سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :26

ايوب عمراڻي

 

اڇو ڪپڙو

 

هو شهر مان پگهار وٺي واپس پئي وريو. هميشه جيان هن ڀيري به پگهار ملڻ تي هن شهر جو چڪر هنيو، ”دلبهار لسي“ واري جي دڪان تان هڪ گلاس لسيءَ جو پيتائين؛ پوءِ گهر واريءَ جي فرمائش تي سندس لاءِ چوڙيون ورتائين، جن لاءِ جوڻس سختيءَ سان تاڪيد ڪئي هيس. حالانڪ اڳئين مهيني به هن جوڻس لاءِ چوڙيون ورتيون هيون پر هفتو کن اڳه جڏهن ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي جوڻس کي مار ڏني هئائين تڏهن سندس سڀ چوڙيون ڀڄي پيون هيون ۽ هڪ ٻانهن به رتو رت ٿي پيئي هيس. مار کان پوءِ زال مڙس ۾ چئن ڏينهن تائين ڳالهائڻ بند رهيو. جڏهن به مانيءَ جو وقت ٿيندو هو ته جوڻس خاموشيءَ سان ماني اڳيان رکي ويندي هيس. نيٺ چئن ڏينهن جي ان رسامي کان پوءِ ٻنهي ۾ پرچاءُ ٿي ويو. پرچاءَ واري پهرين ڏينهن ته رڳو هڪٻئي سان شڪوا شڪايتون پئي ڪيائون.

جوڻس چيو: ”تو منهنجون چوڙيون ڇو ڀڳيون؟“

چيائين: ”تو هروڀرو وات ڇو پئي ڪيو؟“

”وات پئي ڪيم؟“

”ٻيو ڇا پئي ڪيئي؟“

”۽ تو ته مون تي گلن جي ورکا پئي ڪئي!“

”جڏهن وات ڪندينءَ تڏهن مون کي به ڪجھ ڪرڻو پوندو.“

”ڌڪ لڳندي مري پوان ها ته پوءِ پوئي ها نه خون ڳچيءَ ۾!“

”اهڙا ڌڪ ته مون به ڪونه هنيا مانءِ جو مري پوين ها!“

”هون!....جنهن مهل ڌڪ ٿو هڻين، تنهن مهل خبر ئي ڪانه ٿي پوئي ته اڳيان به ڪو انسان آهي يا وهٽ!“

”چڱو هاڻي معافي ڏي ۽ آئندي لاءِ تون به وعدو ڪر ته وات ڪونه ڪندينءَ!“

”پهرين تون وعدو ڪر ته جيڪي تو چوڙيون ڀڳيون آهن، انهن جي جاءِ تي شهر مان نيون چوڙيون وٺي ايندين!“

”چڱو ڀلا وٺي ايندس!“

”سچ!“

”ها ها مُڙساڻي ڏاڙهي!“

زال لاءِ چوڙيون وٺندي کيس جوڻس جي چوڙين ڀڄڻ واري ڳالهه ۽ ساڻس ڪيل وعدو ياد آيو. هن پنهنجي منهن ڀڻڪيو. ”چري ڀيڻسان! چوڙين ۾ ڄڻ ته خزانو آهي جو ڀڄن ته وري نيون وٺجن! اسان مرد ڇٽا پيا آهيون اهڙن خسارن کان.“

چوڙيون وٺي دڪان تان لٿو ته فٽ پاٿ تي ڪپڙي وڪڻندڙ زوريءَ کڻي هٿ کان ڇڪيس، ”رئيس ڪيترو ڪپڙو کپي؟“

ڪپڙي وڪڻندڙ جي ان رويي تي پهرين ته کيس ڪاوڙ آئي، پر جڏهن سندس نظر پنهنجن ڪپڙن تي پيئي ته ڍلو ٿي ويو. فٽ پاٿ واري وٽ رنگ برنگي ڪپڙا رکيا هئا. سندس نظرون ڪپڙي جي تاڪين تي ترڪڻ لڳيون ۽ اڇي رنگ جي سوٽي ڪپڙي تي ڄمي ويون. هن ڪپڙي کي هٿ لائي ڏٺو ۽ چيائين، ”هي ڪپڙو گھڻي وال آهي؟“

ڪپڙي واري گراهڪ کي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل ڏسي وار ڪيو، ”سائين اهو اصلي ڪاٽن آهي، اڄڪلهه شوقين اهوئي پائين ٿا. دڪان وارو ته چاليهه رپيا ميٽر ڏيندو آهي پر آءٌ ان کان به پنج رپيا گھٽ ڏيندس!“

يار پئسا ته گھڻا ٻڌائي ڇڏيئي!“ هن حيرت مان چيو.

”ڀلا تون گھڻا ڏيندين؟“

”آءٌ ته پنجويهه رپيا ميٽر جا ڏيندس! ٿئي منظور؟“

”نه سائين! ايترن ۾ ته ورتل به ناهي. ڀلا هيئن ٿا ڪريون، جو تو جھڙي جوان کان نفعو نٿو وٺان. صبح کان ٻُهڻي به نه ڪئي اٿم، ٽيهه رپيا ميٽر ڏئي ڇڏ!“

ڪپڙي واري جي ڳالهه ٻڌي هو سوچ ۾ پئجي ويو. کيس سيٺ دادن ياد آيو، جنهن جو هن تي گھڻو قرض هو. پر پوءِ ٻئي لمحي پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيائين ته سڄي عمر سِڪي سِڪي گذاري اٿم، هينئر ته آءٌ به ڪپڙا وٺي ٿو وڃان، سيٺ کي پوءِ پيو منهن ڏيندس.

”چڱو يار! تنهنجي مرضي، ست ميٽر ڪٽي ڏي!“

”او، اِها ٿي نه مڙسن واري ڳالهه!“ ڪپڙي واري مُرڪندي چيو.

ڪپڙو وٺي پئسا ڏئي، ڳوٺ واريءَ بس ۾ اچي ويٺو. ٻن ڪلاڪن جي ڊگھي سفر کان پوءِ بس ڳوٺ واري اسٽاپ تي اچي ڇڏيس. هو بس مان لهي پنج ميل ڪچي سڙڪ تان پنڌ ڪري اچي ڳوٺ نڪتو. سامان جي ڳوٿري کٽ تي رکيائين ته جوڻس به اچي مٿان بيٺس، ”اڄ وري ڪهڙا سامان وٺي آيو آهين!“

”ساهه نه وڃئي! تولاءِ چوڙيون آنديون اٿم.“

”پر هيءَ ڳوٿري ته وڏي پئي ڏسجي، ٻيو ڇا اٿس؟“

”ٻيو ڪپڙو اٿس.“

”منهنجي لاءِ وٺي آيو آهين؟“ جوڻس خوشيءَ مان ٽڙندي چيو.

”نه نه، پنهنجي لاءِ ورتو اٿم!“

”ڇو؟“

”ڇو، آءٌ ماڻهو ڪونه آهيان ڇا؟“

”چڱو ڀلا هيڏانهن ڳوٿري ڪر ته مان به ڏسان ته ڪهڙو ڪپڙو آندو اٿئي؟“

”اجھو وٺ!“ هن ڳوٿري جوڻس کي ڏيندي چيو.

”اڇو ڪپڙو!“ جوڻس ڪپڙو ڏسي سِڪڻي ٻار جيان رڙ ڪئي.

”ها ها، اڇو ڪپڙو! اڄڪلهه اُن جو ئي رواز اٿئي.“

”مون کي خبر آهي، وڏيري جي ڌيءُ کي به جھڙي ڪپڙي جو ٽِڪن جي ڀرت سان وڳو پيو هو.“

”اڙي ڄٽ، هي مردانو ڪپڙو آهي، زالون ڪيئن پائينديون؟“

”ڇو، اڇو رنگ زالون نه پائينديون آهن ڇا؟“

”بس بس، منهنجو مٿو نه کاءُ، ماني کڻي اچ ته کاوان، ڏاڍي بک لڳي آهي.“

جوڻس ماني کڻي اچي اڳيان رکيس، هو ماني کائيندو رهيو. اوچتو سندس نظر جوڻس تي پيئي. هو تاڙي ويو ته سندس اندر ۾ ڪا هورا کورا آهي. جوڻس کي چيائين، ”ڇو خير ته آهي، منهن لٿو پيو اٿئي!“

جوڻس چيو، ”منهن نه لهندو ته ڇا ٿيندو. پنهنجي لاءِ وڳو وٺي آئين، منهنجي لاءِ خيال نه آيئي؟“

”توکي به وٺي ڏيندس، رڳو قرض لاهيون. سيٺ دادن جتي ٿو ڏسي اتي ٿو بيعزتي ڪري.“

”پر ان بيعزتي هوندي به پنهنجي لاءِ ته وڳو وٺي آئين نه؟“

”منهنجا ڪپڙا ته صفا ڦاٽي ويا هئا. تو ته ڇهه مهينا اڳ ڇيٽ جو وڳو به ورتو هو، پر مون کي ڏيڍ ٻه سال ٿي ويا هئا ڪپڙا وٺندي.“

”ڇهن مهينن جي ڳالهه اڃا پيئي ڳائجي. هوڏانهن ادا غلامونءَ وارن جي ڇوڪري جي شادي به مٿان آهي، ان تي ڇا پائينديس؟“

”هان! معنيٰ اها شادي به مصيبت بنجي اسان مسڪينن جي مٿان ڪڙڪڻ واري آهي!“

”ڪجھ خيال ڪر، ائين ڳالهائبو آهي ڇا؟“

”ٻيو ڪيئن ڳالهايان؟ شاديءَ لاءِ مون وٽ پئسا نه اٿئي!“ جوڻس مڙس جو سختيءَ وارو جواب ٻڌي ٿوري دير لاءِ چپ ٿي ويئي، پوءِ چيائين، ”منهنجي مرضي آهي ته جيڪو وڳو تون پنهنجي لاءِ وٺي آيو آهين، اهو مون کي ڏي ته وڳو ڪريان. منهنجي ته ان مان گندي به ٿي ويندي. اڇي ڪپڙي تي جڏهن ٽِڪن سان ڳاڙهو ڀرت ڀرينديس ته وڏيري جي ڌيءُ به دنگ رهجي ويندي.“

”ڇو ٿي پراوا محل ڏسي پنهنجا ڇپر ڊاهين! اسان غريب ڪٿي ٿا وڏن ماڻهن سان مقابلو ڪري سگھون!“

”پر اهو ڪپڙو آءٌ ٿي کڻان، تون ٻئي ڀيري پنهنجي لاءِ نئون وڳو وٺي اچجاءِ!“

کيس جوڻس جي رويي تي ڪاوڙ به آئي، پر سور پي ويو. چيائينس، ”تون ئي وڃي کيپ کٽ! اسان هنن ڪپڙن ۾ ٺيڪ آهيون.“

مڙس جي ڳالهه ٻڌي زال ٻهڪي پيئي ۽ ڪپڙي جي ڳوٿري کڻي وڃي پيتيءَ ۾ رکيائين.

ٻئي ڏينهن جڏهن مڙس اسڪول ويو ته زال رڳو ڪپڙي بابت سوچيندي رهي. سندس ذهن ۾ ڀرت جا هڪڙا نمونا آيا ٿي ۽ ٻيا ويا ٿي. هوءَ منجھند تائين انهن ئي سوچن ۾ گم هئي. ته ڪنهن اچي کيس چيو، ”تنهنجو مڙس ڊاٽسن تان ڪري مري ويو آهي!“

هن کان ڇرڪ نڪري ويو، ”ڇا! خميسو....! نه نه! مون سان ڀوڳ نه ڪر....مرن سندس دشمن!“

”پر اها ڳالهه سچي آهي، ٻاهر در تي هلي ڏس ته خميسي کي کٽ تي کنيو پيا اچن!“

”هان!...“ هوءَ سڄي ڏڪي ويئي. سندس دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. ڌرتي لاٽونءَ جيان ڦِرڻ لڳي.

”پر پر خيمسو....!“ هن ڪجھ چوڻ چاهيو، پر لفظ چپن ۾ گھٽجي ويس عين ان وقت ڪجھ ماڻهو خميسي کي کٽ تي کڻي اندر داخل ٿيا. خميسو رت ۾ لت پت کٽ تي بي ست ستو پيو هو. کيس ڏسندي ئي هوءَ بيهوش ٿي ڪِري پيئي. پاڙي جي وڏين اچي کيس سهارو ڏنو ۽ هوش ۾ آندئونس. هن هوش ۾ ايندي ئي پنهنجي چوڙين پاتل ٻانهن کي زور سان ڀت تي هنيو. چوڙيون پرزا پرزا ٿي ويون. ڪجھ چوڙيون ڀڄي ٻانهن ۾ ٽنبجي ويس ۽ ٻانهون رتو رت ٿي ويس.

سندس ٻه ٽي ڪلاڪ ماتم ۾ گذري ويا. خميسي جو لاش جھڙو هو تهڙو رکيو هو. سڀ ماڻهو ڪفن جي انتظار ۾ هئا، جنهن لاءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ ماڻهو موڪليو ويو هو. نيٺ ڪفن وٺڻ وارو ماڻهو واپس موٽيو پر هٿين خالي! چيائين، ”سيٺ دادن ڪفن جو ڪپڙو اوڌر تي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. چيو اٿس ته خميسي تي اڳ ئي منهنجو قرض آهي. پهرين اهو قرض لاهيو ته پوءِ ڪفن لاءِ ڪپڙو ڏيان!“

اها ڳالهه ٻڌي سڀني مسڪين ڳوٺاڻن جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا. نيٺ اها ڳالهه خميسي جي زال تائين به پهتي. هن پاڙي جي عورتن کي چيو ته ڪفن لاءِ مون کان ته پڇو ها، هروڀرو ماڻهو بيعزتو ٿي هٿين خالي موٽي آيو. هوءَ اندر ويئي ۽ پيتيءَ مان خميسي جو آندل ڪاٽن جو ڪپڙو کڻي آئي. چيائين، ”هي خميسي جو ڪفن آهي!“ ائين چئي روئڻ ۾ ڇٽڪي پيئي. جڏهن خميسي جي لاش کي غسل ڏياري اڇي ڪفن ۾ ويڙهي رکيائون، تڏهن جوڻس به اچي مٿان بيٺيس. خميسو اڇي ڪاٽن ۾ ابدي ننڊ ستو پيو هو. کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ خميسو چئي رهيو هجي، ”مون توکي چيو هو نه ته هي اڇو ڪپڙو مردن لاءِ آهي. ڏس، هن ڪاٽن جي وڳي ۾ ڪيڏو نه پيو ٺهان!“

 

انور بلوچ

 

فرعون

 

تيز رفتاريءَ سان ويندڙ نئين ماڊل جي ڊبل ڪيبن ايئر ڪنڊيشنڊ پڪ اپ ۾ ويٺل، آبپاشي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ هي پنجئي همراهه اُڻويهين گريڊ جا آفيسر هئا. جڏهن ته گاڏيءَ جي پوئين کُليل حصي ۾، ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڀري کن فائيل کنيون سندن هڪ ننڍو زيردست ويٺو، رستي جي جھاڪن تي بار بار ايندڙ بُلن کان پاڻ بچائڻ لاءِ گاڏي جي باڊيءَ ۾ پنهنجا هٿ مضبوطيءَ سان جھلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. گاڏي جي ڪچڙي پٽڙي تان هلڻ ڪري اڏامي ايندڙ ڌوڙ ۾ هن جون پاڻيءَ جي مَٽَ مان ٻڏي نڪتل ڪُئي وانگر صرف ٻه اکيون ئي ٽمڪي رهيون هيون، نه ته سڄي ڀُت تي ڄڻ ته مِٽيءَ جو ليپو ڏنل پر هُن ان طرف ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو. هو سوچي رهيو هو، آفيسرن جي اڄوڪي گشت ۽ ڪجھ گھٽين کان پوءِ ٿيڻ واري ڪارروائيءَ بابت. سندس منهن مان لڳو پئي ته ڪا خراب ڳالهه ٿيڻ واري آهي. هن جي دل ڌرڪڻ لڳي. مٿس الزام هو ته هن سرڪاري ڪئنال جي اڏاوت تي ڪم ڪندڙ مشينن جو غلط استعمال ڪري، حڪومت کي ڳاٽي ڀڳو گھاٽو رسايو ۽ نه رڳو ايترو پر سرڪاري ڪم گھربل وقت ۾ پورا نه ڪرائڻ ڪري، مرڪزي حڪومت کي موقعو ڏنو ته اُها صوبي جي مقرره رقم گھٽائي ڇڏي. پر اصل حقيقت هيءَ هئي ته هن حڪومتي ڌر جي هڪ وڏيري کي، جيڪو پنهنجي تر جي وڏي ۾ وڏو بليڪ ميلر به ليکيو ويندو هو، سندس ذاتي زمينون ٺاهڻ لاءِ سرڪاري مشينون نه ڏنيون، جنهن ئي هن جي ڪن مخالفن سان ملي هٿ ٺوڪيا شاهدي بيهاري اهو ممڻ مچايو ۽ ان جي ئي نتيجي ۾ هنن مان هڪ آفيسر ڪراچي مان ڪهي، سندس خلاف تيار ڪيل ڪيس جي جاچ ڪرڻ آيو هو. پنهنجن سڪل چپن کي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ زبان ڦيريندي سندس سڄو وات مٽيءَ ۾ ڀرجي ويو. ائين گاڏي جي هڪ وڏي جھاڪي ۾ لڳڻ ڪري هن ٺاهوڪو بُل کاڌو ته کانئس دانهن نڪري ويئي.

”خدا جي ڪا مار پويس!“ هن جو اشارو شايد گاڏي هلائڻ واري صاحب ڏي هو ۽ هٿ سان پنهنجي چيلهه تي لڳل ڌڪ واري هنڌ کي مهٽڻ لڳو. کيس شڪ هو ته ڪٿي اتان رت نه نڪري پنهنجي. ائين ئي بي ارادي طور، هن هڪ نظر اندر ويٺلن ڏي ڏٺو. فرنٽ سيٽ تي گاڏي هلائڻ واري آفيسر سان گڏ ڪراچيءَ کان آيل پوري پني قد ۽ ڀريل بت وارو ڪامريڊ ٽائيپ، اڌڙوٽ عمر جو ڪلين شيو عملدار ويٺل هو، جڏهن ته پوين وارن ٽن ڄڻن ۾ وچ وارو نوجوان آفيسر توڙي کڻي ساڳئي گريڊ ۾ پر سروس جي لحاظ کان مڙني ۾ جونيئر هو ۽ شايد انڪري ئي هروڀرو ڳالهائڻ بجاءِ ماٺ ڪيو، هنن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. سندن ڪچهريءَ جو موضوع ڪراچيءَ کان آيل وڏي صاحب جي ايمانداري هو، جنهن ۾ هنن ٽنهي مان هر هڪ (شايد پنهنجا نمبر وڌرائڻ لاءِ) دل کولي صاحب جا ڳڻ بيان ڪري رهيو هو ۽ جاچ آفيسر سندن اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، منهن تي مرڪ سجائي، هوا ڀريل ڦوڪڻي جيان، هر نئين ڦوڪ سان وٽ ۾ وڌندو ٿي رهيو. سنڌ جي هڪ سرحدي ضلعي جي وڏي جاگير جو مالڪ، هي وڏو صاحب پنهنجي قوم پرستيءَ وارن ڪمن، سخت طبيعت ۽ ايمانداريءَ وارن اصولن جي ڪري هر هنڌ مشهور هو ۽ ٻيو ڪو مڃي يا نه پر سندس نوازيل گروپ، هن جي اهڙين ڳالهين کي هر هنڌ مثال ڪري پيش ڪندو هو؛ جڏهن ته هن جي مخالف گروپ جي نالي ڪي اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي هن جي غلط ڪارين جي هڪ ڊگھي لسٽ ساڻ کنيو وتندا هئا، جن مان گھڻن ته هن وٽ نوڪري به ڪئي هئي ۽ سندن چوڻ موجب ته ”صاحب کي جڏهن به شڪ پيو ته اسان، ڪنهن کي، سندس ناجائز فائدن ڏيڻ يا غلط ڪم ڪرڻ وارن ڌنڌن مان بيزار ٿي پيا آهيون ته هن ڪونه ڪو الزام ڏيئي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو ۽ سندس لڳايل الزام ئي ڄڻ ته کيس هر هنڌ بي گناهه ثابت ڪيون بيٺا آهن.“ بهرحال، ڇا به هجي پر هن آفيسر جي سماجي يا سياسي پوزيشن ايتري ته مضبوط هئي جو پنهنجن ڪيترن ئي سينئر دوستن کان اڳ ئي پروموشن پئي ورتائين ۽ شايد اها به هڪ ڳالهه هئي جنهن هن کي وڌيڪ پريشان ٿي ڪيو ته چيف منسٽر يا منسٽر وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ، ڪٿي هو هن انڪوائريءَ جي بهاني کيس به نه ڪُهي ڇڏي.“

”هي آخر ڇا ڪندو؟“ ويٺي ويٺي هن کي هڪ سوچ آئي ۽ پوءِ ماءُ جا اکر ياد پيس، جنهن اڄ صبح ئي کيس پريشان ڏسي چيو هو ته ”تون ڳڻتي نه ڪر ابا! هي ڪو عزرائيل ته ڪونهي جو تنهنجو ساهه ڪڍندو. وڌ ۾ وڌ به بدلي نه...سا ته ماڻهو جو ڏاج آ.“

”ها....“ جوڻس چيو هوس، ”هي ڪي خدا ته ناهن جو رزق کسي وٺندا.“

”حيلي رزق، بهاني موت هوندو آ جان.“

”الله ڪونه ٿو ڏسي ته اسان بي ڏوهي آهيون.“

”پر ڪڏهن ڪڏهن بي ڏوهي به ٽنگجي ويندا آهن.“ ۽ هنن مڙني کي ماٺ اچي ويئي هئي.

هن خلاف جاچ ڪرڻ لاءِ آيل آفيسرن ٻن ڪلاڪن تائين چپ چاپ حد ۾ گھمندو ۽ پنهنجن جوڙيوالن کان سوال ڪندو رهيو. هن کان ڪو سوال ته ڪونه پڇيو ويو پر کيس اها اجازت به ڪانه هئي ته پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھ چئي سگھي ۽ اهو به هڪ عجيب اتفاق جو واپس اچڻ مهل هن انڪوائري آفيسر کي چانهن جو ڪوپ پيئڻ جي صلاح هنئي ته هو گيس سلينڊر جي ڦاٽڻ تي ڀڙڪو کائي پکڙجندڙ باهه جيان کُلي پيو.

”چانهن يا ٻيو ڪجھ ته ڇا، پر تو جھڙي بدنام ماڻهوءَ جي پاڻي ڍڪ پي به مان پاڻ کي بالاعملدار جي عتاب هيٺ آڻڻ نٿو چاهيان.“

”مان توهان جو ٻچو آهيان سرُ“ هن ايلاز ڪندي چيو، ”۽ توهان يقين ڪيو ته ان ڳالهه ۾ منهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“

”بڪواس ٿو ڪرين تون.“ صاحب مڇرجي پيو، ”هڪ چوري ٻيو سينا زوري.“

”سر! مان اڄ به توهان کي وڏيري جو اهو خط ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪو لکي، هن مون کان مشين گھري هئي.“

”ڪوڙا آ اِهو“، جاچ آفيسر چڙ مان چوڻ لڳو، ”تنهن چوٽي جو زور لائي به تون رئيس خلاف ڪجھ ثابت نٿو ڪري سگھين ۽ تنهنجون اهي حرڪتون وري به تنهنجي ئي ڳچيءَ ۾ پونديون، ڇو ته چيف منسٽر وٽ پهچي انڪوائري ڪرائڻ وارو تنهنجي نوڪري تيل به ڪرائي سگھي ٿو.“

”پر سائين.......ڪو ڏوهه هوندو ته ائين ٿيندو نه.“

”ٺيڪ آ، ته پوءِ اها پاڻهي خبر پوندئي.“ صاحب چوڻ لڳو، ”مون سوچيو هو ته حالتون ڏسي توکي ڪجھ عقل ايندو، پر نه.....تنهنجي اِها سوئر واري سيٽ وڃڻي ناهي ۽ ائين تون وڌيڪ نوڪري ڪرڻ ته ڇا پر جيل وڃڻ کان به بچي نه سگھندين“، صاحب کيس چتائي ڏٺو ۽ نفرت مان چيائين، ”تون ڇا ٿو سمجھين ته توکي سرخاب جا پر لڳل آهن يا سونن سڱن سان اُڀ تان لهي آيو آن؟“

”نه سائين،“ آفيسر جي رعب ۾ اچي هو صرف هلڪو ڀُڻڪيو.

”مان جي چاهيان ته تنهنجو وجود به ختم ڪرائي سگھان ٿو ۽ ڏسان ته توکان پئسا رهڙڻ وارا تنهنجا آفيسر توکي ڪيئن ٿا بچائي سگھن؟“

”آءٌ ته الله جو ماڻهو آهيان سائين“، هو ويتر هيسجي ويو هو.

”مان سڀ سمجھان ٿو“، جاچ آفيسر ٽوڪ واري مرڪ مرڪيو، ”خير، اها ته پوءِ خبر پوندي ته تو جھڙي الله جي ماڻهوءَ جو ڪهڙو حشر ٿو ٿئي.“ ائين هن گاڏي هلائڻ واري آفيسر کي اشارو ڪيو ۽ گاڏي اڳتي وڌي ويئي ۽ صاحبن ويندي مهل هن جي سلام جو جواب به نه ڏنو.

”ڇا ٿيو؟“

”آفيسر خوش ٿي ويا نه.“

”خير ٿي ويو نه؟“

”پروگرام ڪيئن ٿيو.“

صاحبن جي وڃڻ کان پوءِ هو گھر آيو ته سڄي آڪهه وڪوڙي ويس. هڪ کان وڌ سوال ۽ هو ماٺ ڪيون هڪ هڪ جي منهن ڏي ڏسندو رهيو.

”مون چيو پئي ابا، خدا مُئن جو وات ئي نه کوليندو.“ سندس پوڙهي ماءُ باهه تي هٿ سيڪي سيءُ لاهيندي چيو، ”شڪر ٿيو، ان مصيبت مان ته جان ڇٽي.“

”شڪر آ امان! تڏهن ته جيل ۾ وجھڻ جا دڙڪا ڏيئي ويا آهن.“

”ڇا...؟“ هڪ ئي وقت اڌ آڪهه جا وات کليا. ”خدا ڪندو ته پاڻ ئي ڪاٺ ۾ پوندا. دستگير پُڄندن، خدا جي ڪا مار پوين... ڇتا ٿي پيا آهن... اڇي ماني کائيندي به نٿا سهن.“ جوڻس چوندي رهي، ”مان ته چوان ٿي ته هن جاءِ کي ڇڏ.......ڇا ٻئي هنڌ ماني نه ملندي؟... سارو ڏينهن ڳهڻ جي ڪري افعالن مان نڪري ويو آن...بس مان توکي هتي نوڪري ڪرڻ ڪونه ڏينديس.“ هوءَ ڄڻ ته ڇتي ٿي پيئي، ”اڙي تون اڪيلو ته ڇا سڄي آڪهه پيئي هنن جو نوڪري ڏئي. ٻچن جي منهن تان لاهي به هنن کي پئي ڀريوسون...اسان جي نيمڪ جي ڪا مار پوين، اهو به نٿا سوچين ته ننڍڙا ٻچا اٿس.“

”ٿي سگھي ٿو، هنن جا ٻچا منهنجن ٻچن کان ننڍا هجن.“ هو ٽوڪ واري کل کليو ته جوڻس مڇرجي پيئي، ”بس، موڪل وٺ يا بدلي ڪراءِ... نه مڃيندين ته قرآن لاهي وجھندي مان.“

”پر هاڻي ڪيئن ڇڏيندا.“

”ڇو نه ڇڏيندا.“

”چون ٿا، جيسين انڪوائري پوري نه ٿيندي، اتان ڪونه ڪڍنداسين.“

”ڇا جي انڪوائري“، جوڻس چيو، ”ڪو ڏوهه به هجي يا هروڀرو جي انڪوائري.“

”اهو ته اسان ٿا چئون نه.“

”خدا به ڏسي ٿو، ته اسان جو ڏوهه ڪونهي.“

”الله تي رک امان“، سندس ماءُ، پنهنجي ننهن کي سمجھائڻ لڳي، ”خدا ڪندو ته اسان جا دشمن ناس ٿي ويندا.“

”حالي ته ساهه سُڪائي ڇڏيو اٿن، پاڻ الائي ڪڏهن تباهه ٿيندا.“

”بس امان! قرآن پڄندن“، ماڻس چوڻ لڳي، ”مان به سڄي رات پيئي نمازون پڙهان.“

هو ماٺ ڪيون پنهنجي اٻوجھ ماءُ ڏي ڏسندو رهيو. دل ۾ آيس ته جيڪر کيس چئي ڏئي ته. ”....ڪٿي انهن نمازن جي ڪري ته هي حال ڪونه ٿيا آهن.“، پر الائي ڇو چُپ ٿي ويو.

”خدا انهن فرعونن کي ناس ڪندو. هن منهنجي ٻچي جو سکُ ئي ڦٽائي ڇڏيو آهي“، ماءُ جي ڳالهه ٻڌي، ٽوڪ واري مُرڪ سندس چپن تي پکڙجي ويئي ۽ چوڻ لڳو، ”فرعون، نمرود يا شداد، ڪنهن ماڻهوءَ جو نه پر طاقت جو نالو آ امان! جنهن جي زور تي هي ماڻهو خدا بڻجي ويندا آهن.“ هن جي چڙ وڌڻ لڳي ۽ چيائين ”ڇا فرعون ڪو هڪ شخص هو؟ اهو ته ڪيترن ئي سوَن حاڪمن جو قبيلو هو، جيڪي سگھه حاصل ڪري، ان وقت جي عام ماڻهن لاءِ خدا بڻجي ويٺا. اها فرعونيت اڄ به جنهن وٽ آهي، اهو ڄڻ ته صديون اڳ جو بڻيل خدا آهي... ائين اڄ جو هر سگھارو ڪامورو، يا چڱو مڙس به فطرتاً ان ئي فرعون، نمرود يا شداد جي ڇڏيل پاڇن جو عڪس آ امان!... غريبن جو جيون وهه ڪرڻ وارو، ماڻهوءَ جي پيٽ تي لتون ڏيندڙ، مطلب پرست ۽ خود غرض.“ هن چيو ته پاڻ کي ڳوٺ جي سياڻي عورت سمجھندڙ سندس ماءُ، ڪجھ به نه سمجھندي وات پٽيون کيس ڏسندي رهي.

”انهن ظالمن لاءِ ته الله به الائي ڪٿي آ.“ هن ٿڌو ساهه کنيو ته سندس ماءُ چوڻ لڳي.

”ائين نه چئو ابا! ائين چوڻ گناهه آ.“

”اسان لاءِ ته هر ڳالهه گناهه آ امان،“ هن وري به دانهن ڪئي، ”پر تون ئي ٻڌاءِ ته مون آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ؟ ڪهڙي اربع خطا ٿي آ مون کان؟ مون ته هن نوڪري کي پنهنجو رت ڏنو آ، پنهنجي سونهن جواني سڀ ڪجھ ته اتي ئي وڃايو اٿم...ڇا، تنهنجو خدا نٿو ڏسي ته منهنجو ڏوهه ڪونهي.“ هو الائي ڇا ڇا چوندو ڪمري ۾ هليو آيو ته پويان ماءُ جو آواز ٻڌائين، جيڪا پنهنجي منهن چئي رهي هئي، ”مُئن بيزار ڪري وڌو اٿس، نه ته اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ڪندو هو.“ اها رات هو، هن جي زال ۽ ماءُ ساري رات نمازون پڙهندا ۽ مسجد جي پينگھي ۾ رکيل قرآن لوڏيندا رهيا.

ائين ٻئي ڏينهن صبح سان ئي هو پنهنجي حيدرآباد واري آفيسر سان اچي مليو، جيڪو جاچ ڪندڙ عملدار کان به هڪ گريڊ مٿي هو. سندس هي صاحب، توڙي کڻي ڪنن جو ڪچو پر نيت جو صاف هو ۽ انهيءَ صاف دلي ڪري، ڪيترا آڙيڪاپ آفيسر هيٺيون مٿيون ٻڌائي، کانئس ڪيئي غلط ڪم ڪرائي ويندا هئا. هن جي به پنهنجي صاحب سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي، سو ساڳي ڳالهه رومال ۾ ويڙهي چوڻ لڳس.

”مون ته وس پڄندي مڙني جي خدمت ڪئي آ سائين،“ پنهنجي حساس طبيعت يا دل ۾ لڪل ڪنهن ڊپ جي ڪري، هو پنهنجي آفيسر جي اڳيان ذري گھٽ روئي ويٺو، ”پوءِ به الائي ڇو اڄ ڏکيءَ ويل هر ڪو هٿ ڪڍي بيٺو آ.“ ائين هن پنهنجي ڪيترن ئي بي قدرن صاحبن جا سور پٽڻ شروع ڪيا ته سندس آفيسر چوڻ لڳو، ”اهو دنيا جو دستور آ ته مينهن جڏهن پڇڙ ٿي کير ڏيڻ بند ڪندي آهي ته کيس گاهه ڏيڻ ته ڇا پر ڪلي تي ٻڌڻ به پسند نه ڪيو ويندو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com