سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :27

غلام حسين هدايت الله

جي. ايم. سيد

ابتدائي زندگي: سر غلام حسين جو والد چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪشمير مان لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو هو، جتي پوءِ مسلمان ٿيو، ۽ مڪاني پٺاڻن مان شادي ڪيائين. سندس نالو ميان هدايت الله هو. کيس ان شاديءَ مان ٻه فرزند (1) حبيب الله، ۽ (2) ميان غلام حسين، ۽ هڪ نياڻي هئي. هن اها نياڻي پٺاڻن ۾ ڏني. سندس گهرواريءَ جو نالو حور بيبي هو. ميان غلام حسين جنوري 1878ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو هو.

 چوڻ ۾ اچي ٿو ته ننڍي هوندي، والد جي وفاتيءَ بعد، هي روزگار جي گهٽتائيءَ ڪري، رات جو ميونسپل بتين تي اسڪول جا سبق ياد ڪندو هو. ابتدائي تعليم مڪاني مدرسن ۾ وٺي، پوءِ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتائين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسي مان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان بي. اي جو امتحان پاس ڪري، وڪالت جي سند گورنمينٽ لا اسڪول بمبئيءَ مان وٺي، 1905ع ڌاري اچي حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾، پوءِ هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. نومبر 1909ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو.

سياسي زندگي: هن جي سرگرم سياسي زندگي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي تڪ مان، نومبر 1912ع ۾ چونڊجڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جنهن تي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان ٿورو اڳ تائين ميمبر رهندو آيو. نون سڌارن ملڻ بعد، 1921ع ۾، هي بمبئي حڪومت ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جي چارج ۾ وزير مقرر ٿيو. انهيءَ وقت هن لوڪل سيلف گورنمينٽ ايڪٽ، بمبئي کي درست ڪري، پاس ڪرايو، جنهن ۾ ڪيترائي نوان سڌارا آندائين. خصوصاً سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي لحاظ سان مسلمانن کي لوڪلبورڊ ۾ نمائندگي وٺي ڏنائين. 1923ع جي چونڊن ۾، وري هي حيدرآباد ضلعي مان ميمبر چونڊيو، ۽ لاڳيتو وزير رهندو آيو. 1927ع ڌاري پي. ڊبليو. ڊي منسٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. خانبهادر جو خطاب کيس اڳي ئي ڪجهه وقت کان مليل هو. هاڻ 1926ع ۾ برٽش سرڪار طرفان کيس ”سر“ (KC) جو خطاب مليو.

1928ع ۾ کيس بمبئي سرڪار ۾ اضافو ڏيئي، ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر ڪري رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾، حڪومت جو سرشتو ڊائرڪي طريقي جو هو، جنهن ۾ ڪي کاتا ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنا ويندا هئا، جن کي وزير سڏيو ويندو هو، ۽ مکيه کاتا تجربيڪار سرڪاري آفيسرن يا تجربيڪار پراڻن وزيرن کي پروموشن ڏيئي ڏنا ويندا هئا. انهن کي ”ايگزيڪيوٽو ميمبر”سڏيو ويندو هو.

1932ع ۾، سر غلام حسين هدايت الله، بمبئي سرڪار جي مشهور مالي ميمبر سرگووند راءِ پرڌان جي جاءِ تي مالي ميمبر جي ڪم جي چارج ورتي. ٻئي سال 1933ع ۾، هن کي برٽٽس سرڪار طرفان K C S.I. (نائيٽ ڪمانڊر اسٽار آف انڊيا) خطاب مليو. 1933ع ڌاري، بمبئي گورنر جي موڪل تي وڃڻ ڪري، عارضي گورنر جي مقرري ٿيڻي هئي. هي سڀني ايگزيڪيوٽو ميمبرن ۾ سينئر ميمبر هو، ليڪن انگريزن هن جي حق کي ريٽي، سر ارنيسٽ هاٽسن، هوم ميمبر، کي گورنر مقرر ڪيو، جنهن تي سياسي حلقن ۾ حڪومت تي نڪتچيني ٿي.

1930ع ۾ گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ بمبئي سرڪار طرفان هي عيوضي ٿي شرڪت لاءِ ويو. اتي هن سنڌ جي جدائيءَ واريءَ ڪميٽيءَ ۾، بيمار هئڻ جي باوجود، پاڻ کڻائي، وڃي سنڌ جي جدائيءَ جي فائدي ۾ پرزور تقرير ڪئي هئي.

1933ع ۾، کيس وڌيڪ هڪ سال لاءِ ايگزيڪيوٽو ميمبر جي عهدي تي رکيو ويو، ۽ جون 1934ع ۾ انهيءَ ميمبريءَ تان رٽائر ٿيو.

1934ع ۾ زميندارن طرفان سنڌ جو عيوضي ٿي، هو وائسراءِ جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو. 1936ع ۾، جڏهن سنڌ جدا ٿي، ته هڪ سال لاءِ ائڊمنسٽريٽو ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيو.

1937ع جي چونڊن ۾، هي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ طرفان سنڌ اسيمبليءَ تي زميندارن طرفان چونڊجي آيو. اتحاد پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊن ۾ شڪست ملڻ ڪري، گورنر سنڌ هن کي تجربيڪار سياستدان ۽ مدبر سمجهي، وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايو، جيتوڻيڪ هن جي پنهنجي پارٽيءَ جي طاقت فقط پنجن ميمبرن تائين محدود هئي. هن پوءِ ٿوري وقت ۾ ڪيترن گروپن کي ٺاهي، ميمبرن جي ميجارٽي پنهنجي طرف ڪري ڇڏي. ان سندس پهرينءَ وزارت ۾ مير بنده علي خان ٽالپر ۽ مـُـکي گوبندرام وزير هئا. سندس پارليامينٽري سيڪريٽرين ۾ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگ، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيد ميران  محمد شاهه هئا. ان وقت ديوان بهادر ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. هندن کي اها هڪ اسپيڪر جي جاءِ ۽ ٻي هڪ جاءِ ڏيئي،راضي ڪيو هئائين.

ان پهرينءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽيءَ وارا مخالفت ۾ ويٺا، جن گڏجي ميٽنگون ڪري، عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي هندو وزارت سان شريڪ ٿيا هئا، سي سيٺيا ۽ شاهوڪار شخصي اثرن ڪري چونڊجي آيل هئا. اهي سندن خلاف پروپئگنڊا کان ڊڄي ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ مکي گوبندرام ڪن خانگي سببن ڪري، وزارت تان استعيفا ڏني،ان جي جاءِ لاءِ هندن مان ٻه اميدوار بيٺا: (1) مسٽر نيچلداس وزيراڻي ۽ (2) ڊاڪٽر هيمنداس. انهيءَ عرصي اندر سنڌ اسيمبليءَ اندر ٻه خانگي بل -- هڪڙو ”قانون انتقال ايراضي“ ۽ ٻيو ”قرضن جي معافيءَ جو بل“ -- مسٽر گزدر ۽ منهنجي طرفان پيش ٿي چڪا هئا. ان تي مسٽر نيچلداس وزيراڻيءَ سخت پروپيگنڊا ڪري،هندن کي ڊيڄاري، وٽن پاڻ کي مقبول بڻايو. هندو انڊپينڊنٽ پارٽي (جا وزارت سان شريڪ هئي) جي خواهش هئي ته مسٽر نيچلداس کي وزير ڪري رکيو وڃي. وزارت سان شريڪ مسلمان ميمبر ۽ مسلمان ڪامورا مسٽر نيچلداس جي تقريرن ۽ تحريرن ڪري، سندس مخالف ٿي پيا هئا، تن سر صاحب تي زور وڌو ته ڊاڪٽر هيمنداس کي وزارت ۾ کنيو وڃي، جو ماٺيڻي سڀاءُ جو ماڻهو شمار ڪيو ويو ٿي. سر صاحب مسلمان ميمبرن جي رضامندي خاطر ڊاڪٽر هيمنداس کي وزير ڪري رکيو. هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جو چوڻ هو ته هندن جو وزير سندن مرضيءَ مطابق کڻڻ گهربو هو. سر صاحب جو چوڻ هو ته وزارت ۾ گڏيل جوابداري هئڻ ڪري، هن کي اهڙو ماڻهو کڻڻو هو، جو ليڊر سان هم راءِ ٿي ڪم ڪري سگهي. هندن کي هڪ عيوضي ڏيڻو هو. باقي اهو ڪهڙو هجي سو اختيار وزيراعظم جو هو ته هو ڪنهن کي پسند ڪري ٿو. ان تي ڪيترا هندو ميمبر وزارت کان ناراض ٿي پيا. مخالفت جو هيءُ رخ ڏسي، سر صاحب اتحاد پارٽيءَ سان ڪوئليشن ڪئي، جن عهدي وٺڻ کان سواءِ، پروگرام جي بنياد تي، سندس وزارت جي مدد قبول ڪئي. ٽنهي گروپن جي گڏيل هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺهي، جا وقت بوقت مکيه ڳالهين تي وزارت کي مشورو ڏيندي هئي.

انهيءَ وقت ڌاري ديوان بهادر ڀوڄسنگ، اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ جو ديهانت ٿيو. هندن جي راءِ هئي ته اها جاءِ وري کين ملي. مسلمانن جو خيال هو ته هندن سان اڳئين دفعي بيجا رعايت ٿيل هئي، ازانسواءِ هن وقت انهن جو گهڻو تعداد مخالفت ۾ ويٺل هو، ۽ منجهانئن صرف ٻه- ٽي وزارت سان شريڪ هئا، تنهنڪري اسپيڪريءَ جي جاءِ تي مسلمان رکيو وڃي. انهيءَ زوربار سبب سر صاحب آخر سيد ميران محمد شاهه کي اسپيڪر چونڊيو، جنهن تي هندن کي ويتر کانئس ناراضگي پيدا ٿي.

اڳتي هلي، سر غلام حسين جي وزارت کي ٻن ڳالهين جو مقابلو ڪرڻو پيو. هڪ ته مسلمان نوجوان گروهه جي راءِ هئي ته ترت ڪي سنڌ جي ڀلي جا بل پاس ڪيا وڃن ۽ سڌارا آندا وڃن. سرڪاري عملو، انگريزي دور جي رفتار تي هريل هئڻ ڪري، گورنر سوڌو اهڙيءَ رفتار سان هلڻ جي خلاف هو. ٻيو ته وزارت جو سمورو بوجو سر غلام حسين جي سر تي هو، ڇاڪاڻ ته سندس وزارت ۾ مير بنده علي خان ۽ ڊاڪٽر هيمنداس، باوجود طبيعت ۾ شريف هئڻ جي، انتظامي نقطه نگاهه کان بيڪار هئا. انهيءَ ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ تقاضا ٿي ته وزيرن جو تعداد وڌايو وڃي، ۽ هڪ اتحاد پارٽيءَ طرفان خانبهادر الهه بخش، ٻيو خانبهادر کهڙو ۽ هڪ هندو وزير کنيا وڃن، پر ڪيترن سببن ڪري ائين نه ٿي سگهيو. ناراضگي ۽ غلط فهمي وڌي ويئي. جملي هندو ميمبرن ۽ اتحاد پارٽيءَ گڏجي اوچتو، بجيٽ وقت هڪ رپئي ڪٽ جي رٿ تي، مارچ سن 1938ع ۾، وزارت کي شڪست ڏني. مخالف پارٽيءَ وزارتن وڌائڻ واري تجويز تي شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار هئا، پر گورنر وزارتن وڌائڻ تي راضي نه ٿيو، ۽ الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي. سر غلام حسين پنهنجن پوئلڳن سان وڃي مخالفت ۾ ويٺو.

ان وقت اتحاد پارٽيءَ سان صرف ست مسلمان ميمبر شريڪ هئا، ٻيا ساڻن سڀ هندو ميمبر هئا. سر صاحب کي توقع هئي ته باقي مسلمان ميمبر ساڻس مدد ۾ رهندا ايندا، ليڪن ٿوري وقت کان پوءِ گهڻا سڀ مسلمان ميمبر وڃي وزارت ڌر سان شريڪ ٿيا. سنڌ جي وڏيري ڪلاس لاءِ، جهڙو اڄ تهڙو ان زماني ۾ به، ناممڪن هو ته هو حڪومت جي مخالفت ڪري سگهن. سر غلام حسين ساري زندگي پارليامينٽري سياستدان ٿي رهيو هو. نئين طرز جي پارٽي پروپيگنڊا وغيره سان مانوس نه هو. سندس ايام سياست ۾ شخصي لاڳاپن، حڪومت جي اثر، عهدن جي سودي بازيءَ تي گروهن جي جوڙجڪ جو گهڻو مدار رهندو هو. هندو فرقيوار بنياد تي متحد ٿي ويا ٿي. هن جي خيال موجب مسلمان به انهيءَ طرح متحد ٿي ويندا، پر سندس اهو اندازو غلط ثابت ٿيو. هندن ۾ سياسي شعور هو، تنهن ڪري هو فرقيوار پروپيگنڊا کان ڊڄي، هڪ ٿي ويا ٿي. مسلمان ميمبرن جي اڪثريت خود غرض ۽ بزدل هئي. مسلم عوام ۾ سياسي بيداري نه هئي، ان ڪري مسلم ميمبرن کي جيڪي وڻيو ٿي، سو ڪيائون ٿي. هنن کان حساب وٺڻ وارو ڪونه هو. چناچه ڪجهه وقت مخالفت ۾ رهڻ بعد، هي شڪسته دل ٿي پيو.

سگهو ئي پوءِ خود اتحاد پارٽيءَ ۾، ڍلن جي سوال مان اختلاف پيدا ٿيڻ ڪري، اسان جو گروهه ان پارٽيءَ کي ڇڏي، مخالفت ۾ وڃي ويٺو. جناح صاجحب جي صدارت هيٺ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ڪٺي ٿي. ساري هندستان جا مسلمان ليڊر اچي سنڌ ۾ ڪٺا ٿيا، انهن جي موجودگيءَ ۾ سڀني مسلمان ميمبرن مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ جو وعدو ڪيو. اڻٽيهه مسلمان ميمبرن مسلم ليگ جي اقرار نامي تي، جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾، صحيح ڪئي. جڏهن ليڊر چونڊن لاءِ ڪٺا ٿيا، ۽ خانبهادر الهه بخش چيو ته کيس سر سڪندر حيات وانگر پنجاب ۾، مولوي فضل الحق وانگر بنگال ۾، هتي سنڌ ۾ وزيراعظم ڪري رکيو وڃي، جا ڳالهه جناح صاحب ۽ سر غلام حسين جي گروهه قبول نه ڪئي، تڏهن الهه بخش ان صورتحال تي ٺاهه نه ڪيو. ان تي مون کي چيو ويو ته الهه بخش وزارت خلاف بي اعتباريءَ جو ٺهراءُ پيش ڪريان. گورنر جي موڪل تي وڃڻ ڪري اجلاس ٻه - ٽي مهينا ڪٺو ٿي نه سگهيو. سنڌ جي مسلمان ميمبرن مان، جن جناح صاحب جي روبرو وعدو ڪيو هو، گهڻا ڦري ويا. هن منزل تي سر صاحب، پرئڪٽيڪل پاليٽيشن ٿيڻ ۾ سلامتي ڄاڻي، الهه بخش سان صلح ڪري، وڃي سندس وزارت ۾ شرڪت ڪئي. سندس چوڻ هو ته سنڌي مسلمان ميمبرن کي اصولن جي ڪا به پرواهه نه هئي، هو ڍنڍ جي پکين وانگر هميشه سک جا سانگي هئا، هن مسلم نقطه نگاهه خاطر اڳي هڪڙو قدم کڻي ڌوڪو کاڌو هو، مسلم عوام خواب غفلت ۾ ستل هو، سندن عيوضي خود غرض ۽ بي اصول هئا، هن جي اها عمر نه هئي ته سياسي پارٽيون ٺاهي، ڏورانهن پروگرامن جي بنياد تي مسلم عوام کي منظم ڪري، تنهن ڪري هن لاءِ ٻه رستا کليل هئا - يا ته انهيءَ ماحول مان رٽائر ڪري وڃي، يا جڳ سان جڳ جهڙو ٿي هلي. سندس چوڻ موجب، انهن ڳالهين ۽ انهيءَ صورتحال ۾ هن پويون طريقو اختيار ڪرڻ، پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ۽ مناسب سمجهيو. الهه بخش وزارت ۾ کيس لا ۽ آرڊر جو کاتو مليو.

ٿوري وقت بعد مسجد منزل گاهه جي سوال تان هندو - مسلم فساد ٿي پيا. الهه بخش وزارت کي شڪست آئي، ۽ مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. انهيءَ عرصي ۾ سر صاحب وزارت کان ٻاهر رهيو. هي زمانه ديد ۽ تجربيڪار سياستدان هو، هن کي خبر هئي ته مسلم ليگ ۽ هندن جي گروهن جو هيءُ ٺهراءُ وقتي مصلحتن خاطر عارضي هو، ان ڪري ماٺ ۾ رهي، موقعي جي انتظار ۾ ويٺو رهيو.

مون کي پڻ اهي ڳالهيون سجهيون پئي، ان ڪري مون وزارت کان استعيفا ڏيئي، الهه بخش کي وزارت ۾ ان شرط سان آندو، ته ٿوري وقت بعد وزارت ۾ سر غلام حسين کي کنيو ويندو، ۽ وزارت عظميٰ الهه بخش يا سر غلام حسين مان هڪ کي پارٽيءَ جي فيصلي موجب ڏني ويندي، ليڪن ان فيصلي کي لوڪل مسلم ليگ ليڊرن ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ منظور نه ڪيو، ۽ سن 1941ع جي مارچ ۾ مير بنده علي خان جي وزارت کي شڪست ملي، ۽ وري الهه بخش وزارت ٺهي، ۽ سر غلام حسين ان ۾ وزير مقرر ٿيو. مسلم ليگ مخالفت ۾ وڃي ويٺي. ٿوري وقت بعد، سن 1942ع ۾، ڪانگريس ”ڪئٽ انڊيا“ تحريڪ هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. ڪانگريس جا سڀئي ميمبر جيلن ۾ ويا. سڀني ڪانگريس وزارتن استعيفائون ڏنيون. ڪانگريس ميمبرن جي خانبهادر الهه بخش کان تقاضا ٿي ته هو استعيفا ڏئي. ان تي صلاح بيٺي ته پهرين هو لقبن کي ڦٽو ڪري. جي سرڪار سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ته بهتر، نه ته پوءِ استعيفا ڏئي. ڪن جو چوڻ آهي ته ان فيصلي تي اچڻ لاءِ سر غلام حسين سان مشورو نه ڪيو ويو هو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته مشورو ڪيو هئائين، ۽ هن اهڙي قدم کڻڻ جي نتيجن کان آگاهه ڪندي، کيس منع ڪئي هئي. ڪيئن به هجي، پر اها حقيقت آهي، ته سر غلام حسين ان قدم کڻڻ لاءِ رضامند نه هو. نيٺ گورنر، الهه بخش جي وزارت کي، بادشاهه سان وفاداريءَ جي قسم جي ڀڃڪڙيءَ ڪري، ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ سڏايو. ان تي هن يڪدم هائو ڪري، مسلم ليگ سان گڏجي، خانبهادر کهڙي ۽ گزدر سان وزارت ٺاهي، جنهن ۾ پوءِ ڪجهه ڦيريون گهيريون ٿيون، ليڪن پاڻ پاڪستان بڻجڻ تائين سنڌ جو وزيراعظم هلندو آيو.

پاڪستان سن 1947ع ۾ وجود ۾ آيو. ان بعد سنڌ جو گورنر، سر موڊي، پنجاب جو گورنر مقرر ٿيو، ۽ ان جي جاءِ تي سر صاحب سنڌ جو پهريون پاڪستاني گورنر مقرر ٿيو. سندس جاءِ تي خانبهادر کهڙو سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو. هن وقت تائين خانبهادر کهڙو، سر غلام حسين جي دست راست پوئلڳن مان هو، پر سياست ۾ اقتدار لاءِ رسه ڪشي اهڙي بري بلا آهي، جو دوستن ۾ به اختلاف ٿيو پون. جناح صاحب ڪراچي سنڌ کان جدا ڪرڻ گهري، کهڙي صاحب انڪار ڪيو، جنهن تي هو ناراض ٿيو. سر غلام حسين کي هن وقت تائين وزارتن جو آزمودو هو. گورنر ٿيڻ بعد پتو پيو ته نئين سرشتي ڪري اختيارات سمورا وزيراعظم جي هٿ ۾ هئا. کهڙي صاحب کان پراڻي پوئلڳ هئڻ جي حيثيت ۾ هن کي توقع هئي ته ساڳيءَ طرح هن جو لحاظ ۽ احترام رکندو ايندو. پر ائين نه ٿيو، ۽ ان ڪري هي به منجهانئس ناراض ٿيو. آخر کهڙي صاحب جي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو.

جناح صاحب 11 - سيپٽمبر 1948ع تي انتقال ڪيو. سر غلام حسين به اڳ ۾ بي چاڪ هو. هن سگهو ئي پوءِ، 4 - آڪٽوبر 1948ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ۾ دفن ڪيو ويو.

سر صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون، کيس پهرين بيبيءَ مان هڪ نياڻي ٿي. سندس ٻي بيبي موجوده بيگم صغرا هدايت الله آهي، ان مان کيس چار فرزند ٿيا: (1) انور حسين، (2) منور حسين، (3) الطاف حسين ۽ (4) ممتاز حسين. سندس ٻئي نمبر فرزند لاهور ميل جي حرن هٿان ڪرڻ واري حادثي ۾ انتقال ڪيو، ٻيا پٽ حيات آهن.

سر غلام حسين سياستدان ۽ مدبر: سياستدان ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا عوامي تحريڪن ۽ جماعتن ۾ حصو وٺندڙ ۽ ٻيا پارليامينٽري سياستدان. سنڌي مسلمانن ۾ پهرئين گروهه جي سياستدانن ۾ مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي، مرحوم حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي وغيره شمار ڪري سگهجن ٿا. ٻئي گروهه جي سياستدانن ۾ سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز خان ڀٽو، مرحوم الهه بخش خان ۽ خانبهادر کهڙو شمار ٿي سگهن ٿا.

سر غلام حسين هدايت الله انهيءَ ٻئي گروهه ۾ سڀ کان پهريون ممتاز سياستدان ۽ مدبر ٿي گذريو آهي. ابتدا ۾ هي شخصي لاڳاپي ۽ اثر ڪري بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊجي ويو. محبت، لاڳاپي ۽ هوشياريءَ سان وزارت، ايگزيڪيوٽو ميمبريءَ ۽ گورنريءَ جي درجن تي پهتو. سندس سياسي مسلڪ کي پهرئين گروهه جي قومي ڪارڪنن سان مشابهه ڪرڻ يا ان جي اصولن مطابق ان جي پرک ڪرڻ غلط ٿيندو. انهن ٻنهي گروهن جا فلسفا ۽ زندگيءَ جا نظريا ئي علحده پئي رهيا آهن.

پهرئين گروهه وارن خدمت خلق لاءِ ڪي بنيادي اصول مقرر ڪري، انهيءَ مطابق، شخصي نفعي ۽ نتيجي جي پرواهه ڪرڻ بنا، ڪم ڪرڻ گهريو ٿي. ٻئي گروهه وارن جو چوڻ هو ته نظرياتي سياست ۽ عملي سياست ۾ وڏو تفاوت هو.

پهرئين گروهه وارا ڪارڪن اصولي طرح کڻي ڪيترا به لائق هجن، پر عملي طرح هنن جي سياست مان ڪو ترت نفعو يا نتيجو نه ٿي نڪتو، ان ڪري سياست عمليءَ جي تقاضا اها هئي ته اقتدار حاصل ڪجي، اقتدار کان سواءِ ڪو به ڪم ٿي نه ٿي سگهيو. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وقتي مصلحتن، ضرورتن ۽ تقاضائن موجب مقرر معيارن يا اصولن کان منهن - موڙ يا ڪمپرومائيز لازمي ٿيو پوي. ان ڪري ٻئي گروهه جي سياستدانن هر موقعي مان فائدي وٺڻ کي سياسي تدبير ۾ شمار ڪيو ٿي. موقعي کي هٿان وڃائڻ ڪم فهمي ۽ تدبر جي خلاف سمجهيائون ٿي.

مرحوم سر غلام حسين هدايت الله عملي سياست ۽ تدبر ۾ اول درجي جو ماهر ۽ استاد سياستدان ٿي گذريو آهي. سندس ڪامياب زندگيءَ ۾، بخت جي ياوري کان علاوه، سندس دانشمنديءَ ۽ تدبر کي وڏو دخل هو. هو پنهنجي وسيع تجربي مان هي معلوم ڪري ويو هو ته سنڌي عوام ۾ سياسي شعور پيدا نه ٿيو هو: اڃا گهڻي وقت تائين، مختلف سببن ڪري، ان جي پيدا ٿيڻ جو امڪان به نه هو. سنڌي مسلمانن ۾ ٽي گروهه طاقتور هئا:(1) زميندار ۽ جاگيردار (2) پير، سيد ۽ ملا مولوي ۽ (3) ڪامورو.

انهن ٽنهي گروهن ۾ تنظيم يا اتحاد ڪونه هو. اهي ذاتي خود غرضين ۽ دشمنين ڪري هڪٻئي ۾ ورهايا پيا هئا. سياسي جماعتن ۾ سندن داخلا شخصي سهولتن، لڳ لاڳاپن ۽ ڪن ذاتي نفعن جي نقطه نگاهه کان ٿــِـي ٿي. سنڌ جا اڪثر مسلم ميمبر ڍنڍ جي پکين وانگر سک جا سانگي هئا. جيڪو طاقت ۾ هو. ان جو سڀڪو سلامي ٿيو ٿي. طاقت کان ٻاهر نڪرڻ بعد اهي ساڳيا ماڻهو بدلجي ٿي ويا. سر صاحب دورانديش، انهن گروهن جو نبض شناس هو. تنهنڪري هن عملي سياست کي پنهنجو مسلڪ ڪري رهبر راهه بنايو. هن ان راهه ۾ پهرينءَ جذباتي غلطيءَ کان پوءِ ڪڏهن به ڌوڪو نه کاڌو، ڪنهن به موقعي کي هٿان نه وڃايو، ان ڪري آخر وقت تائين ڪاميابي سندس پير چمندي آئي.

سر صاحب شخصي طرح مهمان نواز، مهل تي ڪم ايندڙ، بدلو نه چـُـڪائيندڙ، سرنديءَ ٽري ويندڙ، شخصي دوستيءَ ۽ لڳ لاڳاپن جو قدر ڪندڙ، پڻ ڪامورڪي ڪلاس جو نبض شناس هو. انهيءَ ڪري هي هيٺان وٺي، مٿي چڙهي، اوج کان اوج تي پهچي، وڏيءَ خير خوبيءَ سان گذر ڪري ويو.

سندس دور حياتيءَ ۾ منهنجو گهڻو وقت ساڻس اختلاف ۾ گذريو - جهڙيءَ طرح ان کان پوءِ جملي صاحب اقتدار سياستدانن سان منهنجا اڄ تائين اختلاف رهندا پئي آيا آهن. اهي اختلاف نظرياتي هئا، نه شخصي. هو پرئڪٽيڪل پاليٽيشن (عملي سياستدان) هو، آئون آئيڊيلسٽ هوس. هن جا پير زمين تي هئا، مون مٿي هوا ۾ اُڏامڻ ٿي گهريو. هو صاحب عقل هو، آئون صاحب جنون هوس. هو حال تي حاوي هو، آئون آئيندي لاءِ حيران هوس. ظاهري طور هو ڪامياب هو، آئون ناڪامياب. سياسي دنيا ۾ ٻنهي ڳالهين جي ضرورت آهي. آئيڊيلسٽ نه هجي، ته آزاديءَ جا خواب، اقتصاديءَ انقلاب ۽ روشن مستقبل جا امنگ ئي پيدا نه ٿين! پرئڪٽيڪل پاليٽيشن نه هجي، ته شايد حڪومت جو انتظام ۽ ملڪ جي سياست جو استحڪام ۽ ملڪي تعمير جا منصوبا بغير تعبير جي رهجي وڃن.

منهنجو مقصد سر صاحب جي سياسي زندگيءَ ۽ مسلڪ کي پنهنجي نقطه نگاهه ۽ معيارن تي پرکڻ جو نه آهي، پر غير جانبدار سوانح نويس طور سندس زندگيءَ جو احوال لکڻ آهي. تنهنڪري هن ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سر صاحب سنڌ جي سياست عملي وارن سياستدانن ۾ چوٽيءَ جو ماڻهو هو. هن کي سنڌ جو ”گرانڊ اولڊ مئن“ (اعليٰ شان وارو بزرگ) سڏجي ته بيجا نه ٿيندو. هن جي دوست نوازي ضرب المثل هئي. جي ماڻهو سندس وڪالت جي وقت کان واقف يا لاڳاپي وارا هئا، انهن کي اوج تي رسڻ بعد به نه وساريائين. سندس دوست ۽ نيازمند، حيدرآباد جي مور حجام جو مثال اکين اڳيان آهي، جنهن سان سر صاحب پڇاڙيءَ تائين پيار ۽ شفقت جا لاڳاپا قائم رکيا. اڄڪلهه جي صاحب اقتدار ماڻهن جي اها حالت آهي ته جڏهن اوج ۾ اچن ته پراڻن ساٿين کي کيڪارين به ڪونه - غريب دوست کي ملڻ ۾ حقارت پيئي ايندي اٿن. ان ڳالهه کان سر صاحب مستثنيٰ هو.

(”جنب گذاريم جن سين“ تان کنيل).

 

ليڊي هدايت الله

خانـم دائود پوٽو

ليڊي هدايت الله، مرحوم سر غلام حسين هدايت الله جي اهليه، پروقار شخصيت جي مالڪ آهي ۽ ملڪ جي سياست سان دلچسپي اٿس.

سر غلام حسين، ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ پهريون ديسي، سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، جنهن جي شخصيت سنڌين لاءِ ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي. مرحوم، غريب طبقي مان پنهنجي ذهانت، محنت ۽ خوش خلقي سان مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي انهيءَ منزل تي وڃي پهتو. سندس ڪامياب زندگي لاهين ۽ چاڙهين کان خالي نه هئي. سنڌي پنهنجي هن نيڪ بزرگ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

سنڌ جي ان عظيم فرزند جي رفيقه حيات محترمه صغريٰ بيگم، جا عام طرح ليڊي هدايت الله جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، تنهن جي زندگيءَ جو احوال خود سندس زباني ماهنامه ”اديون“ جي جنوري 1967ع پرچي ۾ آيل آهي ۽ ”مهراڻ“ لاءِ هت ڏجي ٿو.

”توهان کي شايد معلوم نه هوندو ته منهنجا ڏاڏاڻا دراني افغانستان کان لڏي اچي شڪارپور، سلطان ڪوٽ، حبيب ڪوٽ ۽ ڳڙهي ياسين ۽ انهيءَ جي پسگردائيءَ ۾ آباد ٿيا. انهن دراني سردارن کي سنڌ ۾ جاگيرون، پٽي داريون ۽ انعامي زمينداريون ملنديون رهيون. اهڙيءَ ريت ان علائقي جا پٺاڻ سردار سکيا ۽ ستابا رهندا اچن ٿا. سنڌ هميشه پرديسين کي پناهه ۽ آسودگي ڏيندي رهي آهي.

”منهنجا ناناڻا وري دهليءَ جي حڪمران اميرن مان هئا. انهن مان هڪ نواب مرزا اصغر بيگ هو، جو احمد شاهه ابداليءَ جي درٻارين مان هڪ هو، جنهن کي احمد شاهه ابداليءَ سنڌ ۾ جاگير ڏني هئي، انهيءَ ڪري هو دهليءَ کان لڏي اچي چڪ ۽ ڀرڪڻ ۾ رهڻ لڳو. انهن ٻنهي قبيلن جا خاندان گڏجي هڪ وڏو قبيلو بنجي ويو آهي ۽ چڱي ملڪيت جا مالڪ بڻجي ويا آهن.

”اسان کي پنهنجن عزيزن قريبن ۽ مٽن مائٽن جا سمورا جهڳڙا فيصل ڪرڻا پوندا آهن. ڪراچيءَ ۾ رهڻ سبب ڪيترا عزيز ۽ قريب اچن وڃن ٿا، انهن جا ڪم ڪرڻا ۽ ڪرائڻا پوندا آهن.

چوڏهن ورهيه اسان کي بمبئيءَ ۾ رهڻو پيو. ان زماني ۾ اسان جا تعلقات مسلمان توڙي هندو اعليٰ خاندانن سان هئا، جيئن ته ليڊي علي شاهه آغا خان جي والده محترمه، ڪرنل جلال شاهه، روپچند بيلا رام ۽ ٻين هندن، عيسائين ۽ پارسي خاندانن سان نهايت گهاٽا تعلقات هئا. بمبئي شهر کان ٻاهر پونا، ماٿيران ۽ مهابليشور جي مرهٽن ۽ گجراتي هندو ڪٽنبن سان دوستانا مراسم هئا.

”اسان جڏهن سنڌ ۾ موٽي آياسين ته مسلم ليگ وجود ۾ هئي. اهو اسان جي آزاديءَ جي هلچل جو هڪ عجيب زمانو هو! مرد، عورت، ٻڍو ۽ ٻار سڀني جي زبان تي هڪ ئي لفظ هو ”پاڪستان“.

”پنجاب ۾ خضر حيات خان جي وزارت جو زمانو هو. لاهور ۾ زالن جي مسلم ليگ جي شاخ ان هلچل کي زور وٺايو ۽ وڏن گهرن جون زالون نڪري پيون. مون کي قائداعظم جي حڪم تي ان هلچل ۾ سنڌي زالن پاران نمائندگي ڪرڻي پيئي.

لاهور ۾ جن زالن اها تحريڪ پئي هلائي، انهن مان ڪن جا نالا مون کي ياد آهن، جيئن ته بيگم شاهنواز، سندس ڌيءَ مس ممتاز شاهنواز، مشهور پئسه اخبار واري شيخ محبوب عالم جي ڌيءَ فاطمه بيگم ۽ سلميٰ بيگم تصدق حسين سان ٻيون به ڪيتريون ئي بيگمات هيون، جي روز جلوس ڪڍنديون رهنديون هيون ۽ عام جلسا مختلف شهرن جي حصن ۾ ڪنديون هيون. پنجاب جا مشهور مرد مسلم ليگ جا ليڊر جيلن ۾ بند هئا. هڪ ڏينهن زالن طئي ڪيو ته اڄ هلي پنجاب سيڪريٽريٽ جي مين بلڊنگ تي مسلم ليگ جو جهنڊو چاڙهيون. منهنجي سپرد جلوس جي اڳواڻي ڪئي ويئي ۽ مون جلوس جي قيادت ڪئي. آئون برقعي ۾ هيس، باقي زالون بنا برقعي هيون. جلوس دوران پوليس جو سپرنٽينڊنٽ اڳتي وڌي آيو، چيائين ته بيگم صاحبه، اڳتي وڌي نٿا سگهو. مون هن کي چيو ته آئون ڪراچيءَ کان آئي آهيان ۽ اڄ جهنڊو اسان ضرور سيڪريٽريٽ تي چاڙهينداسون. اهو ٻڌي سڀ اٿي ڀڳا. هاڻي مسلم ليگي زالون سيڪريٽريٽ جي سامهون بيهي رهيون. گورنر موٽر ۾ چڙهي هليو ويو، باقي وڏا وڏا آفيسر آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته ليڊي هدايت الله جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ آئي آهي. مون والنٽيئر ڇوڪرين کي چيو ته جهنڊو چاڙهيو. ايتري ۾ هڪ سي، آءِ، ڊي جو انسپيڪٽر مسلم ليگ والنٽيئر جي لباس ۾ آيو ۽ مون کي چوڻ لڳو:”بيگم صاحبه! شهر ۾ گوليان چل رهي هين اور ڪتني بچي ماري گئي هين.“ مون هن کي ڪاوڙجي چيو ته تون وڃي اتي کين سنڀال. انهيءَ دوران جهنڊو پوري شان سان لهرائڻ لڳو ۽ پوليس جلوس تي آنسو گئس اڇلائي.

شام جو سهگل فيملي منهنجي چانهه جي دعوت ڪئي ۽ طرح طرح جا افواهه پکڙجڻ لڳا ته ليڊي هدايت الله گرفتار ٿي ويئي. ڪو وري چوي پيو ته سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن.

ڪراچيءَ ۾ منهنجي گرفتاريءَ جي خبر وڄ وانگر پکڙجي ويئي. منهنجي والده، سر صاحب ۽ ٻين عزيزن کي سڄي رات ننڊ نه آئي.

سر صاحب، خضر حيات کي فون تي چيائين ته تون مسلم ليگ سان فيصلو ڪر نه ته آئون مسلم ليگ سان ٺاهه ڪريان ٿو. ٻئي ڏينهن خضر حيات خان مسلم ليگ سان صلح ڪيو ۽ مسلم ليگي ليڊرن کي جيل مان رهائي ملي. ٽئين ڏينهن تي جڏهن ٺاهه جي خبر پئي ته سڀئي زالون گول باغ ۾ گڏ ٿيون، مون کي ميون ۽ گلن جا هار پيش ڪيا ويا. زالن مون کي پنجابيءَ ۾ واڌايون ڏنيون ۽ چوڻ لڳيون: ”خوش قدمان والي، صدقي جاوان، مبارڪ هووين.“

مسلم ليگ کي سنڌ مان خوب چندا وصول ٿيندا رهيا ۽ ڪارڪنن کي هر ڪا سهولت فراهم ٿيندي رهي. 1946ع واري اليڪشن ۾ سنڌ، مسلم ليگ جي هلچل جو مرڪز رهي، جو وڏا وڏا قومي ليڊر سڀ گهڻو ڪري ڪراچي، جيڪو گاديءَ جو هنڌ هو، اتي ئي گڏجاڻيون ڪندا هئا.

ان وقت سنڌ جي تعاون کان سواءِ پاڪستان جي تحريڪ ڪامياب نه ٿئي ها، ايتري قدر جو جڏهن پاڪستان لاءِ گاديءَ جي هنڌ جو سوال اٿيو ته سنڌين وڏي فراخدلي ڏيکاري ۽ پنهنجو وڏو اهم شهر ڪراچي پاڪستان جي پايه تخت لاءِ ڏنائون. پوري هندستان ۾ ان وقت ڪراچي نهايت صاف شهر ليکيو ويندو هو، جنهن کي هاڻي گندگيءَ جو نمونو چئجي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن شهر ۾ هر طبقي جا ماڻهو هندستان مان پناهه وٺڻ لاءِ اچي ويا، جن مان گهڻن کي شهري زندگيءَ جي ڪا به خبر نه هئي. پنجابي، پشوري، افغاني، بنگالي ۽ بهاري، مطلب ته هندستانين کان علاوه سڀني هنڌان عوام ڪراچيءَ ۾ خاص طرح ڪٺو ٿيو آهي، جو اسان لوڪل ماڻهو اجنبيت محسوس ٿا ڪريون. ايتري آدم شماري ڪري عوام کي رهائش وغيره جا مسئلا درپيش آهن، رڳو پاڻي ۽ ان جي نڪاسي هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن جو حل ناممڪن پيو لڳي.“

ليڊي هدايت الله پنهنجن ٻارن جي تعليم جي باري ۾ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته ”انهن ڏينهن ۾ انگريزي ٻوليءَ جو عروج هو. چئن پنجن ورهين کان ٻار انگريزي ٻولي پڙهڻ شروع ڪندا هئا ۽ آخر تائين انگريزي ذريعي تعليم رهي. انگريزن کان اڳ سرڪاري لکپڙهه فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي. انگريزن جي راڄ ۾ سرڪاري لکپڙهه انگريزيءَ ۾ ٿيڻ لڳي، جا اڃا تائين جاري آهي، جو انگريزي ٻولي بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي.

”آئون بورڊنگ هائوس ۾ ٻارن کي رکڻ جي مخالف هيس، پر تنهن هوندي به مرحوم سر صاحب وڏي پٽ انور کي ديرادون ۾ ڪرنل برائون جي ڪيمبرج اسڪول ۾ تعليم لاءِ موڪليو هو، اهو اسڪول انگريزي تعليم لاءِ پوري هندستان ۾ مشهور هو. ان اسڪول ۾ فقط نوابن، راجائن ۽ امير ماڻهن جي ٻارن کي کنيو ويندو هو. اهڙيءَ ريت انور جي تعليم ٿي. باقي ٻين ٻارن جي تعليم لاءِ اسان گريجوئيٽ شاگردن کي پاڻ وٽ رکندا هئاسين، جيڪي ٻارن کي تعليم ۾ مدد ڪندا هئا، ٻارن جي تعليم به ٿيندي هئي ۽ غريب شاگردن جي مالي امداد پڻ. اسان جو اهو طبقو غلاميءَ جي دور ۾ به حڪومت کان مراعات حاصل ڪندو رهيو!

ليڊي هدايت الله اڃا به پنهنجن دوستن جي ميلادن ۽ محفلن ۽ شادي مراديءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ ملندي رهندي آهي. سندس گفتگو جو لهجو دل کي وڻندڙ هوندو آهي. حافظو چڱو روشن اٿس. گڏجندي آهي ته سڀني جو نالو وٺي خير و عافيت معلوم ڪندي آهي. سندس گهر وڃبو آهي ته هڪ ٻه سهيليون ڪچهري ڪيو ويٺيون هونديون اٿس. منجهس خوش طبعي ۽ ظرافت به چڱي اٿس، جنهن ڪري ماڻهو وٽس ويهڻ پسند ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com