سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :23

مولانا 24 سالن جي ملڪ نيڪاليءَ کان پوءِ 1939ع ۾ ڪراچيءَ پهتو. جڏهن کيس ملڪ نيڪالي ملي هئي ته سندس عمر 34 سال هئي ۽ جڏهن واپس وطن پهتو ته هو 67 ورهين جو ٿي چڪو هو. وطن واپس ورڻ تي هو هڪ گهڙي وڃائڻ کان سواءِ سياسي ڪارگذارين ۾ جذب ٿي ويو. هن تقريرون شروع ڪيون. اخبارن ۽ رسالن ۾ تحريرون لکڻ شروع ڪيون ۽ ڪتاب پڻ لکيائين. سندس مول مقصد، اهو هو ته، ”برطانيا اهو ڪڏهن به ڪين ٿي چاهيو ته نوجوان مسلمان اسلام جي انقلابي پيغام کان ڪنهن طرح واقف ٿين. مسلمانن کي خدا جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻ گهرجي ۽ رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم ڏانهن واپس موٽڻ گهرجي. مادي ترقي اسان سڀني مسئلن جي حل جي واحد ضمانت نه آهي.“(1) 3- جون 1939ع تي ڪلڪتي مان بنگالي علماءَ ِّ جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايائون ته، ”مون چاهيو ٿي ته جيستائين انگريز منهنجي ملڪ تي قابض آهي، تيستائين آئون واپس نه موٽان. جڏهن کان آئون هندستان ۾ واپس آيو آهيان، تڏهن کان وٺي مون کي آرام ڪين مليو آهي ۽ منهنجي صحت جي حالت تشويشناڪ آهي. جيڪڏهن شاهه ولي الله جي پيغام کي سمجهون ته اسان علماء، جميعت العلماء هند جي ان انقلابي نظريي جي تشهير ۾ ڪاميابيءَ سان پاڻ لائق ثابت ڪنداسون، جيئن ماضي قريب ۾ يورپ پنهنجي انقلابي نظرين جي تشهير ۾ ڪامياب ويو آهي. مان پنهنجي مادر وطن کي ٻين آزاد قومن وانگر ڏسڻ چاهيان ٿو“.

12- جون 1940ع ۾ هن ٺٽي ضلعي جي ڪانگريس اجلاس ۾ خطاب ڪندي فرمايو ته، ”مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو ڇو ته اهو منهنجي روحاني پيءُ جو پاڪ ديس آهي. مان به هن کي گذريل 50 سالن کان پنهنجو وطن بنايو آهي... توهان کي تعجب ٿيندو ته مون کي هڪ هندو پنڊت اسلام کان روشناس ڪرايو... جڏهن مون لالا لجپتراءِ کي استنبول مان خط لکيو ته هو پنجاب مان ڪهي مون سان ترڪيءَ ملڻ آيو. يورپ مان واپس اچڻ تي مون کي معلوم ٿيو آهي ته ديوبند نظريه ۽ عليڳڙهه نظريه جي وچ ۾ چانڊيه مگسيءَ واري رسا ڪشي لڳي پئي آهي. ”انهن جي نفاق کي گهٽائڻ بجاءِ وڌائڻ ۾ ڪانگريس جوابدار آهي“. جيتوڻيڪ هو ڪانگريس جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، پر ان هوندي به اهو ثابت ڪري ٿو ته هو مسلمان قوم پرست ۽ مسلمانن جي ايڪتا ۽ آزاديءَ جو خواهشمند هو.

مولانا يورپ جو سفر ڪو بي مقصد نه ڪيو هو ۽ نه وري سياسي انقلابي حاصلات، جيڪي هن يورپ ۾ حاصل ڪيا، سي کانئس وسري چڪا هئا. هندستانين ڏانهن سندس اهو پيغام هو ته، هندستاني يورپ جي مادي ترقي ۽ سياسي آزاديءَ کي نظر ۾ رکن ۽ اهو ئي رتبو ماڻين. هن گانڌيءَ سان وڏي اهم ۽ بنيادي ڳالهين ۾ نفاق کي ڳجهو نه رکيو. ”گاوتري جو اهو غلط يقين آهي ته هو هندستان کي هڪ هزار سال پوئتي وٺي ويندو. کيس اهو وسارڻ نه گهرجي ته 800 سالن کان وٺي هڪ ٻي قوم به رهي ٿي، جنهن کي جدا ثقافت ۽ زبان آهي ۽ ان قوم کي ”گانڌي“ جي جي قوم جيترو حق آهي“(2) . مولانا جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جي نالي سان هڪ نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن جون آفيسون ڪراچي، لاهور ۽ دهليءَ ۾ کوليون ويون. هن پارٽيءَ جو ٻين سان گڏ اهو به هڪ مقصد هو ته ”منهنجو پروگرام هڪ ڏينهن جو پروگرام نه آهي. اهو هڪ جامع پروگرام آهي... هندستان کي هڪ واحد ملڪ نه سمجهيو وڃي، پر يورپ، يعني جيئن يورپ گهڻن خودمختيار قومن ۾ ورهايل آهي، تيئن هندستان گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ هر ملڪ کي پنهنجي ثقافت، پنهنجي تاريخ، پنهنجي زبان آهي.“ هندستان کي هڪ ملڪ طور آزادي نه ڏني وڃي، پر ثقافتي، لساني يونٽ کي الڳ الڳ آزادي ڏني وڃي. هن پنهنجي پارٽيءَ ذريعي هڪ شاندار ترقي پسند سماجي - اقتصادي پروگرام ڏنو، پر مولانا پنهنجي جواني ۽ ڦڙتيءَ جا ڏينهن پوئتي ڇڏي آيو هو. هو اڪثر بيمار، بستري تي ليٽيل زندگي گهاريندو هو. ڦڙت ۽ متحرڪ زندگي سياسي پارٽين جي جڙن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لازمي جز آهن، پر سنڌي صاحب جي لاءِ ان عمر جي حـصي ۾ اهو ناممڪن هو.

 هڪ دفعي، جڏهن مولانا سنڌي ميڪلو روڊ ڪراچي جي رايل هوٽل ۾ ترسيل هو ته محمد امين کوسو، جيڪو منهنجو گهاٽو دوست ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو، مون کي اڪثر مولانا جي ملاقات لاءِ وٺي ويندو هو، پر اسان مولانا سنڌي کي ان عمر جي باوجود به بستري تي سمهيل ڪو نه ڏٺو ۽ اسان آرام ڪرسين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا هئاسون. جيئن منهنجي مولانا سنڌيءَ جي گهنجن سان ڀريل ۽ ڪراڙپ کان لڙڪيل کل تي نظر پئي، جيڪو طبيعت جي ناچاڪي سبب ملول هو، مون کي ائين معلوم ٿيو ته آئون ڪنهن پراڻي زماني جي ڪنهن عظيم ديوتا جي مجسمي آڏو ويٺو آهيان. سندس آواز گفتگو تي غالب پوندو هو. ٻين کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هن جيڪي تجربا ۽ مشورا ڪيا آهن ۽ جيڪي ڪجهه هي چوي ٿو، سو منجهيل مسئلي جو آخري ۽ يقيني حل سمجهڻ گهرجي. مون هڪ ڏينهن ڪنهن اهم مسئلي تي مولانا جي خيالن جي مخالفت جي جرئت ڪئي. مولانا سنڌي پنهنجو صبر ۽ تحمل وڃائي ويٺو. هن جي جهيڻي آواز گڏجي هڪ گجگوڙ جي صورت اختيار ڪئي ۽ چيو ته “توهان ڇوڪرا ڇا ٿا ڄاڻو؟ اسان جهڙن ماڻهن کي ٻڌو، جن سياسي جنگين جي سختي ۽ گرميءَ ۾ وار اڇا ڪيا آهن”. پوءِ ته منهنجي لاءِ ڪنهن به بحث وغيره جي ڪا به گنجائش ڪانه هئي. مون کي معلوم ٿيو ته مولانا کي شاهه ولي الله دهلوي جي حوالن ڏيڻ جي عادت هئي. ”روس جي انقلاب ۾ ٻه نمايان شخصي صورتون آهن: هڪ آهي ڪارل مارڪس ۽ ٻيو آهي لينن. اهو انقلاب، جيڪو منهنجي مطمع نظر آهي، تنهن ۾ ٻه نمايان شخصيتون آهن، جن جي سکيا ۽ اصولن تي آئون سختيءَ سان ڪاربند آهيان. اهي آهن، امام ولي الله ۽ امام محمد قاسم... انقلاب هڪ ڏينهن يا محدود عرصي لاءِ نه آهي. اهو دائمي، محرڪ ۽ روان دوان آهي. حضرت شيخ الهند چوندو آهي ته انقلاب جهاد آهي.“ هن جو بدن وڏي عمر ۽ بيماريءَ سبب ڪمزور هو، پر دل خبردار ۽ ڦڙت هئس، پر ڪيئي ڀيرا پاڻ هڪ ڳالهه تان هڪدم ٻي ڳالهه ڏانهن هليا ويندا هئا. هي هڪ اڪيلو هندستاني انقلابي آهي، جنهن کي جواهر لال نهرو گهڻي کان گهڻو ساراهيو آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻو عرصو جلاوطن گذاريو.

مولانا سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، ”هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو، علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته توهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄڪلهه روان دوان آهي. توهان هندستان جي ان انقلاب لاءِ تيار رهو.” هن هلندڙ تقرير ۾ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪيو پر هو، طبيعت جي ناچاڪي ۽ ڪمزوريءَ کان بيپرواهه هو. پنهنجي سڄي تقرير پوري ڪيائين. کيس ڊاڪٽرن پوري آرام جو مشورو ڏنو، جيڪو هن نفرت سان پري ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن لاءِ تمام گهڻو ڪم هو، جيڪو کيس ڪرڻو هو. ان صورت ۾ مولانا آرام ڪيئن ڪري؟ هن هڪ دوست سان گڏجي سنڌ جو تفصيلي دورو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هن شاگردن جي مختلف گڏجاڻين کي خطاب ڪيو. سندس دوست کي چڱيءَ ريت پتو پيو ته مولانا سنڌيءَ جي صحت تشويشناڪ صورت اختيار ڪري رهي آهي. سندس دوست کيس دوري جي ختم ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ هلي علاج ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو. پهرين ته هن انڪار ڪيو، پر پوءِ ڪراچيءَ هلڻ ۽ تجربيڪار ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ لاءِ کيس مڃايو ويو. پهرين ڊاڪٽر هن جي عليل صحت کي ڏسي نااميد ٿي پيا هئا. مولانا گهڻو ڪري بيهوش رهيو ٿي، جڏهن هوش ۾ ايندو هو ته 4- آگسٽ 1944ع تي شهدادڪوٽ ۾ شاگردن جي هڪ گڏجاڻي متعلق چوڻ لڳندو هو، جنهن جو هن بزرگ وعدو ڪيو هو، ۽ جنهن ڏينهن هن کي هڪ مدرسي جي افتتاحي رسم ادا ڪرڻي هئي. هو اڪثر ڪراچيءَ کان شهدادڪوٽ تائين ريل جي وڃڻ جا وقت پڇندو رهندو هو. جولاءِ جي آخر ڌاران مولانا صاحب بستري تي پنهنجو پاڻ اٿي ويهي سگهندو هو ۽ گهڻي وقت تائين جادو بيان گفتگو ڪندو رهندو هو. هن پنهنجي صدارتي تقرير لکي موڪلي، جيڪا کيس محمد قاسم ولي الله، شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي جي مدرسي جي افتتاح وقت پڙهڻي هئي. تقرير دوران هن مغل شهنشاهيت جي عروج ۽ زوال جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته مغل شهنشاهيت بين الاقوامي طور تي ڪهڙن هند جي حڪومتن کان وڌيڪ اثر ڇڏيو، پر ان جي برخلاف نيپولين جي ڏينهن کان وٺي يورپ پنهنجي قومي ثقافت کي بين الاقوامي بنايو ۽ پوءِ دهلي، يورپ کان شڪست کائي وئي.

مولانا وري ٻيو ڀيرو سنڌ جو دورو ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ ته سخت گرمي ۽ ٻيو ته مولانا سنڌيءَ جي صحت ڪمزور، تنهن ڪري انهن ڳالهين وري کيس بستري داخل ڪري ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر علاج ڪندا رهندا هئا. اهو ظاهر آهي ته مولانا کي يقين ٿي چڪو هو ته سندس موڪلاڻي ويجهي آهي. هن ارادو ڏيکاريو ته کيس پير جهنڊي جي ڳوٺ نيو وڃي، جيڪا هن لاءِ روحاني تسڪين جي جاءِ هئي، پر سندس ڌيءَ ۽ ڏهٽيءَ کيس مجبور ڪيو ته هو بهاولپور ضلعي جي دينپور ڳوٺ ۾ هلي علاج ڪرائي. مولانا آخر پنهنجن ويجهن عزيزن جي صلاح کان انڪار نه ڪري سگهيو، جتي مولانا 22- آگسٽ 1944ع تي وفات ڪري ويو .

(ليکڪ جي ڪتاب ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“، مان کنيل.

 (ترجمو: ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اياز قادري)


شيخ عبدالمجيد سنڌي

پير علي محمد راشدي.

سياست هميشه پيسي جي راند رهي آهي. سنڌ ۾ ته، شيخ عبدالمجيد جي اُڀرڻ کان اڳ، ڪنهن غريب دانشور لاءِ سياست جي ميدان ۾ قدم رکڻ به ممڪن ڪو نه هوندو هو. سنڌ جا مالدار ماڻهو، سردار، وڏيرا، مير، پير، مخدوم، سيٺيون، مالدار وڪيل، وڏا ڪامورا (رٽائرڊ يا اڻ رٽائرڊ) ”نانيءَ ويڙهو“ لايون ويٺا هوندا هئا. ان سياست جو مقصد به محدود هوندو هو: محض ڪمشنر صاحب کي خوش ڪرڻ، آفيسرن تي اثر وجهڻ، غريب عوام تي سڪو ڄمائي رکڻ، پنهنجن حريفن کي هيٺاهين ڏيکارڻ، ذاتي پذيرائي ۽ تن پروري، ڏيک ۽ ويک، ٽيپَ ۽ ٽاپ! اهڙي خار زار ۾ ڇا محـّال هئي ڪنهن غريب جي، ته پنهنجو پير ڌري؟

ڏاگهن، ڏيرن ساڻ ڪرهن، ڪيچن ساڻ...

... متان ڪا ٻي لنءُ لائي.

شيخ عبدالمجيد ئي پهريون شخص هو، جيڪو خالي هٿين، سنڌ جي ان ڪافر قلعي اندر ڪاهي پيو. ٺٽي جي هڪ معمولي هندو گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو ليلا رام هو. محض ذاتي مطالعي، غور ۽ فڪر جي زور تي ابتدائي عمر ۾ ئي مسلمان ٿيو، ۽ ”قومي خدمت“ جو ڪم شروع ڪيائين. پهريان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي مرحوم جي سنگت ۾ شامل ٿيو. رئيس مرحوم سنڌ جي مسلمانن، خاص طرح سان وڏيرن مان پهريون ماڻهو هو، جنهن جي سياست ”پروگريسو“ هئي. نوڪر شاهيءَ کان نفرت ۽ ملڪ جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. ”الامين“ نالي اخبار ڪڍيائين. شيخ عبدالمجيد کي اُن جو ايڊيٽر بڻايائين. جيرامداس دولت رام (جيڪو پاڪستان کان اڳ سنڌ جي ڪانگريسي هندن جو تسليم شده اڳواڻ هو، ۽ هندستان جي ٽـُـٽڻ ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ هندستان جي چوٽيءَ جي ليڊرن مان شمار ٿيو ۽ ڪجهه عرصي تائين اُت گورنر به ٿي رهيو)، ڄيٺمل پرسرام (سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو، سنڌي صحافت جي ميدان جو شهسوار ۽ سنڌ جو سچو عاشق)، ديوان سنت داس منگهارام (حيدرآباد جو برک قانون دان)، ۽ مسٽر عبدالجبار (وڪيل) به ان سنگت ۾ شامل هئا.)

البته خلافت تحريڪ ئي هئي(جا ڪجهه سالن بعد شروع ٿي)،جيڪا شيخ صاحب جي حقيقي جوهرن کولڻ جو سبب بڻي.

هن تحريڪ جو مقصد شيخ صاحب جي مفصل سوانح حيات مرتب ڪرڻ جو نه آهي. ان لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ گهڻي مواد جي ضرورت آهي. مان هن ڪتاب ۾ صرف انهن ڳالهين جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪي مون کي نظر آيون يا جن منهنجي حافظي تي مستقل نشان ۽ اثر ڇڏيا. اهو اصول نه صرف شيخ صاحب جي باري ۾ مدنظر رهيو آهي، پر ٻين بزرگن جي سلسلي ۾ پڻ.

شيخ صاحب جي ابتدائي زماني کي ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ، سن 1924ع کان، پاڻ منهنجي اکين اڳيان پئي رهيو آهي. آئون ڪڏهن به سندس گروپ ۾ شامل ڪو نه ٿيس، پر ڏسندو سڀ ڪجهه رهيس. هينئر اسان ٻنهي جي زندگين جي ڪهاڻي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي آهي، ته ساري تصوير ٺهي، جـُـڙي، مڪمل ٿي، اکين اڳيان ڦرڻ لڳي آهي.

مجموعي طور، جيتريقدر آئون ڏسي سگهيس، شيخ صاحب جي سياسي زندگيءَ جا چند خاص مقصد رهيا- مثلاً:

(1) هندستان جي آزادي (1938ع کان پوءِ پاڪستان جي آزادي).

(2) اسلام ۽ مسلمانن جي سربلندي (آل انڊيا پيماني تي).

(3) سنڌ جي ڀلائي (هر لحاظ سان).

اِهي وڏا مقصد هئا: وڏي دماغ، وڏي حوصلي، وڏي اخلاق ۽ وڏين ذاتي صلاحيتن جي وسيلي ئي ماڻهو ان ڏس ۾ ڪجهه اڳتي وڌي سگهيو ٿي. اهو ڪرشمو شيخ صاحب جو هو، جو سنڌ جهڙي پسمانده ملڪ جو غريب ٿي، ۽ بنا ڪنهن ساز و سامان يا مال ۽ دولت جي، سياست جهڙي سلوڻي لـُـقمي کي، وڏيرن جهڙن واسينگن جي وات مان ڇڪي ڪڍڻ (“ ساڳئي وقت پاڻ به جيئري رهڻ) لاءِ ساري عمر جُهڌ ۽ جتن ڪندو رهيو.

شيخ صاحب وٽ قلم هو، زبان هئي، دماغ هو، ارادي جي قوت هئي، ان کان سواءِ وٽس ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. هٿئين خالي وڙهندو رهيو- ڪڏهن هندن سان، ڪڏهن انگريزن سان، ڪڏهن انگريزن جي ٽوڊين سان، ڪڏهن سياسي ٺيڪيدارن سان، ڪڏهن سيٺين سان، سردارن ۽ سـَـرن سان. نتيجو ڪجهه به پئي نڪتو، پر دائما هٿ صاف ۽ ڳاٽ اوچو رهيو. عملي سياست ۾ مقام پيدا ڪرڻ ۽ ٿي سگهي ته هر هنڌ پهرين نمبر عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ خود وڏيرن جي پنهنجن اختلافن مان فائدي وٺڻ جو فڪر هوندو هوس، ڇو ته سندس جهڙي هڪ غريب ڪارڪن لاءِ اڳتي وڌڻ جو اهوئي طريقو ٿي سگهيو ٿي، پر اهو ”جوڙ توڙ“ به مناسب ۽ اخلاق جي حدن اندر ٿيندو ٿي رهيو. ڪراچي ضلعي (هاڻوڪي ٺٽي ضلعي) جي سياسي وڏيرن ۾ اختلاف پيدا ٿيو ته پاڻ منجهان هڪ ڌر سان شامل ٿي، کانئن بمبئي ڪائونسل جي هڪ سيٽ ڇڏائي ورتائين. لاڙڪاڻي ضلعي جا وڏيرا وڙهيا ته منجهان هڪ پارٽيءَ سان شامل ٿي، سر شاهنواز ڀٽي مرحوم جي تڪ مان اميدوار بيهي، سـَـر صاحب کي شڪست ڏئي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سر شاهنواز خان هميشه لاءِ سنڌ جي سياست مان خارج ٿي وڃي بمبئيءَ ۾ هڪ سرڪاري عهدو وٺي ويهي رهيو. جت اختلاف جي اهڙي صورت بڻجي ڪانه سگهي، ات شيخ صاحب هميشه هارايو. جنهن جو مطلب هيءُ رهيو ته سنڌ جي مسلمان عوام شخصي طور شيخ صاحب جي قدر شناسي ڪا نه ڪئي ۽ سندس خدمتن، قربانين، جسماني ڪاوشن، دماغي ۽ قلمي پورهئي جو ڪو لحاظ ڪو نه رکيو. ڏينهن گذرندي ۽ وقتن ڦرندي سياسي گرا گنجا به سنڌ جا وزير بڻيا رهيا، پر شيخ صاحب کي هڪ دفعي جي ٻارهن مهينن جي وزارت کان سواءِ، ڪجهه ڪونه جڙيو، حالانڪه شيخ صاحب هر لحاظ سان ملڪ جي وڏي ۾ وڏي منصب ماڻڻ جو اهل ۽ حقدار هو. سنڌ جي سياسي ماڻهن مان صرف هو صاحب ئي هو، جنهن کي عالمي سياست جي پروڙ هئي، آل انڊيا مسئلن جي باري ۾ ڪا راءِ هئي، ۽ پاڻ دنيا جي وڏي مان وڏين سياسي مجلسن جو مور بڻجي ٿي سگهيو، پر غريب هو، سنڌ جي پيداوار هو- لعل لـِـڏ ۾ ئي لڪل رهجي ويو‍‍!

 ٻه - ٽي دفعا جيل ۾ به وڌائونس، جوانيءَ ۾ ٻه - ٽي دفعا انگريز سرڪار، ۽ عمر جي پڇاڙيءَ ۾ پاڪستان جي مسلمان حاڪمن (ايوب خان) انگريز تي ته ميارڪ ڪانه هئي، پر پاڪستان جي مسلم ليگي وزيرن ۽ حاڪمن لاءِ مناسب ڪونه هو ته هو به ساڻس اهو سلوڪ روا رکن. هو پاڪستان جي معمارن ۽ محسنن مان هو. مثلاً: هندستان جي ورهاڱي ۽ مسلمانن جي علحده قوم هجڻ ۽ سندن آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ حقدار هجڻ جي باري ۾ پهريون ٺهراءُ، جو 1938ع واري ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ پاس ٿيو ۽ جنهن کان پوءِ ساري برصغير ۾ پاڪستان جي تحريڪ چالو ٿي وئي، سو شيخ صاحب جو لکيل ۽ پيش ڪيل هو. ان ٺهراءَ ۾ هندستان جي مسلمانن جو سارو طرف پيش ٿي ويل هو ۽ اهڙو مفصل ۽ زوردار ٺهراءُ ان کان اڳ يا پوءِ پاس ڪو نه ٿيو. (ٺهراءُ جو متن آخر ۾ ضميمي طور ڏجي ٿو.)سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو الوحيد اخبار سان وابستگي ۽ منجهس ڇپجندڙ سندس بيشمار تحريرون هيون. اُها روزانه اخبار شروع ۾ ته سيٺ عبدالله هارون جي شرڪت ۽ مدد سان نڪتي، پر پوءِ سيٺ صاحب پاڻ نڪري ويو ۽ الوحيد جو سارو ادارو شيخ صاحب جي سپرد ٿيو، جنهن کي پاڻ عوام جي مدد ۽ چندي سان هلائيندو رهيو، سال 1954ع تائين (جڏهن پاڪستان جي سرڪار الوحيد کي ڪجهه عرصي لاءِ حڪماً بند ڪيو ۽ بندش کان پوءِ وري اُٿي نه سگهي). پر جيترو عرصو اُها اخبار جاري رهي، سنڌ مٿان سندس ڌاڪو رهيو.

طرز تحرير شيخ صاحب جي سياسي هوندي هئي. ڊگها مضمون لکندو هو. سنڌ جي مسلمانن جي بهتري ۽ سربلنديءَ جي خيال سان، وڏيون وڏيون تعميري اسڪيمون پيش ڪري رڍن اڳيان رباب وڄائيندو رهندو هو. سياسي تحرير ۾ جذباتي ۽ لفظي لوڻ مرچ ڪو نه ٿو ٿئي، تنهنڪري سندس مضمونن کي دوامي ادبي حيثيت حاصل ڪانه ٿي سگهي ۽ هزارين مضمون الوحيد سان گڏ دفن ٿي ويا. هن کان پوءِ جيڪڏهن ڪو سنڌي محقق اهي مضمون هٿ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇاپيندو ته انهن جي ذريعي سنڌ بلڪ ساري هندستان جي اُن زماني جي تاريخ ۽ سياسي مفڪرن جي سوچ جا اندازا اکين اڳيان ڦرڻ لڳندا. پر اهو ڪم ڪير ڪندي ڪو دل جهليوئي ڪري سگهندو. هن وقت ته مون اهڙو ڪو علمي محنت ڪش نظر ڪو نه ٿو اچي.

هڪ ڀيرو شيخ صاحب جي آل انڊيا سياست ۾ وڏي شهرت ٿي. پاڻ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو ناميارو صدر چونڊيو (مولانا شوڪت علي مرحوم خلافت ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو هو)، ۽ پنهنجي اصابت راءِ سان هندستان کي ايتري قدر متاثر ڪيائين، جو ستت ئي سندس صدارت هيٺ آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس به سڏائي وئي، جنهن هندستان جي آئيني مسئلن بابت تجويزون تيار ڪيون. آل انڊيا سياست ۾ سندس قدم رکڻ مان سنڌ کي اهو فائدو ضرور پهتو جو هر موقعي تي سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد ڪرائڻ لاءِ آواز اٿندو رهيو، جنهن اڳتي هلي اثر پيدا ڪيو ۽ سنڌ بمبئي کان علحده ٿي، پنهنجي مٿان جدا صوبي جي حيثيت حاصل ڪئي.

خلافت تحريڪ جي شروعات ۾ شيخ صاحب حاجي عبدالله هارون سان گڏجي ڪم ڪيو، پر جيئن جيئن ٻئي بزرگ مچي مڙس ٿيندا ويا، تيئن تيئن منجهن هڪٻئي ڏانهن روايتي سنڌي سياسي مسهائپ جو جذبو پيدا ٿيندو ويو. هونءَ  به ”بشريت“ جون تقاضائون اڻ ٽر ٿين ٿيون. بهرحال، شيخ صاحب الوحيد، عبدالله هارون مرحوم جي هٿن مان ڪڍي، پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي ۽ ٻين عهدن لاءِ باهمي سياسي رقيب طور هڪٻئي کي اکئين لايون ويٺا رهيا.

ٻه - ٽي دفعا مون کي شيخ صاحب سان گڏ سنڌ کان ٻاهر همسفريءَ جي سعادت حاصل رهي. 1941ع ۾ مدراس ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ٿيو. ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آئون ۽ شيخ صاحب گڏجي مدراس وياسين. ڊگهو ريل جو سفر هو. گهڻين ڳالهين ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ شيخ صاحب گذشته تاريخي واقعات ۽ پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪندو هليو. افسوس آهي جو هاڻي گهڻيون ڳالهيون وسري ويل اٿم.

ٻيو دفعو، 1945ع ۾، وائسراءِ ويول هندستان جي ليڊرن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ کين شملي سڏايو. جناب جي. ايم. سيد، قائد اعظم رحه جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، تنهن جي استدعا تي آءٌ ۽ شيخ صاحب به ساڻس گڏجي شملي وياسون.

1936ع ۾ جڏهن مسلم ليگ تحريڪ جي نئين دور جي ابتدا ٿي ته قائداعظم مرحوم سنڌ پاران شيخ صاحب کي پنهنجي آل انڊيا ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو هو. پر اڳتي هلي جيئن سنڌ جي وڏن ماڻهن (جيڪي شروع ۾ ليگ کان متنفر هئا)، ليگ طرف رخ رکيو، تيئن شيخ صاحب کي ورڪنگ ڪاميٽيءَ مان ڪڍي حاجي عبدالله هارون مرحوم کي سندس جاءِ تي آندو ويو. ساڳيءَ طرح پهريان ٻه سال شيخ صاحب سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو صدر رهيو، پر پوءِ سندس بدران ان منصب لاءِ به حاجي عبدالله هارون مرحوم، کي چونديو ويو. سنڌ جي سياست ۾ مقام حاصل ڪرڻ ۽ مقام ماڻڻ لاءِ دولت جو هجڻ لازمي هوندو هو ۽ شيخ صاحب وٽ دولت ڪا نه هئي! البت هيءُ قبول ڪرڻو پوندو ته حاجي صاحب به آل انڊيا سياست جو خوب ڄاڻو ۽ شيخ صاحب جو هم پله هو. جيڪڏهن منجهن ڪو فرق هو ته صرف هيءُ ته شيخ صاحب وٽ قلم ۽ زبان هئي، دولت ڪانه هئي. حاجي صاحب مرحوم وٽ دولت ۽ سياسي شعور هو، قلم ۽ زبان ڪا نه هئي.

ذاتي رهڻيءَ ڪرڻيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سادگي، صفائي ۽ سنجيدگيءَ جي تصوير بڻيو رهيو. جوڙيءَ جا سفيد ڪپڙا جسم تي، ڊگهيرڙي قميص ۽ پاجامو، محفل هوندي ته مٿان شيرواني. ڪاري کلائين ٽوپي مٿي تي، انگريزي جوتو پيرن ۾، صورت بزرگانه، خسخس پر نوڪدار ڏاڙهي، قد ڊگهيرڙو، بـُـت ڇڙڪ، سفر ۾ هلندو ته مختصر اوڇڻ بغل ۾، ڪاغذن ۽ اخبارن سان ڀريل ٿيلهو هٿ ۾. الوحيد پريس جي جنهن ڪاٺاوين ننڍڙي ڪمري ۾ ويهي سلپن مٿان سلپون، مضمون جون لکيو پيو ڇپجڻ لاءِ اندر ڪمپازيٽرن ڏانهن موڪليندو هو، تنهن ڪمري ۾ هڪ پراڻي ننڍي ميز ۽ معمولي ڪرسي پيل هئي. ڪمري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته پوري ٻوهاري به ڦريل ڪانه هوندي هئي. مگر اهڙي ماحول ۾ به سندس سياسي خيال آسمان کي پيا ڇهندا هئا.

شيخ صاحب جي ڄمار هن وقت نوي ورهين جي قريب آهي، ٿورو مٿي يا گهٽ. ڪي ورهيه ٿيا ته سياست ڇڏي چڪو آهي. جسم جواب ڏئي چڪو اٿس ۽ ويسارو وڪوڙجي ويو اٿس. تنهن ڏينهن اخبارن ۾ سندس ”گمشدگي“ جي خبر پڙهي، دل کي ڏاڍو ڌڌڪو رسيو. پوءِ معلوم ٿيو ته صبح جو شيخ صاحب فجر جي نماز مسجد ۾ پڙهڻ لاءِ گهر کان نڪتو،موٽندي رستو وسري ويس، سو وڃي اڇي قبر (پراڻي ڪراچي) وٽ نڪتو. اُت ڪن ماڻهن کيس سڃاڻي بروقت کٽ تي سمهاري ڇڏيو. شام جو گهر وارن کي خبر پئي ته اتان موٽائي وٺي آيس.آزاديءَ ۽ تقسيم برصغير کان پوءِ (جيڪو شيخ صاحب جي پنهنجي خواب جو تعبير هو)، شيخ صاحب جو مقام يونائيٽيڊ نيشن هو، به حيثيت مستقل مندوب جي، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته ساري دنيا حيرانيءَ ۾ پئجي وڃي ها ته سنڌ ۾ به ماڻهو پيدا ٿيندا آهن، جيڪي بين الاقوامي سياست بلڪ خود ماڻهپي جو سينگار هوندا آهن، پر....

سسئي شهر ڀنڀور ۾، نڪي رڙ نڪي روءَ!

بين الاقوامي سياست جي باري ۾ شيخ صاحب جي فهم ۽ ادراڪ جو هڪ مثال ٻڌو: 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي. هٽلر، جرمنيءَ جو، ڊڪٽيٽر، جنهن جنگ شروع ڪئي، هونءَ ته روس ۽ ان جي ڪميونزم جي سخت برخلاف هو، پر جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ چالاڪي ڪري ساڳئي روس سان صلح، تعاون، دوستيءَ ۽ مدد جو معاهدو ڪري ورتو هو. روس ۽ جرمنيءَ ان معاهدي هيٺ پولينڊ جي ملڪ کي پاڻ ۾ ورهائي کڻڻ جو منصوبو بڻايو هو ۽ اِها ئي ڀيتي هئي، جيڪا قبول ڪري، روس هٽلر کي پنهنجي طرفان بي فڪر ڪري، انگريزن ۽ فرانس سان جنگ ڪرڻ لاءِ رستو کولي ڏنو هو، جيڪڏهن هٽلر روس سان اِهو معاهدو ڪري، روس واري طرف کان بي فڪر نه ٿئي ها ته هو روس جي خوف وچان، انگريزن ۽ فرانس سان جنگ نه ڇيڙي سگهي ها، اِن جي معنيٰ اها ٿي ته هٽلر جي جنگي منصوبي جو بنيادي پٿر معاهدو هو.

جنگ جي اعلان کان پوءِ هندستان جي سياسي پارٽين انگريزن کي جنگ ۾ مدد ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ڪانگريس هيءُ ٿي سمجهيو ته جرمنيءَ ۽ روس جي اِن معاهدي کان پوءِ هٽلر جي ڪاميابيءَ ۽ انگريزن جي شڪست يقيني ٿي چڪي آهي ۽ انگريزن جي کٽڻ جو ڪو به امڪان ڪو نه رهيو تنهنڪري ڪانگريس ته تڪڙ ۾، مهاتما گانڌيءَ جي مشوريءَ سان، پنهنجي پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان پاليسيءَ جو مول متو هيءُ هو ته انگريز هندستان کي هڪدم آزاد ڪري، ڪانگريس جي حوالي ڪري ڇڏي، ٻي صورت ۾ ڪانگريس انگريزن جي مدد ڪري ڪانه سگهندي. اکرن جي هير ڦير جيڪا به هئي، پر مطلب اهو ٿي نڪتو.

(قائد اعظم) جناح صاحب رحه دور انديش ۽ ديرينو مدبر هو. ڪانگريس وانگر جوش ۾ اچي، تڪڙي فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو هو. تنهنڪري هـُـن صاحب ٻه - ٽي هفتا پاڻ سوچڻ ۽ مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ کي حالتن جي مطالعي ڪرڻ لاءِ موقعي ڏيڻ ۾ لائي ڇڏيا. آخر مسلم ليگ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس دهليءَ ۾ سڏايائين. سنڌ مان شيخ عبدالمجيد، حاجي عبدالله هارون ۽ آئون وياسين. شيخ صاحب ۽ آئون فتحپوري مسجد جي سامهون ڪارونيشن هوٽل ۾ گڏ رهياسين. حاجي صاحب وڃي هوٽل نئين دهليءَ ۾ رهيو. ميٽنگ ۾ اڃا ٻه ڏينهن هئا، ان وچ ۾ (قائداعظم) جناح صاحب رحه سان آئون ۽ حاجي عبدالله هارون گڏياسين. پاڻ مون کي حڪم ڪيائين ته جنگ جي باري ۾ مسلم ليگ جي ڪهڙي پاليسي هجي، تنهن موضوع تي ٺهراءُ لکي تيار ڪريان. ڪا خاص هدايت ڪا نه ڏنائين، صرف اهو چيائين ته حالتون سامهون آهن، انهن تي نظر رکندي مسودو تيار ڪر. مون کي اها خبر ڪانه هئي ته اهڙي اهم ٺهراءُ جي مسودي تيار ڪرڻ جو بار مون تي وڌو ويندو. مان ساڻس هائو ڪري، موٽي اچي ڪارونيشن هوٽل پهتس، ات شيخ صاحب کي صورتحال ٻڌايم ۽ کيس عرض ڪيم ته اوهان صلاح ڏيو ته آئون ڇا لکان، ڇو ته بين الاقوامي حالات جي مون کي پنهنجي سر گهڻي پروڙ ڪا نه آهي.

شيخ صاحب هيءَ راءِ ڏني:

”مسلم ليگ کي وچولي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي. نه انگريز سان دشمنيءَ جي ۽ نه اهڙيءَ دوستيءَ جي، جو اڳتي هلي پاسي موڙڻ لاءِ به گنجائش نه رهي. جنگ ۾ ڪاميابي انگريز کي حاصل ٿيندي. ڪجهه وقت کان پوءِ هٽلر ۽ روس پاڻ ۾ وڙهندا ۽ جنهن معاهدي کي اڄڪلهه جي بيوقوف دنيا ايتري قدر پختو پئي سمجهي، سو ناپائيدار ثابت ٿيندو. آخر ۾ انگريز ۽ روس پاڻ ۾ ملي وچ ۾ هٽلر کي چيڀاٽي ڇڏيندا. تنهنڪري جنگ جي اهڙي انتها ۽ اهڙي انجام کي اکين اڳيان رکي، پوءِ پنهنجي پاليسيءَ جو ٺهراءُ تيار ڪريو.“

مون انهيءَ لائين تي ٺهراءُ جو مسودو تيار ڪري قائد اعظم جي اڳيان رکيو، جنهن مسودي کي منظور ڪري مون کي حڪم ڪيو ته ٻئي ڏينهن ڪائونسل جي اجلاس ۾ آئون ئي اهو ٺهراءُ پيش ڪريان. ٻئي ڏينهن ٺهراءُ منهنجي نالي سان پيش ٿيو. ان ٺهراءُ جو ڪانگريس جي ٺهراءُ سان مقابلو ڪري، اڄ به فرق محسوس ڪري سگهبو ته ڪير صحيح ثابت ٿيو.

هاڻي غور ڪريو! هيءَ ڳالهه جنگ ڇڙڻ کان ٻن - ٽن هفتن پوءِ جي آهي. ان وقت سارو عالم (گانڌي، نهرو، روزويلٽ، چرچل ۽ ٻيا ان ڪڙيءَ جا ليڊر ۽ مفڪر ۽ بين الاقوامي سياست جا ماهر) هن بنياد تي ٿي هليو ته هٽلر ۽ روس جو معاهدو ڪڏهن ڪو نه ٽٽندو ۽ اهي ٻئي طاقتون پڇاڙيءَ تائين گڏجي هلنديون. پر سنڌ جي هڪ سياسي قلندر يعني شيخ عبدالمجيد ڪيئي سال اڳ ۾، هتان ويٺي ڏٺو ته اهو معاهدوقائم رهي ڪو نه سگهندو، تنهنڪري فتح انگريز جي ٿيندي. اهو هو پايو شيخ صاحب جو بين الاقوامي سياست ۾!

ضميمو

ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس (آڪٽوبر 1938ع) ۾ شيخ عبدالمجيد جو لکيل ۽ پيش ڪيل ٺهراءُ هن سببان بلڪل اهم آهي، جو هندستان خواه مسلم ليگ تحريڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ان ئي ٺهراءَ جي ذريعي ”پاڪستان تحريڪ“ جو بنياد پيو. ٺهراءَ جي تاريخي اهميت جي پيشِ نظر آئون ان جو متن هت ڇاپي محفوظ ڪري ڇڏيان ٿو، جيئن ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي.

ٺهراءَ جو متن ۽ مضمون جو سنڌي ترجمو

(اصل ٺهراءُ انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين).

جڏهن ته انڊين نيشنل ڪانگريس جو، هندو مسلم جي باري ۾، آل انڊيا مسلم ليگ سان ڳالهين ڪرڻ کان انڪار، (هن بهاني سان ته مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي اڪيلي نمائنده جماعت نه آهي) ظاهر ڪري رهيو آهي ته ڪانگريس جي نيت اها آهي ته مسلمان قوم کي حصن بخرن ۾ ورهائي مٿن (هندو) راڄ مسلط ڪري ۽ ساڳئي وقت هندستان جي اقليتن جي مسئلي کي به سلجهائڻ بدران هميشه لاءِ منجهائي ڇڏي، حالانڪه مسلم ليگ گذريل پندرهن سالن کان ان سلسلي ۾ ڪي (بي نتيجه)ڪوششون پئي ڪندي رهي آهي...

جڏهن ته ڪانگريس، پيسي ۽ اخبارن جي زور تي، سڌيءَ طرح مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڏني آهي، تاڪه هڪ طرف مسلمان قوم جي ٻـَـڌي ٽـُـٽي ۽ ٻئي طرف دنيا تي اثر پئي ته ڪانگريس خود هندستان جي سڀني قومن جي نمائنده جماعت آهي...

جڏهن ته ڪانگريس هندو راڄ قائم ڪرڻ جي نيت سان صوبن ۾ اهڙيون وزارتون ٺاهيون آهن، جن ۾ يا ته مورڳو ڪنهن مسلمان کي شامل ڪو نه ڪيو اٿائين، يا جيڪڏهن (نالي خاطر) ڪو مسلمان وزير کنيو به اٿائين ته اهڙو، جنهن کي پنهنجي مسلمان قوم ۾ ڪو به نمائندگيءَ جو مقام حاصل نه آهي، حالانڪه وزارتن قائم ڪرڻ جو اهو طريقو گورنمينٽ آف انڊيا جي آئيني سڌارن واري ايڪٽ خواهه (برطانيه سرڪار طرفان) جاري ڪيل هدايتنامي Instrument of Instructions جي روح ۽ لفظ جي ابتڙ آهي...

جڏهن ته ان (غلط) طريقي سان قائم ڪيل صوبائي وزارتن اهڙيءَ طرح ۽ طور سان راڄ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيئن مسلمانن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري، سندن حوصلو برباد ڪري ڇڏين، مسلمانن جي صحتمند ۽ تعميري ثقافتي اثرات کي (هندستان مان) ختم ڪري ڇڏين، مسلمانن جي مذهبي رسم و رواج ۽ (اسلام ڏانهن) سندن (يعني مسلمانن جي) ذميدارين کي ميساري ڇڏين ۽ سندن حقن کي (جيڪي بحيثيت هڪ جدا قوم جي کين حاصل آهن) پامال ڪري ڇڏين...

جڏهن ته جمهوريت جي تسليم شده اصولن جي ابتڙ ڪانگريس جي اها ڪوشش آهي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي، تن صوبن ۾ به مسلمانن جي سياسي قوت کي اڀرڻ نه ڏجي ۽ ان مقصد سان ڪانگريس انهن صوبن (مثلاً صوبه سرحد، بنگال، پنجاب ۽ سنڌ) ۾ به اهڙن گروپن کي طاقت ۾ آڻي رهي آهي (يا ساڻن گڏجي مشترڪه وزارتون ٺهرائي رهي آهي، يا مشترڪه وزارتن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي) جن گروپن کي مسلمان عوام جو اعتماد حاصل نه آهي...

جڏهن ته ڪانگريس پنهنجي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي نالي ۾، ۽ ان جي ذريعي صوبائي وزارتن مٿان پنهنجو اختيار ڄمائي رکيو آهي، جيڪو طريقو صرف فاشي آمريتن ۾ مروج رهي ٿو ۽ جنهن طريقه ِّ ڪار جو نتيجو هينئر هيءُ نڪري رهيو آهي، جو پارلياماني رسم و رواج ۽ آئيني روايتن کي اُپڙڻ جو موقعو ڪو نه ملي رهيو آهي، مسلمانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي ۽ کين سندن جائز حـصي حاصل ڪرڻ کان به محروم رهڻو پيو آهي ۽ ان اپرانڌ، صوبائي وزارتن کي، مسلمانن جي حقوق ۽ مفادن جي مدنظر سان، از سرنو تشڪيل ڪرڻ کان به صاف انڪار ٿي چڪو آهي...

جڏهن ته ڪانگريس هيءَ فيصلا ڪري چڪي آهي ته:

(الف) مسلمانن جي سخت اعتراض جي باوجود وديا مندر اسڪيم (پراڻي هندو طريقي سان هنديءَ ۾ تعليم ڏيڻ جوطريقو، جنهن تي هندو مذهب ۽ تهذيب جو پهلو غالب رهي ٿو) کي رائج ڪيو وڃي...

(ب) بندي ماترم جي گاني کي قومي تراني جي حيثيت ڏئي مسلمانن تي به مڙهيو وڃي، حالانڪه ان گاني ڪري مسلمانن جا جذبات مجروح ٿين ٿا، منجهس بـُـت پرستيءَ جا جزا موجود آهن ۽ ان جي ڪري مسلمانن جي خلاف نفرت جو ٻج پوي ٿو.

(ج) هندي ۽ ديوناگري رسم الخط کي هندستان جو قومي رسم الخط متعين ڪيو وڃي، حالانڪ مسلمانن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي، ڇو ته ان جي ذريعي هندو مذهب جي خيالن ۽ هندو فلسفي ۽ ڪلچر جو ٻج انساني دماغن ۾ پوکجي ٿو ۽ هندستان مٿان برهمڻ ڪلچر جي مسلط ٿيڻ جو امڪان روشن ٿئي ٿو.

(د) هندو ميجارٽي جي زور تي لوڪل باڊيز ۾ گڏيل چونڊون ڪرايون وڃن، جيئن مسلمانن کي صحيح نمائندگي حاصل ڪرڻ جو وجهه نه ملي.

(هه) اردو اسڪول بند ڪيا وڃن ۽ اردو تعليم جي حوصله افزائي نه ڪئي وڃي، جيئن هندستان مان اردوءَ جو نانءُ نشان ميٽجي وڃي.

(و) تقرير ۽ جائز سياسي ڪاروبار جي آزاديءَ کي ان بهاني سان بند ڪيو وڃي ته ”لا اينڊ آرڊر“ قانون ۽ امن عامه لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.

(ز) مسلمانن جي مذهبي آزادي، ريتن ۽ رسمن ۾ رڪاوٽ وڌي وڃي، ڏاڍائي ۽ هٿيارن جي مدد سان...

جڏهن ته هندستان جي هندو اڪثريت هزارين سالن کان ”ڇوت ڇات“ جي رسم تي ڪاربند رهي آهي، جيڪا رسم قوميت، انساني مساوات ۽ جمهوريت جي انهن جملي اصولن جي ابتڙ آهي، جيڪي اصول باقي ساري دنيا اڳ ۾ ئي اختيار ڪري چڪي آهي يا انهن لاءِ واجهائي رهي آهي ۽ جنهن رسم وگهي اڄ هندستان جا ڪروڙين انسان اقتصادي ۽ اجتماعي طرح عدم مساوات جا شڪار ٿي چڪا آهن ۽ دوامي غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن...

۽ جڏهن ته هندستان اندر واحد متحد قوميت جو اُسرڻ ۽ اُڀرڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي ۽ جنهن جا ڪارڻ هي آهن ته هندو اڪثريت جي پراڻي (مذهبي) ڇوت ڇات واري ذهنيت اڃان قائم آهي. اها هندو اڪثريت مسلمان قوم جي بدخواه ثابت ٿي چڪي آهي، ۽ علاوه ازين منجهن (هندو ۽ مسلمانن ۾) مذهب، زبان، رسم الخط، ڪلچر، تمدني روايات، نظرياتي لاڙن ۽ زندگيءَ جي مقصدن ۾ بنيادي فرق آهي (ڪنهن حد تائين ته نسلي فرق به آهي)...

تنهنڪري، هيءَ ڪانفرنس ضروري سمجهي ٿي ته برصغير ۾ دائمي امن، تمدني ارتقا، اقتصادي تعمير ۽ بهتري ۽ وڏين ٻن قومن کي حق خوداري (Self- Determination) ڏيارڻ خاطر آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش  ڪجي ته هوءَ هن ڳالهه تي ازسرنو غور ڪري ته هندستان لاءِ ڪهڙو آئين مناسب ٿيندو ۽ جنهن جي ذريعي انهن پنهنجي قومن کي پنهنجو پنهنجو صحيح مقام ميسر ٿي سگهندو. (پنهنجي مٿي) اهڙي آئيني رٿا تيار ڪري، جنهن هيٺ مسلمان قوم مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي...

وڌيڪ هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا گڏيل وفاق (جنهن لاءِ 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾ بندوبست ڪيل آهي) کي نامنظور ڪري ٿي ۽ حڪومت برطانيه کان مطالبو ڪري ٿي ته هوءَ ان ايڪٽ کي عمل ۾ آڻڻ کان پاڻ کي روڪي، ڇو ته ان ايڪٽ ۾ ڏنل رٿا هندستان جي عوام لاءِ بالعموم ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ بالخصوص نقصانده آهي.

(آخر ۾) هيءَ ڪانفرنس اعلان ڪري ٿي ته هندستان جا مسلمان اهڙو ڪو به آئين قبول ڪو نه ڪندا، بشرطيڪه ان جو بنياد (هن ٺهراءُ ۾) مٿي ڄاڻايل اصولن تي رکيل هجي ۽ مسلم ليگ جي مشوري ۽ ان جي منظوريءَ مان تيار ڪيل هجي“. پيش ڪندڙ: شيخ عبدالمجيد ايم. ايل. اي. (سنڌ)

تائيد ڪندڙ: خانبهادر گرماني ايم. ايل. اي (پنجاب)

مزيد تائيد ڪندڙ: سر حاجي عبدالله هارون ايم. ايل. اي (مرڪز)

سيد عبدالرؤف شاهه ايڊووڪيٽ ۽ ايم. ايل. اي (سي. پي)

مولانا عبدالحامد بدايوني (يو. پي)

(نوٽ: ڪراچي ڪانفرنس جي ڇپيل رپورٽ حڪومت پاڪستان جي آرڪائوز Archives اسلام آباد ۾ موجود آهي- نمبر اٿس 349، جلد 4، قائد اعظم رحه جي ڪاغذن جي .(Accession -List

(”اهي ڏينهن اهي شينهن - ڀاڱو – 2“ مان کنيل)

 


(1) برني: متذڪره صدر، ص 117.

(2) سيد احمد اڪبر آبادي: مولانا عبيدالله سنڌي اور انڪي نقاد. ص 43.

. نوٽ: شيخ صاحب 24- مئي 1978ع تي وفات ڪئي، هيءُ مضمون ان کان ڪجهه وقت اڳ لکيو ويو هو. - ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com