سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :33

الطاف آگرو

 

سنڌ جا قديم آثار

 

هينريءَ ڪُزِنس جو ڪتابُ ”THE ANTIQUITIES OF SIND“، انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾، سنڌ تي لکيل ڪتابن ۾ ’هڪ شاهڪار‘ جي حيثيت رکي ٿو. ان جو پهريون ڇاپو، ڪلڪتي مان 1929ع ۾ نڪتو هو ۽ ٻيو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پريس 1975ع ۾ شايع ڪيو هو. ان جو ٽيون ڇاپو سنڌ جي ڪلچر کاتي، سڌارن ۽ واڌارن سان- -سنه 1998ع ۾ شايع ڪيو آهي. مسٽر عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ڪلچر، سنڌ، پنهنجي نوٽ ۾، انهيءَ ڇاپي جون جيڪي خصوصيتون بيان ڪيون آهن، تن ۾ فقير اعجازالدين جي لکيل ”تعارف“ (INTRODUTION) ۽ ڊاڪٽر محمد رفيق مغل جي لکيل ”تڪملہ“ (UP- DATING CHAPTER) جو خاص طرح ذڪرُ ڪيو اٿس. بلاشبه، ڪلچر کاتي، هيءُ ايڊيشن، علمي لحاظ کان توڙي ڇپائيءَ جي لحاظ کان، آرٽ پيپر تي، وڏي توجھ ۽ محنت سان شايع ڪيو آهي. آخوند صاحب ان جو انتساب، دل کي ڇهندڙ لفظن ۾، پنهنجي پياري رفيق ۽ دوست، مرحوم ممتاز مرزا ڏانهن ڪيو آهي.

        *              *              *

انگريزن هندُ تي ٻه صديون ۽ سنڌ تي هڪ صدي حڪومت ڪئي. انهيءَ عرصي ۾، هنن سنڌ کي مغربي تهذيبَ ۽ ان جي حيرت انگيز صنعتي ايجادن سان آشنا ڪيو، جن دنيا ۾ اٿل پٿل آڻي ڇڏي آهي.

سو ڏيڍ سؤ سال اڳ، جڏهن هوائي جھاز ڪونه هئا، ريل گاڏي ڪانه هئي، بسون، ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون ڪونه هيون، تڏهن سنڌ جا ماڻهو، ڊگھا سفر، ڪهڙن ۽ ڪيڏن اهنجن سان، اٺن، گھوڙن، خچرن ۽ گڏهن وسيلي، يا وري ٻيڙين ۾ ڪندا هئا، تنهن جو اندازو ڪرڻ لاءِ، لطف الله سُورتيءَ جي لکيل ’سرگدشت‘ (سنڌ جو سفر‘) پڙهڻ گھرجي، جنهن جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ پير سائين حسام الدين راشديءَ جي ايماءَ تي قادر بخش نظاماڻيءَ ڪيو هو. سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.

جڏهن انگريزن سنڌ کي آمدورفت جي جديد سهوليتن سان آشنا ڪيو، ته زندگيءَ گھڻي قدر آسان ٿي وئي. ماڻهن سک ۽ سهنج ڏٺا، ته کانئن ڏکيا ڏينهن وسري ويا. پر، غلامي بهرصورت غلامي آهي!

انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ هندستان جو هڪ پرڳڻو هئي، سو سنڌ جا رهاڪو به عام محاوري موجب، سندن نظر ۾ ’هندستاني‘ هئا. انگريزن جا هندستانين جي باري ۾ دلي تاثرات ڪهڙا هئا، ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائجي، ته ڪراچيءَ جي موجوده ميٽروپول هوٽل جي سامهون ”ڪيفي گرانڊ“ (CAFE GRAND) هوندي هئي. (بلڪ انهيءَ يا ڪنهن ٻئي نالي سان اڃا به آهي)، جنهن ۾ فقط انگريز صاحبلوڪ ۽ انگريز منڊمون چاءِ، ڪافي پيڻ لاءِ وڃي سگھنديون هيون. ڏيهي ماڻهن لاءِ اها ڪيفي ڄڻ ته ”علاقہ ممنوع“ (Forbidden area) هئي. ان جي ٻاهرئين دروازي جي پاسي ۾ تختي لڳل هوندي هئي ته:

        *              *              *

“INDIANS AND DOGS NOT ALLOWED”

هينري ڪُزنس ڪو سنڌ جي مِٽيءَ ۽ پاڻيءَ تي ڪونه پليو هو: اول آخر انگريز هو. پنهنجي ڪتاب جو ”مقدمو“ ئي هنن لفظن سان شروع ڪيو اٿس:

”سنڌ ۾ جڏهن هندو راڄ هيٺ سٺا ۽ سڻاوا ڏينهن گذري ويا ۽ ملڪ تي مسلمانن جو تسلط ٿيو، تڏهن ڀانئجي ٿو، ته حاڪمن جو مکيه مشغلو فقط عيش عشرت ۽ دنيا جا مزا ماڻڻ هو، يا وري مري ويل اڪابرن جي ثناخواني ۽ قصيده گوئي ڪرڻ.

”سنڌ جي سرزمينَ پِيرَنِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڏاڍي زرخيز آهي. بلاشبه، پيرن ۾ ڪي ته پيغبر صلعم جا صحيح معنيٰ ۾ مخلص پيروڪار هئا، پر اڪثر مڪار آهن. ذاتي حرص، هوس ۽ مڪروهه مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پيريءَ جي پوشاڪ پاتي اٿن.“

ڪُزنِس پنهنجيءَ راءِ جي پٺڀرائيءَ لاءِ، اِليٽ جو اقتباس ڏنو آهي ته:

”سنڌ ۾ ڀلارن گداگرن ۽ ٺڳن جا ميڙا متا پيا آهن. پيرن فقيرن جي قبرن تي هڪ لک قبا اڏيا ويا آهن، جن تي ٽالپرن جي حڪومت ۾، ملڪ جي جملي آمدنيءَ جو ٽيون حصو خرچ ٿيندو هو.“

ڪُزنِس، سنڌ جو جغرافيائي جائزو وٺندي، چوي ٿو ته:

”سامونڊي ڪناري واري ايراضي ڇڏي، باقي ملڪُ مسافريءَ لاءِ اهڙو وڻندڙ ڪونهي. سال جو وڏو حصو بي پناهه گرمي، مٽيءَ جون آنڌيون، ۽ آمدورفت جون تڪليفون، خاص طرح، ’شتر بي مهار‘ جا اونڌا ابتا لوڏا، اهڙا ته عذاب آهن، جو جڏهن ماڻهو ريل کان پري آهي، تڏهن سفر جو مزو ڪونهي.“

        *              *              *

سنه 1843ع ۾، انگريزن جي فتح وقت، سنڌ آزاد ملڪ هو. قدرت ان کي سرسبز ميدانن، سمنڊ ۽ درياءَ جي نعمتن سان نوازيو هو. سمنڊ ۾، ان زماني جي حساب سان، وڏن وڏن جھازن ۽ غورابن وسيلي سفر جي سهوليت هئي. درياءُ، ڇاڪاڻ ته مٿس براج ۽ ڊئم ڪونه هئا، پڻ وڏو ويڪرو هو. منجھس ٻيڙين وسيلي آمدورفت جي سهوليت هئي. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ساوڪ هئي، گھاٽا جھنگ ۽ گجگاهه ٻيلا هئا. ملڪ جو هڪ حصو هونئن به سرسبز ميدانُ، هڪ حصو ريگستانُ ۽ هڪ حصو ڪوهستانُ هو.

هر علائقي ۾ زندگيءَ جا روپ ۽ رنگ نوان نوان هئا. ڪوهستان ۾ سَرِه ۽ گَڊ هئا، ته ٿر ۾ مورَ ۽ هرڻَ هئا. سياري ۾، منڇر تي، سائبيريا جون بدڪون، ولرن جا ولرَ ڪري اچي لهنديون هيون. عجب نظارو هوندو هو. هوا ۾ آلودگي ڪانه هئي. غذا صاف هئي. مرد صحتمند هئا ۽ زالون خوبصورت. سندن سونهن جي ايڏي هاڪ هئي، جو جيمس برنس پنهنجي ڪتابَ ”سنڌ جي درٻار“ ۾ لکيو آهي ته مان حيدرآباد ۾ هڪ مير صاحب جو علاج ڪري رهيو هئس. مير صاحب چاق ٿيو، ته مون کي پنهنجيءَ اهليه جي ٿوري گھڻي علاج لاءِ چيائين، جنهن کي چمڙيءَ تي ڪو داغ هو. پردي جي پابنديءَ ڪري، مائي صاحبه ڏيکارڻ پسند نٿي ڪيائون. چيائون ته ڀِت جي پرئين پاسي کان بيهي، مائيءَ جي ڳچيءَ وٽ اهو داغ ڏس. بهرحال، آخر علاج خاطر مائي صاحبه ڏسڻ ڏنائون. برنس لکي ٿو ته ”مون زندگيءَ ۾ جيڪي خوبصورت عورتون ڏٺيون آهن، تن ۾ هڪ اها خاتون هئي.“

ليڪن، ڪُزنس غالباً فارسي زبان جو هي شعر ڪونه ٻڌو هو ته ”عيب گھڻائي بيان ڪيا اٿئي، هاڻي ڪا خوبي به ٻڌاءِ.“ سو، سڄيءَ سنڌ جو سفر ڪرڻ بعد به کيس ڪٿي به ڪابه خوبي نظر ڪانه آئي.

        *              *              *

ڪُزنِس لکيو آهي ته اٺ جو سفر اڻائو آهي. ائين ئي هوندو. پر، گھوڙيسواريءَ جو ته سڄيءَ دنيا ۾ شوق آهي. انگلنڊ جي شاهي خاندان ۾ شهزادا ته ڇڏيو، پر خود شهزاديون هن زماني ۾ به مرسڊيز ۽ رولس رائيس موٽرن هوندي، تفريح لاءِ گھوڙيسواري ڪنديون آهن. ڪُزنِس انگريز هو. سندس زماني ۾ به انگلنڊ ۾ گھوڙيسواري هوندي. بهرحال، سنڌ ۾ ته ايڏي عام هئي، جو عام چوڻي هئي ته ”گھوڙا ۽ گھر ڏور؟“

1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سڄي هندستان ۾ ڪٿي به پڪا روڊ رستا ڪونه هئا، جو مٿن موٽرڪارون ڊوڙنديون وتن، ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪڏهن آمدورفت اُٺن ۽ گھوڙن وسيلي ٿيندي هئي، ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه ٿي!

هاڻي جي ڪُزنِس، ڪنهن به سبب ڪري، گھوڙيسواريءَ کان ڪيٻائيندو هو، ته ان ۾ سنڌ جو ته ڏوهه ڪونه ٿيو. سنڌ وانگر، سڄي هندستان ۾، امير ماڻهن وٽ سفر لاءِ يا اٺ هئا يا گھوڙا. هاٿي ته ورلي ڪو راجا پاليندو هو. سنڌ ۾ نڪي راجا هئا، نڪي هاٿي. پر، جي هجن به ها، ته ڪُزنِس هاٿيءَ تي چڙهي ته پراڻا کنڊهر ڏسڻ ڪونه وڃي ها!

        *              *              *

ڪُزنِس جي سنڌ جي پيرن ۽ فقيرن تي ڪاوڙ آهي. ڪنهن حد تائين صحيح هوندي. تاج صحرائيءَ، ماهنامي ”پارس“ رسالي جي ڊسمبر 1998ع واري پرچي ۾، پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته:

”ڀڳي ٺوڙهي جبل ۽ لڪيءَ جي وچ تي، هڪ مزار آهي. اهو رڳو ڊرائيور هو. ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو هو. اسان جو هڪ دوست هوندو هو. ڪنهن صلاح ڏنس ته ’هٿ جي قبر ٺاهه. صبح جو اٿي چئه ته ولي آهي.‘ هن ان تي عمل ڪيو. چار پئسا ڪمايائين. مطلب ته مزارن تي هاڻي تجارت ٿي رهي آهي، جيئرن ماڻهن کي مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت ڪونهي. مئلن تي مقبرا ٿا ٺاهجن.“

پر، پنج آڱريون برابر ڪونهن. مڪار پير صاحب فقير ڪهڙيءَ قوم ۾ ڪونه ساماڻا آهن؟ ڪُزنس عيسائي هو. عيسائين جو مذهبي پيشوا پوپ سڏبو آهي. ٻيو ته ٺهيو، عيسائي پوپ، ڪنهن زماني ۾، پئسن تي پروانا وڪڻندو هو، ته هي پروانو ڏسي، ملائڪ سڳورا، قبر ۾ پوريل شخص کي، مافي ۾ چاڙهي، ڪنهن به پڇا ڳاڇا کانسواءِ، سڌو بهشت ۾ وڃي لاهيندا ۽ حورن جي هنج ۾ وهاري ايندا.

اهڙو ڪم سنڌ جي ڪنهن پير فقير ڪيو؟

مُلن جي هٻڇ ڪري، مٿن، هر هنڌ، سنڌ ۾ ٽوڪ ۽ ٽهولَ جاري آهي. ٻيو ته ٺهيو، شاهه ڀٽائيءَ به کين ڪونه ڇڏيو. عيسائي پادرين جي ڪُڌن ڪرتوتن سان انگريزي ڪتاب ڀريا پيا آهن. ٿٻيٽ جا لاما ۽ هندو چوٻا سخت بدنام آهن.

هاڻي، اهڙن ڪن بدنام شخصن جي بدافعالن ڪري، ڪنهن به قوم جي تاريخ ۽ تهذيب کي پرکڻ مناسب آهي ڇا؟

        *              *              *      *

ڪُزنِس چوي ٿو ته عربن جي اچڻ کان اڳ هندو راڄ ۾ سنڌ ۾ سک ۽ سهنج جا ڏينهن هئا. پر، حقيقت ڇا هئي؟

هندو راڄ تڏهن شروع ٿيو، جڏهن، چچ، سنڌ ۾، ٻڌ ڌرم وارن جي حڪومت ختم ڪري، ’برهمڻ گھراڻي‘ جي حڪومت قائم ڪئي. سڀ کان اول، پنهنجيءَ اوچيءَ ذات يعني ”برهمڻ ذات“ کي ڪارنهن جو ٽڪو لاتائين.

سنڌ جي سڀني تاريخن لکيو آهي ته هو راجا جي وزير جو منشي هو. سرڪاري فائيل کڻي، راجا جي محلات ۾، صحيح ڪرائڻ ويندو هو. راجا راڻيءَ کي پردو ڪرڻ لاءِ گھڻيئي چيو، پر راڻيءَ چيو ته ”برهمڻ ماڻهو آهي، تنهن کان ڪهڙو پردو؟“ راجا کڻي ماٺ ڪئي.

راڻي ڪا سهڻي هئي! جھڙي پري! نالوئي هئس ”سونهن ديوي“. هيڏانهن چچ جي به ڦوهه جواني هئي، سو ٿوريءَ گھڻيءَ ميل ملاقات کان پوءِ، ٻئي ڄڻا گھائل مائل ٿيا. راڻيءَ کي اهڙو ته راضي ڪيائين، جو هن پاڻ ئي راجا کي زهر جي پڙي ڏني ۽ سندس مڙني مکيه مائٽن کي سازش سان مارائي، ميدان صاف ڪيو. پوءِ درٻار ۾ اچي اعلان ڪيو ته ”راجا وصيت ڪئي آهي ته چچ منهنجو وارث آهي.“ اهو ٻڌي، درٻارين ادب سان ڪنڌ جھڪايو. چچ گھوٽ بڻجي، راڻيءَ سونهن ديويءَ سان شادي ڪري THROUGH PROPER CHANNEL سنڌ جو راجا ٿيو.

سست، چچ کي پنهنجن باغين کي منهن ڏيڻو پيو. انهن ۾ سڀ کان اهم برهمڻ آباد جو صوبو هو، ڇو ته اتي ٻڌ ڌرم وارن جي حڪومت هئي، جي برهمڻن جا دشمن هئا. چچ برهمڻ آباد تي لشڪر ڪشي ڪئي. برهمڻ آباد جي راجا، اگھم، اول ميدان ۾ سندس مقابلو ڪيو، پوءِ لشڪر وٺي، قلعي ۾ بند ٿي ويٺو ۽ چچ جو مقابلو ڪندو رهيو، تان ته سڄو سال گذري ويو. ان وچ ۾ اگھم مري ويو. سندس پٽ، سربند، لاچار چچ سان ‎ٺاهه ڪيو. چچ کيس برهمڻ آباد تي پنهنجو گورنر مقرر ڪيو ۽ ماڻس سان شادي ڪئي. هوءَ راجا اگھم جي زال هئي. سو، سهڻي ته برابر هوندي. پر، بقول لئمبرڪ، ”چڱيءَ عمر جي هوندي. جيڪڏهن چچ کي رڳو شاديءَ جو شوق هجي ها، ته هو سربند جي خاندان مان ڪنهن ننڍيءَ نيٽيءَ ڇوڪريءَ جو سڱ گھري ها.“ چچ پڙهيل ڪڙهيل پنڊت هو، سو، برهمڻ آباد ۾ به ساڳيو نسخو آزمايائين، يعني پنهنجو ڪَمُ THROUGH PROPER CHANNEL ڪيائين. اول راڻيءَ کي راضي ڪيائين، پوءِ رعيت تي ڏنڊو کنيائين. آرڊيننس جاري ڪيائين، ته هنن هنن باغن قومن ۽ قبيلن جا ماڻهو هيٺين ڳالهين جي پوئواري ڪندا:

1- نقلي ترار کڻندا، ڪوبه اصلي هٿيار نه کڻندا.

2- قيمتي يا ريشمي ڪپڙو پائي نه سگھندا.

3- گھوڙي تي زين کان سواءِ چڙهندا.

4- هميشہ پيرين اگھاڙي ۽ مٿي اگھاڙي هوندا.

5- ٻاهر نڪرندا، ته ڪتو ساڻ کڻندا.

6- جھنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندا.

7- هر قسم جو ڪريل ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندا.

اهي هئا ”سنڌ ۾ هندو راڄ هيٺ سک ۽ سهنج جا ڏينهن،“ جيڪي ڪزنس ’سڪ‘ سان ساري ٿو!

*              *              *

هينري ڪُزنِس سنڌ جي ٽالپرن حڪمرانن تي ڪاوڙ ڪئي آهي ته: ’اُهي قبن جي اڏاوت ۽ انهن جي سجاوٽ تي سڄي ملڪ جي آمدنيءَ جو ٽيون حصو خرچ ڪري ڇڏيندا هئا.‘ ڪُزنِس مٿن اهو به الزام مڙهيو آهي، ته عيش عشرت جا ڪوڏيا هوندا هئا. سندن مکيه مشغول دنيا جا مزا ماڻڻ هو.

درحقيقت، سنڌ جا ميرَ، مجموعي طرح خدا ترس ماڻهو هئا. هو جتي مسلمان درويشن جي مقبرن جي مرامت لاءِ پئسو خرچ ڪندا هئا، اتي هندن جي ڌرمي آسٿانن جي به سارَسنڀال لهندا هئا. مثال طور، سنڌ ۾ ويساکيءَ جو وڏي ۾ وڏو ميلو هالاڻيءَ ۾ لڳندو آهي. اهو سنه 1910ع شروع ٿيو هو. هالاڻيءَ ۾، مير محراب جي ٺهرايل مسجد ۽ هندن جي ’درٻار صاحب‘ ٻه تاريخي جايون آهن. مسجد شريف جي اڏاوت جي سعادت ته قدرت مير محراب جي قسمت ۾ لکي، پر ”درٻار صاحب“ جي اڏاوت ۾ به سنڌ جي ميرن دل جان سان هٿ وڌو.

هالاڻيءَ جي ”درٻار صاحب“ جو نقشو امرتسر واري ”گولڊن ٽيمپل“ تان ورتل آهي. ان کي ٺهڻ ۾ ٽي سال لڳا. 1892ع ۾ ٺهي تيار ٿي، ۽ مٿس، ان زماني ۾، سوا لک خرچ آيو. سڄيءَ سنڌ ۾، غالباً ڪنهن به ”درٻار صاحب“ جي عمارت ايڏي وڏي ڪانهي. ”سنڌ جي هندو ڌرمي آسٿانن جي تواريخ“ ڪتاب جي ليکڪ، ٽهلرام آسودي مل لکيو آهي ته:

”درٻار صاحب هالاڻي سنڌ ۾ اداسي ساڌن جو ٺاهيل مشهور آشرم آهي. ان جو پايو وجھندڙ سوامي سکديوَ هو، جنهن ۾ مير الهه يار خان جو صدق هو. سو، سنه 1787ع ۾، کيس غزنيءَ مان سنڌ ۾ وٺي آيو هو. مير صاحب حيدرآباد کان ڏهه ڪوهه پري، ٽنڊو الهيار نالي هڪ ڳوٺ ٻڌايو ۽ سوامي جن کي اتي ئي هڪ وڏو مندر ٺهرائي ڏنو.

هڪ ڏينهن سوامي سکديوَ کي اچي خيال ٿيو ته ديش ياترا ڪجي، سو ستت، گھمندو، گھمندو، سيوهڻ ڏسي، ٻيڙيءَ ۾ درياءُ لنگھي، پرئين پاسي ويو. ڪنڊياري شهر، (جنهن جو بنياد جھانگير مغل بادشاهه وڌو هو) کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي، تمام گھاٽو جھنگ هو. اتي ڪکن جون ڪچيون ڪُٽيائَون ٺاهي، پرماتما جو ڀڄن ڪرڻ لڳو.

خيرپور جي واليءَ مير سهراب جو ٻڌو، سو ڪجھ زمين، نذراني طور، سواميءَ کي ڏنائين ۽ وينتي ڪيائين ته ’هن زمين جي پيدائش ننگر جي ڪتب آڻجو.‘ سنه 1839ع ۾ مير سهراب ٻيو دفعو ”هالاڻي درٻار صاحب“ ۾ آيو ۽ اڳ ڏنل زمين جو پروانو ڏئي ويو.

*              *              *              *

ميرن تي ڪزنس جو اهو الزام به غلط آهي ته هو عيش عشرت جا ڪوڏيا هئا. ڏکڻ سنڌ ۾، ميرن جو مرڪزي شهر حيدرآباد هو. حيدرآباد ۾ ميرن جي بودوباش بابت، 1927ع ۾ بمبئي سرڪار جي شايع ڪيل گزيٽيئر ۾ جيڪو احوال ڏنل آهي، انهيءَ مان ڀانئجي ٿو، ته سنڌ جا ٽالپر حڪمران عيش عشرت کان پري هئا. خوفِ خدا رکندا هئا ۽ سادگي پسند هئا. گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته:

”سنه 1836ع ۾، حيدرآباد شهر ۽ قلعي متعلق معلومات گڏ ڪئي ويئي هئي. 1876ع واريءَ پراڻيءَ گزيٽيئر ۾ ان جي اشاعت تائين، صورت حال ساڳي بيٺي هئي. يعني قلعي ۽ شهر جي حالتن ۾ ڪو به فرق ڪونه آيو هو.

”قلعي ۾ ٺهيل جايون سوڙهيون ۽ ڳتيل هيون. انهن کان ته قلعي کان ٻاهر شهر واريون جايون بهتر هيون. قلعي ۾ هر قسم جون اڏاوتون هيون، جيڪي سوڙهين، وروڪڙ گھٽين جي وسيلي (قلعي جي) هڪ حصي کي ٻئي حصي سان ملائينديون هيون.“

”قلعي ۾ ڪي به باغ باغيچا، ميدان ۽ چونڪ ڪونه هئا، جيڪي انهن ڳتيل سوڙهين جاين لاءِ جيڪر، وائُکَ جو ڪم ڏين ها. انهن ڳتيل سوڙهين جاين جي چوڌاري قلعي جي اوچي ڀِت هئي، جنهن جي نگرانيءَ لاءِ ان کان به اوچو ٽاور ٺهيل هو. قلعي جي سڀ کان اهم اڏاوت اهو ٽاور هو، يا وري ٻه چار بنگلا جن ۾ مير رهندا هئا.“

ميرن جي بوڊ و باش جي باري ۾، پراڻيءَ گزيٽيئر جا اصل اکر هي آهن:

“Within this stronghold, the princes of sind live immured, and seldom go out, except for hunting, an amusement however, they only indulge in once or twice a year.

The bunglows in which the princes reside, the chambers set apart for public business, and in which they hold their durbar, the dwellings of their domestics, their mosques, stables and harems are all situated within this fort.”

*              *              *

بهرصورت، ڪُزنِس، سنڌ ۾ سفر جون تڪليفون سهڻ جي باوجود، سنڌ جا قديم آثار هڪ هڪ ڪري ڏٺا، انهن جو تاريخي پس منظر معلوم ڪيو، انهن جي فن تعمير جو جائزو ورتو، تعمير جا انگ اکر هٿ ڪيا ۽ سڄي معلومات ذري پرزي گڏ ڪري، هڪ شاهڪار ڪتاب لکيو.

جنوري 1925ع ۾ ڪتاب جو پيش لفظ لکندي، وضاحت ڪئي اٿس ته، ”سنه 1910ع ۾ رٽاير ڪيو اٿم. پر، تنهن کان ڪي سان اڳ هي ڪتاب تيار هو. ڇپائي جنگ جي ڪري ملتوي ڪرڻي پيئي، جو پريسون وانديون ڪونه هيون.“ پنهنجي ”پيش لفظ“ ۾ سرڪار کي اپيل ڪئي اٿس ته ”سنڌ ۾ آثار قديمه جي کوٽاين لاءِ پئسي ۽ ماهرن مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي.“

ڪزنس سنڌ ۾ جن قديم آثارن تي ڪم ڪيو آهي، انهن مان ڪي الور، ڀنڀور ۽ ميرپورخاص ۾ وڃي ڏٺائين. ٺل مير رڪن، سڌڙن جو دڙو، جھرڪن وٽ ٻڌ ڌرم جا آثار، ديول ٺٽو، حيدرآباد، سيوهڻ، بکر جو قلعو، سکر، روهڙي ۽ لاڙڪاڻو ڏٺائين ۽ خدا آباد ۾ به سڀ قديم آثار ڏٺائين. ٻيو ته ٺهيو، پراڻا سڪا به ڪونه ڇڏيائين. اهي به جاچي ڏٺائين. کيس THE ANTIQUITIES OF SIND ڪتاب لکئي ڀريا منو سؤ ورهيه گذري ويا آهن، پر جيڪي لکي ويو آهي، سو لوهه تي ليڪو آهي.

”پيش لفظ“ ۾ اهو به اعتراف ڪيو اٿس ته: ”اڃا فلاڻن فلاڻن پاسن ڏي گھڻا اهڙا پراڻا ماڳ ۽ هنڌ آهن، جتان وڏي قيمتي معلومات ملندي، خصوصاً، عربن جي فتح کان اڳ واريءَ سنڌ جا آثار ظاهر ٿيندا.“

گوبا، ڪُزنِس پنهنجي پورهئي کي ’حرف آخر‘ قرار ڪونه ڏنو آهي، پر حقيقت اها آهي ته ميرتقي ”مير“ جي هيءَ مصرع سندس ڪتاب تي صحيح ۽ صادق آهي:

”مستند هي ميرا فرمايا هوا“

*              *              *

سنڌ ۾ انگريزن جي زماني کان اڳ به تاريخ جو شغف ۽ شعور رکندڙ ماڻهو هئا. وڏا وڏا تاريخ نويس هئا. پر، انهن جي لکيل ڪنهن به تاريخ ۾ سنڌ جي قديم آثارن بابت ڀروسي جھڙي معلومات ڪانه ٿي ملي. مثلاً، مير علي شير قانع جھڙو تاريخ نويسُ چٽائيءَ سان ديبل جو صحيح ماڳ مڪان  ڪونه ٿو ٻڌائي. هونئن به جتي تاريخ نويس جو قلم وڃي ڇيہ ڪري ٿو، اتان کان آثار قديمه جي ماهر جي ڪوڏر ڪم ڪري ٿي، سو سنڌ جي اوائلي تاريخ، صحيح معنيٰ ۾ تڏهن ئي معلوم ٿي سگھندي، جڏهن سنڌ جا گھڻي کان گھڻا قديم آثار کوٽيا ويندا.

سنڌ جي تاريخ جو هن کان اڳ، پهريون ۽ سڀ کان اهم دستاويزُ ۽ نقطهء آغاز ”چچ نامو“ ليکيو ويندو هو، پر آثارن قديمه وارن جي ”ڪوڏر“ جڏهن قلم جي جاءِ ورتي ته سڄيءَ دنيا سنڌ جي تاريخ جو ”نقطه ء آغاز“ موهن جي دڙي کي تسليم ڪيو. هاڻي هرڪو مڃي ٿو، ته جڏهن ”موهن جي دڙي“ جي ٻوليءَ پڙهي ويندي، تڏهن خبر ناهي ته سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تاريخ ڪيترو قديم ثابت ٿيندي؟ سو، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي سمجھڻو آهي ۽ ان کي دنيا سان متعارف ڪرائڻو آهي ته پوءِ تاريخ ۽ آثار قديمه تي گھڻي کان گھڻو ڪم ڪجي. سڀ کان اول، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ پڙهڻ لاءِ ڪو باضابطه ’پروجيڪٽ‘ تيار ڪجي.

ڪُزنِس کان پوءِ، پاڪستان ٺهڻ بعد، جنهن به ماهر سنڌ جي قديم آثارن تي صحيح معنيٰ ۾ قابل قدر ڪم ڪيو آهي، اهو ڊاڪٽر محمد رفيق مغل آهي. آثارِ قديمه جي ڪن پاڪستاني ماهرن تي ماڳهين سنڌ جي تاريخ مَسخُ ڪيو آهي. ڀنڀور جو دڙو کوٽي، واڪو ڪيائون ته، ”وارو، وارو، ديبل ملي ويو.“ سڄي سنڌ پيئي انهيءَ دڙي کي ڀنڀور ڪوٺي، پر هي يارَ ان کي زوريءَ ديبل بنائڻ تي تَڏَ ڏيو بيٺل آهن، توڙي جو علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ چٽائيءَ سان چئي رهيو آهي ته ”ٺٽي تڏهن زور ورتو، جڏهن ديبل، بڪار، ڀنڀور ۽ فلاڻا شهر ڦٽا ۽ اتان جا ماڻهو لڏي ٺٽي ۾ آيا.“ ان جو مطلب ته ڀنڀور جو شهر ديبل کان الڳ هو.

ڊاڪٽر رفيق مغل آثار قديمه جو ماهر به وڏو آهي ۽ انسان به وڏو آهي. هن ايماندريءَ سان ڪتاب ۾ پنهنجي لکيل باب ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته ڪُزنِسِ کان پوءِ سنڌ ۾ کوٽائيءَ جو ڪهڙو ڪهڙو ڪم ٿيو آهي. ڊاڪٽر رفيق مغل ڪُزِنس جي ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾، جدا باب لکي، ڀنڀور، منصوري، جھڪر، لقمان جي دڙي، چانهوءَ جي دڙي، ڪوٽ ڏِجيءَ ۽ آمريءَ ۾ کوٽاين جو جائزو ورتو آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ ڪزنِس جي شاهڪار ڪتاب ۾ سنڌ جي قديمه آثارن بابت ڏنل معلومات کي مڪمل ڪيو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن بابت دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ هينئر هڪ اهڙو ڪتاب موجود آهي، جنهن کي پنهنجي موضوع تي ”مستند دستاويز“ ڪوٺي سگھجي ٿو. بلاشبه، اها شاندار ڪاميابي، محترم حميد آخوند جي ڪوشش ۽ محنت جو مٺو ميوو آهي.                 - الطاف آگرو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com