علامه رُشدالله شاهه راشدي
ڊاڪٽر مدد علي قادري
سنڌي قوم حوصله مند ۽ غيرت مند قوم آهي. هن قوم غيرن جي غلامي ۽ پرمارن جي
محڪومي ۽ ذلت واري طوق کي پنهنجن ڪنڌن تان لاهي
ڦٽي ڪرڻ ۽ آزادي جهڙي بي بها نعمت کي حاصل ڪرڻ
لاءِ اڻ ملهه قربانين ڏيڻ کان گريز نه ڪئي آهي.
آزاديءَ جي راهه ۾ هن قوم جابرن ۽ غاصبن طرفان هر تڪليف، تشدد ۽ قيد و بند
جي اذيتن کي خوشيءَ سان قبول ڪيو آهي. تاريخ گواهه
آهي ته هن مقدس زمين جي عظمت قائم رکڻ لاءِ هر
طبقي قرباني ڏني آهي. جتي جنگي جوانن دولهه دريا
خان ۽ هوشو شيدي پنهنجي خون سان هن گلستان جي
آبياري ڪئي آهي ته اتي زعماء جهڙوڪ جان محمد
جوڻيجي ۽ غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجن سونهري قربانين
سان سندن آن ۽ مان کي چار چنڊ لڳايا آهن. علماء
جهڙوڪ مولانا تاج محمود امروٽي ۽ پير غلام مجدد
سرهندي پنهنجي تحريرن، تقريرن ۽ عملي جدوجهد سان
حمله آور ۽ غاصب حڪمرانن جو مقابلو ڪيو آهي.
وطن عزيز کي ڌارين جي تسلط کان آزاد ڪرڻ لاءِ برصغير پاڪ و هند ۾ مختلف
تحريڪون هلايون ويون: خلافت تحريڪ، اتحاد بين
الـُـمسلمين (پئن اسلامزم) حر تحريڪ، ريشمي رومال
تحريڪ، هجرت تحريڪ، ترڪ موالات، تحريڪ نافرماني
وغيره - انهن سڀني تحريڪن ۾ سنڌ سونهاري جي ذي
شعور ۽ دانشور سپوتن جو ڀرپور حصو تحريڪ آزاديءَ
جو بلاشڪ هڪ چمڪندڙ باب آهي.
اسان هن مقالي ۾ سنڌ جي هڪ عظيم هستي عالي جناب فضيلت ماب علامه رُشدالله
راشدي رح جي مثالي حياتي ۽ خلافت تحريڪ ۾ سندس
سونهري ڪردار جو تذڪرو ڪنداسون:
لاجواب عالم، بي نظير شاعر، بي مثال فقيـه، عظيم مفسر ۽ شعله بيان خطيب
علامه رُشدالله شاهه بن سيد رشيدالدين شاهه جي
ولادت باسعادت 1277هه مطابق 1860ع ڳوٺ پير جهنڊي ۾
ٿي (1) ۽ سندس وفات حسرت آيات سن 1340هه مطابق
1921ع ۾ ٿي (2).
سندن تعليم و تربيت
الله تعاليٰ جو علامه رُشدالله رح تي وڏو احسان هو، جو هن علم وفيض، رشدو
هدايت مان معمور راشدي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندن
والد عالي جناب رشيدالدين شاهه (1317هه/1900ع) (3)
صاحب العلم الثالث المعروف به بيعت ڌڻي به وڏو
عالم ۽ صاحب تقويٰ ٿي گذريو آهي (4). هن پنهنجي سر
به اولاد کي تعليم ڏني ۽ چوٽيءَ جا عالم سندن
تعليم و تربيت لاءِ گهرائي رکيا.
سندن اُستاد
1- قاضي عبدالغني کڏهري (5) (1294هه)
سندن پهريون استاد مولانا عبدالغني ڪيريو کڏهري هو، جو پنهنجي وقت جو هڪ
جيّد عالم هو. کڏهر تعلقي نواب شاهه ۾ ڄائو.
مٽيارين جي عالم مخدوم عبدالڪريم وٽ تعليم حاصل
ڪيائين. کڏهر ۾ هڪ درسگاهه قائم ڪيائين. پير
رشيدالدين شاهه صاحب جي ارشاد تي، ڪجهه وقت پير
صاحب جي فرزندن کي ابتدائي تعليم ڏنائين. پير
رشدالله صاحب هن استاد وٽ پارسي ۽ عربيءَ جا
ابتدائي ڪتاب ۽ قرآن مجيد پڙهيو. هن جا ڪي علمي
رساله ۽ تحريرون سندن لائق پوٽي مولانا عبدالله
ڪيريه وٽ محفوظ آهن.
2- مولوي قاضي فتح محمد نظاماڻي(6) (1270هه - 1339هه)
سندن ٻيو استاد قاضي فتح محمد ولد حاجي عبدالله خان نظاماڻي هو. هو ٽنڊي
قيصر ۾ ڄائو. فتح محمد نظاماڻي وقت جي وڏن عالمن
وٽ، زانوئي ادب تهه ڪري، ڪمال حاصل ڪيو. سندن
استاد حسب ذيل آهن:
(1) سيد خان محمد شاهه (2) مولانا پير محمد ٿيٻو (3) قاضي عبدالغني کڏهري.
موري منگر تعلقه حيدرآباد ۾ شيخ محمد عاقل جي سڏ تي هڪ درسگاهه قائم ڪيائين.
محمد عاقل موصوف پير رشيدالدين شاهه جو مريد هو.
پير صاحب ان جي دعوت تي ويو ته اتي فتح محمد
نظاماڻي صاحب کي ڏٺائين، پوءِ ٽنڊي قيصر ۾ حاجي
عبدالله جي دعوت تي ويا ۽ حاجي عبدالله سان ذڪر
ڪري مولوي فتح محمد کي پير جهنڊي وٺي آيا. سندس
شاگرد:
(1) پير رشدالله صاحب (2) پير امام الدين شاهه صاحب (3) پير مظهرالدين شاهه
صاحب (4) مخدوم غلام محمد صديقي (5) ميان محمد
حسين جمالي.
سندس تصنيفات: (1) مفتاح رُشدالله، تفسير سنڌي، 1200 صفحن ۾ (2) مجمع
الفيوضات، ترجمه: جامع البرڪات. اهي ملفوظات حضرت
روضي ڌڻي رح جون غير مطبوع آهن. (3) تحفة المحبين
(4) انعام الباري، ترجمه: صحيح بخاري (5) ميزان
الصرف (6) ارشاد الصرف وغيره.
هـُـو وقت جو يگانو عالم، فاضل ۽ صاحب قلم هو.
مولانا عبيدالله سنڌي، فتح محمد نظاماڻيءَ جي علميت متعلق لکي ٿو ته (7):
”پير جهنڊي ۾ قاضي فتح محمد صاحب سان علمي صحبتون
مون کي هميشه ياد رهنديون.“
3- مولانا عبيدالله سنڌي :
پير رُشدالله صاحب کي شهرهِّ آفاق مولانا عبيدالله سنڌي جي شاگرديءَ جو شرف
حاصل ٿيو. حديث جا وڏا ڪتاب مولانا موصوف وٽ
پڙهيائون (8).
پير رُشدالله سائين جي علمي ذوق ۽ جستجو جي ڪا حد ڪانه هئي. جيڪڏهن ڪنهن
عالم جي ڪٿي به اچڻ جي خبر ٻڌندا هئا ته ڪشالو ڪري
انهن وٽ پهچندا هئا.
مدرسه دارالرشاد جي معائني لاءِ هندستان کان وڏا عالم ايندا هئا،جن جو ذڪر
اڳتي ايندو. انهن سان علمي نقطن تي بحث مباحثا ڪري
پنهنجي علميت ۾ اضافو ڪيائين، بالخصوص مولانا حسين
بن محسن انصاري يماني. مولانا يماني ڪجهه وقت پير
جهنڊي ۾ قيام ڪيو. حديث جي سند علامه يماني کان
حاصل ڪيائين (9).
مٿي ذڪر ڪيل علماءَ ِّ وٽ تمام ديني علوم: علم الفرائض، علم التفسير، علم
الفقه، علم الحديث، اسماءَ الرجال، علوم عقليه ۾
منطق، فلسفه، هيئتـه، نجوم، جفر ۽ طب جو گهرو
مطالعو ڪيائون.
علمي سرگرميون ۽ ادبي خدمتون
(الف) مدرسه دارالرشاد جو بنياد وجهڻ (10).
پير سائين رشيدالدين شاهه رحه جي ايامڪاري ۾ پير جهنڊي ۾ ڪو مدرسو ڪو نه هو.
مسجد شريف ۾ فقط طالبن کي قرآن شريف جي حفظ ۽
ناظره تعليم ملندي هئي. سجاده نشين ٿيڻ کان به سال
پوءِ پير رُشدالله رحه کي خيال آيو ته ڇو نه هڪ
عربي مدرسي جو بنياد رکجي، جتي ماڻهن کي صحيح ديني
تعليم ڏجي ۽ سندن فڪر جي اصلاح ڪجي. اهڙو خيال
مولانا عبيدالله سنڌي سان ڪيائون، جو انهن ڏينهن ۾
امروٽ شريف ۾ تعليم ڏيندو هو ۽ پير جهنڊي ۾ پيو
قرب جا قدم ڀريندو هو.
مولانا عبيدالله صاحب ساڻن اتفاق ڪيو ۽ گڏو گڏ مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ ۽ انتظامي
امور ۾ تعاون ڪرڻ جو به پاڻ تي ذمو کنيو. اهڙيءَ
ريت مجوزه مدرسه دارالرشاد جي نالي سان هن خطي ۾
قائم ٿيو.
پير رُشدالله رحه جي دارالرشاد قائم ڪرڻ جي خدمت سنڌ جي سر زمين تي هڪ وڏو
احسان آهي. ۽ اها اڪيلي پيش ڪش سندس ڇوٽڪاري جو
باعث آهي. هن مدرسي ۾ شروع ۾ هيٺيان يگانه عالم
تعليم ڏيندا هئا.
(1) مولانا عبيدالله سنڌي، (2) مولانا عبدالله لغاري،
(3) مولانا محمد احمداڻي، (4) مولانا نجم الدين جهلم وارو.
نصاب:
هن مدرسي جو نصاب (11) جديد طرز تي هو. علوم شرعيه ۽ عقليه سان گڏ عام
اسڪولن ۽ ڪاليجن وارا مضمون به هن مدرسي ۾ پڙهايا
ويندا هئا: مثلاً رياضي، جاميٽري، علم طبعي، علم
ڪيميا، تاريخ، جغرافيه ۽ انگريزي.
هن مدرسي ۾ سنڌ ته ڇا بلڪ هندستان، ايران، وچ ايشيا کان شاگرد ڪشالا ڪري
ايندا هئا ۽ مدرسي جي ماهر استادن جي تعليم کان
مستفيض ٿي گوهر ناياب ٿي نڪتا. هن مدرسي مان چند
فارغ التحصيل طلبه جا نالا ڏجن ٿا،
1- پير سائين ضياءَ الدين شاهه بن علامه رُشدالله شاهه، 2- مولانا محمد اڪرم
انصاري مرحوم، 3- مولانا احمد علي لاهوري مرحوم،
4- مولوي حبيب الله ميمڻ ٺيڙهي وارو، 5- پير سائين
احسان الله شاهه، 6- مولوي سيد عبدالله شاهه
سربازي (ايران)، 7- مولوي دين محمد شيخ مرحوم
بهاولپور، 8- مولوي عبدالستار صاحب لغاري.
هن مدرسي جي معائني ۽ امتحان لاءِ سنڌ کان ٻاهر چوٽيءَ جي عالمن کي مدعو ڪيو
ويندو هو. چند علماء جا نالا پيش ڪجن ٿا.
1- مولانا شيخ الهند محمودالحسن ديوبند، 2- مولانا اشرف علي ٿانوي، 3-
مولانا محمد احمد ديوبند، 4- مولانا حسين بن محسن
انصاري يماني قاضي رياست ڀوپال، 5- مولانا غلام
محمد مدرسه نعمانيه لاهور، 6- ڊاڪٽر ضياءَ الدين
وائيس چانسلر مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه.
هن مدرسي مان جيڪي به خوش نصيب عالم ٿي نڪتا، انهن پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾
مدرسا کوليا، ان ڪري اسان هن چوڻ ۾ حق بجانب آهيون
ته مدرسه دارالرشاد ام المدارس هو.
مولانا عبيدالله سنڌي ۽ علامه پير رُشدالله جي دلي تمنا هئي ته هن مدرسي کي
ترقي ڏيئي جامعه جي حيثيت ڏجي ۽ سنڌ جي مختلف ڳوٺن
۾ مدرسا کولجن ۽ انهن جو الحاق مجوزه جامعه سان
ڪجي. اهڙي ريت دين جي صحيح تعليم عام ڪجي. ان نيڪ
جذبي ماتحت ڪيترن ڳوٺن ۾ مدرسا کوليا ويا ۽ ڳوٺن
جي مخير ۽ دولتمند ماڻهن، مولوين ۽ طالبعلمن جي
خرچ پکي جو بار پنهنجي ڪلهي تي کنيو (12).
اها نيڪ اسڪيم ڪجهه وقت خير و خوبي سان هلي، ليڪن انگريز سرڪار هن پروگرام
کي اڳتي هلڻ نه ڏنو ۽ ڪجهه وقت ته مدرسو دارالرشاد
بند به ٿي ويو هو.
(ب) ڪتب خانه جي توسيع
پير رُشدالله جي ٻي نمايان خدمت هئي سلف صالحين جي ڪتب خاني جي توسيع. روضي
ڌڻي رح ۽ بيعت ڌڻي رح کان ورثي ۾ مليل لائبريري ۾
حد کان زياده واڌارو ڪيائين. سندن راءِ هئي ته هڪ
عالم لاءِ ضروري آهي ته معياري ڪتاب سندس ڪتبخانه
۾ هجن. پير سائين نهايت وڏا عالم هئا، تنهنڪري ڪتب
خاني جي به وڏي توسيع ڪيائون. (13).
سنڌ جي تعليمي مرڪزن مثلاً سيوهڻ، ٺٽو، هالا پراڻا، مٽياري، پاٽ، درٻيلو
وغيره مان علم دوست خاندان جا ڪتبخانه پئسن مان يا
ڀرائي ۽ ٿوري طور آڻي گڏ ڪيائون، بالخصوص مخدوم
هاشم ٺٽوي جوڪتبخانه ۽ چوٽيارين جي ميان مبين جو
ڪتب خانه.
اهڙيءَ ريت بمبئي ۽ حيدرآباد دکن طرف به عالمن کي ڀاڙا ڏئي موڪليندا هئا،
جتي هو خريد ڪرڻ جي صورت ۾ ڪتاب خريد ڪندا هئا يا
ناياب ڪتاب نقل ڪندا هئا. عراق، مصر ۽ سعودي عربيه
مان به ڪتاب گهرائيندا هئا.
پاڻ جڏهن حج يا عمري تي ويندا هئا ته اتي ڪتب خانن ۾ وڃي ڪتاب خريد ڪندا هئا
يا نقل ڪرائيندا هئا.
سندن ڪتب خانو هندستان جي معياري ڪتب خانن مان هڪ شمار ڪيو ويندو هو.
مخطوطات جي ڪري به هيءُ ڪتب خانه مان استفاده ڪيو
آهي.
مولانا عبيدالله سنڌي به هن ڪتب خانه جي تعريف ۾ لکي ٿو (14) ”منهنجي مطالعي
جي تڪميل ۾ هن ڪتب خانه فيض جو وڏو دخل هو.“
(ج) تحقيق ۽ مناظرا
علامه رشدالله هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو. سنڌ جي مختلف هنڌن ۽ ٻين ملڪن جي
لائبريرين مان ڪتاب گهرائي انهن کي ڪٻٽن جي زينت
نه بنايائون، ليڪن هر استاد ۽ شاگرد ۾ تحقيق ۽
مناظري جو روح ڦوڪيائون (15). ۽ وقت بوقت مختلف
مسائل تي بحث مباحثا ۽ مناظرا ٿيندا هئا. ڪنهن به
مسئلي تي فتويٰ ڏيڻ لاءِ اهو مسئلو اساتذه ۽ طلبه
کي ٻڌايو ويندو هو، ان تي خوب بحث ٿيندو هو، ڪافي
ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ان مسئلي جي فتويٰ ٿيندي هئي.
(د) تصنيف و تاليف
اسان جيئن اڳي ذڪر ڪيو آهي ته علامه رشدالله کي مطالعي جو انتها شوق هو.
پنهنجي مطالعي ۽ معلومات کي عوام الناس تائين
پهچائڻ ۽ انهن کي روح اسلام کان صحيح طور متعارف
ڪرائڻ ۽ معاشري ۾ بدعتن جي بيخ ڪني لاءِ قلم
پنهنجي هٿ ۾ کنيائون. خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽
ٻين محققن جي اندازي مطابق علامـه صاحب تقريباً 70
(ستر) ڪتاب لکيا آهن (17) جن مان اڪثر ڪتاب فقـہ
تي آهن. انهن مان ڪي ڪتاب سندن حياتي مبارڪ ۾ شايع
ٿيا ۽ اڪثر ڇپجي نه سگهيا آهن ۽ مسودن جي صورت ۾
پيا آهن.
خلافت تحريڪ ۾ حصو
ويهين صديءَ جي شروع ۾ ترڪي هڪ طاقتور مسلم شهنشاهت هئي ۽ هن جو اقتدار
ايشيا، افريقا ۽ يورپ کنڊن ۾ پورين چئن صدين کان
هو جو يورپي ملڪن جي يهودي و نصاري قومن جي ڪک ۾
ڪان جي مثل هو، يورپ جي مڪار قومن ترڪي کي ڪمزور
بڻائڻ، ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واسطي ڪيتريون سازشون
سٽيون ۽ ڪيتريون جنگيون جوٽيون، مثلاً جنگ طرابلس
۽ جنگ بلقان، جن ۾ ترڪن جي شڪست ٿي هئي ۽ ڪيترا
زرخيز علائقا سندن قبضي مان نڪري ويا.
برصغير پاڪ و هند جا مسلمان ترڪيءَ جي سلطان کي خليفو تصور ڪندا هئا، لهاذا
ترڪ سلطان جي شڪست کي پاڪ شرعي منصب ۽ پنهنجي
عقيدي جي ذلت تصور ڪيو (18).
جلد ئي پهرين جنگ عظيم آگسٽ 1914ع ۾ شروع ٿي. جرمني ڇاڪاڻ جو جنگ بلقان ۾
ترڪن جي مدد ڪئي هئي، ترڪيءَ جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو ۽
اتحادين خلاف جنگ ۾ ٽپي پيو، جن ۾ برطانيه به شامل
هو.
مڪار انگريز حڪومت مسلم دنيا کي ترڪن خلاف اُڀارڻ لاءِ مختلف حربا استعمال
ڪيا. عربن ۾ قوميت جو پرچار ڪري، انهن کي
خودمختياري لاءِ اُڀاريو (19) ۽ هندستان جي
مسلمانن کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ ۽ اتان ماڻهن جي
لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ برطانوي وزير اعظم جارج لائڊ
5 جنوري 1918ع تي هيٺ ڏنل اعلان ڪيو (20).
”اسان هن لاءِ لڙائي نٿا ڪريون ته ترڪي کي ان جي دارالخلافت (قسطنطنيه) کان
محروم ڪريون، يا ان کي ايشيا مائنز ۽ ٿريس جي
زرخيز زمين کان محروم ڪريون، اسان سلطنت ترڪيه جي
قيام ۽ بقا ۽ ان جي وطن ۽ ان جي دارالسلطنت کي
چئلينج نٿا ڪريون.“
آمريڪا جي صدر وڊرو ولسن به 8 جنوري 1918ع تي هن اعلان جي تائيد ڪري مسلمانن
کي فريب ۽ دوکيبازي واري خاطري ڏني (21).
اهڙن ڪوڙن وعدن ۽ تسلين تي هندستان جا مسلمان برطانوي فوج ۾ ڀرتي ٿيا.
11- نومبر 1918ع تي جنگ پوري ٿي، جرمني ۽ ترڪي کي شڪست نصيب ٿي. 3- نومبر تي
ترڪي اتحادين سان عارضي جنگبندي جو صلحنامو به ڪيو
هو ۽ ذلت آميز شرط به مڃيا هئا. ذلت آميز معاهدي
جي خبر ملڻ شرط هندستان جي غيور مسلم دانشورن ۾
تاءُ پيدا ٿيو. جنگ جي ختم ٿيڻ شرط برطانيا ۽ ان
جي اتحادين ترڪي سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
ٿريس يونان جي حوالي ڪيو ويو، ايشيا مائنز جا
علائقا فرانس ۽ انگلينڊ جي تحويل ۾ ڏنا ويا، نه
فقط اهو بلڪ ترڪي کان سندس اصلي پرڳڻا به کسيا
ويا. سلطان وحيدالدين جو اختيار مڪمل طور کسيو ويو
۽ هو ننڍي علاقي جو وڃي نالي ماتر سلطان رهيو
(22).
هندستان جا مسلمان برطانيه ۽ سندس اتحادين جي طرفان وعدي خلافي ۽ ترڪي سان
ڪيل هلت جي خلاف اٿي کڙا ٿيا ۽ سلطان وحيدالدين جي
خلافت ۽ سندس اختيار جي بحالي لاءِ هڪ تحريڪ شروع
ڪئي، جا خلافت تحريڪ جي نالي سان سڏجي ٿي (23).
دهلي ۾ مرڪزي خلافت ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي، اهڙي طرح سنڌ ۾ به حاجي عبدالله
هارون جي سربراهي ۾ سنڌ صوبائي خلافت ڪميٽي بنائي
وئي (24).
حڪومت خلافت تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ مولوين جون خدمتون حاصل ڪيون. هندستان
۾ مولوي عبدالحق حقاني ۽ سنڌ ۾ مولوي فيض الڪريم
ٺارو شاهي مڪه جي شريف حسين جي فائدي ۾ هڪ فتويٰ
تحقيق الخلافت نالي تحرير ڪئي ته سڄي مسلمان دنيا
جو خليفو شريف حسين آهي. سنڌ ۾ پنجانوي مذهبي
اڳواڻن، پيرن ۽ عالمن ان فتويٰ جي حق ۾ صحيح ڪئي،
سڄي سنڌ ۾ اها فتويٰ ورهائي وئي.
هن فتويٰ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ ان جي مخالفت ۾ سنڌ جي بي شمار عالمن ٻي
فتويٰ اظهار الڪرامت جاري ڪئي، جيڪا سلطان وحيد
الدين جي خلافت جي حمايت ۾ هئي. (25).
1923ع تائين پوري هندستان ۾ خلافت تحريڪ زور شور سان هلي، جنهن ۾ خاص طور تي
سنڌ، وڏي ۾ وڏو حصو ورتو، آخر 1923ع ۾ ترڪي ۾
انقلاب آيو، اتاترڪ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽
ترڪيءَ ۾ خلافت جو خاتمو ٿيو، اهڙي طرح خلافت
تحريڪ جي پڄاڻي ٿي (26).
علامه رُشدالله جن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اگرچه سندس زندگي ايترو
ساٿ نه ڏنو، مگر پاڻ انهيءَ تحريڪ جي سلسلي ۾
هيٺين ريت خدمتون سرانجام ڏنيون.
1- سنڌ صوبائي خلافت ڪميٽي ۾ بحيثيت هڪ بنيادي رڪن جي.
سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽي جو بنياد آڪٽوبر 1919ع ۾ پيو، جنهن جا باني ارڪان
هن ريت هئا:
1- حاجي عبدالله هارون، 2- پير تراب علي شاهه راشدي 3- مولانا تاج محمود
امروٽي، 4- پير علي انور شاهه راشدي، 5- پير
رُشدالله راشدي (28).
2- تحريڪ خلافت دوران ترڪ ڀائرن لاءِ مالي امداد
مرڪزي خلافت ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ترڪ ڀائرن لاءِ چندا گڏ ڪري ترڪي ڏانهن
موڪليا وڃن، تنهنڪري پير سائين جن مرڪز کان رسيدون
گهرايون، رسيدن تي قرآن مجيد جي هيءَ آيت شريف
لکيل هئي:
من يقرض الله قرضاً حسناً فيضعفـه لـه و اجر کريم
پير سائين جن انهيءَ فنڊ ۾ دل کولي چندو ڏنو ۽ پنهنجي جماعت خواه متعلقين کي
پڻ چندي ڏيڻ لاءِ فرمايو. هر جمعي تي چندو ٿيندو
هو، ٿوريئي وقت ۾ ٽيهه هزار روپيا (جو ان وقت تمام
گهڻو ناڻو هو) گڏ ٿي ويا، جي ترڪي فنڊ ۾ موڪليا
ويا.
چندي ڏيڻ وقت هر هڪ خلافتي جي زبان تي حضرت علامه پير صاحب جن جي هم عصر
شاعر ۽ بزرگ مولانا تاج محمود امروٽي رح جن جي
ڪلام جي هيءَ مصرع هر وقت هوندي هئي:
ڏنو به تو آه گهرين به تون ٿو،
اسان کي تنهن جي لٽڻ ۾ ڇاهي (28).
3- خلافت تحريڪ خلاف تحقيق الخلافت نالي فتويٰ جي جواب اظهار الڪرامته نالي
فتويٰ جو اجراء:
جيئن ته مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته انگريز حڪومت خلافت تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ
هڪ چال چلي ته مسلمانن ۾ ڦوٽ وجهجي ته جيئن اهي
انهيءَ تحريڪ ۾ حصو نه وٺي سگهن، بلڪه اختلاف و
افتراق جو شڪار ٿي وڃن. انهيءَ لاءِ انهن مختلف
مولوين کي لالچون ڏيئي کانئن اهڙيون فتوائون لکائي
ملڪ ۾ پکيڙيون ته خلافت جو حقدار شريف حسين (عرب)
آهي، نه وحيدالدين (ترڪ) اهڙي فتويٰ مولوي فيض
الڪريم ٺارو شاهي لکي سرڪار جي حوالي ڪئي، جنهن
پنهنجي طاقت جي زور تي صحيحون وٺڻ شروع ڪيون (29).
ان وقت هالا ڊويزن تي ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر نبي بخش هو، جنهن مولوي عبدالعزيز بن
مولوي عبدالطيف حيدرآبادي تي صحيحون وٺڻ جو ڪم
رکيو (30).
آخرڪار مٿيون مولوي صاحب جڏهن پير سائين جن (رُشدالله صاحب) جي خدمت ۾ پهتو،
تڏهن پاڻ يڪدم مدرسي جي عالمن کي گهرايائون ۽ کين
سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائون. ڳچ وقت جي بحث مـُـباحثي
بعد هيءُ طئي ٿيو ته پير سائينءَ جن انهيءَ رسالي
(تحقيق الخلافة) تي مخالفت جي صحيح به نه ڪن،
ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته گورنمينٽ ڪا ڊاهه ڊوهه ڪري،
دستخط ۽ مهر مان ڪو غلط فائدو نه وٺي.
مولانا دين محمد وفائي مرحوم ان وقت امروٽ شريف ۾ رهندو هو. امروٽ شريف جا
اُن وقت سجاده نشين مولانا تاج محمد هئا. انهن جي
صلاح سان مولانا وفائي مرحوم هڪ فتويٰ لکي، جنهن ۾
ثابت ڪيو ويو ته شريف حسين خليفو نه بلڪه باغي
آهي. اُتي جي عالمن انهيءَ فتويٰ جي تصديق ڪئي. ان
بعد مولانا وفائي مرحوم ۽ مولوي شيخ عبدالعزيز
مرحوم انهيءَ فتويٰ تي عالمن کان صحيحون وٺڻ لاءِ
سنڌ جي سير تي نڪتا. هيڏانهن وري رشدالله شاهه جن
مولوي عبدالقادر صاحب احمداڻي سانگهڙائيءَ کي
ارشاد ڪيو ته اهي به هڪ فتويٰ لکن. فتويٰ تيار ٿي،
جنهن ۾ وحيدالدين (ترڪ) جي خلافت کي حق قرار ڏنو
ويو. اها فتويٰ اخبار ”الحق“ ۾ غالباً 1918-1919ع
۾ شايع ٿي هئي. انهن فتوائن ماحول کي خلافت تحريڪ
لاءِ پوري طرح هموار ڪري ڇڏيو.
الغرض، سلطان وحيدالدين ترڪ جي حمايت ۾، مڪي جي شريف حسين (عرب) جي باغي
ثابت ڪرڻ بعد، شاهه صاحب جي ڪوششن سان ۽ مختلف
علمائن جي صحيحن سان ”اظهار الڪرامـة“ نالي فتويٰ
شايع ڪئي وئي (31)، جنهن تحريڪ خلافت ۾ جان پيدا
ڪري ڇڏي.
4- الوحيد اخبار جو اِجراءَ ِّ
پير رُشدالله رح ۽ مولانا تاج محمود رح جي ڪوششن سان هن اخبار جو اجراءَ
1919ع ۾ ٿيو ۽ الوحيد اصل ۾ مسلمانن جي خليفي
وحيدالدين (ترڪ) جي نالي ڏانهن منسوب ڪندي، نالو
ڏنو ويو. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر قاضي
عبدالرحمان ٿي گذريو آهي (32). جڏهن صاحب موصوف
جيل ۾ وڌو ويو، تڏهن شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ايڊيٽر
طور ڪم ڪرڻو پيو.
بهرحال، هن اخبار ذريعي شاهه صاحب ۽ امروٽي بزرگ، جن جي خواهش مطابق اهڙو
مواد عوام ۾ پکيڙيو وڃي، جيڪو مسلمانن ۾ پنهنجي
مسلم قوميت جو احساس پيدا ڪري. مسلم برادريءَ لاءِ
همدردي، اُخوت، ايثار، قرباني وغيره جهڙن صفتن جو
عملي جذبو بيدار ٿئي. خاص طرح انهيءَ وقت جي حالات
کان عوام و خواص کي باخبر رکڻ لاءِ ضروري بيانات
جاري ڪرڻ جو ذريعو بنايو ويو، جنهن ۾ ترڪي خلافت
جي بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ، مسلمانن جو وقار برقرار
رکڻ، مسلمانن جي حقوق جي نگراني ڪرڻ ۽ مسلمانن جي
فلاح و بهبود جو سامان مهيا ڪرڻ وغيره جهڙا شغل
شامل ڪيا ٿي ويا.
5- خلافت تحريڪ بابت جلسا ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ
پير صاحب کي الله تبارڪ و تعاليٰ دل ۽ دماغ جي بيشمار خوبين سان نوازيو هو.
اڳواڻي ۽ سربراهي جون سڀئي صلاحيتون سندن شخصيت ۾
وديعت ٿيل هيون. قلم جو ڌڻي هئڻ سان گڏ بهترين
مقرر ۽ ولوله انگيز خطيب به هئا. تقريرن ذريعي
مسلمانن جي صفن ۾ اتحاد، تنظيم ۽ يقين جي فضا پيدا
ڪرڻ عموماً ۽ خلافت تحريڪ ۾ شريڪ جي دعوت ڏيڻ
خصوصاً سندن نمايان خدمت رهي.
سندن ئي نيڪ ڪوششن سان سنڌ جي مختلف هنڌن تي خلافتي جلسا منعقد ٿيا، جن مان
لاڙڪاڻي شهر ۾ 3-4 ۽ 5 فيبروري 1920ع تي ڪوٺايل
سنڌ صوبائي خلافت ڪميٽي جي پروقار ڪانفرنس قابل
ذڪر آهي (33). هيءَ ڪانفرنس 31 سيپٽمبر 1919ع تي
لکنؤ ۾ منعقد ڪيل مرڪزي خلافت ڪانفرنس کان پوءِ
ڪنهن به صوبي ۾ سڏايل پهرين عظيم ڪانفرنس هئي. هن
ڪانفرنس جي خصوصيت هيءَ به هئي ته مختلف ڀاڱن مان
آيل مندوبين مان اڪثر تعداد علمائن جو هو (34).
(عام طرح مشاهدو آهي ته علماءَ پنهنجي پذيرائي
حاصل ڪرڻ لاءِ انتشار جو شڪار آهن).
هن عظيم الشان جلسي جي اهميت هن ڪري به آهي ته هندستان مان چوٽيءَ جا عالم ۽
اڳواڻ مثلاً امام الهند مولانا آزاد، مولانا
عبدالباري ۽ فخر هند مولانا شوڪت علي پهريون دفعو
سنڌ ۾ آيا ۽ هن جلسي ۾ رونق افروز ٿيا (35) جلسي
جي صدارت پير رشدالله جن ڪئي. سندن صدارتي خطبو هڪ
تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. مولانا آزاد ۽
مولانا شوڪت علي به سندن خطبي جي تعريف ڪئي.
برصغير پاڪ و هند جو عظيم ليکڪ ۽ پارکو پير علي محمد راشدي هن خطبي جي
ساراهه هن ريت ڪري ٿو: (36).
”سندس صدارتي خطبو هڪ نادر علمي ۽ مذهبي دستاويز تصور ٿيو، جنهن ساري
هندستان اندر انگريز خلاف احساس عام پيدا ڪري
ڇڏيو. هيءُ خطبو ٻين تاريخي دستاويزن سان گڏ ڇپجي
محفوظ ٿيڻ گهرجي.“
لاڙڪاڻي ڪانفرنس جي خير خوبي سان خاتمي کان پوءِ بمبئي ۾ سڏايل ڪانفرنس جا
15-17 فيبروري 1920ع تي ٿي، ان ۾ شرڪت ڪيائون (37)
(بمبئي ڪانفرنس کان پوءِ جلد ئي سندن وفات ٿي). (38)
6- پير صاحب جي لاڙڪاڻي ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي خطبي جون چند جهلڪيون
اسان پير صاحب جي لاڙڪاڻي ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي خطبي جون چند جهلڪيون پيش
ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿا ڪريون:
*
حضرات! خلافت جو سوال اسلام جي موت ۽ زندگيءَ سان
ٻڌل آهي. جيڪڏهن خدانخواسته خلافت دنيا مان مٽجي
وئي ته يقين رکڻ گهرجي ته مسلم هستي جي ساهه واري
رڳ ڪپجي ويندي.
*
جيڪڏهن توهين دنيا جي پيدا ٿيڻ ڏانهن ٿورو غور
ڪندا ته هيءَ ڳالهه پوريءَ طرح ثابت ٿي ويندي ته
مسلمان خلافت سان ۽ خلافت مسلمانن سان ٻـَـڌل آهي.
*
خلافت جي جوهر اسان کي ملائڪن جو مسجود بنايو.
خلافت جي انڪار ابليس جي ڳچيءَ ۾ طوق لعنت جو قيام
تائين وجهائي ڇڏيو.
*
خلافت هڪ اهڙي طاقت آهي، جو دنيا جي غير خدائي
قاعدن کي ٽوڙي ٿي سگهي ۽ هر هڪ ماده پرست جي گردن
کي ٽوڙي، ان کي ماديت جي هٺ کان بيدار ڪري سگهي
ٿي.
*
حضرات! توهان خلافت جي ضرورت کي ٻڌو ۽ هيءُ به
معلوم ڪيو ته اسلام جو امتيازي نشان فقط خلافت ئي
آهي.
*
حضرات! اهو واقعو جان گداز آهي، جو 19- جنوري
1920ع تي، اسان جا بزرگ، جن ۾ مولانا عبدالباري،
مسٽر تلڪ مهاراجا، مولانا ابوالڪلام آزاد، مهاتما
گانڌي، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي ۽ خادم
قوم سيٺ عبدالله هارون شامل هئا، وفد جي صورت ۾
ويا ته گورنمينٽ برطانيه عموماً مسلمانن جي جذبن
جو ترڪيءَ جي متعلق خيال فرمائي ۽ مسلمانن جي رواج
موافق خلافت عثمانيه جو فيصلو ڪري ۽ گورنمينٽ اهي
وعدا پورا ڪري، جي وقت بوقت حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين
ذميدار آفيسرن مسلمانن سان ڪيا آهن، پر افسوس جو
عرضداشت جو جواب اهڙن لفظن ۾ مليو، جو جگر کي خون
ڪري رهيا آهن.
*
حضرات! اڄ هت اُن لاءِ گڏ نه ٿيا آهيون ته اسين سڀ
ڳالهيون هڪ ڪـَـن کان ٻڌي ٻئي ڪـَـن کان ڪڍي، گهرن
۾ وڃي مٺي ننڊ ڪريون ۽ اُنهن بيوس ڀائرن جي خبر نه
لهون ۽ مذهب جي پرواهه نه ڪيون.
*
اڄ اسين انهيءَ لاءِ گڏ نه ٿيا آهيون ته تجويزون
پاس ڪري پنهنجا پئسا تارن تي خرچ ڪري ٻين جا گهر
ڀريون. اهي سڀ اوهان جون تارون ۽ ٺهراءَ رديءَ جي
ٽوڪريءَ ۾ اڇلايا ويندا ۽ ان تي ڪو به توجهه ڪو نه
ٿيندو (39).
*
اڄڪلهه اسلامي دنيا تي جي ظلم ٿيا آهن، سي فقط
هندستان تي نه آهن، جو اسان ان کي ڇڏي شام هليا
وڃون. هيءَ ته ڪفر ۽ اسلام جو جهڳڙو آهي، جتي به
ويندؤ ته اتي ڪفر توهان جي ناس ڪرڻ لاءِ موجود
آهي.
*
هاڻي اوهان ضرورخيال فرمائيندا ته باقي هندستان
وارن لاءِ اهو ڪهڙو فرض آهي جو اهي ان تي عمل ڪن.
اسان تي لازم آهي ته پنهنجا جهڳڙا جهيڙا پاڻ
نبيريون. اهڙيءَ طرح ولايت جون تيار ٿيل شيون
استعمال نه ڪريون. ضرورت جو سامان هت تيار ڪريون.
جپان جو مثال توهان جي سامهون آهي. اُٿو، توهان
دنيا کان سبق سکو ۽ عملي ميدان ۾ قدم وڌايو.
*
حضرات! ضروري آهي ته هڪدم يورپ سان تجارت ۽ معاشرت
مقدمات کي ترڪ ڪري ڇڏيون ۽ ان جي مال کان نفرت
ظاهر ڪريون. اهڙيءَ طرح انگريزي تعليم کان به حتي
الامڪان گوشو ڪيو وڃي. اها اهڙي زهريلي تعليم آهي،
جنهن اسان جا جذبات فنا ڪري ڇڏيا ۽ اسان مذهب کان
بيگانا بنجي وياسون. توهان تي فرض آهي ته انگريزي
پوشاڪ ۽ ان نموني جي ڏاڙهي ڪوڙائڻ مڇون رکائڻ کان
توبـہ ڪيون.(40)
حوالا
1. محمد صديق ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب، جلد 2 ص
4.4.
2. ايضاً ص 4.7
.
3. ايضاً.
4. علامه رشيدالدين شاهه متعلق مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي ”ذاتي ڊائري“ ۾
لکي ٿو: ص 16. ”مون لاءِ اها سعادت هئي جو آئون
مولانا رشيدالدين شاهه صاحب العلم الثالث جي محبتن
مان مستفيض ٿيس، مون سندن ڪرامتون ڏٺيون. ذڪر
اسماء ِّ حسيني ان کان سکيم. هو دعوت توحيد ۽ جهاد
جو هڪ مجدد هو.“
5. الرحيم مشاهير سنڌ نمبر، ص 181-82.
محمد جمن ٽالپر، اسلامي درسگاهه، ص 271.
مولانا وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، ص 201.
6. محمد جمن ٽالپر، اسلامي درسگاهه، ص 75-474.
مولانا قاسمي، الرحيم، منهنجي علمي ڊائري، ص 51
7. مولانا عبيدالله سنڌي، ذاتي ڊائري، ص 16.
8. ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونوگراف.
9. ايضاً.
10. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب، ج 2 ص 407.
ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونو گراف.
11. ايضاً.
12. ايضاً.
13. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب، ج 2 ص 405.
ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونوگراف.
14. مولانا عبيدالله سنڌي، ذاتي ڊائري، ص 16.
15. ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونو گراف.
16. ايضاً
17. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب، ج 2، ص 406 .
ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونوگراف.
18. K.K Aziz، Britain & Muslim
India. p 109.
19. ايضاً.
20. R.C Majumdar. Freedom Movement in India،
Vol 3 p 53.
طفيل منگلوري - مسلمانون کا روشن مستقبل، ص 494.
21. R.C Majumdar. Freedom Movement in India،
Vol 3 p 53.
22. Lord Eversley،
The
Turkish Empire
p 419.
23. R.C. Majumdar. Freedom Movement in
India p 53.
24. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ
جو حصو، ص 33.
25. ايضاً، بحواله لطف الله بدوي، خلافت تحريڪ جي نشونما، ”نئين زندگي“
جولاءِ 1967ع، ص 44.
26. ڊاڪٽر زرداري، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، ص 33.
27. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سنڌ جي سياسي جدوجهد، ص 116.
Perwaiz-
Ph. D Thesis Sindh University. p 193.
28. ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونوگراف، سال 1975ع
29. مولانا دين محمد وفائي، يادِ جانان، ص 8.
پير علي محمد راشدي، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ج 3 ص 239.
30. ايضاً.
ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونو گراف.
ڊاڪٽر زرداري، سنڌ جي سياسي جدوجهد، ص 123.
31 ڊاڪٽر صالح محمد شاهه، مونوگراف.
ڊاڪٽر زرداري، سياسي جدوجهد، ص 119.
32. پير علي محمد راشدي، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد 2، ص 392.
ڊاڪٽر زرداري، سنڌ جي سياسي جدوجهد، ص 117.
33. مولانا دين محمد وفائي، يادِ جانان، ص 13.
پير علي محمد راشدي، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد 2، ص 257.
34. مولانا وفائي، ايضاً.
35. مولانا وفائي ايضاً، پير علي محمد راشدي، ايضاً.
36. پير علي محمد راشدي، ايضاً.
37. پير علي محمد راشدي، ايضاً.
38. پير علي محمد راشدي، ايضاً.
39. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سنڌ جي سياسي جدوجهد، ص 14 کان 152.
40. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سنڌ جي سياسي جدوجهد، ص 153 کان 156.
شمس الدين بلبل
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو
اسان جي سنڌ سونهاري اهڙا سگهڙ ۽ سالڪ، عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ درويش سورهيه ۽
سرويچ، بي بها دُرّ پيدا ڪيا آهن، جن ديس واسين کي
اوج ۽ اقبال، عروج ۽ جلال جو اُتم نمونو ڏيکاريو.
انهن مان ڪي مانجهي مرد ڌارين جي ظالماڻي حڪومت
سان سينو ساهي ساڻيهه لاءِ سر ڏئي سرها ٿيا، ته ڪن
اٿاهه ساگر سوجهي مـُـلهائتا ماڻڪ موتي ميڙي،
سهيڙي سنڌ جي ساهت کي سينگارڻ جي جاکوڙ ڪئي. انهن
سڄڻن جا اهڙا ڪارناما، جن اسان جي جيءَ کي جياريو
آهي، انهن کي ور ور ڏئي ورجائڻ اسان جو وڙ آهي.
ميهڙ جي مردم خيز مٽيءَ مان به اهڙو بانڪو بهادر،
سورهيه سردار، آزاديءَ جو ڪوڏيو، ناميارو عالم ۽
اديب شاعر ۽ سڄاڻ صحافي ۽ سياستدان پيدا ٿيو، جنهن
انگريزن جي ڀيانڪ ۽ ڀوائتي دور ۾ همت ۽ حوصلي کان
ڪم وٺي، ماڻهن ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو ۽ سندن
شاندار ماضيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سنڌ جو هيءُ
سورهيه سپوت شمس الدين ”بلبل“ آهي، جيڪو سن 1857ع
۾ ميهڙ جي هڪ عزت ڀرئي ۽ مڇي مانيءَ واري گهراڻي ۾
پيدا ٿيو، اتي ئي نپنو ۽ پڙهي اوج کي رسيو. هيڻن
سان همدردي ڪرڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ
پاڻ هو. سندس نثر توڙي نظم ۾ سرويچي ۽ سورهيائي،
جرئت ۽ مردانگيءَ جون اَمٽ خوبيون جهلڪنديون نظر
اچن ٿيون، جن جو اَمرت رس وٺڻ سان مئل دليون به
جيئريون ٿيو پون.
مرحوم بلبل اهڙي سمي ۾ وڌي وڏو ٿيو، جنهن ۾ انگريزي دور جا جاگيردار ۽
زميندار غفلت جي سيج تي اکيون ٻوٽيون ويٺا هئا ۽
غريبن جي نيڻن مان لال لڙڪ وهي رهيا هئا. هيءُ اهو
وقت هو جڏهن ڪانگريس جي اڳواڻن هوم رول هلچل جي آڙ
۾ مسلمانن کي ڇيهو رسائڻ جي سازش ڪئي ۽ کين علمي،
مالي، سياسي ۽ پنگتي حيثيت سان فنا ڪرڻ جي جاکوڙ
ڪئي، پر اهو قدرت جو قانون آهي، ته هر سمي ۾ گهرج
آهر موليٰ جو مرد پيدا ٿيندو آهي، جنهن جي لام لڳي
ڀٽڪيل ماڻهو سنئين دڳ تي لڳندا آهن. بلبل سنڌ به
قوم جو هڪ اهڙو سونهون پيدا ٿيو، جنهن ستل کي سجاڳ
ڪرڻ ۽ سجاڳ کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪانگريسين جو
مردانگيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ سندن چالبازين جي پت
وائکي ڪندو ويو. ان مان اسان کي سـُـڌ پوي ٿي ته
بلبلِ سنڌ ۾ قومي غيرت ۽ وطن جي ورنهن جو اَمٽ
خزانو موجود هو ۽ سندس لؤن لؤن ۾ سنڌ جي ستايل
مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس جو جذبو ڇوليون هڻي رهيو
هو. ڪانگريسين به سندس سخت مخالفت ڪئي، پر هيءُ
مٿير مڙس دڙڪن ڀر ڪين ڊنو ۽ هن پنهنجي ڪلادار قلم
سان سنڌ واسين آڏو اهڙو آئينو پيش ڪيو، جنهن ۾
مسلمانن جي حقيقي تصوير بکڻ لڳي.
تاريخ شاهد آهي، ته مرحوم بلبل جنهن دور ۾ اکيون پٽيون، اهو دور وطن جي
آزاديءَ جو دور هو. جيئن ته انگريزن مسلمانن کان
حڪومت هٿ ڪئي هئي، ان ڪري کين هر وقت اهو ئي اُلڪو
هوندو هو، ته متان مسلمان ٻيهر اسان سان سينو
ساهن، ان ڪري انگريزن پڪو پهه ڪيو، ته مسلمانن کي
اهڙو ناس ڪجي، جو وري اُپڙي نه سگهن. انهيءَ ڪري
مسلمانن جا اڳواڻ جيلن ۾ وڌا ويا، ڪن کي سوريءَ تي
چاڙهيو ويو، ته ڪن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون.
مطلب ته انگريزن انتقام وٺندي مسلمانن کي هر طرح
پيهي ڇڏيو. ڌڻيءَ وري به ٻاجهه ڪري سڻائو واءُ
واريو، جو اهڙي حالت ۾ سنڌ جي هن سورهيه سپوت، سر
سيد احمد خان، شبلي، حالي ۽ آڪبر آله آبادي وانگر
اوندهه ۾ سوجهرو بنجي ڪريلن جا هٿ وٺي هڪ سڌارڪ جي
حيثيت ۾ مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
همٿايو ۽ کين احساس ڏياريو، ته هندن سان ڪلهو ڪلهي
۾ ملائي ترقي ڪرڻ ۽ گورن جي راڄ ۾ اوج ماڻڻ جو راز
انهيءَ مام ۾ مڙهيل آهي، پر ساڳئي وقت بلبل مرحوم
مسلمانن کي مذهبي روايتن کي هٿان نه ڇڏڻ جي هدايت
ڪري ٿو ۽ انگريزن جي نقاليءَ کان هوشيار ڪري ديسي
صاحبلوڪن جي لاک لاهي ٿو.اهڙي قسم جا آدرشي اهڃاڻ
سندس اندر مان اڌما ڏئي ٻاهر نڪرن ٿا، جن کي لفظي
لباس پهرائي، من موهيندڙ انداز ۾ پڙهندڙن کي
پنهنجي اُتساهه ۾ ڀاڱي ڀائي بنائڻ جا جتن ڪري ٿو.
هن مسلمانن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي ڀليءَ ڀت پروڙيو ۽
پرکيو ۽ هڪ سڄاڻ صحافيءَ جي حيثيت ۾ حقيقت جا اهڙا
چـِـٽ چٽيا، جو پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجو وڃن. هندو
مهاسڀائي اها ڳالهه سهي ڪو نه سگهيا، ان ڪري بلبل
مرحوم تي مسلمانن کي هندن جي خلاف ڀڙڪائڻ جي ڏوهه
هيٺ مقدمو داخل ڪيائون. انهيءَ هوندي به هيءُ
بانڪو بهادر وندر کي ووڙيندو، انهيءَ تار جي تنوار
پٺيان لڳو رهيو ۽ پير پٺتي ڪونه ڌريائين. وري قدرت
به هن مٿير مڙس جي قلم ۾ اها ڪـَـلا سمائي هئي، جو
هن پاڻ هندن جي اخبارن مان اهڙي قسم جا حوالا لکي
عدالت ۾ پيش ڪيا، جو فاضل جج نه رڳو کيس بي ڏوهي
ٺهرايو، پر اٽلندو هندن لاءِ فتويٰ ڏنائين، ته اهي
بنگال جي هندو وڳوڙين سان سهڪار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾
چندو گڏ ڪري رهيا هئا. ان فتويٰ تي هر هڪ مسلمان
جي ڏکن ڏڌن منهن مان سرهائي بکڻ لڳي ۽ سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ خوشيون ملهايون ويون. اهڙيءَ ريت بلبلِ سنڌ
جي سياسي سجاڳي، قومي غيرت ۽ ساڻيهه جي سچي سڪ
بابت هر هنڌ هاڪ ٻڌڻ ۾ آئي.
مرحوم بلبل جي سياسي سجاڳيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي
ٿو، ته هن هوم رول هلچل واري سمي ۾ پنهنجي جڳ
مشهور ڪتاب ”جام جم“ ۾ انگريزن جي ڪانگريس نوازي ۽
مسلمانن جي حق تلفيءَ بابت ڪارائتو مواد ميڙي
مسلمانن کي هوشيار ڪيو، ته پنهنجا حق حاصل ڪرڻ
لاءِ پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪريو. بلبل مرحوم هيءُ ڪتاب
سن 1918ع ۾ جوڙي راس ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو
هاڻي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو
آهي. هن ڪتاب ۾ بلبل مرحوم لکي ٿو ته:
”گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن، بازن سان چڙيون نه اُڏامن! اسان جي هستي،
اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان
صدبار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه
اسان جا محڪوم هئا، انگريزن جي چاپلوسيءَ ڪري هاڻي
اسان جا حاڪم ٿيا آهن. اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ گهرن ٿا.
اسان جا انهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا حق هئڻ گهرجن،
پر جدا ۽ نه گڏ.“
بلبل جي هيءَ صدا هڪ علحده اسلامي رياست ۽ مسلم قوميت جي واٽ سونهائي ٿي.
ساڳيءَ ريت، سن 1919ع ۾ جنهن مهل سندس روح خاڪي
پڃري مان نڪري پنهنجي حبيب سان هيڪاندو ٿيڻ وارو
هو، ان گهڙيءَ بلڪل پوين پساهن ۾ مرحوم بلبل چئي
رهيو هو ته ”هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا
بجڪا ڌار ڪريو.“ بلبل جا اهي لفظ پاڪستان جي سياسي
۽ تاريخي پس منظر ۾ خاص حيثيت رکن ٿا. سچ پچ ته
مرحوم بلبل جي ڳڻ ڳوت ۽ اڳ ويچاريءَ جو داد ڏيڻ
گهرجي، جنهن سن 1919ع ۾ اهڙي قسم جي پيشنگوئي ڪئي
هئي. مرحوم بلبل مسلمانن ۾ بهترين امت هئڻ جي پروڙ
پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ناصحانه ڪلام وسيلي مسلمانن کي
اخلاق جي واٽ وٺي هلڻ جو سبق ڏنو ۽ وحدت ۽ رسالت
تي ڪامل ايمان آڻڻ واري سچي سنيهي ذريعي مسلمانن
جي دلين ۾ توحيد ۽ رسالت جي جوت جاڳائي. سندس ڏنل
تعليم ۾ انسانيت، وطنيت، قوميت، اوچائي، سرويچي ۽
سورهيائيءَ جي سکيا سان گڏ عمل ۽ جاکوڙ جي اپٽار
ڪيل آهي، جيڪا هر ديس واسيءَ ۾ نئين حياتي ڦوڪي
ٿي. سندس قومي ۽ اسلامي غيرت جو اندازو انهيءَ
ڳالهه مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو، ته هن ترڪيءَ
جي مسلمانن لاءِ چندو ڪرڻ ۾ به پاڻ موکيو ۽ بلبلِ
سنڌ جي چوڻ تي مرحوم حاجي عبدالله هارون جي
اڳواڻيءَ ۾ انجمنِ هلال احمر جو وفد مارچ 1913ع ۾
ميهڙ ۾ آيو ۽ ترڪيءَ جي مالي مدد لاءِ چڱو چوکو
چندو گڏ ڪيو. مرحوم شمس الدين بلبل جو لائق ۽ فائق
فرزند رئيس ضياءَ الدين ”ضيا“ ان ڏس ۾ لکي ٿو، ته
”انهيءَ موقعي تي زميندارن ۽ آفيسرن جي موجودگيءَ
۾ سندس ڪيل ولوله انگيز تقرير جادوءَ جهڙو اثر ڪيو
۽ ترڪي فنڊ لاءِ، رپين جا ڍير لڳي ويا، ايتري قدر
جو هڪ صاحب ته
بي اختيار ٿي، پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڏنو، جو نيلام
ڪري 125 رپين ۾ وڪيو ويو. تقرير کان پوءِ، مرحوم
بلبل، جيڪو في البديهه نظم پڙهيو، اهو سندس همعصر
ماڻهن کي اڄ سوڌو ياد آهي، جنهن جو هڪ شعر هن ريت
آهي:“
هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،
اجها هي زَر، اجهي زيور، اجهي هي گهر، اجهي هي سر.
هن شعر تي جو وقت انگيز نظارو پيدا ٿيو، ان جو حال وڏڙا اڄ به بيان ڪري رهيا
آهن.
مرحوم بلبل هڪ سڄاڻ صحافيءَ جي حيثيت سان سن 1889ع ۾ عملي ميدان ۾ پير پاتو
۽ ڪراچيءَ جي هفتيوار اخبار ”معاون“ جي ادارت کيس
سونپي وئي. هن اخبار وسيلي مرحوم بلبل سنڌ مدرسـته
الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسئيشن جي جهجهي خدمت ڪئي.
مرحوم حسن علي آفنديءَ جي وفات کان پوءِ، لاڙڪاڻي
جي اخبار ”خيرخواهه“ ۽ حيدرآباد جي اخبار ”مسافر“
جو مدير ٿي رهيو ۽ آخر ۾ سکر مان ”آفتاب“ اخبار
سندس ادارت ۾ نڪرندي رهي. هيءَ اخبار مسلمانن ۾
سياسي سجاڳي ۽ مذهبي ڄاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي
وئي هئي. هيءُ اهو سمو هو جڏهن عيسائيت جي پرچار
لاءِ سکر جي چوسولن تي عيسائي پادري پوليس جي پهري
هيٺ پنهنجي مذهب جي پرچار ڪندا هئا ۽ اسلام تي
حملا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري مرحوم بلبل ”آفتاب“
اخبار وسيلي عيسائين جا دليل رد ڪيا ۽ مزاحيه ڪالم
ذريعي عيسائين جا ڇوڏا لاٿا. ان ڏس ۾ مولانا غلام
محمد گرامي پنهنجي هڪ مضمون ۾ سندس مزاحيه رنگ جو
هيءُ اقتباس پيش ڪيو آهي:
”ڪلهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جـُـبي پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي
ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو. افسوس مون وٽ
دمشق جي خمدار تلوار ڪانه هئي، جو هن جي سـِـسي هڪ
ڌڪ سان ڪٻر جي سـِـسي وانگي ڌڙ کان ڌار ڪري، سنت
ايوبي کي تازو ڪريان ها.“
هتي مرحوم بلبل جو اشارو سلطان صلاح الدين ايوبيءَ ڏانهن آهي، جنهن صليبي
جنگين ۾ عيسائين جي چڱي لاک لاٿي ۽ ٻيهر فلسطين تي
قبضو ڪيو. بلبل جي هن ڪالم جو اهو نتيجو نڪتو، جو
مسلمان عالم تقريرن ذريعي عيسائين کي سختيءَ سان
نندڻ لڳا، جنهن ڪري فوجدار هرداس مل عيسائين جي
چرچ تي مڇرجي پيو ۽ مسلمان عالمن کي پاڻ وٽ گهرائي
هيسائڻ لڳو. جڏهن بلبل کي اها سڌ پيئي، تڏهن هـُـن
مزاحيه ڪالم ۾ فوجدار سان اهڙي ويڌن ڪئي، جو هو
ڀوَ کان ٻاهر نڪرندو هو، ته پوليس وارو ساڻ ڪري
هلندو هو. ان بابت مرحوم غلام محمد گرامي اخبار
”آفتاب“ جي مزاحيه ڪالم جو هي نقل چونڊي پيش ڪري
ٿو:
”مسلمانو ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو. توهان کي خبر هجي، ته تعليم پرائڻ سان
اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بنجي ويندا. هڪڙو
واڻيو گهورڙئو، گڏهه تي ڪوهرن جو ڪـُـنو رکي، ڪوهر
وڪڻندو هو. پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو پڙهي
فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت، جا کيس پـِـتا
ٽوپڻداس کان ورثي ۾ ملي هئي، سا پٽيءَ مٽجي نه
سگهي.“
بلبل مرحوم طنز ۽ مزاح جو شهنشاهه، کلمک ۽ زنده دل اديب هو. قدرت سندس
ڪلادار قلم ۾ اهڙي ته سگهه سمائي هئي، جو هو پنگتي
اوڻاين ۽ مسلمانن جي مسئلن کي سهڻي ۽ سلوڻي سنڌيءَ
۾ سلجهائي اهڙي ته روح ريجهائيندڙ انداز ۾ اُجاري
چٽو ٿو ڪري، جو طنز هوندي به سندس نصيحت ٺار ٺري
پئي لڳي. هن پنهنجي لکيت وسيلي فرنگي رهڻي ڪهڻيءَ
جون اوڻايون بيان ڪري، سنڌ جي مسلمانن کي اباڻي
زندگيءَ جي طرز عمل جا فائده ٻڌايا آهن، ته جيئن
اهي فرنگي سڀيتا جي وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ کان بچي پون.
سندس ڪلام ۾ علم ۽ حڪمت جا دل لڀائيندڙ ۽ من
موهيندڙ نـُـڪتا بيان ڪيل آهن، جيڪي رس ڀري سندر
سلوڻي سنڌيءَ ۾ سمجهايا ويا آهن. سندس جوڙيل ڪتابن
۾ سـُـلڇڻائي ۽ سچائيءَ جا آدرش اهڙن ته
وندرائيندڙ ۽ کلائيندڙ ٽوٽڪن وسيلي بيان ڪيا ويا
آهن، جو پڙهڻ سان اندر اُساٽ لهيو وڃي ۽ هرڪو
پڙهندڙ ان مان چڱو لاڀ پرائي سگهي ٿو. طنز ۽ مزاح
جي ذريعي هن نه رڳو گوندر کي گنوائڻ ۽ پريشانين کي
وندر ورونهن ۾ ٽارڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، پر ڪامورن
جي ڏاڍاين ۽ ڪانگريس جي سازشن کي کلمک انداز ۾
نندڻ ۽ سنوارڻ جو سعيو پڻ ڪيو آهي. هن زميندارن جي
ظلم، ڪمدارن جي ڪُپت، گورن جي انڌي پيروي، چورن جي
راڱن، پوليس جي اُرهه زوراين ۽ هارين نارين جي
مظلوميت کي چهر چٽڻيءَ واري لهجي ۾ پڌرو ڪري،
پنگتي مورت جا اهڙا چـِـٽ چـِـٽيا اٿس، جو پڙهڻ
سان اکين جا پلڪ به پـُـسيو پون. ان مان بلبل جي
ادبي ڄاڻ ۽ ٻوليءَ تي دسترس جي سـُـڌ پوي ٿي، ته
ڪيئن نه هو هڪ اٿاهه ساگر ۾ ٽـُـٻي هڻي، پنهنجي
پاند ۾ پاتال مان جرڪندڙ ۽ مـُـلهه مهانگا ماڻڪ
ميڙي سلامتيءَ سان ڪنڌيءَ تي پهچي ٿو. ان لاءِ
بلبل مرحوم، لوليءَ جيان مٺڙي ۽ سوادي، سلوڻي ۽
ٻاجهاري ٻولي ڪتب آڻي کيرون لهڻيون. ٻوليءَ ۾
انگريزي گـُـفتا ۽ فارسي نڪتا پڻ ڏاڍا سهائيندڙ ۽
موقعي پٽاندڙ ڪتب آندا اٿس. سچ پچ ته اها سندس
ساڻيهه جي سڪ هئي، جو سنڌين ۾ سورهيائي ۽ سرويچي،
آزادي ۽ وطن جي ورونهن جو روح ڦوڪي، پنگتي ۽
اخلاقي اوڻايون نروار ڪري، انهن کي سنوارڻ ۽
سلجهائڻ لاءِ اصلاحي نڪتن جي اهڙي اپٽار ٿو ڪري،
جو پڙهڻ سان روح پيو ريلا کائي. سندس لکيت ۾ سنڌ
ساڻيهه جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، سچائي ۽
سورهيائيءَ جا داستان جهلڪندا نظر اچن ٿا، جن جو
اسلوب ڏاڍو پيارو ۽ جيءَ جيارو، من موهيندڙ ۽
زيبائتو آهي، جنهن ۾ سادگي ۽ رنگينيءَ جا جرڪندڙ
مائيدار موتي، اندر جي اونهائيءَ ۾ جوت جاڳايو
ڇڏين. هر هڪ لفظ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ائين پيو
لڳي، جهڙي مـُـنڊيءَ تي ٽـِـڪَ.
مرحوم غلام محمد گرامي لکي ٿو ته ”مرحوم بلبل سنڌ جي ساده لوح ۽ مفلوڪ الحال
عوام جي تهذيبي نفسيات کي برمحل سڃاتو، سندس خواص
جي منافقانه نقاليءَ کي بروقت ڄاتو. بلبل ڏٺو ته
ماڻهو مغربي تهذيب جي ٻاهرئين چک ۽ مک، جاذبيت ۽
ڪشش تي مري رهيا آهن، ڪوٽ ۽ پتلون، گهڙي ۽ هنٽر،
جوراب ۽ هيٽ ۾ گرفتار ٿي، پنهنجي اصليت، جزالت،
مشرقيت، تهذيبي شرافت، بزرگن جي وراثت، دين جي
اطاعت، الله ۽ رسول صلي الله عليـہ وآلـہ وسلم جن
جي محبت، جهاد ۽ جهد کان پاسيرا ٿي رهيا آهن،
منجهن غلط قسم جي آزاد خياليءَ ۽ بي عمليءَ جا
جراثيم سلو پوائزن بنجي سرايت ڪري رهيا آهن ۽
سراپا ماديت ۾ رڱجي، رڻ ۾ رلي رهيا آهن، بلبل ان
قسم جي نقالي ۽ بي روح ترقيءَ معڪوس تي دل کولي ڌڪ
هنيا. ان ڏس ۾ پڙهندڙن لاءِ مرحوم بلبل جي هڪ نظم
بعنوان ”نئون زمانو“ مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا، جن
جي ميٺاج ۽ نرمائيءَ جو اثر نه رڳو اندر جي اُساٽ
لاهيو ڇڏي، پر اُمالڪ اندر مان ٽهڪڙو نڪريو وڃي:
ٽاپ ٽيپ ۾ آڪڙ شاڪڙ، ڏاڙهي ڪوڙي مـُـڇون ماڪڙ،
سواري بائيسڪل جي سرسر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڪالر ڪوٽ، قميصون جاڪيٽ، پائن ٿا پتلون ۽ پاڪٽ،
چيچاٽي بوٽن جي چرپر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽ مٽ، گٽ مٽ وات ۾ وائي،
يـُـوسـِـي، آءِ سي، مستر مستر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
چمچا، ڪانٽا، کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙتڙ،
شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شرشر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
گينڊي، صابڻ، برش طرازي، بوس وڪنار، ڪتن سان بازي،
فوٽو، فونو، پيانو، پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
جنٽلمين مـِـيسن جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر، ڏوڙا سوڙا،
نچ وي باندر، نچ وي باندر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڏسج نئون تهذيب نمونو، ”بلبل“ باطل فيشن جهونو،
بابو يابو ميم مڪسچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
بلبل مرحوم اڪيلي سر مغربي تهذيب جي خلاف جنگ جوٽي ۽ مسلمانن کي سجاڳ ڪندي
چيائين ته جيڪڏهن اوهين پنهنجي تاريخي ۽ اباڻي
ورثي کي ڇڏي فرنگين جي لام لڳندؤ، ته پڪ سان توائي
ٿي سلامتيءَ جي ڪناري کان پري ٿي ويندؤ. ان مان
بلبل مرحوم جي اها مراد ڪونه هئي، ته جديد علوم
کان پاسو ڪجي، پر هن جي گهـُـر هئي، ته ديني اڀياس
سان گڏ سائنسي علم پڻ حاصل ڪيو وڃي. ته جيئن
مسلمان پاڻ کي لائق ۽ فائق بنائي پنهنجي حياتي ۽
آخرت سڦلي ڪري سگهن. انهيءَ ڪري هو مدرسن جي پراڻي
تعليمي ڍانچي ۾ تبديليءَ جو خواهشمند هو. ان ڏس ۾
هن پنهنجي ڪتاب ”مسلمان ۽ تعليم“ ۾ چڱيءَ طرح
وضاحت ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ديني ۽ سائنسي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ مرحوم بلبل آل انڊيا ايڊيوڪيشن ڪانفرنس
جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته: ”هن ملڪ ۾ ديني
علوم سان گڏ جديد علوم جي آميزش ڪرڻ گهرجي، محض
جديد علوم اسان جي ديني شعور، مذهبي طبع ۽ روحاني
حيات لاءِ ناڪافي ٿيندا.“ مرحوم رئيس ضيا ِّ الدين
”ضيا“ لکي ٿو ته ”مرحوم بلبل جي تعليمي ۽ سماجي
خدمات جو سلسلو پڻ وسيع آهي.
تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت، پـُـر اثر تقريرون، نصاب جا درسي ڪتاب، ڪانفرنس جا
ٺهراءَ، پمفليٽ، اخبارن جا مقالا، آفيسرن جا
مشورا، اهي سڀ عملي ڪم آهن،جي تاريخي حيثيت رکن
ٿا.... اسڪولن جي نصاب ۾ فارسي داخل ڪرائڻ جو
ريزوليشن به مرحوم بلبل جي ڪتاب تان ورتل هو. ان
جو محرڪ خودکيس بنايو ويو، نواب وقارالملڪ ۽
مولانا حاليءَ جي فرمائش تي پاڻ نهايت رنگين ۽
شيرين، فصيح ۽ بليغ فارسيءَ ۾ برمحل، برجسته،
مـُـدلل ۽ پـُـرزور تقرير ڪري، ساري ڪانفرنس کي
حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. نيٺ اهو ٺهراءُ پاس ٿيو ۽ ان
وقت کان وٺي فارسي نصاب اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج
ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو موجود آهي.“
مرحوم بلبل سن 1904 ۾ ميهڙ شهر ۾ مدرستـه الاسلام جو بنياد وڌو، جيڪو سندس
ئي حياتيءَ ۾ مڊل اسڪول ٿيو ۽ سن 1934ع ۾ هاءِ
اسڪول جي درجي کي پهتو. هيءُ اسڪول سندس تعليمي
خدمتن جو ساراهه جوڳو ڪارنامو ڄاتو وڃي ٿو، جنهن
مان سـُـڌ پوي ٿي، ته سنڌ جي مسلمانن لاءِ هن جو
هڏ ڪـُـرڪيو ٿي. بلبل جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي
انگريزن پڻ ساراهيو آهي. سنڌ جي ڪمشنر مسٽر لارينس
هڪ خط ۾ کيس لکيو ته: ”سرڪار محسوس ڪيو آهي، ته
اوهين مسلمان قوم جا هڏ ڏوکي ۽ سڄڻ آهيو، ۽ سنڌ جي
مسلمانن جي سڌاري ۽ واڌاري بابت اوهين جيڪي رايا
ڏيندا آهيو، انهن کي اسين قدر جي نگاهه سان ڏسندا
آهيون.“
مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ سان گڏ هن سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ پڻ پاڻ
پتوڙيو. ڪيترائي ڪتاب جوڙي راس ڪيا. انهن مان (1)
قلندري ميلو (2) تيرهن ڄار مڪرن جا مار (3) چٽ
سوال پٽ جواب (4) بخت بازي (5) گلزار لطائف (6)
نيچرل ڪريما (7) ديوان بلبل (سنڌي) (8) مسلمان ۽
تعليم (9) ڪلام بلبل (10) جام جم (11) انگريز ۽
مسلمان (12) رحيما (سنڌي) (13) بهادر عشق (14) عقل
۽ تهذيب (15) قرض جا مرض ۽ ان جا علاج (16) مداح
سرور (17) صد پندِ سودمند (18) شمس المڪتوب (19)
احسن التواريخ (20) آئينـه تجارت مايـه ظرافت
(21) ديوانِ بلبل (فارسي) (22) بهارستانِ بلبل
(23) گنج معرفت (24) مسلمانِ سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار
(25) حل تجربات يعني شمس الغات خاص طور ڄاڻائي
سگهجن ٿا. انهن مان ڪجهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ
طرفان ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ بورڊ جا
اختياريءَ وارا کيرون لهڻن. اهي ڪتاب پڙهڻ سان
ائين ٿو ڀانئجي، ته هن نامياري اديب سنڌ واسين
لاءِ انهن ڪتابن ۾ اهڙا سندر سهڻا ۽ من موهڻا ماڻڪ
ميڙي گڏ ڪيا آهن، جن جي جوت جي جهلڪي سان مهراڻ جي
ماٿري ٻهڪڻ لڳي ٿي. هو سڄي سونهن جي حيثيت سان قوم
جي رهنمائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ۽ ان کي دردناڪ
آواز ۾ سنئين واٽ ڏانهن سڏي ٿو. هـُـن نصيحت جا رس
ڀريا نڪتا سموهي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ اهڙي ته
وندرائيندڙ اسلوب ۾ پيش ڪيا آهن، جو پڙهڻ سان روح
پيو ريلا کائي ۽ تسليم ٿو ڪجي، ته هن سنڌي ساهت کي
سينگاريندڙ سرواڻ جي حيثيت سان پاڻ موکيو آهي. اهو
اسان جو فرض آهي ته اسين سندس جوڙيل ڪتابن جي ڇنڊ
ڇاڻ ڪري انهن کي ڇپائي پڌرو ڪريون، ته جيئن پڙهندڙ
ان مان لاڀ پرائين. افسوس آهي جو اسان بلبل جهڙي
بانڪي سورمي کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مسلمانن کي
انگريزن جي لڙهه لڳڻ کان روڪيو. هـُـن مسلمانن جي
ديني، سياسي، ادبي ۽ مالي مسئلن کي اهڙيءَ ريت
سلجهايو آهي، جو پڙهندڙن جون دليون موهيو ڇڏي.
سندس اثرائتو ڪلام اڄ به اسان جي دلين کي جنجهوڙي
ذهني غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. سنڌ جي اديبن
۽ عالمن جو اهو فرض آهي ته سندس تعليم ۾ جا سچائي،
سادگي ۽ محبت آهي، ان جي روشنيءَ ۾ کوجنا ڪري بلبل
جي زندگي ۽ ڪارنامن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ته جيئن عام
ماڻهو اُن مان جهجهو لاڀ پرائي سگهن. |