نذير احمد ”شاڪر“ بروهي
بلوچن جو عظيم هيرو- چاڪر اعظم
(حقيقت يا افسانو)
[نوٽ: هن مقالي لکڻ جو اصل محرڪ، سنڌ جي نامياري محقق جناب
پروفيسر غلام محمد لاکي جي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ۾
آيل اها عبارت آهي: ”... سبي سورهين صديءَ جي سنڌ
جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شهر جو ارغونن
جي قبضي ۾ اچڻ هڪ متضاد مسئلو آهي.....هن صورتحال
۾ ان مسئلي بابت تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي.“
(سنڌي ادبي بورڊ، سن 1996ع، ص 99). بلوچ مورخن
سورهين صديءَ جي آخري ۽ سترهين صديءَ جي اڌ تائين،
سبي خطي کي هڪ آزاد رياست قرار ڏيئي، اتي چاڪر خان
رند کي حڪمران ڏيکاريو آهي، جڏهن ته سنڌ جي مستند
مؤرخن اِن ساري عرصي ۾ سبيءَ کي سنڌ جي جاگرافيائي
حدن ۾ ڏيکاريو آهي. ان صورت ۾ تاريخ جي شاگرد کي
مسئلي جي اصليت کي سمجھڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، خاص طرح
سان سنڌ جا مؤرخ، جيڪي بلوچستان جي مؤرخن جي مخصوص
تاريخ نويسيءَ کان واقف ڪونه آهن، اُهي ڌوڪو کائي
وڃن ٿا. جيئن ته راقم جو تاريخ جي طالب علم ۽ سنڌي
۽ براهوئي ادب جي ادنيٰ خادم جي حيثيت سان،
بلوچستان جي اديبن سان تعلق رهيو آهي، تنهن ڪري
انهن جي تاريخ نويسي ۽ ذهني رجحانن کان ڀليءَ ڀت
واقف آهي. هن مضمون ۾ تاريخي ثبوتن جي آڌار تي
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ”مٿئين دور ۾
سبي سنڌ جو خطو هو.“ (ن. ا.ب.)
مير چاڪر خان رند جي متعلق سڀ کان آڳاٽو احوال اسان کي بلوچستان
جي ٻن تاريخن مان ملي ٿو، جن مان هڪ آهي
”اخبارالابرابر“ (مصنف: آخوند محمد صديق) جا
59-1958ع ۾ لکي ويئي (1). هي قلات جي براهوئي
حڪمرانن (براهوئي قوم) جي پهرين واحد تاريخ آهي،
جنهن ۾ مير چاڪر خان رند جي متعلق قلات تي حملي ۽
قبضي بابت انڪشاف ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ مير چاڪر
خان متعلق لکيل آهي:
”پس ميرواني گرفت تاڪ مير عمر ميرواني درڪلات حاڪم بود چونڪ
چاڪر بلوچ سودار رندها وگواهرام لاشاري از ملڪ
مڪران روبڪلات آوردند. پس از ميرواني وشهڪ پدر
چاڪر خان جنگ واقعه شد لشڪر بلوچ غالب آمد و عمر
ڪشته شد قبر عمر ميرواني تا حال درڪلات موجود ست.
ڪلات را از ميرواني گرفت بعد از آن بلوچ دوسال
درڪلات نشست.“ (2).
ان کان پوءِ ٻي تاريخ ”جنگ نامه بمعروف تحفة النصير“ (مصنف:
قاضي نور محمد گنجابوي) آهي، جا 64- 1863ع ۾ لکي
ويئي (3). ان ۾ خان اعظم نصير خان نوري براهوئي
(1749ع- 1794ع) جو احمد شاهه ابداليءَ سان گڏ
مرهٽن ۽ سکن خلاف جنگين بابت تفصيلي ذڪر منظوم
پيرايي ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ مير چاڪر
خان رند جي متعلق هي اشعار ڏنل آهي.
يڪي چاڪر رند و گھرام هم، ز اولاد لاشــار فــرخ ســـير.
ز تاريخ شان گشته باشي خبر، ز جنگ و جدل هر دو آن نامور.
ڪه از سنـڌ رفـتند درهند نيز، گرفتند لاهور و هم هند نـيز.
برفتند و گشتـند آخر هلاڪ، بخفتند و ناڪام در زير خاڪ.(4)
مٿين ڪتاب کان پوءِ انگريز مؤرخن مان لانگ ورٿ ڊيمز (Longworth
Dames) پنهنجو شهره آفاق ڪتاب ”The
Ethnography and Historical Sketch of baloch
Race.“
لکيو، جيڪو 1904ع ۾ شايع ٿيو (5)، جنهن ۾ مصنف حتي
الامڪان ڪوشش ڪري، بلوچستان ۽ آسپاس جي خطن جي
تاريخ ۾ چاڪر رند کي جڳهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
حالانڪه ان لاءِ وٽس ڪي به ٺوس ۽ مستند تاريخي
حوالا ڪونه هئا. ڊيمز، مير چاڪر رند ۽ سندس ساٿاري
قبيلن جي قلات ۾ ورود متعلق لکي ٿو ته:
”قلات جو جابلو علائقو، جتي هاڻي بروهين جو تسلط آهي، بلوچن جي
قبضي ۾ هو. هي ڳالهه ڪم از ڪم قرين قياس ضرور آهي
ته بروهين سان گڏ ان جي جنگين، انهن کي اڳتي جي
علائقن ۾ وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي، ليڪن خود انهن
(بلوچن) جي تاريخي روايتن ۾ ان ڳالهه جو ڪوئي ذڪر
نٿو ملي. پوءِ به موجوده صورتحال ۾ هي ڳالهه هڪ
امڪاني نظريي جي صورت ۾ پيش ڪري سگھجي ٿي ته بروهي
اولهه جي طرف کان آيل آهن ۽ قلات جي جابلو علائقي
۾ انهن جي رهائش ۽ بلوچن جي ميداني علائقي طرف پيش
قدمي ڪونه ڪو باهمي تعلق ضرور رکي ٿي.“ (6)
ڊيمز، مير چاڪر ۽ ان جي قبيلي جي سبيءَ ۾ اچڻ جو مقصد بيان ڪندي
لکي ٿو:
”مير چاڪر خان رند پنهنجي پٽ شهداد سان گڏ (يا جيئن ڪن لکيو آهي
ته پنهنجن ٻن پٽن سان گڏ) سيوي (سبي) ۾ معاش ۽
اقامت جي تلاش ۾ هتي آيو.“ (7)
ڊيمز جو ٻيو مرتب ڪيل ڪتاب ”Popular
Poetry of Baloches“ 1907ع ۾ شايع ٿيو (8)، جنهن ۾ بلوچي زبان ۾ تمام گھڻا بلوچن
جي نالي ۾ مليل شعر گڏ ڪري چاڪر رند جي نالي مليل
شعري روايتن جي نقطه نظر سان بلوچستان، سنڌ، ملتان
۽ دهليءَ جي تاريخن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مصنف
هن ڪتاب ۾ مير چاڪر خان رند ۽ گھرام لاشاري جي
قبيلن جي هجرت جو داستان بيان ڪندي لکي ٿو ته:
“A great movement of the race took place, which
led to its descent into the plains of India by
the Bolan, the Mullah, and other passes, and the
occupation of the lands Sibi (always called Sevi),
Bagh, Shoran, and the plain of the Kachhi
generally.” (9)
لانگ ورٿ ڊيمز جي تحقيق تائين چاڪر رند متعلق ٿورو ۽ نه هجڻ
برابر تاريخي واقعن جو پتو پوي ٿو، ليڪن بعد جا
قومپرست ۽ جذباتي مورخ ڊيمز جي تحقيق کي نه صرف
پوئتي ڇڏي ڏنائون، بلڪه ان کان ٻه قدم اڳتي نڪري
ويا. انهن مورخن پنهنجن مفروضن ۽ اندازن سان نه
صرف چاڪر رند جي خاندان جو شجرو ترتيب ڏنو، بلڪ ان
جي پيدائش جي تاريخ، ولادت جي جاءِ، شاديءَ جو سن،
گھرواريءَ جي خاندان جو شجرو، بلوچستان تي سندس
حڪومت، ڄام نندي سان سندس جنگيون، شاهه بيگ ارغون
سان سندس سياسي معاهدا، هرات جي سلطان شاهه حسين
بايقرا سان مدد جا واقعا، ملتان جي شاهه حسين
لانگاهه سان تعلقات ۽ همايون کي فوجي امداد جا
واقعا تفصيل سان پيش ڪيا آهن.
چاڪر رند جي زندگيءَ ۽ ان جي ڪارنامن تي سڀ کان پهرين هڪ جامع
ڪتاب سردار خان گشڪوري ”“ جي نالي سان لکيو، جنهن
جو بعد ۾ عبدالغفار نديم ”چاڪر اعظم“ جي نالي سان
ترجمو ڪيو. (10) بلوچستان جي هڪ ٻئي مؤرخ آغا نصير
احمد خان احمد زئي براهوئي، پنهنجي ڪتاب ”تاريخ
بلوچ و بلوچستان“ (11) جي چوٿين جلد ۾، چاڪر رند
جي متعلق عجيب واقعن کي نه صرف قلمبند ڪيو آهي،
بلڪ چاڪر رند کي قلات ۽ سبيءَ تي ستاويهه سال
حڪمران طور پيش ڪيو آهي.
اسان انهن مؤرخن کان هٽي ڪري ڪوشش ڪئي ته چاڪر رند بابت اسان کي
ٺوس ۽ مستند تاريخي شاهديون ملن. اسان چاڪر رند تي
تحقيق ڪرڻ لاءِ جن ڪتابن کي ڏٺو ۽ پڙهيو، اُهي
1500ع کان 1900ع تائين جي دور جا لکيل مستند
تاريخي ڪتاب آهن ۽ انهن ۾ 1450ع کان 1550ع تائين
جا هندو پاڪ، خراسان، ايران، افغانستان، وچ ايشيا،
سنڌ ۽ بلوچستان جي متعلق تفصيلي تاريخي واقعا درج
آهن ۽ انهن ۾ چاڪر رند، جنهن کي بلوچ مورخين
”سلطان چاڪر“ ۽ ”چاڪر اعظم“ ڪري پيش ڪيو آهي، جھڙي
ڪنهن شخصيت جو نالو به درج نه آهي. اُهي ڪتاب هي
آهن:
1- حبيب السير= غياث الدين بن خواند مير= 906هه/ 1500ع- 885هه/
1480ع.
2- مثنوي مظهر الاثار= سيد جھانگير هاشمي ڪرماني= 940هه/ 34-
1533ع.
3- تذڪره روضة السلاطين= فخري هروي= 959هه/ 52- 1551ع.
4- صنايع الحسن= فخري هروي= 959هه/ 52-1551ع.
5- مرآت الممالڪ= اميرالبحر سيدي علي رئيس= 964هه/ 57-1556ع.
6- تاريخ شاهي= احمد يادگار= 965هه/ 58- 1557ع.
7- طبقات اڪبري= خواجه نظام الدين احمد بخشي= 1003هه/ 95-
1595ع.
8- اڪبرنامه= علامه ابوالفضل بن شيخ مبارڪ= 1004هه/ 96- 1595ع.
9- منتخب التواريخ= ملاعبدالقادر بدايوني= 1004هه/ 96- 1595ع.
10- تاريخ معصومي= مير محمد معصوم بکري= 1009هه/1- 1600ع.
11- تاريخ فرشته= محمد قاسم فرشته= 18- 1015هه/ 9-1606ع. (12).
12- تاريخ دائودي= عبدالله= 37-1016هه/ 28- 1607ع. (13).
13- بيگلارنامه= ادرڪي بيگلاري= 1017هه/ 9- 1608ع.
14- معدن اخبار احمدي= احمد بن سهيل بن جمال ڪم گو=
1023هه/1614ع.
15- ماثر رحيمي= خواجه عبدالباقي نهاوندي= 1025هه/ 1616ع.
16- تاريخ طاهري= سيد طاهر محمد نسياني=1030هه/ 22-1621ع.
17- بحرالاسرارفي مناقب الاخبار= محمود بن امير والي بلخ=
1039هه/ 30- 1629ع.
18- تاريخ مظهر شاهه جھاني= يوسف ميرڪ بن ميرابوالقاسم ”نمڪين“=
1044هه/ 35- 1634ع.
19- منتخب التواريخ= محمد يوسف اٽڪي= 1056هه/ 1646ع.
20- ذخيرة الخوانين= شيخ عمر=1060هه/ 1650ع.
21- تاريخ اڪبر شاهي= عباس خان= 1060هه/ 1650ع. (14).
22- ترخان نامه= سيد مير محمد ٺٽوي= 65-1064هه/ 55-1653ع.
23- خلاصة التواريخ= سبحان راءِ= 1107هه/ 96- 1695ع.
24- معلومات الافاق= مير امين الدين خان= 1123هه/ 1711ع.
25- مآثر الامراءَ= شاهنواز خان= 1155هه/ 1742ع.
26- تحفة الڪرام= مير علي شير قانع= 1181هه/ 68- 1667ع.
27- تذڪرة السلاطين ڪيچ و مڪران= حاجي عبدالغني افغان= 1253هه/
38- 1837ع.
28- بلوچي نامه= آخوند محمد صديق= 76-1275هه/ 59-1858ع. (15).
29- لفظ بلوچستان= ڪمالان بن مير هاشم گچڪي= 1290هه/ 1873ع.
30- اويماق مغل= عبدالقادر خان= 1318هه/ 1900ع.
31- همايون نامه= گلبدن بيگم= 1320هه/ 1902ع.
32- ظفرالواله بمفظرواله= عبدالله بن عمر مڪي= 1348هه/ 1929ع-
1328هه/ 1910ع.
33- مهمان خانه بخارا= فضل الله بن روزجھان خنجي= 1341هه/ 23-
1922ع.
34- بدايع الوقايع= زين الدين محمد واصفي= 1381هه/ 1961ع.
35- تزڪ بابري= ظهير الدين بابر= 9-1408هه/ 1988ع.
مٿين سڀني مستند ۽ جڳ مشهور تاريخن ۾ اسان کي ڪٿي به ڪنهن چاڪر
خان رند جي تاريخي ڪارنامن جو ذڪر ته ٺهيو، پر رڳو
نالو به ڪونه ٿو ملي! ان ڪري مون جھڙي تاريخ جي
عام شاگرد جي ذهن ۾ سوال پيدا ٿين ٿا:
(1) ڇا مير چاڪر خان رند نالي شخص هڪ افسانوي ڪردار آهي؟“
(2) ڇا مير چاڪر خان رند نالي شخص هڪ خاص طبقي جي بقاءَ ۽ تفاخر
لاءِ، ان جي مؤرخن جو پيدا ڪيل هڪ دَمپُختو آهي؟
(3) ڇا مير چاڪر خان رند جي متعلق جوڙيل تاريخ ۽ ساڻس وابسته سڀ
نقطا ۽ ڪردار مفروضا آهن؟ (16).
هي اهڙا سوال آهن، جن مون جھڙي طالبعلم کي سوچڻ تي مجبور ڪيو
آهي. ليڪن اُهي مؤرخ، جن چاڪر رند، کي ”چاڪر اعظم“
بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري ڪتاب لکيا آهن،
اُهي خود به اسان وانگر چاڪر رند جي زندگي متعلق
مختلف شڪ شبهن ۾ مبتلا آهن. سردار محمد خان گشڪوري
پنهنجي تصنيف ”چاڪر اعظم“ ۾ لکي ٿو ته:
”مير چاڪر جي زندگيءَ جي حالات ۽ ڪوائف کي ماهه ۽ سال ۽ تاريخ
جي سياق و سباق سان ترتيب وار بيان ڪرڻ نهايت مشڪل
آهي. بلوچستان ۽ بلوچن جي حالات ۽ ڪوائف تي ڪا به
همعصر تاريخ موجود ڪانه آهي.“ (17)
سردار صاحب اڳتي لکي ٿو:
”چاڪر رند جي متعلق چند محدود واقعن کي اڳيان رکي، اُنهن جي
باري ۾ وثوق سان ڪجھ به نٿو چئي سگھجي ۽ نه ئي
انهن جي قطعي درست هجڻ جي باري م ڪجھ بيان ڪري
سگھجي ٿو.“(18)
سردار گشڪوري پنهنجي مشهور زمانه ڪتاب ”بلوچ قوم ڪي تاريخ“ ۾
چٽائي ڪئي آهي ته:
”امير چاڪر جي دور جي واقعن کي تاريخ وار ترتيب ڏيڻ مشڪل آهي،
ڇو ته اُن وقت جي بلوچستان بابت اسان کي ڪوبه
همعصر ڪتاب نٿو ملي. محمد صديق پنهنجي مسوده
’تاريخ خاني‘ ۾ چاڪر جي زندگي ۽ دور متعلق خاموش
آهي. لهذا چاڪر خان جي واقعن جو اڳتي بيان ڪنهن حد
تائين آزمائشي آهي.“ (19)
انهن راين مان اسان جي ذهن ۾ اُٿيل سوالن ۽ پڻ نتيجن کي تقويت
ملي ٿي.
مستند تاريخي ڪتابن ۾ چاڪر رند جي زندگيءَ جي حالتن جو نه هجڻ ۽
بلوچستان جي روايتي تاريخن ۾ به چاڪر ۽ ان جي
ڪارنامن جي متعلق خاموشي ۽ بلوچ مورخن جي مفروضن
جي برعڪس، بقول گشڪوري صاحب جي، ته ”لهذا، چاڪر
خان جي واقعن جو اڳتي بيان ڪنهن حد تائين آزمائشي
آهي.“، جا الفاظ اسان جي تحقيق کي تقويت بخشين
ٿا. پوءِ به بلوچ مؤرخن کي تحسين پيش ڪرڻ گھرجي،
ڇو ته انهن چاڪر خان جي متعلق گھڻي کان گھڻي
معلومات فراهم ڪئي آهي. انهن مورخن جي مطابق مير
چاڪر رند، چاڪر خان رند، چاڪر خان بلوچ، سالار
چاڪر، سلطان چاڪر ۽ چاڪر اعظم هڪ ئي شخصيت جا
مختلف نالا ۽ لقب آهن. 1454ع ۾ مير شيهڪ ابن امير
اسحاق ابن امير ڪالو ابن امير منان ابن امير بيزن
ابن امير بلوچ خان ابن امير رند ابن امير جلال خان
کي هڪ پٽ پيدا ٿيو(20)، جنهن جو نالو چاڪر يعني
خادم، نوڪر ۽ مَئي (زرخريد غلام کي چئبو آهي) رکيو
ويو. سندس شادي ٽيهن ورهين جي عمر ۾ 1484ع ۾ ٿي.
1485ع ۾ چاڪر پنهنجي ساٿاري قبيلن سان گڏ مڪران
کان نڪتو ۽ هڪ طوفان وانگي اٿيو ۽ سموري بلوچستان
تي قبضو ڪري سبيءَ جي علائقي کي ڄام نندي کان فتح
ڪري پنهنجو دارالحڪومت جوڙي ويٺو. چاڪر رند جي
حڪومت جو عرصو 1485ع کان وٺي 1513ع تائين يعني
ستاويهه ورهيه رهيو. (21)
بلوچ مؤرخن، چاڪر خان رند جي متعلق ايتري معلومات ڪٿان نقل ڪئي
۽ ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن جا حوالا سَند طور استعمال ڪيا
آهن، انهن جو پتو نٿو پوي. جيڪڏهن مستقبل جو مورخ
چاڪر رند متعلق قلم کڻي، ته اهو ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن
کي حوالي طور استعمال ڪري، اهي سڀ نامعلوم ۽ ناپيد
آهن، بقول سردار گشڪوري جي ته: ”ان مبهم ۽ غير
واضع دور (مير چاڪر جو دور) جي واقعن جو رجحان
تقريباً تجرباتي ۽ قياسي آهي.“ (22)
ان مان صاف ظاهر آهي ته بلوچ مؤرخن، مير چاڪر جي متعلق جيڪي
ڪارناما رقم ڪيا آهن، اُهي سڀ قياسيءَ ۽ افسانوي
آهن. پوءِ به اسان هن مقالي ۾ خاص طرح ٻن عنوانن
تي تفصيلي تحقيقي نظر وڌي آهي، جن ۾ (1) چاڪر رند
جو قلات تي قبضو ۽ (2) چاڪر رند جو سبيءَ تي قبضو
آهن. انهن وسيلي اسان هي ڏسڻ گھرون ٿا ته آيا انهن
ٻن وڏن خطن تي واقعي چاڪر رند جي حڪومت هئي يا نه؟
(1) چاڪر خان رند جو قلات تي قبضو:
آخوند محمد صديق پنهنجي تصنف ”اخبارالا برار“ ۾ لکي ٿو:
”چاڪر سردار ۽ گھرام لاشاري، مڪران کان قلات جو رخ ڪيو، تڏهن
ميرواڙين ۽ چاڪر بلوچ جي والد شيهڪ جي وچ ۾ جنگ
لڳي. بلوچن جو لشڪر غالب اچي ويو ۽ مير عمر
ميرواڙي مارجي ويو، قلات کي ميرواڙين کان ورتو
ويو.“ (23)
راءِ بهادر هيتورام، آخوند محمد صديق جي ڪتاب تان نقل ڪندي لکي
ٿو:
”رند ۽ شالاري وغيره چئني ڀائرن ڪيچ ڇڏي ڏنو ۽ قلات تي، جو ان
وقت ميرواڙين جي قبضي ۾ هو، ساڻن جنگ ڪري ميرواڙين
کي شڪست ڏني ۽ قلات تي قابض ٿيا.“ (24)
”يادگار تاجپوشيءَ قلات“ جو مصنف، هن واقعي کي هيئن بيان ڪري
ٿو:
”رندن کان پهرين ميرواڙين قوم براهوئي قلات تي قبضو ڪيو هو،
جنهن کان رند (چاڪر رند) قبضو ورتو ۽ رندن کان بعد
۾ ميرواڙين قبضو ڪيو.“ (25)
مولائي شيدائي لکي ٿو:
”مير عمر ميرواڙي جي زماني ۾ چاڪر رند ۽ گھرام لاشاري، براهوين
کان قلات فتح ڪيو مير عمر شهيد ٿي ويو.“(26)
ملڪ صالح محمد لهڙي هن واقعي بابت لکي ٿو:
”مير عمر ميرواڙي براهوئيءَ جي قلات تي قبضي جي خبر جڏهن انهن
(چاڪر ۽ گھرام) کي پيئي ته هو هڪ وڏي لشڪر سان
قلات تي حمله آور ٿيا، جنهن ۾ مير عمر ميرواڙي
مارجي ويو ۽ مير شيهڪ رند ۽ گھرام لاشاري قلات تي
قابض ٿي ويا.“ (27)
هن واقعي کي پهريون دفعو آخوند صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪيو، ان
کان راءِ بهادر نقل ڪيو ۽ بعد ۾ بلوچ مؤرخ ”جيئن
جو تيئن“ نقل ڪندا ٿا اچن! آخوند محمد صديق ايڏي
وڏي واقعي لاءِ ٻڌائي نه سگھيو آهي ته پاڻ ڪهڙن
ڪهڙن ماخذن کي بطور سند استعمال ڪيو آهي، ليڪن
موجوده تحقيقات مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سندس
نقطه نظر غلط ۽ بي بنياد آهي. هن واقعي جي باري ۾
نامور بلوچ شاعر ۽ دانشور مير گل خان ”نصير“
رقمطراز آهي ته:
”سردار ميرو جو پٽ مير عمر جھالاوان جي جدگالن (سنڌين) جي خلاف
جنگ ۾ مارجي ويو. انهن ڏينهن ۾ هو تعاڙ علائقي
سوراب ۾ رهندو هو. آخوند محمد صديق جي راءِ ته مير
عمر قلات ۾ هو ۽ رند ۽ لاشار جي خلاف جنگ ۾ مارجي
ويو، صحيح نه آهي. بلوچي شعرن ۽ ٻين دستاويزن ۾ ان
جو ثبوت نٿو ملي، جڏهن ته جدگالن جي هٿان سندس
مارجي وڃڻ جا ثبوت بلوچي شعرن ۾ موجود آهن.“(28)
آغا نصير احمد خان زئي پڻ آخوند ۽ ٻين مورخن جي ان نظريي کي رد
ڪيو آهي. آغا صاحب لکي ٿو:
”امير عمر ميرواڙي 21- جنوري 1485ع ۾ قلات کان قلع تعاڙ سوراب ۾
پهتو. مخبرن لسٻيلي جي امير ’امير جلب ڇُٽا‘ کي
اطلاع ڪيو، اهڙيءَ طرح 29- جنوري 1485ع تي امير
لسٻيلو، وڏي رازدارانه انداز ۾ قلعي تعاڙ تي حمله
آور ٿيو. جيئن ته امير عمر جنگ جي لاءِ تياري ڪري
ڪونه آيو هو، اهڙيءَ طرح اهڙي امير کي فتح نصيب ٿي
۽ امير عمر هن جنگ ۾ مارجي ويو.“ (29)
آغا صاحب اڳتي لکي ٿو:
”ان تاريخي ڪتاب (اخبارالابرار) ۾ آخوند صاحب هي حوالو ڏنو آهي
ته مڪران کان مير شيهڪ رند بلوچ (چاڪر جو پيءُ)
قلات تي حمله آور ٿيو، لڙائي لڳي ۽ مير عمر
ميرواڙي (براهوئي) ان جنگ ۾ مارجي ويو ۽ رند قلات
تي قابض ٿي ويا.“(30)
آغا صاحب اڳتي لکي ٿو:
”معلوم نه آهي ته آخوند محمد صديق هڪ جيد عالم جي حيثيت سان مير
عمر ميرواڙي ۽ شيهڪ رند جي وچ ۾ جنگ جو واقعو ڪهڙي
تاريخي حوالي سان ڏنو آهي، ڇو ته بلوچن جي قديم
شاعريءَ ۾ ميرواڙيءَ براهوئي ۽ لسٻيلي جي جدگالن
(سنڌين) جي وچ ۾ جنگين جو هڪ ڊگهو داستان موجود
آهي، جيڪو آخوند محمد صديق جي دور ۾ به زبان زد هو
۽ هي به عجيب ڳالهه آهي ته آخوند جھڙو بزرگ عالم
بلوچن جي قديم شاعريءَ کان بلڪل بي خبر هجي.“ (31)
موصوف آخوند محمد صديق جي ان ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ ثبوت طور
”براهوئي جد گال (سنڌي) جنگ“ متعلق بلوچي زبان ۾
چيل شعرن جا ڪجھ بند ثبوت طور ڏنا آهن. اُهي اسان
مختصراً هتي پيش ڪيون ٿا:
”او مر هما روچان پر مرا گاهت“
(مير عمر پنهنجي عروج اقتدار تي هو ۽ ان جو درٻار لڳندو هو).
”پر تعاڙ باگين نشت و گمراهت“
(تعاڙ جي جاءِ تي شان سان حڪومت ڪندو هو).
”او مر ميروءَ جھان ڊاهت“
(سموري دنيا کي خبر هئي ته عمر ميرو حڪمران آهي).
”دلجمءِ نشبته دلبرئين ڪوتهءِ“
(اُهو اطمينان سان پنهنجي قلعي ۾ قيام پذير هو.)
”چڙو پو جي زر ته جا موٽ“
(چانڪ ڄاموٽن جو لشڪر هر طرف کان نمودار ٿيو).
”او مرگون جدگالءَ جته تاڙي“
(عمر جو جدگالن سان گهمسان ٿيو).
”او مرگون براسان بونگت گاڙي“
(عمر پنهنجن ڀائرن سان گڏ مارجي ويو.)
”گپته جدگالءَ او مرءِ ماڙي“
(جد گالن عمر جي محل تي قبضو ڪيو). (32)
سي. ايف. منچن (C.F.Minchin)
”گزيٽئر آف بلوچستان“ (Gazetteer of Balochistan)
جي ”جھالاوان“ سيريز ۾ ”براهوئي جدگال“ جنگ بابت
شعرن جو انگريزي ترجمو پيش ڪيو آهي، جيڪو 322 بندن
تي مشتمل آهي. هي رزميه داستان تمام ڊگھو آهي،
جنهن ۾ مير عمر جي جدگالن جي هٿان قتل ٿيڻ کان وٺي
سندس پٽ مير بجار خان جي طرفان ٻيهر حڪومت حاصل
ڪرڻ تائين جا واقعا درج آهن. اسان هتي اجمالاً ان
نظم جا چند بند پيش ڪريون ٿا:
(1) Pleasant stories about it,
(2) In those days was Omar at the zenith of his power
(3) The whole world was aware of the might of Omar, son of
Miro.
(4) He was the Chief of the tribes and champion of the nomad
encampments,
(5) To all the Brahui tribes he was an iron fence of safety,
(6) He was an even- handed and just scion of the kingly
Quraishis,
(7) He was a root- sucker from the tree of Mir Hasan,
(8) He was the best gift of Gwaram and Brahim,
(9) He was a living type of Hamza and abbas.
(10) Omar was peacefully seated in his ruling fort- (33)
انهن شعرن ۾ مؤرخن جي تحقيقات مان ثابت ٿئي ٿو ته مير عمر
ميرواڙي کي جلب ڇُٽا جدگال، تعاڙ واديءَ سوراب ۾
حملو ڪري قتل ڪيو هو ۽ سندس محل تي پڻ قبضو
ڪيائين. چاڪر رند (يا اُن جي پيءُ) ۽ گھرام
لاشاريءَ جو مير عمر سان جنگ ڪرڻ ۽ ان کي قتل ڪرڻ
جو واقعو هڪ مفروضو آهي.
آخوند محمد صديق، مير عمر جي قتل ٿيڻ بعد قلات تي حڪمراني ڪرڻ
جي واقعي کي بيان ڪندي لکي ٿو:
”هي بلوچ قبيلا (رند ۽ لاشار) ٻن سالن تائين قلات ۾ رهيا. اُهي
(چاڪر ۽ گھرام) مَندو بلوچ کي، جيڪو رندن ۾ مشهور
آهي، قلات تي حاڪم مقرر ڪري ويا.“ (34)
راءِ بهادر هيتورام لکي ٿو:
”جڏهن بجار عاقل بالغ ٿيو، ۽ بلوچ قوم کان پيءُ جو حساب وٺڻ
لاءِ قلات ۾ پهتو ۽....مندو بلوچ (حاڪم قلات) کي
قتل ڪري قلات جي قلعي تي قبضو ڪيائين.“ (35)
ملڪ صالح محمد لهڙي لکي ٿو:
”مير شيهڪ رند ۽ گوهرام لاشاري قلات تي قابض ٿي ويا ۽ مير چاڪر
جي سهري مير مندو کي قلات جي حڪمراني سونپيائون.“
(36)
خان آف قلات مير احمد يار خان لکي ٿو:
”تخت قلات تي مير مندو رند کي ويهاري رند ۽ لاشار جا سردار ڪڇي
جي طرف وڌيا.“ (37)
هتي به بلوچ مؤرخ آخوند محمد صديق جي بيان تي عمل پيرا آهن.
سندن اهو چوڻ ته ”مير مندو بلوچ چاڪر رند جو سهرو
هو ۽ ان کي حڪومت جي تخت تي ويهاري چاڪر خود ڪڇي
هليو ويو،“ تعجب جي ڳالهه آهي. مير عمر، سنڌين جي
هٿان قتل ٿئي ٿو ۽ سندس حڪومت تي مير مندو (چاڪر
جو سهرو) قابض ٿئي ٿو، جيڪا ڳالهه مڃڻ جي لائق نه
آهي. هجڻ ته ائين کپي ها ته جلب ڇُٽو پاڻ تخت تي
ويهي ها. جيڪڏهن هو پاڻ حڪومت نه ڪري ها ته پنهنجي
طرفان ڪوبه ٻيو گماشتو مقرر ڪري ها، جيئن عام طرح
ٿيندو آيو آهي.
جڏهن براهوئي- بلوچ شاعري مان مستند ثبوت ملي ٿو ته چاڪر رند
قلات تي حملو ئي نه ڪيو آهي ۽ اُهو وچ ۾ قلات
(تعاڙ) تي پنهنجي ماڻهو (ميرمندو) کي ڪيئن مقرر
ڪري ٿو؟
تاريخي شاهدين جي روءِ سان اسان جي تحقيق هن طرح سامهون اچي ٿي
ته لسٻيلي جي حاڪم جلب ڇُٽي قلات (تعاڙ) سوراب جي
قلعي تي حملو ڪري مير عمر ميرواڙي براهوئي کي قتل
ڪري، ان جي قلعي تي پنهنجي طرفان هڪ گماشتو مقرر
ڪيو، جيڪو تاريخ ۾ ”مير مندو“ جي نالي سان مشهور
آهي، جيڪو ”بلوچ“ نه بلڪ ”جدگال“ (سنڌي) هو.
”براهوئي- جدگال جنگ“ جي رزميه داستان مان به اهوئي ظاهر ٿئي ٿو
ته جڏهن مير عمر کي جلب ڇُٽي قتل ڪري سندس حڪومت
تي قبضو ڪيو، ته وڏي عرصي کان پوءِ سندس پٽ مير
بجار خان، پنهنجي ساٿاري قبيلن کي گڏ ڪري بعد ۾
وري سنڌين خلاف جنگين جو سلسلو شروع ڪيو. هو
پنهنجي پيءُ جو بدلو ۽ حڪومت واپس وٺي ٿو. جيڪڏهن
مير مندو ’بلوچ‘ هجي ها ته شعر يا تاريخي سندن
موجب مير بجار بلوچن جي خلاف جنگيون جوٽي ها. ان
شعر جا ڪجھ بند هتي ثبوت طور پيش ڪيا وڃن ٿا:
(1) To avenge the blood of my saintly father.
(2) The Brahui tribesmen began to assemble:
(3) He went and first talked to the jadgals thus
(4) “Come forth and give me a band of land for my blood
compensation:”
(5) “Come forth and divide the produce of the melon plot and
take your share.”
(6) Set their forces towards the fort and the palace.
(7) Bijjar with his relations went in pursuit of the jadgals.
(8) Bijjar Khan made another fierce attack.
(9) And besought” “Oh! Stay your hand from the massacre of
the enemy”.
(10) “For you have avenged the blood of Omar ten fold:”
(11) “You have uprooted the jadgals from the very root.”
(12) Then Gosho addressed the frenzied”
(13) Bijjar Khan, the mighty Swordsmen:
(14) “Hurrah! Hurrah! We have won the day:”
(15) “We have snatched the fort of Nighar from the enemy:”
(16) “Thank God that Malik Bijjar Khan is safe.”
(17) “For he is the golden crown of all the Brahui.”
(18) “He is the avenger of blood which has been lost and is
unavenged: (38)
آخوند محمد صديق ۽ ٻين مؤرخن جي ان نظريي، ته ”مير مندو بلوچ هو
۽ مير چاڪر رند جي سهري هجڻ کان علاوه مير چاڪر
کيس قلات تي پنهنجو گماشتو يا گورنر مقرر ڪري پاڻ
ڪڇي طرف هليو ويو هو“، ان کي نامور مؤرخ مير گل
خان نصير رد ڪندي لکي ٿو ته:
”مندو ڪير هو، ان جي باري ۾ وثوق سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ڪجهه
مؤرخ ان کي مير چاڪر جو سهرو چون ٿا، ليڪن ان لاءِ
ڪي به ثبوت پيش نٿا ڪن. مير چاڪر ڪڏهن به قلات تي
حڪومت نه ڪئي هئي. لاشاري دره مولا ۽ رند درهء
بولان کان ٿيندا ڪڇي جي طرف ضرور ويا، پر انهن
جهالاوان ۽ ساراوان جي براهوئين سان ڪوبه ٽڪر ڪونه
کاڌو، جيڪڏهن ائي هجي ها ته ان دؤر جي بلوچي شعرن
۾ ان جو ذڪر ضرور هجي ها. مندو خان غالباً جدگال
(سنڌي) هو، ڇو ته اُنهن ڏينهن ۾ سموري جهالاوان تي
سنڌين جو قبضو هو.“ (39)
ان مان اها ڳالهه چِٽي ٿئي ٿي ته مير چاڪر خان رند ڪڏهن
به قلات تي نه حملو ڪيو ۽ نه ئي سندس حڪومت هئي ۽
نه ئي وري ان قلات تي ڪو پنهنجو گماشتو يا گورنر
مقرر ڪيو هو. دراصل مير مندو بلوچ نه پر سنڌي هو ۽
جلب ڇُٽي جي طرفان قلات جو حڪمران هو. اهڙيءَ طرح
قلات رياست تي سنڌين جي ستاويهه ساله حڪمراني جو
پڻ ثبوت ملي ٿو.
مير چاڪر خان رند جو سبيءَ تي قبضو:
بلوچستان جي تقريباً سڀني مورخن مستند تاريخي ماخذن،
فرمانن ۽ سَندن کان سواءِ مير چاڪر خان رند جي
سبيءَ تي قبضي ڪرڻ ۽ ڄام نندي کي شڪست ڏيڻ جا
واقعا بيان ڪيا آهن. مؤرخن وٽ پنهنجا ڪي به مستند
تاريخي حوالا ته ڪونه آهن، پر انهن لانگ ورٿ ڊيمز
۽ ٽي. جي. ايل. ميئر جي جمع ڪيل بلوچي شعرن کي
حقيقت ۽ مستند سمجهي، ان ۾ بيان ڪيل واقعن کي
آسپاس جي تاريخي واقعن سان مهينن ۽ سنن سان پرکي
حتي الامڪان ڪوشش ڪري مير چاڪر خان رند کي سبيءَ
تي قابض ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هتي اسان مؤرخن جو ’چاڪر جو سبيءَ تي قبضي‘ ڪرڻ جو مؤقف
پيش ڪيون ٿا، راءِ بهادر هيتورام لکي ٿو:
”بلوچن ڍاڍر، سيوي ۽ ڪڇيءَ تي قبضو ڪيو. اهڙيءَ طرح هي به چاڪر
سيوي مشهور ٿي ويو.“(40)
مير گل خان نصير لکي ٿو:
”مير چاڪر ۽ مير شيهڪ پنهنجن پنهنجن قبيلن سان بولان رستي ۽ مير
گهرام ۽ رامن پنهنجي لاشاري قبيلي سان موله ۽ ڪڇي
رستي ٻه طرفو حملو ڪيو. رند ۽ لاشار ڪيترن سالن
تائين مير چاڪر ۽ مير گهرام جي اڳواڻيءَ ۾ ڄام
نندي سان ڪڇيءَ جي ميدانن ۾ وڙهندا رهيا. بالآخر
ڄام نندي کي مڪمل شڪست ڏيئي، رند قبيلي نرمڪ،
بارڙي، ڪرته، ڍاڍر، سبي، ڀاڳ، سني، شورن ۽ ڪڇي جي
اترئين حصي کي فتح ڪيو ۽ لاشاري قبيلي ڪوٽڙو،
گاجان، گنداواهه، جهل ۽ ڪڇي جي ڏاکڻين حصي تي قبضو
ڄمايو ۽ ٻيئي قبيلا پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ رهڻ
لڳا.“ (41)
ملڪ صالح محمد لهڙي لکي ٿو:
”مير شيهڪ رند ۽ مير چاڪر (پيءُ- پٽ) بولان رستي ۽ گهرام لاشاري
موله رستي ڪڇي تي حملو ڪري ڄام نندي (ڄام نظام
الدين) کان سمورو ڪڇيءَ جو علائقو ورتو ۽ فتح ڪيل
علائقي کي اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ تقسيم ڪيائون، جو مير
چاڪر رند دره بولان جي رستي ۽ گهرام لاشاري دره
ملوه جي رستي تي ڪڇي جي واسطيدار حصن ۾ الڳ الڳ
قبضو ڪري اتي گذر سفر ڪرڻ لڳا.“ (42)
سردار محمد خان گشڪوري ان واقعي کي هنريت بيان ڪري ٿو:
”مير چاڪر خان رند جي بيان مطابق هن سبيءَ تي پنجويهه سال حڪومت
ڪئي. 1486ع ۾ ڄام نندي جلوگير ۾ ارغونن کي شڪست
ڏني ۽ انهيءَ سال چاڪر سبيءَ مان سمي سلطان جي
حڪومت جو خاتمو ڪيو.“(43)
مير احمد يار خان لکي ٿو:
”ناليوارو رند چاڪر خان سبي ۽ بولان کي مرڪز بڻائي ڪجهه سال
حڪومت ڪرڻ کان پوءِ دهليءَ جي مغل حڪمرانن سان وڃي
مليو.“(44)
محمود شاهه بخاري لکي ٿو:
”مير چاڪر سبي قلعو فتح ڪيو. هن کان ڪجهه سال اڳ سبيءَ جي حاڪم
ڄام نندي، شاه بيگ ارغون کي 1486ع ۾ بيبي نانيءَ
جي ويجهو جلوگير وٽ شڪست ڏني ۽ هاڻي مير چاڪر سمي
خاندان کي سبيءَ مان هڪالي ڇڏيو. مير چاڪر هٿان
شڪست کائڻ کان پوءِ ڄام نندي مخفي طرح سبي جو شهر
شاهه بيگ کي ڏنو ته جيئن ان ريت مير چاڪر کي تنگ
رکيو وڃي.“(45)
آغا نصير احمد خان احمد زئي لکي ٿو:
”رند بلوچن جي لشڪر امير شيهڪ ۽ سندس پٽ امير چاڪر جي اڳواڻيءَ
۾ بولان رستي ڍاڍر ۽ ان جي آسپاس تي قبضو ڪيو.
امير گهرام لاشاري، لاشاري بلوچن جي لشڪر سان گڏ
دره مولا رستي گنداواهه ۽ ان جي مضافات تي قبضو
ڪيو. بعد ۾ ٻنهي لشڪرن ڀاڳ جي مقام تي هڪ ٿي
سيويءَ جي طرف پيشقدمي ڪئي اهڙيءَ طرح بلوچن جي
لشڪر سيويءَ تي حملو ڪري، اتي ڄام نظام الدين
المعروف ڄام نندي جي مقرر ڪيل والي الله دين پوترا
دائود(46) کي جنگ ۾ شڪست ڏني. الله دين جنگ ۾
مارجي ويو ۽ پورو ڪڇي خطو رند بلوچن جي قبضي ۾ اچي
ويو. هي جنگ 8- جنوري 1487ع ۾ سيوي شهر جي ويجهو
لڙي ويئي.“(47)
سردار محمد خان گشڪوري، پنهنجي ٻي تصنيف ”چاڪراعظم“ ۾ سمورين
روايتن کان هٽي ڪري، اهو واقعو هيئن لکي ٿو:
”چاڪر سبيءَ تي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ متواتر اقدامات ڪرڻ جو حتمي
فيصلو ڪيو، جيڪو هر طرف کان رندن جي گهيري ۾ هو ۽
اُهي واحد ماڻهو هئا جن جي سامهون ڄام نندو هڪ
بزدل ثابت ٿيو. هن جي ماڻهن ڄام نندي جي وڏي فوج
کي ٽوڙڻ شروع ڪيو، جا پهريائين سبيءَ جي قلعي ۾
محصور ٿي چڪي هئي. چاڪر جي طاقت ڄام نندي کي جهڪڻ
تي مجبور ڪيو. هو هن وحشت خيز يلغار جي مزاحمت ڪرڻ
لاءِ نه ذهني طور تيار هو ۽ نه ئي ان ۾ ايترو
حوصلو هو. هن مايوسيءَ جي عالم ۾ ان شهر کي
سرداراعظم جي حوالي ڪيو. هي واقعو 1486ع جو آهي.
ان سال، ڪجهه مهينا اڳ، ان ڄام نندي، شاهه بيگ ۽
محمد بيگ ارغون جي فوج جو مقابلو ڪيو هو، جيڪي
سبيءَ جي طرف وڌندا پئي آيا. ڄام نندي، پنهنجي فوج
دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ رواني ڪئي. بيبي نانيءَ جي
ويجهو جلوگير جي جاءِ تي لڙائي لڳي. ارغون دليريءَ
سان وڙهيا، ليڪن شڪست انهن جو مقدر هئي. ان جو
نتيجو اهو نڪتو جو مغل فوج کي عبرتناڪ شڪست ملي ۽
انهن جو اڳواڻ ميدان ۾ مارجي ويو. مير چاڪر کي سبي
حوالي ڪرڻ کان پوءِ ڄام نندي مخفي طور تي سبي،
شاهه بيگ ارغون کي بخشش ڪئي، جيئن هو بلوچ
فرمانروا جي لاءِ مصيبتون پيدا ڪري. هي امر قابل
ذڪر آهي سبيءَ جو قلعو 1488ع ۾ شاهه بيگ ابن شجاع
الدين زنون کي سنڌ جي ڄام نظام الدين بطور جاگير
ڏنو.“(48) |