سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :25

اڪبر لغاري

 

حيوانستان

 

آءٌ پنهنجي آفيس جي ڦِرڻي ڪرسي تي ويهي، فون تي دوستن سان خوب ڪچهريون ڪري رهيو هوس ۽ منهنجو پٽيوالو ماڻهن کي ”صاحب مصروف آهي.“ جملو بار بار ٻڌائي رهيو هو. ٻئي فون تي پي. اي. ٻڌايو ته ”سائين! وڏي صاحب جو فون آهي.“ ڪچهري بند ڪري صاحب وڏي سان ڳالهايم. صاحب بس ۾ سوار ٿي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، ليڪن اهي منزل تي نه پهتا آهن ۽ ڪٿي رستي ۾ ئي گم ٿي ويا آهن.“ مون کي حڪيم مليو ته فوراً سندن ڳولا ڪريان.

آءٌ پنهنجو عملو وٺي نڪتس ۽ جنهن رستي تان هو ويا هئا، ان ساڳئي رستي تي جيپ ڊوڙائڻ لڳس. رستو خراب هو، ليڪن منهنجي جيپ تيز رفتاريءَ سان فاصلو طئي ڪري رهي هئي. اچانڪ اڳيان هڪ کڏو اچي ويو ۽ ڊرائيور جيئن ئي ان کڏي کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيپ روڊ تان لهي ويئي ۽ ڪيئي ڪلٽيون کائيندي وڃي ڪنهن کڏ ۾ ڪِري. مون کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ آءٌ اونداهين ۾ ٻڏندو ويس.

مون کي جڏهن هوش آيو ته آءٌ اسپتال جي بستري تي پٽين ۾ جڪڙيو پيو هوس. هٿ پير ۽ اکيون به ويڙهيل هيون، رڳو آواز ٻڌي رهيو هوس. ڊاڪٽر چئي رهيو هو: ”هن جي بچڻ جي اميد بلڪل ختم ٿي ويئي آهي، هي چند گھڙين جو مهمان آهي، توهان هن کي اسپتال مان کڻائي وڃي سگھو ٿا.“

مون ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زبان ساٿ نه ڏنو. پنهنجي جسم کي زور زور سان چورڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ لڳس، ليڪن بيسود. منهنجي سوچڻ ۽ ٻُڌڻ جي صلاحيت کان سواءِ منهنجو جسم مڪمل طور تي سُن ٿي چڪو هو. مون محسوس ڪيو ته منهنجا مائٽ روئيندا پٽيندا، مون کي اسپتال مان کڻي وڃي رهيا هئا. مون کي پڪ ٿي ويئي ته آءٌ مرڻ وارو آهيان. مون التجا ڪئي، ”اي پالڻهار! مون کي زندگي ڏي، مون کي ڀري جواني ۾ نه مار، آءٌ مرڻ نٿو چاهيان. مون کي زندگي ڏي، مالڪ! مون کي زندگي ڏي....“

اِها دعا آءٌ بار بار گھرندو رهيس. اچانڪ منهنجي اندر مان آواز آيو، جيڪو چئي رهيو هو ته توکي زندگي ڏني وڃي ٿي، ليڪن موجوده جسم ۾ نه. تنهنجي روح کي اڌ ڪلاڪ جي مهلت ڏني وڃي ٿي، ان دؤران تنهنجو روح تنهنجي جسم مان نڪري، سيڪنڊن ۾ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين وڃي سگھي ٿو ۽ جنهن انسان، جانور يا پکي جو تازو مرده جسم ڏسي، ان ۾ داخل ٿي سگھين ٿو- ليڪن صرف اڌ ڪلاڪ!“

آواز جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته منهنجو روح، منهنجي جسم جي پڃري مان نڪري فضا ۾ ترڻ لڳو. مون ڏٺو ته منهنجا مائٽ منهنجي مرده جسم کي ايمبولينس ۾ کڻي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهي هئا.

وقت تمام گھٽ هو، مون مرده جسمن جي تلاش شروع ڪئي. آءٌ فوراً انهن ملڪن ۾ پهچڻ لڳس، جتي جنگيون هلي رهيون هيون، ليڪن منهنجي بدقسمتي اها هئي جو ٺيڪ اُن وقت ڪوبه مرده جسم دستياب نه هو. پوءِ آءٌ اسپتالون ڏسڻ لڳس، جتي جنگ کان پوءِ ٻئي نمبر تي ماڻهو مرندا آهن، ليڪن افسوس جو اُتي به ڪو مرده جسم نظر نه آيو. آفريڪا جي ملڪن ۾ ويس، جتي ماڻهو بک وگھي مرندا آهن. پر اتي به اقوام متحده وارا راشن ورهائي رهيا هئا. انهيءَ ڀڄ ڊڪ ۾ منهنجا پنجويهه منٽ ضايع ٿي چڪا هئا ۽ باقي پنج منٽ وڃي بچيا هئا.

انهن پنجن منٽن ۾ مون دنيا جا ڪيترائي چڪر لڳايا، ليڪن هر طرف مون کي ماڻهو ساهه کڻندي نظر آيا؛ مئل انسان ڪوبه نظر نه آيو. جڏهن مون ڏٺو ته مون وٽ صرف ٽيهه سيڪنڊ هئا ته اچانڪ منهنجي نظر هڪ گڏهه تي پيئي، جنهن جو ساهه نڪري رهيو هو. سوچڻ لاءِ وقت بلڪل ڪونه هو؛ مون لامارو ڏيئي، گڏهه جي ناسن ۾ گھُت هنئي ۽ مئل گڏهه وري هينگون ڏيندي زندهه ٿي پيو. ماڻهوءَ واري نه سهي، گڏهه واري ئي سهي، زندگي ته ملي.

        *              *              *

هاڻي صورتحال اها هئي جو جسم گڏهه جو، روح منهنجو ۽ عقل اسان ٻنهي جو گڏيل هو. گڏهه واري سوچ مون کي ٻڌايو ته هِتي هڪ وسيع جھنگ آهي، جنهن جو نالو رياست ”حيوانستان“ آهي. حيوانستان ۾ سڀ جانور گڏجي رهندا آهن، جنهن تي حڪومت گھوڙن جي آهي، اتفاق سان گڏهه به حيوانستان ۾ ان عهدي تي فائز هو، جنهن تي انسانن واري دنيا ۾ آءٌ هوس. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، حياتي به بچي، عهدو به ساڳيو، گڏهه ٿيس ته ڇا ٿي پيو!

        *              *              *

ٻئي ڏينهن آءٌ ٺهي ٺُڪي آفيس پهتس، جتي پڻ هڪ ڦِرڻي ڪرسي پيل هئي. آءٌ ڪاري واسڪيٽ پائي، بالم ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ عادت مطابق پٽيوالي کي گھرائڻ لاءِ گھنٽي هنيم. دروازي مان هڪ ٻڪر ٻي ٻي ڪندو داخل ٿيو.

”حڪم سائين!“

”ڇا خبر چار آهي؟“

”سڀ خير آهي سائين! ٻه ٽي ڍڳا درخواستون کنيون بيٺا آهن، سائين جن سان ملڻ چاهن ٿا.“

”چڱو موڪلين، ۽ ٻين سڀني ملڻ وارن کي به اندر موڪل.“

ٻه ڍڳا اندر داخل ٿيا ۽ ڪتن جي شڪايت ڪرڻ لڳا. رڍن جو هڪ وفد آيو، جنهن بگھڙن جي شڪايت ڪئي. پوءِ ڀولڙا آيا، پاڏا آيا، گدڙ ۽ بگھڙ آيا. سڀني جا مسئلا ٻڌي حل ڪرائڻ جون خاطريون ڪندو رهيس. آخر ۾ سلام ڪرڻ لاءِ ڪتا ۽ سوئر به آيا، ۽ خوش اخلاقي طور مون کي ”لوسڻ“ جي ڀري تحفي ۾ ڏيئي ويا.

        *              *              *

آءٌ جيترو خوش حيوانستان ۾ آهيان، اوترو خوش انسانن جي دنيا ۾ نه هئس ۽ مزي جي ڳالهه ته ساڳيو عهدو هجڻ ڪري ڏاڍي آساني به آهي. لوسڻ ۽ ٻاجھري جا تحفا به جام ٿا ملن. روزانو شام جو ساٿي گڏهن سان سونف جو پاڻي به جام آهي، ۽ ٻڪرين سان ڪچهري ڪرڻ جو ته لطف ئي پنهنجو آهي. ڏاڍو خوش آهيان پر هڪڙي پريشاني آهي. اُها اِها ته کِلڻ وقت هينگون ڏيڻ بجاءِ انساني ٽهڪ نڪريو وڃي، جنهن کي حيوانستان ۾ سخت معيوب تصور ڪيو ويندو آهي. انساني حرڪتن تي سڀ جانور خفا ٿيندا آهن، تنهنڪري ڪوشش ڪندو آهيان ته مون ۾ ڪابه انساني خصلت ظاهر نه ٿئي، ٻيءَ صورت ۾ هي سڀ گڏجي مون کي جيئڻ ڪونه ڏيندا. آهستي آهستي هن ماحول جو اهڙو عادي ٿي ويو آهيان، جو ڪڏهن ته پنهنجو پاڻ کي پيدائشي گڏهه سمجھندو آهيان.

        *              *              *

فون جو گھنٽي وڳي، ۽ پي.اي، جيڪو هڪ خوشامدي گدڙ آهي، ٻڌايو ته ”گھوڙا آباد“ کان سُرخي گھوڙي جو فون آهي. سرخي گھوڙي جو ٻڌي منهنجا ڪن ڪيٽا ٿي ويا ۽ ڪرسيءَ تان اٿي بيهي ساڻس ڳالهائڻ لڳس.

”توهان کي شايد هن ڪرسيءَ تي وڌيڪ ويهڻو ڪونهي، جو سڄو ڏينهن توهان کي لوسڻ کائڻ ۽ ٻڪرين سان ڪچهري ڪرڻ کان فرصت ڪونهي. سڀ حيوان توهان جون شڪايتون پيا ڪن.“ سرخي هڻڪاريو.

”سر! منهنجي پوري ڪوشش آهي ته جانورن جا سڀ مسئلا حل ڪريان، ليڪن ڀولڙا خوامخواه....“

”ڀولڙن جي شڪايت کان علاوه توهان گڏهن کي ٻيو ڪهڙو ڪم آهي. باقي ڪتن جي بدمعاشي آءٌ اچي روڪيندس ڇا؟“ سرخي منهنجي ڳالهه ڪٽيندي مون کي ڇنڊ پٽي. (هميشه وانگر)

”سر! مون وڏن بدمعاش ڪتن جا پُڇ سال کن لاءِ نڙ ۾ وجھي ڇڏيا هئا، ليڪن نڙ مان ڪڍڻ کان پوءِ به اهي پڇ، اهڙي جا اهڙا آهن. باقي سندن ڏند ڀڃڻ جا اختيار جيڪڏهن مون کي ملن ٿا ته پوءِ....

هڪ دفعو وري منهنجي ڳالهه ڪٽيندي سرخي هڻڪاريو:

”مون سمجھيو هو ته تون هڪ سٺو گڏهه آهين، پر تون ته انسانن کان به چٽ آهين. اڙي بيوقوف! ڪتن جا ڏند ڀڃندين ته اسان جو اقتدار ڪيئن هلندو؟ ۽ ٻي ڳالهه ته تون ’انسان مار مهم‘ ڪڏهن پيو شروع ڪرائين؟ روزانو ڪيترائي ٽيليگرام ٿا اچن ته، تنهنجي علائقي ۾ انسانن وڏو آزار مچايو آهي. حيوانن جي ننڊ ئي ڦٽائي ڇڏي اٿن. ڪالهه رڍن جو وفد آيو هو، جنهن ٻڌايو ته انسان انهن اڳيان رباب وڄائي کين تنگ ڪن ٿا...“

”سر! آءٌ پوري ڪوشش...“

”۽ ڍڳا چون ٿا ته انسانن ۾ عقل جي وبا پکڙيل آهي، انڪري ڍڳن کي زڪام ٿي پيو آهي. ان کان علاوه هي انسان ڀؤنڪن به ڏاڍو ٿا، جنهن تي ٻڪرين کي ننڊ نٿي اچي.“

”سر! آءٌ اڄ کان ئي انسان مار مهم جو آغاز ٿو ڪريان، جنهن جي نگراني به آءٌ پاڻ ڪندس، ۽ ٻيو عرض ته مون سائينجن لاءِ ’صوفن جو مربو‘ ٺهرايو آهي، جيڪو موڪليان پيو.“

”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي“ سرخي گھوڙي فون رکيو.

فون رکي مون پگھر اگھيو، شڪر ادا ڪيو ۽ انسان مار مهم جي تيارين ۾ مشغول ٿي ويس.

        *              *              *

انسان مار مهم لاءِ مون ڪتن جي لوڌ گھرائي، جيڪي خصوصي طور ڏند تکا ڪرائي آيا هئا، هن مهم جو ٻڌي بگھڙن بنا معاوضي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ سوئرن اسان جي حق ۾ جلوس ڪڍيو.

لومڙين معلومات ڏني ته انسان هڪ ٽولي جي صورت ۾ روزانو غار مان نڪرن ٿا. پهرين هو رڍن جي اڳيان رباب، پوءِ مينهن جي اڳيان مرليون وڄائين ٿا. تنهن کان پوءِ هو ٻڪرا گھٽي ۽ گڏهه پاڙي مان ٿيندا، ڍور محلي ۾  اچي تقريرون ڪن ٿا. باقي ڀولڙن جي ڳالهه تي يقين نه ڪرڻ گھرجي. انهن کي ته کپي رؤنشو. اُهي انسانن وٽ وڃي اسان جي ۽ اسان وٽ انسانن جي گلا ڪندا آهن.

آءٌ لومڙين جي ڄاڻ مان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ صبح سوير ئي ڪتن، سوئرن، لومڙين ۽ ڀولڙين جا ٽولا وٺي وڃِ غار جو گھٽ جھليم.

ڪجھ وقت کان پوءِ انسان غار مان نڪتا ۽ پنهنجو قافلو وٺي رڍن واري چراگاهه ڏانهن وڌڻ لڳا. ڪتن پنهنجا ڏند ڪچڪچايا، سوئر پنهنجا وَڄ تيز ڪرڻ لڳا ۽ ڀولڙا تماشو ڏسڻ لاءِ وڻن تي چڙهڻ لڳا. سڀ منهنجي اشاري جا منتظر هئا، ليڪن آءٌ حيران هئس ته هي ته اُهي ساڳيا ڏاها هئا، جن جي بس گم ٿي چڪي هئي ۽ انهن جي ڳولا ڪندي آءٌ حادثي جو شڪار ٿيو هوس. مون سڀني کي خاموشي سان اشارو ڪيو ۽ اسان انسانن جو پيڇو ڪرڻ لڳاسين. ڀولڙا وڻن تان لهي آيا هئا ۽ تماشو ملتوي ٿيڻ جي ڪري مون کي ناگواري سان ڏسي رهيا هئا. لومڙيون پاڻي پيئڻ جي بهاني سان اسان  جي قافلي کان ٽٽي ويون.

انهن انسانن جي قافلي ۾ انسانن جي دنيا جو مشهور راڳي به هو، جنهن رڍن اڳيان ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. جڏهن هو ”دُرت لئه“ تائين پهتو ته رڍن سخت بوريت جو مظاهرو ڪيو، ڀولڙن کي ڏاڍي کِل ۽ ڪتن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

ان کان پوءِ اهي ڏاها مينهن جي ڌڻ کي ڏاڍيون مرليون ٻڌائڻ لڳا، پر مينهون پنهنجون نماڻيون اکيون کڻي هر ڪنهن کي بيوسيءَ وچان ڏسڻ لڳيون. آخر ڪار اهي ڏاها ڍور محلي پهتا ۽ ڍڳن جي ڌڻ کي خطاب ڪرڻ لڳا.

”اي ڍڳئو! اسان ڄاڻي واڻي انسانن جي دنيا انڪري ڇڏي جو اُتي هاڻي اسان جي ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونهي. عقل، علم، فن ۽ موسيقي جي ڳالهه ڪرڻ هاڻي انسانن وٽ فضوليات آهن. انڪري اسين سڀ توهان وٽ آيا آهيون. اسان کي اميد آهي ته توهان اسان جي ڳالهه غور سان ٻڌندا، ڇو ته انسانن جي دنيا ۾ سڀڪو ڳالهائڻ چاهي ٿو، ٻڌڻ ڪير به نٿو چاهي. پوڙها نوجوانن کي نٿا سهن، نوجوان وري پوڙهن جي ڏاڙهي پٽڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. سو اي عظيم ڍڳئو! اکيون کوليو، توهان جا به ڪي حق آهن. توهان جي راءِ جو به احترام ٿيڻ گھرجي. توهان کي صاف پاڻي، دوا، گاهه ۽ رهڻ لاءِ مَنهه گھرجن. اکيون کوليو، ڇا ضروري آهي ته هتي رڳو مخصوص گھرڙائي حڪومت ڪن...“

تقرير جاري هئي ته منهنجي موبائيل فون جي گھنٽي وڳي، فون تي سُرخو هو.

”اڙي نالائق! مون کي خبر ملي آهي ته تون زيان خور انسانن کي مارڻ ۾ دير پيو ڪرين؟“

”نه نه سائين! بس هاڻي ئي ٿو...“

”مون کي تقريرون نه پر ڪم گھرجي، فوراً سرخي فون بند ڪيو.

مون پنهنجي عزت ۽ نوڪري خطري ۾ سمجھي. ڪتا، جيڪي دير سبب سخت غصي ۾ هئا، منهنجي ڪن جي هڪ اشاري تي وڃي انسانن تي ڪڙڪيا. ٿوريءَ دير ۾ نه مانهو نه ماڻهوءَ جي ذات! هيترا ڏاها مارائيندي مون کي ڪوبه افسوس نه ٿيو. بلا ڏاهن جو هتي ڪهڙو ڪم؟ خواهمخواه عقل جون ڳالهيون ڪري خلق کي ناڪاره پئي ڪيائون.

        *              *              *

اڄ تحفي ۾ ٻاجھريءَ جا سنگ مليا. انساني عادت مطابق انهن کي باهه تي سيڪي، آڀون ڪري کائڻ لڳس ته اچي پيٽ ۾ سور پيو. ڪو گھڻو به ڪونه هو پر لومڙي جي صلاح تي لڳي علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي ”بگھڙ بازار“ کان نڪتس. سڀ بگھڙ چشما پايو، مريضن جي انتظار ۾ قطار ڪريو ويٺا هئا. ڪو هڏين جو ماهر هو ته ڪو چمڙي جو ڄاڻو هو، ڪنهن کي دل جي مرض ۾ مهارت هئي، ته ڪنهن کي مٿي ۾ سور جي. آءٌ پيٽ- سور واري بگھڙ وٽ ويس، جنهن مون کي تپاسڻ کان پهرين في ورتي ۽ ليٽڻ جو اشارو ڪيائين.

مون کي تپاسيندي حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته منهنجي آپريشن انتهائي ضروري آهي، نه ته ٻي صورت ۾ منهنجي حياتي سخت خطري م آهي. ائين چئي هو آپريشن جي تياري ڪرڻ لڳو. مون گھڻو ئي چيو ته مون کي صرف پيٽ ۾ سور آهي، آپريشن جي ڪا ضرورت نه آهي، ليڪن هن دير بلڪل نه ڪئي ۽ مون کي کڻي چئوکنڀو ٻڌائين.

مون گھڻيئي ٽئونٽيون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن فوراً وڏو وات کولي، پنهنجا ڏند منهنجي پيٽ ۾ کپائي ڇڏيا. سور سبب منهنجي وات مان هڪ وڏي هينگ نڪتي ۽ منهنجا آنڊا اچي ٻاهر پيا ۽ آءٌ هوش کان بيگانو ٿيندو ويس. مون محسوس ڪيو ته منهنجو روح نڪ ذريعي ٻاهر نڪتو ۽ خلا جي وسعتن ۾ ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com