صوفيا ۽ سندس بالا آفيسر، اسٽيج تي چڙهي، روسٽرم وٽ وڃي بيٺا.
اول سندس آفيسر ڳالهايو ۽ صوفيا جي ڪم جي تعريف
ڪئي. پوءِ پاڻ مختصر لفظ چيائين ۽ دوستن ۽ ساٿين
جو شڪريو ادا ڪيائين. بعد ۾، مائيڪ تي اعلان ٿيو
ته، ”مهمان پاسي واري ڪمري ۾ چاءِ ۽ ڪافي پيئڻ
هلن.“
مهمان پاسي واري ڪمري ڏانهن ويا، ته مان خاموشيءَ سان آڊيٽوريم
مان ٻاهر نڪري آيس. اول سپرمارڪيٽ هليو ويس. اتي
افغاني غاليچن جو هڪ دڪان هوندو هو. دل وندرائڻ
لاءِ اڪثر ڪري، اتي هليو ويندو هئس. تاريخي ڪتاب ۽
تاريخي غاليچا ڏاڍا دلچسپ هوندا آهن. مون ٻڌو آهي
ته سڀ کان عمدا تاريخي غاليچا مشهد ۾ امام علي رضا
جي روضي تي رکيل آهن. پر، اسلام آباد ۾، انهيءَ
دڪان تي به ڪي سٺا هوندا هئا. بخارا جا ٺهيل هئا.
افغان مهاجرين پاڪستان کڻي آيا هئا. ليڪن، انهيءَ
ڏينهن اتي به دل ڪانه وندري، سو، ڪتابن جي دڪان ۾
هليو ويس. ادب تي، تاريخ تي ثقافت تي، ڪتابن جا
ڍير رکيا هئا. پر، مون کي ڪو به ڪونه وڻيو.
آخر ۾، سبز چاءِ پيئڻ لاءِ انهيءَ هوٽل ۾ هليو ويس، جتي صوفيا
جي پهرين پهرين دعوت ڪئي هئم. مانيءَ جي ٽائيم ۾
اڃا گھڻي دير هئي، سو، سڄو هال خالي پيو هو. بيرر
شام جي دستور چاءِ (HIGH- TEA)
جو سڄو سامان ۽ ٿانوَ به کڻي ويا هئا. ڪو ايڪڙ
ٻيڪڙ ماڻهو ڪنهن ڪرسيءَ تي نظر ٿي آيو. هڪڙو بيرر
منهنجو چڱو واقفڪار هو، سو مون کي ڏسي تڪڙو تڪڙو
آيو ۽ چيائين ته، ”سَرِ، ڇا آڻيان؟ سبز چاءِ؟“
کيس خبر هئي ته سندن هوٽل جي ’سبز چاءِ‘ مون کي ڏاڍي وڻندي آهي.
پر، ان ڏينهن، مون کيس آهستي چيو: ”COFFEE WITHOUT MILK“
* * *
صوفيا ڪڏهن پنهنجي وطن ويئي ۽ ڪير کيس ايئرپورٽ تي ڇڏڻ ويو،
تنهن جي مون کي ڪابه خبر ڪانهي. ان ڏينهن کان
پوءِ، مون سندس آفيس وٽان لنگھڻ ڇڏي ڏنو. سندس
آفيس ڏسي فيض ياد ايندو هو:
تم کيا گئي که روڻهه گئي دن بهار کي
هڪ دفعي ڪنهن لاچاري ڪم سان سندس آفيس ۾ وڃڻو پيو. سندس ماتحت
آفيسرن ۾ هڪ خاتون هئي، جا منهنجو خيال رکندي هئي.
ڏسي، ڏاڍي خوش ٿي. ڪم جي ڳالهه توجھ سان ٻڌائين ۽
مدد جي خاطري ڏنائين. پوءِ سبز چاءِ گھرايائين ۽
شڪايت ڪيائين ته ”صوفيا جي وڃڻ کان پوءِ توهان ته
اسان کي صفا وساري ڇڏيو آهي.“
مون کانئس پڇيو ته، ”صوفيا جي ڪا خبر چار؟“
اهو ٻڌي، وائڙي ٿي ويئي. چيائين ته، ”ڇو، توهان جي ساڻس خط و
ڪتابت ڪانهي؟“
مون چيو ته ”مون وٽ سندس ايڊريس ڪانهي.“
صوفيا جي ايڊريس ڏيندي چيائين ته، ”مون سمجھيو، ته اسان کي
اوهان وٽان سندس تازو احوال ملندو. جڏهن هِتِ
هوندي هئي، ته اسان اوهان جي دوستيءَ جون الائي ته
ڪيتريون ڳالهيون ڪندا هئاسين.“
* * *
صوفيا جي آفيس ۾ هڪ پاڪستاني عملدار هوندو هو، جو رٽاير ڪرڻ کان
پوءِ، لڏي پلاڻي، پنهنجيءَ فيمليءَ سميت ولايت
هليو ويو هو. پورا پنج ورهيه اتي ٽڪي، وري پنهنجي
ملڪ ۾ موٽي آيو. سندس گھرواري صوفيا جي مداح هئي.
وڏ گھراڻي، پڙهيل ڪڙهيل، جوان، خوبصورت ۽ امير
عورت هئي. ڪيترا ڀيرا صوفيا جون شاندار دعوتون
ڪيون هئائين. ڪن ۾ مون کي به سڏيو هئائين. سندس هڪ
دعوت ۾، مون کي نماز لاءِ وضو ڪرڻ واسطي سندس
غسلخاني ۾ وڃڻو پيو. اهڙو عمدو غسلخانو ته مون
ايوان صدر جي بيڊرومن ۾ به ڪونه ڏٺو هو. منجھس غسل
لاءِ، باٿ ٽب جي بدران، ڪنول جي گل وانگر ننڍڙو
سئمنگ پول هو. بت اگھڻ لاءِ مختلف رنگن جا ٽيهه
چاليهه ٽوال چوڌاري ٽنگيل هئا. غسل کان پوءِ جسم
کي معطر ڪرڻ لاءِ، سينٽ ۽ پرفيوم جون پنجاهه کن
مختلف ورائٽيز، وڏي سليقي سان رکيل هيون. اهو منظر
ڏسي، مون کي رسالي جي هڪ سِٽ ياد آئي:
”عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تَنَ.“
صوفيا جي انهيءَ خاتون سان ڏاڍي سڪ هئي ۽ چرچي طور کيس پنهنجي
’خليفي‘ ڪوٺيندي هئي. خليفي ولايت مان موٽي، ته هڪ
ڏينهن مون سان ملڻ آئي. ولايت جا حال احوال ڏيندي
چيائين ته ”مغربي ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو طور
طريقو نرالي نوع جو آهي. اسان جي سوچ ۾ ۽ سندن سوچ
۾، قطبين جو فرق ۽ فاصلو آهي. اصل ڳالهه اها آهي،
ته مشرق مشرق آهي، مغرب مغرب آهي. ٻنهي جو رُخ ۽
رواج جدا جدا آهي.“
مون خليفيءَ لاءِ سبز چاءِ گھرائي. پهريون ڍُڪ ڀريندي ئي
پڇيائين ته: ”صوفيا جي ڪا خبر؟“
مون چيو ته، ”مون وٽ سندس ايڊريس ڪانه هئي. سندس آفيس مان ملي
هئي. کيس ڪرسمس ڪارڊ موڪليم، پر، وٽائنس جواب ڪونه
آيو.“
اول ته عتبار ڪونه آيس. پوءِ حيران ٿي چيائين ته، ”جڏهن هِت
هئي، تڏهن ته اوهان جو خاص خيال رکندي هئي.“
مون چيو ته، ”هر انسان کي سوين مسئلا آهن. اسان کي ڪهڙي خبر ته،
هن غريب جا اڄڪلهه ڪهڙا مسئلا آهن؟“
چيائين ته، ”اهو ته صحيح آهي. وڏي ڳالهه ته سندس فيملي لائيف به
لُڏي ويئي آهي.“
مون چيو، ”ڇا مطلب؟“
چيائين ته، ”توهان کي ڪا خبر ڪانهي!“
مون چيو ته، ”نه“.
چيائين ته، ”اسلام آباد اچڻ کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ريجنل آفيس جي
ڊائريڪٽر هئي، جتي ڪنهن پاڪستاني شاعر سان شناسائي
ٿيس. جڏهن اسلام آباد بدلي ٿي آئي، ته موڪل جي
ڏينهن، مثلاً آچر ڏينهن، ساڻس ڪراچيءَ ملڻ ويندي
هئي. پاڻ وڃي نه سگھندي هئي، ته هو وٽس اسلام آباد
هليو ايندو هو. بعضي ته ڏينهن ٻه ٽڪيو به پيو
هوندو هو. صوفيا جو مڙس گھر ۾ هوندو هو ۽ ساڳئي
سفارتخاني ۾ عملدار هو. اول ته هن اهو معاملو
برداشت ڪيو. پر نيٺ اعتراض ڪرڻ لڳو ائين، زال ۽
مڙس ۾ اڻبڻت ٿي ۽ روز بروز وڌندي ويئي. آخرڪار، هن
صوفيا کي طلاق ڏني ۽ پنهنجي بدلي ڪرائي، ڪنهن نئين
ملڪ ۾ هليو ويو. صوفيا کي منجھانئس هڪ پٽ هو. ٻنهي
ڄڻن ٻار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيا. سندس ملڪي
قانون موجب، ٻار صوفيا کي ئي مليو. هوءَ به پنهنجي
بدلي ڪرائي واپس وطن هلي ويئي. سندس پاڪستاني شاعر
دوست ساڻس گڏ ويو. سڄو سال وٽس ٽڪيو پيو هو. کيس
شاديءَ لاءِ زور ڀريندو رهيو. پر، صوفيا جو چوڻ هو
ته شادي ڪنداسين، ته قانون موجب منهنجو ٻار مون
کان کسجي ويندو. ائين رهيو پيو هوندين، ته ڪوبه
اعتراض ڪونه ٿيندو. هاڻي، اهو شاعر لاچار واپس وطن
موٽي آيو آهي.“
مون حيرت مان خليفيءَ کان پڇيو ته، ”اهو شاعر ڪو غير معمولي شخص
آهي ڇا؟“
خليفيءَ نِرِڙَ ۾ گھنجُ وجھي چيو ته، ”اهڙي ته منجھس ڪابه ڳالهه
ڪانهي.“
مون کيس چيو ته،”پوءِ صوفيا منجھس ڇا ڏٺو، جو پنهنجو مڙس ڇڏي
ڏنائين؟“
خليفيءَ چيو ته، ”هاڻي اهو ته ڏاڍو ڏکيو سوال آهي! بس، عورت جي
پنهنجي پسند آهي.“
اهو ٻڌي، مون کيس چيو ته، ”هائو، برابر هر انسان کي پنهنجيءَ
پنهنجي پسند جو حق آهي.“
خليفيءَ چيو ته، ”اوهان ڇا ٿا سمجھو؟ صوفيا پنهنجو مڙس ڇو ڇڏي
ڏنو؟“
مون کيس چيو ته، ”مون کي ڪهڙي خبر؟ صوفيا مونکي پنهنجي مڙس سان
ڪڏهن به ڪونه ملايو هو. انسان جي اصل طاقت سندس
ذهانت آهي. ڪيئن چئجي ته هو صوفيا جيترو ذهين هو
يا نه؟ هڪ ڳالهه ته پڌري پيئي آهي: مغربي معاشري ۾
بي- جوڙ شادي هلي نٿي سگھي. ”WEDLOOK
BECOMES DEAD LOCK“
خليفيءَ چيو ته، ”اها ڳالهه به پڌري پيئي آهي، ته صوفيا
غيرمعمولي ذهين هئي. عقاب جھڙي طاقتور پکيءَ کي
پرواز لاءِ کليل فضا کپي.“
خليفيءَ مون کان موڪلائي ويئي، ته مان به آفيس مان اُٿيس. هن
صوفيا جي فيملي لائيف جو جيڪو قصو ٻڌايو. سو، الف
ليليٰ جو داستان جو داستان ٿي لڳو. اسان جي آفيس
جي پاسي ۾
ROSE AND JASMINE
گارڊن هو، جتي گلن جي نمائش لڳي هئي. مان آفيس مان
اٿي، اتي هليو ويس. گُلَ ڏاڍا سهڻا هئا. پر، مَنَ
۾ مونجھ هئي. سو، اُتان وندُرَ لاءِ ڪتابن جي
دڪانن ڏي هليو ويس. هڪڙي پُٺيان ٻئي دڪان ۾ ويس.
ڪيئي ڪتاب ڏٺَم. ڪتابُ انسانَ جو بهترين دوست آهي.
ليڪن، انسان کي حقيقي خوشي وري به ٻئي انسان جي
قرب ۽ خلوص مان ملي ٿي. سو، ڪتابن جي دڪانن ۾ به
مزو ڪونه آيو. جيڪو ڪتاب ٿي کوليم، تنهن ۾ خواجه
فريد جي مشهور ڪافي، سرورق نظر ٿي آئي: ”مونجھ
فريد مزيد هميشہ ....“
هڪ دڪان تي
SONG- LINES
جو پيپر بئڪ ايڊيشن رکيو هو. بروس چئٽون جو جملو
WALK IN THE WILDERNESS
ياد آيو. مون سوچيو ته هن دنيا ۾ الائي ته ڪيترا
انسانَ سڄي عمر سُڃ ۾ سفر ڪندا رهن ٿا. جيڪي سفر
خدا جي راهه ۾ ٿين ٿا، تن جي ته ڳالهه ئي جدا آهي.
پر، جيڪي سفر رڳو دنيا جي دوستن خاطر ڪجن ٿا، تن
جا نشانَ به ڪيئن نه دل تي يادگار رهجي وڃن ٿا!
* * *
ڏينهن گذرندا ويا. صوفيا وسري ويئي. پر، ڪڏهن ڪڏهن سندس ڳالهيون
ياد اينديون هيون. سندس راءِ صحيح ثابت ٿي ته، ”هر
زخم مٽجي وڃي ٿو، پر دل تي داغ ڇڏي وڃي ٿو.“ – دل
جا داغ ڏاڍا ڏکيا مِٽجن ٿا. تڏهن ته ڀٽائيءَ چيو
آهي: ”داغُ تنهنجو دائما، ماري معذوُرِنِ.“
هڪ ڏينهن ٻيو هڪ ڇرڪائيندڙ واقعو ڏٺم. اسلام آباد جي سپر
مارڪيٽ ۾ هڪ شخص روز شام جو پشاور مان تازو پَنيرُ
((CHEESE
آڻي وڪڻندو هو. دڪان جي اڳيان، ورانڊي ۾ ڪيلي جا
سبز پَنَ وڇائي، مٿن سفيد پنير جا وڏا وڏا چَڪَ
رکندو هو ته ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويندا هئا. مان به
هڪڙي ڏينهن کانئس پنير وٺڻ لاءِ ميڙ ۾ وڃي بيٺس،
ته صوفيا جي آمريڪي سهيليءَ جو سرائڪي خاوند اچي
لنگھيو. مون تي نظر ڪانه پيس، پر مون کيس ڏٺو.
سندس پٺيان هڪ عورت هئي. جھنگ ۾ ٻڪرار اڳيان هلندو
آهي، ته ٻڪريون خودبخود سندس پٺيان هلنديون آهن.
بجنسي اهو منظر منهنجين اکين اڳيان هو. مائي صاحبه
جو منهن مهانڊو، لٽو ڪپڙو ۽ طور طريقو ائين ئي
سادو هو، جيئن اسان جي ڳوٺن ۾ رهندڙ اڪثر خواتين
جو هوندو آهي. مڙس جون فرمانبردار، شريف ساديون،
نيئنءَ دنيا جي غمزن کان بي نياز. سرائڪي يارَ به
جينس پينٽون پائڻ ڇڏي ڏنيون هيون. سڌيءَ سنئينءَ
سلوار قميص ۾ تڪڙو تڪڙو هلندو پئي ويو. ڪنهن مهلَ
ڪنڌ ورائي، پنهنجيءَ گھرواريءَ کان ڪجھ پڇيائين،
جنهن جو جواب هن ’هائو‘ ۾ ڏنو. پوءِ ٻئي اڳتي هليا
ويا. هن ٻئي شادي ڪڏهن ڪئي؟ مغربي ميم، کانئس
ڪڏهن، ڪيئن ۽ علحدگي ڇو اختيار ڪئي؟ تنهن جي بعد ۾
پڇا ڳاڇا ڪيم، ته خليفيءَ جو قول ياد آيم: ”مشرق
مشرق آهي، مغرب مغرب آهي. مغربي ماڻهن جو طور
طريقو ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو نوع پنهنجي نموني جو آهي.“
* * *
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ڏاڍو مِينهُن وسيو. محل ماڙيون، روڊ
رستا، وڻ ٽڻ سڀ ڌوپي ويا. آسمان سڄو ڏينهن ڪڪرن
سان ڍڪيل رهيو. رکي، رکي، گجگوڙ ٿيندي رهي ۽ کنوڻ
به تجلا ڏيندي رهي.
اديبن ۽ شاعرن کي اهڙو موسم وڻندو آهي. ڪاليداس جو ”ميگھ دوت“
ته دنيا ڀر مشهور آهي. پر، ڀٽائيءَ جو سر سارنگ
پڙهه، ته اکيون ڀرجي ٿيون اچن. تازو، هڪ انگريزي
ناول پڙهيم،
جنهن جي شروعات ئي هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
POETS, WITH THEIR MINDS ALWAYS IN CLOUDS...
پر، اتي ڪڪرن مان مراد اها ئي آهي، جيڪا ڀٽائيءَ بيان ڪئي آهي:
”ڪڪر منجهھ ڪپارَ....“
اسلام آباد ۾ هڪ شاعر دوستَ، انهيءَ ئي ڏينهن دوستن جي دعوت ڪئي
۽ مون کي ته وڏيءَ سڪ سان سڏيو. ساڻس معذرت ڪري
ڪونه سگھيس. وسندي مينهن ۾ ويس ۽ وسندي مينهن ۾
موٽيس. دعوت پرتڪلف هئي ۽ ماني ڳؤري هئي. موٽڻ
مهل، ڊرائيور کي چيم ته سبز چاءِ پيئندا هلون. هن
هوٽل جي گيٽ وٽ ٻاهر گاڏي بيهاري جو اندر جاءِ
ڪانه هئي. اڳيئي موٽرن جون قطارون بيٺيون هيون.
مان موٽر مان لهي، ٻه چار وکون کڻي، پورچ تائين
پهتس، ته مِينهنَ ۾ ڀِڄِي ويس. ڊائننگ هال ۾
گهڙيس. واقفڪار بيرر جي نظر پيئي، ته تڪڙو تڪڙو
آيو. ٻه ٽي خشڪ صاف ناپڪين کڻي آيو ۽ پڇيائين ته
”سبز چاءِ آڻيان.“
مون کانئس ناپڪين وٺندي چيو ته، ”ترس ته هٿ مُنهن اگهان.“
پڇيائين ته ”مان ڀانيان ٿو، ته ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻاهر ويا هئا؟
اوهان جي ڪنهن دوست ڳالهه پئي ڪئي.“
مون چيو ته ”هائو، ڪراچيءَ ويو هوس.“
چيائين ته، ”سَرِ، ڪراچي وڏو شهر آهي نه! مان به ايندڙ مهيني
گهمڻ ويندس. ڪا خاص ڏسڻ جهڙي جاءِ ڏسيو.“
مون آلا ناپڪين کيس واپس ڪندي چيو ته ”هر شخصَ جي پنهنجي پنهنجي
پسند آهي. پر، ڪلفٽن وٽ شام جي مهل سمنڊ جو نظارو
ڏسڻ وٽان آهي. ’ڪلفٽن بِرجِ‘ ٽپڻ کان پوءِ رستي تي
سنگمرمر مان ٺهيل ٽي تلوارون اينديون. انهن کان
ڪجهه اڳڀرو ڪلفٽن ڏي وڃبو، ته وري ٻه تلوارون نظر
اينديون. پر، اهي ٻه تلوارون ڪونهن، انسان جون ٻه
ڄنگهون آهن، جي سنگمرمر سان، انساني عظمت جي لحاظ
کان اوچيون ٺهيل آهن.“
چيائين ته، ”انهن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟“
مون چيو ته، ”انهن ٻنهي انساني ڄنگهن جا پيرَ، عام انساني پيرن
وانگر، آمهون سامهون ڪونهن. هڪ پير اوڀر طرف
مُڙِيَلُ آهي، ته ٻيو وري اولهه طرف.“
مون چيو ته، ”ڇو جو اهو يادگارُ ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهائڻ
لاءِ ٺاهيل آهي، ته مشرق مشرق آهي. مغرب مغرب آهي.
ٻنهي جو رُخُ پنهنجو پنهنجو آهي.“
اها ڳالهه ڳؤري هئي. بيرر کي سمجهه ۾ ڪانه آئي. تڙ تڪڙ ۾ چيائين
ته ”هاڻي سبز چاءِ آڻيان؟“
مون چيو ته، ”ڪافي کڻي اچ.“
پڇيائين ته ”COFEE WITHOUT MILK?“
هاڻي، سندس اهو سوال وري مون لاءِ ڏاڍو ڳؤرو هو. حالي ته انهيءَ
جي بار هيٺ دٻجي ويس. گهڙي رکي، پاڻيءَ ڍُڪُ پي،
گلو آلو ڪري، کيس آهستي چيم: ”COFEE
WITH MILK“
بيرر ڪافي کڻڻ هليو ويو، ته مون دريءَ جي شيشن مان ٻاهر نهاريو:
ڏاڍو واءُ ۽ مِينهنُ هو. وڻن ۾ سٽڪا هئا. ڪيئي،
ٽاريون ۽ ڪک پن پٽ تي ڇڻي رهيا هئا. هڪڙو سائو پن
اُڏامندو آيو ۽ منهنجي ڀرسان دريءَ جي شيشي سان
اچي لڳو. مينهن جي زوردار ڇاٽ آئي، ته شيشي تان
ترڪندو، هيٺ پَٽ تي وڃي پيو ۽ پاڻيءَ ۾ ترندو،
اڳتي هليو ويو.
آسمان مان وڏ ڦڙو وسندو رهيو.
حميد سنڌي
بند ڪتاب جو بند باب
ڪمري ۾ هلڪي اونداهي هئي. ڪير اندر گهڙي اچي ته جهٽ پل کانپوءِ
ڏسي سگهندو ته هيءُ هڪ مرمت گهرندڙ پراڻو ڪمرو هو.
ڀتين جا ڪيترن ئي هنڌن تان چاپڙ لٿل هيا. هيٺان
کان مٿي ڇت تائين ڏارون ٻرگهل ڪري ويون هيون.
گرڊرن ۽ ٽيئرن واري ڇت به ڪيترن ئي هنڌن کان جُهڪي
ويئي هئي. در دريون بند، پر سٺي ڪاٺ مان ٺهيل قديم
طرز تي نقش نگارن سان سينگاريل، منجهن رنگين شيشا
لڳل، جن مان دٻيل پر رنگين روشني ڪمري جي
اونداهيءَ کي هلڪو پئي رکيو. ڪمري اندر ساڳوان مان
ٺهيل اسپرنگن وارو ڪوچ، جنهن جا اسپرنگ پراڻا ٿي
ويل ۽ ويٺل؛ مٿن چڙهيل ڪپڙو گسي، رنگ وڃائي، اصل
سونهن کان وانجهيل. ڪشمور جي جنڊيءَ تي لٿل پاون
واري نوار سان واڻيل وڏي، پر جهِڪيل کٽ، جنهن تي
چئن خانن واري ڦٽل ميري چادر، بنا ڇَوَ جي هڪ
وهاڻو، ڀرسان ئي هڪ ڪتاب ۽ ڪاڳر وکريل. آبنوسي ٻن
طاقتن وارو هڪ ڪٻٽ، جنهن جو هڪ طاق کليل، جنهن مان
مٿئين طاق تي رکيل دوائن جو ڍير، جنهن جي خوشبو
سڄي ڪمري ۾ ڦهليل. هيٺين طاقن ۾ ڪتاب ۽ فائيل
ڀريل. هيٺ مٿي ٿيل ڀڳل فرش، جنهن تي سندس لڙڪيل پر
گهٽ ٽڪيل پير، ۽ چوڌاري هڪ عجيب ماٺ ڇانيل. اهڙي
ماٺ، جو هڪ پراڻي آرام ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ جهونڙو
شخص به اُن ماٺ جو حصو پئي لڳو. سٺ سالن جي هن
جهوني شخص کي گرم ٽوپ پيل، گلي جي چوڌاري مفلر
ويڙهيل، اکين تي نظر جي عينڪ چڙهيل. هو اُن عينڪ
مان ڀت تي ٽنگيل هڪ تصوير جي فريم کي تڪي رهيو هو،
جنهن مان هڪ ڳلن ڀريل ٽويڊ جو ڪوٽ ۽ سٺي ٽاءِ
پهريل اڌڙوٽ کيس مشڪي نهاري رهيو هو، ڄڻ کيس چئي
رهيو هو ته ”تون ختم آهين، ڏس مان ڪيئن نه جيئرو
آهيان ۽ چمڪان پيو، جرڪان پيو!“ هُن جي چهري تي
مرڪ ايندي ايندي رهجي وڃي ٿي. هو هڪدم نظر ڦيرائي
ٻيءَ ڀت ڏانهن ڏسي ٿو. هڪ پراڻي آرٽسٽ گل محمد
کتري جي ٺاهيل هڪ تصوير، جيڪا هُن کيس تحفي ۾ ڏني
هئي. سسئي وندر پيئي ووڙي، جبل پيئي جهاڳي. رسيءَ
جي سرڪڻ ڦاهي سوريءَ جي علامت طور سامهون اٿس.
هيٺان شاهه سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ عنوان طور ڏنل
آهي. هو اُها سٽ پڙهڻ جي ڪري ٿو ته اوچتو پاسي
وارو در کُلي ٿو. روشني ور وڪڙ کائيندي آهستي
آهستي اندر داخل ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي ڪنڌ ورائي
در ڏي ڏسڻ جي ڪري ٿو. هڪ عورت در وٽ بيٺي آهي.
هوءَ ڪا گهڙي در وٽ بيهي اندر داخل ٿيندڙ ڏنگن ڦڏن
روشني جي ڪرڻن وسيلي ڪمري کان آگاهه ٿئي ٿي. هوءَ
پهريائين درين ۾ لڳل رنگين شيشن مان ايندڙ
رنگبرنگي روشني کي ڏسي ٿي، ۽ پٺيان دروازو بند ٿي
وڃي ٿو. هوءَ شيشن مان ايندڙ رنگين روشني کي ڏسندي
اوڏانهن وڌي وڃي ٿي ۽ آهستگي سان هڪ دري کي کولڻ
جي ڪري ٿي. دريءَ جا طاق نٿا کُلن. هوءَ دريءَ ۾
لڳل هٿيئي کي زور سان پاڻ ڏي ڇڪي ٿي، ۽ ائين دري
جا ٻيئي طاقُ کلي پون ٿا. ٽپهريءَ جي روشنيءَ جا
انبار اندر داخل ٿي پون ٿا ۽ هوءَ مڙي اُن جهونڙي
ڏي ڏسي ٿي، جو هاڻ پنهنجي ڪرسي وٽ اٿي بيٺو آهي، ۽
سندس چپن تي مُرڪ اچي ويئي آهي. هو ٻانهون کولي
بيهي ٿو. هاڻ هن عورت جو خاڪو چٽو آهي. هيءَ سنهڙي
سيپڪڙي، وارن ڪٽيل، ننڍي قد جي خوبصورت عورت آهي.
ٽيهن پنجٽيهن جي هوندي به ننڍي نيٽي لڳي پئي. هوءَ
کليل ٻانهن کي ڏسي ٽڙي پوي ٿي ۽ ٻن وکن ۾ پنجن وکن
جو فاصلو لتاڙي سندس سيني سان لڳي ٿي ۽ پوءِ سندس
هلڪي لپِسٽڪ سان سينگاريل سنهڙا پر خوبصورت چپ
کُلي پون ٿا. ڳري لڳي هوءَ آهستي آهستي سس پس واري
آواز م ڪجهه چوڻ شروع ڪري ٿي ۽ جهونڙو هڪ هڪ اکر
چٽي طرح ٻڌي رهيو آهي ۽ پوءِ هُن جا هٿ ڏڪڻ لڳا
آهن. ٽنگن ۾ به سَت نٿو ڀانئي ۽ هو آهستي آهستي
ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو. هوءَ به سندس سيني لڳي رهي
ٿي ۽ آهستي آهستي پاڻ جهُڪائي سندس قدمن ۾ ويهي
رهي ٿي. هاڻ جهونڙي جي اکين مان پاڻي وهي رهيو
آهي. هوءَ هڪ هٿ سان سندس ڳوڙها اُگهندي چوندي هلي
ٿي:
”... گُل! توکي هيءُ ڇا ٿي ويو آهي؟ تنهنجي سڄي حياتي هونئن ئي
خالي ۽ اڪيلي، پر هيئن بنهه ڀڙڀانگ ٿي ويندي، مون
بنهه نه سوچيو هو! مڃان ٿي ته ڏوهه منهنجو آهي،
گنهگار آهيان، ڏوهاري آهيان، پر ائين ڪبو آهي جو
ٽي سال اڳ تنهنجي آڏو ڪيل هڪ اعتراف ۽ هڪ انڪار
کان پوءِ تو اها سزا ڏني جو تون بنهه گم ٿي وئين!
مان ڳوليندي رهيس. تنهنجي حيدرآباد واري گهر تي
فون ڪيم، تنهنجي پٽ کان پڇيم. منهنجي گهڻي پڇا ۽
ڳڻتي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ هو آواز ٻڌي فون بند ڪري
ڇڏيندو هو. تنهنجي گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ ته تنهجي
وجود کان اِنڪاري هجن. ائين پئي لڳو ته هو تنهنجي
اندر دفن ٿيل راز کان آگاهه ٿي ويا هجن. هُنن توکي
شايد اها سزا ڏني آهي جو تنهنجي پنهنجي ڳوٺ جي هن
پراڻي گهر ۾ توکي دفن ڪري وساري ڇڏيو آهي. هن گهر
۾ ته ڪير به ڪونهي. ٻاهر هڪ ننڍو نينگر مليو، جنهن
تنهنجو ڏس ڏنو ۽ هن ڪمري تائين پهچايو. ٽي سال مس
ٿيا جو تون منهنجي شهر ۾ ٻه دفعا تڪڙو تڪڙو آيو
هئين. اُن وقت ته تون ٺيڪ هئين، هيئن هڏائون پڃرو
ته نه هئين؛ تون هيئن مايوس ڀڳل ٽٽل شخص نه هئين.
تون ته ايترو پُر اُميد هئين جو تو منهنجي ڏنڀيل
حياتي کي ڏسي ڪيئي اميد جون مشعالون ٻاري ڏنيون
هيون. مون توکان پڇيو هو ته ويهه سال اڳ ڏنل آڇ
اڃان برقرار آهي، ته تو وراڻيو هو ته جيستائين مان
جيئرو آهيان، تيستائين نه منهنجيءَ دل جا دروازا
بند ٿيندا، نه گهر جا دروازا.
”تو اهو به چيو هو ته ماڻهو مرڻ گهڙيءَ تائين اميد جي مشعال
آهي. اُها تڏهن وسامي ٿي جڏهن قبر جي مٽي اُن تي
پوي ٿي. مون ٻيو دفعو به اُهائي غلطي ڪئي، جيڪا
ويهه ورهيه اڳ ڪئي هيم ۽ تنهنجي آڇ موٽائي ڇڏيم.
تو اُميد رکندي پيار لاءِ چپ وڌايا ۽ مون جواب ۾
پنهنجا چپ تنهنجي پيشاني تي رکي اُنهي باب تي آخري
مهر هڻي ڪتاب بند ڪري ڇڏيو.“
اُن عورت سُڏڪندي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. جهونو سندس مٿي تي هٿ
ڦيريندو رهيو، پيار سان وار سنواريندو رهيو.
”گُل! تون ڳالهائين ڇو نٿو؟ ڪجهه ته چئه، هنيانءَ جو بار ته گهٽ
ڪر. هيءَ ڏس، مان تنهنجا خط به کڻي آئي آهيان.“
جهونو اڃا به خاموش هو. عورت پنهنجي پرس مان خطن جو بنڊل ڪڍيو.
هُن خطن جا ورق ائين ورايا ڄڻ هڪ هڪ ورق ۽ اکر
اکر کان واقف هجي. هُن ڇڪي هڪ خط ڪڍيو.
”هيءُ ڏس تنهنجو اُهو خط، جنهن ۾ تو نيٺ لکيو هو ته ’مان توسان
شادي ڪرڻ چاهيان ٿو‘. اُهو به تڏهن لکيو جڏهن مون
توکان لکي پڇيو ته آخر تون چاهين ڇا ٿو. مون کي
ياد آهي ته جڏهن تون ويهه ورهيه اڳ منهنجي شهر ۾
آئين، مسلسل پنج سال ايندو رهين. تنهنجي هر شام
اسان جي گهر گذرندي هئي. تون ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون
سان عجيب ڳالهيون ڪندو هئين. مون کي ڪيتريون
ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. منهنجي عمر به
ننڍي هئي، سترهن سالن جي هڪ نينگر. پر هيءُ سمجهه
۾ نه ايندڙ ناتو به عجيب هو. مان تنهنجي ويجهو رهڻ
چاهيندي به هيس پر هر هر ڀَؤ ٿيندو هيم ته ڪٿي
ڪنهن پيچ ۾ اڙجي نه وڃان. تنهنجون مٺيون ڳالهيون ۽
مٺو سڀاءَ اندر ۾ ور ڪري ويهي رهيو هو. مان
حيدرآباد آيس، تنهنجي ڪٽنب سان مليس. تنهنجو ڪٽنب
به اسان وٽ آيو. رشتا اڳ به هيا پر آهستي آهستي
رشتا گم ٿيندا ويا، بس تون ۽ مان بچياسين. منهنجا
سڀ مائٽ توکي گهرندا هيا، خاص طرح منهنجي اَمي. سڀ
اسان جي خاموش پيار کي به پَسندا رهيا. پر هر ويلي
مون کي اِهو احساس ڏياريندا رهيا، ته اهو سڀ سولو
نه آهي. ’توکان پنجويهه ورهيه وڏو هيءُ ڪٽنب وارو
شخص توکي ڪجهه به ته نه ڏيئي سگهندو.‘ مون خود غرض
بڻجي پنهنجي
Security
لاءِ سوچيو. سوين ميل پري رهندڙ شخص کي فاصلن ۽
ملڪيت جي تصور سان توريو تڪيو. تو وٽان جڏهن پڪ ٿي
ته هيءُ دوستي هاڻ شاديءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، ته
مان ڇرڪي هٽي ويس. پوءِ پنهنجي هڪ هم عمر کي همسفر
ڄاڻي ته هڪ عمر وارا ئي گڏجي رهي سگهن ٿا، ساڻس
شادي ڪري ڇڏيم. مون سندس مستقبل به شاندار تصور
ڪيو، پر جلد محسوس ڪيم ته شاندار مستقبل به
ماڻهوءَ جي من جي خوشين جو امين نه هوندو آهي.
ٿوري ئي عرصي ۾ هُن مون کي ڏنڀ ڏيئي ڇڏيا. جواني ۽
پنهنجي سونهن ۾ بدمست هڪ چريو ماڻهو! هُن منهنجي
ڪنهن به خوشيءَ ۽ ڏک جو خيال نه ڪيو. مون کي
جيڪڏهن اُن گهاريل حياتيءَ مان ڪجهه مليو ته اُهو
منهنجو پٽ منظور آهي. مون سندس مستقبل لاءِ پاڻ
پڙهيو، امتحان ڏنا، نوڪري ڪيم ۽ ائين هيءُ ٻچو
پالي وڏو ڪيم. شهزاد منهنجي زندگي عذاب ڪري ڇڏي
هئي، پوءِ هو پاڻ مون کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ عورت سان
ڀڄي ويو. تعليم مڪمل ڪري نوڪريون ڪندي مٿي چڙهندي
آيس. توکي خبر آهي ته هاڻ مان هڪ وڏي سرڪاري عهدي
تي آهيان. ننڍڙي منظور لاءِ مون پنهنجو شهر ڇڏي
ڏنو. هو هاڻ لاهور ۾ سٺي ڪاليج ۾ پڙهي ٿو. منهنجي
حياتيءَ جو اهو به مقصد آهي ته منظور پنهنجي حياتي
جو مقصد ماڻي، پر توکي ڇڏي به پڇتاءُ جو وڻ وڏو ٿي
ويو آهي. من اندر هڪ خال آهي. هن وڻ ۾ ڪوبه ڇانورو
نه آهي، ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن. اِهي ٽي سال چُڀندا
رهيا آهن. من جو پکي ڦٿڪي ڦٿڪي زخمي ٿي هاڻ مون کي
ماري رهيو آهي. مان اُن پکي جي جيئدان لاءِ تو وٽ
آئي آهيان. مون شهزاد کي به مڪمل ڇڏي ڏنو آهي ۽
پنهنجا بند آجا ڪرائي ڇڏيا اٿم. توکي خبر آهي ته
هڪ گهر به ٺاهيو اٿم. اُن ۾ تنهنجو ڪمرو به
سينگاريو اٿم، ڪتاب به گڏ ڪيا اٿم، لکڻ پڙهڻ لاءِ
هڪ خوبصورت ٽيبل به سجائي اٿم. ان ڪمري جون دريون
باغ ۾ کُلن ٿيون، جت من جي پکين وانگر ڪيترا ئي
پکي آزاد اُڏرن ٿا. هاڻ ڪابه بندش ڪانهي. مان توکي
وٺڻ آئي آهيان. ڀل تنهنجا پنهنجا توکي ڇڏي ڏين، پر
مان توکي ڪانه ڇڏينديس. مون ان باب کي کولي پنهنجي
مهر مٽائي ڇڏي آهي. مون ته شايد اُن سڄي ڪتاب کي
ور ڪري کوليو آهي. اڄ مان اُهائي آڇ کڻي تو وٽ آئي
آهيان، جيڪا تو مون کي ڏني هئي. پر تون بنهه خاموش
ڇو آهين، ڪجهه ته ڳالهاءِ!“
هوءَ سندس چپن ڏانهن پنهنجا سنهڙا نازڪ چپ وڌائي ٿي. جهونو هاڻ
مُرڪي ٿو. سندس نفيس پر هلڪي رنگ ۾ ملبوس چپن کي
ڏسي، سندس ورهين جي تمنا ڪَرَ موڙي اندران جاڳي
ٿي. اوچتو هو ويجهو ويندي به سندس چپڙا نٿو چُمي ۽
پنهنجا چپ سندس پيشانيءَ تي رکي ٿو ڇڏي. سندس اکين
مان ڳوڙها لڙي هن جي پيشانيءَ کي آلو ڪن ٿا. عورت
جون اکيون بند آهن. هن کي اڃا به انتظار آهي.
انهيءَ وچ ۾ هو پنهنجي گلي مان ويڙهيل مفلر لاهي
ٿو ۽ سندس اکين کي چمندي هن جي اکين کي کولڻ جي
ڪري ٿو. هوءَ اکين کي کولي سندس منهن ۾ آس سان
نهاري ٿي، پر اُت ڪجهه به ناهي. هوءَ حيران ٿي
پوئتي هٽي ٿي ۽ سندس تپرس اڃا به وڌي وڃي ٿو، جڏهن
هن جي نظر سندس ڳچيءَ تي پوي ٿي. سندس ڳچيءَ جي
چوڌاري ماس ڪوريل آهي. سُڪل زخمن جا ڪارا نشان
اُماس ورتل چنڊ جيان چِٽا ٿي بيٺا آهن. هوءَ آهستي
هٿ وڌائي اُنهن زخمن کي ڇُهي ٿي، پوءِ اُنهن کي
چُمڻ جي ڪري ٿي. هو سندس چهري کي ڇڪي پنهنجي هنج ۾
آڻڻ جي ڪري ٿو. هوءَ خشڪ چپن کي آلو ڪندي پڇيس ٿي:
”ٿروٽ ڪينسر... آپريٽيڊ؟“
هو ڪنڌ سان هاڪار ڪري ٿو ۽ اشاري سان ٻڌائيس ٿو ته انڪري هو
ڳالهائي نٿو سگهي. هوءَ آهستي ڪنڌ لاڙي پنهنجو
منهن سندس هنج ۾ آڻي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ٿي.
پوءِ آهستي آهستي سندس روئڻ جو آواز جهڪو ٿيندو
وڃي ٿو. اچانڪ هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي ٿي ۽ کيس ڇڪي
اُٿاري ٿي ۽ ٻانهن کان ڇڪي در ڏانهن وٺي وڃڻ جي
ڪري ٿي. هن کان اکر نٿا اُڄهن، پر اِشاري سان کيس
چئي رهي آهي ته ڇا به هجي توکي مون سان هلڻو
پوندو- هلڻو پوندو. هو ٻه وکون هلي بيهي رهي ٿو ۽
آهستي هٿ ڇڏائي موٽي ٿو. وهاڻي هيٺان پيل خطن جو
بنڊل ڪڍي ٿو ۽ پلنگ تي پيل هڪ کليل ڪتاب کڻي ٿو ۽
واپس وري اُن عورت جي هٿن ۾ اُهو خطن جو بنڊل ڏئي
ٿو ۽ پوءِ اُهو کليل ڪتاب، جو سندس ئي لکيل آهي،
زور سان بند ڪري کيس ڏئي ٿو. هوءَ ڪتاب وٺندي ئي
سندس سيني سان لڳي رُئڻ لڳي ٿي. کيس ڀاڪر پائي
مٺيون ڏئي ٿي. هوءَ ڪتاب وٺندي ئي سندس سيني سان
لڳي رُئڻ لڳي ٿي. کيس ڀاڪر پائي مٺيون ڏئي ٿي.
هوءَ آهستگي سان سُري وڃي کليل دريءَ جو پاسو وٺي
ٿي. ٿڌي هوا سندس آلن ڳلن کي خشڪ ڪرڻ جي ڪري ٿي.
سج اُلهي چڪو آهي. اڱڻ ۾ ٻريل ٽمڪندڙ بلب جي روشني
سندس وجود کي جرڪائڻ لاءِ وڌي اچي ٿي. هوءَ هن کي
پٺي ڏيندي به ڄڻ سندس سامهون هئي. هو چٽو پٽو ٻڌي
رهيو هو ۽ هوءَ چئي رهي هئي:
”مان هاڻ اُها ڪمزور ڇوڪري نه رهي آهيان، جنهن هن جهاڳيل ۽
نپوڙيل حياتيءَ ۾ ڪوبه مضبوط فيصلو نه ڪيو. هاڻ
مان هڪ مضبوط ارادن ۽ حوصلن واري عورت آهيان. تون
مون تي ڀروسو ڪر، مون وٽان توکي تنهنجن مونجهارن
جو ڇوٽڪارو ملندو. هڪ نئون جيئدان ملندو. مان سوين
ميل جهاڳي ائين نه آئي آهيان. مان توکي وٺڻ آئي
آهيان، تون ائين پاڻ کي نه مار، گُل!“
هن جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ پوءِ هن پٺي ورائي ڏٺو. جهونڙو اُن ئي
ڪرسي تي ويٺو هو. هن ڳچيءَ تي مفلر ورائي ڇڏيو هو.
هو سڌو اُن ڀت ڏانهن ڏسي رهيو هو جت سندس تصوير
لڳل هئي. اُن عورت کي مٿس پيار به آيو ۽ رحم به.
جهڪي روشني ۾ تصوير ڏانهن ڏٺائين. اُت کيس پڪي
ارادي وارو بهادر لکيڪ، بهادر اُستاد ۽ مڪمل بهادر
انسان نظر آيو. پوءِ هن ڏانهس ڏٺو، هڪ نٻل ڪمزور
شخص هڪ بازي هارايل انسان وانگر ويٺو هو. سندس
جملن جو مٿس نه ڪو اثر هو نه جذبو. هو خاموش ويٺو
رهيو. هوءَ آهستگيءَ سان وڌي ۽ پرس کنيائين. جهڪي
سندس پيشانيءَ تي پيار ڪيائين ۽ پوءِ ڪمزور ۽ جهڪن
قدمن سان دروازو کولي ٻاهر نڪري ويئي. هن دفعي
دروازي مان ڪي به ڏنگا ڦڏا ور وڪڙ ڪرڻا اندر داخل
نه ٿيا. ڪجهه اونداهي اندر ڪمري ۾ هئي، ڪجهه
اونداهي اندر گهڙي آئي ۽ پوءِ دروازو بند ٿي ويو!
جهونڙي کُليل دريءَ ڏانهن نهاريو، جتان ٽمڪندڙ بلب جا ڪي وقتي
ڪرڻا اندر ايندي ڄڻ ته ڊڳا پئي. هُن دريءَ مٿان
سسئيءَ جي وندر وؤڙڻ واري تصوير ڏي ڏٺو. اُن ۾
ڇٽيل سوريءَ جي سرڪڻ ڦاهي کي به ڏٺو. چٽي نه ايندڙ
تصوير به هن روزمرهه وانگر چٽي ڀانئي ۽ اُن ۾ نقش
ٿيل اُن تصوير جي عنوان طور ڏنل بيت جي هڪ سٽ کي
ياد ڪيو. چپن ۾ ئي هن چيو پر کيس لڳو، سندس چپن ۾
چيل اُها سٽ سڄي ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳي آهي. کيس لڳو ته
ڏريل ڀتيون به ڳالهائن پيون. جهڪيل ڇت مان به اُها
ست ٽپڪي پئي. هن پراڻي ڪوچ ڏي ڏٺو، اُتان به
اُهوئي آواز هو. پراڻا اسپرنگ به اهوئي ڳالهائين
پيا. سڄو ڀڳل فرش به کڙڪي پيو ۽ اُهائي سٽ چئي
پيو. آبنوسي ڪٻٽ جي هر کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ طاقن مان
به اُهوئي سڏ هو. جنڊي لٿل پاون واري کٽ تي پيل
ڪتاب هر کلن پيا، وري بند ٿين پيا، اُتان به اُهي
ئي سڏڙا هيا. پنا کڙ کڙ ڪري اُڏامن پيا، ۽ سڄي
ڪمري جي ڪردارن سان گڏ جهونگارين پيا، ڄڻ ته کيس
سڏين پيا. آواز وڌندا ويا، ۽ پوءِ هن اُنهن آوازن
سان هم آهنگ ٿي چيو. آواز نه نڪتو ۽ سندس چچريل
گلي ۾ گم ٿي ويو. پوءِ هن ڪوشش ڪري بند گلي مان هڪ
ڏاڍي وڏي دانهن ڪئي. هن جو آواز ڄڻ ته کُلي پيو، ۽
هن پاڻ چٽو ٻڌو ته هاڻ هو اُها سٽ سڀني سان گڏ چئي
پيو سگهي: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ هو
چوندو هليو: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“
سندس اکين مان ڳوڙها وهندا هليا ۽ پوءِ آهستي
آهستي آواز گم ٿيندا ويا ۽ هو به ماٺ ٿيندو ويو.
ڪمري ۾ هاڻ اُهائي ماٺ هئي، پراڻي ڄاتل ماٺ. هميشه وانگر هو ماٺ
جو حصو بڻجي ائين ئي ويٺو رهيو. سندس نظرون سامهون
واريءَ ڀت تي هيون، جت فريم مان سندس ماضي، سندس
همزاد، کيس پيار مان مُرڪي ڏسي رهيو هو. هو خاموش
کيس تڪيندو رهيو. پوءِ سندس چپن تي به ساڳي اهڙي
ئي مرڪ ڦهلجي ويئي. |