سمورن بلوچن مؤرخن جا جيڪي به رايا اسان مٿي پيش ڪري آيا آهيون،
انهن سڀني جو نقطه نظر هڪ آهي، ليڪن محمود شاهه
بخاري ۽ سردار خان گشڪوريءَ نئين ڳالهه سان گڏ هڪ
ٻئي کان به نقل ڪيو اٿن. انهن جو مفهوم هن طرح
بيهي ٿو:
(1) 1486ع ۾ چاڪر سبيءَ کي ڄام نندي کي فتح ڪرڻ سان حاصل ڪيو.
(2) انهي سال ڪجهه مهينا اڳ ڄام نندي جي طرف کان دريا خان
ارغونن کي شڪست ڏني هئي.
(3) پوءِ ڄام نندي سبيءَ کي مخفي نموني سان شاهه بيگ جي حوالي
ڪيو، ته جيئن بلوچ حڪمران کي تنگ رکيو وڃي.
هتي اهو نقطو ويچارڻ جوڳو آهي ته سمورن مؤرخن ان واقعي کي بيان
ڪرڻ وقت، ڪٿي به ڪنهن مستند تاريخي ڪتاب جو حوالو
ڪونه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري ان ڳالهه کي تسليم ڪرائڻ
لاءِ ڪنهن سَند کي بنياد بنايو اٿائون.
سردار گشڪوري ۽ ٻين مورخن صرف چاڪر رند جي نالي شعري روايتن کي
حوالي طور استعمال ڪري، انهيءَ کي مستند سمجهي
ايڏي وڏي تاريخي واقعي کي چاڪر رند سان منسوب ڪيو
آهي. جنهن شعر جو پاڻ (گشڪوري صاحب) اردو ترجمو
ڏنو آهي، اُهو اسان هت سنڌي ويس ۾ پيش ڪيون ٿا.
”ان ضمن (چاڪر جو ڄام نندي کان سبي فتح ڪرڻ) ۾ چاڪر خود پنهنجي
هڪ نظم ۾ ان خيال کي هيئن پيش ڪري ٿو: ”ڪجهه عرصي
لاءِ مون ۽ ڄام نندي هڪ ٻئي جي مخالفت ڪئي، ليڪن
ڄام نندي هڪ وڏي معرڪي کان بچڻ لاءِ سيويءَ کي
منهنجي سپرد ڪيو.“ (49)
هتي اسان چاڪر رند بابت بلوچي شعر به پيش ڪريون ٿا، جنهن ۾
سبيءَ تي سندس قبضي ڪرڻ جو داستان ٻڌايل آهي:
ڪشتهءِ غان گولاز همو ملڪ (دشمنن کي علائقي مان ڪڍڻ لاءِ.)
چاڪرپه، بدبوزي رواني بيتا (مير چاڪر رندن جي فوجن کي جمع ڪري
روانو ڪيو.)
زور، سيوي، چه دزمنان زيت (۽ سبي جي حڪومت دشمن کان زوري حاصل
ڪيائين.)
پک غين، ڏان ٿيش ورُ بيت (سبي علاقو ڪل فصلن سميت حاصل
ڪيائين.)
ڍاڍر، ميران نا، ڪلاتبسته (ميران، ڍاڍر ۾ پنهنجو قلعو بنايو)
(50)
ايڏي وڏي واقعي کي سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ پنهنجي تاريخ ۾ جڳهه نه
ڏني آهي ۽ نه ئي وري ان جو سنڌي لوڪ ادب ۾ ذڪر ملي
ٿو(51). ان مان اسان ڪهڙي مراد وٺون؟ مؤرخن جي
مطابق چاڪر رند 86- 1485ع ۾ سبيءَ تي قبضو ڪيو، پر
سنڌ، هند، ايران ۽ وچ ايشيا جي مؤرخن مان ڪنهن به
عالم اهڙو واقعو بيان ڪونه ڪيو آهي، بلڪ اُن جي
برعڪس، ان دور بابت ڪتابن ۾ مواد اُن جي ابتڙ ملي
ٿو.
ڄام نندي جي دور (1461ع کان 1508ع) ۾ هرات تي سلطان حسين بايقرا
(1458ع کان 1506ع) حڪمران هو(52). ان جي طرف کان،
سُٺين خدمتن جي صلي ۾ امير ذوالنون ارغون کي
880هه/ 1475ع ۾ قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو(53).
ارغون هڪ طرف هرات جي حاڪم سان وفادار رهيا ته ٻئي
طرف پنهنجي مستقبل کي شاندار بڻائڻ جي غرض سان شال
(ڪوئيٽا) ۽ مستونگ تي قابض ٿيا.
سلطان حسين بايقرا، ڪجهه واپاري ماڻهن جي شڪايت تي امير ذوالنون
ارغون کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. ذوالنون
جو پٽ شاهه بيگ ارغون 1485ع ۾ قنڌار کان اچي اڪڙي،
چانڊوڪي (لاڙڪاڻو)، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇي ڳوٺن کي
ڦريو لٽيو ۽ سبيءَ جي طرف پيش قدمي جاري رکيائين
سبيءَ تي ڄام نندي جي طرفان امير بهادر نگران هو.
منگولن جي موتمار فوج، امير بهادر کي موت جي ننڊ
سمهاري، سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي طرفان پنهنجي
ڀاءُ سلطان محمد کي سبيءَ جو نگران مقرر
ڪيائين(54). ان فتح جي خوشي ۽ عام اطلاع لاءِ ”فتح
نامه سنڌ“ جي نالي سان هڪ فرمان جاري ڪيو ويو ته
جيئن سموري ملڪ ۾ اها خوشخبري پهچائي وڃي(55). ان
فرمان ۾ هي واقعو 1485ع درج آهي. ”فتح نامه سنڌ“
عبدالله مرواريد (وفات 929هه/ 23- 1522ع) جي جمع
ڪيل مڪتوبات ”شرف نامه“ (ص 101 کان 105 تائين) ۾
درج آهي(56). عبدالله مرواريد، سلطان حسين مرزا
بايقرا جو مير منشي هو ۽ هن پنهنجي تصنيف ”شرف
نامه“ ۾ سلطان جي اهم فرمانن، سَندن ۽ تاريخي
واقعن کي درج ڪيو آهي(57).
هتي اسان انهيءَ فرمان جو اصلي فارسي متن پيش ڪريون ٿا ۽ ان کان
پوءِ ان جو سنڌي ترجمو به پيش ڪنداسين:
فرمان:
شکرِ خدا که از اثر فيض فضل او،
شد سرفراز رايت اسلام در نبرد،
دشمن به تيغ خواست کند جوي خون روان،
وز جوئبار تيغِ جبين بودش آب خورد،
توفيق فتح چون ملک ذوالجلال داد،
تاريخ ماند آنکه، مَلک فتح
مُلک
کرد-(892هه)
افتتاح کلام بذگر قهاري بايد کرد که پير تير چرخ پشت خم،
ازدائرهء صف نيزه گذاران نبرد غيرتش، چون دال ادا
نتواند گذشت. وابتداء پيام، بنام جباري شايد، که
کاتب کريم البيان نون والقلم، از روي ثبات قدم،
دربيداء نثار، از سهم کمانداران حدف سيادتش، چون
حرف ثنانتواند گشت. رحيمي که در مقابله تير بهرام
خون ريز، زهرء عشرت انگيز راچنان زره پوش
گردانيده، که خود را چون يکي حلقهء زره پيداست. و
حکيمي که در محاربهء تيغ صبح شعله فشان، سپهر
هراسان را باوجود کواکب، در زير سپر زرين آفتاب
گرفت بياراست. نظم.
جهان آفرين و جهان بي نياز، بهنگام بيچارگي کارساز،
خورد
دانش آموز تعليم او، دل از داغ داران تــسليم او.
و بعد از تصدير اين مقال، و تصوير اين خيال، نعت (اصل: نعمت)
سروري لابق که درّي از برج سعادت، بلکه در درج
شهادت را از ته لب (اصل: شهد لب) بسنگ بدگوهران
نثار کرده، دُرة لناج تارک مروت ساخت، و مدح
دلاويزي موافق، (که) ماه عَلم عالم گير را گسترده،
معاندان را در قعر چاهِ بدر انداخت نظم:
گران مايه تر تاج آزادگان، گرامي تر از آدمي زادگان،
محيطي چه گويم (که) بارنده مبغ، بيک دست گوهر ويک
دست تيغ،
بگو هر جهان را بيا راسته، بتيغ از جهـان،
داد دين خواسته.
صلي الله عليه والہ و اصحابہ الي يوم الدين.
اما بعد برراي ارباب ذوالاعتبار و اصحاب اولي الابصار مسترو نه
نخواهد بود که، غرض از خلق ماسوي الله، و ايجاد
ماخلق الله، جز تکوين گوهر ذات حضرت رسالت پناهه،
و باعث بر رسالت آنحضرت جز اهتداء گم شدگان ضلالت
دستگاهه نيست، چه در وقتي که اُن عالي قدر جهان
کون و فساد را غيرت عالم ملکوت و رشک فضاء لاهوت
گردانيده بود، هميشه همت مبارک برمداومت غزا و
مواظبت جهاد مقتضر و منحصر داشته، مضمون کريمه-
ادع اليٰ سبيل ربک بالحکمة والموعظة الحسنة- بسامع
سڱان کون و مکان مير سانيدند. ازان جمله هرکه
بسعادت- من يهدالله فهوالمهتد- مستسد شدي، برفلک
توفيق بدرجه اصحاب- افمن شرح الله صدره للاسلام-
مشرف گشتي. و آنکه بشقاوت- و من يضل الله فلن
تجدله وليا مرشداً- گرفتار بودي، بتيغ آبدار-
اقتلو المشرکين کافتہ- برگذشتي. و چنان که درباقي
خصائل و سائر شمايل، اقتداء بسنن سنيه، و اتباع
باخلاق مرضيه آنحضرت بقدر وسع لازم است، همين
هشيوه نيز بر سلطان سلاطين جم جام خصوصاً و بر
ساير مسلمين عموماً سمت و جواب دارد. پس مانيز اين
مقدمه راحرزجان و ورد جنان مترصد ايذ امر عظيم
الشان مي بوديم. تادرين ولاجمعي از تجار که
ممرعبور(و) ورود ايشان بربعضي از ديار سند- که
بحوزهء اين اقليم تلاصدق دارد- واقع بود، التجا
بدرگاهه ديبن پناهه (يعني سلطان حسين ميرزا بايقرا
بادشاهه خراسان که پايه تختش هرات بود) آورده عرض
کردند که: فوجي از مخالفان راه دين و معاندان شرع
المرسلين، کهاز ساير کفره و فجره به سلطنت و ايالت
ممتازند، دست تعدي و تسلط کشاده، عامل اسفار
وقاطعان براري فگار را ضرري مير سانند.
اين معني بخاطر دريا ماثر گران آمده، باجوقي از لشکر کواکب حشر،
که از عکس آفتابش تيغ افگن در آئينه جوشن، اطلس
سپهر را از شعله آتش دولت محمدي و فروغ شعشعهء ملت
احمدي روشن دارند- کا البرق الخاطف- آن ديار ظلمت
آثار و زمين کدورت دثار را غيرت سپهر منيع و فلک
رفيع ساخته، خيام و واطناب رانموتهء نجوم و شهاب
گردانيدم. وچون خبر صول (اصل رسول) رايت آفتاب
درايت اسلام، بدان مقيمان نشيمن ظلام رسيد، آن
جماعت باسپاهي بيحد و لشکر بيعد باستقبال دولت روز
افرون متوجه گشتند. و آن طائفہء مکار غدار که از
روي شقاوت، بارخسارهء چون پر زاغ، چشم بمتاع حيات
اين فرقه سرخ کرده بودند و خون فاسد در بدن ايشان
بجوش آمده، سوداي شبيخون داشتند. از قوت دولت
خسروي و يمن سعادت قوي، قياس تدبير ايشان مخالف
ارادهء تقدير افتاد، وظن و تخمين ايشان در تشخيص و
تعيين زمان، ناموافق (اصل: ماموافق؟) آمد. چنانکه
وقتي که طائر شب هنگام پرواز، زمانه را از آتش بال
خود دل گرم ساخته بود، وانتقام مهر آيش قهر، در
دودمان سب ظلمت آئين انداختند، خبر وصول ايشان
ازيک فرسخي معسکر ظفر اثر رسيد. آواز طبل رحيل
بگوش تيز هوش قايم دولت اسلام رسانيده. ازينجا نيز
شيران (اصل: بران؟) بيشهء شجاعت و سروري، و نهنگان
درياي جلادت (اصل: جلالت) وداو (ر) ي که هريک
درميد ان مردي و مردانگي و مضمار چستي و فرزانگي
بارها ازيکديگر قصب السبق (ر) بوده بودند، بقصد
افروختن نائرهء جدال و قتل روان شدند.
و چون قرب (اصل: قريب؟) مسافت آناً فاناً برمخالفان حيلت پيشه و
معاندان کمر انديشه، سمت ظهور هي يافت، و نيز مي
دانستند که فريب و رنگ و افسون و نبرنگ راجزبر
زبان تيغ مجال نماند، و بطريق اصطرار، بترتيب
قواعد کارزار و تمهيد قوانين جنگ و پيکار مشغول
گشته بودند، بوقتي که طليغهء صبح، باتيغ چون آب و
سپر زرين آفتاب، خون رنگيء شب رابر خاک ميدان
زمانه ريخت، دوصف در مقابلهء يک ديگر، چون کوه
گردون ستوه بايستادندن.
بيت:
دو لشکر بهم کشيدند کوس، چو شطرنج از عاج واز آبنوس،
مايک پر زمانه راره امن و امان، بسته وصولت استداره را ازکرهء.
خاک شکسته، از هردو جانب، مردان کاري ودليران کارزاري همه چون
کوه پايدار، برمراکب گردون نورد سوار، که هنگام
جولانکره فلک قمر، طابق النعل بالنعل- بودندي، و
از زخم نغل گردون مسير (اصل: مير؟) شان، ساکنان
فلک از گاو زمين صداي- ياليتني کنت تراپا- شنيدندي
و گفتندي، بيت:
بزيـر مـردان، اسبان، چوکوه آهن پشت،
به پشت اسبان، مردان، چوکوه آهن بار.
از آتش برگ فعل شان هلال نعل وش، به آتش غيرت سوختهء بزمين فرو
رفت، و از دوران جرم مهر منير برچرخ اثير، چون
آئينه ز آه حسرت، ظلمت و کدورت پزيرفته. بيت:
درآمد دو لشکر بجنبش چوکوه، کزان جنبش آمد، جهان را ستوه،
غريدند نالهء کر ناي، درافتاد تب لرزه در دست و پاي،
ز فرياد روئين خم از پشت پيل، نقير نهنگان برآمد
زنيل،
خورشيدن کوس رئينه کارو، نيو شنده را داده برجان
هراس،
جلاجل زنان از نواهاي زنگ، بر آورده خون از دل
خاره سنگ،
سنان برسر موي بازي کنان، بخون روي دشمن نمازي
کنان،
زفولاد پوشان لشکر شکن، تن کوه لرزيده (بر)
خويشتن،
ستيزنده از تيغ سيماب ريز، چو سيماب کرده، گريزان
گــريز.
دليران جنگ آزماي مرد افگن، و مردان داراي سکندر شکن، که هر يک
در ميدان جلادت صفدري و دربيشهء هيجا غضنفري
بودند، همه در درياي نبرد عرق آهن گشته از عکس
اشعهء لمعاتش، تيغ آب گردان سپهردوار را لرزان و
هراسان داشتند.
آستين افشان علم در رقص بر آواز کوس،
پاي کوبان از تزلزل همچو اسپان گــذر، (اصل: کوه؟)
رمع خونين کرده کوته بـر اجل راءِ دراز،
ناي روئين گشته، برباليـن کـشته نوح گر،
در دل رزم آزمـايان، نوک پيکان و سنان،
چون مزه برچشم عاشق، غرقهء خون جگر.
- در ظلمت گرد، زبان سنان خود آلود، راست چون علم آتش درميانه
دود. و رسيدن پيکان آبدار برسپرهاي زنگار، چون
قطرات باران نيساني، برفراز گل هنگام بهار، و رماح
خونين پيراهن آئينه جوشن، چون خطوط شعاع حوالي
خورشيد روشن. بيت:
اگر سيماب باريدي چو باران، ستادي برسنان نيزه داران.
هواي گرم آشيان ظلمت انجام، از زخم تير و صداي نفير و کوس رغد
صرير، نداي- او کصيب من السماءِ فيہ ظلمات و رعد و
برق يجعلون اصابعهم في ازانهم من الصواعق
حذرالموت- خبردارده.
نظم:
بدست تيغ، گريبان زندگي شد چاک،
بپاي عمر فتاد (ست) دامن خــذران،
دلاوران را جسته که کشاده خدنگ (کذا)،
بسان غنچهء گل، آتش از سرپيکان.
وچون از دم ناي روئين، آتش پيکار اشتعال پذيرفت. امداد فيض انهي
و اسعاد فضل نامتناهي، مزده روح پرور- وهو معکم
اينما کنتم- مانند آيت کريمه- اني اناالله از آتش
کليم، بسمامع اهل اسلام رسانيده، شوکت کوکبهء دين
محمدي وقوت غلبهءِ عنايت سرمدي، حملهءِ فتح (و)
ظفر، برسپاه مخالف آورده، اکثر دشمنان تباه کارو
هندوان سياه روزگار، که چون دود دعويء سرفرازي
ميکردند، مانند اخگر آذر بخاک سياه برابر گشتند. و
آنچه اميد خلاص و سوداي مناص داشتند، همه چون زاغ
و زغن در بيان (بان) بي پايان طعمهء عقاب اجل
شدند.
و اين فتح بزرگ پايه، و اين نصرت گرانمايه، موجب شکر حضرت
لايزال و حمد مهمين، متعال گشت- والحمدالله الذي
اذهب عنا الحزن- وچون اين معني را درخاطر جمهور
اهل دانش و بينش، بلکه مجموع آفريننش، باعث امن و
حضور، و مورث سروري دانست، بارسال اين نامهء گرامي
و مراسله نامي باطراف و اکناف ارتکاب نموده، توفيق
نعمت عظميٰ- لئن سکرتم لا زيدتکم- رامستدعي باشد.
انہ خبير موفق و معين.(58)
ترجمو: ”تازو هن زماني ۾، واپارين جي هڪ ٽولي، جنهن جو تجارتي
سلسلي ۾ سنڌ جي علائقي ۾، جيڪو اسان جي قلمروسان
مليل آهي، اچڻ وڃڻ هو، درٻار ۾ فرياد ڪيو ته
دشمنان اسلام جي هڪ جماعت، جيڪا صاحب سلطنت آهي،
مسافرن تي ڏاڍ ڪندي رهي ٿي، ۽ ايندڙ ويندڙ کي
لٽيندي رهي ٿي. اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان
هڪ وڏو لشڪر انهيءَ ملڪ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو.
جڏهن لشڪر اسلام جي خبر انهن ڪفارن کي پيئي ته
انهن پڻ هڪ وڏي فوج مقابلي لاءِ موڪلي. ”غدارن“ ۽
”مڪارن“ جي انهيءَ فرقي، اسان جي فوج جو خاتمو ڪرڻ
گهريو ٿي، چنانچه شب خون (راتاهي) هئڻ جو منصوبو
سٽيائون. بادشاهي اقبال، تقدير کي سندن انهيءَ
تدبير جي مخالف ڪري رکيو، ۽ راتاهي جو جيڪو وقت
مقرر هو اهو ناموافق ٿي پيو. چنانچه راتاهي هئڻ
لاءِ جيئن هو نڪتا ۽ هڪ فرسخ تي مس پهتا ته اسان
جي فوج کي خبر پئجي ويئي، جا تيار ٿي مقابلي لاءِ
نڪري آئي. صبح تائين ٻيئي فوجون منهن مقابلي اچي
ٿيون. اسلامي فوج انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير
لڳائي ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح عظيم
حاصل ٿي. جنهن صورت ۾ هيءَ خبر سڀني اهل دانش لاءِ
وڏي خوشيءَ ۽ بهجت جو سبب آهي، تنهن ڪري هن خط جي
ذريعي هن خبر کي چئني طرفن پهچائجي ٿو، جيئن خدا
تعاليٰ جي شڪرگذاري ادا ڪئي وڃي.“
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته 1485ع ۾ هرات جي سلطان جي چوڻ تي ذوالنون
ارغون جي پٽ شاهه بيگ، سنڌ جي حدن جي خلاف ورزي
ڪندي سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ عارضي طور فتح جي گهمنڊ
۾ مسلمانن (سنڌين) کي ”ڪافر“ ۽ ”غدار“ ڪوٺيو
اٿائين.
ان فرمان مان چٽيءَ طرح ظاهر ٿو ٿئي ته مير چاڪر خان رند 1485ع
۾ يا ان کان پوءِ نه سبيءَ تي قبضو ڪيو هو ۽ نه ئي
ان علائقي ۾ آيو هو ته پوءِ حڪومت ڪرڻ جو ته سوال
ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي! ڄام نندي کي جڏهن ملڪي
سلامتي جي لاءِ خطرو محسوس ٿيو ته پنج سال انتظار
ڪرڻ سان گڏوگڏ فوجي قوت کي وڌائيندي. 1490ع ۾
پنهنجي بهادر جرنيل دولهه دريا خان کي وڏي لشڪر
سان ارغونن تي حملي ڪرڻ لاءِ سبي روانو ڪيائين.
سلطان محمود ارغون سبيءَ کان نڪري جلوگير جي جاءِ
تي دريا خان جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سنڌين کي فتح
حاصل ٿي ۽ سلطان محمد ارغون قتل ٿي ويو ۽ سندس
لشڪر شڪست کاڌي. (59)
دريا خان ان فتح جي خوشيءَ ۾ پنهنجي جيئري ئي پنهنجي مقبري جي
چار ديواري تي، انهيءَ سال 895هه/ 1490ع) بقول مير
معصوم، لکرايائين ته ”جيستائين ڄام نندو زندهه
رهيو، ارغونن، هراتين ۽ ٻين کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي
جرات نه ٿي.“ ڪتبو هن طرح آهي. (60)
”قال النبي ﷺ اذتحيرتم في الامور والستعينو من اهل القبور صدق
يارسول الله. هذا المقام بامر خان الاعظم مبارڪ
خان بن سلطان نظام الدين شاهه بن صدرالدين شاهه بن
صلاح الدين شاهه بن سلطان رکن الدين شاهه. وهو
المظفر علي مغلان الهري والقندهار. کتبه قطب الدين
بن محمود- احمد بن دريا خان غفرالله لہ.“
”وهو المظفر علي مغلان الهري والقندهار.“ جا لفظ ان فتح جي طرف
اشارو آهن، جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد
1490ع ۾ مارجي ويو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته:
(1) 1461ع کان 1485ع تائين سبيءَ تي ڄام نندي جو قبضو هو ۽ ان
جي طرفان امير بهادر نگران هو.
(2) 1485ع ۾ هرات جي حاڪم جي حڪم تي ذوالنون ارغون جي پٽ شاهه
بيگ حملو ڪري سبيءَ تي قابض ٿي پنهنجي ڀاءُ سلطان
محمد کي اتي جو گورنر مقرر ڪيو.
(3) 1490ع ۾ دريا خان پنجن سالن بعد حملو ڪري سلطان محمد کي قتل
ڪري، سبيءَ جو علائقو واپس سنڌ جي حدن ۾ شامل ڪيو.
(61)
(4) 1490ع کان 1508ع تائين، يعني ڄام نظام الدين جي فوت ٿيڻ
تائين، ارغونن يا ٻين کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي جرات
نه ٿي. (62)
(5) 1508ع ۾ ڄام نندي جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز تخت نشين ٿيو.
ان جي دور سلطنت جو سياسي استحڪام ختم ٿي چڪو هو،
1507ع ۾ ذوالنون ارغون، محمد خان شيباني ازبڪ سان
وڙهندي قتل ٿي ويو ۽ ان جي جڳهه تي قنڌار جو حاڪم
شاهه بيگ مقرر ٿيو.(63) شاهه بيگ کي ظهير الدين
بابر کان خطرو لاحق ٿيو ته ان مستقبل جو فڪر ڪندي.
1509ع ۾ (ڄام فيروز جي دور ۾) سبيءَ تي ٻيهر حملو
ڪري قبضو ڪيو ۽ دريا خان يا ڄام فيروز جي مقرر ڪيل
گورنر پيرولي برلاس کي سندس مائٽن سميت قتل ڪيائين
۽ شاهه بيگ مير عيسيٰ خان ترخان کي سبيءَ جو گورنر
مقرر ڪيو. (64)
(6) شاهه بيگ 1509ع ۾ سبيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري سنڌ کي بري
نگاهه سان ڏسڻ لڳو. 1518ع ۾ نورگاهي ۽ دولت شاهي،
(جيڪي ان وقت ڄام فيروز وٽ ترسيل هئا) جي چوڻ تي
سنڌ تي حملو ڪريو. ان حملي ۾ شاهه بيگ کي ڳاهان ۽
باغبان مان هڪ هزار اُٺ مليا ۽ هڪ هفتي تائين
آسپاس جي ڳوٺن کي ڦري لٽي واپس وريو. ان حملي جو
مقصد ڄام فيروز جي فوجي طاقت کي پرکڻ هو.(65)
(7) 1518ع جي مٿئين آزمائشي حملي کانپوءِ مڪمل منصوبه بندي سان
11- محرم 927هه/ 24- ڊسمبر 1520ع تي سنڌ تي حملو
ڪري قبضو ڪيائين. ان جنگ ۾ دريا خان شهيد ٿيو.(66)
(8) 22- شعبان 930هه/ 26- جون 1525ع ۾ شاهه بيگ فوت ٿيو ۽ سندس
جاءِ تي سندس پٽ شاهه حسن ارغون نصرپور ۾ تخت نشين
ٿيو. سبي شاهه حسن ارغون جي دور 962هه/ 1554ع
تائين، سندس سلطنت جي حدن ۾ رهي.(67)
مٿين واقعن جي حوالي سان مستند تاريخن، سَندن، ڪتبن ۽ فرمانن جي
مطابق 1461ع کان وٺي 1485ع تائين سبي سنڌ جي حدن ۾
شامل رهي. 1585ع ۾ شاهه بيگ ان تي قبضو ڪيو ۽ بعد
۾ 1490ع ۾ دريا خان ان تي ٻيهر قبضو ڪيو ۽ 1490ع
کان وٺي 1554ع تائين يعني شاهه حسن ارغون جي دور
تائين سبي سنڌ سان لاڳاپيل رهي.
ان سموري پنجانوي (95) سالن جي طويل عرصي جي دوران، وچ ۾ ڪو هڪ
به اهڙو وقفو ڪونه آهي، جنهن ۾ اسان کي مير چاڪر
خان رند (جنهن بلوچ مورخن جي مطابق بلوچستان ۽
سبيءَ تي ستاويهه سال حڪومت ڪئي) هڪ لمحي لاءِ به
حڪومت ڪندي نظر اچي! ستاويهه سال ته پري جي ڳالهه
آهي، هتي ته ستاويهن ڪلاڪن جو به ثبوت ڪونه ٿو
ملي. انڪري اسان ائين چوڻ ۾ ڪابه دقت محسوس نٿا
ڪريون ته چاڪر رند جي نه سبيءَ تي ۽ نه ئي وري
بلوچستان تي ڪڏهن ڪا حڪومت ڪئي.
حوالا ۽ حاشيا
آخوند محمد صديق: ”اخبارالابرار“ (اردو ترجمو: مير گل خان
نصير)، ڪوئيٽا، نِساءَ ٽريڊرس، 1984ع.
آخوند محمد صديق: ”اخبار الابرار“. ياد رهي ته هيءُ ڪتاب راءِ
بهادر هيتورام کي آخوند محمد صديق جي فرزند آخوند
محمد عمر کان ”قلمي صورت“ ۾ مليو. راءِ بهادر
هيتورام پنهنجي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“، لکندي
سمورو قلمي نسخو پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو. هن وقت
آخوند جي ڪتاب جو اهوئي هڪ قلمي نسخو محفوظ رهيو
آهي، جنهن تان اسان پڻ حوالو نقل ڪيو آهي ۽ مير گل
خان نصير پڻ راءِ بهادر جي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“
۾ ڏنل آخوند صاحب جي مواد جو اردو ترجمو ڪيو آهي.
راءِ بهادر هيتورام: ”تاريخ بلوچستان“، اردو،
ڪوئيٽا، بلوچي اڪيڊمي، ٻيو ڇاپو، 1973ع.
قاضي نور محمد گنجابوي، ”تحفة النصير“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر،
بلوچستان يونيورسٽي، ڪوئيٽا، 1990ع.
ايضاً، ص 40.
ڊيمز جو هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1904ع ۾ رائل ايشياٽڪ
سوسائٽي جي مينوئل نمبر 29 ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ
1950ع ۾ ان کي ڪامل القادري اردو ترجمو ڪري ماهوار
”بلوچي دنيا“ ۾ بطور ”خاص نمبر“ شايع ڪرايو. ٽيون
دفعو مير گل خان نصير 1969ع ۾ ان ڪتاب ۾ ڏنل نظرين
۽ تاريخي حقيقتن کي مسخ ڪرڻ لاءِ ”ڪُوچ و بلوچ“
نالي ڪتاب ۾ بطور ضميمي جي ترجمو ڪري شايع ڪرايو.
هي نقطو قابل ذڪر آهي ته مير گل خان نصير هڪ طرف
ترجمي ۾ گهڻيون غلطيون ڪيون آهن ته ٻئي طرف حوالن
۽ حاشين ۾ گهڻا گمراهه ڪن نظريا پيش ڪيا آهن. هن
ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1983ع ۾ شايع ٿيو. چوٿون دفعو
ڪامل القادري 1987ع ۾ ”بلوچ قبائل“ جي نالي سان
شايع ڪرايو. اسان جي سامهون اِهوئي هڪ معياري،
قديم ۽ صحيح ترجمو موجود آهي.
لانگورٿ ڊيمز: ”بلوچ قبائل“، اردو ترجمو، ڪامل القادري، ڪوئيٽا،
1983ع، ص 64- 63.
ايضاً، ص 66.
Long Worth Dames: “Popular Poetry of the Baloches”,
Baluchi Academy, Quetta, Second Edition, 1988.
Ibid.
سردار
خان گشڪوري: ”چاڪر اعظم“، اردو ترجمو، عبدالغفار
نديم، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1988ع.
آغا نصير احمد خان احمد زئي: ”تاريخ بلوچ و
بلوچستان“ (چار جلد)، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا،
1993ع.
(12 ۽ 13) تاريخ دائودي“ ۽ ”تاريخ فرشته“، برٽش
ميوزم لنڊن جي نسخي نمبر 6572 ۾، صفحي 616 تي،
”مير خاوڪر“ نالو لکيل آهي، جنهن کي بلوچ مؤرخ
”مير چاڪر“ تصور ڪن ٿا.
(14) ”تاريخ اڪبر شاهي المعروف تاريخ شاهي“ جي قلمي نسخي (صفحي
93) تي ”برواخاڪر“ نالو لکيل آهي. هي قلمي نسخو
انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ موجود آهي.
(15) پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي هڪ مضمون (”ڳالهيون ڳوٺ
وڻن جون“، ص 765) ۾ ضمناً، مولائي شيدائيءَ جي لکت
مطابق ”بلوچي نامه“ آخوند محمد صديق جي نالي
ڄاڻايو آهي، جو اطلاع دُرست ڪونه آهي. آخوند محمد
صديق جو هڪ ئي ڪتاب ”اخبار الابرار“ جي نالي سان
مشهور آهي. ”بلوچي نامه“ دراصل مرزا احمد علي
”احمد“ قلاتي جو لکيل آهي. مرزا جو تعلق احمد زئي
(براهوئي) خاندان جي نوابزادن مان هو. خان خداداد
خان براهوئي (1857- 1893ع) جي حڪومت جي آخري ڏينهن
۾ مرزا ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. فارسيءَ جو
وڏو، سُٺو ۽ پرگفتار شاعر هو. مير گل خان نصير،
آخوند محمد صديق جي ”اخبار الابرار“ ۽ مرزا احمد
علي ”احمد“ جي ”بلوچي نامه“ کي گڏي ”اخبار
الابرار“ جي نالي سان اردو ترجمو ڪري 1984ع ۾ شايع
ڪرايو.
(16) ”افسانهء چاڪر ۽ تاريخ سيوي“ جي نالي سان هڪ پمفلٽ نما
مضمون پهريون دفعو ماهوار ”بلوچي دنيا“ ملتان جي
شماري مارچ 1992ع ۾ صفحي 6- 7 تي شايع ٿيو. بعد ۾
اهوئي پمفلٽ نما مضمون هفته روزه ”ايلم“ مستونگ
بلوچستان جي 10- مئي 1992ع جي شماري ۾ شايع ٿيو.
اسان اهوئي پمفلٽ نما مضمون هتي ثبوت طور پيش
ڪريون ٿا، جنهن مان اسان جي نقطهء نظر جي تصديق
ٿئي ٿي. (پمفلٽ جو متن هي آهي)
”افسانهء چاڪر ۽ تاريخ سيوي“
هيٺ ڏنل پنجن دليلن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته افسانوي ڪردار
امير چاڪر خان رند جو تاريخ سيويءَ (سبيءَ) سان
ڪنهن به قسم جو تعلق نه رهيو آهي.
بلوچ مورخن جي مطابق سيويءَ ۾ چاڪر جو دور 1450ع کان 1550ع
رهيو، ليڪن تاريخ جا اُهي مستند ۽ قديم ڪتاب، جن ۾
سيويءَ جا ان صديءَ جا حالات درج آهن، ڪنهن مير
چاڪر نالي شخص جي تذڪري کان سراسر خالي آهن. انهن
ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. بابر نامه، تاريخ
معصومي، تاريخ مظهر شاهجهاني، ترخان نامه،
ماثرالامرا، تاريخ فرشته ۽ تاريخ شير شاهي. انهن
ڪتابن جا مؤرخ نه پٺاڻ آهن ۽ نه ئي بلوچ. جيڪڏهن
چاڪر نالي ڪوبه مير هو ته اهي مورخ ۽ محقق ان جو
ذڪر ڇونه ڪن ها؟
مٿي ڏنل ڪتابن ۾ 1450ع کان 1550ع تائين سؤ سالن جي دؤر ۾ سيويءَ
جا حڪمران راءِ سري لنگاهه، افغان، بهادر خان،
سنڌي سلطان پير ولي برلاس، شاهه بيگ ارغون، سلطان
محمود بکري، سلطان شاهه حسين ارغون ۽ پنڙي پٺاڻ
قبيلا درج آهن. حڪمرانن جي ان تسلسل ۾ ڪوبه وقفو
نه آهي، جو ان ۾ ٻئي ڪنهن امير لاءِ گنجائش پيدا
ٿئي.
ريورٽي پنهنجي تاريخ ”نوٽس آن دي افغانستان اينڊ بلوچستان“ ۾
دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته سيويءَ جي تاريخ ۾ چاڪر
جي ڪهاڻي هڪ مفروضو آهي. ريورٽي نه افغان هو ۽ نه
ئي بلوچ.
جيڪڏهن چاڪر نالي امير 1450ع کان 1550ع واري عرصي دوران سيويءَ
جو حاڪم هو ته سيويءَ ۾ ان جي دور جون سَندون،
فرمان ۽ قبرستان ضرور موجود هجن ها، جيئن شاهانِ
افغانستان، خوانين باروزئي وغيره جي دؤر جون
سَندون ۽ قبرون.
تاريخ شير شاهي ۽ تحفه اڪبر شاهي (مؤلف عباس خان شرواني) ۾ هڪ
شخص چاڪر رند کي ستڳڙهه علائقي ملتان ۾ افغان
بادشاهه شير شاهه سوري جي ملازم هيبت خان نيازي جو
ملازم چيو ويو آهي. ان کي ملتان کان کڻي تاريخ
سيوي ۾ آڻڻ سادن ماڻهن کي بيوقوف ڪرڻ جي مترادف
آهي.
سيويءَ ۾، چاڪر جي وجود جي ترديد ۾ جيڪي مٿيان پنج دليل ڏنا ويا
آهن، ايترائي تاريخي دليل سيوي ۾ 1576ع کان 1879ع
۾ پنڙي افغان قبيلي جي باري ۾ به ڏيئي سگهجن ٿا.
(17) سردار خان گشڪوري: ”چاڪر اعظم“، اردو ترجمو، عبدالغفار
نديم، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1988ع، ص 110.
(18) ايضاً ص 110.
(19) سردار خان گشڪوري: ”بلوچ قوم ڪي تاريخ“، اردو ترجمو، انور
رومان، نساءَ ٽريڊرس، ڪوئيٽا، 1989ع، ص 105.
هتي سردار صاحب جا هي لفظ قابل غور آهن، ته ”محمد صديق
پنهنجي مسوده ’تاريخ خاني‘ ۾ چاڪر جي زندگي ۽ دؤر
جي متعلق خاموش آهي.“ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته
”تاريخ خاني“ يعني ”اخبار الابرار“ جو اصلي فارسي
مسودو هاڻي گم ٿي ويو آهي. ڇو ته جڏهن ان جو اردو
ترجمو ڪيو ويو ته ان ۾ چاڪر جي متعلق واقعات بعد ۾
درج ڪيا ويا. (هي معلومات يونيورسٽي جي بلوچي شعبي
جي هڪ ذميوار پروفيسر مهيا ڪئي).
(20) ياد رهي ته چاڪر جو شجره نسب غلط آهي. اهو ان لاءِ ته جيڪي
به شجرا ڏنل آهن، سي مختلف ڪتابن ۾ ڏينهن رات جي
فرق سان آهن. ان مان صاف ظاهر آهي ته مؤرخن پنهنجي
پوري ڪوشش سان شجرا گهَڙي، چاڪر جي وجود کي تاريخ
۾ ”حقيقت“ ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي. هن وقت ڪوبه
اهڙو قديم تاريخي ڪتاب ڪونه آهي، جنهن ۾ چاڪر يا
سندس والد جو مستند شجرو ڏنل هجي. سمورا شجرا بعد
جي جذباتي مؤرخن جا هٿ جا ٺهيل مصنوعي شجرا آهن.
مثال طور چاڪر جي والد جو شجره نسب هيٺ ڏجي ٿو،
جنهن ۾ چاڪر جي ڏاڏي جو نالو، هر ڪنهن ليکڪ ڌار
ڌار لکيو آهي. مثلاً (1) مير جلال خان ولد جيئند،
(2) مير جلال ولد فتح خان، (3) مير جلال ولد اعلمش
رومي، (4) مير جلال ولد مير محمد خان، (5) مير
جلال ولد هرين، (6) مير جلال ولد هارون، (7) مير
جلال ولد بلوچ خان، (8) مير جلال ولد بجار خان،
وغيره. ان لاءِ تفصيل سان ڏسو: عبدالقادر منگي،
”ڀنڀور ۽ ديبل“ ٿر پبليڪيشن، مٺي 1993ع، ص 192.
(21) ”چاڪراعظم“، ص 111 کان 116 تائين.
(22) ايضاً، ص 110.
(23) ”اخبار الابرار“، ص 23- 24.
(24) راءِ بهادر هيتورام: ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي،
ڪوئيٽا، ٻيو ايڊيشن، 1973ع، ص 14.
(25) مولوي دين محمد: ”يادگار تاجپوشيءِ قلات“، لاهور، 1932ع، ص
9.
(26) مولائي شيدائي: ”تاريخ بلوچستان“، سکر، 1941ع، ص 42.
(27) ملڪ صالح محمد لهڙي: ”بلوچستان“ ڪوئيٽا، 1955ع، ص 28- 29 ۽
پڻ ڏسو مير احمد يار خان: ”قوم بلوچ و خوانين
بلوچ“، ڪراچي، 1972ع، ص 34؛ مير گل خان نصير:
”تاريخ بلوچستان“ (جلد اول) قلات پبلشرز، ڪوئيٽا،
ٽيون ايڊيشن، 1993ع، ص 6.
(28) ”اخبار الابرار“ حاشيو، ص 24 (۽ پڻ ڏسو) مير گل خان نصير:
”بلوچستان ڪي ڪهاني شاعرون ڪي زباني“، ڪوئيٽا،
بلوچي اڪيڊمي، 1976ع ص 10- 11.
(29) آغا نصير احمد خان احمد زئي: ”تاريخ بلوچ و بلوچستان“،
(چار جلد)، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1993ع، ص 80.
(30) ايضاً، ص 85.
(31) ايضاً، ص 85- 86.
(32) ايضاً، ص 86- 87.
(33)
C. F Minchin, “Gazeteer of
Baluchistan”.
Jhalawan, Gosha-e- Adab, Queeta, Second Edition
1986, Appendix II, 246- 248.
(34) ”اخبار الابرار“، ص 24.
(35) راءِ بهادر هيتورام: ص 379.
(36) ملڪ صالح محمد لهڙي: ص 29.
(37) امير احمد يار خان: ص 34؛ مير گل خان نصير، ”تاريخ
بلوچستان“ (جلد اول) ص 7-8؛ سردار گشڪوري، ”بلوچ
قوم ڪي تاريخ“، ص 105؛ مولائي شيدائي، ”سرزمين
بلوچستان“ بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1996ع، ص 256.
(38) C. F Minchin, “Gazeteer of Baluchistan”.
Jhalawan, pp 249- 253.
۽ پڻ مير گل خان نصير: ”بلوچستان ڪي ڪهاني شاعرون ڪي زباني“، ص
10 کان 18. |