عزيز ڪنگراڻي
شيخ اياز- سنڌي ادب ۾ تنقيد
(انٿالاجي، حصو پهريون)
جامي چانڊئي کي مون بنهه ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ مان هن کي ڪنهن حد
تائين دور دور تائين سمجھڻ جو دعويدار آهيان. جامي
آئوٽ اسپوڪن، ذهين ۽ پنهنجي ادبي ۽ سياسي موقف ۾
چٽو، بُردبار ۽ هڪ جيڏهن ۾ سنجيده قلمڪار ۽ پنهنجي
دفاع جو باقاعده هنر ڄاڻندڙ ڪالم نويس آهي.
جيتوڻيڪ اسين پاڻ ۾ سٺا دوست آهيون، پر هم خيال
قطعي نه. شايد اسان جي پائدار دوستيءَ جو جواز آهي
ئي اِها ڳالهه. هُو منطقي انداز ۾ سوچيندڙ ۽
ڳالهائيندڙ ۽ مان هوا ۾ هلندڙ شاعر! هن ادبي دنيا
جي گرگ ماڻهن جي صحبت ماڻي آهي ۽ مون معصوم ماڻهن
جي! هن کي لئبررين جو وسيع مطالعو آهي ۽ مان قليچ،
قراة العين حيدر ۽ شيخ اياز کي ئي پوريءَ طرح پڙهي
سمجھڻ جو دعويدار ناهيان. ”دکن جون ديوارون“،
”نيپال جا جھڙ“، ”لائوس جون هوائون“، ”محترم رسول
بخش پليجي جون بصيرت افروز ڪچهريون ۽ جويي صاحب جا
باشعور ۽ با حواس ليڪچر..... اهڙين شخصيتن جي
صحبت، شهر ۽ ڪتاب- مون رڳو خوابن ۾ ئي ڏٺا هوندا.
ها، صرف ڪجھ لمحا مون جاميءَ سان گڏ ڊاک جي رس تي
سو ضرور گڏ گذاريا آهن. (ڊاک، جنهن کي به ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ”ڊراک“ سڏي سنڌي صورتخطيءَ ۾ عجب جھڙو
ڪنفيوين پکيڙي ان مان رس ڪڍي ڇڏيو آهي.) جاميءَ
سان هر بحث جي پڄاڻيءَ تي مون پاڻ کي هميشه ڏڏ ۽
هن کي ذهين پئي سمجھيو آهي. چون ٿا ته گوئٽي به
انتهائي ذهين شخص هو، پر ذهين هجڻ جي باوجود هو
بيٿوون جون سمفنيز سمجھي نه سگھندو هو. مان به
جاميءَ جي بيحد فهم ۽ فراست کي سمجھڻ جو اهل
ناهيان، جو مون کي عقلي ڳالهيون نه، پر گوئٽي
وانگر حيران ڪندڙ شيون ئي اعتبار ڪرڻ لاءِ آماده
ڪنديون آهن. زندگيءَ ۾ مان ڪاهل ماڻهو آهيان ۽
جامي هڪ عملي انسان. بس اِن ڳالهه جي ڪري مان هن
جو سخت مداح ۽ سخت مخالف آهيان. جامي شاعر ڪونهي ۽
مون کي وهم آهي ته مان شاعر آهيان! منهنجو ضد هي
به آهي ته شاعريءَ کي سمجھڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ ماڻهو
شاعر کڻي نه ئي هجي، پر شاعراڻي دل جو مالڪ ضرور
هجڻ گھرجي. دنيا جي عظيم کان عظيم تر شاعرن جو به
چوڻ آهي ته سٺي شاعري آواره گردين مان سرجندي آهي،
جڏهن ته نقاد ۽ سنجيده قلمڪار آواره گرديءَ کي عيب
۾ شمار ڪندا آهن. مغرب جي هڪ وڏي نقاد جي سٽ آهي
ته: ”شاعري هڪ ڳڙکي آهي ۽ نه دروازو!“
ايليٽ شاعريءَ تي چار وڏا پرمغز ليڪچر ڏيڻ کان پوءِ هال کان
ٻاهر نڪرندي چيو پئي: ”آءِ اسٽل ڊائوٽ، واٽ از
پوئٽري؟“ هاڻ ڪير آهي هن زماني ۾ ايليٽ کان وڏو
نقاد، جيڪو دعويٰ ڪري ته هو شيخ اياز جي شاعريءَ
کي سربستو سمجھي ويو آهي؟ ڪير آهي اڄ، جيڪو چئي
سگھي ته هن شيخ اياز جا سمورا شعري مجموعا اکر اکر
ڪري پڙهيا آهن؟ هتي سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته
سٺ کان ستر واري ڏهي دوران گرامي صاحب جي شيخ صاحب
متعلق لکيل مقالي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽
رجحاناتا“ ۽ محمد ابراهيم جويي جي مهاڳن کي ڇڏي
شيخ اياز صاحب جي باري ۾ جيڪا به تنقيد لکي ويئي
آهي، پهرئين مرحلي ۾ ته خود ان تنقيد جو جائزو وٺڻ
گھرجي. منهنجي دوست جامي چانڊئي جي وڏي مهرباني جو
هُن، هِن انٿالاجيءَ ۾ ڪنهن بهاني ئي سهي، ان مواد
کي سهيڙي ان کي آئيندي جي سڄاڻ ۽ شاعريءَ جي آرٽ
سان ڪنهن ڪمٽيڊ نقاد ۽ ڪنهن گربخشاڻيءَ جھڙي باهوش
محقق لاءِ ميسر ڪيو آهي، هن ڪتاب جي اڪثر تحريرن
بابت مان انڪري به مشڪوڪ راءِ جو اظهار ڪريان، جو
جنهن زماني جون هي تحريرون آهن، ان زماني تائين
سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي شعور اڃان فارموليشن جي
مرحلي ۾ به ڪونه هو. اڪثر تحريرون محض شيخ اياز جي
فن، فڪر ۽ شخصيت جي دفاع جي خيال سان لکيل آهن ۽
شيخ اياز جي سنڌ جي جديد ۽ ترقي پسند سماج ۽
قومپرست سياسي فضا سان ربط جي نشاندهي ڪن ٿيون.
شيخ اياز صاحب کي ان جي چوهتر ساله زندگيءَ ۾ لڳ
ڀڳ چاليهه سال دوستن ۽ دشمنن ڪنهن نه ڪنهن طرح
تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ بقول عبدالقادر جوڻيجي جي
ته زندگيءَ ۾ جڏهن هن تي پٿر ورسيا ته ورسندائي
رهيا. اياز پاڻ به ان جي دانهن ڪئي آهي:
ساري شهر وسايا پٿر، جن سان چڪنا چور هيو،
پوءِ ڀي هن ٿي نعرا ماريا، مڙس ته ڪو منصور هيو.
عبدالقادر چواڻي، هاڻي هُن تي جڏهن گل ورسڻ شروع ٿيا آهن ته
ورسندا ئي پيا وڃن. اياز صاحب ان باري ۾ به اڳ ڪٿي
ڪري ويو آهي.
ٿي ساري سنڌ اياز نچـي،
ڇا ڇم ڇم آندئي ڇيرن جـي،
مون مُرڪي پنهنجو پاند ڏِٺو،
رُتِ آئـي ڳاڙهن ٻيرن جي.
شيخ اياز صاحب جي پُرجوش ۽ 1980ع کان پوءِ واري مسلسل ارتقا
پذير شعور ۽ شاعريءَ تي نقادن کي گھڻو ڪجھ لکڻ
گھربو هو، پر سينواريل تلاءَ جھڙي محدود ۽ غير
واضع سياسي سوچ رکندڙ نقادن ڇاڪاڻ ته اياز صاحب کي
پنهنجي نظرين جي عينڪ سان ڏسڻ پئي گھريون، ان ڪري
هُنن ان تي وڌيڪ لکڻ پسند نه ڪيو. اهڙو سلوڪ هُن
سان هُن جي هر همعصر نقاد ڪيو ۽ پوئين دور ۾ سواءِ
امير علي چانڊئي جي، شيخ اياز صاحب جي شاعريءَ کي
سمجھڻ ۽ بيان ڪرڻ وارو ڪوبه نقاد هن کي نصيب نه
ٿيو. شيخ اياز صاحب لکيو آهي ته: ”منهنجي شاعريءَ
جي اڀياس لکڻ جو صرف ان نقاد کي حق آهي، جيڪو ڪوئل
جي ڪوڪ جو مفهوم سمجھڻ جو اهل هجي.“ ۽ دوستو! اِن
هنگامه خيز زماني ۾ ڪوئل جي ڪوڪ کي سمجھڻ جو هاڻي
ڪو دعويدار رهيو به آهي ڇا؟ ڄاڻان ٿو ته شيخ اياز
صاحب پنهنجي فڪر ارتقا ۽ شاعراڻي رويي ۾ مسلسل
تبديليءَ باعث واقع به تاريخ جو هڪ ’دلچسپ ڪردار‘
نظر اچي ٿو ۽ ان بابت اسان تي بيحد لازم آهي ته
هاڻي اُن جو مطالعو نهايت صبر، پوري تحمل ۽ ٿڌيءَ
دل سان ڪريون. مون کي خبر ناهي ته شيخ اياز جي
پراڻن نقادن وٽ ان جي چاليهارو کن شعري مجموعن
پڙهڻ جو هاڻي وقت بچيو به آهي يا نه، ۽ اهو به
اهڙي وقت جڏهن الائي ڪهڙي سياسي سوچ رکڻ سان گڏوگڏ
اُنهن مان اڪثر جي ته نظر به ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽
هو اياز جي هر لفظ کي پڙهڻ جي اهل ئي ناهن رهيا.
دوستو! هي اُهو دور ڪونهي، جڏهن ديڳ جو هڪ چانور
چکي سڄيءَ ديڳ جو ذائقو ٻڌائي سگھبو هو. اهو ڪم
ڪنهن بورچيءَ کي ته جڳائي، پر اياز صاحب جو ڪو هڪ
اڌ اڳوڻو ڪتاب پڙهي ڪنهن پڙهي نقاد کي نٿو سونهي
ته هو ان بابت ڪا مجموعي سنجيده راءِ ڏيئي سگھي.
ننڍي کنڊ ۾ اقبال ۽ ٽئگور جي تخليقن کان قطع نظر شيخ اياز جي
عظمت آڏو هر شاعر، هر نقاد ۽ هر افسانه نگار جي
حيثيت ثانوي آهي- حتاڪه ڪشنچند بيوس، کيئلداس فاني
۽ نارائڻ شيام جي به. صرف فيض احمد فيض جي شهرت کي
ڇڏي، ن. م. راشد، جوش، ميراجي، اختر شيراني، ساحر
۽ ٻيا شيخ اياز صاحب جي پرجوش تخليقي ڪارنامن جي
اڳيان ڪابه حيثيت نٿا رکن. فهميده رياض، جميل
الدين عاليءَ، آصف فرخيءَ کان سواءِ ڊاڪٽر عاليه
امام ته اڳي ئي اياز صاحب جي دور ۾ موجود سڀني
پاڪستاني شاعرن کي ”ڄامڙن“ جو لقب ڏئي چڪي آهي.
سو منهنجا محترم دوستو! اڄ شيخ اياز صاحب جي اهڙيءَ سربلند
تخليقي شخصيت سان انصاف ڪرڻ تِهائين وڌيڪ ضروري
آهي. ڪير ڪندو اِهو انصاف؟ ۽ ڪڏهن ڪندو؟ ۽ ڇا ڪڏهن
ڪري به سگھندو؟ اهو ڪيئن چئجي! في الحال رڳو ايترو
چوندس ته اياز صاحب سنڌيءَ ٻوليءَ جي چوگرد پنهنجي
شاعريءَ سان هيءَ جيڪا ”ديوار چين“ کڙي ڪري ويو
آهي، منهنجي دوست جامي چانڊئي ان ديوار ڏانهن هن
ڪتاب (شيخ اياز- سنڌي ادب ۾ تنقيد- انٿالاجي، حصو
پهريون) جي صورت ۾ هڪ دروازو کوليو آهي. خدا ڪري
ته هن دفعي ان دروازي مان سٺ- ستر واري ڏهاڪي وارو
ڪو زوال پسند، رجعت/ فنڊامينٽلسٽ مارڪسي نقاد داخل
ٿيڻ بدران ڪو خوش فڪر، آرٽ ۽ ڪوئل جي ڪوڪ جو مفهوم
سمجھندڙ نقاد ان ڏانهن وک وڌائي ۽ ان جا راز کولي،
جنهن لاءِ خود اياز صاحب فرمائي ويا آهن:
جنهن وقت هوا جي جھلڪي ۾، ڪو گيت ٻڌين مان توسان هان،
مان دور سهي پر ايندو هان، ڪا ريکا دور ڌنڌلڪي ۾،
جنهن وقت ڏسين، مان توسان هان،
تون سار سهاري ترندي رهه،
ها! ڪنهن آ ڳانجھي اُلڪي ۾،
جنهن وقت ٻڏين، مان توسان هان، مان توسان هان-
نصير مرزا
هڪ جُلدي سنڌي لغت
سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ گذريل سان سنڌ جي مايه ناز عالم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ۽ تيار ڪيل ”هڪ
جُلد سنڌي لغت“ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. هن لغت جي
تياريءَ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سندس علمي
مددگار شيخ محمد اسماعيل 1992ع کان شروع ڪيو هو ۽
1994ع ۾ ان کي تڪميل تي پهچايو. اٿارٽيءَ جي باني
چيئرمن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هيءَ لغت محترم
حميد سنڌيءَ جي ايامڪاريءَ ۾ ڇپجي راس ٿي ۽ ڊاڪٽر
غلام علي الانا جي دور ۾ پڌري ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾
”جامع سنڌي لغات“ جي پنجن جلدن جي اشاعت کان پوءِ
هن ”هڪ جلد“ سنڌي لغت جي وڏي اهميت آهي. 750 صفحن
تي مشتمل هن لغت ۾ ستاويهه هزار لفظ ۽ اصطلاح شامل
آهن، جيڪي عام زندگيءَ، دفترن ۽ اخباري دنيا ۾ ڪم
ڪندڙن ڪارڪنن، شاگردن، آفيسرن ۽ استادن جي ڄاڻ ۾
واڌارو ڪري سگھن ٿا.
پهريون ڀيرو انگريزي ڊڪشنرين جي اسٽائيل ۾ خوبصورت چار رنگي
ٽائيٽل ۽ ريگزن واري جلد بنديءَ سان شايع ٿيل هن
خوبصورت ”هڪ جلد سنڌي لغت“ جي تڪميل لاءِ جتي سنڌي
لئنگويج اٿارٽيءَ جو (اڳوڻو) چيئرمن محترم حميد
سنڌي، (موجوده) چيئرمن ڊاڪٽر الانا، سيڪريٽري تاج
جويو، پبليڪشن آفيسر امين لغاري مبارڪباد جا مستحق
آهن، اتي آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچيءَ جي نور احمد
ميمڻ کي نه ساراهڻ زيادتي ٿيندي، جنهن پنهنجي
اشاعتي ساک کي قائم رکندي، هن قسم جي خوبصورت لغت
وڏي اهتمام سان ڇپي ڏني آهي.
هن لغت ۾ موجود لفظي ۽ اصطلاحي مواد جي اهميت پنهنجيءَ جاءِ تي،
پر هن لغت جي علمي اهميت ۽ افاديت ۾ جيڪو واڌارو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تفصيلي مهاڳ ۽ محترم
تاج جويي جي ”سنڌ ۾ لغت سازيءَ جي تاريخ“ واري
معلوماتي ۽ مفصل مضمون جي ڪري پيدا ٿيو آهي، ان کي
داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مهاڳ ۾ سنڌي لغت نويسيءَ، ان جي
مرحلن، ان جي استعمال ۽ فن تي جامع نموني روشني
وڌي آهي، جڏهن ته تاج جويي، سنڌ ۾ 16 صدي کان وٺي
اڄ تائين لغت نويسيءَ جي تاريخ تي تفصيلي، تحقيقي
۽ تاريخي مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ عربي- سنڌي،
سنڌي- عربي، فارسي- سنڌي، سنڌي- فارسي، انگريزي-
سنڌي، سنڌي- انگريزي، اردو- سنڌي ۽ سنڌي- اردو
لغتن جي تفصيل ڏيڻ سان گڏ سنڌي زبان ۾ ڇپيل پهاڪن
۽ اصطلاحن جي لغت، ڪتابن جا تفصيلي انگ اکر ڏيئي،
پڙهندڙن جي معلومات ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. ”هڪ جُلد
سنڌي لغت“ هر پڙهيل- لکيل سنڌيءَ جي گھر ۾ توڙي هر
دفتر ۽ تعليمي اداري ۾ هئڻ ضروري آهي، جنهن جي
قيمت چار سو رپيا آهي. هن خوبصورت لغت جي ڇپائيءَ
تي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ کي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ
اميد رکي سگھجي ٿي ته هيءُ ادارو، مستقبل ۾
انگريزي- سنڌي، سنڌي- انگريزي، ۽ دفتري استعمال جي
لاءِ سنڌي انگريزي دفتري لغت تيار ڪري، سنڌي
ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندو.
- آزاد ”انور“ ڪانڌڙو
سنڌ جو عطار (سچل سرمست)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي سنڌي ادب جا اهڙا انمول
رتن آهن، جن تي سنڌ واسين کي هميشه ناز آهي ۽
رهندو. شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي تمام گھڻو
ڪم ٿيو آهي، پر سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي
اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سچل سرمست جي شاعريءَ، فن ۽ فڪر تي پهريون ۽ بنيادي عملي ۽
تحقيقي ڪم 1902ع ۾ مرزا علي قلي بيگ ڪيو. ان کان
پوءِ سچل سرمست رحه جي مختلف شارحن ۽ پارکن سندس
شاعري ۽ پيغام جو جائزو وٺي سندس ڪلام جي آسان
سمجھاڻي پڙهندڙن جي سامهون پيش پئي ڪئي آهي. 1959ع
کان وٺي هر سال سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي
ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. 1980ع کان
وٺي ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل تحقيقي مقالن کي شايع
ڪرڻ جو بندوبست شروع ٿيو. 1959ع کان وٺي 1999ع
تائين جي ڊگھي عرصي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پر مغز مقالا
۽ مضمون پڙهيا ويا. انهن مقاله نگارن ۾ ڪي اهڙا به
شارح آهن، جيڪي تقريباً هر ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيڻ سان گڏ پنهنجا مقالا پيش ڪندا ٿا رهن. انهن
خاص عالمن ۾ محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق به آهي.
ڊاڪٽر شوق صاحب سنڌي علم ۽ ادب جو اهو کاهوڙي اديب
آهي، جيڪو تحقيق، تخليق ۽ تنقيد جي ميدانن ۾
پنهنجيءَ ڏانءُ سان گڏ هڪ الڳ ۽ منفرد مقام رکي
ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن کي وڏي قدر
سان ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. سچل سرمست جي فن ۽
فڪر ۽ صوفياڻين رمزن جي اپٽار تي لکيل ۽ پڙهيل
سندس تحقيقي مقالن کي گڏي ”سنڌ جو عطار- حضرت سچل
سرمست“ جي نالي سان، سچل سرمست يادگارڪاميٽي
خيرپور طرفان 1999ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ڪل پندرهن عنوانن تي مشتمل آهي، ان جو ”پيش لفظ“
محترم تنوير عباسي لکيو آهي، جڏهن ته ”ٻه اکر“
ڊاڪٽر گل حسن لغاري لکيا آهن. ان کان پوءِ شوق
صاحب جا مقالا شروع ٿين ٿا، جن جو وچور هن ريت
آهي: (1) ”سچل سرمست جي ڪلام سان ڪيل زيادتين جا
ڪجھ مثال، (2) ”سنڌي ڪافيءَ جو سرواڻ- حضرت سچل
سرمست“، (3) سچل سائينءَ جي سرائڪي ڏوهيڙن ۾ اکڙين
جو مضمون“، (4) ”سچل جي شاعري- تاريخ جي روشني ۾“،
(5) ”سچل سرمست جي سرائڪي شاعري“، (6) ”سچل
سائينءَ جو طالب- گھرام فقير جتوئي“، (7) ”سچل
سائينءَ جي ڪلام ۾ صوفياڻا اصطلاح“، (8) ”فقير
محمد صالح فاروقي“، (9) ”سخي قبول محمد ٻئي جي
سلسلي جا شاعر“، (10) ”سچل سرمست جو ساقي نامو“،
(11) ”آڪيداس- سچل سائينءَ جو هڪ محبوب صوفي“،
(12) ”سيد خيرل شاهه“، (13) ”سچل سرمست ۽ ڪن ٻين
شاعرن جي ڪلام جو هڪ ناياب نسخو“، (14) ”فقير محمد
صلاح“ ۽ (15) ”حضرت سچل سرمست- سنڌ جو عطار“.
ڪتاب جو نالو، ان ۾ شامل آخري مقالي جي عنوان جي مناسبت سان
رکيو ويو آهي. مصنف، سچل سائينءَ جي ڪلام سان
فريدالدين عطار جي ڪلام، فن ۽ فڪر ۽ صوفياڻين
تمثيلن جي ڀيٽا سهڻي پيرايي ۾ ڪئي آهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سچل شناسيءَ“ تي هيءُ
پهريون ڪتاب نه آهي، بلڪ هن کان اڳ سچل متعلق ۽
سندس طالبن جي سوانح ۽ ڪلام جي اهميت، افاديت ۽
سندن ڪلام تي سچل سائينءَ جي صوفياڻن خيالن ۽ رمزن
جي اثر ۽ اپٽار جي حوالي سان سندس پنج ڪتاب اڳ ۾
ئي شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”ڪلام حضرت سچل سرمست“،
”سچل سارو سچ“، ”سچل سرمست جو طالب- فقير محمد
صلاح“، ”سچل سرمست جا طالب“ ۽ ”ڪلام فقير عبدالله
ڪاتيار“ آهن ۽ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو سچل
شناسيءَ تي ڇهون ڪتاب آهي.
ڪتاب ۾ شامل سڀيئي مقالا، پنهنجي افاديت، علمي، ادبي ۽ تحقيقي
تقطه نگاهه کان تمام اهم ۽ پرمغز آهن. سچل سائينءَ
جي صوفياڻن خيالن، ڪلام ۾ پيش ڪيل تمثيلن ۽ وقت جي
تاريخ ۾ پيش آيل واقعن، سندس طالبن ۽ انهن جي
سوانح سان گڏ سندن ڪلام تي سچل جي صوفياڻن اثرن جي
متعلق نهايت عالمانه انداز ۾ اپٽار ڪئي ويئي آهي.
سچل سائين متعلق هي ڪتاب سچل سرمست جي شارحن ۽
نقادن سان گڏ عام پڙهندڙن لاءِ به هڪ اهم علمي،
ادبي ۽ تحقيقي ماخذ آهي.
نامياري چترڪار قيوم منگي جي ٺاهيل سهڻي رنگين ٽائيٽل ڪور سان
مزين، هڪ سو ٻيانوي صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت
پنجاهه رپيا آهي، جيڪا تمام مناسب آهي.
نذير احمد ”شاڪر“ بروهي
سرمست- 19
حضرت سچل سرمست جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هر سال سائينءَ جي عرس
جي موقعي تي ’سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور‘
طرفان سچل ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيندو رهي ٿو ۽
هر سال انهيءَ ڪانفرنس ۾ پيش ٿيندڙ مقالن کي
”سرمست“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو
آهي. اهو سلسلو ڪافي سالن کان جاري آهي. هيل تائين
”سرمست“ جا اڻويهه پرچا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ سچل
جي فڪر ۽ ڪلام تي نهايت تحقيقي نوعيت جا مقالا
ڇپجي چڪا آهن. ”سرمست“ جو هر پرچو مواد جي لحاظ
کان علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. سچل
جي فڪر ۽ شاعريءَ تي تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ اديبن
لاءِ ’سرمست‘ جا سمورا شمارا بنيادي ماخذ جي حيثيت
رکن ٿا.
اسان جنهن پرچي جو تذڪرو ڪري رهيا آهيون، اهو سچل سائينءَ جي
177 هين عرس جي موقعي تي پڌرو ٿيل ”سرمست- 19“
آهي، جنهن ۾ گذريل سال (1998ع) سچل سائينءَ جي
ميلي جي موقعي تي سچل ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا شامل
آهن، اڳين شمارن جيان هن شماري کي پڻ محمد علي
حداد مرتب ڪيو آهي. هت اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته
سال 99ع کي ”سچل جو سال“ ڪري ملهايو پيو وڃي،
ڇاڪاڻ ته هن سال سچل سائينءَ جو ميلو ٻه دفعا ٿي
رهيو آهي. پهريون 3- جنوري 99ع تي (جيڪو ٿي گذريو)
۽ ٻيو 23- ڊسمبر 99ع تي، جو ٿيندو. ان حوالي سان
محترم محمد علي حداد نهايت ڪارائتيون تجويزون پيش
ڪيون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان هي ’سچل جو سال‘ ڏاڍي
شاندار نموني سان ملهائي سگھجي ٿو.
”سرمست- 19“ هر لحاظ کان معياري ۽ تحقيقي نوعيت جو پرچو آهي. هن
پرچي ۾ 9 مقالا شامل آهن جيڪي مختلف اديبن جا لکيل
آهن. هر سال جيان هن سال به ’سچل تي ببليوگرافي‘
جو حصو پڻ ڏنو ويو آهي، جيڪو محمد علي حداد ڏاڍي
محبت سان تيار ڪندو آهي. ڪجھ سالن کان ’سرمست‘ ۾
شايع ٿيندڙ مقالن کي موضوع وار عنوانن ۾ ورهايو
ويو آهي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي.
”سرمست- 19“ کي جن موضوع وار عنوانن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، انهن
جو تفصيل ڪجھ هن ريت آهي: ”پنهنجي پاران“ ۾ مرتب
محمد علي حداد، 99ع سال ۾ ٿيندڙ سچل جي ٻن ميلن جي
حوالي سان مختلف نوعيت جي پروگرامن جو تفصيلي خاڪو
پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سيمينار، راڳ رهاڻ، مشاعرا،
سچل بابت ڪتابن جي اشاعت، ايوارڊن جو اجراءَ ۽
ٻيون تجويزون ڏنل آهن. جڏهن ته هن سال سچل جي ٻن
ميلن جي وضاحت ڪندي حداد صاحب ڄاڻايو آهي ته ”سچل
سرمست جو ميلو ساڳئي عيسوي سال ۾ ٻه ٻه دفعا
ملهائجڻ وارو شرف صرف هلندڙ سال کي ئي نصيب نه پيو
هئي، بلڪ سچل سائينءَ جي يوم وصال 14- رمضان
المبارڪ 1242هه مطابق 11- اپريل 1827ع کان وٺي هن
مهل تائين اهڙي قسم جا پورا پنج عيسوي سال اهڙا ٿي
گذريا آهن جن ۾ سچل جو ميلو ٻه دفعا آيو آهي. اهي
سال آهن، 1836ع، 1868ع، 1901ع، 1933ع ۽ 1966ع.“
(ص: 7)
ب: ”سچل جو انداز فڪر“ جي موضوع سان ٽي مقالا: (1) ٽوڙ رواج ۽
رسمون ساريون“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، (2) ”سچل
سائينءَ جي اردو شاعريءَ ۾ عشق جي اپٽار“ ڊاڪٽر
بشير احمد شاهه، (3) ”واهه مٽي تنهنجو ملهه“ خادم
عباسي، شامل آهن. ٻيو موضوع، ج: ”سچل ۽ سنگيت“
آهي، جنهن ۾ فقط هڪ مقالو ”سماع جي اهميت ۽ سچل“،
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جو لکيل آهي. ٽيون موضوع،
د: ”سچل ۽ عهد حاضر“ آهي، جنهن ۾ ٻه مقالا ڏنل
آهن: (1) ”سچل سرمست- هر دور جو رهنما شاعر“ انعام
شيخ ۽ (2) ”سچل ۽ روشن خيالي“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
جو تحرير ڪيل آهي.
جڏهن ته ٽيون موضوع، هه: ”سچل جو مڪتب“ ۾ ٽي مقالا شامل آهن،
پهريون مقالو ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سچل سرمست جو
استاد- عبدالله قريشي“، ٻيو مقالو محمد پنهل ڏهر
جو ”ڪوجھيءَ جي ڪلام ۾ سچل سائينءَ جو ذڪر“ ۽ ٽيون
مقالو، ”سچل جو پروانو- قاضي علي اڪبر درازي“ آهي،
جنهن جو ليکڪ آهي امام راشدي. جڏهن ته ڪتاب جي آخر
۾ و: ”سچل جو ذڪر“ جي عنوان سان محمد علي حداد جي
مرتب ڪيل سچل تي ببليوگرافي شامل آهي ۽ ان ۾
نوجوان تاريخدان غلام محمد لاکي صاحب جو گھڻو
سهڪار جو شامل آهي.
”سرمست(19)“ جو هيءُ پرچو ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان معياري
۽ وڻندڙ آهي. ٽائيٽل ڊزائين ۽ فوٽوگرافي تي
نامياري آرٽسٽ سعيد منگي جي محنت ڪتاب کي وڏي
سونهن سوڀيا بخشي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ، حضرت سچل جي
موضوع تي اڳوڻن سلسلن، سووينئرس ۽ تحقيقي ڪتابن
وانگر، پوپٽ پريس خيرپور مان ڇپيو آهي، جنهن ۾
قربان منگي ۽ سندس مخلص ساٿين پنهنجي روايتي محنت
آفرين محنت کي سمايو آهي. ان طرح ڪانفرنس جي
يادگار تصويرن سان به ڪتاب جي معيار ۾ واڌارو ٿيو
آهي. 112 صفحن تي مشتمل هن پرچي جي قيمت فقط 40
رپيا آهي. پر هڪ تجويز آهي ته ’سرمست- 19‘ کي ڪتب
فروشن وٽ عام ڪيو وڃي، جيئن اهلِ علم سان گڏ عام
پڙهندڙ به هن مان استفادو حاصل ڪن. |