سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :16

(16) هتي ائين ٿو لڳي ته مهراڻ پار ڪرڻ جو اهم ۽ بهتر پتڻ ’ٻيٽ‘ واري قلعي جي ويجھو هو، پر اتي راجا ڏاهر جي سگھ وڌيڪ بهتر طور نظر اچي ٿي. محمد بن قاسم مهراڻ پار ڪرڻ لاءِ منجھي پوي ٿو ۽ حجاج کان مسلسل درياءِ جي پار ڪرڻ لاءِ هدايتون وٺي ٿو. آخر اوپري سرزمين تي مجبور ٿي کيس مهراڻ جي ڪپ تي بي يارو مددگار ٿي پنجاهه ڏينهن تائين ترسڻو پوي ٿو. ڪٿان به مدد نه ملڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه ختم ٿيڻ لڳي ٿو. آخر بيوسيءَ ۾ اها حالت ٿئي ٿي، جو جيڪو گھوڙو بيمار ٿئي ٿو، اُن کي ڪهي کائڻ تي مجبور ٿين ٿا. هتي اِهو به محسوس ڪري سگھجي ٿو ته ٻيٽ وارو قلعو، جنهن کي پهرين اسلامي لشڪر فتح ڪيو هو، اُهو بعد ۾ وري انهن کان ڦرجي ٿو وڃي. جيئن ڏاهر جي هن پيغام مان اسلامي لشڪر جي صورتحال معلوم ٿئي ٿي. ”... تنهنجي لشڪر وٽ اناج ناياب ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن صلح ڪري موتي وڃين ته توڏانهن کاڌو موڪليان، جيئن تنهنجا ساٿي نڌڻڪا ٿي نه مرن ۽ تون سوچ ته تو وٽ اُهو ڪهڙو مرد آهي جيڪو اسان جي سامهون جنگ ڪندو؟“ (چچ نامو 211)

(17) مطلب ته محمد بن قاسم جو لشڪر ٻيٽ واري قلعي کان ڏکڻ طرف هو، جتي پتڻ هو.

(ê) بدين تعلقو ميونسپل ٿيڻ کان اڳ يونين ڪائونسل ”ڪاڏي قاضيا“ ۾ هو.

(18) علائقي يا ايراضي جو نالو.

(19) اُن سمي يعني اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌو جو لاڙ ۾ مرڪزي وهڪرو ’مهراڻ‘ جي نالي سان سڏبو هو، جيڪو نيرون کان تقريباً 20-25 ميل اوڀر طرف هو ۽ هيٺ ڏکڻ طرف وهيو ٿي. ’اشبهار‘ جي قلعي کان اوڀر طرف ’ٻيٽ‘ جي قلعي جي اوڀر مان، انهي ٻيٽ جي اوسي پاسي يا ٿورو هيٺ مٿي دوآبو (DELTA) هو، جنهن مان هڪ شاخ ڦُٽي اولهه طرف ٿي ويئي ۽ ٻي ڏکڻ طرف موجوده بدين کان اولهه طرف کان وهي ڏکڻ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيائين.

(20) ’فتح باغ‘ (اشبهار قلعي‘ جا آثار زمين کان 35-40 فوٽ مٿي آهن ۽ ٻن چورس ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل آهي.

(21) ’ڊي. اي. هومز‘ 1968ع ڌاري جھاز ذريعي سنڌ جي قديم وهڪرن جي ڳولها ڪئي، جنهن ۾ هن انهيءَ دوآبي جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ رپورٽ جو سنڌي ترجمو حبيب الله صديقي ڪيو ۽ اها رپورٽ ٽماهي ”مهراڻ“ جي جنوري- مارچ 1989ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي.

(22) ”سنڌ جا قديم آثار“، هينري ڪزنس، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 42.

(23) ”سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ايم. آر. هيگ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، ص 422.

(24) ”چچ نامو“ ص 242.

(25) ڪجھ وقت اڳ هنن قديم آثارن جي وچ مان سم نالي جي کوٽائي دوران صحيح سالم ڍانچو مليو، جنهن جي سيرانديءَ کان مٽيءَ جي پڪل ڪُني ۾ مڇي ۽ ٻيو کاڌي جون شيون رکيل هيون.

(26) ڊي. اي. هومز واري رپورٽ، ص 146.

                               

خديجه انصاري

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ جامع انسائيڪلوپيڊڪ لغت جي گھرج

 

لغت جي معنيٰ:

عام مفهوم ۾ ”لغت“ (ڊڪشنري) جي معنيٰ آهي ”ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنيٰ“، پر اصطلاحي طور لغت ان ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا ترتيب وار لفظ معنائن سميت ڏنل هجن، يا ائين کڻي چئجي ته اهو ڪتاب، جيڪو ڪنهن به زبان جي الف بي جي ترتيب سان مرتب ٿيل هجي، جنهن ۾ وصفون، جملا، فقرا، اشتقاق، هِجي، اُچارَ، پهاڪا، چوڻيون، لفظن جو استعمال ۽ ٻي سموري صرفي ۽ نحوي لاڳاپيل معلومات ڏنل هجي، يا اهو ڪتاب، جنهن ۾ ٻن ٻولين جي هم معنيٰ لفظن جي معنيٰ ڏنل هجي، مثال طور “سنڌي- انگريزي“ يا انگريزي- سنڌي لغت“ لغت ڪنهن به مضمون جي اصطلاحن ۽ انهن جي معنيٰ ’الف- بي‘ جي ترتيب سان مرتب ڪيل هجي، مثال طور علم نباتات جي لغت، لائبريري ۽ انفريشن سائنس جي لغت، وغيره وغيره.

”دي آڪسفورڊ ڪنسائيز ڊڪشنري“ لغت لفظ جي تعريف هيئن ڪئي آهي: ”ڊڪشنري ان ڪتاب کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن زبان جي لفظن، ان جي معنيٰ، استعمال يا ڪن مضمونن جي اصطلاحن جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري.“

ڊاڪٽر رنگاناٿن ڊڪشنريءَ جي وضاحت ڪندو لکيو آهي ته ”مختلف ڊڪشنريون پنهنجي جوڙجڪ ۾ لفظن جي معنيٰ، هِجي، تلفظ جي ترتيب، اُچارن، لهجن، جملي جي جوڙجڪ جي قاعدن، هڪ لفظ جي ڪيترين ئي معنائن، غيرملڪي لفظن، فقرن، مختلف علامتن ۽ ٻي وڌيڪ معلومات جو ذريعو آهن.

اڪثر ڪري لغتون لفظن، علائقن ۽ قوميتن جي لهجن، قديم ۽ جديد لفظن ۽ انهن جي معنائن، محاورن، ساڳي يا ابتڙ معنيٰ وارن لفظن جي معلومات حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو سمجھيون وينديون آهن، ان ڪري لغتون ڪنهن به ٻوليءَ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿيون.

لغت جا قسم:

لغت کي ٻوليءَ جي اعتبار کان ٽن قسمن ۾ ورهايو وڃي ٿو:

(1) ٻوليءَ جي لغت، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ” Mono Lingual Dictionary “چيو ويندو آهي. مثال طور سنڌي لفظن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ يا انگريزي لفظن جي انگريزيءَ ۾ معنيٰ وغيره.

(2) ٻن ٻولين جي لغت (Bi-Lingual Dictionary)، مثال طور ’سنڌي-اردو‘، سنڌي-عربي‘ ۽ ’انگريزي- سنڌي‘ وغيره.

(3) ٽن ٻولين (Tri- Lingual) يا ٽن ٻولين کان وڌيڪ (Polyglot Dictionary) ٻولين جي لغت.

ان قسم جي لغت جو مثال ”هفت زبان لغت“ آهي، جيڪا پاڪستان جي مختلف ٻولين اردو، بنگالي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري تي مشتمل آهي، جنهن کي اشفاق احمد ۽ ٻين مرتب ڪيو ۽ مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1974ع ۾ شايع ڪيو.

سنڌي لغت جي مختصر تاريخ:

سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو جائزو ورتو وڃي ته نظر ايندو ته هن فن يا موضوع جي شروعات ٽالپرن جي دور (1787ع کان 1843ع) ۾ ”سنڌي- فارسي“ ۽ ”فارسي- سنڌي“ لغتن سان ٿي، پر حقيقت ۾ هن ڪم جي ڇپائي انگريزن جي اوائلي دور ۾ ٿي، جو غير ملڪي حاڪمن کي سنڌي لغت جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان لاءِ ننڍيون معلوماتي لغتون مرتب ڪيون ويون. 1836ع ۾ واٿن (Wathen) ۽ 1843ع ۾ ايشوڪ (Eastwick) جي مرتب ڪيل ڪم کي رائل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال (ڪلڪتو) جي طرفان شايع ڪيو ويو. ان وقت جي حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن اسٽئڪ (Stack) ٻن ٻولين تي مشتمل (Bi- Lingual) ”انگريزي- سنڌي“ ۽ ”سنڌي- انگريزي“ لغتون 1849ع ۽ 1855ع ۾ شايع ڪيون. جن ۾ سنڌي الفاظ ديوناگري اکرن ۾ لکيائين ۽ انهن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڏنائين. تنهن کان پوءِ 1979ع ۾ اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ، پادري شرٽ ۽ مرزا صادق علي بيگ ٽنهي گڏجي ”سنڌي- انگريزي لغت“ تيار ڪئي. آخوند عبدالرحيم ”وفا“ جي ”جواهراللغات“ بهترين لغت ڪوٺي وڃي ٿي، جنهن کي 1993ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ شايع ڪيو آهي. پرمانند ميوارام ”سنڌي- انگريزي لغت“ انگريزي- سنڌي لغت“ تيار ڪيون، جي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ ٻيهر شايع ڪيون، ان کان علاوه اي. ٽي. شاهاڻي ”سنڌي- انگريزي“ ۽ ”انگريزي- سنڌي“ لغتون مرتب ڪيون. ورهاڱي کان پوءِ 1950ع ۾ ابن الياس سومري، نئين ”اردو- سنڌي لغت“ شايع ڪئي.

سنڌي لغت جي ڇپائيءَ ۾ خاص طور سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، مختلف پبلشنگ ادارن ۽ انفرادي طور ڪجھ شخصيتن خاص ڪردار ادا ڪيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ ”جامع سنڌي لغات“ جو ڪم 1960ع کان 1988ع تائين پنجن جلدن ۾ شايع ڪرائي سنڌي لغت ۾ گرانقدر اضافو ڪيو آهي، ۽ ان سموري اهم ۽ تاريخي ڪشالي جي تياريءَ جو سهرو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سر تي سونهي. سنڌي ادبي بورڊ ”فرهنگ جعفري“ حڪيم محمد جعفر انصاريءَ جي جوڙيل طب جي لغت، جنهن کي حڪيم نياز همايوني وڌايو ۽ سُڌاريو، ٽن جلدن ۾ شايع ڪئي. 1973ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ سنڌي زبان جي ”بنيادي لغت“، جنهن کي سيد حسام الدين راشدي، غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر الانا ۽ غلام رباني مرتب ڪيو، شايع ڪرائي- 1991ع ۾ بورڊ سنڌ جي عالم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي مرتب ڪيل لغت ”لغات سنڌي مخففات“ شايع ڪرائي، جنهن علم اللسان جي فن ۽ مطالعي لاءِ وسيع ميدان ڏنو آهي.

سنڌ يونيورسٽي پڻ ٻه لغتون ”سنڌي- اردو“ ۽ اردو-سنڌي“، جن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ترتيب ڏنو، شايع ڪيون.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي اداري ”سنڌالاجي“ 1979ع ۾ پرمانند ميوارام جي ”سنڌي- انگريزي لغت“ (ٻيو ايڊيشن) طور شايع ڪئي. ان کان علاوه ”عربي- سنڌي لغت“ (ٻه ڀاڱا)، جنهن کي پروفيسر غلام حسين جلباڻي مرتب ڪيو، شايع ڪرائي. هي لغت عربيءَ کي سمجھڻ لاءِ هڪ مؤثر ذريعو آهي. وڏي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته         قرآن شريف جي لفظن جي سنڌي معنيٰ سان ”قرآني لغت“ شايع ڪئي وڃي، جيڪو سنڌي عالمن ۽ ادارن جو بهرحال، هڪ اهم فرض آهي.

سنڌ جي هڪ اهم علمي اداري ”سنڌي زبان جي بااختيار اداري“ پڻ لغت جي ڇپائيءَ ۾ قدم وڌايو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافيائي محاورن ۽ ٻولين جي مطالعي جي سلسلي ۾ ”ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي ٻولي“، ”شڪارپور جي ٻولي“، ”ٿر جي ٻولي“ ۽ ”سبيءَ جي ٻوليءَ“ نالي ڪتاب شايع ڪرايا آهن.

تازو اداري ”هڪ جلد سنڌي لغت“ (1998ع) شايع ڪئي آهي، جنهن جو مؤلف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ معاون شيخ محمد اسماعيل آهي. اها لغت ”عام رائج ٻولي ۽ وچولي درجي جي ادبي زبان جي لفظن ۽ اصطلاحن تي مشتمل“ آهي. 734 صفحن تي مشتمل ان ”سنڌي- ٽو- سنڌي“ لغت ۾ ستاويهه هزار کن لفظ ۽ اصطلاح درج آهن.

هتي سنڌي اصطلاحن جي لغت جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. اصطلاح جي معنيٰ آهي ڪنهن لفظ جي ٻي معنيٰ. اهڙا ڪئين لفظ آهن جن جي ذُومعنيٰ يا ٻي معنيٰ به هوندي آهي. اهڙي قسم جي لغت 1956ع ۾ غلام اصغر ”سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر“ جي نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪرائي. ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي ”عزيز“ جي جوڙيل ”اصطلاحن جي لغت“ 1987ع ۾ ڀارت مان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿي آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پڻ ”اصطلاحن جي اصليت“ جي نالي سان 1987ع ۾ لغت شايع ڪئي، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1993ع ۾ شايع ٿيو.

سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ شايع ڪرائي. هن لغت جو مقصد سنڌي زبان ۾ لفظن جو صحيح استعمال ڪرائڻ آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف مضمونن تي پڻ لغتون شايع ٿيون آهن. ڪنهن به مضمون جي اصطلاحن جي معنيٰ ڏيڻ، لغت جو خاص قسم آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ طب جي مضمونن تي حڪيم محمد جعفر انصاري ”فرهنگ جعفري“ 1946ع شايع ڪرايو. مرزا قليچ بيگ پڻ مختلف مضمونن تي لغتون مرتب ڪيون. موجوده وقت ۾ شمس الدين تنيو سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاحن جي معنيٰ سان جديد سائنٽفڪ ڊڪشنري انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ 1987ع ۾ مرتب ڪئي. هن لغت کي جديد طرز تي 1995ع ۾ روشني پبليڪيشن شايع ڪرايو. يقينن اهڙن علمي  تحقيقي ڪمن سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ٿئي ٿي.

اڄڪلهه لغتون اِنسائيڪلوپيڊڪ (Encyclopaedic Lexicographic) هيئت يا شڪل ۾ شايع ٿي رهيون آهن. اهڙيون لغتون نه صرف ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ بلڪ ٻين اهم موضوعن، جيئن ته عام معلومات زبان، علم ادب، تاريخ، جاگرافي، فنون لطيفه ۽ شخصيتن متعلق اهم معلومات ڏين ٿيون. اهڙي لغت جو مثال انگريزي زبان جي ”ويبسٽر نيو ٽُئنٽينٿ سينچري“ (Webster New Twenteenth Century Dictionary) جو آهي.

انسائيڪلوپيڊڪ لغت جو مثال:

ويبسٽر جي هن لغت مان انگريزي لفظن جي معنيٰ سان گڏ ٻي به معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي. جيئن ته انگريزي زبان جي تاريخ، نامور شخصيتن جي باري ۾ جيڪي انگريزي ادب ۽ لوڪ ادب ۾ ناميارا آهن، غير ملڪي لفظن ۽ فقرن بابت ڄاڻ، مقدس ڪتابن جي خاص نالن ۽ لفظن باب، خاص مخفف (Abbrevations) جيڪي عام طرح لکڻ ۽ ڇپائيءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن، علم رياضي ۽ ڌنڌي جي باري ۾ ماپ طور جي پيمائش جو چارٽ، مختلف شخصيتن ڏانهن مخاطب ٿيڻ لاءِ خطاب ڪيئن ڪجي، خاص نشانيون يا علامتون، جيڪي مختلف مضمونن ۽ استعمال ٿين ٿيون، مثلاً حسابن ۾ انگريزي انگ ”100“ لکبو ته رومن ۾ ”C“ اکر استعمال ٿيندو آهي. دنيا جي جاگرافي متعلق معلومات جيئن ته مختلف ملڪن، صوبن، رياستن جي ايراضي، آدمشماري، هوائي مفاصلا، جبلن جي بلندي ۽ قطارون، مختلف کنڊن جي ملڪن جا نقشا، آمريڪا جي تاريخ بابت اهم معلومات، آمريڪا جي صدرن جي زندگي بابت، آمريڪا جي نائب صدرن ۽ ڪيبينٽ آفيسرن بابت معلومات، آمريڪا جي قانونن بابت، گڏيل قومن جي ڪارڪردگي بابت اهم اصطلاح، جيڪي مالي ۽ ڪاروباري مضمونن ۾ استعمال ٿين ٿا، اٺن ٻولين انگريزي، ڊچ، فرينچ، جرمني، اٽلين، پورچوگيز، روسي ۽ اسپينس ۾ ڄاڻايل آهن ۽ آخر ۾ انڊو يورپين ٻولين جو چارٽ، جنهن ۾ سموريون مشرقي ٻوليون اچن ٿيون، مطلب ته هن ڊڪشنري ۾ انگريزي لفظن جي معنيٰ سان گڏ ٻي به جامع معلومات ڏنل آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊڪ لغت جي ضرورت ۽ خاڪو:

سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ ٻولي (Mono Lingual)، ٻن ٻولين (Bi Lingual)، کان وڌيڪ (Polyglot) ٻولين جون لغتون ۽ مضمونن جون لغتون گھڻي تعداد ۾ ڇپيون آهن، پر جيئن ته علم و ادب جي فروغ، جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ايجادن سان يا ائين چئجي ته ايڪويهين صديءَ جي تقاضائن جي تحت پڙهندڙن جون گھرجون جديد هيئت ((Forms ۾ انسائيڪلوپيڊڪ (Encyclopaedic Lexicography) لغت لاءِ واجھائي رهيون آهن. پکڙيل علم کي هڪ تسبيح ۾ پوئڻ، وقت ۽ علم جو بچاءُ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائڪلوپيڊڪ جامع لغت ترتيب ڏني وڃي. ڇاڪاڻ جو اڄ جو پڙهندڙ، ڪمپيوٽر جي ايجاد، سئٽيلائيٽ نظام، برقي مواصلاتي نظام، (E.mail) ۽ ٻين نهايت تيز رفتار موثر سلسلن جي حوالي سان گھٽ ۾ گھٽ وقت ۾ گھڻي کان گھڻي معلومات حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊڪ جامع لغت ترتيب ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي، جيئن علم جي بحر کي ترتيب سان سموئي ڪوزي ۾ بند ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر الانا ”لغات مخففات“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته انسائيڪلوپيڊڪ لغت اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ دنيا جي سمورين شين جي پوري ڄاڻ ڏني وڃي ٿي.

سنڌي انسائيڪلوپيڊڪ لغت جو خاڪو:

سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جو خاڪو تيار ڪرڻ لاءِ هيٺيان اهم نقطا سامهون رکي سگھجن ٿا:

- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

- سنڌي زبان جو بُڻ نبياد

- سنڌي زبان جا مختلف لهجا، اُچار ۽ گھاڙيٽا، مخففات، اشتقاق، اصطلاح، پهاڪا، پروليون ۽ چوڻيون

- نوان لفظ/ اهم معنيٰ ۽ مترادف ۽ متبادل لفظ

- مشرقي ٻولين جو چارٽ

- دنيا جي ٻولين جو چارٽ

- سنڌ جو اهم شخصيتون

- سنڌ جا مشهور سياستدان

- سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت جون نمايان شخصيتون

- سنڌ جو لوڪ ادب

- سنڌ جا نقشا، شهر ۽ ديهن جا نالا

- سنڌ جي جامع تاريخ

- سنڌ جي زراعت

- سنڌ جا مختلف ڌنڌا، هنر ۽ انهن جا اصطلاح

- سنڌ جون يادگار جايون

- سنڌي موسيقي ۽ ساز

- سنڌي ثقافت جا اهم پهلو

- سنڌي ۾ سائنسي، ٽيڪنالاجي، مالي ۽ ڪاروباري اصطلاح وغيره.

ان اهم ۽ تاريخي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سمورن علمي ۽ تحقيقي، تعليمي ۽ ثقافتي ادارن ۽ عالمن کي گڏجي ڌيان ڏيڻ کپي. اڄڪلهه اسان وٽ ڪمپيوٽر جي استعمال اشاعت جي ڪمن کي آسان ڪري ڇڏيو آهي، انڪري ان مان گھڻي کان گھڻو فائدو وٺڻ کپي.

سنڌ جي عالمن، محققن ۽ استادن جو فرض آهي ته پنهنجن ايندڙ نسلن کي اهو ڪجھ ڏيئي وڃن، جيڪو انهن جو حق آهي ۽ جنهن سان سندن روشن مستقبل وابسته آهي.

سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل لغتن جي سن وار فهرست:

(1) ”سنڌي- انگريزي لغت“ 1910ع، بولچند، بمبئي، اسٽيم پريس (صفحا 258).

(2) ”سنڌي- انگلش لغت“، 1910ع، پرمانند ميوارام، بمبئي، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني صفحا 464 (ٻيو ايڊيشن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1979ع ۾ شايع ڪيو).

(3) ”لغات لطيفي“، 1914ع، مرزا قليچ بيگ، شڪارپور، پوڪرداس اينڊ سنز، صفحا 380. (ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو.)

(4) ”پريميئر ڪنسائيز انگريزي- سنڌي لغت“، 1917ع، جي. بي. آڏواڻي، حيدرآباد، آڏواڻي ڪمپني صفحا 339.

(5) ”سنڌي لغات قديمي“، 1924ع، مرزا قليچ بيگ، حيدرآباد، سنڌي ساهت پبلشنگ، ص 368.

(6) ”ڪتاب انيس الطالين يعني ٽه- وايو عربي- پارسي- سنڌي لغت“، (سال ڄاڻايل نه آهي.) ميان امام بخش خان، شڪارپور، منشي پوڪرداس ٿانورداس، ص 38 (ليٿو).

(7) ”نئين اردو- سنڌي لغت“، 1950ع، ابن الياس سومرو، حيدرآباد، آزاد بڪ ڊيپو، ص 354.

(8) ”تحقيق لغات سنڌي“، 1955ع، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ. ص 476. (ٻيو ڇاپو 1957ع، ٽيون ڇاپو 1959ع، چوٿون ڇاپو 1963ع).

(9) ”سنڌي کٽمٺڙا عرف اصلطلاحات اصغر“، 1956ع، غلام اصغر، ڀاڱو پهريون (ا- ر)، ڀاڱو ٻيو (ز- ي) حيدرآباد، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، ص 574.

(10) ”سنڌي- اردو لغت“، 1959ع، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس. ص 766. (ٻيو ايڊيشن سنڌالاجي 1979ع ۾ شايع ڪيو).

(11) ”جامع سڌي لغات“، (پنجن جلدن ۾) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

- جلد پهريون (ا-ٻ) ص 516.

- جلد ٻيو (ڀ- چ) 1981ع، ص 517- 1047.

- جلد ٽيون (ج-ز) 1984ع، ص 1050-1525.

- جلد چوٿون (س- ڪ) 1985ع، ص 1526-3088

- جلد پنجون (ک- ي) 1988ع، ص 2195-3088.

(12) ”فهرنگ جعفري“، 1960ع (ٽن جلدن ۾) حڪيم محمد جعفر انصاري، مرتب: حڪيم نياز همايوني، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ.

- جلد اول ص 699.

- جلد ٻيو ص 610-1178.

- جلد ٽيون 1961ع، ص 1182-1453.

(13) ”اردو- سنڌي لغت“، 1960ع، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، ص 591.

(14) ”وئتپتي ڪوش“، 1964ع، جھمٽ مل نارومل وسڻائي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ص 71.

(15). ”مهراڻ، انگريزي- سنڌي لغت“، 1967ع، ثناء الله شيخ، سکر، عجائب اسٽور، ص 631.

(16) ”انگريزي- سنڌي لغت“، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ مولانا غلام اصغر، حيدرآباد، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ص 176.

(17) ”دي پاڪيٽ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري“، 1975ع، ڊبليو. اي. شاهاڻي، سکر، عجائب اسٽور، ص 629.

(18) ”لاڙ جي لغت“، 1975ع، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، ص 62.

(19) ”همدرد انگريزي ٽو سنڌي لغت“، 1977ع، امان الله عباسي ۽ ٻيا، سکر، ميمڻ بڪ اسٽال، ص 774.

(20) ”سامي ڌاتو ڪوش“، 1978ع، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، لاڙڪاڻو، ايم. اسلم ميان، ص 101.

(21) ”سنڌي ٽو سنڌي- انگلش لغت“، 1980ع، امان الله عباسي ۽ ڊاڪٽر محمد فريد عباسي، حيدرآباد، ميمڻ بڪ اسٽور، ص 650.

(22) ”جديد سائنٽيفڪ ڊڪشنري انگلش، سنڌي“ 1987ع، شمس الدين تنيو، ڪراچي، موهن جو دڙو پبلشنگ هائوس، ص 684. (ٻيهر جديد طرز تي 1995ع ۾ روشني پبليڪيشن طرفان شايع ص 1120.)

(23) ”سنڌي اصطلاح“، 1987ع، ليکراج ڪشنچند عزيز، ڀاڱو پهريون (ا-ج)، ڀاڱو ٻيو (ح-ي)، بمبئي، ص 351.

(24) ”عربي- سنڌي لغت“، 1988ع، غلام حسين جلباڻي، ڀاڱو پهريون (ا-ظ)، ڀاڱو ٻيو (ع-ي)، 1990ع، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ص 1645.

(25) ”لغات سنڌي مخففات“ 1991ع، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع، ص 129.

(26) ”سبيءَ جي ٻولي“، 1992ع، داد محمد ”خادم“ بروهي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 177.

(27) ”شڪارپور جي ٻولي“، 1992ع، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، سنڌي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص 110.

(28) ”ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي“، 1992ع، پروفيسر محمد فاضل شيخ، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص 146.

(29) ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ 1993ع، آخوند عبدالرحيم عباسي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص 782.

(30) ”اصطلاحن جي اصليت“، 1993ع، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڪراچي، سنديلو اڪيڊمي ص 148.

(31) ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“، 1992ع، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ڪراچي، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ص 909.

ببليوگرافي

(1) Burkett, j and Morgan, T. S: “Special material in the library” London, The Library Association, 1962.

(2) Lachhman Khubchandani, Dr: “Current trends in linguistic in Sindh” Vol v, The Hague, Mouton, 1969.

(3) “New websters  dictionary of the English Language”, Deluxe Encyclopaedic Edition. America, lexicon Publications 1985

(4) Referred Catalogue Cards Allama. I.I. kazi library oriental section.

(5) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”جامع سنڌي لغات“، ڀاڱو پهريون، 1960ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، (مهاڳ).

(6) محبوب اختر پٺاڻ: ”سنڌيءَ ۾ لغت نويسيءَ جي مختصر تاريخ“، ماهنامه نئين زندگي، مارچ 1993ع.

(7) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ”لغات سنڌي مخففات“، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com