سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :20

مهينو ماسو گذريو، ته صوفيا جو قاصد SONG- LINES ڪتاب کڻي آيو. چيائين ته ”مئڊم لنڊن مان ڪتاب جون ٻه ڪاپيون گھرايون آهن. هڪ ڪاپي اوهان لاءِ تحفي طور موڪلي اٿس.“

مون ڪتاب پڙهيو. وڻيو. سوچيم ته سٺي ڪتاب جو عيوض، سٺو قلم هئڻ گھرجي. سو، مارڪيٽ م ويس. هڪ سٺي پينَ خريد ڪري، صوفيا کي تحفي طور موڪليم. ستت سندس خط آيو. لکيائين ته، ”توهان جا قرب. مون کي اهڙي ئي پينَ وڻندي آهي. جڏهن کان بال پينون نڪتيون آهن، تڏهن کان قَلَمَ جو مانُ ئي ختم ٿي ويو آهي.“ اهو به لکيائين، ته ايندڙ مهيني جي ستينءَ تاريخ منهنجي سالگرهه آهي. اوهان کي دعوت نامو موڪلينديس.

مون سندس سالگرهه لاءِ هالن ۾ ٺهيل، جنڊيءَ جون ٻه منجيون سوکڙيءَ طور ورتيون. سنڌي ڪلچر جو نادر نمونو هيون. ڀوري رنگ جون هيون ۽ مٿن آسماني رنگ جا ننڍڙا ننڍڙا گل ٺهيل هئا. صوفيا کي منجيون ڏاڍيون وڻيون. شُڪريي طور هڪ خوبصورت ڪارڊ موڪليائين. منجھس لکيائين: “THE SINDHI CHAIRS ARE SO BEAUTIFUL. MANY MANY THANKS!”

        *              *              *

منهنجو ڪو انگريزُ اديب دوست ٻاهرئين ملڪ مان آيو. مون کيس لنچ تي سڏيو. صوفيا سان گڏ، سندس سَهيلِيءَ ۽ سرائڪي خاوندَ کي سڏيم. پنهنجي دوست کي به مدعو ڪيم، جو، وڏو اديب هو. محنت ڪري، ترقي ڪري، ”ايوان- اقتدار“ ۾ وڃي پهتو هو ۽ اعليٰ عملدار مقرر ٿيو هو.

دعوت ۾ ڪي مهمان اڳي پهتا، ته ڪي پوءِ پهتا. پر، صوفيا سڀي کان آخر ۾ آئي. هوٽل جي لابيءَ ۾ ايڏي ته شان سان داخل ٿي، جو سڀني ماڻهن جون نگاهون مٿس کڄي ويون. اهو ڏسي، مون کي شيڪسپيئر ياد اچي ويو:

SHE CAME, SHE SAW, SHE CONQUERED.

هوءَ وڏي وقار سان، مون سان گڏ هلندي، دعوت واري ڪمري ۾ پهتي. اهڙي ته ڪا وڻندڙ خوشبو هڻي آئي هئي، جو اندر داخل ٿي، ته سڄو ڪمرو سُرهو ٿي ويو. هونئن ته خوبصورت انسان کي هر لباس ٺهندو آهي. پر، انهيءَ ڏينهن سندس جمالُ ۽ جَلالَ ڏسڻ وٽان هو. نيوي ڪلر جي مغربي ڊريس پائي آئي هئي، جنهن تي وڏا وڏا گلابي گُلَ ٺهيل هئا. ان جي مٿان هلڪي آسماني رنگ جي ڪيمخاب جو ليڊيز ڪوٽ پاتو هئائين، جنهن جا سونهري بٽڻ، پري کان تجلا ڏيئي رهيا هئا. گلي ۾ سفيد موتين جو هار پيل هئس ۽ سندس سونهري وارَ ڪلهن تي پکڙيل هئا. سنڌي ڪلامَ جي هيءَ مصرع مٿس حرف بحرف صحيح ۽ صادق هئي: ”مشتاقن جي مارڻ لئه، نازَ سکيو آن، نوان نوان.“

دعوت شروع ٿي، کاڌي جا ڪورسَ ۽ گفتگوءَ جا موضوع بدلبا رهيا. آخر ۾، جڏهن بيرر ڪافي کڻي آيو ته ”ايوانِ اقتدار“ ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي دوست صوفيا کي مخاطب ٿي چيو ته، ”اسان جو ڪم ڏاڍو وڌي ويو آهي. اوهان جي سفارتخاني جي آفيس آهي اسان جي پاسي ۾، سو، اها اسان کي گھرجي- اوهان کي ليٽر ته پهتو هوندو؟“

صوفيا حيران ٿي چيس ته، ”ڪهڙو ليٽر؟ اوهان ڪنهن کي لکيو آهي؟ چِڙَ مان چيائينس، ”پر، ٻي ڪا آفيس ڇو نٿا ڳوليو؟،

منهنجي دوست معصومانه لهجي ۾ چيس ته، ”اسان کي اوهان جي آفيس ئي گھرجي ۽ اوهان جي آفيسرن سميت گھرجي.“

صوفيا حيران ٿي ويئي! چيائينس ته، ”ڇا مطلب؟“

هن چيس ته ”اوهان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي خواتين، غير معمولي ذهين آهن ۽ تَنهن کان به وڌيڪ غير معمولي خوبصورت آهن.“

اهو ٻڌي، صوفيا سندس شرارت سمجھي ويئي ۽ کل نڪري ويس. مون ڏي نهاري چيائين:

“NOW LOOK! HE IS TRYING TO BE NAUGHTY.”

مون انهيءَ دعوت ۾ فوٽو گرافر گھرايو هو، جنهن اسان جون تصويرون ڪڍيون. ڪي پنهنجي انگريز دوست کي لنڊن موڪلي ڏنم، ڪي ٻين مهمانن کي ۽ ڪي مون وٽ اڃا يادگار آهن.

        *              *              *

صوفيا جي سالگرهه واري ڏينهن سندس رهائشگاهه جي ٻاهران سؤ کن موٽرون بيٺيون هيون. مان اندر گھڙيس، ته ڇٻر تي، ورانڊي ۾، ڊرائنگ روم ۾ مطلب ته هر هنڌ سندس دوستن جا ميڙ هئا. پاڪستاني ۽ غيرملڪي مرد عمدا ويسَ پائي آيا هئا. پر، سندن زالون اهڙو ته پاڻُ سينگاري آيون هيون، جو پري کان ڏِسُ ته جھڙيون پريون!

مان ڊرائننگ روم ۾ هڪ هنڌ ڪنڊ پاسي سان بيٺس، جا به اڳيئي مردن ۽ زالن سان ڀري پيئي هئي. ڪنهن مهل صوفيا اسان جي پاسي آئي. هر ڪنهن سان ملندي ، جڏهن مون وٽ پهتي، ته مرڪي کيڪاريائين ۽ ٻانهن ڊگھي ڪري، پاڻ مرادو هَٿُ ڏنائين.

ايران ۾، ڪنهن اميرَ، مون کي تهران ۾ ٻڌايو هو، ته شاهه جي حڪومت ۾، اهڙين دعوتن ۾ جڏهن ڪنهن وڏي امير جي بيگم ڪنهن شخصَ کي هٿ ڏيندي هئي، ته اها ’غير معمولي اعزاز‘ جي نشاني سمجھي ويندي هئي. سو، اهو شخصُ، تعظيم طور، انهيءَ خاتونءَ جي دست بوسي ڪندو هو. اصل ۾ اها يورپي شرفاءَ   ARISTOCRACY جي رسم آهي، جيڪا ايران ۾ رائج ٿي. صوفيا به مون کي ازخود هٿ ڏنو، ته مون به تعظيماً ائين ئي ڪيو. پر، پاسي ۾ جيڪي ٻه پاڪستاني خواتين بيٺيون هيون، تن لاءِ اهو منظر اجنبي هو. صوفيا کي سندن حيرت تي هلڪي مسڪراهٽَ چپن تي آئي. ايتري ۾ بيرر وٽس ٽري کڻي آيو: مٿس ڪبابَ ۽ سافٽ ڊرنڪس رکيل هيون. مون ڏي اشارو ڪري چيائينس ته، ”هن مهمان کي پيش ڪر.“ مون سيون اپ جو گلاس کنيو ۽ ڊرائنگ روم جي شيلفن تي رکيل ڪتاب ڏسڻ لڳس. صوفيا وري ڪنهن ٻئي مهمان سان خوش مرحبا ۾ مصروف ٿي وئي.

ڪتاب گھڻو ڪري انگريزي ادب جي موضوع تي هئا. اسلامي تصوف وانگر، عيسائي تصوف به ڏاڍو اونهو آهي*.  پر، صوفيا جي بڪ ڪليڪشن ۾ تصوف تي ڪتاب هئا ئي ڪونه. پر، ڪو به ڪلاسيڪي ۽ ماڊرن انگريزي اديب مشڪل هوندو، جنهن جا ڪتاب ڪونه هئا. ڪلاسيڪي اديبن ۾ انگريزي توڙي آمريڪي اديب ٻيئي شامل هئا. ڪتابن تي قيمتي ولايتي چمڙي سان جُلدَ ٻڌل هئا ۽ مٿن سونهري ٺپن سان نالا لڳل هئا. انهن ڪتابن مان مون کي انگريزي ادبيات بابت صوفيا جي اونهي اڀياس (IN-DEPTH STUDY) جو اندازو ٿيو. ڪنهن مون سان اها به ڳالهه ڪئي، هن انگريزي ادبيات ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي ۽ ان جي مڃيل ماهر آهي.

تن ڏينهن ۾، آمريڪي سفارتخانو، DIALOGUE نالي هڪ رسالو پاڪستان جي چونڊ اديبن ۽ شاعرن کي تحفي طور موڪليندو هو. منجھس هڪ هنڌ پڙهيم ته، ”عيسائين جي فلاڻي فرقي ۾، سوٽي سوٽن جي پنجينءَ پيڙهيءَ کي هڪٻئي سان پرڻجڻ جي اجازت آهي.“ اها ڳالهه مون کي پوريءَ طرح مٿي ۾ ڪانه ويٺي. سو، صوفيا جڏهن ٻيهر منهنجي اڳيان آئي، ته کانئس وضاحت گھريم. کلي چيائين ته، ”سچ پڇين، ته پنجون سوٽي سوٽ ڪير وڃي ٿيو، تنهن جي مون کي به خبر ڪانهي.“

مون کي ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويئي، ته صوفيا جي لئبرريءَ۾ تصوف تي ڪتاب ڇو ڪونهن؟ سبب پڌرو پيو هو. عيسائي مذهب جي مختلف فرقن ۽ عيسائي تصوف جي روايتن ۽ اختلافن ۾ سندس دلچسپي ڪانه هئي. هن انهيءَ معاشري ۾ اکيون کوليون هيون، جتي ماڻهن هاڻي اهو بحث ڇڏي ڏنو آهي ته، ”حضرت عيسيٰ جو قارورو پاڪ هو يا پليت؟“—هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي پَرَنِ تي سوار ٿي، چنڊ ۽ تارن جي وچ ۾ سفر ڪري رهيا آهن.

        *              *              *

هڪ ڏينهن، صوفيا جي سفير ڪبير جو ’ڊنر- ڪارڊ‘ اچي پهتو. ڏاڍي حيراني ٿيم، ڇو ته منهنجي ساڻس پري جي به دعا سلام ڪانه هئي. سچل کي سلطاني انڪري ملي هئي، جو فقير هو. ’سچو فقير‘ بادشاهه کان گھڻو وڏو ماڻهو ٿيندو آهي، تڏهن ته نور محمد ڪلهوڙو، پس پيش، اچي ڀٽائيءَ کي پيش پيو هو ۽ پٽ جو نالو ئي رکيو هئائين’شاهه جو غلامُ.‘

پر، مون جھڙي گنهگار جيتامڙي کي قصر- سلطانيءَ ۾ ڪنهن ياد ڪيو؟ ۽ ڇو ڪيو؟ سو، سمجھ ۾ ڪونه آيو. بهرحال ، مقرر ڏينهن تي، ڊنر سوٽ پائي، مٿس فراخدليءَ سان يوڊي ڪولون هڻي، سفير ڪبيرَ جي رهائشگاهه تي پهتس. ڊائننگ هال ۾ ايوان صدر جي بَئنڪُئيٽِ هال وانگر، گول ميزن تي چوڌاري ڪرسيون لڳل هيون. هر مهمان جي نالي جو ڪارڊ سندس ڪرسيءَ جي سامهون ميز تي رکيل هو. گول ميزن جي دائري ۾ جيڪا وڏي مرڪزي ٽيبل هئي، تنهن تي سفير صاحب سندس گھر واري، پاڪستان جا ڪي وزير، ڪي اعليٰ عهديدارَ، دنيا جي ڪن وڏن ملڪن جا سفير ۽ سندن بيگمون ويٺل هيون. مان پنهنجي نالي جو ڪارڊ ڳولي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺس—vvip سروس ڊنر هئي.

مون واريءَ ميز تي، ست مهمان مون کان اڳيئي، پنهنجين ڪرسين تي ويٺا هئا. فقط منهنجي کاٻي پاسي واري ڪرسي، خالي پيئي هئي. صوفيا ڪيڏي مهل آئي ۽ ڪيئن اچي ان تي ويٺي، تنهن جو مون کي پتو ئي ڪونه پيو. مون ته کيس تڏهن ڏٺو، جڏهن سوپ پيڻ شروع ڪيوسون. حالي خاموش رهيس. هوءَ به خاموش رهي. ڪجھ دير کانپوءِ، سرٻاٽ ڪري، پڇيومانس ته، ”هن ڊنر لاءِ منهنجو نالو اوهان ڏنو هو؟“

ڇيائين ته: ”هائو.“

اهو ٻڌي، مان هڪ دفعو وري ڪنهن ڀارِي بار هيٺ دٻجي ويس.

اهو به احساس ٿيم، ته هن قسم جي دعوتن ۾ مهمانن جي نالن جا ڪارڊ سوچي سمجھي ميز تي رکندا آهن. ان جو مطلب ته صوفيا پنهنجو ۽ منهنجو ڪارڊ ائين رکايو هوندو، جو اڄ وري منهنجي ڪرسي ’سندس ساڄي پاسي‘ آهي. ڪجھ دير کان پوءِ ماني شروع ٿي.

بيرر مانيءَ جا ٻه چار ڪورس سرو(SERVE) ڪري ويو، ته پيٽ ڀرجي ويو. پر، هو وري ڪو نئون ڪورس کڻي آيو، ته مون کي نظرنداز ڪري، صوفيا ڏي وڌيو. هن تڙي ڏنس: ”هِنَ مهمان کي تو هيءَ ڊش ڇو ڪانه پيش ڪئي؟“

هو موٽي مون وٽ آيو. معذرت ڪيائين. منهنجو پيٽ ته ڀرجي ويو. پر، صوفيا جي خواهش جو احترام ڪندي، نالي ماتر انهيءَ ڊش مان به گرهه کنيم. ڊنر پوري ٿي، ته دستور موجب، ڪچهري ڪرڻ لاءِ مهمانن سان ڪافيءَ ۾ شريڪ ڪونه ٿيس. نه ڪنهن کان موڪلايم. ٻيو ته ٺهيو، نه ميزبان کان موڪلايم ۽ نه صوفيا کان. ماٺڙي ڪري، گھر موٽيس. –مٿي تي بارُ محسوس ڪيم.

اصل ڳالهه اها هئي ته سفير ڪبير جي ڊنر ۾ کاڌو ته برابر ڳؤرو هو، ان کان به وڌيڪ ڳؤرو هو اتان جو ماحول. ساڄي کاٻي پاڻ جھڙو ڪو ٻيو جيتامڙو ڳوليم. پر، منهنجون نظرون چوڌاري گھمي ڦري، وري مون وٽ ئي موٽي آيون. پکيءَ جي کنڀَ کان به هلڪڙو رڳو هڪڙو ڄڻو مان هئس. ٻيا سڀ هيوي ويٽ (HEAVY WEIGHT) هئا. سنڌ جي لوڪ گيت ”هو جمالو“ جي اکرن وانگر، هر ڪنهن جا پيرَ ”پنج سير“ هئا. سفيرَ ڪبيرَ جي رهائشگاهه جي ”پر پيچ پيچرن“ اٿندي ئي مَنُ موڳو ڪري ڇڏيو هو. سو، وري وري ڀٽائي ياد آيو:

ريءَ مصلحت مڱڻا، قصر ڪين اچن.

اسلام اباد ۾ جيئن پوءِ تيئن مَنَ جِي مونجھ وڌندي ويئي. ڪوٽيا ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي سرڪاري ڪم رهيا پيا هئا. هفتي کن لاءِ سرڪاري دوري تي هليو ويس. اديبن سان ميل ملاقاتون ٿيون. ڪن منهنجون دعوتون ڪيون، ڪن جون مون ڪيون. وندر ورونهن ۾ مَنَ تان مونجھ لهي ويئي. موٽ تي ڳوٺان ٿيندو، اسلام آباد ويس. منهنجي هڪ مائٽ پنهنجي باغيچي ۾ سِٽرس لڳايو هو. ٻه ٽي ٽوڪرا دوستن لاءِ اسلام آباد کڻي ويس. هڪ ٽوڪرو ايون اقتدار ۾ پنهنجي اديب دوست کي موڪليم جو ڏاڍو خوش ٿيو. پنهنجن سمورن ڇپيل ڪتابن جو سيٽ تحفي طور موڪلي ڏنائين. هڪ ٽوڪرو صوفيا کي موڪليم، جنهن چوائي موڪيو ته ’سڀاڻي‘

موڪل آهي. مون وٽ گھر اچي ڪافي پيو.‘

ٻئي ڏينهن، مان يارهين بجي صبح جو صوفيا جي گھر پهتس. ستن اٺن سالن جو ننڍو ٻار هو، جنهن اڱڻ ۾ قلابازيون پئي ڏنيون. شڪ پيو، ته سندس پٽ آهي. پڇيومانس ته، ”نالو ڇا اٿس؟“

چيائين ته، ”ايڊورڊ.“

مون چيو ته، ”ايڊورڊ ته بادشاهه جو نالو آهي!“

”مون لاءِ ته هيءُ هر روز بادشاهه آهي.“—صوفيا جو جواب ائين آيو، جيئن ”ٿري- ناٽ- ٿري“ جي گولي. مان اهڙو منجھي پيس، جو کانئس ڪجھ وڌيڪ پڇي ئي ڪونه سگھيس، ته هي تنهنجو ’اڪيلو‘ ٻار آهي؟ يا ٻيا به اٿئي؟ تنهنجو خاوند ڪٿي آهي؟ -- بس، چپ ٿي ويس.

هن گھڙي رکي چيو ته، ”مان توهان جي اعزاز ۾، توهان جي سڄي اسٽاف سميت لنچ ڏيڻ گھران ٿي.“

اها ڳالهه مون کي ڪانه وڻي.

منهنجي اسٽاف ۾ بيشمار اهڙا ماڻهو هئا، جن غريبن کي سڄي عمر چمچي، ڪانٽي ۽ ڇريءَ سان کائڻ جو موقعو ڪونه مليو هو. کين هڪ رسمي دعوت ۾ سڏي، خواهه مخواهه پريشان ڪرڻ مان فائدو؟ سو، مون کيس چيو ته، ”صوفيا، لنچ هروڀرو ضروري آهي ڇا؟ ڳالهيون ٻوليون ڪافي ناهن؟“

اها ڳالهه وري کيس ڪانه وڻي.

ڪا گھڙي ٻئي خاموش رهياسين. پر، اها گھڙي صدين کان ڊگھي هئي. جڏهن مان صوفيا کان موڪلائي، گھر موٽيس، ته رستي تي ننڍپڻ جو هڪ نظارو ياد آيم. اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان ”گل مئنر“ نالي پاڻيءَ جي هڪ شاخَ وهندي هئي. مٿس ڏهرن جي ڳوٺ وٽ موري ٺهيل هوندي هئي. اتي، اسان، ڳوٺ جا ٻار، گرميءَ جي مند ۾، ڊنب ڪري، وهنجڻ ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ٻيا ٻارَ پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا هئا، ته مان شاخ مان نڪري، موريءَ تي اچي وهندو هئس ۽ پاڻيءَ جو نظارو ڏسندو هئس.

موريءَ جي هيٺان دِڪو ٺهيل هوندو هو. پاڻيءَ انهيءَ دڪي سان ٽڪرائجي، موريءَ مان ڏاڍي زور سان ٻاهر نڪرندو هو. ان مهل پاڻيءَ جي لهرن جا عَجَبُ انداز هوندا هئا. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ -- لک لباس-- هوندا هئا.*  بعضي، بعضي، پاڻيءَ جي لهرن تي لُڙهندي، لُڙهندي، ڪي ڪَکَ، هڪ هنڌ اچي پاڻ گڏبا هئا. پر، وري ڪا زوردار لهر ايندي هئي، ته ڌڪجي، ڌارَ ٿي ويندا هئا.

ننڍپڻ جو اهو نظارو ياد آيم، ته ائين ڀانيم، ته هن دنيا ۾ انسان جي صورت حال به ساڳي آهي.

        *              *              *     

صوفيا سان ميل ملاقات کي ٻه ٽي مهينا گذري ويا. پر، سندس فون ڪانه آئي. هڪ ڏينهن ڪو دوست ڪراچيءَ مان آيو. چيائين ته، ”فلاڻي ملڪ لاءِ ويزا گھرجي. ڪو واقف آهي؟“

مون چيو ته، ”هڪڙو آهي.“

مان دوست سان گڏجي، صوفيا جي آفيس ويس. خوش قسمتيءَ سان موجود هئي. مون ساڻس ڪم جي ڳالهه ڪئي. اتي ٽائيپ رائيٽر ۾ پنو وڌائين. ٽائيپ ڪري، صحيح ڪري، لفافي ۾ وجھي، منهنجي حوالي ڪيائين. مون وري پنهنجي دوست جي حوالي ڪيو. خبرناهي ته ڇو صوفيا جي روش ۾ ڪجھ سرد مهري محسوس ڪيم. سو، کلي چيومانس ته:

“SOPHIA, WHAT ABOUT A CUP OF COFFEE?”

چيائين ته، ”معاف ڪجو.“

گھنٽي وڄايائين. پٽيوالو آيو. چيائينس ته، “COFFEE WITHOUT MILK”

ڪافي آئي. اسان پيتي ۽ کائنس موڪلايو.

        *              *              *

مهينو ماسو گذريو، ته ڪراچيءَ واري دوست وري ڪنهن ڪم سان اسلام آباد آيو. مون کانئس پڇيو ته، ”ويزا واري ڪم جو ڇا ٿيو؟“

چيائين ته، ”ڪونه ٿيو.“

مون چيو ته، ”ڇو؟“

چيائين ته، ”ويزا آفيسر ڪو بد دماغ شخص هو. توجھ ئي ڪونه ڏنائين. مون کي ٻه ٽي پنڌ به ڪرايائين.“

مان خاموش رهيس، ته چيائين: ”پر، اوهان جي دوست....سندس نالو ڇا هو؟“

”صوفيا“ مون کيس ورندي ڏني.

چيائين ته، ”صوفيا صاحبه، ڏاڍو سٺو خط ڏنو هو. اوهان لاءِ ته ڏاڍا عزت وارا اکر لکيا هئائين. مون لفافو کولي پڙهيو، ته حيران ٿي ويس. مون کان هاڻي وسري ويو آهي. پر، ويزا آفيسر کي ائين لکيو هئائين ته،

”هي خط آڻيندڙ شخصُ، منهنجي هڪ اهڙي دوست وٽان آيو آهي، جو اسان لاءِ تقويت جو باعث آهي. مون کي هُنَ لاءِ وڏو احترام آهي. مان سندس سفارش لاءِ اوهان وٽ ’ذاتي طرح‘ ضامن آهيان.“

”ذاتي طرح ضامن آهيان.“ اَکَرَ دل کي ڇهندڙ هئا. صوفيا جي قرب ۽ خلوص جا آئينه دار هئا. پر، سندس چهرو اکين اڳيان آيو، ته وري به مون ائين محسوس ڪيو ته ’پاڻيءَ جي لهرن تي لڙهندي، ڪي ڪَکَ پَنَ هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيندا آهن. پر، وري ڪا زوردار لهرَ ايندي آهي. ته ڌڪجي ڌارَ ٿي ويندا آهن. - انسانن جو مثال به ائين آهي.‘

هڪ ڏينهن، مون صوفيا جي آفيس ۾ فون ڪري، سندس پڇا ڪئي. چيائون ته، ”ڪراچيءَ ڪنهن ڪانفرنس ۾ ويئي هئي، جتي ايڪسيڊنٽ ۾ ٻانهن ڀڄي پيس. سو، مهينو موڪل تي آهي.‘ - اها ڳالهه ٻڌي، مون کي افسوس ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن سندس گهر کانئس طبيعت پڇڻ ويس.

سياري جي مند هئي. تڙڪي تي ويٺي هئي ۽ ڪو ڪتاب پڙهي رهي هئي. مون کي ڏسي اٿي کڙي ٿي. ڳچيءَ ۾ سِلنگ پيل هئس، جنهن ۾ هٿ کان ٺُوٺِ تائين پلاستر ٿيل سندس ٻانهن پيل هئي. مون کيس چيو ته، ”اوهان ته گھڻو زخمي ٿيون آهيو!- ڇا ٿيو؟“

چيائين ته، ”ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس هئي. مونکي پنهنجي ملڪ مان سرڪاري پيغام پهتو ته ’ڪانفرنس لاءِ هِتان ڪهڙو نمائندو موڪليون! تون اِتي ويٺي آهين، سو، پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪر.‘ مان ڪراچيءَ پهتس، هوٽل ۾ ٽڪيس.

ٻئي ڏينهن، شام جو اجلاس پورو ٿيو، ته ڊرائيور کي چيم ته هوٽل تي ڪار ڪاهي هَلُ. مان پنڌ ٿي اچان، جھڙالي هئي. ڏاڍي پياري شام هئي. هلڪي بوند باري پئي ٿي. سو، پنڌ ڪرڻ ۾ مزو پئي آيو. مون کي مغربي لباس ۽ هاءِ- هيل سئنڊل پيل هو. هٿ ۾ زنجير وارو پرس هو، جنهن ۾ ڪجھ پئسا ۽ ڪاغذ هئا. مزي سان، لُڏندي، لَمَندِي، هيڏَي هوڏي ڏسندي، وڏيءَ فرحت سان فٽ پاٿ تي وڃي رهي هُيسِ.

رستي سان بيشمار ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون وڃي رهيو هيون. منهنجي پاسي مان به هڪ تيز رفتار موٽر سائيڪل اچي لنگھي. مٿس ٻه نوجوان ويٺا هئا: جيڪو پوئينءَ سيٽ تي ويٺو هو، تنهن اوچتو ٻانهن ڊگھي ڪري، منهنجي پرس کي سَٽَ ڏني. عام رواجي پرس هجي ها، ته ڇڏائجي وڃي ها. مون کي افسوس ڪونه ٿئي ها. ليڪن، پرس زنجير وارو هو ۽ زنجير منهنجين آڱرين ۾، چڱيءَ طرح وچڙيل هئي. سو، پرس منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ڪونه سگھيو. هو پاڻ ته موٽر سائيڪل تي اڳتي نڪري ويا. پر، اوچتيءَ سَٽَ ڪري، مان وڃي فٽ پاٿ تي ڪريس. ٻيئي گوڏا رهڙجي، رتورت ٿي ويا، ۽ پرس واري ٻانهنَ، ٺُوٺِ وٽان ڀَڄِي پيئي.

ڪا دير ته سامت ۾ ڪانه هئس. اکين اڳيان اونداهه اچي ويئي. پوءِ آهستي آهستي، هوش سنڀالي، اُٿيس. رت ڳاڙيندي، پيرُ پيرَ ۾ کڻندي، هوٽل تي پهتس. فون ڪيم، منهنجي سفارتخاني وارا فوراً پهچي ويا. اسپتال کڻي هليا. ڊاڪٽرن چيو ته ’ٻانهن لڳي ويندي ۽ منجھس ڪو عيب به ڪونه رهندو. البت، مهينو ڏيڍ هي پلاسٽر مٿس چڙهيل هوندو.‘ سو، آفيس مان مهينو کن موڪل تي آهيان.“

مون کي صوفيا جي ڳالهه ٻڌي ڏک ٿيو: ڏاڍو ڏک ٿيو. هوءَ منهنجي چهري جي تاثرات مان سمجھي ويئي. آهستي چيائين ته ”افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي، ته منهنجي پاسي مان ڪيئي گاڏيون لنگھي ويون. ڪن ته اهو حادثو ڏٺو هوندو. مان غيرملڪي عورت آهيان. پر، ڪنهن کي به اهو خيال ڪونه آيو، ته اڳڀرو وڃي، گاڏي پاسي سان جھلي، مون وٽ اچي ۽ همدرديءَ جا ٻه اکر چوي!“...هوءَ ڏک جي ڪري، وڌيڪ ڳالهائي ڪانه سگھي. آسمان ڏانهن ڏسندي رهي. مون کي فارسي شعر جي ٻي مصرع ياد آئي: ”جڏ خوبصورت انسانَ ايڏو اُداس ٿيندا آهن، ته باغن ۾ گُلَ ڪومائجي ويندا آهن.“

نوڪر ڪافي کڻي آيو. پر، نه صوفيا پيتي، نه مون ڍُڪ ڀريو. موڪلائڻ لاءِ اُٿيس، ته ڀريل گلي سان چيائين: ”هر زخم مٽجي وڃي ٿو، پر دل تي داغُ رهجي وڃي ٿو.“

ڪڏهن ڪڏهن ’خاموشي‘ ماڻهوءَ جي زبانَ ٿي ويندي آهي. منهنجي به ان مهل اها حالت هئي. ڪنڌ جھڪائي، خاموشيءَ سان، صوفيا جي گھر مان ٻاهر آيس.

        *              *              *

صوفيا جو وري ڪو به حال احوال ڪونه مليو. ٻه چار مهينا ٻيا به گذري ويا. هڪ ڏينهن سندس آفيس مان قاصد ”دعوت نامو“ کڻي آيو. صوفيا اڪثر ڪري خط قاصد هٿان موڪليندي هئي ۽ لفافي جي مٿان پنهنجن هٿن سان لکندي هئي: BY HAND. مون لفافو وڏي شوق سان کوليو، پر، منجھس پيل ڪارڊ پڙهيم، ته وسامي ويس. ”دعوت نامو“ صوفيا جي بالا آفيسر جي صحيح سان هو، ته فلاڻيءَ تاريخ، صوفيا کي ‘الوداع‘ چوڻ لاءِ اوهان کي مدعو ڪجي ٿو.

صوفيا جي آفيس ۾ فون ڪيم. چيائون ته هاڻي ٺيڪ آهي. والايت ويئي هئي. مهينو ٻه اتي ٽِڪي موٽي آئي آهي ۽ بدلي ڪرائي اٿس. واپس وطن وڃي رهي آهي. جن دوستن کي ”الوداعي محفل“ ۾ مدعو ڪيو اٿس، تن ۾ اوهان جو نالو به شامل ڪيو اٿس. سو، اسان اوهان کي ’دعوت نامو‘ موڪلي ڏنو آهي.

مان مقرر تاريخ تي صوفيا جي آفيس واري آڊيٽوريم ۾ پهتس. چاليهه پنجاهه زالن ۽ مردن جو مجموعو اڳيئي موجود هو. سڀ هِتِ هُتِ بيٺا هئا، ڇو ته ويهڻ لاءِ ڪرسيون ڪونه رکيون هئائون. اسٽيج تي به ڪونه هيون. فقط تقرير ڪرڻ لاءِ روسٽرم رکيل هو. ائين گھڙي نه گذري، ته پري کان صوفيا نظر آئي. ٺيڪ ٺاڪ. تندرست تواني. ساڳيو اڳوڻو رعب تاب ۽ شانِ بي نيازيءَ واري چال. ڪاٺ جي فرش تي سندس هاءِ- هيلِ سئنڊل جو آواز پري کان پڌرو هو. سڌي اسٽيج ڏانهن ٿي ويئي. مون تي نظر پئجي ويس. پر، ذري برابر به ڪانه هٻڪي. البت، جڏهن پاسي مان اچي لنگھي، تڏهن آهستي چيائين: ”GOOD THAT YOU CAME“ -- ۽ پوءِ، سڌي، اسٽيج ڏانهن هلي ويئي.


* جيفري پرينڊر MYSTICM IN THE WORLD’S RELIGIONS۾ پيغمبر اسلام لکيو آهي ته:

“HE HIMSELF APPRICATELY SPOKE OF CHRISTIAN MONKS WHOSE HERMITAGES SHOWN AS LIGHTS IN THE DESERT.”

ساڳئي ڪتاب ۾، چارلس ويزلي جا هي دعائيه اکر ڪيڏا نه دل کي ڇهندڙ آهن:

HEAR US, WHO THY NATURE SHARE,

WHO THY MYSTIC BODY ARE.

* انهن ۾ هڪڙو لباس ته اهوئي آهي، جنهن جو هن فارسي شعر ۾ ذڪر آهي:

موجيم کہ آسودگيءَ ما عدمِ ماست،

ما  زنده  ازانيم  کہ آرام نه گيريم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com