گراهام گرين
سنڌيڪار: رفيق سومرو
پڪو ثبوت
ٿڪل آواز مبهم ۽ بي معنيٰ هو، پر اهو جاري رهيو. ڪوبه لفظ سمجهه
۾ نٿي آيو. لفظن ۾ ڪابه ترتيب ۽ ڳانڍاپو ڪونه هو.
ائين ٿي لڳو ڄڻ کيس ڳالهائڻ لاءِ ڪيترين ئي
مشڪلاتن مان لنگهڻو ٿي پيو. ڪرنل ڪراشا چڙ ۽ رحم
گاڏڙ جذبن سان سوچيو ته يقيناً تقرير ڪندڙ شخص
بيمار ۽ نٻل آهي، تڏهن ته الائي ڇا مان ڇا ڳالهائي
رهيو آهي! هن غور سان مقرر ڏانهن ڏٺو. هن جو منهن
صفا وساڻل هو. ڪرنل ڪراشا سوچيو ته جڏهن هو جوان
هو ته ڪيتر نه سگهارو ۽ حوصلي وارو هو. هن هماليه
جون چوٽيون سرڪيون هيون ۽ کيس ياد آيو ته ڪيئن هو
تمام ڏکين ۽ اوڀارين چوٽين تي ڪاميابيءَ سان چڙهڻ
کان پوءِ ڊگها ساهه کڻي رهيو هو. پر اهو ساڳيو
نوجوان، ميجر ويور جي صورت ۾ پوڙهو ۽ نٻل ٿي چڪو
آهي، جو اسپا جي ميوزڪ روم جي پنج فوٽ ڊگهي اسٽيج
تي چڙهڻ لاءِ کيس هماليه جي چوٽين کي سر ڪرڻ جيتري
ڪوشش ڪرڻي ٿي پيئي!
”هن کي اهڙي وقت تقرير لاءِ نه اچڻ گهرجي ها.“ ڪرنل ڪراشا گلاس
۾ پاڻي وجهندي ۽ ان کي ليڪچر واري ميز تي ٻئي پاسي
ڌڪيندي سوچيو.
ڪمرو چڱيءَ طرح گرم هو ۽ سياري جي پيلي ڌنڌ جون آڱريون دريءَ جي
شيشن تي چيرن وانگر نظر اچي رهيون هيون. انهيءَ ۾
ڪوبه شڪ ڪونه هو ته مقرر پنهنجي ٻڌندڙن سان پنهنجو
رابطو بنهه وڃائي چڪو هو، ۽ ماڻهو هال ۾ ڇڙوڇڙ ۽
بيزار ويٺا هئا. پوڙهين ماين پنهنجي بوريت لڪائڻ
جي ڪابه ظاهري ڪوشش نٿي ڪئي؛ رڳو ڪجهه ماڻهو، جيڪي
ظاهري طرح رٽائرڊ آفيسر ٿي لڳا، ائين ظاهر ڪري
رهيا هئا ڄڻ ته هو سندس تقرير غور سان ٻڌي رهيا
هئا.
ڪرنل ڪراشا کي سخت افسوس ٿي رهيو هو ته هن ميجر ويور جي درخواست
تي هيءُ اجلاس ڇو سڏايو هو. هن کي هڪ هفتو پهرين
هڪ مقامي نفسياتي سوسائٽي جي صدر جي حيثيت ۾
ڳالهائيندڙ (مقرر) پاران هڪ درخواستي نوٽ مليو هو،
جيڪو هڪ پوڙهي بيمار جي ڏڪندڙ هٿن سان پني تي ڏنگن
۽ ڦڏن اکرن سان هيٺ مٿي لکيل هو، جنهن ۾ سوسائٽيءَ
جي هنگامي اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي ويئي هئي.
هڪ نهايت غيرمعمولي ۽ متاثر ڪندڙ تجرباتي واقعو
بيان ٿيڻو هو، جيڪو مقرر جي ذهن ۾ اڃا تائين تازو
۽ چٽو هو؛ پر ٻڌندڙن کي اهو واقعو هاڻي اڻچٽو ۽
مبهم ٿي لڳو. ڪرنل ڪراشا اِهو اجلاس بنهه ڪونه
سڏائي ها، جيڪڏهن ان درخواستي نوٽ تي ميجر فلپ
ويور، رٽائرڊ هندوستاني آرمي آفيسر، جي صحيح ڪونه
هجي ها. هن ڪلب جي صدر جي حيثيت ۾ اجلاس سڏايو ۽
هاڻي اجلاس جاري هو ۽ مهربان ٻڌندڙ بور ٿي رهيا
هئا، ڇو ته ميجر ويور جي ڪابه ڳالهه کين سمجهه ۾
ڪانه ٿي آئي.
ٻيئي همراهه زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي مليا. ميجر ويور سٺ
کان وڏو نٿي لڳو. سنهڙو، ڊگھو ۽ قداور، سانورو
رنگ، نڪ ڊگھو ۽ بيڊولو ۽ سندس اکيون طنز ڀريل.
اهڙي شخص کان ان ڳالهه جي بنهه اميد ڪانه هئي، ته
ڪو اهڙو غير معمولي ۽ بيان نه ٿي سگھندڙ تجربو
بيان ڪندو. ميجر ويور جڏهن اجلاس کي خطاب ڪرڻ آيو
ته ڪرنل ڪراشل کي ڏاڍي حيرت ٿي، ڇو ته ميجر تمام
تيز عطر لڳايو هو، ۽ سندس ڪوٽ جي مٿين کيسي مان
ڪريل رومال ڄڻ ته خوشبوءَ ۾ ٻُڏل هو. ائين ٿي
ڀاسيو، ڄڻ ڪنهن گلن جو ڍير آڻي اڳيان رکيو هجي.
ڪيترين ئي عورتن خوشبو سُنگھي، پنهنجا نڪ موڙيا ۽
جنرل ليڊيٽر زور سان پڇيو ته ”ڇا مان سگريٽ پي
سگھان ٿو.“ جيڪو ڪجھ ويور سمجھيو سو صاف ظاهر هو.
هو اشتعال وچان مرڪيو ۽ آهستڙي پڇيائيـن،
”جيڪڏهن توکي سگريٽ کان جھلجي ته دل ۾ ته نه ڪندين؟ منهنجي نڙي
ڪافي ڏينهن کان خراب آهي.“
ڪراشا ڀڻڪندي چيو ته، ”موسم ڏاڍي خراب آهي. نزلو ۽ زڪام ۽ گلي
جي خرابي عام آهي.“ طنزيه اک هن ڏانهن مڙي ۽ کيس
غور سان جاچڻ لڳي، جڏهن ته ويور هڪ جھيڻي آواز ۾
ڳالهايو جيڪو هال جي اڌ پنڌ تائين مس پهتو. هن چيو
”مون کي ته ڪينسر ٿيو هو.“
صدمي سان ڀريل ماٺار ۾ ميجر ويور ڪراشا پاران رسمي تعارف ۽
اعلان کان سواءِ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو. هو ڌاڍي تڪڙ
۾ ٿي لڳو. هن جڏهن پنهنجي عجيب و غريب آواز ۾
ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس لفظ ڪنهن حد تائين
سمجھ م آيا ٿي. هن سوسائٽيءَ پاران کيس تقرير لاءِ
موقعو ڏيڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. هن جي ڳالهين ۾
ڪافي وڌاءَ جو تاثر ٿي مليو، جيڪو ٻڌندڙن کي
چيڙائڻ لاءِ ڪافي هو. هن کي هڪ اهم ڳالهه ٻڌائڻ
لاءِ موقعي ملڻ تي هو ڏاڍو خوش هو. هن چيو ته هو
جيڪي انڪشاف ڪرڻ وارو هو، ان سان مادي ۽ روح بابت
ماڻهن جي نظرين ۾ وڏي اٿل پٿل اچڻ واري هئي.
”هون! مابعد الطبعيات بابت پيو ڳالهائي.“
هو چئي رهيو هو، ”روح سنڀي شين کان وڌيڪ سگھارو ۽ طاقتور آهي.
دل، دماغ ۽ اعصاب سڀ روح جي تاريخ جي تابع آهن.
روح تازو توانو آهي ۽ ان کي ڪڏهن به موت ناهي
اچڻو. توهان سوچي به نٿا سگھو ته روح ڪيترو طاقتور
ٿي سگھي ٿو....“ ان کان پوءِ سندس آواز وکري ويو،
لفظ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. سندس ڳالهيون بي مطلب ۽
اجايون ڀاسڻ لڳيون ۽ هڪ عجيب قسم جو آواز ٻڌجڻ
لڳو. ڦاٽل آواز....ماڻهو بيچينيءَ ۽ بوريت وچان
پاسا ورائڻ لڳا.
هڪ عورت اُن ۽ سوئا ڪڍي سويٽر اُڻڻ لڳي، جنهن وقت هن ٿيلهي مان
سوئا ڪڍيا، ته سوئن تي بجليءَ جي روشني پوڻ سبب هڪ
تجلي پيدا ٿي. چلڪندڙ فولادي روح جھڙي تجلي! ميجر
ويور جو هڪ جملو وري سمجھ ۾ آيو. هو چئي رهيو هو،
”انساني جسم مري کپي ويندو آهي، پر روح ڪڏهن به نه
مرندو آهي، روح لافاني آهي...“
هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي گفتگو بي معنيٰ ٿي ويئي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم
جو سلسلو نه رهيو. وري ميجر ويور زور سان رڙ ڪئي،
”هيءَ تمام اهم ڳالهه آهي، مان توهان کي ڪهاڻي
ٻڌائي رهيو آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي سامهون ويٺل
ماڻهن جو ڌيان جھٽ کن لاءِ ڏانهنس ڇڪجي آيو، پر
وري ٻي گھڙيءَ ميجر ويور پنهنجي ڳالهه جي سڳي جو
منڍ وڃائي ويٺو ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ لفظن م ڪجھ چوڻ
لڳو. ڪرنل ڪراشا ڏٺو ته گھڙي گھڙي ميجر ويور
پنهنجي گلي تي هٿ ڦيري رهيو هو، ۽ هو شيڪسپيئر ۽
سينٽ پال جا حوالا ڏيڻ لڳو. سندس گفتگو منطقي
سلسلو وڃائي چڪي هئي. هو جيئن ته صدر جي حيثيت ۾
هن جي ويجھو ويٺو هو، تنهنڪري ڪجھ لفظ جيڪي ٻين جي
ڪنن تي نٿي پيا، هن تائين پهچي ٿي ويا. ڪرنل ڪراشا
ميجر ويور کي جوانيءَ جي وقت کان سڃاڻندو هو، تنهن
ڪري هو ڏاڍو حيران ۽ پريشان هو ته هن کي ڇا ٿي ويو
آهي! سندس سُست، ٿڪل، ڪڏهن رڙيون ڪندڙ ۽ ڪڏهن دم
ڏيندڙ آواز، بي مقصد گفتگو، ڪنهن ڪنهن مهل ڪو جملو
سمجھ ۾ آيو ٿي، ۽ پوءِ وري آواز لفظن کي ائين گم
ٿي ڪري ڇڏيو، جو لفظن جو ڪو پتو ئي ڪونه ٿي پيو-
بس رڳو آواز ئي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو!
”هڪ ڀيري جڏهن شملا ويس.....“ هن ڀرون چنجھيون ڪندي چيو، ڄڻ ته
مٿس پوندڙ سج جي ڪرڻن کان اک بچائيندو هجي. پر
شايد پوندڙ برف، ڌنڌ ۽ ڌنڌ ورتل ڪمري سندس يادن جو
سلسلو ٽوڙي ٿي ڇڏيو. هن ٿڪل چهرن کي هڪ وار ٻيهر
يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”جسم جي مرڻ سان روح
فنا نٿو ٿئي، پر جسم ته حرڪت ئي روح جي خواهش
پٽاندر ڪندو آهي. بس رڳو ان ڳالهه کي سمجھڻو
آهي....!“
ڪراشا هن جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي ڳالهه کيس
سمجھ ۾ نه آئي. هو الائي ڇا مان ڇا ڳالهائي رهيو
هو. ويچاري ڪراشا سوچيو ته بيمار شخص پنهنجي
اعتقاد تي قائم آهي. کيس ائين لڳو ڄڻ ته زندگي هڪ
اڪيلو پٽ هجي جيڪو دم ڏيئي رهيو هجي ۽ هي بيمار
شخص ان سان ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجو رابطو قائم
رکڻ چاهيندو هجي.
سامعين جي ٽين قطار ۾ ويٺل هڪ وچولي قد وارو چاق چوبند ڊاڪٽر
برائون اُٿي بيٺو. سندس هٿ ۾ هڪ چٽ هئي، جيڪا هن
هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ته جيئن اهو ڪرنل ڪراشا کي
ڏئي. چٽ ۾ لکيل هو ته ”ڇا توهان ان کي روڪي نٿا
سگھو. هي شخص شديد بيمار آهي ۽ جيڪي ڪجھ هو
ڳالهائي رهيو آهي، ان جو نه ته ڪو مُنهن آهي ۽ نه
سِرُ! ۽ نه وري سندس ڳالهه به ڪنهن کي سمجھ ۾ اچي
رهي آهي. اها چٽ پڙهي، ڪرنل ڪراشا کاٻي، ساڄي ۽
سامهون ڏٺو. سامعين مقرر کي طنز ڀريل نظرن سان تڪي
رهيا هئا. هن جو آواز اُڀري رهيو هو، ڦاٽي رهيو هو
۽ ان مان مقصد جي ڳالهه غائب هئي. ڪرنل ڪراشا کي
ميجر ويور تي ڏاڍو ترس اچڻ لڳو. هن دل ۾ سوچيو ته
آخر کيس تقرير ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! نيٺ سندس من
۾ ڇا سُجھيو هو. سندس اڇي رومال مان ايندڙ تيز
خوشبو ماڻهن جي ناسن کي ڦٽي رهي هئي! هوڏانهن ميجر
ويور چئي رهيو هو ته، ”ان جو ٺوس ۽ پڪو ثبوت ڏيئي
سگھان ٿو... ته انسان مري ويندو آهي... پر سندس
روح جيئرو رهندو آهي ... ان کي فنا ناهي.... توهان
کي ان جو ثبوت کپي نه... ته وٺو ثبوت حاضر
آهي.....“
هن جو آواز وري لفظن کان محروم ٿي ويو ۽ وڃي رڳو آواز بچيو.
ڪرنل ڪراشا پنهنجي گھڙي لاهي هن جي سامهون ميز تي
رکي. اهو سڌو اشارو هو ته تقرير جو وقت ختم ٿي چڪو
آهي، ليڪن گھڙي ڏسڻ جي باوجود به ميجر ويور ڪنهن
به قسم جو رد عمل نه ڏيکاريو، هو لاڳيتو
ڳالهائيندو رهيو. ڪرنل ڪراشل حيران هو ته نيٺ ميجر
چوڻ ڇا ٿي چاهيو؟ ويور جو آواز ڪڏهن گونجڻ ٿي لڳو
۽ ڪڏهن وري ڀڻڪي ۾ بدلجي ٿي ويو، ۽ وچ ۾ ڪجھ اهڙا
مرحلا به آيا ٿي جو ائين ٿي لڳو ته ڄڻ ته ڪو سندس
گلو دٻائي ۽ کيس گھٽا ڏيئي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته
هڪ عجيب حالت پيدا پئي ٿي. ميجر ويور جون ڄاڙيون
لُڏڻ لڳيون ۽ نڙيءَ مان ڪو آواز نٿي نڪتو، ۽ هو
پنهنجي هٿن جي آڱرين سان ميز کي وڄائڻ لڳو.
اوچتو، توقع جي ابتڙ ميجر پاڻ ئي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هن جو
ڪنڌ پوئتي لڙڪي پيو. هڪ عورت کيس اهڙيءَ حالت ۾
ڏسي رڙ ڪئي. ڊاڪٽر برائون ڪرسين جي قطارن مان تڪڙو
تڪڙو لنگھندي اسٽيج تي پهتو ۽ ميجر ويور مٿان
جھڪيو. جڏهن ڊاڪٽر برائون ويور جي کيسي مان رومال
ڪڍيو ته هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ پوءِ هن سُڙٻاٽ ۾
ڪرنل ڪراشا کي چيو، ”هنن سڀني کي چئو ته هتان هليا
وڃن. هي همراهه ته مري چڪو آهي!“
ڊاڪٽر برائون جي لهجي ۾ هڪ عجيب ڏک سمايل هو. عام طور تي ڊاڪٽر
موت بابت جنهن لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن، هي اُهو
لهجو نه هو. ڊاڪٽر برائون پنهنجي حياتيءَ ۾ موت کي
مختلف اندازن۽ ڪيترن ئي روپن ۾ ڏٺو هو. اُهي
ماڻهو، جن پان پنهنجن هٿن سان پنهنجي پاڻ کي ماريو
هو ۽ اُهي ماڻهو، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ ماريا ويا
هئا؛ ۽ اُهي ماڻهو، جيڪي غير معمولي ۽ اڻ ڄاتل
بيمارين جو شڪار ٿيا، انهن سڀني کي ڏسي هن جي
پيشانيءَ تي پريشانيءَ جي ريکا يا اچرج جو اهڃاڻ
ڪڏهن به ظاهر ڪونه ٿيو هو، جيڪو ميجر ويور جي منهن
کي ڏسي ظاهر ٿيو هو. سندس منهن جو گوشت ائين ٿي
لڳو، ڄڻ ڪو پڪل ڦل زمين تي ڪرڻ لاءِ صفا آتو هجي.
ڊاڪٽر برائون حيرت ۾ ٻڏل ۽ ٿڪل لهجي ۾ چيو ته ”ميجر ويور هينئر
ناهي مُئو، کيس مُئي گھٽ ۾ گھٽ هڪ هفتو گذري چڪو
آهي.“
ڪرنل ڪراشا ڪي گھڙيون ته اُتي ئي گنگ ويٺو رهيو. هن جا خيال برف
وانگر ڄمي ويا هئا. پوءِ هن سوچيو ته ”اڇا، ته اها
ڳالهه هئي، جنهن لاءِ ميجر ويور اجلاس سڏائڻ لاءِ
درخواست موڪلي هئي. هو ست ڏينهن اڳ مري چڪو هو، پر
پنهنجي ان عقيدي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ته روح
ڪڏهن به ناهي مرندو ۽ انساني جسم روح جي تابع
هوندو آهي، هن پنهنجي روح کي مجبور ڪيو هو ته اُهو
پنهنجي ابديت جو اظهار ڪري. هن جسم جي مدد کان
سواءِ روح کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو هو. تڏهن ئي ته
سندس بيشمار لفظ ڪنهن جي به سمجھ ۾ نٿي آيا.“
ڪرنل ڪراشا جي ڪنن ۾ ميجر ويور جي روح جا ٻول ٻُرڻ لڳا: ”جسم
مري ويندو آهي، پر روح جيئرو رهندو آهي... روح
ڪڏهن به نٿو مري... روح کي فنا ناهي ...توهان کي
ٺوس ۽ پڪو ثبوت گھرجي، ته هي وٺو ثبوت حاضر
آهي...“
l
تبصرا
سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو
سنڌ پنهنجي خاص جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري هميشه نهايت اهميت رکندڙ
علائقو رهيو آهي. ان پس منظر ۾ جتي بادشاهن ۽
حاڪمن اُن کي اهميت ڏيئي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن
طريقو استعمال ڪيو، اتي عالمن، اديبن، صوفين ۽
تاريخدانن پڻ هن خطي کي وڏي اهميت ڏني ۽ ان کي
پنهنجو ملڪ بنايو. سرزمين سنڌ پنهنجي تهذيبي ۽
تمدني روايتن سبب، هر مهمان جي ميزبانيءَ جو قرض
بهتر طريقي سان نباهيو. نه صرف رهائش، کاڌي خوراڪ
۽ گذر سفر جو سامان مهيا ڪيو، بلڪ هر قسم جو علمي،
روحاني، تحقيقي ادبي سامان به فراهم ڪيو. اسين
ڏسون ٿا ته صوفين ۾ حضرت لال شهباز قلندر، شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سچل سرمست جھڙا جليل القدر
ماڻهو، عالمن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، محمد حيات
سنڌي، ملا معين ٺٽويءَ ۽ ملا عابد جھڙا بي مثال
انسان، شاعرن ۾ اڻ ڳڻيا شاعر جن بابت ”مقالات
الشعراءِ“ ۽ ”تڪمله مقالات الشعراءِ“ شاهدي ڏيئي
رهيا آهن ۽ وري تاريخ نويسن ۾ مير علي شير قانع
جھڙو وڏو نالو، جنهن سنڌ جي تاريخ محفوظ ڪرڻ جو
وڏو فرض سرانجام ڏنو. هي سڀ وڏا ماڻهو سنڌ جي
سرزمين پيدا ڪيا. پير حسام الدين راشدي مرحوم، هن
نامور تاريخدان جي ڪارنامن کي محفوظ ڪرڻ جو اهم
ترين فرض بجا آندو. اُن طرح نه صرف قانع، سنڌ جي
تاريخ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي علمي دنيا ۾ پذيرائي
ٿي؛ بلڪ خود پير صاحب جي علمي شخصيت به پوريءَ طرح
اڀري سامهون آئي. ان طرح مير علي شير قانع کان
پوءِ اسان کي سنڌ جو هڪ وڌيڪ عظيم مؤرخ مليو، جنهن
ذميداريءَ جي احساس ۽ ڀرپور علمي ۽ تحيقيقي انداز
۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪيو، جو ايندڙ نسلن جي
رهنمائيءَ جو ذريعو ثابت ٿيو.
پير حسام الدين راشدي صاحب کان پوءِ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو
سلسلو ظاهر ۾ منقطع ٿيندي نظر آيو. ليڪن جيئن
ابتدا ۾ چيو اٿم، سنڌ جو خطو ازل کان مردم خيز
پرڳڻو رهيو آهي. چنانچه قدرت هڪ ڀيرو وري پنهنجو
ڪم ڏيکاريو. پير صاحب کان پوءِ تحقيق ۽ تاريخ جي
اڀياس جو رڪيل سلسلو وري بحال ٿيو. اهو هن ريت ته
فطرت سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ وري هڪ اهل
علم ۽ باشعور شخصيت کي پيدا ڪيو، جنهن پنهنجي علمي
ذوق ۽ تحقيقي تلاش سان، ان روايت کي وري تازو ڪري
ڇڏيو آهي. ان اسڪالر جو نالو محترم غلام محمد لاکو
آهي!
هن کان اڳ غلام محمد لاکي صاحب سان منهنجي صرف هڪ ملاقات ٿيل
آهي. هي ملاقات ڪلهوڙا سيمينار (1992ع) جي موقعي
تي ٿي هئي. مان سندس باري ۾ ايترو چوندس ته:
کتابِ دوستان درسي نباشد،
کتابِ دوستان درسينه باشد.
۽ هونئن به منهن تي تعريف ڪرڻ خوشامد جي برابر آهي. صرف ايترو
چوندس ته هو پنهنجيءَ ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي
ٿو. پاڻ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندي صرف ڪتابن جي
اڀياس تائين پاڻ کي محدود نٿو رکي، بلڪ کيس هي ڄاڻ
به هوندي آهي ته سنڌ جي باري ۾ ٻيو ڪو دانشور يا
صاحب ڪٿي ۽ ڪهڙو ڪم ڪري رهيو آهي. مثال طور پنهنجي
هن ڪتاب جي صفحي 264 تي ”نصرت نامہ ترخان“ جو ذڪر
ڪندي پاڻ لکي ٿو ته: هن ڪتاب جي جلد اول جو هڪ ئي
قلمي نسخو آهي جو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ آهي. ان
کي پير حسام الدين راشديءَ حاصل ڪيو ۽ ڪراچيءَ
يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين
اسٽڊيز جي لاءِ ان کي ڊاڪٽر انصار زاهد خان صاحب
ايڊٽ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ياد رهي ته زاهد صاحب
مغل دور تي پنهنجو بهترين مطالعو اڳ ۾ ئي شايع ڪري
چڪو آهي.“
وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هي آهي ته پاڻ سنڌ تي ڪم ڪندڙن جي نه صرف همت
افزائي ڪري ٿو، بلڪ عنوان جي مناسبت سان رهنمائي
به ڪري ٿو، ۽ گھربل مواد به فراهم ڪري ٿو. هن
حقيقت جو اعتراف محمد پنهل ڏهر به ڪيو آهي، جو
ڪتاب جو پشت تي لکيل آهي. ليڪن مان پاڻ به هن
ڳالهه جو شاهد آهيان ته لاکي صاحب منهنجي ڊاڪٽوريٽ
جي مقالي ”معيار سالڪان طريقت“ جي درستيءَ، تدوين،
حاشين ۽ تعليقات جي لاءِ اخلاقي مدد سان گڏ علمي ۽
عملي تعاون ڪيو. ان ڪم لاءِ مون کي ”تحفہ الڪرام“
جو قديم ڇپيل نسخو ڏنائين، جو مون کي ڪٿان به ملي
نه سگھيو هو. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس
وڏي عرصي تائين سلامت رکي ۽ اسين سندس علمي ۽
تحقيقي ڪمن مان فائدو وٺندا رهون.
ان کان اڳ جو مان لاکي صاحب جي تازه تاليف ”سنڌ جو تاريخي ۽
تحقيقي جائزو“ بابت ڪجھ عرض ڪيان، لاکي صاحب جي
خدمت ۾ گذارش آهي ته پاڻ اسان جھڙن طالب علمن جي
لاءِ تحقيق ۽ تلاش جا نوان باب نروار ڪيا اٿن. پڪ
سان هي سندس اسان تي ۽ سنڌ تي هڪ وڏو احسان آهي.
مارئي سماجي سنگت ملير جا سڀ ڪارڪن مبارڪباد جا
حقدار آهن. جن هي علمي ڪاوش ڇپرائڻ جو بندوبست
ڪيو. ورنه ته عام طرح اڄ جا پبلشر جو ڪجھ شايع ڪري
رهيا آهن جن اهو ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي. ان ڪندي
ضرور سندن مالي مفاد وڌيڪ هوندا، ليڪن مٿئين ڪتاب
جي اشاعت ۾ مالي مفاد ضرور گھٽ هوندا. البته انهن
ڪتابن جي ڇپجڻ سان دائمي عزت ٿئي ٿي ۽ پڪ سان هي
دولت مادي دولت کان وڌيڪ آهي.
اين سعادت بزور بازو نيست،
تا نه بخشد خدائي بخشنده.
غلام محمد لاکي جي هي تصنيف سنڌي زبان ۾ آهي. جيئن ته مون کي
سنڌي زبان ۾ مهارت ڪونهي، ان ڪري ڪتاب جي سڀني
خاصيتن ۽ پاسن تي گفتگو ڪرڻ مون لاءِ ممڪن ڪونهي.
جيئن ته منهنجي گھڻي دلچسپي فارسي ادبيات ۽ قلمي
نسخن سان آهي، لهٰذا هن ڪتاب ۾ فارسي ادب جي متعلق
جي عنوان آهن، انهن تي مان ڪجھ عرض ڪندس.
هن ڪتاب ۾ صفحي 211 کان 269 تائين، فارسي ادب جي حوالي سان چار
مقالا هن طرح آهن:
1- سنڌ ۾ مرتب ٿيل فارسي گو شاعرن جا تذڪرا ص 213 کان 232
2- بيگلارنامہ- سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ ص 233 کان 240
3- انتخاب منتخب- سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڌيڪ ماخذ ص 241 کان 250
4- سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ اسان جون جوابداريون ص 251 کان 269
هنن مقالن ۾ مصنف نهايت سنجيدگيءَ سان ڀرپور علمي ۽ تحقيقي
معلومات مهيا ڪئي آهي. ان طرح نه رڳو ماضيءَ جا
ڪيئي اهم گوشا روشن ٿي پيا آهن، بلڪ مسقبل جي
شاگردن جي تاريخي تحقيق جي لاءِ به مستحڪم علمي
بنياد فراهم ڪيا ويا آهن. اِهي مقالا پڙهڻ سان
اندازو ٿئي ٿو ته لاکي صاحب جي فارسي زبان ۽ ادب
تي به گھري نظر آهي. هي ڳالهه طئه ٿيل آهي ته
فارسي زبان کان سواءِ اسين پنهنجي تاريخ کان ڪنهن
طرح به آگاهي حاصل نٿا ڪري سگھون. چنانچه هن ڪتاب
”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ جي هي به خاصيت
آهي ته مصنف تمام مکيه ماخذن کي سامهون رکي انهن
مان ڀرپور فائدو ورتو آهي. سنڌ جي فارسي گو شاعرن
جي تذڪرن بابت پاڻ نهايت تفصيل سان لکيو اٿس. سنڌ
۾ لکيل شاعرن جي اولين تذڪري ”لباب الالباب“ تاليف
سديدالدين محمد عوفي، (تاليف جو سال 618هه/1221ع)
کان وٺي پير حسام الدين راشدي صاحب جي ”تذڪره
شعراي ڪشمير“ تائين ٽوٽل يارهن تذڪرن بابت بحث ڪيو
ويو آهي ۽ هنن سڀني تذڪرن جي تاريخي، ادبي، علمي ۽
موضوعي افاديت ۽ اهميت تي روشني وڌي ويئي آهي. هنن
تذڪرن ۾ ”جواهر العجائب“ جي باري ۾ وضاحت ڪندي لکي
ٿو ته: فخري هروي هي تذڪرو 962هه/ 1555ع ۾ ٺٽي ۾
لکيو هو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي زال حاجي ماه بيگم
جي نالي منسوب ڪيو ويو. پر جڏهن مصنف هندستان پهتو
ته هن تذڪري ۾ هڪ قصيدي جو واڌارو ڪري ۽ ديباچو
تبديل ڪري ان کي شهنشاهه اڪبر جي دائي ماهم انگه
جي نالي منسوب ڪري ڇڏيو. هي اهڙي معلومات آهي جو
ڪتاب جي افاديت کي وڌائي ٿي ڇڏي.
”سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ اسان جون جوابداريون“ عنوان سان لکيل
مقالي ۾ ليکڪ 36 ماخذن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن کي
پڙهڻ کان سواءِ سنڌ جي تاريخ کي ڪو به شاگرد سمجھي
نه سگھندو. مصنف هنن ماخذن کي سنڌ جي تاريخ جي
مختلف دورن ۾ تقسيم ڪري بيان ڪيو آهي ته جيئن ڪو
طالب علم تاريخ جي جنهن دور تي ڪم ڪري، اهو ان دور
جي متعلق لکيل ماخذن ڏي رجوع ڪري. هڪ طرح سان هي
مصنف جي احساس جي به ترجماني آهي ته ڪو محقق وقت
ضايع ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي مقصد تائين پهچي وڃي.
لاکي صاحب تحقيق جي قديم توڙي جديد گھرجن کي سامهن
رکيو آهي ۽ ڪابه ڳالهه حوالي ۽ سَند کان سواءِ نه
لکي آهي. هر مضمون ۾ سڀني ماخذن ۽ اُنهن جي
نشاندهي حوالي جي شڪل ۾ ڪيل آهي.
ائين ٿو لڳي ته لاکي صاحب کي سنڌ جي تاريخ سان عشق جي حد تائين
دلچسپي آهي، ڇو ته پاڻ سنڌ جي حوالي سان گوناگون
موضوع چونڊي قلم کڻي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ مقالو
”انڊيا آفيس لئبريري لنڊن ۾ سنڌي قلمي ڪتاب“ عنوان
سان ملي ٿو. پاڻ سنڌي قلمي نسخن جي تلاش ۾ لنڊن
تائين پنهنجي قلم ۽ ذهن کي ڊوڙائي ٿو ۽ قلمي نسخن
جي فهرستن جي مدد سان انڊيا آفيس لئبريريءَ ۾
موجود سنڌي نسخن جي ڳولا ڪئي اٿس ۽ علم جي پياسن
لاءِ هن ڪتاب ۾ انهن کي روشناس ڪرايو اٿس. هاڻي
علامه اقبال جي قول مطابق ڪجھ عرض ڪرڻ چاهيندس.“
خوگر حمد سي تهوڙا سا گلا بهي سن لي
گِلا ته خير ڪانهي، پر منهنجي ذهن ۾ هڪ تجويز آهي، جا پيش ڪرڻ
ضروري سمجھان ٿو. مون هن ڪتاب جي جنهن حصي تي
گفتگو ڪئي آهي، ان حصي ۾ مون کي ٻن عنوانن جي
تشنگي محسوس ٿي رهي آهي، لهٰذا پنهنجي فاضل ۽ محقق
دوست لاکي صاحب جي خدمت ۾ عرض آهي ته ان کوٽ جو
ازالو ڪرڻ به ضروري آهي.
1- فارسي ادب تي لکندي صوفين جي تذڪرن جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو
آهي، جڏهن ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي ۽ مير علي
شير قانع ”معيار سالڪان طريقت“ لکي هي ثابت ڪري
ڇڏيو آهي ته هي ملڪ ولين، درويشن ۽ صوفين جي برڪت
ڀريي وجود سان ڀريو پيو آهي، ۽ هتي جيڪا محبت،
مهمان نوازي، رواداري ۽ خلوص ڏٺو وڃي ٿو اهو صوفين
جي تعليم جوئي نتيجو آهي. |