حقاني، سيد محمد اسلم، جناب آغا، حاجي عبدالعزيز، جناب يوسف هارون ۽ پير علي محمد راشدي، (جيڪو اُن ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري هو) خاموش ٿي ڪو نه ويٺا.

ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ، 7- نومبر 1938ع تي حاجي سر عبدالله هارون، قائداعظم جي تقرير ۽ ڪانفرنس ۾ يڪراءِ پاس ٿيل ٺهراءُ جا نقل، هزهائينس سر سلطان محمد شاهه آغا خان ڏانهن اُماڻيا ۽ خط ۾ اُنهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته”مسلم ليگي حلقا گهڻي سنجيدگيءَ سان مسلم رياستن ۽ صوبن جي هڪ الڳ وفاق(فيڊريشن) حاصل ڪرڻ جي امڪانن تي سوچ ويچار ڪري رهيا آهن ته جيئن هميشه هميشه لاءِ، اسان هندن جي ظلم، غلبي ۽ استحصال کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون.“

آغا خان کيس نهايت مدبرانه جواب ڏنو. پنهنجي خط مورخه 20 ڊسمبر 1938ع ۾ هزهائينس لکيو ته”هندو - مسلم لاڳاپن جي باري ۾ اسان سڀ هڪ امڪاني حل جي مرحبا ڪنداسين. ڇا اوهان جي ليگ، مسلمانن جي قطعي ۽ آخري پاليسي جي حيثيت ۾ ”پاڪستان“ جي مقدمي جي پيروي ڪرڻ تي آماده آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ عام راءِ کي آهستي آهستي جيتري قدر جلد هموار ڪيو وڃي اوترو بهتر آهي.“

لاهور جو ٺهراءُ

سر آغا خان جي صلاح تي پوريءَ طرح عمل ڪيو ويو. حاجي سر عبدالله هارون هن ڏس ۾ تحرير ۽ تقرير جي ذريعي عام راءِ کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خود قائداعظم سنڌ جي اهم شهرن(سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص) جو دورو ڪيو ۽ هندستان جي مختلف علائقن ۾ به، سنڌ صوبي وانگر، عوامي رابطي جي مهم شروع ڪئي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ جي مقبوليت ۽ قوت ۾ نمايان واڌارو ٿيو. هڪ صوبي(سنڌ) جي عوام، انهيءَ نظريي (الڳ وطن) جي تائيد ۾ ٺهراءُ به پاس ڪيو ۽ ڪل هند مسلم ليگ جي ڪاروباري ڪميٽي(ورڪنگ ڪميٽي) ۽ ڪائونسل 27 آگسٽ، 17 سيپٽمبر ۽ 22 آڪٽوبر 1939ع تي ۽ 19 فيبروري 1940ع تي انهيءَ ٺهراءُ جي اغراض و مقاصد تي وڌيڪ سوچ ويچار ڪيو. انهيءَ پس منظر ۾ 22-33 ۽ 24 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ڪل هندو مسلم ليگ جي ستاويهين اجلاس ۾ اهو تاريخي ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو ويو، جنهن کي اڄڪلهه ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ چيو وڃي ٿو ۽ جنهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن کي پنهنجي آزاديءَ جو چٽو ۽ پڌرو تصور ڏنو ۽ سياسي منزل جو صحيح رخ ڏيکاريو ته جيئن آزاديءَ جي تحريڪ کي انهيءَ هڪ ئي نصب العين حاصل ڪرڻ لاءِ  وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.

هيءُ اجلاس ڏاڍو مهلائتو ٿيو. برطانيا سرڪار اعلان ڪيو هو ته قانون حڪومت هند مجريه 1935ع ۾ جنهن پاليسيءَ جو ذڪر ويو هو، ان ۾ ترميم ضروري ٿي پيئي آهي. انهيءَ قانون ۾ ”وفاق هند“  واري تجويز کي اڳيئي ملتوي ڪيو ويو هو، ۽ هر هڪ نئين تجويز ۾ مسلمانن جي نقطئه نظر تي غور ڪرڻ ضروري سمجهيو پئي ويو. انهيءَ ڪري موقع محل جي مناسبت سان، اهو ضروري ٿي پيو هو ته جنهن قسم جو آئين مسلمانن چاهيو ٿي، ان جي وضاحت ڪئي وڃي. لاهور جي ٺهراءَ جو اهو ئي مقصد هو. ان مان صاف پڌرو ٿو ٿئي ته هن براعظم(هندستان) جي اتر الهندي ۽ اوڀرندي حصن کي، جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي،  اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو وڃي ته جيئن اهي آزاد رياستن جا آئيني يونٽ(وحدتون) بڻجي پون، جيڪي پنهنجي سر خودڪار ۽ خودمختيار هجن.

ان ٺهراءَ جي عبارت هن طرح آهي:

”جيئن ته ڪل هند مسلم ليگ جي هن اجلاس جو هيءُ سوچيل سمجهيل فيصلو آهي ته هن ملڪ ۾ هر آئيني تجويز انهيءَ وقت تائين ناقابل عمل ۽ مسلمانن کي منظور نه هوندي، جيسين ان جي جوڙجڪ هنن بنيادي اصولن تي مبني نه هوندي يعني سڀني جغرافيائي طور ڳنڍيل وحدتن (يونٽن) جي، علائقن وانگر حد بندي ڪئي وڃي ۽ مناسب نموني ۾ ڦير گهير ڪري، انهن کي اهڙيءَ طرح جوڙيو وڃي جو جن ايراضين ّ۾ مسلمان تعداد جي لحاظ کان گهڻائيءَ ۾ آهن، جيئن هندستان جي اتر الهندي ۽ اڀرندي علائقن ۾، اهڙين ايراضين کي ملائي، آزاد آئيني رياستون بڻايون وڃن، جيڪي خودمختيار هجن، جن ۾ شامل وحدتون (يونٽ) خودمختيار ۽ مطلق حاڪم هجن“.

انهن وحدتن ۽ علائقن جي آئين ۾ اقليتن جي لاءِ، انهن جي صلاح مشوري سان، سندن مذهبي، تمدني، اقتصادي، انتظامي، سياسي ۽ ٻين حقن ۽ مفاد جي معقول، اثرائتي ۽ قانوني بچاءَ جو خاص انتظام ڪيو وڃي، ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾، جتي جتي مسلمان ٿورائيءَ ۾ آهن، انهن ۽ ٻين اقليتن جي لاءِ، انهن جي صلاح مشوري سان، سندن مذهبي، تمدني، اقتصادي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفاد جي معقول، اثرائتي ۽ قانوني بچاءَ جو خاص انتظام ڪيو وڃي.

”هيءُ اجلاس مجلس عامله (ورڪنگ ڪميٽي) کي اختيار ڏئي ٿو ته مٿي ڄاڻايل بنيادي اصولن مطابق هڪ اهڙو آئيني طريقه ڪار تجويز ڪري، جنهن موجب ٻنهي حلقن کي ڪلي اختيارات مثال طور دفاع، پرڏيهي معاملا، مواصلات، محصول ۽ ٻيا اهڙا اختيار حاصل ٿين.“

هيءُ تاريخي ٺهراءُ 23 مارچ 1940ع تي، بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد گهڻن ئي رهنمائن ڪئي، جن جو تعلق مختلف علائقن سان هو. سنڌ مان خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جناب عبدالمجيد شيخ ۽ جناب جي.ايم.سيد انهن مقتدر ۽ معزز ماڻهن ۾ شامل هئا، جيڪي شه نشين(ڊائس) تي ويٺل هئا. سر عبدالله هارون پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اها حقيقت آهي، ۽ سڀ ان کان واقف آهن ته مسلمان سنڌ جي رستي کان هندستان ۾ آيا. سڀ کان اول سنڌ جي مسلمانن اڳيان اهو مسئلو آيو، جيڪو هينئر مسلم ليگ جي سامهون آهي. 1938ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ اتر اوڀر وارين مسلم گهڻائيءَ وارين ايراضين ۾ آزاد رياست قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو هو، انهيءَ کان پوءَ اڄ تائين جدا جدا دستوري اسڪيمون ۽ تجويزون بڻايون ويون، جن تي سوچ ويچار ٿيندو رهيو، ۽ آخر ۾ اڄ هيءُ ٺهراءُ پيش ٿيو آهي، مسلمانن جو فرض آهي ته ان کي بنا ڪنهن هٻڪ جي منظور ڪن.

قرارداد لاهور کان قيام پاڪستان تائين:

انهيءُ ٺهراءُ کي 24 مارچ 1940ع تي يڪراءِ منظور ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو، پنهنجي قومي حيثيت کي اُڀرندي ۽ قومي وقار ۾ واڌاري جي امڪانن کي روشن ٿيّندو ڏسندي، هو عزم ۽ استقامت جرئت ۽ استقلال جا پيڪر بڻجي پيا. ٻن صدين جي ٻٽي غلاميءَ مٿن مايوسي، نااميدي ۽ بيوسيءَ جي جيڪا ڪيفيت مڙهي ڇڏي هئي، سا هڪ ئي سٽ سان ختم ٿي ويئي. 1940ع کان 1947ع تي تائين، انگريزن پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهڻيئي رخ بدليا، پر خوشامد، نرمي، لالچ، وحشت ۽ بربريت جو ڪو به رنگ ۽ روپ سود مند ثابت نه ٿيو.”ڪريس تجويزون“، ”هندستان ڇڏي وڃو“ هلچل، ”ويول منصوبو“، ”شمله ڪانفرنس“ ۽ ”وزارتي مشن“ کان پوءِ، پاڪستان جي تحريڪ وڌيڪ اثرائتي نموني ۾ اُڀري، ۽ قائداعظم جي مدبرانه قيادت ۽ رهنمائيءَ ۾، مسلمان اهڙيءَ طرح متحد ۽ منظم ٿي اڳتي وڌيا، جو سندن جمال ۽ جلال جو تاب ڪو به سهي نه سگهيو ۽ هنن ستن سالن، چئن مهينن ۽ ٻاويهه ڏينهن جي مختصر ۽ بي مثل جدوجهد کان پوءِ آزادي حاصل ڪئي، پاڪستان بڻيو ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ وڌيڪ مسلم ملڪ جو اضافو ٿيو. هيءُ نئون ملڪ ضرور هو، پر هتي جي ماڻهن جي تاريخ تمام آڳاٽي ۽ سندن روايتون تمام جرڪندڙ ۽ قابل رشڪ آهن.

(بشڪريه: قائداعظم اڪيڊمي، ڪراچي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com