سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :3

مظهر لغاري

 

اسان جو عشق رڳو شاعريءَ  جو ٻارڻ ٿيو!

اسان سان ديس دشمنيءَ جو رکي ٿو اعزاز،

۽ اسين غم به ٿا کايون ۽ هار کايون ٿا؛

اڃا به جنگ لئه ارجڻ جو اچي ٿو آواز،

نيٺ دشمن سان اسين پيار ڇو جتايون ٿا!

محبتون به اُهي ئي، جديد ٿي ويا غم،

ٻنهيءَ کان خلق ڊڄي پوئتي هٽي ٿي وڃي؛

لهو لهان بدن ٿيو وڃي، دل جو پرچم،

۽ جنگ بس رڳو هارائي ئي کٽي ٿي وڃي.

درد جي رات، ستارا ڪريون ته گذري ٿي،

هوس پرستي مئڪدي ۾ ئي مقيم آهي؛

پاڻ کان پاڻ ڪنارا ڪريون ته گذري ٿي،

زندگي، جا محبتن جي هت يتيم آهي!

يار مئخاني ۾ پهتا، اسين اُٿي وياسين،

جنگ جيڪا سياستن نه کٽي، جيتي سين،

ديس خنجر کنيو، چپ چاپ قتل ٿي وياسين،

خمار ٿيا، شڪست جي شراب پيتي سين،

حسن جو ديس نه هو ڪجھ به عذابن کان سواءِ،

بهار آئي ته سک چين سڀ روانا ٿيا؛

ڪا به سچائي بچي ڪانه شرابن کان سواءِ،

هتي گناههِ محبت ڪئي، زمانا ٿيا.

پاڻ سمجھيو ته تون دل جو ڪتاب پئي ٿي پڙهين،

جو دل جي اردگرد هئين، جدا ته ڪانه هئين؛

تون رڳو بيوفائيءَ جو نصاب پئي ٿي پڙهين،

ملي به ڪانه ملئين، تون خدا ته ڪانه هئين.

دل جي ٻيڙيءَ کي کڻي ويون هوائون ۽ ڇوليون،

پيار جي ريگزار تي نه آسمان جھڪيو،

روح گھاٽن وڻن پٺيان ٿي دوستيون ڳوليون،

وقت پر ڪاٺ- ڪُٽو ٿي محبتن کي ٽُڪيو.

اهائي تنهنجي بيرخي، اُهي اسين ساڳا،

جيئن ذليل ٿيڻ ۽ گھنگھر ۾ گھارڻ ٿيو،

اکين کي توکان مليا انتظار اوجاڳا،

اسان جو عشق رڳو شاعريءَ جو ٻارڻ ٿيو!

 

l

 

”محسن“ ڪڪڙائي

غزل

اک اک ۾ حسرتن جا انبوهه ٿو ڏسان مان،

ڪنهن کي ڏيان تسلي، ڪنهن سان گڏ رُئان مان!؟

زخمن کان چور، سڀ کي ڏک ۾ ڏڌل ڏسان پيو،

جنهن سان به چار گھڙيون ويهي گذاريان مان!

ناتا، تعلقات، هي رشتا، هي ياريون،

ڪاٿي وڃي لڪا سڀ، ڪنهن کي ڳوليان مان؟

پنهنجي، ٻچن جي، گھر جي پيڙا ۾ پيڙجان پيو،

”ڇا قوم تي لکان مان، ڇا حُسن تي لکان مان“!؟

خاموش هان ته بزدل، دانهون ڪيان ته باغي،

کامان، پچان به ڪيسين ڦٿڪان، لُڇان پڇان مان!؟

منهن تي منافقت جي ٽهڪن جو پوش پاتل،

هر هنڌ، هر جڳهه تي، مقبول آهيان مان،

جي منهنجي وس هجي ڪجھ، جي منهنجي هٿ هجي ڪجھ،

دنيا جي هر مسرت، توکي ڇني ڏيان مان.

مايوسين جي ڌنڌ ۾ محسن ڪٿي پري کان،

هڪ ترورو اميد جو پيو ٿو ڏسان اڃان مان.

l

ادل سومرو

وائي

خوشين تي ڪهڙو ڀروسو!

هي آيون ۽ ويون،

رهندو ساٿُ ڏکن جو.

سفر ۾ ڪنهن سان گھڻو،

مرڪون ڪين ڪين هليون،

رهندو ساٿُ ڏکن جو.

تنهنجون ڳالهيون درد جون،

گوتم! سچ لڳيون،

رهندو ساٿُ ڏکن جو.

جيسين جيون جون کُٽن،

سوڙهيون يار ڳليون،

رهندو ساٿُ ڏکن جو.

l

 

آثم ناٿن شاهي

اَڻ- ٿيڻي

چانڊوڪيءَ کي؛

منهنجي گھر کان روڪڻ وارا!

چانڊوڪي ڪنهن جي به چئي سان-

رُڪبي ناهي.

منهنجي آڳر کان؛

خوشبو کي موڙڻ وارا!

خوشبو ڪنهن جي مرضيءَ ساڻُ نه-

مُڙندي آهي.

منهنجي ڳوٺ ۾ مينهن پوڻ تي؛

ارها ٿيندڙ!

مينهن تي ڪا پابندي ڪانهي-

ڀونءِ مٿان ڪاٿي به وسڻ جي،

سونهن، خوشيءَ سان؛

پنهنجا اوليڙا ٿي اُڇلي مون تي،

اوليڙن کي جسم ته ڪونهي،

سو اُڏري پيا ايندا-

تون ڪيئن تن کي پنهنجي مُٺ ۾ پڪڙيندين؟

ماڪ- ڦڙا ۽ هير اَسُر جي-

ڦلواڙين کان ڪيئن ڦريندين؟

تنهنجي ڪا ڀي ڪوشش اهڙي-

تنهنجي- پنهنجي اَڻ- پورائيءَ جو ڏس ڏئي ٿي؛

ٻيو ڇا آهي!

ٻيو ڇا ٿيندو؟

l

 

احمد سولنگي

4- اپريل 1979ع

لمحي لمحي جي پيڙا ۾،

منهنجو سَت سُڪو ئي ناهي!

ڳچيءَ جي سوڙهيءَ سِرڪڻ کان،

جانٺو جيءُ  ڊنو ئي ناهي!

سڏ ڪري ٿو ڪالاڻي

مون کي اوچي تختي تان

ويڙهي مرڪ کٿوريءَ ۾

ٿو آڇي دار جھروڪي مان

ٿي راکي رات ٻڌي مون کي

۽ ڳاڙهو تِلڪ لڳائي ٿي

هوءَ ڪيئي لڙڪ ستارن جا

ڄڻ پنبڻين ۾ اٽڪائي ٿي

۽ پوکوليءَ ۾ هو چنڊ،

پير- ڪڙين کي کولي ٿو،

مون کي ٻَهر ڪڍي پو هو

رستو پار اڪاري ٿو

ڦرهو ڦرهو گھاٽ ڏسي

بيٺو دور نهاري ٿو

بيٺو دور نهاري ٿو!

l

 

سوز هالائي

غزل

نوان ڪي نينهن ڪجن، جو نوان خطاب ملن.

نوان قصور ڪجن ۽ نوان عتاب ملن.

سڀيئي پيار جا دستور ٿي فرسوده ويا،

نوان نظام کپن ۽ ڪي انقلاب اچن.

نوان سلام ڪجن ۽ نوان ڪلام ڪجن،

نوان نقاب کلن ۽ نوان حجاب ٿين.

ڪشادي صحن ۾ محبت جا ماهتاب کڙن،

کليل هوا ۾ به ٽڙندا سدا گلاب رهن.

نوان الهام ٿين ۽ ڪوري ڪتاب لکن،

محبتن جا ڪي روشن سونهري باب کلن.

سدائين سونهن جي سربخت سندو خير هجي،

اسان جا نيڻ عجيب ۽ حسين خواب ڏسن.

l

اياز گل

غزل

ساٿ تنهنجو ڇڏي ڀڳو ناهي،

توکي بهتر تڏهن لڳو ناهي!

توسان آهي ته پوءِ بدلبو ڪيئن؟

پيارُ آهي پرين! وڳو ناهي.

ماريو ويو آ، پڙ ۾ سوڍي جيان،

خواب نيڻن منجھان ڀڳو ناهي.

دل تي هيڏو هي درد جو حملو،

سائرن، پر ڪٿي وڳو ناهي!

پاڻ ئي مهربان ٿي ويو ڪو،

مون ته سوريو ڪوئي سڳو ناهي.

توکان منهنجي گھٽي به وسري وئي،

مون ته ڀيرو ڪڏهن ڀڳو ناهي!

ايترا غم کڻي هو ڪيئن جيئندو؟

ماڻهو آهي مٺا! ڍڳو ناهي!

l

حسن درس

غزل

ڇا ته درشن اکين ۾ ٻَکيو ٿو رکين،

ڳالهه هڪڙي، جا هر هر رکيو ٿو رکين.

ٽٻ پيالو سڄو چاندنيءَ جو چوان،

چنڊ کي ڍنڍ ۾ تون چکيو ٿو رکين.

ڳالهه هر هر هوا ۾ هُلي ٿي وڃي،

عشق کي مشڪ ۾ ڇا مکيو ٿو رکين.

وقت واسينگ جو وٿ آ واٽ تي،

درد تون نانگ کي به ڪکيو ٿو رکين.

ڳالهه تنهنجيءَ جو ٽانڪو لڱن کي لڳي،

بات سان تون بدن کي بکيو ٿو رکين.

جن اکين مان هو مون شهر سارو ڏٺو،

شهر تون تن اکين تي اکيو ٿو رکين.

l

احمد ٽالپر

گيت

 

آءُ هلي تون آءُ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

برکا رُت ڪيا ويس وسڻ جا،

ياد پيا پل تنهنجي اچڻ جا،

ڪهڙي ڪارڻ هاءِ! نه آئين،

ساڙيو تنهن سوداءِ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

 

ڪارونجھر تي مور ٽهوڪيا،

ڪيڏا ها مون اُڌما روڪيا،

ڪر موڙي ڪي اُٿيون آسون،

توکي سُڌ نه سماءُ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

 

ڪويل ڪوڪي، تاڙي تنواريو،

ڪيڏو توکي، ساهه سنڀاريو،

اوسيئڙو ۽ اُلڪا، اُڊڪا،

تو بن سُهڳ نه ساءُ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

 

پلپل پور ۽ سور سوايا،

تنهنجي وڇوڙي ويل وهايا،

گھڙيءَ گھڙيءَ، هِت، ماندي  من ۾،

ڪينجھر جيڏا گھاءُ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

 

هر پل تڙپي، تو لئه جاني،

هيکل ويا ڪل، ڦوهه جواني،

موٽ متان وڃي، يار! وهامي،

جوڀن ناهي جٽاءُ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

 

توبن گھاريان، ڏينهن ڏهيلا،

”احمد“ اُڻ تڻ، آتر ويلا،

ساهه تي ڪهڙو، ويسهه آهي،

جيون دم جو داءُ، او ڍوليا! آءُ هلي تون آءُ!

l

ماڻڪ ملاح

گيت

 

جيون رنگ رتولڙو!

پاڻياريءَ جي ڇاتيءَ ٻکجي،

آلو پيو آ چولڙو،

جوڀن رنگ رتولڙو!

 

نڪرين گھر کان قسمت سانگي، جيڏين سرتين ساڻ سُکا تي،

ٺهي ٺڪي ۽ سنبري جڏهين،

تنهنجو وهه وا آهي تڏهين،

آئيني ۾ اولڙو،

جوڀن رنگ رتولڙو!

 

موسيقيءَ ۾ ساز وڌيو جو، تنهنجو آ آواز مليو جو،

سارنگ سُر مان سُڻبو آهي،

چنگ مان ڪڏهين ٻڌبو آهي،

ٻهه ٻهه تنهنجو ٻولڙو،

جوڀن رنگ رتولڙو!

سونهن سنديون ڇيٽن مان ڇاٽون، بونبيارا ڇاتين جا لاٽون،

چانڊوڪيون ۽ چيٽ لڳن ٿا،

ساٺيڪن جا سيٽ وڻن ٿا،

ٽلندو آيو ٽولڙو،

جوڀن رنگ رتولڙو!

 

ويل وڃڻ جي تو ته چيو، چيٽ اچڻ تي موٽي اچجو،

ماڪن مند ۾ ئي ملنداسون،

رڳ رڳ اندرئي رچنداسون،

پنهنجو پاڙيو قولڙو،

جوڀن رنگ رتولڙو!

 

خالي گھر کان دل گھٻرائي، چس رهي ڪنهن شيءِ ۾ ناهي،

من رهي ٿو مٽبو ماڳهين،

جاءِ نه هڪ تي پر آ ڪڏهين،

سير، رتي ۽ تولڙو،

جوڀن رنگ رتولڙو!

l

 

ساحر راهو

غزل

ڳلين ۾ پنکڙيون، خوشبو هوائن ۾ رُلي ويندي،

گلابي مند لڙڪن جي گھٽائن ۾ رُلي ويندي.

فقط هوءَ سوڀ چاهي ٿي، محبت جنگ ناهي ڪا،

خوديءَ ۾ غرق ٿي ويندي، انائن ۾ رُلي ويندي.

ڪويءَ جي سحر ۾ جڙجي وئي اڻڄاڻ وينگس آ،

جڏهن پردو کنيو دردن، غفائن ۾ رُلي ويندي.

شهر جي رونق پويان، لڪل ڇاهي، نٿي ڄاڻي.

اياڻي دل ته رنگن ۽ ادائن ۾ رُلي ويندي.

جوانيءَ جي مقدر ۾ فقط پگھرڻ لکيو ويو آ،

گلن جي تازگي اڏري ڏسائن ۾ رُلي ويندي.

نٿي ڄاڻي وٿي ڪيڏي وچان آڪاش ڌرتيءَ جي،

چڪوري چنڊ ڏي اڏندي خلائن ۾ رُلي ويندي.

سمورا رنگ فطرت جي ڏهاڳڻ روپ ٿي پوندا،

سُرن جي هر صدا ”ساحر“ فضائن ۾ رُلي ويندي.

l

 

بخشڻ مهراڻوي

ها، تون ته هلي وئين آن....

ها، تون ته هلي وئين آن،

پر توسان گڏ جانان،

ڇا ڇا نه هليو ويو آ،

آواز اُجھامي ويا،

ڄڻ جسم ٺري ويو آ،

ڄڻ تند ٽٽي پئي آ،

ڄڻ ساز مري ويو آ،

تولاءِ ڪتيون تارا،

هي چنڊ، اکيون، چارا،

هر روز پڇن ٿا پيا،

هوءَ ڪيڏانهن وئي آهي!

جنهن لاءِ جوانيءَ کي،

تو داءُ لڳايو هو،

هي هنڌ پڇن ٿا پيا،

هي پنڌ پڇن ٿا پيا،

ڪا موٽ ملي ناهي،

ڪو ڪيئن ڀلا جيئندو؟

ڪنهن سڏ ٻڌو ناهي؟

l

 

مقصود گل

پيار ۽ آزادي

بنا پيار جي زندگي آ اڌوري،

بنا پيار جي بندگي ناهه پوري.

بنا پيار هرڪار بيڪار آهي،

بنا پيار سنسار، سنسار ناهي.

بنا پيار جي يار دلدار ڇا جو؟

بنا پيار جي هار سينگار ڇا جو؟

بنا پيار جي ڇا ڪبو دوستيءَ کي،

اکين کان سوا ڪيئن ڏسون روشنيءَ کي،

بنا تيل ڏيئو ٻري ڪونه سگھندو،

ٻڌل جنهن جون  ٻانهون تري ڪونه سگھندو.

سهي درد دک ۾ ڀلا ڪو کِليو آ؟

بنا عشق الله ڪنهن کي مليو آ؟

بنا پيار ڌرتي سڄي ڌرتتي آ،

تتيءَ مند ۾ ڪنهن نه راحت وتي آ.

بنا پيار جي آهه برباد ماڻهو،

بنا پيار ڪهڙو آ آزاد ماڻهو.

اگر پيار آهي ته سنسار آهي،

بيابان ڀي ڄڻ ته گلزار آهي.

اگر پيار آهي ته پو زندگي آ،

عبادت خوشي، پيار سان زندگي آ.

منافق سندي دوستي ڇا ڪنداسي،

بنا پيار آزادگي ڇا ڪنداسي؟

اگر پيار آهي ته آزادگي آ،

جي آزادگي آ ته پو هر خوشي آ.

اگر پيار آزادگيءَ ساڻ هوندو،

ته ان لاءِ انسان سر دانُ ڏيندو.

بنا پيار آزادگي ڪبير ڏيندو؟

اهو پيار ان لاءِ قربان ٿيندو.

جيئن گل اکيون زندگيءَ لئه ضروري،

تيئن پيار آزادگيءَ لئه ضروري.

جيئن سوچ ذهنن جو سينگار آهي،

تيئن هر ڪنهن لئه اهم پيار آهي.

جي آزادگي گل ته آ پيار خوشبوءِ،

گلن کان نه ٿيندي ڪڏهن ڌار خوشبوءِ.

l

 

قدير انصاري

نظم

اڄ رات هن جي واپسي آ شهر جي منجھان،

شايد هي شهر رهڻ جي قابل رهيو نه هو،

گل کي لڳي جو تيز هوا ۽ ڇڻي پوي،

ننڍڙي عمر جو هڪڙو زخم ئي گھڻو هيو-

 

اڄ رات ڪنهن به پهر بنا الوداع جي هو،

ننڍپڻ جي سڀ گھٽين کي ڇڏي، ياد کي ڇڏي،

ويندو وري ڪڏهن نه اچڻ جو قسم کڻي-

 

اکڙين مان جو وهي آ هلي هيءَ سياه ندي،

ويندڙ مسافرن جي وفائن جي ياد ۾،

بي انت وهندي ۽ نه ڪٿي ڇيهه ئي ڪندي-

 

هن جي قريب جو به رهيو، عام ئي رهيو،

هو ڪنهن به عام ڏينهن جيان عام ئي ته هو،

سڀني هو سمجھيو ته سج روز اڀرندو،

هن جي حيات ڪنهن نديءَ جيان بيهڻي نه آ،

اڄ رات سج لٿو ته لڳو دل ٻڏي وئي،

هو ڪونه آ، هو ڪونه آ، ڪنهن ويڻ ڪيو پريان،

هن کي ڏسي نه سامهون ڌرتي لڏي وئي-

 

اعلان قافلي جي هلڻ جو ٿئي پيو،

شايد هو ڪنهن به پل ۾ کڻي روشني وڃي،

منهنجو وجود راه ۾ آ ڌوڙ ٿي ويو،

شايد هو پنهنجو پاڻ سان مون کي کڻي وڃي،

جي ائين ٿئي ته منهنجي سڦل ٿي وڃي حيات،

منهنجو وجود هن جي خزان ۾ ڇڻي وڃي.

l

ضمير ڦل

خواب

 

صحرا صحرا آنءُ رُلان ٿو،

مرگھ ترشنا وانگي مٺڙا!

ڪيڏا چهرا آنءُ رُلان ٿو!

خواب اکين ۾ ترن پيا ٿا،

مسجد مندر جي ٻنڀن تي،

ڏيئن منجھ ٻرن پئيا ٿا!

خواب صدين جي اکين جا هن،

ڳاتل سهرن ۽ نوحن ۾،

عيد ڏهاڙن عاشورن ۾،

سڀ اڌورا رهجي ويا هن!

جھوني چهري جون ريکائون،

ڄڻ ڪي ڀونءِ جا رستا آهن!

ساڳيا رستا سُک ڏانهن ويندڙ،

ساڳيا رستا ڏک ڏانهن ويندڙ،

رستن جو ڪو ڏوهه ئي ناهي،

ڏوهه سمورو ڊوهن جو آ،

چهري جي ريکائن ۾ ٿو،

سج لهي پيو سانجھيءَ جو من!

سانڍي سور زماني جا سڀ،

ڪيڏا چهرا آنءَ رُلان ٿو،

مرگھ ترشنا وانگي مٺڙا!

صحرا صحرا آنءُ رُلان ٿو!

l

 

آدرش

مالهيءَ کان پڇيل هڪ سوال

مون ڪالهه شام،

باغ جي مالهيءَ کان پڇيو،

”جڏهن هوءَ هتي آهي ئي ڪونه،

ته پوءِ گل ڇو ٽڙيا آهن؟“

l

 

مختار گھمرو

 

وائي

 

توسان پيار اپار الا وو،

توسان پيار اپار.

آ ته ملون ٻئي سنڌوءَ ڪپ تي منهنجا جيءَ جيار،

توسان پيار اپار.

تنهنجي آئي ٻهه ٻهه ٻهڪان، کج کج من کجڪار،

توسان پيار اپار.

آنءُ اڌورو توريءَ جاني، انڌي جي آچار،

توسان پيار اپار.

سڏڪي سمنڊ سمان ٿو تڙپان، تو وٽ ڇو ماٺار،

توسان پيار اپار.

آسارن تي عشق اجاري، آندم نينهن نِکار،

توسان پيار اپار.

رم جھم توري اڳ کان اڳري، اکيون مينگھ ملهار،

توسان پيار اپار.

خيالن ۾ مختار خلاصا، دل تي ڪيا ديدار،

توسان پيار اپار.

 

l

 

جاويد سوزهالائي

غزل

سار آئي ۽ وئي موسم جيان،

نيڻ برسيا ها پرين آگم جيان،

شام هر شامِ غريبان ٿي لڳي،

ڏينهن هرڪو ٿو لڳي محرم جيان.

ڊائري ڌرتي لڳي مون سکي!

شعر ها تنهن تي ته ڄڻ شبنم جيان،

ڇاتيون تنهنجون ڇُلڻ سنڌوءَ جيان،

ٽهڪ تنهنجا ٿا لڳن سرگم جيان.

l

روشن گھانگھرو

غزل

 

لاش جيون- ڪلهي تي کنيو ازل کان،

ڄڻ ته اوندهه ۾ پيو سڏڪندو ٿو رهان!

مون کي منزل ملي ڪانه ڪاٿي به ڪا،

مان صدين کان صديون پيو صديون ڇو رُلان؟

 

چنڊ تارن ۾ هئي آس پهريان مگر،

چنڊ تارن کان اڳتي پو ڏسندو رهيس،

ڪو نه ڪاٿئون به دردن دارون مليو،

هاڻ ڪاٿي ۽ ڪهڙو مسيحا پڇان!

ڪا گھٽي اوپري، ڪو نگر اوپرو،

ڪو شهر اوپرو پر دنيا اوپري!

دوستي آ ڪٿي، آگھي آ ڪٿي،

اوپرو هي جھان، اوپرو هُو جھان!

 

رات جو دل چوي ڏينهن ٿئي پر جڏهن،

ڏينهن ٿئي ٿو چوي دل ٿئي رات شل،

هن زمين کان پري آسمان کان مٿي،

رات ۽ ڏينهن کان ڏور ڪاڏي وڃان؟

 

منهنجي جذبن ۽ سپنن جو ٿيو خون آ،

منهنجي هر ڪا خوشي آهه سوليءَ سجي،

گھاوَ گھرا ۽ احساس زخمي کڻي،

پٿرن تي ٿو جيون جا نُوحا لکان!

 

جڳ آ جنڊ ڄڻ ۽ داڻي مثل،

جنڊ پيو ٿو ڦري مان پيو پيسجان،

ڇا فنا ڀي آ مون لئه فنا ٿي وئي،

مان فنا جي ٿو ڀاڪر ۾ ڀرجڻ گھران.

 

آءُ متقل جي تهذيب جون خون هان،

باهه جي اُڃ جيڪو اُجھائي پيو،

هو نه ڪي ساز منهنجا نه آواز آ،

لهرون لهرون ٿي وهندو رهان وقت سان!

مون جو نغمو چيو هو هن ٻڌي رڙ ڪئي،

رڙ پڙاڏو ٿي سا گونجندي ئي رهي،

عرش ڌرتيءَ سان گڏ سمنڊ حيران آ،

هو ته نغمو مگر ايڏي رڙ زور سان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com