قاضي خادم
آکيرو
آکيرن جون ڪهڙيون ڳالهيون
جيسين ان ۾ ڪوئي آهي
تيسين ان ۾ ساهه به آهي،
پاپ به آهي،
پيڙا سان گڏ پيار به آهي،
ڪومل ڪومل جذبا آهن،
ڏينهن به آهن راتيون آهن
خاموشيون ۽ لاتيون آهن
جيسين ان ۾ ڪوئي آهي
تيسين ڪائي مرڪ به آهي
تيستائين لڙڪ به آهن
۽ بيماري به انهيءَ سان
خوشين جو سيلاب به ان سان
ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ به ان سان
پاڇا ۽ پڙلاءُ به ان سان،
ڪير انهن جا ٺاهڻ وارا،
ڪير انهن کي ڊاهڻ وارا.
l
اسحاق سميجو
غزل
لڄ دل جي ڳالهه ٻولي ٿي ڇڏي،
سانت ڪيئي راز کولي ٿي ڇڏي،
بي رخي تنهنجي گھڙيءَ کن جي مٺي،
عمر ڀر جو پيار رولي ٿي ڇڏي.
درد وارن جي اڳيان تارا ڪري،
رات پنهنجا ڦٽ کولي ٿي ڇڏي.
هن جي پيرن ۾ لڳل ميندي نئين،
ڳوٺ جون راهون رتولي ٿي ڇڏي.
هن جي وارن ۾ لڪي ٿي راتڙي،
هوءَ پنهنجا وار کولي ٿي ڇڏي.
سار تنهنجي، کڙ کٻيتي وانگيان،
ساٿ ڏئي ڪجھ، پوءِ رولي ٿي ڇڏي.
l
فهميده ”سحرش“ ميمڻ
گيت
ڪيڏو مون توکي چاهيو آهي،
پنهنجي ساهن منجھ سمائي،
توکي نيڻن منجھ لڪائي،
سپنن منجھ ته سجايو آهي.
پيار جي توکي پارت آهي،
توسان منهنجي محبت آهي،
نينهن مون توسان نباهيو آهي.
پيار اسان جو پوپٽ وانگي،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڦيرا پائي،
توکي پنهنجو بڻايو آهي.
شام جو ٿڌڙي هير گھلي ٿي،
تنهنجي ڏاڍي ياد اچي ٿي،
حال مون دل جو ٻڌايو آهي.
تنهنجي خاطر ساري دنيا،
ڏنا مون کي مهڻا طعنا،
سانڍي مون توکي لڪايو آهي.
l
برڪت بلوچ
وائي
مون کي ڳائيندي،
توکي چاهيندي، سال ٿي ويم سپرين!
وهندڙ پاڻي تي،
پاڻ بيهاريندي، سال ٿي ويم سپرين!
منهنجي هٿ موتيو،
توکي آڇيندي، سال ٿي ويم سپرين!
توکي نه لنو لهس،
پاڻ ٻاريندي، سال ٿي ويم سپرين!
ملڻي ناهين مور،
پاڻ سمجھائيندي، سال ٿي ويم سپرين!
l
روبينه ابڙو
غزل
ڪٿ سوچ، ڪٿ سرير، ڪٿ خيال آهي کن ۾!
ڪيڏو وجود وکري آهي ويو حصن ۾!
ساري وجود اندر تنهن هو ڪيو پڙاڏو،
توڙي مون نانءُ تنهنجو هوريان وتو چپن ۾!
هر لفظ ٿو لُڇي ڏس، هر سٽ پيئي سُڏڪي،
مون سِڪ تنهنجي سرتا، اوتي ڇڏي آ فن ۾!
پنهنجو به عشق ازلي توڙي جو آهي سپرين،
ڪٿ ڀاڳ پر هي پنهنجو لکيا وڃون قصن ۾!
ڇالئه هنيانءَ هاريو جذبن ڏي ڪجھ نهاريو،
همدم اُٿو او ساٿيو، ڇو ڏار حوصلن ۾!
تو وک هئي وڌائي ۽ سوچ هئي اُڏاڻي،
تو پويان پوءِ نظرون گم ٿي ويون گسن ۾!
بس شرط آهي ڍولا، جذبا هجن جوالا،
نه ته ڇاهي سنگ اندر، ڇا آهي فاصلن ۾!
ريکائون سي به جيڪي بي فائده سموريون،
اڄ سوچيو آ ويهي ڪجھ ناهي ٻيو هٿن ۾،
ڇالئه لکين ٿي ايڏا تنگ ٿي چيو تو جيڏا،
ڪجھ لڙڪ، ٽهڪ، سارون، ڇا آهي ٻيو خطن ۾!
l
بخت عابد
وائي
سُندري! تنهنجي جوڀن جي،
مان ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟
ڏسڻ سان من موهي ڇڏين،
تن تنهنجي نيڻن جي، مان ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟
امرت کان به وڌيڪ،
هن ڪومل چپڙن جي، مان ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟
ڪنول گل کان نازڪ،
ڳاڙهن ڳلڙن جي، مان ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟
ٿي ڪڪر مٿان ڇانو ڪن،
پيارن زلفن جي، مان ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟
l
ڪوثر هالائي
گيت
ڇو ته ٿيندي آ الائي، پيار جي ٿوري عمر،
ڪيئن ڀلا سگھبي وڌائي، پيار جي ٿوري عمر.
ڇو جداين کي ڀلا جيئدان ايڏو ٿو ملي،
پل اَ پل ٿي درد پائي، پيار جي ٿوري عمر.
ٿي صدين تائين رکي ساهس نڀائڻ جو وفا،
پر وفا ٿي هار کائي، پيار جي ٿوري عمر.
نانءُ وڻ تي نانءُ ڀِت تي ۽ لکيل پٿر مٿان،
وقت پر ڇڏيا مٽائي، پيار جي ٿوري عمر.
ڪنهن جي اندر جي خبر کان هرڪو آهي بي خبر،
ڪيئن پو ڪرئي دل لڳائي، پيار جي ٿوري عمر.
ڪالهه واري درد ساري جو تسلسل اڄ جو ڏک،
پيو زمانو آزمائي، پيار جي ٿوري عمر.
گل کي ٿي ياد ڏياري، گھاءُ ڪو سرهاڻ جو،
هير ٿي هيءُ گيت ڳائي، پيار جي ٿوري عمر.
l
زاهد ٻپڙ
غزل
وفا ۾ قربت اڃا به آهي،
دعا ۾ طاقت اڃا به آهي.
ڏسڻ سان گوري نظر جھڪائي،
حسن جي فطرت اڃا به آهي.
رسڻ ڪنهين جو وڍي رکي ٿو،
سچي محبت اڃا به آهي،
ڏنل ڏکن کي انعام سمجھيم،
عجب عنايت اڃا به آهي.
لکيئه جي خطڙا چمان ٿو هر هر،
اندر کي آٿت اڃا به آهي.
غريب دل کي، اوهان جي پيارا،
وڏي ضرورت اڃا به آهي.
گھڻي ڪه ٿوري، وري به ”زاهد“،
ڪندو عبادت اڃا به آهي.
l
گل ٽکڙائي
غزل
وفا جي لاش تي هاڻي نڪو هوندا روئڻ وارا،
زماني ۾ رڳي آهن ڏسڻ وارا ڏسڻ وارا.
مسيحا تون کلين ويٺو ڏسي هيءَ بيوسي منهنجي،
لنگھي ويو وقت آ ڪيڏو وريا ناهن پڇڻ وارا.
پرايا ٿي پيا پنهنجا نگاهن کي ويٺا ڦيري،
انهن کي حيف اڄ آهي مون کان منهنڙو مٽڻ وارا.
لڳائي آگ هن دل ۾ ڪئي جن زندگي ويران،
سدائين سي پيا لڇندا مون کان مرڪون کسڻ وارا.
ڪٿي آهن اهي وعدا ڪٿي رسمون ڪٿي ريتون،
وساري ڪيترا ويٺا کلي خوش ٿي ملڻ وارا.
لٽي منهنجون سڀئي خوشيون بنائي مون کي بيگانو،
اوهين خود تڙپندا جلندا جشن ويهي ڪرڻ وارا.
سڏيو ٿا مون کي ديوانو وسايو ٿا پٿر مون تي،
پشيمان پيا اوهين ٿيندا مون کي چريو چوڻ وارا.
ٿيندو انجام الفت جو مرڻ کان پوءِ هتي ”گل“ جو،
ڀلي تاريخ دردن جي اوهين لکجو لکڻ وارا.
l
امر اوڏ
وائي
جيون ۾ سرهاڻ،
تنهنجي ڪري آ.
منهنجي چپن تي پرين،
ٿي وئي جا لالاڻ، تنهنجي ڪري آ.
راهه ۾ انڌيرو نه آيو،
چنڊ ڪئي چانڊاڻ، تنهنجي ڪري آ.
محفل ۾ ٿي منهنجي،
گيتن جي واکاڻ، تنهنجي ڪري آ.
مان ته ڪجھ به ناهيان،
موج ۾ مهراڻ، تنهنجي ڪري آ.
l
نياز پنهور
گيت
تو بن جي ڀي پل لنگھندو، سو ڪهڙو هوندو پل پيارا،
منهنجي اکين ۾ ڳوڙها هوندا، روح هوندو گھايل پيارا.
تو بن جو ڀي پل لنگھندو، سو هوندو ڪنهن خنجر وانگي،
منهنجي دل ۾ پيهي ويندو يادن جي نشتر وانگي.
تو به جي ڀي پل لنگھندو، سو مون کي ڪيڏو گھائيندو،
تنهنجي هر ڪا ڳالهه پراڻي ور ور ڏئي ورجائيندو.
تو بن جو ڀي پل لنگھندو سو ايندو ڏاڍو سور کڻي،
منهنجي ڀر ۾ ويهي رهندو دوست پراڻا پور کڻي.
تو بن جو ڀي پل لنگھندو سو مون سان ڳوڙها ڳاڙيندو،
پنهنجي ايڏي اڀاڳي پن تي ويهي لارون لاڙيندو.
تو بن جو ڀي پل لنگھندو، سو شايد سانول ائين لنگھي،
پير اگھاڙا، ٽٽل شيشا ڪو مجبوريءَ مان جيئن لنگھي.
تو بن جو ڀي پل لنگھندو سو پويون شايد شايد پل هوندو،
منهنجا پير تکا هوندا ۽ سامهون ڪو مقتل هوندو.
l
ضياءُ شاهه
ڍاٽيئڙو (لوڪ گيت)
ڍٽ جا ڍاٽيئڙا- هيلوڪو وري آ،
اوتي پيئان ٿي اڃ اندر ۾،
جندڙي جھري آ.
ڍٽ جا ڍاٽيئڙا- هيلوڪو وري آ.
راتيان ڏينهان تانگھ آ تنهنجي،
کولي دري آ.
ڍٽ جا ڍاٽيئڙا- هيلوڪو وري آ.
من اندر ۾ مچ ٻري ٿو،
رات ته ٺري آ،
ڍٽ جا ڍاٽيئڙا- هيلوڪو وري آ.
l |