حميد سنڌي
ناول ”سانگھڙ“ تي هڪ نظر
سنڌ جي سماجي، سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ادبي تاريخ، سنڌ ۾ وقت
بوقت ٿيندڙ واقعن ۽ اُڀري ايندڙ صورتحال کي نهايت
چٽي طرح بيان پئي ڪيو آهي. سنڌ جي مؤرخن هر دور ۾
پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي به نه رڳو سنڌ جي تاريخ جا
سڀيئي رُخ پرکيا، پر اُهي نهايت بيباڪيءَ ۽
بهادريءَ سان لکيا- صرف انهيءَ لاءِ ته سنڌ جو
ايندڙ نسل باخبر رهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ هميشہ پنهنجن ۽
پراون جا ايڏا ته سور سَٺا آهن، جو ڳڻائي نٿا
ڳڻجن، اُنهن صدمن ۽ سُورن جي ڄاڻ رکندڙ نسل ئي اُن
جي صحيح معنيٰ ۾ پرگھور لهي سگھي ٿو. سنڌ جي هر
روشن ضمير مورخ ڪنهن به هنڌ تي ٺاهه نه پئي ڪيو
آهي، هو ڪڏهن به درٻاري قصيده گو نه رهيو آهي. سنڌ
جي تاريخ به عجيب انداز سان لکي ويئي آهي. ڪٿي ته
تاريخدانن سڌي سنواٽي تاريخ رقم ڪئي آهي، ته ڪٿي
وري ادب جي مختلف صنفن جي ذريعي اُن کي ڀرپور
انداز سان بيان ڪيو ويو آهي. اديبن خاص طرح ڪهاڻي،
ناول ۽ شاعري وسيلي سنڌ جي ڏکن سکن جا قصا کڻي
ٻڌايا ۽ ڳايا وڄايا آهن.
”مڪلي نامه“، ”بيگلارنامه“ ۽ ٻيا ڪيترا ’نامه‘ آهن، اُت سنڌي
ادب جا ڪيترائي ”نامه بر“ ۽ ”شيدائي“، پريان سندي
پار جي مڙيوئي مٺائي گھر گھر پيغامن سان گڏ پئي
موڪلي آهي. اُن سان گڏ سنڌ جي اندر جي احوالن،
مختلف آيل موڙن ۽ ڏکين مهلن کي پنهنجي قلم سان
پنهنجي ئي رت ۾ ٻوڙي اُنهن داستانن کي رقم پئي ڪيو
آهي، جن جي ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ سان ماڻهو نه رڳو دهلجيو
وڃي پر گڏوگڏ مٿس ٿيندڙ وارتا جو ردعمل به ظاهر
ٿيو پوي.
محمد عثمان ڏيپلائي اُنهن ادبي مؤرخن مان هڪ هو، جن پنهنجي رت ۾
قلم ٻوڙي سنڌ جي عظمت ۽ خوشحاليءَ جا ڪيئي داستان
رقم ڪيا ۽ جن سنڌ جي نوجوان نسل جي اندر ۾ اُهي
طوفان اُٿاريا جو سنڌ اندر ڪيئي تحريڪون هلي پيون.
سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي به تحريڪون هليون، ڏيپلائي
صاحب اُنهن تحريڪن کي پنهنجن ناولن، افسانن،
ڪالمن، مضمونن ۽ ايڊيٽوريلن ۾ اهڙي انداز سان
اُڀاريو جو سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ سنڌ جي
ويجھڙائيءَ واري ماضيءَ ۾ هلايل تحريڪون هلائڻ ڪو
ڏکيو ڪم نه هو. هن شخص جيترو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي
پس منظر کي پنهنجي ڏانو ۽ هُنر سان، احتجاجي آواز
۽ اثر بخشيو، اُن جو مثال ملڻ ته مشڪل آهي، پر جي
اُن دؤر کي پرکي ڏسبو ته اُن جو هڪ مثال ناول
”سانگھڙ“ ملندو.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جي هڪ عظيم سپوت ۽ مجاهد سيد صبغت الله شاهه
راشدي پيرپاڳاري جي هيرو واري ڪردار کي نه رڳو
اُڀاريو، پر ”تحريڪ“ جي هر مجاهد کي الڳ الڳ
داستانن وسيلي اُن تحريڪ جو هيرو بڻايو. ”سانگھڙ“
ناول ’داستان اندر داستان‘ جو مجموعو آهي، جيڪو هڪ
غريب فقير طبع سگھاري ليکڪ جو سنڌ جي عوام لاءِ
سبق آموز ”تاريخي دستاويز“ آهي، جنهن ۾ اُنهيءَ
دؤر کي نهايت اثرائتي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي،
جڏهن سنڌ غلاميءَ جي هڪ نئين دور مان گذري رهي
هئي. ”حر تحريڪ“ سنڌ جي ماڻهن لاءِ نئون پيغام کڻي
آئي هئي. ڏيپلائي صاحب اُن ڪيفيت کي هن طرح بيان
ڪري ٿو:
”...’ولايت جي ڪٻر... سنڌ ۾ مئنا‘، انهيءَ پهاڪي مطابق اسان جي
سنڌي عوام کي دنيا جي ٻين ملڪن جي بانڪن ۽ بهادرن،
مجاهدن ۽ سرويچن جا احوال ته معلوم آهن، پر کين
اهو پتو ئي ناهي ته سندن پنهنجو وطن به اهڙين
جدوجھدن ۾ ڪنهن به ٻئي ملڪ يا قوم کان پوئتي پيل
ناهي، بلڪ هن ۾ به اهڙا سرويچ مجاهد موجود آهن، جن
بار بار اهڙائي ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن...“
مون کي ته ڏيپلائي صاحب جي سموري حياتي هڪ ”مسلسل ويڙهاڪ“ جي
حياتي ٿي لڳي. باطل کي باطل ثابت ڪرڻ، ڏاڍ ڏمر جي
خلاف آواز بلند ڪرڻ، انگريز جو جبر هجي، ڪٽر مذهب
پڻو هجي، پير پرستي هجي يا هن دور جا نوان
نهوڙيندڙ ڏاڍ ڏمر جا داؤ ۽ پيچ هجن، ڏيپلائي صاحب
قلمي احتجاج ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهيو هو. سندس
اِنهي سُرت ۽ سورهيائي، سنڌ ۾ آيل موجوده سجاڳيءَ
جون واٽون ۽ پنڌ سولا ڪري ڇڏيا. ون يونٽ خلاف
تحريڪ هجي، سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ هجي، ايم. آر.
ڊي. جي تحريڪ هجي يا اڄ جون قوم پرستيءَ واريون
تحريڪون هجن يا بنيادي انساني حقن لاءِ اُٿاريل
آواز، اِهو سڀ پڙاڏو آهي اُنهيءَ عظيم آواز جو،
جيڪو پنهنجن سون ڪتابن ۽ تحريرن وسيلي حق سچ لاءِ
بلند ٿيو ۽ اُهو بلند آواز محمد عثمان ڏيپلائيءَ
جو هو. ”سانگھڙ“ ناول اُن فڪر ۽ سوچ کي هٿي ڏئي
ٿو. ڏيپلائي صاحب پنهنجي پيش لفظ ۾ چوي ٿو ته:
”.......انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ هو خدائي دسترخوان تان آزاد
گرهه کڻي قدرتي گلستان مان آزاديءَ سان گل ۽ ميوا
ڇنندو رهندو آهي ته اوچتو ڪي قابيلي قوتون سندس
’بُنيادي پيدائشي حقن‘ تي ڌاڙو هڻنديون آهن ۽ کيس
پنهنجي هوس ڪارين جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏينديون آهن،
پوءِ هو اُنهن زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ هر طرح جي
جدوجھد ڪندو رهي؛ ڪڙڪندڙ لُڪَ ۾ جنهن به ديوار جو
سايو هٿ اچيس ٿو، اُتي گھڙي گذاري ٿو، پر اڻڄاڻ
ڀانئين پيا ته اها ديوار ٺهي ئي کين سايه بخشڻ
لاءِ هئي.
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ سارنگي ســاز،
اي عشق جا آواز، ماڻهو ڀانئين منڌ کان.
”دنيا جا سڀ اڳواڻ جيڪي انسان کي سندس ’بنيادي انساني حقن‘
ڏيارڻ جو آواز بلند ڪندا آهن، انهن جي اردگرد سڀ
کان اول وڏي ۾ وڏو حصو انهن غريبن ۽ مظلومن جو گڏ
ٿيندو آهي جي يا ته بنيادي انساني حقن کان محروم
هوندا آهن يا ٻين انسانن جي محرومي تي ڪَڙهندا
آهن. صرف انهيءَ هڪڙي بنيادي حقيقت تي به جيڪو شخص
غور ڪندو، ان کي ائين ئي محسوس ٿيندو ته ظاهر ۾
کڻي ڪيئن به سمجھيو وڃي، پر درحقيقت اِهي شخص
انهيءَ اڳواڻ جي چؤگرد رڳو انهيءَ لاءِ ٿا اچي مڙن
ته هن جي هٿان کين ۽ سندن عزيزن، دوستن ۽ آئنده
نسلن کي اُهي ’بنيادي انساني حق‘ پلئه پون جن تي
غاصب ۽ جابر قبضو ڪري ويٺا آهن....“
جيئن ته ڏيپلائي صاحب هيءُ ناول (اُن جو خاڪو ۽ ڪردار) بنديخاني
۾ هجڻ دوران سوچيو ۽ جوڙيو، اُن خيال سان سندس
اِهو فڪر ته ’انسان آزاد پيدا ٿيو آهي‘، هن سڄي
ناول جو بنيادي محرڪ آهي. هن ناول جا ڪردار اسان
جا ڏٺل وائٺل، سيٺ، خانصاحب، آفيسر، ڪماني، ڪمشنر،
پوليس وارا، ڪڙمي ۽ ڪاسبي آهن. انهيءَ زمين تي
رهندڙ ڪڙمي ڪاسبي ۽ انهن جون عورتون آهن، جيڪي
’حُر تحريڪ‘ يا انساني بنيادي حقن جي تحريڪ هلائن
ٿيون. ڀٽائي صاحب وٽ جيئن سٻاجھيون سُورميون آهن،
تيئن ڏيپلائي صاحب جون مهندار هيءُ مايون،
سٻاجھيون گھڻوئي پر بهادر، باهمت ۽ بدلي جي آڳ ۾
پرواني وانگر پنهنجن گھوٽن ۽ گھرن تان سڙي ٻري پاڻ
قربان ڪرڻ واريون آهن. سندن بنيادي محور ڀلي سندن
گھوٽ، مڙد مٿير هجن، پر اصلي مقصد اُن ڏاڍ ڏمر
خلاف جنگ جوٽڻ آهي، جنهن سندن ڳوٺ اُجاڙيا، گھر
گھاٽ کان بي گھر ڪيو، ٻار ٻچا يتيم ٿيا! هيءُ وڄ
وانگر ڪڙڪندڙ سورمين جا ڪردار، ڏيپلائي صاحب لاءِ
ايڏو ته مواد مهيا ٿا ڪن جو هن ناول ۾ سنڌ جي سموري سياسي، سماجي ۽
اقتصادي صورتحال ڪوريئڙي جي ڄار مثل وڪوڙيل ۽
اُڻيل آهي. سياسي طرح سان خانبهادر الله بخش
سومري، سر غلام حسين، مسٽر نهچلداس، سيٺ سيتلداس،
مکي کيمچند لاءِ رٿون رٿيون ويون ته کين ختم ڪجي،
ڇاڪاڻ ته غازين کي اِها پڪ ٿي هئي ته پير صاحب جي
گرفتاريءَ جا اصل بانيڪار اُهي آهن. اهي وزير ۽
اسيمبلي ميمبر، جي ظاهر ۾ پير صاحب جا طرفدار ۽
بهي خواهه ۽ باطن ۾ انگريزي گورنر کي پير صاحب جي
خلاف هراس ڏيئي ڀڙڪائي رهيا هئا. جنهن نموني سان
سيٺ سيتلداس ختم ٿيو ۽ مکي کيمچند ماريو ويو، جو
سندس نوٽن سان ڀريل پيتيءَ ۽ زيور يا ڪنهن به ٻئي
سامان کي هٿ نه لاتو ويو. خليفو محمد مهر به اُن
گمان ۾ ماريو ويو. پوءِ لاهور ميل جو واقعو 17 مئي
1942ع تي رونما ٿيو. مسٽر نهچلداس، خانبهادر الهه
بخش ۽ سرغلام حسين جو پٽ منور حسين وڃي رهيا هئا،
جو کين مارڻ جي منصوبي تحت پليجاڻي اسٽيشن کان اڳ
گاڏي بيهاري ويئي ۽ پوءِ ڪيئن انجڻ ڪِرِي ۽ ڪيترا
گاڏا چور ٿيا. غازين کي خانبهادر الله بخش نه مليو
جو حيدرآباد اسٽيشن تان کيس ڪو دوست کسڪائي ويو.
نهچلداس به نه ملين، پر منور حسين مارجي ٿو وڃي.
سڄي هندستان جو پهريون مارشل لا سنڌ ۾ لڳي ٿو.
هٿيار واپس ورتا وڃن ٿا، هٿيارن جا دڪان سيل ٿيا.
اِهو سڄو داستان، سنڌ ۾ هراس واري ماحول، ماڻهن ۾
بي چيني ۽ لڏ پلاڻ کي نهايت ڀرپور انداز سان بيان
ٿو ڪري. الائي ڪيترا واقعا اُن وقت جي سياسي
اُٿلپٿل جو حصو آهن.
سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب اُٿندي ئي
هڪ هاري گامون ۽ اُن جي گھرواري جو دردناڪ واقعو
بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ گامونءَ جي گھرواري ويم جي
سورن ۾ مري ٿي وڃي ۽ گامون مدد لاءِ سيٺ صاحب وٽ
وڃي ٿو. اُت ساڻس جيڪا تعدي ٿئي ٿي، اُها کيس ڪيئن
هنن مجاهدن جي تحريڪ ڏانهن ڌڪي ٿي. هن واقعي کي
ڪيئن هندو مسلمان اختلافن جو سبب بڻائجي ٿو.
ڏيپلائي صاحب جي داستان گوئي عجب آهي. ماڻهو ناول
هيڪر هٿ ۾ کڻي ٿو ته بس ئي نٿو ڪري سگھي. سندس
جذبات جو وهڪرو پڙهندڙ جي جذبات جو پنهنجو وهڪرو
آهي.
ڏيپلائي صاحب هرڪردار سان انصاف ڪيو آهي. هن پير صاحب جھڙي عظيم
شخصيت جي ڪردار کي واضع ڪيو آهي ۽ سندس باري ۾
هُلايل ڪن غلط ڳالهين کي به صاف ڪيو آهي. چوي ٿو
ته:
”انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته پير صاحب پاڳارو سيد حاجي صبغت الله شاه
صاحب هڪ انقلابي ۽ اصلاحي دل و دماغ رکندڙ هو. هن
جو مطالعو ايڏو ته وسيع هو جو صرف ٻارهن ورهين جي
عمر ۾ پاڻ پنجن لکن مريدن جي اڳواڻيءَ ۾ تخت تي
ويٺو. مگر سڀ کان پهريائين اهو ڪم ڪيائين، جو
بنگلي مان انگريزن جا آفرين ناما غلاميءَ جون
نشانيون سمجھي لهرائي ڇڏيائين ۽ کيس به سرڪار
طرفان لقب جي آڇ ٿي ته جواب ڏنائين ته اسان لاءِ
پنهنجو لقب ’پير پاڳارو‘ ڪافي آهي.
”۽ اها به حقيقت آهي ته پوءِ انگريزن طرفان سندس طاقت کي ڪمزور
ڪرڻ خاطر مٿس ڪوڙا الزام لڳائي، کيس سزا ڏيئي دور
دراز جيلن ۾ رکيو ويو ۽ اُتي ڪافي ورهيه سندس
ملاقاتون سياسي قيدين سان رهيون، ان ڪري پاڻ دنيا
جي سياسي حالتن مان خوب واقف ٿيو.“
ناول ”سانگھڙ“ ۾ سورمين جا ڪردار پنهنجيءَ جاءِ تي نهايت ئي
جاندار آهن ۽ سندن بيان جو انداز نهايت اثرائتو
آهي. ’مائي عاقلان‘ هجي يا ’مائي جادو‘، ’مائي
بيگو‘ هجي يا ’مائي بصران‘ هرهڪ جي ڀرپور ڪردار
ناول کي سگھارو بنايو آهي.
”سانگھڙ“ ناول سنڌ جي ڏکن سکن ۽ اگھاين سَگھاين سان گڏ سنڌ جي
سرويچ سورمين مٿير مَڙدن جو دل کي ڇُهندڙ هڪ طويل
داستان آهي، جنهن کي مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ
جي جوشيلي فرزند محمد علي ڏيپلائي محنت ڪري ڪافي
مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس (Abridge) ڪرڻ جي ڪوشش اِن لاءِ به آهي ته اڄڪلهه نه ماڻهوءَ وٽ
گھڻو وقت آهي ۽ نه وري ڪتاب پڙهڻ جو چاهه ئي رهيو
آهي. من هن نموني سان کين هرکائجي ته ”بابلا! هيءُ
سبق ننڍو آهي،. پڙهي ته ڏس.“- ۽ ائين ڪرڻ سان، سنڌ
جو هيءُ ”عظيم روشن داستان“ سندس سيني تي رقم ٿي
وڃي ۽ ايندڙ هر نسل اُن تي ناز ڪري، اُن مان
اُتساهه وٺي ۽ اڳيان ايندڙ انقلابن ۽ انهن کي منهن
ڏيڻ لاءِ هاڻ کان ئي آگاهه ٿي وڃي. تعارف ۾ قمر
شهباز پاڻ موکيو آهي. جس هجي ڀاءُ محمد عليءَ کي ۽
مهرباني ڀاءُ فيروز ميمڻ (نيو فيلڊس پبليڪيشنس
قاسم آباد حيدرآباد) جي، جو سالن کان ناياب ٿي ويل
هيءَ قميتي وَٿُ، هن دؤر ۾ وڏي آب و تاب سان پيش
ڪئي آهي، جيئن چاليهارو کن سال اڳ ٿي هئي، محمد
عثمان ڏيپلائي پنهنجي گهڻ رخي فڪري لکڻين جي وسيلي
سنڌي ادب ۾ زندهه رهيو ۽ اڄ به هئڙن شاهڪارن ۽
شهپارن جي تخليق وسيلي سنڌ جي دردوند ماڻهن جي
دلين ۾ ڌڙڪندو رهي ٿو ۽ آئنده پڻ ڌڙڪندو رهندو.
غلام محمد لاکو
سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي
[هي مضمون سنڌ جي مشهور محقق جناب غلام محمد لاکي جو لکيل آهي،
جو ڪجھ وقت اڳ ۾ اسلام آباد جي ”مرڪز تحقيقات
فارسي ايران و پاڪستان“ جي رسالي ”دانش“، نمبر 36
۾ ڇپيو هو. مضمون جي اهميت کي ڏسندي پڙهندڙن لاءِ
ڪجھ وڌارن جي صورت ۾ ان جو ترجمو پيش ڪجي ٿو].
ننڍي کنڊ جو مشهور محقق، فارسي زبان جو وڏو اسڪالر ۽ نامور سنڌي
اديب ۽ شاعر، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي 6- ڊسمبر
1992ع تي اوڻاسي سالن جي عمر ۾ دهليءَ ۾ فوت ٿي
ويو. اسان کي هي خبر آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس
ذريعي ملي. سندس پيدائش سنڌ جي هڪ ننڍي شهر
شهدادپور (موجوده سانگھڙ ضلعو) جي هڪ مانور قبيلي
”سدارنگاڻي“ ۾ 22 آڪٽوبر 1913ع تي ٿي. ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي لکيو آهي ته، هي خاندان پنهنجي وڏي
ڏاڏي سدارنگ مل جي نسبت سان ”سدارنگاڻي“ سڏيو([1]).
شروع ۾ هن خاندان جا فرد واپار ڪندا هئا، ان ڪري
کين ڀائيبند سڏيو ويندو هو. جڏهن جديد تعليم وٺي
ملازمتن ۾ داخل ٿيا، تڏهن کان ديوان سڏجڻ ۾ آيا.
ڊاڪٽر هرومل جي والد جو نالو ايسرداس هو. ان ڪري
پان انگريزي ۾ پنهنجو نالو
H.I. Sadarangani
لکڻ شروع ڪيائين.
ڊاڪٽر هرومل ابتدائي تعليم شهدادپور ۾ ورتي. بعد ۾ هن کي بي. اي
۽ پوءِ ايم. اي ڪرڻ لاءِ سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد
(موجوده گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري)، ڊي. جي. سنڌ
ڪاليج ڪراچي ۽ اسماعيل ڪاليج بمبئيءَ ۾ داخلا وٺڻي
پيئي. ڪاليج جي تعليم جي دوران کيس انگريزي، فارسي
۽ سنڌيءَ جي ٻن اهم اديبن ۽ استادن سان واسطو پيو.
هڪ جو نالو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هو ۽ ٻئي
جو نالو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو هو. سندن
صحبت ۾ هرومل کي فارسي علم ۽ ادب سان چاهه پيدا
ٿيو. ان ريت پاڻ 1938ع ۾ اسماعيل ڪاليج بمبئيءَ
مان فارسي ادب ۾ ايم. اي. ڪري ورتائين. ايم. اي
ڪرڻ بعد کيس ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ملازمت جو موقعو
مليو ۽ پاڻ فارسي شعبي سان وابسته ٿي ويو. ان
دوران هن بمبيءَ يونيورسٽيءَ مان
ph.D
ڪرڻ لاءِ به داخلا وٺي ڇڏي. سندس استاد ڊاڪٽر
گربخشاڻي هو، جيڪو ان وقت ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾
پرنسپال جي عهدي تي فائز هو. ياد رهي ته هرومل
سدارنگاڻي پهريون ۽ آخري شاگرد هو جنهن ڊاڪٽر
هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ ڊاڪٽريٽ جو
مقالو لکيو. سدارنگاڻي صاحب کي ”سنڌ جا فارسي گو
شاعر“ عنوان تي انگريزي ۾ مقالو لکڻ تي، بمبئي
يونيورسٽي سال 1946ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني.
برصغير جي ورهاڱي وقت سدارنگاڻي صاحب ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ فارسي
ادب جو پروفيسر هو. اها ڳالهه ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ (حوالو مٿي ڏنل) لکي آهي. ان
کان اڳ پاڻ ڪجھ وقت لاءِ نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾
پڻ فارسيءَ جو ليڪچرار رهيو هو. سال 1940ع ۾ جناب
جي. ايم. سيد حڪومت سنڌ ۾ وزير تعليم هو، تڏهن پاڻ
سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ هڪ صلاحڪار بورڊ تشڪيل
ڏنائين. ٻين عالمن ۽ اديبن سان گڏ ڊاڪٽر هرومل
سدارنگاڻي به هن بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو. پاڻ
1947ع تائين هن منصب تي فائز رهيو. هن بورڊ هڪ
مخزن به شروع ڪئي جنهن جو نالو ”مهراڻ“ رکيو ويو.
ڊاڪٽر هرومل ان جو پهريون ايڊيٽر بنيو. هي سال
1946ع جي ڳالهه آهي. ان وقت هي مخزن ٻه ماهي پرچي
جي صورت ۾ نڪرندي هئي. سدارنگاڻي ٻه سال ”مهراڻ“
سال لاڳاپيل رهيو. ياد رهي ته برصغير جي تقسيم کان
پوءِ هي مخزن وري 1955ع کان ٽماهي پرچي جي صورت ۾
نڪرڻ لڳي ۽ ان جو پهريون ايڊيٽر ابراهيم جويو
بنيو. تڏهن کان هي پرچو لاڳيتو نڪري رهيو آهي.
قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌي ادب جي لاءِ صلاحڪار
بورڊ جي نئين تشڪيل ٿي ۽ ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“
جو نالو ڏنو ويو.
1947ع ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو، تڏهن ٻين گھڻن هندو اديبن،
شاعرن استادن وانگر ڊاڪٽر هرومل به دهلي هليو ويو
۽ عمر جي آخر تائين اتي رهيو. دهلي پهچڻ وقت هرومل
کي دهلي يونيورسٽيءَ جي فارسي شعبي ۾ ملازمت ڏني
ويئي. سن 1954ع ۾ ايران جي تهران يونيورسٽي وٽان
مليل اسڪالر شپ تي ايران ويو. ٻن سالن جي لڳاتار
محنت کان پوءِ 1956ع ۾ ”مختصري در تاريخ شعر فارسي
در ايران و هند ســند“ جـي عنوان سـان مقالو لکي،
تهران يونيورسٽيءَ مان
D. litt
جي ڊگري حاصل ڪيائين. ايران کان واپس ٿيڻ تي سال
1956ع ڌاري، پاڻ آل انڊيا ريڊيو دهلـيءَ ۾
فارسـيءَ جـي مـترجـم ۽ انائـونـسر طور خدمتون
سرانجام ڏيڻ لـڳو. هڪ سـال پوءِ کيس ريڊيو جـي
فارسيءَ شعبي ۾ سپروائيزر مقرر ڪيو ويـو. ان حيثيت
۾ 1975ع تائـين ڪـم ڪـيائيـن.
هاڻي ڊاڪٽر هرومل جي علمي توڙي ادبي حيثيت وڏي پيماني تي تسليم
ٿي چڪي هئي. حڪومت هندستان، دهليءَ ۾ قائم
Advisory Board of Sahitya Academy
تي، ڊاڪٽر هرومل کي سنڌي لٽريچر ڪاميٽيءَ جو
ڪنوينر مقرر ڪيو، جنهن تي پاڻ حياتيءَ جي آخر
تائين ڪم ڪيائين. ان کان علاوه دهلي يونيورسٽيءَ
جي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڪاميٽيءَ تي پڻ پاڻ ويهارو سال
ميمبر رهيو سدارنگاڻي صاحب ٻارهن سال پنجاب
يونيورسٽيءَ جي بڪ ڪاميٽي سان به لاڳاپيل رهيو. ان
طرح دهلي بورڊ آف هاير ايڊيوڪيشن جو اٽڪل چار سال
چيئرمن رهيو. ڊسمبر 1980ع کان وٺي لاڳيتو وزارت
تعليم جي سنڌي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو وائيس چيئرمن
به رهيو.
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي صاحب جا اڪثر ڪتاب ۽ شعر مختلف
يونيورسٽين جي نصاب ۾ داخل ٿيا. سندس ڪلام جي
مضمون آفريني ۽ پختگي ان مان ئي پڌري آهي ته پاڻ
اڃا بي. اي جـو شاگرد هو ته شاهه تي سندس لکيل ڪجھ
نظم ۽ ڪي رباعيون بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽرڪ واري
”سنڌي انتخاب“ ۾ (1935ع) شامل ڪيا ويا. سندس ڪتابن
مان اڪثر بمبئي، گجرات، دهلي ۽ پنجاب يونيورسٽين
جي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا. ڀارت جي جدا جـدا
شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ مشاعرن جي صدارت به ڪندو هو.
علمي سيمينارن ۾ شريڪ ٿي، هندستان يا سنڌ جي ادبي
تاريخ تي، اڪـثر ڪري انگريزي زبان ۾ شاندار پيپر
پڙهـيائــين. اهـڙن مـقـالـن جـي علمي دنيا ۾ وڏي
اهميت آهي.
ڊاڪٽر سدارنگاڻي فارسي ادبيات جو صحيح معنيٰ م باڪمال عالم هو.
سنڌ ۽ ڀارت جي ادب ۽ ثقافت بابت ايران جي ”سخن“،
”يغما“ ۽ ٻين فارسي رسالن ۾، ڊاڪٽر صاحب جا ٽيهارو
کن تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. ايران مان وقت بوقت
جيڪي علمي، تعليمي ۽ ثقافتي وفد دهلي پهچندا هئا،
انهن سان علمي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڊاڪٽر هرومل
صاحب کي مامور ڪيو ويندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي علمي
عظمت جي پيش نظر، هڪ ڀيري دهليءَ جي دوري تي آيل
ايراني وزير خارجه امير عباس هويدا، ساڻس ملڻ لاءِ
خود سندس گھر ويو. هندستان سرڪار پڻ ڊاڪٽر هرومل
جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس انعامن اڪرامن
سان نوازيو. سال 1978ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي کيس پنجن
هزارن جو انعام ڏنو. سال 1981ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس
ڪميشن دهلي، ڊاڪٽر سدارنگاڻي صاحب کي ڏهه هزار
انعام ڏنو(1).
ڊاڪٽر هرومل وڏي عمر ماڻي. ساري زندگي شادي نه ڪيائين ۽ ڇڙو
رهيو. پاڻ پنهنجن ڀينرن ۽ انهن جي اولاد سان گڏ
رهيو. سندس ڀاڻيجي ۽ سنڌيءَ جي اديب، پروفيسر
سنتداس جھانگياڻي، سندس حياتيءَ ۾ وفات ڪئي، ان
ريت ڊاڪٽر هرومل جا آخري ڏينهن افسوس، تڪليف ۽
افسردگيءَ ۾ گذريا.
پاڻ هڪ عالم ۽ مصنف جي حيثيت ۾ گھڻين وصفن جو مالڪ هو. سندس
شمار سنڌيءَ جي هڪ پختي شاعر جي حيثيت ۾ ٿئي ٿو.
ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح سان پاڻ فارسي علم ۽ ادب جو
شاگرد ۽ اسڪالر هو، تنهنڪري سندس شعر تي به ايراني
ادب جو عنصر ڇانيل رهيو. سندس سنڌي شاعريءَ جا
مجموعا هن ريت ڇپيل آهن: رنگين رباعيون (1959ع)،
روح ڏنو ريلو (1964ع)، پره جي باک (1972ع)، چيخ
(1977ع)، ۽ خوشبو جو سفر (1980ع).
شاعر جي حيثيت ۾ ”خادم“ تخلص اختيار ڪيائين. تبصره نگارن جو
خيال آهي ته رباعي ۽ غزل ۾ کيس قادرالڪلامي حاصل
هئي. سنڌ ۾ سندس شعر جو ڪوبه ڪتاب نه ڇپيو آهي.
البته هتان جي ”مهراڻ“ ۽ ٻين ادبي رسالن ۾ سندس
ڪلام لڳاتار شايع ٿيندو رهيو. سنڌيءَ جو هڪ ٻيو
نامور ۽ مڃيل شاعر ۽ نقاد ليکراج ”عزيز“، ”خادم“
جي شعر کي پسند ڪندو هو ۽ سندس صحبت مان گھڻو ڪجھ
پرايائين. هرومل ”خادم“ رباعي ۽ غزل جي شاعر هوندي
به شعر ۾ زندگيءَ جي علامتن، سماجي مسئلن ۽ ملڪي
حالتن پٽاندر مطابقت پيدا ڪندو هو. پروفيسر پوپٽي
هيراننداڻيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ”خادم“ جي شعرن تي هن
طرح روشني وڌي آهي:
“The thought content is compact and forceful in “Khadim’s
Rubaiyat, which are collected in his book
‘Rangeen Rubaeyun’- 1959. His Rubaiyat have got
a note of pessimism about them as they depict
the transitory nature of the world. Some of the
his Rubaees which reflect the image of human
feelings are certainly enjoyable.
One glance can give away the secret.
And you discover love and hatred, enmity and cheating
Eyes are mirrors,
they show all the reflection of the heart.”(1)
سنڌي شعر جي حوالي سان وڌيڪ ٻه ڪتاب پڻ ڊاڪٽر صاحب جي حصي ۾ اچن
ٿا. سال 1979ع ۾ دهليءَ مان هڪ ڪتاب
Indian poetry Today
شايع ٿيو هو. هن ڪتاب جي سنڌي حصي جي ترتيب ڊاڪٽر
سدارنگاڻيءَ ڏني. ان طرح ڊاڪٽر صاحب جو سهڙيل ڪتاب
”ورهاڱي کان پوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ“ هڪ معياري
ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڀارت جي سنڌي شاعرن جو نمائنده
ڪلام، نهايت سليقي سان ترتيب ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب
1987ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهلي شاندار نموني سان ڇپيو
هو.
ڊاڪٽر سدارنگاڻي هڪ ادبي مضون نگار جي حيثيت سان به اهميت رکي
ٿو. ڪهن جي مضمونن جو ڪتاب ”ڪک ۽ ڪانا“ نالي سان
1966ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس مضمون معلوماتي ۽ سادي
زبان ۾ تمام سولا لکيل آهن. انهن جو انداز بيان
نهايت دلڪش آهي. عام زندگيءَ جي موضوع کان وٺي
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين، گھڻن ئي عنوانن تي
مضمون لکيائين ۽ ڇپرايائين. پروفيسر پوپٽي لکيو
آهي ته:
“Brought out a volume of light essays on
miscellaneous subjects in his book ‘Kakh and
kana.’ Some of his essays deal with
contradictory phases of life viz. Sorrow and
happiness, Spring and autumn, praise and censure
etc. and speak volumes of wisdom. His essays are
informative and are written in a simple and
direct style”.(1)
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي هڪ مترجم ۽ مرتب جي
حيثيت سان به وڏي اهميت آهي. سندس هيٺيان ڪتاب
انهيءَ دائري ۾ اچن ٿا: ”وَلٿول“ (انگريزيءَ تان،
1980ع)؛ ”امراءُ جان ادا“ (1978ع، اردوءَ تان)؛
”گرو گوبند سنگھ“ (1967ع، پنجابيءَ تان)؛
”بابرنامه“ ۽ ”سسئي پنهون“ وغيره. مون آخري ٻه
ڪتاب ڏٺا آهن. ڪتاب ”بابرنامه“ پهرئين مغل بادشاهه
ظهيرالدين بابر جي آتم ڪهاڻي آهي. هونئن ته بابر
هيءُ ڪتاب ترڪيءُ ۾ لکيو هو، ليڪن پوءِ اُن جو
فارسي ترجمو ٿيو، جيڪو برصغير ۾ استعمال هيٺ رهيو.
ڊاڪٽر هرومل انهيءَ ڪتاب جو اختصار سان سنڌي ترجمو
ڪيو، جو 1964ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهلي طرفان ڇپيو.
عبدالقيوم صائب جي انهيءَ ترجمي جو ٻيو ڇاپو 1970ع
۾ نڪتو هو. مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن مان آخري ڪتاب سنڌ
جي مشهور عشقيه داستان ”سسئي پنهون“ متعلق آهي. هي
ڪتاب پنجابي اديب هرنام سنگھ شان پنجابيءَ ۾ تيار
ڪيو ۽ پوءِ اُن جو سنڌيءَ ۾ خلاصو گوبند سانگھ
منسکاڻي ڪيو، جنهن کي ڊاڪٽر هرومل صاحب ساهتيه
اڪيڊميءَ لاءِ مرتب ڪيو. هي ڪتاب 1970ع ۾ ڇپيو.
سنڌي علم ادب ۾ ”شاهه عبدالطيف جو مطالعو“ هاڻي هڪ جدا عنوان
بنجي چڪو آهي. ڊاڪٽر سدارنگاڻي سالن کان وٺي شاهه
صاحب متعلق مطالعي ۾ مصروف هو. هندستان ۾ پاڻ شاهه
جو منتخب ڪلام ”شاهه جو چونڊ شعر“ نالي سان مرتب
ڪيائين. اهو ڪتاب هندستان ڪتاب گھر بمبئي 1962ع ۾
شايع ڪيو هو. شاهه عبدالطيف تي سندس هڪ مستقل ۽
نهايت معياري ڪتاب ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“ نالي سان
آهي، جو مصنف خود 1974ع ۾ دهليءَ مان شايع ڪرايو.
هي ڪتاب مصنف پنهنجي مانواري استاد ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو آهي، جو شاهه
عبداللطيف جو تمام وڏو شارح ۽ محقق هو. هن ڪتاب ۾
شاهه صاحب جي شعر تي عربي، فارسي، هندي، پنجاب ۽
سنڌي زبان جي قديم شاعرن جي اثر کي نهايت تحقيق
سان واضع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته،
”شاهه تي مولانا رومي جو اثر ته ظاهر آهي، ان کان
سواءِ چند قديم شاعرن جو اثر به ان جي شعر تي سڌي
طرح پيو.“ انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سنائي (وفات 1150ع)،
عطار (وفات 1230ع)، سعدي (وفات 1291ع)، شبستري
(وفات 1320ع)، حافظ (وفات 1389ع)، جامي (وفات
1493ع)، امير خسرو (وفات 1324ع)، عرفي (وفات
1392ع) ۽ غني (وفات 1668ع) جو ذڪر ڪري، موزاني طور
انهن جو شعر به لطيف جي شعرن سان گڏوگڏ ڏنو اٿس.
اهڙيءَ طرح ان ۾ آيل پنج مقالا ڏاڍي تحقيق سان
لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر هرومل دعويٰ ڪئي آهي ته هي
ڪتاب سندس پنجاهه ساله مطالعي جو نتيجو آهي. بلاشڪ
سندس هيءُ ڪتاب سنڌي علم ۽ ادب ۽ ”لطيفيات“ جي
مطالعي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
اهڙيءَ طرح سندس وڌيڪ ٻه ڪتاب تحقيق ۽ علم و ادب جي دنيا ۾
لازوال اهميت رکن ٿا. پهريون ڪتاب سنڌ جي فارسي گو
شاعرن متعلق آهي. اهو
“Persian poets of Sind”
نالي سان سنڌي ادبي بورڊ، پهريائين 1956ع ۾ شايع
ڪيو. هي اُهوئي تحقيقي مقالو آهي، جنهن تي بمبئي
يونيورسٽي کيس 1946ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري عطا ڪئي
هئي. هيءُ ڪتاب تعارف کان سواءِ پنجن بابن تي
مشتمل آهي، جنهن ۾ شروعاتي دور کان وٺي انگريزي
دور تائين سنڌ جي فارسي شاعرن متعلق وڏيءَ
عرقريزيءَ سان تحقيق ڪئي ويئي آهي. شاعرن جي مختصر
سوانح حيات، ڪلام جو نمونو ۽ ان جو انگريزي ترجمو.
اهڙيءَ طرح هر دور جي ادبي خاصيتن تي به وضاحت سان
لکيو ويو آهي. پاڻ جڏهن هن موضوع تي تحقيق ڪيائين،
تڏهن ڪيترن ئي مشڪلاتن جو منهن ڏٺائين: ڪتبخانا نه
هئا. تحقيق ۾ گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو دلچسپي وٺندا هئا،
ادبي ادارا نه هجڻ جي برابر هئا، ڪليات ۽ ديوان
ميسر نه هئا، اصل تاريخي ماخذ ڪونه ڇپيا هئا،
شاعرن متعلق تذڪرا منظر تي ڪونه آيا هئا، گھڻن
شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچڻ نهايت مشڪل هو، سير ۽ سفر
جي ڪابه سهوليت نه هئي. ان طرح اهو ڊاڪٽر
سدارنگاڻي جي ئي دل ۽ جگر جو حوصلو هو جو اهڙو
مشڪل عنوان کڻي، انهيءَ کي نهايت ئي تسلي بخش
نموني سان پايه تڪميل تي پهچايائين. ڇاڪاڻ ته هيءُ
ڪتاب سنڌ جي فارسي ادب تي پهريون سنجيده مطالعو هو
۽ ٻيو ته انگريزيءَ ۾ لکيو ويو هو. انهيءَ ڪري سنڌ
کان علاوه هند، ايران، افغانستان، يورپ ۽ روس ۾ به
سنڌ جي ادبي مطالعي جي اهم ماخذ بنيو. ان سلسلي ۾
هڪ ٻه مثال ڏيڻ مناسب ٿيندا. پنجاب يونيورسٽي
”تاريخ ادبيات مسلمان پاڪ و هند“ جي نالي سان
19جلدن تي مشتمل تحقيق شايع ڪئي آهي. ٽيون، چوٿون
۽ پنجون جلد فارسي ادب متعلق آهن. انهن ٽنهي جلدن
۾ گھڻي تعداد ۾ حوالا، ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ جي ڪتاب
“Persian poets of sind” تان ورتا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر سيد سبط حسن رضوي جي ڪتاب
”فارسي گويان پاڪستان“ (جيڪو ”مرڪز تحقيقات فارسي
ايران و پاڪستان“ 1974ع ۾ راولپنڊي مان شايع ڪيو)،
جي پهرئين جلد ۾، سنڌ جي فارسي گو شاعرن جي تفصيل
لاءِ ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ جي ڪتاب تان حوالا ڏنا ويا
آهن. ڊاڪٽر سيد سبط حسن رضوي جڏهن 1956ع ۾ پهريون
ڀيرو تهران يونيورسٽيءَ ۾ رسرچ ڪرڻ لاءِ ويو ته
ڊاڪٽر سدارنگاڻي به دهلي مان ساڳئي مقصد لاءِ
تهران يونيورسٽي آيو هو ۽ اُتي ئي انهن جي ملاقات
۽ دوستي ٿي.
انهيءَ کان سواءِ پنجاب يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر ظهور
الدين احمد صاحب به ”پاڪستان مين فارسي ادب“ جي
نالي سان هڪ ڪتاب پنجن جلدن ۾ ڇپايو آهي. هن صاحب
سدارنگاڻيءَ صاحب جي انهيءَ ڪتاب تان گھڻو استفادو
ڪيو آهي ۽ جابجا حوالا ڏنا آهن. هي ته هڪ ٻه اهم
مثال هئا، ليڪن جيئن سنڌ جو مطالعو وسيع ٿيندو
ويندو، تيئن ئي هن ڪتاب جي اهميت به وڌندي ويندي.
ڊاڪٽر سدارنگاڻي انهيءَ عنوان تي ٻيو علمي ڪارنامو فارسيءَ ۾
سرانجام ڏنو. هن تهران يونيورسٽي ۾ ”مختصري در
تاريخ شعر فارسي در ايران و هند و سند“ جي عنوان
سان مقالو لکيو، هي مقالو بعد ۾ ”پارسي گويان هند
و سند“ جي عنوان سان تهران مان شايع ٿيو. مون هي
ڪتاب به ڏٺو آهي، جو پنهنجي راءِ ڏيئي سگھان.
1986ع ۾ پنهنجي سنڌ جي دوري وقت ڊاڪٽر صاحب خود
مون کي ٻڌايو هو ته، ”هيءُ ڪتاب اصل ۾
“Persian poets of sind”
جو فارسي ترجمو آهي.“ سندس چوڻ هو ته، ”جيئن ته هو
هندستان جو شهري هو، اُتان ئي اسڪالر شپ تي تهران
ويو هو، تنهن ڪري سنڌ سان گڏ هند نالو شامل ڪرڻ
ضروري هو.“ هن مقالي جي مڪمل ٿيڻ تي تهران
يونيورسٽي کيس
D .Litt
)ڊاڪٽر آف لٽريچر) جي ڊگري ڏني هئي.
پروفيسر پوپٽي لکيو آهي ته سدارنگاڻيءَ فارسيءَ ۾ شعر به چوندو
هو ۽ ڪجھ مقالا به لکيا آهن. جيئن مٿي ذڪر ٿيو آهي
ته ڊاڪٽر صاحب جا ٽيهارو کن فارسي مقالا ايران جي
”سخن“ ۽ ”يغما“ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهن. انهيءَ
سلسلي ۾ مون کي ڪنهن وڌيڪ معلومات جي اميد نه آهي
۽ نه وري مون سندس فارسي مقالا ۽ شعر ڏٺا آهن.
سنڌ جي باوقار ۽ سدابهار عالم، پير حسام الدين راشدي صاحب،
پنهنجي مضمون ”سنڌي هندن جو فارسي ادب جي ترقيءَ ۾
حصو“ ۾ ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ جي فارسي دانيءَ بابت
راءِ ڏني آهي:
”ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ’خادم‘ اسان جو معاصر آهي. سنڌ ۾
فارسيءَ جو پروفيسر هو. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ’سنڌ جي
فارسي شاعرن جي تذڪري‘ تي حاصل ڪيائين. داڻو پاڻي
قسمت جي وس آهي، انسان ڇا ٿو ڪري سگھي! ورهاڱي جي
واءَ وڇوڙي جا ورق ورائي هتان کيس کڻي وڃي دهليءَ
پهچايو آهي! اگرچه اڄ اکين کان دور آهي، ليڪن دل
کان دور نه آهي. جتي رهي اُتي شل خوش هجي.“(1)
ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ 1986ع ۾ ”تنظيم فڪر و نظر“ جي دعوت تي ”شاهه
عبداللطيف“ بابت هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سکر
(سنڌ) آيو هو. سنڌي زبان جو هڪ ٻيو ناميارو عالم
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به ساڻس گڏ هو، جيڪو پڻ
ڪانفرنس ۾ سڏيل هو. ڪانفرنس کان پوءِ هو حيدرآباد
به آيو ۽ ڪجھ ڏينهن پنهنجي علمي يار ڊاڪٽر محمد
اسماعيل شيخ وٽ صدر ۾ مهمان ٿي رهيو. 2 مئي تي
جناب نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر صاحب وارن کي منجھند جي
دعوت تي پنهنجي گھر وٺي آيو. عنايت بلوچ، وليرام
ولڀ ۽ ڊاڪٽر حامد علي قريشيءَ سان گڏ مان به
انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هئس. اسان جي ڊاڪٽر
سدارنگاڻيءَ سان اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
انهيءَ موقعي تي هڪ ڪلاڪ تائين محفل هلي ۽ ٿوري
گھڻي علمي گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو. مان انهيءَ
کان پهريائين سندس ڇپيل ڪتاب ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“
تي تبصرو ڪري چڪو هئس، جيڪو تازو ئي ڇپيو هو ۽ کيس
ڏاڍو پسند آيو هو. ڊاڪٽر صاحب ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيل
منهنجا چند مقالا پڙهيا هئا، تنهن ڪري اسان هڪٻئي
لاءِ اوپرا نه هئاسين. مون کي علمي حوالي سان سخت
محنت ڪرڻ جي هدايت ڪيائين ۽ مطالعي لاءِ ڪجھ عنوان
به تجويز ڪيائين. ڊاڪٽر سدارنگاڻي صاحب منهنجي هڪ
سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته، ”هند ۾ سنڌ متعلق بنيادي
نوعيت جو ڪو وڏو ڪم نه ٿي رهيو آهي. اوهين سنڌ ۾
رهو ٿا، ڪتاب اوهان وٽ آهن، سرزمين اوهان وٽ آهي،
ڪتبخانا اوهان وٽ آهن، تحقيقي ادارا اوهان وٽ آهن،
يونيورسٽيون ۽ ثقافتي مرڪز اوهان وٽ آهن، تنهنڪري
سنڌ تي تحقيق ڪرڻ جو بنيادي فرض به اوهان جو ئي
آهي.“ سال 1986ع ۽ 1987ع ۾ سندس ڀاڻيجي پروفيسر
سنتداس جھانگياڻي جا شاهه لطيف تي ٻه ڪتاب ڇپيا،
جي ڊاڪٽر سدارنگاڻي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر نفيس احمد
شيخ ڏانهن موڪليا ۽ فرمائش ڪيائين ته آءٌ انهن تي
تبصرو لکان. مون انهن ڪتابن تي تبصرا لکيا، جيڪي
”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيا. سال 1987ع ۾
“Persian poets of sind”
جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو. اتفاق سان انهيءَ ڪتاب تي
به تبصري لکڻ جو موقعو مون کي مليو، جيڪو ”مهراڻ“
۾ ڇپيو. جڏهن ڊاڪٽر سدارنگاڻي اهي تبصرا پڙهيا
تڏهن ڏاڍو خوش ٿي ۽ دعائن سان گڏ مون لاءِ ڪجھ
ڪتاب دهليءَ مان تحفو ڪري موڪليائين. هاڻ ڊاڪٽر
سدارنگاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، ليڪن سندس
موڪليل ڪتاب مون لاءِ يادگار تحفن وانگر آهن. مان
انهيءَ معتبر اسڪالر، نامور سنڌي اديب ۽ فارسي جي
تمام وڏي محقق کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھان. واقعي
منهنجي اها خوشقسمتي آهي جو مون پنهنجي دور جي هڪ
”ڀلوڙ عالم“ کي هڪ ڀيرو ئي سهي، ليڪن پنهنجي اکين
سان ڏٺو ضرور آهي. سچ هي آهي ته ڊاڪٽر سدارنگاڻي
بيحد سادو، صاف دل ۽ شريف النفس انسان هو، جھڙيءَ
طرح گذريل دور ۾ سنت ۽ صوفي سڳورا هوندا هئا.
تاج جويو
”واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولئه سنڌڙي!“
(شيخ اياز جي ياد ۾)
”توکي منهنجيءَ زندگيءَ تي چِڙَ آهي، پر توکي منهنجي موت تي
وڌيڪ چِڙَ ايندي، ڇو ته موت مون کي اُهو، ڪجھ
ڏيندو، جو مون کي زندگي نه ڏيئي سگھي آهي ۽ جنهن
جو مان حقدار آهيان.“
(’شاعريءَ کي سجدو‘: ص 80-81)
شيخ اياز جون مٿيون لافاني سِٽون هڪ اهڙيءَ حقيقت کي ظاهر ڪن
ٿيون، جيڪا حقيقت اياز جي موت کان پوءِ زمان ۽
مڪان جا پردا چيري ظاهر ٿي چڪي آهي. اياز
زندگيءَ ۾ عظيم هو، پر موت کان پوءِ کيس جيڪا
مڃتا ۽ مهانتا حاصل ٿي آهي، اُن اياز جو مرتبو ۽
مقام انتهائي بلند ڪري ڇڏيو آهي. هن آڪاش کان
وڏي ڌرتيءَ جي شاعر جي زندگيءَ جون سموريون
لغزشون ۽ لڱايون سندس موت ميٽي ۽ ريٽي ڇڏيون
آهن. ڪالهه، جن کان اياز جو وجود ۽ مقام برداشت
نه پئي ٿيو، سندس موت کان پوءِ انهن جي اندر ۾
وڌيڪ وڍ پيا ۽ سندس بيپناهه شهرت ۽ باوقار مڃتا
محسوس ڪري ۽ ڏسي جلڻَ ۽ پَچڻ لڳا؛ پر زماني جي
سيني تي اياز صدين جي ڇاپ هڻي ويو آهي، جنهن کي
مِٽائڻ ۽ ميسارڻ جي ڪنهن ۾ به سَگھ نه آهي. اياز
ڪالهه به سنڌي ادب جي زندگيءَ جي علامت هو، ۽
اياز اڄ به نوجوان اديب اِمداد سومري جي لفظن ۾
”سنڌي ادب جي نئين زندگيءَ جو نالو“ آهي.
تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هر ٻوليءَ ۾، هر دور ۾ ڪي نه ڪي
اَمر شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جي شاعريءَ
تي زماني اَمرتا جي مُهر هڻي ڇڏي آهي؛ پر تاريخ
۾ ڪي اهڙا به شاعر پيدا ٿيا آهن، جي نه رڳو خود
اَمر ۽ لازوال رهيا آهن، ليڪن اُنهن جنهن ٻوليءَ
۾ شاعري ڪئي آهي، اُن ٻوليءَ کي به پنهنجيءَ
تخليق ذريعي اَمر ۽ لازوال ڪري ڇڏيو آهي. تاريخ
جي قداور ۽ عظيم شاعرن ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي ڪوي
ڪاليداس جو به شمار ٿئي ٿو، ۽ سندس شاعريءَ جي
عظمت اڄ به برقرار آهي، پر هُن جنهن ٻوليءَ ۾
شاعري ڪئي هئي، اُها اڄ ڪجھ پنڊتن ۽ عالمن جي
مطالعي جي زبان ته رهي آهي، پر عوام جي زندهه
جاويد زبان نه رهي آهي. اُن جي ڀيٽ ۾ شاهه لطيف،
شيڪسپيئر ۽ رابندرناٿ ٽئگور اهڙا شاعر ٿي گذريا
آهن، جن کي تاريخ ۾ ته اَمرتا ملي آهي، پر هنن
جي وجود ۽ سندن شاعريءَ، سندن زبانن کي اُها
وسعت، اُها تخليقي سگھ ۽ اَمر زندگي ڏيئي ڇڏي
آهي، جو اڄ سوين سالن گذرڻ جي باوجود سنڌي،
انگريزي ۽ بينگالي زبانون نه رڳو زندهه آهن، پر
جديد دور جون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي سگھ به رکن
ٿيون، ۽ اُنهن ۾ لفظن ۽ اصطلاحن تخليق ڪرڻ جي
قوت به موجود آهي.
ڀٽائيءَ ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي زبان کي اُها تخليقي سگھ، اُهو
”وياڪرڻي سٽاءُ“ ۽ اُها احساسن ۽ ڪيفيتن ادا ڪرڻ
جي قوت ۽ صلاحيت بخشي ڇڏي، جو سرڪار جي درٻاري ۽
دفتري زبان فارسي هوندي به عوام جي زبان سنڌي
رهي؛ ۽ لطيف کان پوءِ جن به شاعرن کي اَمرتا ۽
دوام حاصل آهي، اُنهن ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ نت
نوان هيرا ۽ جرڪندڙ موتي پئي جَڙيا آهن.
ڀٽائيءَ کان اڍائي صديون پوءِ، شيخ اياز جي شاعري سچ پچ اُهو
ڪرشمو ۽ معجزو آهي، جنهن لاءِ خود هُن ئي چيو هو
ته ”منهنجي شاعري سنڌ لاءِ ديوار چين آهي، اُن
کي ڪوئي مِٽائي نٿو سگھي.“ اِن ۾ ڪو به شڪ ۽
گمان نه رهيو آهي ته اياز، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي
’ديوارِ چين کان به مضبوط ڪوٽو ۽ ڪَڙو چاڙهي
ڇڏيو آهي، جنهن کي مِٽائڻ ۽ مسارڻ واريون قوتون
خود فنا ٿي وينديون.
اسان کي اِن اعتراف ڪرڻ ۾ ڪوبه عار ۽ شرم محسوس نه ڪرڻ گھرجي ته
اسان سياسي ميدان ۾ سنڌي زبان جو اُهو دفاع نه
ڪري سگھيا آهيون، جيڪي بچاءُ اسان ادبي ۽ ثقافتي
مورچي تان ڪري چڪا آهيون. ساڳيءَ ريت اِن چوڻ ۾
ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته ڀٽائيءَ واري دور کان پوءِ
اڄ سچ پچ اياز سنڌي ٻوليءَ کي ساڳي اَمرتا ۽
تخليقي سگھ بخشي وڏو ڪارنامو ڪيو آهي، ۽ اِهو
تاريخ جو ”ڇالُ“
(Break throw)
اياز جي ئي سِر تي سونهي ٿو، جنهن پنهنجا تهجدَ
۽ عبادتون، شاعري جي نذر ڪري ڇڏيون هيون:
”ڇا هِي منهنجو تهجد آهي، جو مان صبح جو چئين بجي کان اڳ اٿي
لِکان ٿو؟ جي ها ته اي خدا! منهنجيءَ عبادت جي
انفراديت تي غصو نه ڪجانءِ!“
(’شاعريءَ کي سجدو‘: ص 82)
ماڻهو، شاعري نام و نمود ۽ شهرت لاءِ ڪندا آهن، اڄڪلهه سياست
نام و نمود ۽ شخصي شهرت لاءِ ڪئي وڃي ٿي؛ پر
اياز اهڙي دَور ۾ جنم ورتو هو، جنهن ۾ سياست به
عبادت هئي، ثقافت به عبادت هئي ته شاعري به
عبادت هئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ، شهيد الهه
بخش سومري، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ سائين جي.
ايم. سيد جي سياست؛ عبادت ۽ سنڌ جي خدمت هئي؛
اهڙيءَ ريت ڀڳت ڪنور، اُستاد عاشق علي خان، نارو
ڀڳت ۽ اُستاد منظور علي خان جو راڳ به عبادت ۽
سنڌ جي ثقافت جو سچو عڪس ۽ آئينو هو؛ ته ساڳيءَ
ريت اسان جي هن عظيم شاعر اياز جي عبادت شاعري
هئي، ۽ هيءَ عبادت جي انفراديت هر شاعر کي ڪٿي
ٿي نصيب ٿئي! اياز وٽ مانيءَ کان وڌيڪ مانائتو
قلم جو پورهيو هو. هن سُڌون گھٽائي ۽ مِٽائي
ڇڏيون هيون، پر لکڻ جي عادت نه بدالائي هئي. دل
جي عارضي سبب ڊاڪٽرن کيس سگريٽ پيئڻ ۽ لکڻ کان
منع ڪئي هئي. اياز سگريٽ پيئڻ ته ڇڏي ڏنا، پر
ڏات کي ڏهاڳ نه ڏنو، قلم سان ناتو نه ڇِنو ۽
لِکڻ سان لنؤ نه گھٽائي؛ ۽ انهيءَ عبادت جي
انفراديت ۽ قوت وسيلي هن ڪيترا ڀيرا موت کي
پنهنجي گھر جي دَرَ جي چانئٺ تان ئي موٽائي
ڇڏيو. هن جا نفلَ، نمازون ۽ عبادت شاعري ئي هئي،
۽ هو ڪنهن شعر مڪمل ڪرڻ يا ڪتاب پوري ڪرڻ تي خدا
جو شڪر ادا ڪندو هو؛ جيئن هُن خود چيو آهي ته:
”تنهنجو شڪر آهي، منهنجا رَب! اڄ مون کي اَڌ ماني ۽ پورو ڪتاب
نصيب ٿيو آهي.“
(شاعريءَ کي سجدو‘: 11)
شاعريءَ سان اِها سچائي ۽
Commitment
(وابستگي)، ٻوليءَ سان اِهو نينهُن- سنيههُ،
اياز جھڙو باڪمال شاعر ئي رکي سگھي ٿو؛ جيڪو اڌ
مانيءَ ملڻ تي به اَرهو نه آهي، پر پوري ڪتاب
مڪمل ڪرڻ/ نصيب ٿيڻ تي رب جو شڪر ادا ڪري ٿو.
اياز جھڙا شاعر جڳ ۾ وري وري نه ايندا آهن. اهڙن شاعرن لاءِ
تاريخون، صديون سِڪنديون ۽ اوسيئڙو ڪنديون آهن.
اِن ڳالهه جو خود اياز کي به احساس ۽ ادراڪ هو،
تڏهن ته چيو هئائين؛
”تُون چَئه مون کان پوءِ، ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا؟
واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولئه ســــنڌڙي.“
(’ڪُلهي پاتم ڪينرو‘: ص 5)
هن قسم جا ٻوليءَ جا وينجھار ۽ سونارا شاعر روز روز پيدا نه
ٿيندا آهن، اُنهن جي جنم لاءِ ڌرتيءَ جي سائي
ڪُک ڪيئي سال ۽ صديون انتظار ڪندي آهي. ننڍڙا
وڏا شاعر ته هر دور ۾ پيدا ٿيندا رهندا، پر وڏا
شاعر دعوائن ۽ فتوائن سان پيدا نه ٿيندا آهن،
اُنهن جي شاعريءَ، فن ۽ فڪر تي تاريخ مُهر ثبت
ڪندي آهي؛ ليڪن اياز جھڙي شاعر لاءِ دعويٰ ڪري
سگھجي ٿي ته هيءُ اُهو خوشنصيب شاعر هو، جنهن جي
شاعريءَ تي تاريخ، سندس زندگيءَ ۾ ئي عظمت ۽
امرتا جي مُهر هڻي ڇڏي هئي ۽ هن جي شاعري،
پنهنجي ئي دور ۾ ڪلاسڪ (Classic)
جو درجو حاصل ڪري چڪي هئي. ڪابه عظيم شاعري،
مرحلن مان گذري ڪِلاسڪ جو درجو حاصل نه ڪندي
آهي، پر اُن کي دوام ۽ ڪلاسڪ جو درجو، وقت ۽
حالتون بخشينديون آهن. عظيم شاعرن کي اِهو احساس
پنهنجي ئي دور ۾ ٿي ويندو آهي، تڏهن ئي شايد
اياز چئي ويو هو:
ٻوليءَ ۾ ٻيهارِ، آءٌ نه اَچڻو آهيان،
هونئن ته اڪيچارِ، ايندءِ نَوٽڻ- کيڏڻا!
(’ڪاري رات ڪهنگ‘: ص 105)
اياز، پنهنجي دور، ويهين صديءَ جو يڪتا ۽ يگانو شاعر هو، جنهن
مشرق ۽ مغرب جي فلسفن جو اِمتزاج
(Synthesis)
پنهنجيءَ شاعريءَ ۽ فڪر وسيلي پيش ڪري، نه رڳو
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي اُها سگھَ، سونهن ۽
ثقافتي جوتِ بخشي آهي، جيڪا صدين تائين جرڪندي ۽
جلوا ڏيکاريندي رهندي.
ڏِسُ هِي ٽِندريل ٽاريون، وَسـي پيو مينهُن،
مون ۾ منهنجو نينهن، آهي اِئين کِڙي پيو.
(’ڪونجون ڪرڪن روهه ۾‘ : ص 63)
-
ايئين چئهُ ته پَڪَ، سِجُ سُڀاڻي اُڀرندو،
ميان، آڻِ نه شَڪَ، اگھيءَ آڌيءَ رات ۾!
(’ڪاري رات ڪُهنگ‘ : ص 60)
هن قسم جي جماليات، فني حسن ۽ دائمي قدرن جو اظهار شاعريءَ ۾
تڏهن ٿيندو آهي. جڏهن اُن ۾ ڌرتيءَ ۽ اُن جي
وَستن جو نينهن نِکري نروار ٿيندو آهي.
شيخ اياز مُني صدي ڄمار ماڻي ۽ 75 سالن جي ڄمار ۾ هُن جا 55 ڪتا
ڇپيا ۽ ويهه ڪتاب اڻ ڇپيل رهيا؛ اِئين 75 سالن
جي ڄمار ۾ اياز 75 ڪتاب لکيا. ڄڻ ته سندس
زندگيءَ جو هر هڪ سالُ، هِڪَ ڪتاب جي بِلي ٿيو.
ٻوليءَ، ادب ۽ شاعريءَ سان ايڏي ڪمٽمينٽ، سواءِ
ڪن جينيئس (Genius)
۽ آفاقي شاعرن جي هر ڪنهن ۾ پيدا نٿي ٿي سگھي.
اياز کي پنهنجيءَ مختصر ڄمار تي ڏک هو، ڇو ته
سندس نظر ۾ هُن اڃا ڌرتيءَ جو قرض پوريءَ ريت نه
لاٿو هو ۽ سندس ڪَنٺ ۾ اڃا جيڪي گيت موجود هئا،
تن کي اظهار جو موقعو ملي نه سگھيو هو؛ تنهنڪري
ئي ته هُن چيو هو ته:
اَڌَ ۾ ڪيرُ ڪتابُ، ڇڏي ويو اوچتو،
رُٺو ڄڻ ته ربابُ، اُن جي تارَ ٽُٽِي پئي!
(’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘: ص 95)
([1])
سنڌ جي هندن جي تاريخ، جلد پهريون، ص 213،
ڪراچي 1946ع
(1)
هي معلومات عزيز دوست نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر
هرومل جي خطن ۽ روبرو ٻڌل ڳالهين جي آڌار تي
مهيا ڪئي.
(1)
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 674.
|