سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :30

محمد پنهل ڏهر

 

فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري

 

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور پاران رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قائم ڪيل مشهور ۽ قديم سچل سرمست لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪئٽلاگ ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ جي نالي سان 1997ع ۾ اردو ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪئٽلاگ جو مرتب محترم محمد يوسف خشڪ آهي، جو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مشهور اسڪالر جناب ڊاڪٽر نجم الاسلام جو وڏو هٿ آهي، جنهن جو اعتراف فاضل مرتب خود هن طرح ڪيو آهي: ”هن لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو راز مون تي منهنجي استاد محترم پروفيسر شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر نجم الاسلام ظاهر ڪيو هو ۽ ان سان گڏ قلمي نسخن جي تفصيلي فهرست مرتب ڪرڻ لاءِ به صلاح ڏني هئي. استاد محترم جو مشورو مون لاءِ حڪم برابر هو. انهن قلمي نسخن تي ڪم ڪرڻ سولو ڪم نه هو، خاص طور تي اهڙي شاگرد لاءِ جيڪو خادم العلم ته آهي، ليڪن محقق نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر نجم الاسلام صاحب جھڙا انسان جنهن کي به چاهين ادبي لائين تي بيهارين.  مون کان به اهڙيءَ طرح هي وڏو ڪم ڪرايو ويو. حڪم جي تعميل ۾ دير ضرور ٿي، ليڪن خدا جو شڪر آهي جو تڪميل خير خوبي سان ٿي.“ (فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري، صفحو 13).

هن ڪئٽلاگ جي ڇپجڻ سان سنڌ ۾ انهيءَ موضوع تي ڇپيل ڪتابن ۾ وڌارو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي انهيءَ موضوع تي ڇپيل ڪتاب بلڪل ٿورا آهن. هن ڪتاب تي فاضل مرتب محترم محمد يوسف خشڪ صاحب تمام سُٺي محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن صاحب بيشڪ کيرون لهڻيون.

هن ڪئٽلاگ ۾ مذڪوره لئبرريءَ ۾ موجود فارسي، عربي، اردو ۽ سنڌي قلمي نسخن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي. اهي سڀ قلمي نسخا (سنڌي قلمي نسخن کان سواءِ) ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد دکن جي هڪ شخص حڪيم مظفر حسين خان کان مرزا ممتاز حسين قزلباش (اُن وقت جو وزير اعليٰ رياست خيرپور) ٻه هزار پنج سو روپين ۾ خريد ڪيا هئا. (فهرست مخطوطاب سچل سرمست لئبرريءَ، صفحو 13.).

هن ڪئٽلاگ کان اڳ، لئبرريءَ جي موجوده انچارج مير وزير علي ٽالپر به لئبرري سائنس جي ڊگريءَ لاءِ هن لئبرريءَ ۾ موجود فارسي قلمي نسخن جي فهرست تيار ڪري مونو گراف لکيو هو. هن فهرست جي شروع ۾ مذڪوره لئبرريءَ جو تعارف تفصيل سان ڏنو ويو آهي. اها فهرست قلمي صورت ۾ ليکڪ وٽ موجود آهي ۽ ڏاڍي ڪارائتي آهي. ڏاڍو سٺو ٿئي جو اها فهرست به ڇپائي هيٺ اچي وڃي.

هن ڪئٽلاگ جي شروع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ طرفان ”پيش گفتار“ جي عنوان سان ڪتاب متعلق چند سٽون لکيون ويون آهن. صفحي 8 ۽ 9 تي ڊاڪٽر نجم الاسلام طرفان ”تهنيت“ جي عنوان سان ڪتاب جي افاديت تي مختصر روشني وڌي ويئي آهي. صفحي 10 ۽ 11 تي ”محنت خشڪ“ جي عنوان سان پروفيسر ظهور الحسن جارچوي طرفان ڪتاب جي لائق مرتب جي محنت تي داد ڏنو ويو آهي. صفحي 13، 16 تي ”دو حروف“ جي عنوان سان مرتب پاران هن ڪتاب جي اهميت ۽ مذڪوره لئبرريءَ جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي.

اُن کان پوءِ لئبرريءَ ۾ موجود 1423 قلمي نسخن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

(الف) 898 فارسي قلمي نسخن جو تعارف، صفحي 19 کان 160 تي.

(ب) 405 عربي قلمي نسخن جو تعارف، صفحي 161 کان 224 تي.

(ج) اردو قلمي نسخن جو تعارف، صفحي 225 کان 245 تي.

(د) آخر ۾ نو سنڌي قلمي نسخن جو مختصر تعارف، صفحي 245 کان 246 تي ڏنو ويو آهي. ياد رکڻ گھرجي ته راقم پڻ پنهنجي مقالي ”سچل سرمست لئبرريءَ خيرپور ۾ موجود قلمي نسخن جو تعارف“ ۾ ڪذڪوره لئبرريءَ ۾ موجود ڏهن سنڌي قلمي نسخن جو تفصيل سان تعارف پيش ڪري چڪو آهي. (ڏسو مهراڻ، نمبر: 4/ 1995ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، صفحو 66-72).

هن ڪئٽلاگ ۾ هر هڪ نسخي جو تعارف موضوع جي لحاظ ۽ ترتيب هيٺ ڏنو ويو آهي، جھڙوڪ: قرآن، جفر، رمل، نجوم، قيافه، منطق، اخلاقيات، تفسير، تجويد، احاديث، فقه، عقائد، ڪلام، عمادات، ورد و ظائف، تصوف، تاريخ، لغت، گرامر، رياضي، فلڪيات، ڪيميا، طب، موسيقي ۽ نظم وغيره. ڪٿي ڪٿي هڪ موضوع وارو نسخو ڪنهن ٻئي موضوع ۾ اچي ويو آهي. اهڙي سٽاءُ نظم وارن ۽ سنڌي نسخن ۾ ڪانه رکي ويئي آهي.

قلمي نسخن جي ڪئٽلاگ جي تياري متعلق اصول آهي ته هر هڪ نسخي جي تعارف ۾ نسخي جي شروع ۽ آخر ۾ لکيل چند سٽون به ڄاڻايون وينديون آهن، ليڪن هن ڪئٽلاگ جي مرتب اهو اصول قائم نه رکيو آهي، يعني نسخي جي شروع ۽ آخري عبارت واريون سٽون نه ڄاڻايون آهن.

هن ڪئٽلاگ ۾ قلمي نسخن متعلق مختصر ڄاڻ ڏني ويئي آهي. ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو ويو آهي ته انهيءَ قلمي نسخي جا ٻيا نسخا به ڪٿي موجود آهن يا نه؟ اها ڄاڻ به نه ڏني ويئي آهي ته اهو نسخو ڪٿي ڇپيو به آهي، وغيره. ڪئٽلاگ ۾ انهن نسخن متعلق مٿئين ڄاڻ ڏني وڃي ها ته انهن متعلق معلومات ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ها.

هن لئبرريءَ جي قلمي نسخن جي داخلا واري رجسٽر جي صفحي 115 تي حاڪم سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ ميان دائود خان عباسي جي لکيل طب متعلق ڪتاب ”طبِ دائودي“ جو نالو موجود آهي. اهو ٻن جلدن ۾ آهي. پهرئين جلد ۾ 113 صفحا ۽ ٻئي جلد ۾ 100 صفحا ڄاڻايل آهن ۽ ڪتاب فارسي ۾ آهي. خبر نه آهي ته هن ڪئٽلاگ جي مرتب انهيءَ ناياب ۽ قيمتي نسخي جو ذڪر پنهنجي ڪئٽلاگ ۾ ڇو نه ڪيو آهي.؟

هن لئبرريءَ ۾ ڪيترائي خوبصورت قلمي نسخا موجود آهن، جيڪي خطاطيءَ جي لحاظ کان بي مثال آهن. اهڙن خوبصورت نسخن مان چند نسخن جي شروعات وارن صفحن جو عڪس به هن ڪئٽلاگ ۾ ڏنو وڃي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.

چند سال اڳ ۾ هن لئبرريءَ ۾ ڪيترائي قيمتي ۽ ناياب نسخا موجود هئا، جيڪي هن وقت موجود نه آهن، جنهنڪري انهن جو ذڪر هن ڪئٽلاگ ۾ نه ٿي سگھيو آهي، شايد اهي قيمتي نسخا ڪنهن ادب چور جي ور چڙهي ويا! مثال طور تاريخ طاهريءَ جي مصنف سيد طاهر محمد نسيانيءَ جي هڪ ٻي ناياب منظوم تصنيف ”رسالا نسياني“ (فارسي) جو قلمي نسخو به هن لئبرريءَ ۾ موجود هو. هن نسخي متعلق محترم غلام محمد لاکو، محمد صديق ميمڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته طاهر محمد تاريخ سنڌ کان سواءِ هڪ ڪتاب نظم ۾ نسيانيءَ جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ سنڌ جا قديم قصا ۽ ڪهاڻيون درج آهن. هي ڪتاب لنڊن جي ڪتبخاني ۾ به ڪونهي. البت ٺٽي ۽ رياست خيرپور جي شاهي لئبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪل 254 صفحا آهن.“ (مهراڻ 3/1995ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، صفحو 74، مقالو، ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“، از غلام محمد لاکو.) ليڪن هن وقت انهيءَ ناياب ۽ قيمتي نسخي جو لئبرريءَ جي ڪنهن به رجسٽر وغيره ۾ نالو نشان موجود نه آهي، ڄڻ هيوئي ڪونه. الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟

هن لئبرريءَ ۾ فارسيءَ جا صرف ٻه اهڙا ناياب ۽ قيمتي نسخا موجود آهن، جيڪي سنڌ جي عالمن جا لکيل آهن. انهن مان پهريون ”فرهنگ رشيدي“ آهي، جنهن جا ٽي نسخا هتي پيا آهن. هي ڪتاب فارسي لغت متعلق آهي. اهو ٺٽوي جي مشهور عالم سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ جو لکيل آهي. هي عالم مغليه دور ٿي گذريو آهي ۽ هن جي وفات 1069هه/ ۾ ٿي. (”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، از پير حسام الدين راشدي، ڇاپو پهريون 1981ع، انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي، صفحو 782).

ڪئٽلاگ ۾ فرهنگ رشيديءَ جي پهرئين نسخي جي ڪيفيت هن طرح ڄاڻائي ويئي آهي: داخلا نمبر 553ع 491 (ر ش ي) سائيز سوا اٺ X ساڍا يارهن، صفحا 828، في صفحو 19 سٽون، في سِٽ 15 لفظ، خط شڪسته، سنه 1024هه. باقي ٻن نسخن جا صرف داخلا جا نمبر ساڳيا مٿيان ڄاڻايا ويا آهن. هي ڪتاب اڻ ڇپيل ۽ ناياب آهي. تازو معلوم ٿيو آهي ته ڪتاب ٻن جلدن ۾ تهران مان ويجھڙائيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي.

ٻيو ڪتاب ”طيور نامه“ آهي. اهو ڪتاب والي رياست خيرپور مير علي مراد خان ولد مير سهراب خان ٽالپر جو لکيل آهي. ڪتاب فارسي ۾ آهي. اهو شڪار  ڪندڙ پکين جھڙوڪ: باز وغيره جي سڃاڻپ، تربيت ۽ انهن جي استعمال، بيمارين ۽ علاج متعلق آهي. هن ڪتاب ۾ ارڙهن باب آهن. هر باب ڪيترن ئي فصلن ۾ ورهايل آهي. هن ڪتاب جي داخلا 619 (ع ل ي)  نمبر تي آهي. سائيز ساڍا ست X 12 ۽ صفحا 322 اٿس. هر صفحي ۾ 10 سٽون ۽ هر هڪ سٽ ۾ يارهن لفظ آهن. خط نستعليق اٿس. ڏاڍو سٺو ٿئي جو مٿيان ٻيئي ڪتاب جلد ڇپايا وڃن ته جيئن ضايع ٿيڻ کان هميشه محفوظ ٿي وڃن. اهي ٻيئي ڪتاب اسان جي عالمن جا بهترين شهپارا آهن.

آخر ۾ سرورق تي ڪتاب جي لکيل نالي ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ متعلق ڌيان ڇڪائجي ٿو ته اهو اڻپورو ۽ مبهم آهي. ڇاڪاڻ ته سچل سرمست جي نالي سان سنڌ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي لئبرريون موجود آهن، جنهنڪري سرورق تي لکيل انهيءَ نالي مان اها خبر ايستائين نٿي پئجي سگھي ته اها فهرست ڪهڙي سچل سرمست لئبرريءَ جي آهي، جيستائين ماڻهو اڳتي ڪتاب جا اندريان ورق اُٿلائي ۽ پڙهي. بهتر ٿئي ها جو سرورق تي ڪتاب جو پورو نالو ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ، خيرپور“ لکيو وڃي ها.

 

محمد پنهل ڏهر

ٿوهر- ڳاڙها گل

”ٿوهر- ڳاڙها گُل“ (نوٽ بڪ تان، ڀاڱو پهريون) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار محترم محمد انور بلوچ جي ورهين جي عرق ريزيءَ جي نهايت وڻندڙ، پُر مغز ۽ معلومات ۾ اضافو ڪندڙ ڪاوش آهي. ڪجھ احساسن جا اُڏرندڙ پنڇي، ڪجھ زندگيءَ جون تلخ پر سيبائيندڙ يادون، ڪجھ حوصله افزا پئراگرافس، ڪجھ تاريخي حوالا، ڪجھ نجي وارتائن جا اولڙا، ڪجھ سياسي حقيقتن جي نقاب ڪُشائي، مڙني ڳالهين مِڙي هڪ اهڙي پستڪ کي جنم ڏنو آهي، جنهن مان هر پاٺڪ حظ به حاصل ڪري سگھي ٿو، ته عبرت به، علم جي اُڃ به اُجھائي سگھي ٿو ته اُتساهه به ماڻي سگھي ٿو. ضروري نه آهي ته هڪ طويل آتم ڪٿا يا ڪنهن موضوع تي ضخيم ڪتاب ئي حقيقتن جي اُپٽار لاءِ لکيو وڃي پر ڪي پئراگرافس، ڪي جملا ۽ ڪي سٽون به اندر جي اظهار لاءِ ڪافي هونديون آهن. هڪ جملو ته ڇا پر هڪ سِٽ به ڳرن ڪتابن تي ڀاري هوندي آهي. خليل جبران لکيو آهي ته ”ابوالهول زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو ڳالهايو ته ريت/ واريءَ جو ذرو صحرا آهي ۽ صحرا واريءَ جو هڪ ذرو.“ جبران جو هيءُ هڪ جملو هڪ پوري فلاسافيءَ جو نچوڙ ۽ تت آهي.

انور بلوچ هڪ سٺي پاٺڪ جيان جو ڪجھ اڀياس ڪيو آهي، اُنهيءَ مان اُهي ڳالهيون جن هن کي جھنجھوڙيو آهي، سي نوٽ بُڪ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيون اٿس. سياحت دوران جو ڪجھ مشاهدو ڪيو اٿس، اُنهي جا به نوٽس ورتا اٿس. هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ تحت الشعور مان ڪڏهن ڪڏهن اُڀري ايندڙ جملن کي به هٿان نه ڇڏيو اٿس. عام روزمره جي زندگيءَ جا عڪس به جرئت سان چٽيا اٿس. سندس اظهار جي صلاحيت ۽ جرئت جو صحيح اندازو سندس هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي صحيح نموني لڳائي سگھجي ٿو.

انور بلوچ جو هيءُ ڪتاب 174 صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ اٽڪل 598 پئراگرافس آهن. هر پئرا هڪ نئون نياپو، هڪ نئين سوچ ۽ هڪ نئين ياد کڻي اچي ٿي. هن ڪتاب ۾ انور جو ’ظاهر‘ به آهي ته ’باطن‘ به.

زندگيءَ کي ٿوهر سان تشبيهه ڏيندي اُن تي ٽڙيل ڳاڙهن گلن جو رنگ پسائيندڙ انور زندگيءَ کان نراس نه آهي. چڱائي سوچڻ به وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي ۽ چڱائي ڪرڻ ان کان به وڌيڪ عظيم ۽ وڌيڪ اوکو ڪم آهي. انور نه رڳو چڱائي سوچڻ پر چڱائي ڪرڻ جو به قائل آهي. سندس نوٽ بُڪ جا هي ورق سندس سوچن ۽ روين جا آئينه دار آهن.

هنن ورقن ۾ ڪٿي هو تاريخ جو پارکو ته ڪٿي سياسي تجزيه نگار ته ڪٿي فلسفي جو پانڌيئڙو ته ڪٿي وڻندڙ شاعريءَ جو مداح ته ڪٿي پنهنجن ڦٽن کي کولي رکندڙ تخليقڪار لڳي ٿو.

انور پنهنجو هيءُ پستڪ ’جان‘ کي ارپيو آهي. اها جان به هڪ جھان آهي، هڪ آرزو آهي، ڪنهن سُندر خواب جو تعبير آهي ۽ زندگيءَ جو حاصل آهي. هو صفحي 31 تي لکي ٿو: ”آئون پنهنجي من ۾ تنهنجي ياد سمائي جي رهيو آهيان. منهنجي دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن تمام شدت سان سور اُڀرندو آ، جيڪو مون صرف تنهنجي محبت ۾ پرايو آ ۽ لڳندو اٿم ته موت هڪ بکايل بگھڙ وانگي جھپ هڻي مون کي ماري ڇڏيندو....پر مان اڄ به اهو اقرار ڪيان ٿو ته....”مان تنهنجي محبت جو شهيد ٿيندس.“

هن ڪتاب جا هيٺيان پئراگرافس مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن جي گواهي لاءِ ڪافي آهن:

Ÿ”پريشان نه ٿي، مين وَل آسان.“

هاءِ وي تي ويندڙ ٽرڪ پويان لکيل جملو پڙهي هو چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪو...

پيار ڪندڙ اک پنجاب جي هجي، سنڌ، سرحد يا بلوچستان جي، پر يار جي ياد ۾ اُنهن اکين مان وهندڙ ڳوڙها هڪ جھڙا هوندا آهن.“

Ÿ- هن پنهنجن پٽن کي نصيحت ڪندي چيو....

”منافق ماڻهو تي اعتبار نه ڪجو ڇو ته ڪوئلو ڪئين ڀيرا پاڻي ۾ ڌوئڻ کان پوءِ اڇو نه ٿيندو آ.“

Ÿ- بغداد جي بازار ۾ برف وڪڻندڙ هڪ شخص هوڪو ڏئي رهيو هو....”رحم ڪيو ان شخص تي، جنهن جي موڙي ڳري رهي آ.“

Ÿ- اچو.....ته

”توهان ۽ اسان سڀ گڏجي نفرتن جي سرحد تي محبتن جا گلاب پوکيون.“

Ÿ- ”پرائي گھر کي باهه لڳل ڏسي هنڀوڇيون پيو هڻين ته ڇا تنهنجي گھر کي باهه نٿي لڳي سگھي.“

Ÿ- ”تو ڪڏهن ان ڳالهه جو اندازو لڳايو آ ته اسپتال ۾ الڳ الڳ بسترن تي پيل جدا جدا مرضن ۾ ورتل مڙني مريضن جو سور هڪ ئي هوندو آ.“

Ÿ- ”جيڪي به ملڪ جنگ جو شڪار ٿيندا آهن ته اُتي جي ماڻهن جو اخلاق ۽ عصمت سڀ کان اول تباهه ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به برائي جو احساس نه ٿيندو آ.“

انور جو هيءُ پئراگراف پڙهي، مون سندس ڪتاب جي حاشيه تي لکيو ڇڏيو: ”جن قومن مان اخلاق ۽ فضيلتون موڪلائڻ لڳنديون آهن انهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ جنگ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي.“

Ÿ- تاريخ مٽيءَ جو اهو طوفان آ جنهن ۾ ماڻهو ته ڇا تهذيبون به لَٽجي وينديون آهن.

Ÿ- ”پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ حد کان وڌيڪ نيڪي جا ڪم ڪندي به منهنجي ڳوٺ جو هڪ پريو مڙس مون تي سدائين ڪاوڙيل هوندو آ. سندس چواڻي ته مان بي غيرت آهيان، ڇو ته منهنجي زال منهن اگھاڙي گھمندي آ.“

ڪتاب ”ٿوهر- ڳاڙها گُل“ انيڪ عڪس پسائي ٿو ۽ هر عڪس ۾ هڪ تصوير آهي، جيڪا دل ۾ لهي وڃي ٿي ۽ ان انور جي مٿين چند پئراگرافس مان سڄي ڪتاب جي مواد جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي. پر هن جي حساسيت، انسان دوستي ۽ محبتن لاءِ تڙپندڙ دل جو اندازو ضرور لڳائي سگھجي ٿو. ڪتاب ۾ سياست، تاريخ، ادب ۽ ٻين موضوعن تي ڏنل پئراگرافس ڊيگھ کان بچڻ لاءِ ڏيڻ مناسب نه سمجھيم، ورنه اُهي سڀ شيون پڙهڻ، پروڙڻ ۽ هنئين سان هنڊائڻ جھڙيون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ ۽ شاعر نصير مرزا پنهنجي منفرد اسٽائيل ۾ خط ذريعي لکيو آهي ۽ هو انور بلوچ کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو:

”۽ انور! توهان جي جنهن ڪتاب ۾ روپلي، هوشو ۽ هيمون جھڙن جوڌن کان ويندي ڀڳت سنگھ عرف ”ڀاگان والا“ تائين سورمن جا سونيءَ ساهميءَ ۾ تورڻ جھڙا اکر گڏ ڪيا ويا هجن، ادب ۾ ان ڪتاب جي اهميت ٿيندي به ته، ڇو نه؟“

انور بلوچ جا هن ڪتاب کان اڳ ٻيا ڇهه ڪتاب هر هڪ ’سنگسار‘، ’ڪپيل هٿ‘، ’پاڇا‘، ’پوئين پهر جا‘، ’پلصراط تي هڪ وک‘، ’ڪارو پاڻي‘، (ڪهاڻيون) ۽ هڪ سفرنامو ’اي ٽرپ ٽو آمريڪا‘ ڇپجي پاٺڪن تائين پهچي چڪا آهن. انهن ڇپيل ڪتابن کان علاوه ڇپائي هيٺ چار ڪتاب هر هڪ ’سائي ڌرتي، سڙيل ٻج‘، (ناول) ’پاڻيءَ تي ترندڙ ڏيئا‘ (ناول)، ’باک ڦٽيءَ جو سوجھرو‘ (ڪهاڻيون) ۽ ’ٿوهر- ڳاڙها گُل جلد- 2‘ به مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن. اهڙيءَ ريت انور لکڻ جي عمل ۾ نت نئين جذبي سان سرگرم عمل آهي ۽ زندگيءَ جي هر پل کي مُلهائتو ڄاڻندي انهي کي تخليقي سرگرمي ۾ صرف ڪري رهيو آهي.

انور بلوچ جو هيءُ ڪتاب شيخ اياز جي ڪتاب ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ”مصريءَ جون تڙيون“ ۽ اڪبر سومرو جي ڪتاب ”ڊائريءَ جا پنا“ واري سلسلي کي اڳيان وڌائيندي هڪ ملهائتي وکر وهائڻ جي ڪوشش آهي، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو ناهي ٿيڻو. هن ڪتاب جي Back title تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ محترم طارق عالم سندس تعارف ڪرائيندي کيس ”گوتم جي مُک جھڙو شفاف ۽ معصوم چهرو ۽ دل رکندڙ هڪ شخص سڏيو آهي.“

انور بلوچ ڇا آهي، ڇا ٿو سوچي، ڇا ٿو لکي، سو سندس پڙهندڙ سندس ڪتاب/ تخليقن کي پڙهي بهتر پروڙي سگھن ٿا. بهرحال انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سندس هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ ملهائتو اضافو آهي.

 

غلام حسين رنگريز

 

افغانستان ۾ ڪجھه ڏينهن

ملڪي تاريخن جي ترتيب ۽ سهيڙ وقت سفرناما وڏي اهميت رکندا آهن. اسان جيڪڏهن تاريخي ماخذن جو مطالعو ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته سفرناما به ٻين ماخذن سان گڏ اهم ماخذ جي حيثيت رکندڙ هوندا آهن. ڪنهن به ملڪ جو مطالعاتي دورو ڄڻ ان جي مشاهدي جي آڌار تي ان وقت جي حالتن پٽاندڙ قلمبند ٿيندڙ پنهنجي نوعيت جي هڪ تاريخ جي رقم هجڻ جو دليل هوندو آهي. افغانستان جون سال 1997ع ۾ جيڪي به حالتون هيون يا ويهه ورهيه لڳاتار افغانستان جن حالتن سان دوچار رهيو، تن کي مختصر پيرايي ۾ ڊاڪٽر خليل احمد لاکي جنهن انداز سان پيش ڪيو آهي، تنهن جي اڀياس کان پوءِ ايترو چوندس ته آئينو وڏو هجي يا ننڍو، اُهو پنهنجو عڪس مڪمل ئي پيش ڪندو آهي.

19- جولاءِ کان 2- آگسٽ 1997ع تائين ’اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن‘ پاران اکين جي هڪ ڪئمپ لڳائڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر خليل احمد لاکو به ٻين سان گڏ اُتي ويل هو. پندرهن ڏينهن دوران ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڊيوٽي واري وقت کان پوءِ، افغانستان کي جيئن ڏٺو، تيئن ان کي ماضيءَ، حال ۾ مستقبل جي آرسي ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گڏوگڏ اسريٰ فائونڊيشن‘ جي ڪارگذارين جو به احوال ڏنو ويو آهي. ڪامريڊ نجيب جي ديس کي جڏهن به ڪي ترقي پسند نگاهون ڏسن ٿيون، تڏهن اُهي ڄڻ افغانستان جي نئين سر تعمير جون متقاضي هونديون آهن. 29 صوبن تي مشتمل هن ملڪ افغانستان ۽ سنڌ جي لاڳاپن کي تاريخ جي حوالي سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته انهن هميشه اسان سنڌ واسين سان اهڙو رويو اختيار ڪيو آهي، جھڙو امير حبيب الله خان مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ڪيو.

ڊاڪٽر خليل احمد جو هي مختصر مگر مواد ۽ مقصد جي لحاظ کان ڀرپور ڪتاب، ٽن حصن تي مشتمل آهي. ابتدا ۾ سنڌ جي نامور اديب سينيٽر حسين شاهه راشدي صاحب جو پيش لفظ ڏنو ويو آهي. راشدي صاحب پنهنجي لکت ۾ سنڌ- افغانستان لاڳاپن بابت نهايت ڀرپور راءِ ڏني آهي. ان بعد خود ليکڪ پنهنجا ويچار ”تمهيد“ جي عنوان سان لکيا آهن. هن تمهيد ۾ تاريخ جي آئيني ۾ سنڌ ۽ افغانستان جي اپٽار ڪئي ويئي آهي. ان ريت خبر پوي ٿي ته افغانستان جي ويهن ورهين جي گھرو جنگ، سنڌ تي يا خود پاڪستان تي ڪهڙا هاڃيڪار اثر ڇڏيا آهن. ان کان پوءِ اصل سفرنامو شروع ٿئي ٿو. سفرنامي ۾ ڊاڪٽر خليل صاحب پنهنجو مشاهدو پيش ڪندي، موجوده دور ۾ افغانستان جي منظر ڪشي ڪئي آهي. ملڪ جي اڳ جي حالت جي طالبان جي دور سان ڀيٽ ڪيل آهي. اتي مختلف بين الاقواميءَ ادارن جي ڪم ڪار تي روشني وڌي آهي. ان طرح خبر پوي ٿي ته هن ملڪ کي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪيتري مدد جي ضرورت آهي. ليکڪ جو هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي مارئي سماجي سنگت ملير (ڪراچي) ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو رنگين ٽائيٽل خود افغانستان جي برباديءَ ۽ تباهيءَ طرف ڌيان ڏياري ٿو. ڪرائون سائيز ۾ اُچي سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ ڪل 135 صفحا آهن. ان جي قيمت چاليهه رپيه مناسب آهي.

 

نقش ناياب منگي

 

محبت جي راهه تي

 

ع. ق. شيخ بنيادي طرح سان چترڪار هو. سندس ٺاهيل ڪيتريون ئي شاهڪار تصويرون مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن ۾ مهراڻ ٽماهي به شامل آهي. مصوريءَ جي ميدان ۾ ع. ق. شيخ وڏي مڃتا ماڻي، پر سندس شخصيت جو ٻيو رخ به هو، اهو ته پاڻ سنڌ جا مڃيل ڪهاڻيڪار پڻ هئا. سندس شمار صف اول جي ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيندو هو. سندس لکيل ٽي ڪتاب گھڻو مشهور ٿيا: ”تاريخ اسلام“، ”تاريخ اندلس“ ۽ ”کهه ۽ کٿوري.“

سنڌي ادبي بورڊ تازو سندس اٺين ورسيءَ جي موقعي تي سندس ياد ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ڪيو آهي- ”محبت جي راهه تي“. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ ٻه سو پندرهن صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪل چوٽيهه ڪهاڻيون آيل آهن. ڪتاب جي ڇپائيءَ جي نگراني سائين محمد ابراهيم جويي ڪئي آهي ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف ڪتاب جي مهڙ ۾ ”ناشر جو نوٽ“ جي سري سان سنڌ جي مشهور نثرنگار جناب غلام رباني آگري ڏنو آهي. رباني صاحب ع. ق. شيخ جي ڪتاب جي واقفيت هن ريت ڪرائي ٿو: ”ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات سڀڪجھ موجود آهي. ٻه سو پندرهن صفحن جو هي ڪتاب ايڏو ته سهڻو لکيل آهي جو ائين کڻي چئجي ته انگريزي محاوري موجب ”This book is worth its weight in gold. “ هي ڪتاب سچ پچ ته سون ۾ تورڻ جي لائق آهي.“

ع. ق. شيخ جون ڪهاڻيون وقت ۽ حالتن جون صحيح منظر ڪشي ڪن ٿيون ۽ انهن ۾ حقيقت جو رنگ ڀريل آهي. هن ڪهاڻين جي وسيلي ماحول ۽ گردپيش جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس سڀني ڪهاڻين ۾ اسان جي معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. سندس ڪهاڻيون دل کي ڇهندڙ آهن ۽ من ۾ پيهي وڃن ٿيون، ۽ معاشري جون صحيح معنيٰ ۾ عڪاس آهن. هونئن ته سندس سڀ ڪهاڻيون تمام شاندار آهن، پر سندس هي ڪهاڻيون نهايت اهم آهن: ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”محبت جي راهه تي“، ”گلو بادشاهه“، ”فرشتو“، ”پريشان انسان“، ”ريل ۽ زندگيءَ“، ”حيدرآباد“، ”محبت جي راهه تي“ هڪ رومانٽڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ع. ق. شيخ پنهنجي بمبئيءَ واري پراڻي سفر کي ياد ڪيو آهي ۽ ان ئي حوالي سان ڪهاڻي لکي اٿس. هڪ هنڌ لکي ٿو: ”دوست! اها ڪهاڻي اڃا پوري ڪانه  ٿي آهي ۽ نه ڪا ٿيندي. قدرت هن دنيا ۾ حسن ۽ سونهن جا رنگ محل جوڙي ڇڏيا آهن. هر ڪنهن محل ۾ ڪانه ڪا حسينه، ڪا نه ڪا شڪيله ۽ ڪا نه ڪا محبوبه ڪنهن نه ڪنهن جو انتظار ۽ اوسئيڙو ڪري رهي آهي.“ سندس ٻي ڪهاڻي، جنهن جو عنوان ”گلو بادشاهه“ آهي، جيڪو هونئن آهي ته هڪ غريب پٽيوالو پر بيحد خوددار ۽ سٻاجھو آهي ۽ هر هڪ جي ڪم اچي ٿو ۽ جواب ۾ صرف هن وٽ ٻه لفظ آهن: ”حاضر سائين“، ۽ ان جي جواب ۾ هو ڪنهن ۾ به ڪا لالچ ڪونه ٿو رکي. سندس هڪ ٻي ڪهاڻي جو عنوان آهي ”فرشتو“، جنهن جو ڪردار ’خانو‘ آهي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته ماڻهو جذبات جي رو ۾ لڙهي غلط ڪم ڪري ويهي ٿو، ليڪن ان جي باوجود عدالت جڏهن خانو کي عمر قيد جي سزا ڏئي ٿي ته خانو پاڻ جج صاحب کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته ”سائين مون سدوري کي بيقصور خون ڪيو، مون کي ڦاهي ڏني وڃي.“

”حيدرآباد“ ع. ق. شيخ جي يادگار ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ اتي جيڪا صورتحال پيدا ٿي ان تي ليکڪ تفصيلي بحث ڪيو آهي. ان ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، ”بيٺلن مان هڪڙي ڄڻي چيو: ”شڪر آهي ڪپڙو ملي ته ٿو- سهانگو يا مهانگو، نه ته ڪنٽرول جي زماني ۾ ڪپڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.‘ وري ٻئي ٽٽل ڦٽل اردو ۾ چيو، ’دو رپيه وٺينگا‘، اهي اکر ٻڌندي دوڪاندار جي چهري جو رنگ بدلجي ويو. ڳوٺاڻيءَ کي هيٺ مٿي نهاري چرئي وانگر رڙ ڪري چوڻ لڳو، ’جائو جائو بڙي آئي ليني والي، دو روپي مين تو ٽاٽ کي بوري بهي نهين ملتي.....جا جا تمهاري باپ دادا ني بهي کپڙا پهنا تها‘ هن جو شمار شيخ صاحب جي خوبصورت ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ ڪهاڻي ۾ پاڻ انگلينڊ ۾ ٽريننگ وار سفر کي بنياد بنائي هڪ خوبصورت تاثراتي ڪهاڻي لکي اٿس. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ع. ق. شيخ جون ڪهاڻيون ڏاڍيون دلاويز آهن، جن ۾ رنگن جي بهار به آهي ته سادگي ۽ سونهن به سمايل آهي. جس آهي سنڌي ادبي بورڊ کي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي هن بي لوث خدمتگار جو ڪتاب شايع ڪري کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com