”صاحب هردلعزيز آفيسر آهي ۽ عبدالمجيد چواڻيءَ هو
واقعي ماتحتن کي پنهنجو دوست سمجھندو آهي، تڏهن ته
کيس اهو سوفينيءَ جو سوٽ به ياد آهي.“ هن کي لڳو،
”جڏهن صاحب ڪراچيءَ واري هيڊ آفيس ۾ هوندو هو ته
به سندس اهڙي ئي مذاقي طبيعت هئي ۽ هُو کل مذاق
جون ڳالهيون ڪندو هو.....جن کي سجھندو هو ته صاحب
ٽوڪن جا پٿر وسائي رهيو هجي... پر هو ته ڪچا ڪچا
لطيفا ٻڌائي، ماڻهن کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندو هو....“
اوچتو صاحب وري ساڳيا ڇڇورا ۽ گھٽيا درجي جا لطيفا ٻڌائڻ شروع
ڪيا. ولي پاڻ کي سندس لطيفن تي کلڻ لاءِ تيار ڪرڻ
لڳو، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ هو صاحب جي لطيفن تي کلڻ
بدران خفي ٿيندو هو، تڏهن منهن چٻو ڪري دل ۾ چوندو
هو، ”ڪيڏو وڏو آفيسر آهي ۽ لطيفا ڪهڙا نه گھٽيا
ٿو ٻڌائي.“
پر اڄ وليءَ کي لڳو ته هو غلطيءَ تي هو، ڇاڪاڻ ته ٻيا سڀئي صاحب
لطيفن تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا. اهڙيءَ صورت
۾ هن کي پاڻ کي ٻوٿ بڇڙو ڪري ويهڻ سٺو ڪونه ٿي
لڳو. هن سوچيو ته ”جيڪڏهن هو آفيس کان ٻاهر واري
هن آزاد هوا ۾ به صاحب جي لطيفن تي نه کلندو ته
صاحب پڪ سان ائين سمجھندو ته وليءَ ۾ ذرو به سينس
آف هيومر ڪون آهي.“
پوءِ آهستي آهستي پنهنجي منهن تي مرڪ آندائين...۽ پوءِ هڪڙو وقت
اهڙو به آيو جو وليءَ کي صاحب جا غليظ ۽ بيهودا
لطيفا به انتها ئي عظيم محسوس ٿيڻ لڳا ۽ هو به ٻين
وانگر وات ڦاڙي، ڏند شيڪي، هٿن تي تاڙي هڻندي ٽهڪ
ڏيڻ لڳو.
”ابا ولي! اٿي پاڻي ته پيئار... هيڏا لطيفا ٻڌايا
اٿماءِ....ٿوري ته خدمت به ڪر يار...“
وليءَ کي صاحب جي جملي تي پهرين ته ڪاوڙ اچي ويئي پر يار لفظ
ٻڌي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. هڪ لمحي لاءِ هن کي صاحب
جو پاڻي گھرڻ سٺو نه لڳو مگر هن کي خيال آيو ته
”صاحب پنهنجن ماتحتن کي به دوست سمجھندو آهي نه ته
ڀلا هو ڪنهن بيري ٻيري کان پاڻي گھري ها ۽ هونئن
به پاڻي پيئارڻ ته ثواب جو ڪم به آهي.“ اهي سوچ
کيس مطمئن ڪري ڇڏيو ۽ هو اٿي وڃي صاحب لاءِ پاڻي
ڀري آيو.
صاحب پاڻيءَ جو هڪڙو ڍڪ ڀري وري هڪڙو ٻيو لطيفو ٻڌائڻ شروع ڪيو.
گلاس صاحب جي هٿن ۾ ئي هو ۽ ولي کائنس گلاس وٺڻ جي
انتظار ۾ بيٺو ئي رهيو، حالانڪ صاحب گلاس ٽيبل تي
به رکي ٿي سگھيو، پر وليءَ ادب جو مظاهرو ڪرڻ
مناسب ڄاتو ۽ بيٺو رهيو.
حالانڪ لطيفي ۾ کلڻ جي ڪابه ڳالهه موجود ڪانه هئي، مگر ٻين کي
کلندي ڏسي ولي به کلڻ لڳو. پوءِ صاحب وري هڪ ٻئي
جو قصو شروع ڪيو ۽ پاڻ به کلندي کلندي ٻٽجي ويو.
ايتري ۾ گھوٽ به پنهنجن مائٽن عزيزن سان گڏجي اچي
هال ۾ پهتو. گھوٽ سان، اهو صاحب به گڏ هو، جنهن کي
کلڻ هاب ڪرڻ لاءِ صاحب قصو ڪڍي کلي کيرو ٿي پيو
هو. اهو صاحب، سنڌي صاحب ڏانهن وڌي آيو ته صاحب
گلاس وليءَ جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ اٿي ساڻس مليو. اهو
صاحب ساڻس سٺي نموني مليو ۽ کيس پاڻ سان گھوٽ لاءِ
ٺهيل اسٽيج ڏانهن وٺي وڃي ويهاريائين. تڏهن وليءَ
کي سمجھ ۾ آيو ته:
”صاحب هڪ هردلعزيز شخص آهي، لطيفا ٻڌائڻ ۽ ماڻهن جون بڇڙايون
بيان ڪري ماڻهن کي کلائڻ صاحب جو مشغلو آهي.“ ائين
سوچيندي، وليءَ جو دل ۾ صاحب لاءِ ويٺل ڪاوڙ ۽ ڊپ
ڪافي حد تائين گھٽجي ويا.
نڪاح شروع ٿيو، دعا گھري ويئي ۽ پوءِ وٺ وٺان مانيءَ تي. گھوٽ
ويچارو اسٽيج تي اڪيلو رهجي ويو. کيس اڳي ئي تازن
گلابن بدران نوٽن جا هار پيل هئا ۽ ماڻهن به کيس
ڊيڪوريشن وارا اهي هار پارايا هئا، جيڪي عام طور
ڏاندن جي گوءِ کٽڻ کان پوءِ ڏاندن کي وجھندا آهن
يا پٺاڻ جن سان پنهنجون سائيڪلون سينگاريندا آهن.
عبدالمجيد ۽ ولي، مانيءَ لاءِ پيدا ٿيندڙ قيامت ۾ شامل ٿيڻ
بدران گھوٽ کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ اسٽيج ڏانهن ويا.
جتي اڃا سندن صاحب به موجود هو ۽ مانيءَ لاءِ
واجھائي رهيو هو....اصل ۾ هنن جو خيال به اهوئي هو
ته گھوٽ کي مبارڪ ڏيڻ جي بهاني صاحب کي مبارڪ ڏئي
وٺندا ۽ مانيءَ جي افراتفريءَ ۾ صاحب کي به ڪا
پليٽ ٺاهي آڻي ڏيندا. پر اڃا اسٽيج تي مس پهتا ته
صاحب وليءَ کي چيو:
”ولي، ڀڄ ته ڪا پليٽ ته پڪڙي وٺ.“
ولي حڪم بجا آڻڻ لاءِ پوئين پير موٽيو. جڏهن ته عبدالمجيد گھوٽ
کي به مبارڪ ڏني ته صاحب کي به. ولي ڪوبه ردعمل
ڏيڻ بجاءِ پليٽ ۾ پلاءُ ۽ گوشت ڀري آڻي صاحب کي
ڏنو.
”اڙي، چانور ته مان نه کائيندو آهيان وائڙا، ڪو نان ۽ ٻوڙ آڻي
ڏي.“
وليءَ صاحب جو لفظ ٻڌي هڪ لمحي لاءِ ته ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو، پر صبر
کان ڪم ورتائين ۽ صاحب کان پليٽ وٺي وڃڻ لڳو ته
عبدالمجيد کيس چيو:
”ترس ولي ته مان ٿو کڻي اچان.“
”نه مان کڻي ٿو اچان.“
”ها ها، وڃڻ ڏينس، ننڍڙو ته ناهي، ميان شادي شده آهي، ٻارن وارو
آهي ۽....“ صاحب پٽڙيءَ تان لهي ويو ۽ بيهي وليءَ
جي بڇڙائي ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. وليءَ ته ويچارو
هليو ويو صاحب لاءِ نان ۽ ٻوڙ آندو ته صاحب وري
کيس چيو:
”يار ولي معاف ڪجانءِ.......ڏسجانءِ ته متان سئيٽ ڊش نه ختم ٿي
وڃي.....هڪڙي رڪيبي ته ڀريو اچجاءِ.“
ولي وري موٽي مانيءَ واري جاءِ تي ويو.....سندس من تي لفظ وائڙي
واري ڪاوڙ ته موجود هئي، پر ”وري صاحب جو کيس يار
چوڻ ۽ معاف ڪجان چوڻ.....“ هن پنهنجي ذهن مان صاحب
لاءِ اٿيل ڪاوڙ کي جھٽڪڻ لاءِ لاحول پڙهي ورتي.
ولي سئيٽ ڊش جي رڪيبي ڀري کڻي آيو. جيئن ته صاحب جا هٿ واندا
ڪونه هئا، انڪري رڪيبي ولي پنهنجي هٿ ۾ ئي جھلي
بيهي رهيو. ولي پاڻ کي سمجھائڻ لڳو ته ”عبدالمجيد
جو چوڻ بلڪل درست آهي ته صاحب پنهنجن ماتحتن کي
دوست سمجھندا آهي ۽ دوست به پنهنجن دوستن لاءِ
ائين پليٽون جھلي بيهندا آهن يا دوست به دوستن کي
ذليل ڪري وٺندا آهن.....هي ڇاڪاڻ ته صاحب آهي ۽
مان جيئن ته احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيان، انڪري
صاحب جي ڳالهين تي دلي رنج ٿو محسوس ڪريان....“
”عبدالمجيد تم جائو، جاکر کهانا کهالو.“ صاحب پنهنجي اڌوراڻن
ڏندن سان گوشت جي ٻوٽيءَ کي ڇڪيندي ۽ وات ۾
لٻاڙيندي عبدالمجيد کي اردوءَ ۾ چيو ته ولي ٿورو
حيران ٿي ويو ته صاحب، ساڻس اردو ۾ ڇو ڳالهايو! پر
ولي اڃا اچرج ۾ ئي هو ته عبدالمجيد، ائين ڊوڙ پاتي
جيئن چچي مڇر کي ڏسي ڊوڙندي آهي.
صاحب جڏهن ماني کائي تن من ڍاري ورتو ته وليءَ کان سئٽ ڊش جي
پليٽ وٺي کيس مخاطب ڪيو:
”ولي ميان، ڏسجانءِ ته منهنجن مهمانن الائي ماني کاڌي الائي
نه.....“
ولي، صاحب جي مهمانن کي ڳولهڻ لاءِ وري دعوتين جي سمنڊ ۾ لهي
ويو. هن کي لڳو ڄڻ اهي ماڻهو مڇيون هجن ۽ کاڌي
لاءِ گڏ ٿيون هجن....صاحب جا مهمان به هڪ ڪنڊ ۾
روسٽ ٿيل ڪڪڙ کي ائين ڇني کائي رهيا هئا جيئن ڪتا
ڍونڍ کي ڇڪي ڇڪي پيا کائيندا آهن. وري جو انهن
وليءَ کي ايندي ڏٺو ته سڏي کيس چيو:
”ولي محمد، ڀائي ٻه چار ڪوڪو ڪولا ته کڻي اچجاءِ.“
ولي دل ۾ مرڪي ويٺو. اهو سوچي ته صاحب جي مهمانن کيس گھوٽيتن جو
ڪو ملازم سمجھيو هو، هو ويو ۽ ڪوڪ جي ڪريٽ ۾ ٻه
بچيل مگر پيتل بوتلون ئي آڻي کين ڏنيون. وليءَ
سوچيو ته ”صاحب جي مهمانن جي خدمت ڪندس ته......“
ان ئي لمحي کيس خيال آيو ته ”صاحبن جي خوشي ڀلا
خدمت ڪرائڻ ۾ ڇو هوندي آهي.“ وري خيال آيس ته
”شايد دنيا جو هر ماڻهو خدمت ڪرائڻ ۾ ئي خوشي حاصل
ڪندو آهي.“
ولي، ڪوڪ جون بوتلون ڏيئي وڃڻ لڳو ته مهمانن کيس چيو:
”ولي محمد، ڀائي هتان ٿورو مٺو ته آڻجاءِ.“
ولي، دل ئي دل ۾ مرڪندي موٽي ويو ٽيبل ڏانهن ۽ اتان ڪسٽرڊ جون
ٻه پليٽون ڀري کڻي آيو، حالانڪ بک ته وليءَ کي به
لڳي هئي پر هو صاحب جي مهمانن لاءِ سئيٽ ڊش جون
پليٽون هٿ ۾ ئي جھلي بيهي رهيو. هن چاهيو ته صاحب
جي مهمانن کي ان ڪنڊ ۾ بيهي کائڻ بجاءِ ڪنهن ٽيبل
تي ويهي کائڻ لاءِ چوي ته جيئن هو به وڃي ماني
کائي سگھي پر هو بيٺو رهيو.
ان ئي وقت عبدالمجيد به مڇون صاف ڪندي وٽن اچي پهتو. هن جي هڪ
هٿ ۾ پليٽ هئي ته ٻئي هٿ ۾ ٽشو پيپر هو جنهن سان
بار بار ٻوٿ پئي صاف ڪيائين.
”ڪيئن ولي، ڪجھ کاڌءِ به....؟“
”نه يار دل ئي ڪانه ٿي چوي.“ حالانڪ دل ۾ چيائين، ”ڏسين ڪونه ٿو
ته صاحب جا گابا پيو ٿو بيٺو چاريان.“
”اڙي ميان پنج ڇهه رپين جو تحفو ڏنو اٿئي ته ڪجھ ته کاءُ پيءُ.“
وليءَ جي منهن تي مرڪ اچي ويئي، عبدالمجيد جي گفتگو تي نه پر
پنج سو ڏئي پليٽ ڀري کائڻ تي. هن دل ۾ چيو، ”ماڻهو
به ٻن سون جو حساب ڪيئن نه بيهودي نموني ٿا چڪتو
ڪن جو کائڻ به سولو ڪين ٿا، ائين ته جانور به نه
کائيندا آهن.“
ولي اڃا پنهنجي خالي پيٽ ۾ ڪو مانيءَ گرهه وجھڻ جو سوچيو ئي مس
ته مٿان سندس صاحب به اچي پهتو ۽ ايندي شرط پنهنجن
انهن ٻن مهمانن کان پڇيائين:
”ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ڪانهي.“
”نه بس، گنج ٿي ويا.“
”اڙي يار ولي محمد، مون واري ڊرائيور الائي ماني کاڌي الائي
نه؟“
وليءَ دل ۾ سوچيو ته ”پنهنجي يا مهمانن جي خدمت جي شاباسي به
ڪانه ڏنائين نه ئي ايترو پڇيائين ته ميان ولي تو
به ڪا مانيءَ جي ڌوڙ پاتي يا.....ڊرائيور جو ڪيڏو
اونو اٿس.“ پر هن پاڻ کي اطمينان ڏياريندي چيو،
”صاحب پنهنجن ماتحتن کي دوست سمجھندو آهي، انڪري
کيس پنهنجي ڊرائيور جي به ڳڻتي آهي....مون لاءِ ته
هن کي پڪ هوندي ته مون کائي تن من تازو ڪري ڇڏيو
هوندو.....۽ پيٽ ڀرئي جون ٻه چار اوڳرايون به ڏئي
ڇڏيون هونديون.“
هو سوچيندو ۽ پاڻ کي مطمئن ڪندو هال کان ٻاهر آيو ۽ اچي صاحب جي
ڊرائيور کي ڳولڻ لڳو، پر کيس گاڏي ۽ ڊرائيور ڪٿي
به نظر ڪونه آيا ته هن موٽي اچي صاحب کي ٻڌايو:
”سر، ڊرائيور ته ٻاهر ڪونهي.“
”ڇو ڪاڏي ويو؟“
”سر، ٻاهر گاڏي به ڪانهي.“
”اڙي اغوا ته نه ٿي ويا!“
”خبر ناهي....شايد سر....“ ولي چوڻ وارو هو جو عقل اچي ويس ۽
زبان کي ڳالهائڻ کان روڪي ورتائين.
”روڪيو به اٿمانس ته جڏهن به ڪاڏي وڃين ته ٻڌائي ويندو
ڪر....مگر هڪڙي ڀيري ڇا ٿيو....جو....“ ائين
چوندي، صاحب وري ڊرائيور جو ڪو قصو ڪڍي
بيٺو....بنهه اجايو.....ڪنهن غريب کي ذليل ڪرڻ
لاءِ.....ڪنهن جي غربت تي ماڻهو کلائڻ
لاءِ....وليءَ کي لڳو، ”شايد جيڪي صاحب پنهنجن
ماتحتن کي دوست سمجھندا آهن، اهي انهن کي ذليل ڪرڻ
جو به حق رکندا آهن ۽ هونئن ڏٺو به ويو آهي ته
دوست دوستن کي بيعزت ڪرڻ ۾ آزاد به هوندا آهن.“
صاحب جو قصو ٿورو ڊگھو ٿي ويو ته وليءَ کي به الائي ڇا ٿو ويو
جو هڪدم صاحب جي ڳالهه ۾ شامل ٿي ويو ۽ کلندي صاحب
جي ڳالهه کي ٽيڪ ڏيندي چوڻ لڳو:
”سر، اوهان چوندا آهيو نه ته ڊرائيور ۽ سوناري ۽ ڪاسائيءَ جي
فطرت هڪجھڙي ٿيندي آهي.“ ولي، ائين چئي ته ويٺو
مگر ڃلد ئي کيس احساس ٿيو ته صاحب جي خوشنودي صاحل
ڪرڻ لاءِ هن کي سونارن، ڊرائيورن يا ڪاسائين جي
فطرت جو حوالو ڏيڻ نه کپندو هو....“ هن کي ائين
چوڻ ئي نه کپندو هو....“ شايد اهو مثال صاحب کي به
نه وڻيو هو، شايد صاحب کي سمجھ ۾ ئي ڪونه آيو هو،
يا شايد اهو مثال صاحب ڏنوئي ڪونه هو. وليءَ کي
بهرحال شرمندگي ٿيڻ لڳي. صاحب هيڏانهن هوڏانهن
لوڻو ڦيرايو ۽ پنهنجي ۽ وليءَ جي ڳالهه کي پاڻ ۾
ملائيندي چوڻ شروع ڪيو ۽ وليءَ کي لڳو ڄڻ صاحب
سندس ئي حوالي سان کيس مذاق جو نشانو بنائيندو
هجي، ۽ ڳالهه واقعي هئي به اهڙي ڪچي جو سڀئي لکڻ
لڳا. مگر ويچارو ولي کلي نه سگھيو، هن کي کلڻ
گھربو به نه هو، ڇاڪاڻ ته صاحب اهو لطيفو هن کي ئي
بيعزت ڪرڻ لاءِ ٻڌايو هو. مٿان ٽڪ ڪندي پڇيائين:
”ڪيئن ولي محمد، طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟“ صاحب لطيفي جي آڙ ۾ ڪيل
جملي جو تاثر معلوم ڪرڻ لاءِ کائنس پڇيو. صاحب جو
جملو ٻڌي وليءَ کي احساس ٿيو ته شايد هن کي پنهنجي
بيعزتيءَ جي باوجود ٻين وانگر ٽهڪ ڏئي کلڻ کپندو
هو، ڇاڪاڻ ته ”ڳالهه کلڻ جي هئي، کلڻ لاءِ
هئي....۽ جيئن ته صاحب پنهنجن ماتحتن کي دوست
سمجھندو آهي ته انهن سان ان طرح کل کل به ڪندو
رهندو آهي پر هن کي اجايو احساس ڪمتري آهي جو هر
ڳالهه کي پنهنجي بيعزتي ڀانئي رهيو آهي.“ تڏهن
اوچتو هن کي عقل اچي ويو جو پاڻ سنڀاليندي هلڪو
کلندي چوڻ لڳو:
”سر! منهنجو ڌيان، اوهان جي ڊرائيور ۽ گاڏيءَ ڏانهن هو.“
”واه ڙي ميان ولي محمد، گاڏي سرڪاري، ڊرائيور سرڪاري ۽ ڳڻتيءَ
ورايو آ توکي.“ ائين چئي صاحب هيڏانهن هوڏانهن
بيٺل ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪرڻ لاءِ ڏسندي
کلندي چيو. ان وچ ۾ صاحب جا ٻيا ٽي مهمان به اچي
سهڙيا هئا، جيڪي لڳو ٿي ته آيا ئي صاحب جي ڳالهه
تي کلڻ لاءِ هئا. ولي انهن سڀني جي کلڻ تي ڪنفيوز
ٿيڻ بجاءِ پنهنجي ڀڳل ديوار جھڙي ٿي ويل منهن تي
هڪ دردناڪ مرڪ جو پوسٽر چنبڙائڻ لڳو ته صاحب وري
ٽوڻو هڻندي چيس:
”منهنجو خيال آهي ته ولي تون وڃي ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي اچ ته
سرڪاري گاڏي ۽ سرڪاري ڊرائيور ٻئي اغوا ٿي ويا
آهن.“
ولي پنهنجي منهن تي دردناڪ مسڪراهٽ کي برقرار رکندي ڳالهه کي
بدلائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ ٿي ويئي ته صاحب
مذاقي ماڻهو آهي، ۽ مذاق مذاق ۾ دوست دوستن کي
مذاق جو نشانو به بنائيندا آهن:
”سر! چانهن هلندي.“
”واهه ڙي ولي، ميان جيڪڏهن مون وٽ ملازم نه هجين ها ته خدا جو
قسم واقعي ولي هجين ها پر پوءِ نالي جو چاليهون
اثر تو ۾ آهي، تڏهن ته اسان جي دل جي ڳالهه ڪئي
اٿئي ... پر هي بيرا ٻيرا ڪاڏي ويا آهن.“
”سر! مٿين آسمان تي ويا آهن.“ وليءَ کلندي چيو. هن جو خيال هو
ته بيرا هال جي مٿين حصي ڏانهن هليا ويا هئا، جتي
عورتن جو بندوبست ٿيل هو. صاحب، سندس حاضر جوابيءَ
کان متاثر ته ٿيو مگر هن کي اها ڳالهه بنهه پسند
ڪانه آئي ته سندس ماتحت هن کان وڌيڪ ذهين هجيءَ
تڏهن منهن ٺاهي کانئس پڇيائين:
”ابا ولي، ڪا فلاسافيءَ جي ڳالهه ته ڪانه ڪئي اٿئي ڪيئن؟“ صاحب،
ٻين کي پاڻ سان شامل ڪرڻ لاءِ اکين جو اشارو ڪندي
چيو، ”اڙي ها! سچ....تو ته ڪهاڻيون به لکيون آهن
نه؟“ وليءَ جي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي چوڻ لڳو، ”پر
ميان ولي محمد، الائي ڇو اسان کي تنهنجي ڪهاڻين
متاثر نه ڪيو آهي.“
وليءَ جي دل ۾ آيو ته کيس چوي، ”سر اوهان منهنجون ڪهاڻيون
پڙهيون ڪٿي آهن!“ پر ولي، وات ۾ آيل جملي کي ٿڪ
وانگر ڳهي ڇڏيو، هن سوچيو ته ننڍي مرتبي وارا دوست
پنهنجي وڏي مرتبي وارن دوستن سان مذاق ڪرڻ يا کين
حقيقت کان کان آگاهه ڪرڻ جو حق نه رکندا آهن.“
پوءِ هن سوچيو ته صاحب کي چوي، ”سر اوهان پڙهندا
آهيو لطيفن وارا ڪتاب، ٻڌندا آهيون لطيفا ۽ سي به
ڇڇوڙا، ڪچا ۽ ڪنا...اوهان کي ادب جي ڪهڙي خبر!“
وليءَ هڪ اونهو ساهه کنيو ۽ صاحب کي صرف ايترو
چيو:
”بس سر! ڪهاڻيون ڇا آهن، مڙئي....بس....“ نه چاهيندي به ولي
انڪساريءَ سان چيو:
”اصل ۾ ڇاهي ته سڀئي ڪهاڻيڪار ٻين جي براين تي لکندا آهن، پر
پنهنجن براين يا عادتن تي ٿوري به نظر نه وجھندا
آهن.“
”جي سر...“ وليءَ ڪنهن فرمانبردار ملازم وانگر کيس چيو، ”پر سر!
اها انساني فطرت آهي ته ماڻهو کي پنهنجون برايون
نظر نه اينديون آهن.“ جملو، وليءَ پنهنجي اندر ۾
ٿيل اهاءُ ۽ ادراڪ سبب چيو، جنهن لاءِ کيس پتو به
هو ته صاحب سندس جملي جي چوٽ کي محسوس ڪندي، کيس
وڌي بيعزت ڪري ڇڏيندو، پر صاحب سندس جملو ٻڌي في
الحال ته تارا ڦوٽاري کلڻ لڳو.
”اڙي واه ولي، اڄ ته ڪي وڄ جا پاڻي پيتل ٿا لڳنئي.“
”سر! اوهان جي عنايت هجي.“
”ڀلا چانهه پيئارڻ وسري ويئهءِ ڇا؟“ صاحب کيس ياد ڏياريندي چيو:
”ها، سوري سر!“
”ولي يار پوءِ ولايت ڪيئن ملندءِ، جي ائين ويسارو ٿي پيئهءِ
ته!“
ولي مرڪندو، چانهه کڻڻ هليو ويو. موٽي آيو ته سندس هٿن ۾ وڏي
ٽري هئي، جنهن ۾ اٺ ڏهه چانهه جا پلاسٽڪ وارا گلاس
رکيل هئا.
”ڀلا ڇا سموري ڄڃ جي چانهه پيئارڻ جو ارادو اٿيئي ڇا؟“
سر! خدمت ڪجي ته ڀرپور ڪجي.“
”يار ولي معاف ڪجان، مون سمجھيو هو ته تون دنياداريءَ کان واقف
نه آهين، پر منهنجو خيال غلط نڪتو، تون ته يار
ڏاڍو ٺاهوڪو ماڻهو آهين....پر تو ماني ڌاني کاڌي
آ؟“
صاحب جو جملو ٻڌي خوشيءَ کان وليءَ مرڪي ڪنڌ سان هائو ڪري ڇڏي،
حالانڪ هن ماني بلڪل به نه کاڌي هئي. هن جو ته پيٽ
صاحب جي ان هڪڙي جملي ئي ڀري ڇڏيو. وليءَ جي دل
خوشيءَ کان ائين ڦوڪجي ويئي، جيئن ڦوڪڻو ڦوڪجي
ويندو آهي. خوشيءَ کان هو پنهنجي جاڳيل هئڻ تي شڪ
ڪرڻ لڳو. هن کي لڳو، ڄڻ ڪو سهانو سپنو ڏسندو هجي.
صاحب جو اهوئي جملو هو جنهن صاحب جي متعلق سمورين غلط فهميون
دور ڪري ڇڏيون، ۽ هن کي پڪ ٿي ويئي ته صاحب واقعي
پنهنجن ماتحتن کي دوست سمجھندو آهي. ان احساس تحت
هو عبدالمجيد جي ڏنل صلاح مطابق ٻئي ڏينهن صبح جو
هڪ وڏي اميد کڻي صاحب جي ڪمري ۾ گھڙي ويو:
”آ ميان ولي محمد، ڪهڙو حال آ؟“
”سر اوهان جون عنايتون آهن...“ الله جي سهاري آهيون، اوهان جي
سهاري آهيون.“
”نه نه، ڪو ڪم ڪار هجيئي ته ضرور چئجانءِ...ڏس تون آهين حجابي
ماڻهو، سو بابا حجاب ٻجاب نه ڪجاءِ.“
صاحب کي ايترو مهربان ڏسي وليءَ کي به موقعو ٺهي آيو، سو هٻڪندي
هٻڪندي ساڻس پنهنجن ٻارن جي اسڪول وڃڻ واري ڳالهه
ڪندي، آفيس جي سرڪاري گاڏيءَ تي پنهنجن ٻارن جي
آڻڻ نيڻ جو عرض ڪري ويٺو.....
هڪ ڀيري:
ڪتي کان پڇيائون ته ”تون ويچاري پينو فقير تي ڇو ڀونڪندو آهين؟“
تنهن تي ڪتي چيو ته ”آئون ڪتو آهيان، پوءِ به پنهنجي مالڪ جي در
تي ويٺو آهيان، پر هي انسان ٿي ڪري به پنهنجيءَ
ڌڻي جو در ڇڏي، ماڻهن جي درن تي پنندو ۽ ڀٽڪندو ٿو
وتي، انڪري ڏاڙهيو چڱو آهي.“
غلطيءَ ولي جي هئي، جو صاحب کي ٿورو مهربان ڏسي، پنهنجي اوقات
وساري ويٺو ۽ وائڙن وانگر غفلت ڪري جيڪا ڌوڙ پائڻي
هئس، سا پائي ويٺو.
۽ صاحب جيڪو چيس، انهيءَ جا اکر هڪ خدا جي ڪاغذ تي لکيل آهن ۽
ٻيو وليءَ جي دل تي اڪريل آهن، جن سندس من تي
ناڪاميءَ ۽ بيعزتيءَ جا نه مٽجندڙ داغ ڪري ڇڏيا
آهن.
۽ هن جي دل کوري وانگر ٻري رهي آهي ۽ پاڻ لعنت ملامت ڪندي هو
دور کان نظر ايندڙ اونچن پهاڙن ڏانهن پنڌ وڃي رهيو
آهي...اندر جي عذاب کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ.. |