سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :25

سر حاجي عبدالله هارون

جي. ايم. سيد

سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۾، رئيس مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ کان پوءِ، مسلمان واپاري طبقي مان سيٺ حاجي عبدالله هارون مکيه جاءِ والاري ٿو. سنڌ جي اڪثر مسلمان سياستدانن کي ملڪ ۽ قوم جي فائدي جو اونو نه پئي رهيو آهي. انهن مان گهڻن کي ذاتي عزت، فائدي ۽ وقار جو اونو زياده پئي رهيو آهي. اهڙي قحط الرجاليءَ جي حالت ۾، سيٺ صاحب جهڙي مخلص قومي ڪارڪن جو وجود غنيمت هو. سندس حياتيءَ جو احوال ميان محمد شفيع لکي ڇپايو آهي، جنهن مان ڪافي مواد ملي ٿو. پر ههڙي مکيه ڪارڪن جي مفصل سوانح عمريءَ لاءِ وڏي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. افسوس آهي ته آئون اهو فرض ادا ڪري نٿو سگهان. بهرحال، هتي سندس زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.

خاندان جو احوال: حاجي صاحب اصل ڪڇ جي لوهاڻه هندن مان مسلمان ٿيل مومن (ميمڻ) جماعت جو فرد هو. سندس ڏاڏي جو نالو ميان حسن هو. ان کي ابوبڪر نالي فرزند ٿيو. اهو اول ۾ واپار سانگي بمبئي علائقي جي پونا شهر ۾ ويو، جتي ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ بعد موٽي واپس ڪڇ پهتو ۽ اتي رهندو هو. ان کي ميان هارون نالي فرزند ٿيو، جو سنڌ تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ بعد 1858ع ڌاري واپار جي خيال کان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن بمبئيءَ جي طرف کان ڪيترا تاجر لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا، جن ۾ علوي فيملي وارا بوهرا ۽ ڊنشا فيمليءَ وارا پارسي به اچي وڃن ٿا.

سيٺ هارون ٽي شاديون ڪيون هيون، جن مان کيس ٻه فرزند ٿيا: (1)محمد عثمان ۽ (2) ميان عبدالله. هتي سيٺ عبدالله جي زندگيءَ جو احوال ڏجي ٿو.

ميان عبدالله، سيٺ هارون جي ٻي نمبر گهرواريءَ حنيفه ٻائيءَ مان، 1872ع ڌاري ڄائو هو. بدقسمتيءَ سان، اڃا هي چئن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد 1876ع ۾ وفات ڪري ويو. اُن وقت سندس والده ارڙهن سالن جي هئي، هي ان جي سنڀال هيٺ رهيو. سندس وڏو ڀاءُ، سيٺ عثمان ۽ سندس همشيره علحده رهڻ لڳا. سندس پرورش، تعليم ۽ تربيت جو سمورو بار والده تي پيو. سندس والده ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته باوجود ننڍيءَ عمر جي، سمجهدار، خوددار، سليقي ۽ همت واري عورت هئي، جنهن هن کي ساهه سان سانڍيندي به ڪڏهن البيلو ۽ ڇڙواڳ ٿيڻ نه ڏنو.

پهريائين هن کي هڪ گجراتي اسڪول ۾ ويهاريائين ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ پڙهايائين. پر مالي حالت ٺيڪ نه هئڻ ڪري، وڌيڪ تعليم ڏياري نه سگهي. پنج درجا پڙهڻ بعد،کيس اسڪول مان ڪڍي، ڪجهه سامان وٺي، ڦيريءَ ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ ڏنائين. اول ۾ هي هڪ جيڏن جي سامهون ڦيري ڪري وڪڻڻ ۾ ذرا لڄي ٿيڻ لڳو، پر آهستي آهستي همت جهلي، وڪرو ڪري، ڪمائيءَ جي رقم آڻي والده جي اڳيان رکندو هو. ان کان پوءِ، پنهنجي ڀيڻوئي سيٺ صالح محمد وٽ چئن رپين جي پگهار تي نوڪريءَ ۾ بيٺو، جتي کيس واپار جي ڪم جي چڱي تربيت ملي.

واپاري زندگي:  ٿوري وقت کان پوءِ هن پنهنجو دڪان ڪڍيو. تفصيل سان احوال معلوم ٿي نٿو سگهي، پر سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته 1896ع ڌاري، هن پنهنجو جدا ڪاروبار هلائڻ شروع ڪيو هو، ۽ 1909ع ڌاري، مسلسل محنت، جفاڪشي ۽ هوشياريءَ سان چڱو پيسو گڏ ڪري ويو، ۽ نيپئر روڊ تي ڪوٺي وٺي ڪم ڪرڻ لڳو. سن 1910ع ڌاري، رنڇوڙ لائين ۾ جايون خريد ڪيائين. سن 1911ع ۾، وڪٽوريا روڊ تي جدا بنگلو خريد ڪري، ان ۾ رهڻ لڳو. پهرينءَ جنگ جي زماني ۾ کنڊ جي اگهن چڙهي وڃڻ ڪري، هن چڱي ملڪيت ڪمائي. ان کان پوءِ کيس واپار ۾ ٻه دفعا مشڪلاتون سامهون آيون، پر همت ۽ استقلال سان وري پاڻ کي سنڀالي ويو.

واپار ۾ سندس ترقيءَ جا مکيه ڪارڻ هيٺيان چوڻ ۾ اچن ٿا:

(1) واپار مان پنهنجي ڪمائيءَ کي خيال ۾ رکي خرچ ڪندو هو. ڪن ماڻهن کي پيسي هٿ اچڻ بعد فضول خرچيءَ جي عادت پئجي ويندي آهي، تنهن کان هيءُ آجو رهيو. اول ۾ پنڌ ڪري آفيس ويندو هو. شاهوڪار ٿيڻ بعد گهوڙا گاڏي رکيائين، سا به اڪثر ڪري والده جي سواريءَ لاءِ ڪتب آڻيندو هو.

(2) موڙيءَ کي نظر ۾ رکي واپار ڪندو هو. ڪڏهن به گهڻي نفعي جو حرص ڪري، وت کان ٻاهر قدم کڻي واپار نه ڪيائين.

(3) ڪمائيءَ بعد زڪوات ڪڍي جدا رکندو هو. ان پيسي کي اُڌار طور به پنهنجي ڪتب نه آندائين.

(4) ڪفايت شعاريءَ سان گڏ، واپار ڪرڻ جي اهليت ۽ تجربو به هوس، جنهن ڪري تڪڙ ۾ شاهوڪار ٿيڻ جي عيوض، ڳڻي ڳوتي ڪم ڪندو هو.

اهڙيءَ ريت تجارت ڪرڻ ڪري، هي انهيءَ حيثيت ۾ آيو، جو ولايت مان سڌو کنڊ گهرائڻ لڳو ۽ ڪمايل پئسي مان جڳهيون خريد ڪيائين. آخر موتيپور ۾ ڪماند جي پوک لاءِ زمين خريد ڪري، پنهنجو کنڊ جو ڪارخانو کوليائين، جو پوءِ ڀائيوارن سان نه ٺهڻ ۽ ڪثرت ڪاروبار ڪري وڪرو ڪري ڇڏيائين. واپار ۽ ڪارخانن بابت ڪيئي تجويزون تيار ڪيون هئائين، پر انهن کي عمل ۾ آڻڻ کان اڳ وفات ڪري ويو. آخر ۾ گهڻي ملڪيت ۽ هلندڙ ڌنڌو اولاد لاءِ ورثي ۾ ڇڏي ويو.

شخصي زندگي: سندس پهرين شادي، رحيما ٻائيءَ سان، سن 1888ع ڌاري ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ڄائي. 1889ع ۾، والده سان گڏ حج ۽ حرمين شريف جي زيارت ڪري آيو. ٻي شادي، 1895ع ۾ پنهنجن عزيزن مان رابعه ٻائيءَ سان ڪيائين.

1890ع ڌاري، مامي سان گڏجي، آسام ۾ واپار لاءِ ويو، ۽ اتان واپس اچڻ تي پنهنجو واپار ڪرڻ شروع ڪيائين. 1892ع کان پاڻ بليرڊ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو، انهيءَ ڪري، جڏهن 1907ع ۾ ڪراچي ڪلب برپا ٿي ته ان جي قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتائين.

سندس ٽين شادي، بيگم نصرت سان، 13- نومبر 1913ع تي ٿي. اهو سال سيٺ صاحب لاءِ سڀاڳو ثابت ٿيو، جنهن کان پوءِ سندس زندگيءَ جو نئون ورق وريو.

”هر گياهي ڪه به نوروز نجنبد، خسپ است!“

واپار مان پيسو ڪمائي، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو هو. ڦوهه جواني هيس. عين انهيءَ وقت، پريم، واسو ڏيئي، هن عقد لاءِ آماده ڪيس. بيگم صاحبه پڪيءَ اهل تشعيت جي خاندان مان هئي. حاجي صاحب ڪٽر سـُـني گهر مان هو، پر حضرت عشق انهن آهني ديوارن کي ٽاڪڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ڪئي. شادي ٿي، گهر ۾ خوشيءَ ۽ آرام جو دروازو کلي پيو. پوءِ حاجي صاحب هڪ مـَـنو ٿي، واپار توڙي سماجي، تعليمي ۽ سياسي سرگرمين ۾ مشغول ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. گهر جي سموري ڪاروبار کي دست ڪرڻ، زندگيءَ کي پـُـرامن ۽ معنيٰ خيز بنائي، خوشيءَ جي خزاني ميسر ڪرڻ ۾ بيگم صاحبه نهايت خوش اصلوبيءَ سان پارٽ ادا ڪيو. 1915ع ۾، ان مان کيس پهرين نياڻي، دولت خانم پيدا ٿي. ٻئي سال، 1916ع ۾ پهريون فرزند يوسف تولد ٿيو.

1925ع ۾، خاندان سميت، بغداد، ڪربلا موليٰ، نجف اشرف وغيره جي زيارتن لاءِ ويو، ۽ خير سان واپس آيو.

1926ع ۾، سندس والده وفات ڪئي.

1932ع ۾ کيس K.T. (سر) جو خطاب مليو، ۽ سندس وڏي فرزند، يوسف هارون جي، آغا خان جي ڪٽنب مان شادي ٿي.

1939 ۾ پوئينءَ شاديءَ مان پهرينءَ نياڻيءَ نصرت بيبيءَ جي شادي انور حسين هدايت الله، سر غلام حسين جي وڏي فرزند سان ٿي.

سياسي زندگي: ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حاجي صاحب مڪاني سياست ۾ 1901ع کان دلچسپي وٺڻ لڳو، ۽ پبلڪ ميٽنگن ۾ وڃڻ شروع ڪيائين. شهر جي مکيه ماڻهن سان 1910ع ۾، سر آغا خان سان گڏ ڪڍايل فوٽي ۾ ويٺل ڏسجي ٿو: ان مان اهو مطلب نڪري ٿو ته ان وقت پاڻ شهري زندگيءَ ۾ اهم حيثيت حاصل ڪري ويو هو. ان کان پوءِ، 1911ع ۾، کيس شهر جي ٻين مکيه ماڻهن سان، حڪيم اجمل خان دهليءَ واري سان گڏ ڪڍايل فوٽي ۾ ڏٺو وڃي ٿو،جنهن ۾ مير ايوب خان، مسٽر جمشيد ميهتا، سيٺ هر چند راءِ وشنداس، مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا ويٺل آهن.

29- سيپٽمبر 1911ع ڌاري، اٽليءَ جي حڪومت، ترڪن سان طرابلس ۾ جنگ شروع ڪئي، جنهن ڪري ترڪن کي ڪافي نقصان پهتو، ۽ نومبر ڌاري اٽلي ساري ملڪ تي قبضو ڪري ويئي. ان جنگ ۾ طرابلس جي رهاڪن کي مدد ڪرڻ لاءِ، ترڪن کي ”هلال احمر“ جي ذريعي، پيسا گڏ ڪري موڪلڻ واسطي، هندستان ۾ جماعتون ٺاهيون ويون. سنڌ ۾ به، مير ايوب خان جي صدارت هيٺ، هڪ انجمن ”هلال احمر سنڌ“ جي نالي سان، 8- آڪٽوبر 1911ع تي برپا ڪئي ويئي، جنهن جو سيڪريٽري ۽ خزانچي سيٺ حاجي عبدالله هارون کي مقرر ڪيو ويو. 1913ع تائين، هن پيسا گڏ ڪري پئي ترڪن کي موڪليا. ان جي رپورٽ 12- آڪٽوبر 1913ع تي ڇپائي ويئي هئي، جنهن ۾ حاجي صاحب، جنگ طرابلس ۽ انهيءَ سان متعلق ڳالهين جو ذڪر ڪندي، سنڌ جي مسلمانن واسطي چند مشورا پيش ڪيا آهن، جهڙوڪ:

(1) سنڌ جي ڪنهن مرڪزي جاءِ تي فارسيءَ ۽ عربيءَ جو دارالعلوم قائم ڪرڻ گهرجي.

(2) انگريزي اسڪولن ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ کي ثانوي زبان ڪري پڙهايو وڃي ٿو، ان ۾ عربيءَ جو اضافو ڪيو وڃي، جيئن مغربي تعليم سان گڏ ديني تعليم به ملي.

(3) ڪاليجي تعليم وٺندڙ مسلمان شاگردن لاءِ هاسٽل ٺهرائجي، جنهن ۾ مسجد به هئڻ گهرجي.

(4) آنربل رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جيڪو مسلمانن جي تعليم لاءِ سيس بل بمبئي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو آهي، تنهن جي پاس ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پر خدانخواسته اهو بل زميندارن ۽ سرڪار جي مخالفت ڪري ناپاس ٿئي، ته مسلمانن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪري، خانگي طرح فنڊ ڪٺو ڪرڻ گهرجي.

(5) يتيم مسلمان ٻارن جي رهائش ۽ تعليم لاءِ هڪ يتيمخانو کولائجي.

(6) زميندارن کي آباديءَ ۾ ڍلن لاءِ پيسي جي ضرورت ٿئي ٿي، جنهنڪري هو وياج خورن جي چنبي ۾ اچي ملڪيتون تباهه ڪن ٿا، ان لاءِ ڪوآپريٽو بئنڪون کولائجن.

(7) سنڌي مسلمانن جي نمائندگيءَ لا”، سنڌي ۽ انگريزي روزانه اخبارن جي ضرورت آهي، انهن جي کولائڻ جو انتظام ڪجي.

سنڌ ۾ خانبهادر حسن علي آفندي 1884ع ڌاري، ”انجمن محمدي“ يا ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي نالي سان جماعت ٺاهي هئي، ان ۾ به حاجي صاحب 1910ع ڌاري شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو هو. هن ڪراچيءَ جي شهري ڪمن ۾ عملي طرح دلچسپي 1- مئي 1913ع کان وٺڻ شروع ڪئي، جڏهن ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊجي آيو. 2- سيپٽمبر 1916ع تائين پاڻ ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو. ان کان پوءِ هڪ ٽرم ميمبر نه رهيو، وري 1- مئي 1921ع کان 21- آگسٽ 1934ع تائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو، ان عرصي ۾ ڪيترا دفعا مئنيجنگ ڪاميٽيءَ تي رهي، شهر جي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ ڪوشش وٺندو رهيو.

1913ع ڌاري هن جا سرڪار سان سٺا تعلقات هئا، جنهنڪري ڪجهه وقت لاءِ آنرري ماجسٽريٽ ٿي ڪم ڪيو هئائين- اها خبر انجمن هلال احمر جي رپورٽ مان پوي ٿي.

ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هن ڪن مکيه سياسي تحريڪن ۾، 1917ع کان اڳ حصو نه ورتو آهي. ان جي ڪارڻن جو پتو نٿو پوي. جنهن صورت ۾ هي ڪراچي جي شهري زندگيءَ ۾ ڪافي اهميت پيدا ڪري چڪو هو، کيس ڪنهن سياسي تحريڪ سان لاڳاپو هئڻ گهربو هو. پر سن 1913ع ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪٺي ٿيل آل انڊيا ڪانگريس جي اجلاس ۾، جتي رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، مسٽر غلام علي چاڳلا، مير ايوب خان، مسٽر عبدالرحمان بارسٽر، مسٽر محمد حافظ ميمڻ، مسٽر محمد علي علوي، مسٽر غلام حسين قاسم ۽ ٻين کي بهرو وٺندي ڏسون ٿا، اتي حاجي صاحب جو نالو ڪنهن به ڪاميٽيءَ يا فوٽي وغيره ۾ آيل ڪونه ٿو ڏسجي. 1916ع ۾ به جڏهن پهريون دفعو مهاتما گانڌي ڪراچي آيو هو، ڪنهن به تقريب ۾ کيس شامل ٿيندو نه ڏٺو ويو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جنگ وارو سارو عرصو هن ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ صرف ڪيو هو.

جنگ پوري ٿيڻ بعد جڏهن ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت تحريڪون نئين سر شروع ٿين ٿيون، تڏهن حاجي صاحب کي سياسي ميدان ۾ پهريون دفعو ڏٺو وڃي ٿو. سندس ڇپيل سوانح عمريءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڻ سن 1917ع ۾ ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو هو- ليڪن کيس ڪنهن نمايان جڳهه تي ڪونه ٿو ڏسجي. 1916ع، 1917ع ۽ 1918ع وارن آل انڊيا ڪانگريس يا آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ به سندس شرڪت نٿي ڏسجي. 1919ع ۾ جڏهن مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي، والده سان گڏ، صوبه سنڌ خلافت ڪانفرنس جي ٻئي اجلاس لاءِ ڪراچي آيل هئا، ته حاجي صاحب وٽ اچي رهيا هئا. ان کان پوءِ هن خاص طور تي انهن تحريڪن ۾ نمايان حصو پئي ورتو آهي.

1919ع ۾ حاجي صاحب صوبه سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو، جنهن عهدي تي 1924ع تائين هلندو آيو، 7، 8، ۽ 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي ۾، وڏو خلافت ڪانفرنس جو اجلاس،پير رشدالله شاهه جهنڊي واري جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو- ان ۾ شرڪت ڪئي اٿس. ان کان پوءِ جلد ئي بمبئيءَ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو اجلاس، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ ڪٺو ٿيو، ان ۾ نه صرف شرڪت اٿس، بلڪه مولانا شوڪت علي جي پيش ڪيل ٺهراءُ نمبر 5- ته يورپ ۾ خلافت تحريڪ جي پرچار لاءِ وفد موڪلڻ واسطي ٽيهه لک رپيا ڪٺا ڪجن- جي تائيد ڪئي اٿس.

5 ۽ 6- اپريل 1920ع تي، سکر ۾ سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪانفرنس جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي اٿس، ان ۾ جيڪو صدارتي خطبو پڙهيو اٿس، تنهن جو لب لباب هي آهي:

--- اوهان مون کي هن مجلس جو صدر چونڊي، منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي.

--- مادر وطن جي گذشته شان شوڪت کي ڏسي، ان جي روشن مستقبل لاءِ ڪوشش ڪرڻ هر هڪ هندستانيءَ جو فرض آهي.

--- ڪانگريس جماعت ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جا ڪوشش ڪئي آهي، سا تعريف جي لائق آهي. اسان کي هاڻ متفق ٿي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

--- منهنجو مذهب مون کي جمهوريت جو سبق ڏئي ٿو.

--- نوان مليل مانٽيگو- چيلمسفورڊ سڌارا ماڻهن جي گهـُـرجن مطابق پورا نه آهن.

پوءِ پنجاب ۾ ٿيل جليانوالا ڪوس جو ذڪر ڪري،قومي هفتي ملهائڻ لاءِ اپيل ڪيائين.

خلافت جي مسئلي تي گفتگو ڪندي، خوشيءَ جو اظهار ڪيائين ته انهيءَ مسئلي تي هندو- مسلمان ڪـَـٺا ٿي ويا آهن.

ان بعد، سنڌ جي ڪمشنر جي اختيارات تي نڪته چيني ڪري ٿو، ۽ سنڌ ۾ سرڪار طرفان دٻاءَ جي طريقن اختيار ڪرڻ کي نندي ٿو.

خلافت بابت، سنڌ ۾ ٻن مسلمان عملدارن جي ڪڌن طريقن کي نندي، سرڪاري تحقيقات جي تقاضا ڪري ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هندو - مسلم اتحاد تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو.

بعد ۾، خانگي فيصلن لاءِ ڪاميٽين ۽ شوديشي شين کي زور وٺائڻ لاءِ ماڻهن کي اپيل ٿو ڪري.

وچ ۾ ٻين ڳالهين جو ذڪر ڪندي، آخر ۾ مسلمانن کي اپيل ٿو ڪري ته هن قومي جماعت (ڪانگريس) ۾ شريڪ ٿي، ملڪ کي آزاد ڪرائين.

22- جون 1920ع تي، مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان، هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ کي ساري هندستان جي مکيه قوم پرست مسلمانن طرفان درخواست ڪيل هئي ته ترڪن سان جي صلح جا شرط ڪيا ويا آهن، سي سخت آهن، انهن سان انصاف ڪري، شرطن کي درست ڪرڻ لاءِ نظرثاني ڪئي وڃي. انهيءَ درخواست ۾ اهو به ڄاڻايل هو ته جيڪڏهن پهرين آگسٽ 1925ع تائين سندن گهـُـر قبول نه ڪئي ويئي، ته هو مجبور ٿي سرڪار سان قطع تعلقات ڪندا. انهيءَ درخواست تي هندستان جي مکيه مسلمانن سان گڏ، سنڌ جي جن ماڻهن جون صحيحون هيون، تن ۾ هيٺيان مکيه ماڻهو هئا:

(1) سيٺ حاجي عبدالله هارون ڪراچي، (2) مولانا سيد تاج محمود صاحب امروٽي، (3) ميان امين الدين منشي، (4) شيخ عبدالمجيد سنڌي، (5) سيد اسدالله شاهه الحسيني، ٽکڙ،(6) مولوي محمد صادق صاحب، کڏو،(7) مسٽر جان محمد جوڻيجو،لاڙڪاڻو (8) پير رشدالله شاهه، جهنڊو، (9) محمد هاشم ”مخلص“، ايڊيٽر ”ميرپور خاص گزيٽ“، (10) مولوي عبدالخالق مورائي، ۽ ٻيا.

سنڌ ۾ پهريائين مسلم ليگ، 1918ع ۾، رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ قائم ڪئي هئي. ان وقت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس هڪ هنڌ ڪٺا ٿيندا هئا، يا ساڳئي قسم جا ٺهراءَ پاس ڪندا هئا. قطع تعلقات تحريڪ شروع ٿيڻ بعد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ ٻيا، ڊاڪٽر ايني بيسنت جي تحريڪ ”هوم رول“ واريءَ هلچل کان علحده ٿي ويا، ته حاجي صاحب کي 1920ع ۾ صوبه مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. ان وقت رئيس ڀرڳڙي ولايت ۾ خلافت ۽ مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. 1920ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ”الوحيد“ اخبار جاري ڪرايائين، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان مقرر ٿيو.

1920ع ۾، سڌارن ملڻ بعد، بمبئي ڪائونسل جون چونڊون ٿيون، جن ۾ قوم پرست هندو يا مسلمان شامل نه ٿيا، جڏهن 1923ع جون چونڊون ٿيون، ته حاجي صاحب بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي ڪراچي شهر مان چونڊجي ويو، جتي ٽن سالن تائين ڪم ڪندو رهيو.

1925ع ۾، عليڳڙهه ۾، آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس سر عبدالرحيم جي صدارت ۾ ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سنڌ کي بمبئي علائقي کان جدا ڪري عليحده صوبي بنائڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن جي حاجي صاحب تائيد ڪئي.

18- نومبر 1926ع تي جڏهن مرڪزي ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته حاجي صاحب سنڌ طرفان انهيءَ تي چونڊجي ويو، ۽ 1942ع تائين، لاڳيتو، وقت بوقت چونڊبو آيو. انهيءَ عرصي ۾ پاڻ اڪثر ڪري جناح صاحب جي آزاد پارٽيءَ سان رهندو آيو. 1938ع بعد جڏهن مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ پارٽي ٺهي، ته ان جو ميمبر ٿيو، ۽ آخر تائين ان ۾ رهندو آيو.

1928ع ۾ کيس آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. (سندس سوانح عمريءَ تان ورتل).

 مسلم ليگ جو ويهون اجلاس ڪلڪتي ۾، راجا محمود آباد جي صدارت هيٺ، البرٽ هال ۾، 26- ڊسمبر 1928ع تي ڪٺو ٿيو، ان ۾ شرڪت ڪيائين. انهيءَ اجلاس ۾، مسٽر چاڳلا جي رٿ تي، مسلم ليگ طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حـصي وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي.

انهيءَ سال، سنڌ جي ڪارڪنن طرفان اها ڪوشش هلي رهي هئي ته سنڌي ۽ انگريزي روزانه اخبارون، جائنٽ اسٽاڪ ڪميٽيءَ ذريعي ڪڍيون وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ حاجي صاحب هيٺيون خط جناح صاحب کي لکيو:

”ڊيئر مسٽر محمد علي جيڻا،

پاڻ گهڻي وقت کان ڪونه مليا آهيون. آئون تنهنجا ٽائيمس آف انڊيا“ ۾ بيان پڙهندو رهندو آهيان. گهڻا ماڻهو تنهنجا معتدل خيال ناپسند ڪن ٿا.منهنجي خيال موجب، تون موجوده سياست تي جي نرم خيال رکين ٿو، سي ٺيڪ آهن.

آئون ۽ منهنجا دوست سنڌي ۽ انگريزي اخبارن لاءِ جائنٽ اسٽاڪ ڪميٽي ٺاهڻ گهرون ٿا. مون کي خبر آهي ته اوهين ”بمبئي ڪرانيڪل“ اخبار جي ڊائريڪٽر هئڻ ڪري، ان ۾ مهارت رکو ٿا. مهرباني ڪري، ان ڳالهه لاءِ اسان کي مشورو ڏيندا، ۽ ”بمبئي ڪرانيڪل“ جي آرٽيڪل آف ائسوسئيشن جي ڪاپي موڪليندا.

عبدالله هارون، ايم.ايل. اي.“

1929ع ۾ هند سرڪار طرفان بئنڪنگ انڪوائري ڪاميٽي مقرر ٿي، حاجي صاحب ان جو ميمبر ٿي ڪم ڪيو.

1930ع ۾ آل انڊيا مسلم تنظيم ڪانفرنس الهه آباد ۾ گڏ ٿي، جنهن جي صدارت ڪيائين، ۽ مسلمانن جي تنظيم ۽ سماجي سڌارن لاءِ ڪيتريون ئي مفيد تجويزون پيش ڪيائين،ساڳئي سال، دهليءَ ۾، آل انڊيا مسلم ڪانفرنس سر آغا خان جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ هن شرڪت ڪئي، ۽ شفي دائوديءَ سان گڏجي ڪم ڪيائين. ان ۾ جيڪي ٺهراءَ پاس ٿيندا هئا، تن کان سنڌ ۾ دوستن کي واقف ڪندو رهندو هو. اهڙا سندس ڪيترائي لکيل خط مون وٽ موجود آهن.

1930ع کان، سنڌ جي مسلمانن طرفان، سنڌ جي مالي حالت بابت جانچ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي، ان جو 1935ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين.

1931ع ۾ سرڪار طرفان سنڌ جي مالي حالت تپاسڻ لاءِ جا ڪاميٽي مقرر ٿي هئي، تنهن جو کيس ميمبر ڪري کنيو ويو.

ساڳئي سال ۾، ”آل انڊيا مسلم پوسٽل ۽ ريلوي مينس يونين“ جي صدارت ڪيائين.

7- جنوري 1931ع تي، سندس صدارت هيٺ، جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي سياسي ڪانفرنس گڏ ٿي، جنهن جو انتظام خانبهادر الهه بخش ڪيو هو. ان ۾ جي مکيه ٺهراءَ پاس ٿيا هئا، سي هي آهن:

(1) اگهن جي لهي وڃڻ ڪري، هيءَ ڪانفرنس ڍلن گهٽائڻ لاءِ سرڪار کي عرض ٿي ڪري (هڪ وفد روينيو وزير سان ملڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.)

(2) سنڌ کي بمبئيءَ کان جلد جدا ڪيو وڃي.

(3) هيءَ ڪانفرنس بمبئي سرڪار جي قانون انتقال ايراضيءَ کي ٽاري ڇڏڻ تي احتجاج ٿي ڪري.

(4) فوجداري کاتي کي روينيو کان علحده ڪيو وڃي.

(5) سرڪار کي مال جي چوري بند ڪرائڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ گهرجن.

(6) بلوچستان کي سڌارا ڏنا وڃن.

(7) سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ٿي ڪجي ته مسلم اڪثريت وارن صوبن جي لاهور ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪن.

(8) نصيرآباد تحصيل کي جيڪب آباد ضلعي سان شامل ڪيو وڃي.

(9) فرنٽيئر ريگوليشن کي ختم ڪيو وڃي.

حاجي صاحب جو دستور ٿي ويو هو ته سنڌ جي ماڻهن کي عيدمبارڪ موڪلي. پر صرف رسمي مبارڪ موڪلڻ جي عيوض، هو ڪي تجويزون لکي موڪليندو هو. اهڙي هڪ موڪليل خط جو اختصار ڏجي ٿو:

عيد مبارڪ‍!

18- فيبروري، 1931ع.

”عيد جي خوشين ملهائڻ وقت پنهنجي پٺتي پيل قوم کي به ياد رکڻ کپي. ان لاءِ ڪي تجويزون پيش ڪريان ٿو:

(الف) ڳوٺ ۾ انجمنون قائم ڪجن، جي خيرات ۽ صدقو گڏ ڪن،

(ب) اهي پيسا، انجمنن جي معرفت، ماڻهن جي ڀلي لاءِ خرچ ڪيا وڃن،

(ج) اهي جماعتون مسلمانن کي قرضن کان بچائڻ لاءِ ڪوشش وٺن،

(د) مسلمانن جا دڪان کولائجن،

(ر) شادي - غميءَ جي موقعن تي فضول خرچين کان بچاءَ ڪيو وڃي،

(س) تڪرارن ۽ فسادن کي خانگي طرح فيصل ڪجي،

(ص) ڪوآپريٽو  سوسائٽيون قائم ڪيون وڃن،

(ط) ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ انتظام ڪيو وڃي،

(ع) وڏن جي تعليم لاءِ نائيٽ اسڪول کوليا وڃن، انهيءَ کان سواءِ:

(1) پاڻ مان اختلافن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي،

(2) آمدنيءَ کان خرچ گهٽ ڪيو وڃي،

(3) ڳوٺن جي سمجهدار ماڻهن کي هر روز شام جو، مسجد يا ڪنهن ٻي جاءِ تي گڏجي، اخبارون پڙهڻ ۽ ڳوٺ جي بهتريءَ لاءِ صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن منهنجي مٿئينءَ عرضداشت تي عمل ڪيو ويو ته مهرباني.“

اهڙيءَ طرح، حاجي صاحب دوستن کي ڪي خط موڪلي، مسلمانن جي آئيني مسئلن تي روشني وجهندي، ڪي عرضداشتون ٺاهي، صحيحون وٺائي، مٿي سرڪار کي موڪلڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اهڙو هڪ خط 18- اپريل 1931ع تي مون کي موڪليو اٿس، جنهن ۾ چيو اٿس ته ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي ميمبرن کان هڪ پڌرنامي تي صحيحون وٺي موڪليان. ان ۾ لکيل هو ته ”اسين دهليءَ جي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس، منعقده پهرين جنوري 1929ع، ۽ وري اپريل 1930ع، ۾ پاس ڪيل ٺهرائن ۽ جناح صاحب جي چوڏهن نقطن جي تائيد ٿا ڪريون“. خط ۾ تفصيل سان انهن ٺهرائن ۽ نقطن جو ذڪر ڪيل هو.

حاجي صاحب کان جيڪڏهن سرڪار طرفان مقرر ڪيل ڪاميٽي ڪي سوال پڇندي هئي، ته ان جو نقل ڪري دوستن کي موڪليندو هو ته هو کيس جواب ڏيڻ ۾ مدد ڪن.

ان مان سندس ٻه مقصد هوندا هئا: هڪ ته حڪومت طرفان جيڪي وهي واپري ٿو، ان بابت دوستن کي آگاهه ڪري، ۽ ٻيو شخصي طرح جواب موڪلڻ جي عيوض، گهڻن جي مشوري سان جواب موڪلي. اهڙو هڪ خط، 8- آگسٽ 1931ع تي هن مون کي موڪليو هو، جنهن ۾ بمبئي سرڪار طرفان مقرر ڪيل تخفيف ڪاميٽيءَ جو سوالنامو موڪليو هئائين.

1932ع ۾، حاجي صاحب کي مرڪزي سرڪار طرفان ڪئناڊا جي اٽاوا شهر ۾ امپيريل ايڪانامڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. 1933ع ۾، ڪراچي حج ڪاميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهنڪري هن حاجين جي سهولت لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي. ساڳئي سال ۾، سنڌ انتظامي ڪاميٽيءَ تي مقرر ٿيو.

1934ع ۾، سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ٻئي اجلاس لاءِ مرحبا ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيائين.

1935ع ۾، نوانگر ۾، آل انڊيا ميمڻ ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين.

1936ع ۾ کيس عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ڪورٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. ساڳئي سال ۾، صوبي جي ائگريڪلچر ريسرچ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1936ع ۾، اسان سان گڏجي، سنڌ اتحاد پارٽي، پنجاب جي سر فضل حسين جي يونينسٽ پارٽيءَ جي بنيادن تي ٺاهيائين. پهرين ان جو ليڊر رهيو،  پوءِ ڊيپوٽي ليڊر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. وري سر شاهنواز جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ، ان جو پريزيڊنٽ رهندو آيو، تان جو (خانبهادر) الهه بخش مرحوم سان ڍلن جي سوال تان اتحاد پارٽي ٽـُـٽي، ۽ اسين مسلم ليگ ۾ داخل ٿياسون. هتي اتحاد پارٽيءَ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو احوال پنجن سٽن ۾ پورو ٿي ويو. اها خبر اسان کي آهي ته اڍائي سالن جي عرصي ۾ ڪيترا ڏينهن پارٽيءَ جي قاعدن ٺاهڻ ۽ ان کان پوءِ ان کي منظم ڪرڻ ۾ صرف ٿيا هوندا.

سنڌ جي هڪ رهاڪوءَ کي خبر هئي ته سواءِ چند مخلص هندو ۽ پارسي قومي ڪارڪنن جي، ڪيترا ڪانگريس جا ورڪر به سنڌ جي جدائيءَ جي خلاف هئا. اها جدائي مسلم ليگ ۽ ٻين مسلمان ڪارڪنن جي مدد سان حاصل ڪيل هئي. ان جي حاصل ڪرڻ ۾ حاجي صاحب، ٻين سان گڏ، گهڻو ڪجهه پاڻ پتوڙيو هو. فرقيوار هوا اڳي ئي پيدا ٿي ويئي هئي، ان کي نظرانداز ڪري، سنڌ جي نفعي خاطر، جناح صاحب ۽ سنڌ ۾ شيخ عبدالمجيد جهڙي قومي ڪارڪن ۽ سر غلام حسين جهڙي ڪهنه مشق مدبر ۽ ٻين سياستدانن جي مخالفت هوندي به، غير فرقيوار پارٽي بنائيسون. ساڳيءَ طرح، پنجاب ۾ سر فضل حسين يونينسٽ پارٽي ٺاهي هئي، ۽ بنگال ۾ مولوي فضل الحق پرجا سوشلسٽ پارٽي ٺاهي هئي. اسان کي خبر هئي ته ٽنهي مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ اسيمبلين اندر تمام ٿوري مسلم اڪثريت هئي. ازان سواءِ، انهن ٽنهي صوبن جا مڪاني مسئلا اهڙا هئا، جو انهن ۾ ذرا به فرقيوار رنگ پيدا ڪرڻ سان، ان جو آخري نتيجو ملڪ ۽ قوم لاءِ نهايت خطرناڪ ظاهر ٿي سگهيو ٿي. ٽنهي صوبن ۾ غير فرقيوار جماعتن جا ميمبر اسيمبلين ۾ چونڊجي آيا، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اسان کي ان لاءِ وڏي قيمت ڏيڻي پيئي: پارٽيءَ جو ليڊر، سر شاهنواز خان ڀٽو، ڊيپوٽي ليڊر ۽ پارٽي ٺاهيندڙ ۽ ان جو روح روان، سيٺ حاجي عبدالله هارون، انهيءَ فرقيوار ذهنيت جي ديويءَ تي ڀيٽ چڙهي، چونڊن ۾ شڪست کائي ويا.

جڏهن سر شاهنواز خان دل شڪستو ٿي بمبئيءَ هليو ويو، ته به سيٺ صاحب پارٽيءَ جون واڳون سنڀاليو آيو. پر ان جو نتيجو ڇا ڏٺائين ته ڪو هڪڙو به هندو پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار نه بيٺو. جڏهن چونڊون ختم ٿيون ته هندو ميمبرن جي اڪثريت هن غير فرقيوار اتحاد پارٽيءَ کي ڇڏي، اسيمبليءَ اندر پنجاهه سيڪڙو جايون يعني هڪ وزارت ۽ هڪ اسپيڪريءَ جي جڳهه وٺي، وڃي سر غلام حسين جي فرقيوار پوليٽيڪل پارٽيءَ سان شامل ٿي. ان کان پوءِ اتحاد پارٽيءَ، ڪانگريس سان گڏجي، ڳوٺن ۾ هندو- مسلم اتحاد لاءِ ڪوشش ڪئي. انهن مسلم ميجارٽيءَ جي وزارت کي هندن جي اڪثريت سان ڊاهي، اتحاد پارٽيءَ جي وزارت، ڪانگريس پروگرام جي آڌار تي ٺاهي، ليڪن جڏهين وزيرن گورنر جي چوڻ تي ڍلون وڌايون، ته پهرين مخالفت ڪري ۽ پوءِ عام جي نماينده پارٽيءَ کي ريٽي، وزيرن کي مدد ڪيائون.

هندستان ۾ ڪانگريس جي رويي کان مجبور ٿي، بنگال ۽ پنجاب جي وزير اعظمن اڳ ۾ مسلم ليگ سان شموليت اختيار ڪئي هئي، صرف سنڌ ۾ اتحاد پارٽي اصول جي بنياد تي، مسلم ليگ سان تعلق رکڻ کان پئي ڇرڪي، ليڪن جڏهن هتي به ڪانگريسين جي حالت، حاجي صاحب فعل ۽ قول ۾ تفاوت واري ڏٺي، ته هن مجبور ٿي جناح صاحب جي صدارت هيٺ، صوبه سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس گهرايو. ان ۾ مرحبا ڪاميٽيءَ جي صدارتي خطبي ۾ هن جيڪي ظاهر ڪيو آهي، ان جو اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:

”موجوده الهه بخش وزارت“، اتحاد پارٽيءَ جي آڌار تي وجود ۾ آئي. ان جا ٻه وزير، اتحاد پارٽيءَ جا نامزد هئڻ ڪري، انهيءَ وٽ جوابدار رهڻا هئا. پر جنهن نموني جو رويو، انهن پنهنجي پارٽيءَ سان اختيار ڪيو آهي، سو جمهوري ادارن جي تاريخ ۾ مشڪل ملندو. وزيرن سنڌ ۾ ڍلن کي وڌائڻ کان اڳ، پارٽيءَ سان مشورو نه ڪيو، ۽ جڏهن پارٽيءَ، جنهن ۾ هي حاضر هئا، انهيءَ سوال کي ٻارنهن مهينا مڪمل ٺهراءُ ڪيو، ته انهيءَ ٺهراءُ کي هنن عمل ۾ نه آندو، ۽ خودمختيارانه طور، گورنر جي چوڻ تي، نوان ڍلن جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا. ان ڳالهه جو ذرو به خيال نه ڪيائون ته ائين ڪرڻ سان هو پارٽيءَ جي ٺهراءُ جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا هئا، جنهن ٺهراءُ جي پاس ڪرڻ ۾ پاڻ به رضامندو ڏيکاريو هئائون.

ان تي پارٽي مٿن انتظامي قدم کڻي، کانئن استعيفا جي طلب ڪئي، پر هنن وزارت کان استعيفا ڏيڻ عيوض، پارٽيءَ کان استعفا ڏيئي ڇڏي، جنهن ڪري، سنڌ ۾ سندس روش جي ڪري، گهڻو ناراضپو پيدا ٿي پيو، پر هنن ان جي ذرا به پرواهه نه ڪئي.

ڪانگريس پارٽي ان معاملي ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو، سو به ٻڌڻ جي لائق آهي. انهيءَ سندن رويي جي ڪري، هو فرقيوار ذهنيت جي لهر ۾ لڙهي ويئي. دنيا ڏسي ورتو ته ان کي پنهنجن اصولن ۽ فيصلن لاءِ ڪيتري عزت هئي. جنهن وقت حڪومت ڍلن وڌائڻ جي سوال تي غور ڪري رهي هئي، ڪانگريس ليڊرن، مسٽر جيرامداس دولترام (سنڌ مان آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر) سوڌو، انهن تجويزن جي مخالفت ڪئي. انهن اخبارن ۾ بيان ڪڍيا، وزيرن کي تارون موڪلي، اهڙن تجويزن کي نقصانڪار ظاهر ڪيو. ڪانگريس پارٽيءَ ئي اتحاد پارٽي کي مدد ڏيئي، هيءَ وزارت وجود ۾ آندي هئي. جيڪڏهن ڪانگريس پنهنجي قول تي قائم رهي ها، ته وزارت ملڪ جي عام راءِ کي اهڙيءَ طرح نظرانداز نه ڪري سگهي ها، پر هيٺ ذڪر ڪيل واقعن مان ظاهر ٿيندو ته ڪانگريس به وزارت وانگر هڪ ڳالهه تي نه بيٺي.

اول ۾ ڪنهن حد تائين ڪانگريس صحيح راءِ جو اظهار ڪندي آئي. 15- جون 1939ع تي وزارت ڍلن جو آرڊر پاس ڪيو، ته ٻئي ڏينهن ڪانگريس وزارت کان، مدد ڪندڙ پارٽين جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري، مدد واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

وري 21- جولاءِ تي، زور بار پوڻ تي، ڪانگريس وزارت سان گفتگو ڪرڻ شروع ڪئي. کين ڍلن جي سوال کي 23- جولاءِ کان اڳ مهمل ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ ظاهر ڪيو ته ٻيءَ صورت ۾ هو وزارت خلاف بي اعتماديءَ جي ووٽ ۾ شامل ٿيندا. جڏهن وزارت سندن انهيءَ تجويز موجب عمل نه ڪيو، ته ڪانگريس پارٽيءَ 25- جولاءِ تي وزارت جي انهيءَ روش تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ظاهر ڪيو ته هو بي اعتماديءَ جي ٺهراءَ جي پٺڀرائي ڪندا، بشرطيڪه مخالف ڌر وارا اهو وعدو ڪندا ته جيستائين ڍلن جي سوال کي ٻارهن مهينن تائين مهمل ڪرڻ جو وعدو گورنر نه ڪيو آهي، ان وقت تائين ڪا به وزارت نه ٺاهيندا. ان تي مخالف پارٽيءَ ڪانگريس کي اهڙو لکيل يقين ڏياريو، پر ڪانگريس پنهنجو رويو بدلائي، مخفي طرح وزارت سان گفتگو ڪندي آئي.

آخر ڪانگريس پارٽي وزيرن سان انهيءَ ٺاهه تي پهتي ته سلائيڊنگ اسڪيل، وارو فقرو مهمل ڪيو ويندو، باقي ٻيا فقرا بحال رکيا ويندا. انهيءَ تي سخت اعتراض پيدا ٿيا ۽ ڪانگريس جي وڃايل وقار کي درست ڪرڻ لاءِ سردار پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد، ڪانگريس پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن کي سنڌ ۾ دعوت ڏيئي گهرايو ويو. پر سردار پٽيل حالتون جاچڻ کان سواءِ، اچڻ سان، سنڌين جي خلاف توهين جهڙا الفاظ ڪتب آندا. آخر ۾ گهڻي بحث مباحثي بعد ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ ڪانگريس پارٽيءَ کي حڪم ڪيو ته بي اعتماديءَ جي ٺهراءُ تي ووٽ نه ڪن.

جيتوڻيڪ اهو فيصلو اڳي کان بهتر هو، پر سنڌي عوام جي دل وٽان نه هو، ڇو ته انهيءَ ڪري ڏهن تڪن جي عيوضين کي سنڌ جي اهم سوال تي راءِ ظاهر ڪرڻ کان محروم رکيو ٿي ويو.

اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ ڪري، اڻ سڌيءَ طرح، ڪانگريس وزارت کي برقرار رهڻ لاءِ مدد ڪري رهي هئي. جيڪڏهن ڪانگريس واقعي وزارت جي رويي کي غلط ٿي سمجهيو ته پوءِ ماٺ ڪري ويهڻ جي معنيٰ ڪهڙي هئي...؟

ڪانگريس لاءِ رستو صاف هو. پر ان تي هلڻ جو کين ارادو ڪونه هو. ڪانگريس تي فرقيوار هندن جو گهڻو اثر ويٺل آهي، جن کان ڊڄي هو ڪو قدم کڻڻ نٿي گهري... سندن اهڙي رويي هن صوبي مان ڪانگريس جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

”آخر ۾ آئون هندو دوستن کي مشورو ڏيندس ته هو مسلمانن کي ويڙهائي راڄ ڪرڻ جي رويي کي ڇڏي ڏين. اهڙن بي اصول وزيرن کي قائم رکي، هو صوبي جي خدمت نٿا ڪن. فرقيوار ذهنيت ڪنهن به فرقي لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندي.“

انهيءَ اجلاس ۾ پنجون نمبر ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد صاحب پيش ڪيو ۽ حاجي صاحب ان کي ٽيڪو ڏنو. اهو ٺهراءُ، اڳتي هلي، 1940ع ۾، لاهور واري آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ ”پاڪستان“ جي ٺهراءُ لاءِ بنياد بنيو.

حاجي صاحب هڪ مخلص قومي ڪارڪن هو. هندو- مسلم اتحاد جو سخت حامي هو. سندس سمورو ڪاروبار هندو هلائيندا هئا. ملڪ ۾ عام فرقيوار هوا جي هوندي به هن اتحاد پارٽيءَ جهڙي غير فرقيوار جماعت بنائي هئي، جنهنڪري پاڻ چونڊن ۾ شڪست کاڌي هئائون، ته به اتحاد پارٽيءَ کي هلائيندو آيو. اڳتي هلي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا“، ته ان جو مٿس سخت رد عمل ٿيو. هڪ مخلص ڪارڪن جو رد عمل نهايت خطرناڪ صورت اختيار ٿو ڪري- جهڙيءَ طرح مسٽر جناح جي حالت ۾ ٿيو. ان ڪري، هن مجبور ٿي فيصلو ڪيو ته ”زهر کي زهر ماريندو“- يعني مسلم ليگ کي سنڌ ۾ آڻجي انهيءَ لاءِ ميان علي محمد شاهه راشديءَ ۽ ٻين دوستن جي مشوري سان، هن جناح صاحب جي صدارت هيٺ صوبه سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس سڏايو هو. ان لاءِ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين جناح صاحب کي هڪ سينگاريل اسپيشل ٽرين ۾ آندو ويو، جنهن مٿان هوائي جهاز گل ڇٽڪائيندا آيا. اسٽيشن کان ٽي ميل لمبو سرگس نڪتو. ڪراچيءَ جي شهر ۾، ان کان اڳ يا پو”، اهڙو سرگس نه نڪتو آهي.

ان اجلاس ۾ هندستان کان مکيه مسلمان سياستدان گهرايا ويا هئا، جهڙوڪ: سر سڪندر حيات خان، وزيراعظم پنجاب، مولوي فضل الحق، وزيراعظم بنگال، سر سعدالله خان، وزيراعظم آسام، سردار اورنگزيب، نواب اسماعيل خان، راجا صاحب محمود آباد، چوڌري خليق الزمان، نوابزادو لياقت علي خان وغيره. انهيءَ طرح، ڪانگريس جي غلط قدم جي رد عمل ۾، سنڌ اندر مسلم ليگ جماعت جو قدم پيو. ملڪي سياست اڪثر رد عملن جو، شڪار پئي ٿي آهي، انهن ۾ قومي ڪارڪن به لڙهي پئي ويا آهن.

ان کان پوءِ حاجي صاحب ۽ اسان اتحاد پارٽي ڇڏي (جنهن جو تفصيلوار احوال منهنجي ”نئينءَ سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ڪتاب ۾ ڏنل آهي)، سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. ٻئي سال 1939ع ۾، کيس صوبه سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو.

الهه بخش جي وزارت جي خلاف بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ مون کي حڪم ڪيو ويو. اها تجويز سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ بعد ڪامياب ٿي نه سگهي، جو مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جا ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر، سر غلام حسين هدايت الله ۽ مير بنده خان ٽالپر، الهه بخش وزارت ۾ وزيري وٺڻ ڪري، پارٽي ڇڏي ويا هئا. جناح صاحب جي سامهون، اوڻٽيهه مسلمان ميمبر، مسلم ليگ جو عهد نامو صحيح ڪرڻ بعد، ڦري لالچن خاطر وڃي وزارتن جا طرفدار ٿيا هئا، منهنجي تجويز جي فائدي ۾ صرف ستن ميمبرن ووٽ ڪيو!

انهيءَ ڳالهه حاجي صاحب ۽ سندس مددگارن، جهڙوڪ خانبهادر کهڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد علي محمد شاهه راشدي ۽ مون کي، پست همت ڪرڻ بدران، مورڳو تازيانو لڳائي، همت ٻڌائي، مسلم ليگ جو آواز عوام تائين نيڻ لاءِ آماده ڪيو.

اپر سنڌ ۾ مرحوم الهه بخش جي شخصي مخالفت اڳي ئي هئي. سندس مخالفن انهيءَ واقعي مان فائدي وٺڻ خاطر حاجي صاحب کي مسجد منزل گاهه سکر کي مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جي تحريڪ هلائڻ لاءِ آماده ڪيو. مسلم ليگ طرفان انهيءَ سوال کي هٿ ۾ کڻڻ تي، هندن طرفان مخالفت شروع ٿي، ۽ انهن وزارت کي مسجد مسلمانن جي حوالي نه ڪرڻ تي زور رکيو. وزارت جو مدار هندن جي ووٽن تي هو، تنهنڪري وزارت ڪو به قدم نه کنيو. ان تي مسجد جي واپسيءَ لاءِ مسلم ليگ جي سهاري هيٺ ستياگرهه شروع ٿيو. اسان کي جيل اماڻيو ويو. پوئتان هندو- مسلم فساد ٿيا، حالتن نازڪ صورت اختيار ڪئي. سکر جي پئنجاتن جا عيوضي حاجي صاحب سان مليا، جنهن انهن سان ٺاهه ڪري، الهه بخش وزارت کي ڪڍائي، نئين وزارت مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وجود ۾ آندي.

ان وچ ۾ ڪوشش ٿيندي رهي ته صوبي ۾ پکڙيل فرقيوار ذهنيت کي ٽارڻ لاءِ سنڌ اندر هندو- مسلم ٺاهه جي بنياد تي، ڪا پائيدار وزارت وجود ۾ آندي وڃي. انهيءَ آڌار تي آل پارٽيز وزارت ٺاهي ويئي، پر ان وقت تائين آل انڊيا جماعتن جو پير سنڌ ۾ پختو ٿي چڪو هو، ۽ ٻنهي جماعتن طرفان ان ٺاهه کي ڊاهڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون.

هاڻ حاجي صاحب آل انڊيا مسلم ليگ جو پرزو بنجي چڪو هو، سو ڇا ٿي ڪري سگهيو. 1940ع ۾، پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي ميمبر چونڊجي ويل هو، کيس آل انڊيا مسلم ليگ جي پرڏيهي معاملات لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو ويو هو. 1941ع ۾ مير بنده عليءَ جي وزارت کي شڪست ملي، پوءِ حاجي صاحب هڪمنو ٿي، مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. علي محمد شاهه راشدي جهڙي ذهين ڪارڪن، شيخ عبدالمجيد، خانبهادر کهڙي ۽ اسان سڀني جي ساڻس مدد هئي. ٿوري وقت اندر مسلم ليگ جو آواز ساريءَ سنڌ اندر پکڙجي ويو.

حاجي صاحب هاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جو مکيه رڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. مسلم ليگ جي ساليانن اجلاسن ۾ وڃڻ لڳو. کيس هر هنڌ صدارت لاءِ دعوتون ملڻ لڳيون. 1941ع ۾، لائلپور (پنجاب) ۾ کيس شاگردن جي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو. 1942ع ۾ الهه آباد ۾، آل انڊيا سيرت ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين.

27- اپريل 1942ع تي حاجي صاحب اوچتو دل جي حرڪت بند ٿيڻ ڪري انتقال ڪري ويو. سندس انتقال ڪري، سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ وڏو خال پئجي ويو. پر ڇا ٿي سگهيو ٿي. رضا تي راضي رهڻو پيو. سندس مرڪزي اسيمبليءَ جي خالي جاءِ تي سندس فرزند، يوسف هارون، بنا مخالفت جي چونڊجي ويو.

منهنجي ساڻس واقفيت: مون حاجي صاحب جو نالو ته 1913ع کان ٻڌو هو، جڏهن طرابلس جي مسلمانن لاءِ فنڊ ڪٺي ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي هئائين. ان بعد ساڻس پهرين ملاقات5-6 اپريل 1920ع تي، سکر ۾ سنڌ پراونشل ڪانگريس جي موقعي تي ٿي. پوءِ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ اڪثر پيا ملندا هئاسون. 1926ع ۾ جڏهن پاڻ سنڌ مان مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو هو، مون کيس مدد ڪئي. 1928ع ۾، ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽيءَ ڀيري، حاجي صاحب جي اخلاقي مدد مون سان هئي.

1926ع کان وٺي، ساڻس خط- ڪتابت ٿيندي رهي. سندس اهڙن خطن جا ٽي ڪتاب مون وٽ محفوظ آهن. سنڌ جي جدائيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪيوسون. مرحوم کي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي جو رات- ڏينهن اونو رهندو هو. نيٺ سنڌ جدا ٿي. پوءِ غير فرقيوار جماعت، ”اتحادپارٽي“، گڏجي ٺاهي ڪم ڪيوسون. 1938ع ۾ جڏهن هو اتحاد پارٽيءَ کي، وزيرن جي مخالفت ڪري ٽوڙي، مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو ته نيٺ مون کي به ان ۾ گهلي ويو، اتي گڏجي ڪم ڪيوسون. ان سلسلي ۾ هن لاري ۽ لائوڊ اسپيڪر وٺي ڏنو. لٽريچر ڇپايائين، ۽ آئون ڳوٺن ۾ ڪاهي ويس، ۽ گهر گهر مسلم ليگ جو آواز پهچايو ويو. منزل گاهه مسجد مهل گڏجي ڪم ڪيل هو. ”الوحيد“ کي گڏجي جائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ آندو ويو هو. 1941ع ۾، سندس ئي مشوري سان، مون کي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي چونڊيو ويو هو. اڪثر ڪري آل انڊيا اجلاسن وقت ڪٺا هوندا هئاسون.

سندس ئي صلاح تي آئون، 1942ع ۾، اتر سرحد پرڳڻي جي سير لاءِ ويو هوس. اسان جي دوستي سياست جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي ۽ آخر ۾ هن جي مون سان عزيزن جهڙي محبت پيدا ٿي ويئي. هر ڳالهه ۾ مون سان مشورو ڪرڻ جو خواهشمند هوندو هو.

پاڪستان بنجڻ کان اڳ ئي هو اسان کان جدا ٿي ويو. اسين مسلم ليگ کان ٻاهر نڪري وياسون. جنهن پاڪستان لاءِ گڏجي رات- ڏينهن ڪوشش ڪئي هئيسون، ان کي پاڻ ته ڏسي نه سگهيو، پر اسان کي ان بعد قيد ڪاٽڻا ۽ نظربنديءَ ۾ گذارڻو پيو. جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ گڏجي پاڻ پتوڙي آزاد ڪرايو هوسون، سا وري پنهنجو وجود وڃائي، مغربي پاڪستان ۾ ضم ٿي ويئي. هن وقت جي زنده هجي ها ته ڪهڙو رويو وٺي ها، سو چئي نٿو سگهجي، پر منهنجي دل ائين پئي سمجهي ته خوشي محسوس نه ڪري ها.

آخري خط، جو مون کي لکيو هئائين، سو هتي پيش ٿو ڪريان. ان مان پتو پئجي سگهندو ته مرحوم جا منهنجي لاءِ ڪهڙا خيال هئا.

”25- اپريل 1942ع، ڪراچي

”بخدمت جناب شاهه صاحب، اسلام عليڪم.

”عنايتنامو، مورخ 24- اپريل جو، سکر مان لکيل، پهتو. هن کان اڳ 3-4 خط ڳوٺ جي ائڊريس تي موڪليا ويا آهن، جي اميد ته پهتا هوندا. ڪوئٽا هلڻ لاءِ قاضي عيسيٰ کي تار موڪليان ٿو. سرحد پاسي گهڻا ڏينهن لڳائي آيا. دل گهري ٿي ته روبرو ڳالهيون ٻولهيون ڪري حال اورجن. افواهه آهي ته 27 تاريخ ڪانسٽيٽيوشن سسپينڊ ٿيندو. ڪيتري قدر ڳالهه سچي آهي، سو چئي نٿو سگهجي. ٻي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، جنهن بابت احوال ڏيان. بهتر ٿيندو ته هڪ ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ اچي مون وٽ مهمان ٿيو، تان ته دل کي آرام اچي. سيد خير شاهه هن وقت مون وٽ ويٺو آهي، چوي ٿو ته مان به توهان سان گڏجي ڪوئٽا هلندس. ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ جلد سڏائڻ گهرجي. اوهان جو ڪراچي اچڻ ڪڏهن ٿيندو، تان ته ان موقعي تي ”الوحيد“ جي ميٽنگ به سڏائجي جواب جو انتظار آهي. اميد ته اوهين خوش خورم هوندا.-- قلم تازو: هن گڏ اخبار جي ڪٽنگ موڪلجي ٿي. قاضي عيسيٰ ويجهو شايد ڪوئٽا نه وڃي، ان ڪري مير جعفر خان جماليءَ کي اوهين خط لکي پڪ وٺو ته ساڻس گڏجي ڪوئٽا هلجي.

نيازمند

عبدالله هارون

(”جنب گذاريم جن سين“، تان کنيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com