ابوبڪر شيخ
نيرون کان راوڙ
سنڌ جي قديم ماڳن متعلق اڻهوند واري حالت ۾ ڳولها ڪرڻ نهايت ئي
اوکو ۽ بيزار ڪندڙ ڪم آهي. اهو سڀ انڪري آهي جو
سنڌ متعلق ڪا مڪمل ۽ حرف آخر تاريخ اسان وٽ موجود
ڪانهي. انهي جا سبب تحقيقي بيقدري، ماضيءَ سان
دلچسپي نه هئڻ ۽ وسيلن جي گھٽتائي به ٿي سگھن ٿا.
شڪايتن جي دفتر کي بند ڪري، هيٺ اسين تاريخ جي چند
اهڙن ماڳن متعلق لکنداسين، جيڪي تقريباً هر وقت ۾
اختلافن جي ور چڙهيل رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو
هن موضوع تي هن کان اڳ به تحقيقي ڪم ٿيو آهي، خاص
ڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد حسن ڪاشف ۽
معمور يوسفاڻي مرحوم، انهيءَ موضوع تي پنهنجن
ماهرانه ۽ محققانه نظرين کان اسان کي مختلف وقتن
تي واقف پئي ڪيو آهي. انهي سلسلي تحت اسان جي
اڳيان آخري تحقيق محترم ايم. ايڇ. پنهور جي
ڪتاب(1) جي صورت ۾ موجود آهي.“
”راوڙ“ جي قلعي متعلق مون جڏهن مواد جو مطالعو شروع ڪيو ته
انهيءَ دوران ڪي اهڙا موقعا به آيا، جڏهن مون کي
انتهائي حيرت جا ماڳ ڏسڻا پيا. ڪجھ اهڙن محققن جون
تحقيقون به اکين اڳيان آيون، جن ’راوڙ‘ ۽ ’اروڙ‘
کي هڪ ئي ماڳ قرار ڏنو، جڏهن ته ’چچ نامي‘ ۾ جيڪو
تحرير ٿيل آهي ۽ بلڪل واضع لفظن ۾ آهي ته، ”’راوڙ‘
۽ ’اروڙ‘ (يا الور) مختلف ماڳ آهن، بلڪ ’اروڙ‘ سکر
طرف ۽ ’راوڙ‘ هيٺ لاڙ طرف آهي.“
’چچ نامو‘ سنڌ جي عرب دور ۽ ان کان ڪجھ اڳ واري دور متعلق
معلومات مهيا ڪرڻ جو واحد ڪتاب آهي ۽ اِها اسان جي
مجبوري آهي جو افسانوي رنگ ۾ رڱيل هن ڪتاب مان
اسين پنهنجيءَ ماضيءَ جي تاريخ جون حقيقتون ڊگھي
مٿاڪٽ کان پوءِ ڳولهي هٿ ڪريون. پر ان کي پڙهڻ،
سمجھڻ ۽ تاريخي ماڳن جو تعين ڪرڻ هڪ نهايت ئي
منجھائيندڙ ڪم آهي، جيئن ’هينري ايليئٽ‘ ۽
’هرموزجي هوڙيوالا‘ جي لفظن ۾ ته: ”هي هڪ ڏند
ڪٿائي مواد سان ڀريل قصو آهي، هن ۾ تاريخ گھٽ ۽
لفظن جي رنگيني وڌيڪ آهي“ (2).
”راوڙ“ جي قلعي بابت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:
”رواڙ هيٺ لاڙ ۾ مهراڻ جي ڇوڙ واري ايراضيءَ ۾ هو.
محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ کان پوءِ ڪوچ ڪري ’اشبهار‘
جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو ۽ وڃي راوڙ جي حد جي
سامهون مگر درياءَ جي الهندي ڪناري تي جھم ۽ ڪرهل
جي پرڳڻن ۾ منزل انداز ٿيو، جيڪي ٺٽي جي ايراضي ۾
هئا ۽ پوءِ اتان به منزل کڻي اڃا به هيٺ ’جھيم‘ جي
پرڳڻي ۾ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ وڃي مهراڻ ٽپڻ لاءِ
ٻيڙيون تيار ڪرايائين. انهيءَ مان ظاهر آهي ته
محمد بن قاسم لاڙ جي هيٺ ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري واري
ايراضيءَ مان، جا مهراڻ جي ڇوڙي واري دوآبي ۽ ٻيٽ
جي سامهون الهندي طرف هئي، اُتان درياء ٽپيو. اسان
جي خيال ۾ ’راوڙ‘ جو قلعو غالباً لاڙ ۾ موجوده ٺٽي
ضلعي جي شاهبندر ڊويزن ۾ هو ۽ اتي جي قديم شهر
’رڙي‘ جا کنڊرات شايد انهيءَ قديم راوڙ جي قلعي جا
هجن.“ (3)
’راوڙ‘ جي انهيءَ منجھيل معمي کي حل ڪرڻ لاءِ محترم محمد حسين
ڪاشف هڪ تحقيقي مقالو ”اگھم ڪوٽ ۽ جھم“ (4) لکيو،
جنهن ۾ هن صاحب ڄاڻايو ته: ”.....’جھم‘ مان مراد
’جھم پير‘ ورتي وڃي ٿي، اِهو بلڪل هيٺ نيرن ڪوٽ
کان پري ديبل واري ايراضي کي ويجھو آهي. اُن وقت
درياء جو ڪو به وهڪرو جھم پير وٽان نه وهندڙ هو،
البت ديبل وٽان جنهن درياء ڇاڙ جو ذڪر آهي اِها
جھم پير وٽان نه وهندڙ هئي؛ پر اُها نصرپور جي
اولهه کان ٿيندي اشبهار جي علائقي مان وهندي،
ڪينجھر جو هيٺيون ڪنارو ڏيندي، ديبل واري ايراضيءَ
مان ٿي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.....محمد بن قاسم
قصبه ’وگورته‘ (قصبه وجورته کي اصليت جي لحاظ کان
’وگورته‘ قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان مان مراد ’ونگو‘
ورتو ويو آهي جو قرين قياس آهي. اڃا به وڳهه ڪوٽ
وارو علائقو چئجي ته وڌيڪ موزون ٿيندو) کان پوءِ
اُتر طرف مهراڻ (ڍورو) جي ڪنٺار ڏيئي، اگھم ڪوٽ ۽
نيرون پهتو آهي ۽ سندس مهم جو رخ مهراڻ جي اولهه
ڪپ کان اوڀر طرف آهي ۽ بعد ۾ اُتر طرف آهي- ۽ هن
ئي علائقي ۾ اچي ڪري ’جھم‘ جي تڙ وٽان محمد بن
قاسم درياء پار ڪيو آهي. ’جھم جو تڙ‘ چمبڙ کان ٽي
ميل اوڀر ۾ نيرون ڪوٽ کان 25-26 ميل اوڀر طرف ۽
اگھم ڪوٽ کان 6-7 ميل اوڀر ۾ مهراڻ جي ڪپ تي موجود
آهي. کانئس 10 يا 12 ميلن جي پنڌ تي ساگري جو
وهڪرو موجود آهي. ممڪن آهي ته راوڙ جو قلعو اتي
هجي، بلڪ مسڻ، تعلقي ٽنڊي الهيار جي اڀرندي ۾
’ڀوري ڪوٽ‘ جا آثار راوڙ جي قلعي جا آثار ٿي سگھن
ٿا.-“ ڪاشف صاحب اڳيان هلي لکي ٿو ته:”...اگھم ڪوٽ
(·) جيڪو مشهور شهر هو، اُهو نيرون کان 24-25 ميلن تي ڏکڻ اوڀر
ڪنڊ تي جھم ۽ ساڱري واري علائقي کان 7-8 ميل اولهه
۾ درياء جي هلڪي چاڙهه ڍوري جي اُلهندي ڪپ تي هو،
اُن کان 15-16 ميلن تي ’ٺري‘ ۽ ’فتح باغ‘ (5) وارو
علائقو ڏکڻ ۾ هو ۽ 25-26 ميلن جي پنڌ تي ڏکڻ اولهه
ڪنڊ تي ’جوڻ‘ وارو علائقو (6) ۽ اشبهار وارو ماڳ
پري هو.“(x)
’راوڙ‘ واري حوالي سان وڌيڪ تحقيق مرحوم معمور يوسفاڻي (7) جي
آهي. هي محقق پهرين ”اشبهار“ جي قلعي واري هنڌ کي
ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو: ”.....محمد بن قاسم درياء
پار ڪرڻ کان پهرين ڏکڻ طرف وارا قلعا فتح ڪيا، جن
۾ مکيه قلعو ’اشبهار‘ جو هو، جنهن کي اسان جا عالم
اصل زمين بدران ٻُڌڪا جي ٽڪرين طرف وٺي آيا آهن،
جتي نه کاهي کوٽي سگھجي ٿي ۽ نه ئي ڪا کاهي کوٽڻ
جي جاءِ آهي. اصل ۾ اهو قلعو پيرو لشاري (بدين)
اسٽيشن کان 3-ميل کن پري اوڀر طرف ديهه درماڻو ۽
تپي چانيري ۾ آهي، جنهن جي چوڌاري اڄ به کاهي جا
نشان آهن (8). اهو قلعو فتح ڪري پوءِ ماڙي وسايو (ê) ۽ ٻيا قلعا پڻ عربن جي قبضي ۾ آيا- ان کان پوءِ محمد بن قاسم،
موڪي جي مدد سان جھم جو گھيڙو، تعلقي ٽنڊي الهيار
کان پوءِ درياء پار ڪرڻ لاءِ چونڊيو(9)...راوڙ جو
قلعو ونگي واري ايراضي ۾ ونگي جي کنڊرن کان اُتر
طرف ٻوڏاري ندي جي ويڙهه ۾ هو، جنهن ۾ اوڀر طرف
هاڪڙي ۽ مهراڻ جون قديم شاخون هيون ۽ اولهه طرف
ٻوڏاري ۽ پراڻ نديون هيون. هتان کان ’وڄوٺو‘ اٽڪل
10-12 ميل اوڀر طرف آهي.“ (10).
مٿي اسين ٽن محققن جي تحقيق جو مطالعو ڪري چڪا آهيون، ۽ اهڙيءَ
ريت اسان جي اڳيان ’راوڙ‘ جي قلعي جا ٽي مختلف ماڳ
ڏسڻ ۾ اچن ٿا- (1) رڙي (2) ڀوري ڪوٽ (3) ونگو.
هاڻي اسان بعد جي تحقيق، جيڪا محترم ايم. ايڇ.
پنهور جي آهي، اُن جو مطالعو ڪنداسون. پنهور صاحب
لکي ٿو:
“THE PLACE OF CROSSING IS IDENTIFIED NEAR “TALHAR’-
RAJA RASIL WHO WAS POSTED TO OPPOSE THE ARAB
CROSSING OF THE RIVER, PROBABLY CONNIVED AT IT
AS ON THE FIFTH DAY OF THE WAR RASIL JOINED THE
ARABS TO FIGHT RAJA DAHAR..’(11)
مٿيان مڙيئي نظريا پنهنجيءَ پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت وارا آهن.
انهن نظرين مان سڀ کان وڌيڪ حقيقت جي ويجھو ڪهڙو
نطريو آهي، اُن لاءِ وري به ’چچنامي‘ جو اُهو حصو
ڏاڍي غور سان مطالعو ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ’نيرون
ڪوٽ‘ کان ’راوڙ‘ جي جنگ جو احوال آهي ۽ جنهن ۾
ٻيئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. (انهيءَ ويڙهاند ۾
راجا ڏاهر ماريو ويو يا نه، اهو هڪ ڌار بحث طلب
مسئلو آهي) هونئن ته سڄو چچانامو انتهائي
منجھائيندڙ آهي ڇو ته ڪي واقعا، ڪن لفظن يا جملن
جي اڳيان پٺيان ڪرڻ سان ٻيهر بيان ڪيا ويا آهن، پر
خاص ڪري ”نيرون کان راوڙ تائين“ وارو حصو انتهائي
منجھيل ۽ پريشان ڪندڙ آهي؛ نه طرف لکيل آهن ۽ نه
ئي وري مفاصلو ڄاڻايل آهي، انهيءَ کان پوءِ وري
پراڻن وهڪرن جو مسئلو نڪري نروار ٿئي ٿو. جيئن
’ڪزنس‘ لکيو هو ته: ”.....موجوده وهڪرن کي نظر ۾
رکي قديم ماڳن جي ڳولها ڪرڻ انتهائي بيوقوفي ۽ وقت
وڃائڻ وارو عمل آهي.
بهرحال، اسين ڪوشش ڪنداسون ته هيل تائين ٿيل تحقيق ۽ چچنامي جي
تحرير ذريعي ڪا اهڙي راهه ڳولي لهون، جيڪا مطمئن
ڪرڻ جھڙي ۽ قابل قبول هجي. هاڻي آءٌ محمد بن قاسم
جي سفر جا اُهي ٽڪرا حوالي طور ڏيندس، جن مان هڪ
”ڌنڌلي ۽ اڻ چٽي رستي“ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
”.....محمد بن قاسم جڏهن سيسم جي ڪم کان واندو ٿيو، تڏهن حجاج
جو حڪم پهتس ته: ’ٻيون سڀ جايون ڇڏي نيرون موٽي
اچ ۽ مهراڻ ٽپڻ جي اٽڪل ڪر ۽ ڏاهر کي ماري مات ڪر،
ڇو ته ائين ڪرڻ سان سڀ قلعا ازخود تنهنجي هٿن هيٺ
اچي ويندا.‘ حجاج جي انهيءَ حڪم کان پوءِ محمد بن
قاسم نيرون پهتو ۽ حجاج کي خط لکيائين ته: ’هاڻي
مهراڻ جي ڪناري تي پهتا آهيون ۽ ’بغرور‘ جي قلعي
جي مقابل ٻڌيه طرف جي اِها ايراضي جا مهراڻ جي
ڪناري تي آهي (12)، اُها فتح ڪئي اٿئون...‘ محمد
بن قاسم جي انهي خط کان پوءِ حجاج طرفار کيس هڪ
هدايتن سان ڀريل خط مليو. ان کان پوءِ محمد بن
قاسم لشڪر سان نڪتو ۽ ’اشبهار‘ جي قلعي تي ڪاهي
ويو. اهو هڪ مضبوط قلعو هو. قلعي وارن لڙائي جي
تياري ڪري، هڪ وڏي کاهي تيار ڪئي هئي ۽ قلعي جي
الهندي طرف وارن جتن (13) ۽ ڳوٺاڻن کي قلعي ۾ آندو
هئائون. هفتي جي مقابلي کان پوءِ قلعي وارن آڻ
مڃي. انهي هفتي واري ويڙهاند ۾ جتن بهادريءَ سان
جنگ جوٽي ۽ ٻنهي طرفن جا ڪيترا ئي ماڻهو تلوارن جو
کاڄ ٿيا. قلعي جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم اتي
ڳپل وقت ترسيو ۽ پوءِ راوڙ جي حد ۾ مهراڻ جي
الهندي ڪناري جي پتڻ تي اچي لٿو ته ’ٻيٽ‘ (14) جي
حاڪم ’جاهين‘ ساڻس قلعي جي سامهون جنگ جوٽي. ’موڪي
پٽ وسايي‘ (ê)، جيڪو ’وجورته‘ قصبي جي ملڪ جو والي هو ۽ ڏاهر سان دغا ڪري
پاڻ کي ڪوڙو گرفتار ڪرايائين ۽ اسلامي لشڪر کي ساٿ
ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. جڏهن محمد بن قاسم جو موڪليل
قاصد ڏاهر کان موٽي آيو ته محمد بن قاسم اتان منزل
کنئي ۽ راوڙ جي قلعي جي مقابل لهي منزل ڪيائين ۽
وڌيڪ هدايتون وٺڻ لاءِ لاءِ حجاج کي خط لکيائين،
جنهن جي جواب ۾ حجاج لکيس ته: ’اتي جي ملاحن کي
پنهنجو ڪر، جيڪي ٻيڙين هلائڻ وارا آهن‘ (15). آخر
جڏهن ڏاهر کي موڪي پٽ وسايي جي غداريءَ جي پروڙ
پيئي ته هن پنهنجي پٽ ’جيسينه‘ کي اسلامي لشڪر جي
سامهون ٿيڻ لاءِ ’ڪوتڪه‘ ندي جي رستي ٻيٽ قلعي ۾
موڪليو. (16) اتي محمد بن قاسم جو لشڪر بک وگھي
مرڻ لڳو. آخر کيس حجاج وٽان مدد پهتي. ان کان پوءِ
موڪي اسلامي لشڪر کي ٻيڙيون مهيا ڪيون. مهراڻ پار
ڪرڻ لاءِ اسلامي لشڪر ٻيڙين کي ڳنڍي پل ٺاهڻ لڳو
ته ايتري ۾ ٻيٽ جي حاڪم ’راسل‘ مٿن حملو ڪيو. (17)
آخر ويڙهه هلندي اسلامي لشڪر پتڻ کان اوڀر طرف
اُڪري ويو ۽ اُتان ’جيور‘ ۾ ساهه پٽي راوڙ طرف
روانا ٿيا. اڳيان کين راوڙ کان پهريائين پاڻي جي
گھاري پار ڪرڻي پيئي. انهيءَ کان پوءِ وري محمد بن
قاسم حجاج کي خط لکيو. انهيءَ دوران ٻنهي لشڪرن
جون پاڻ ۾ جھڙپون ٿينديون رهيون. آخر هڪ سخت معرڪي
کان پوءِ راسل به اچي محمد بن قاسم سان گڏيو.
’راسل‘ ۽ ’موڪي‘ گڏجي محمد بن قاسم کي منزل کڻڻ
جي صلاح ڏني. تڏهن اتان منزل کڻي اچي ’نارائي‘ ۾
لٿا ۽ ڏاهر جو لشڪر ’قاجيجاق‘ ۾ لٿل هو. (ê) اتي ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ هڪ وڏي ڇڇ هئي. آخر راسل جي مدد سان
اسلامي لشڪر ٻيڙين رستي اهو پار ڪيو ۽ هاڻي وچ ۾
فقط هڪ خليج رهجي ويئي. هاڻي ’راسل‘ جي صلاح سان،
اسلامي لشڪر وڃي ’جيور‘ ۾ ’ددها واهه‘ تي ڪئمپ
ڪئي، جيڪو راوڙ جو هڪ ڳوٺ هو. (18) جڏهن ڏاهر کي
اِها خبر پيئي ته اسلامي لشڪر جيور ۾ اچي لٿو آهي،
تڏهن سندس وزير چيو ته ’اِهو برو سوڻ ٿيو، ڇو ته
ان جاءِ کي جيور چون ٿا يعني فتح جي جاءِ‘ ان تي
ڏاهر چيو: ’هڏباري ۾ لٿو آهي، اِها اُها جاءِ آهي
جتي رڳا هڏا پهچندا آهن‘ پوءِ محمد بن قاسم اڃا به
اڳيان آيو؛ ايستائين جو ٻنهي لشڪرن ۾ اڌ فرسنگ جو
فاصلو رهيو، ٻئي ڏينهن اڃا به اڳيان ٿي ٻن سڏن جي
پنڌ تي آيو. آخر گھاري ٽپي جنگ ٿي، جنهن ۾ اسلامي
لشڪر فتح حاصل ڪئي.....“
هاڻي چچنامي ۾ بيان ڪيل ماڳن ۽ وهڪرن کي ذهن ۾ رکي ۽ ٿيل تحقيق
جو مطالعو ڪندي اسان کي اُنهن قلعن ۽ وهڪرن جي
اصلي هنڌن جو تعين ڪرڻو پوندو. اهو منجھيل ۽ سست
رفتاري وارو سفر ڪندي اسان کي راوڙ واري حد ۾ اڏيل
’راوڙ جي قلعي‘ تائين پهچڻو آهي، پر اسين جڏهن
انهيءَ قلعي جو اصلي هنڌ ڏسي وٺنداسون تڏهن به
’شايد‘ ۽ ’شڪ‘ جي لڪير اسان جي تحقيق ۾ بهرحال
باقي رهندي، ڇو ته بغير کوٽائيءَ جي ڪوبه نظريو
حرف آخر جي حقيقت کي رسي نٿو سگھي.
محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ پهچڻ کان پوءِ يقيناً ڏکڻ طرف روانو ٿئي
ٿو (19) ۽ اڳيان هلي ”اشبهار“ جو قلعو فتح ڪري ٿو.
ڪجھ محققن جو خيال آهي ته اهو شبهار وارو قلعو
اُتي هو جتي هينئر ”ٻڌ جا ٽڪر“ آهن. هن جاءِ تي
آءٌ مرحوم معمور يوسفاڻيءَ جي راءِ سان متفق آهيان
ته ”هتي کاهي کوٽي نٿي سگھجي.“ ڇو ته اهو جابلو
علائقو آهي. چچنامي ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته اهو هڪ
مضبوط قلعو هو. قلعي وارن تحفظ لاءِ کاهي به کوٽي
۽ الهندي طرف وارن جتن کي به قلعي اندر آندائون.
جت قوم جي حوالي سان هيل تائين ڪيل تحقيق مان اهو
پڌرو ٿيو آهي ته: ”جت سامونڊي پٽي جي ڪناري تي
بيٺڪون جوڙي ويهندڙ قديم قوم آهي.“ ۽ بهادريءَ
واري جوهر جي ڪري به سنڌ جي تاريخ ۾ هيءَ هڪ مشهور
قوم رهي آهي. اشبهار جي قلعي واري حوالي سان پڻ
جتن جو خاص ذڪر ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ’اشبهار‘
واري ماڳ کي، اسان ٽاڪرو علائقي بجاءِ هيٺ ٽنڊي
محمد خان کان ڏکڻ طرف ڳوليون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.
موجوده ماتلي شهر کان ڏکڻ- اولهه طرف تقريباً 15 ميلن جي مفاصلي
تي ’فتح باغ‘ جا قديم کنڊرات آهن. اُن جي ڏکڻ ڀر ۾
”جوڻ“ جي قديم بستي ۽ شهر جا اهم آثار آهن. جن جو
ذڪر ’آئينه اڪبري‘ ۾ به ملي ٿو؛ بلڪ ’همايون نامه‘
ته ان ماڳ جي ذڪر سان ڀريو پيو آهي. هي ماڳ هڪ
مضبوط قلعي جي حيثيت رکندڙ هو. فتح باغ واري هنڌ
همايون 1542ع/ 949هه ۾ جيڪا مسجد ٺهرائي، اُها
قديم قلعي جي هڪ حصي جي آثارن تي جوڙي ويئي. مسجد
جي اُتر- اوڀر طرف هڪ عظيم قلعي جا آثار آهن. هي
قلعو هڪ اهڙي محل وقوع تي آهي جتي ماضيءَ ۾ الهندي
طرف انيڪ آبادين جا اهڃاڻ ملن ٿا. قلعي جي انهن
اهم آثارن کي ’اشبهار جو قلعو‘ سڏڻ لاءِ اسان کي
هٻڪڻ نه کپي. هتي منجنيق جا گوڙها ملڻ ضروري نه
آهن، ڇو ته هتي ويڙهه آمهون سامهون ٿي هئي. (20)
محمد بن قاسم اشبهار جي فتح کان پوءِ ’ٻيٽ‘ جي قلعي طرف اچي ٿو.
اتي پهچڻ تي کيس حجاج جو خط ملي ٿو، جنهن ۾ دوآبي
۽ پاڻي جي گھيري جو ذڪر آهي. اِهو دوآبو موجوده
تلهار طرف هو. تلهار کان اولهه ڏکڻ طرف ”جھالار“
نالي سان هڪ قديم بستي آهي، اتي پڻ هڪ وڏي قلعي جا
آثار موجود آهن. محل وقوع واري ڪٿ جي حساب سان
اِهي آثار ’ٻيٽ واري قلعي‘ جا چئي سگھجن ٿا.
’هينري ڪزنس‘ پڻ ٻيٽ واري قلعي کي مهراڻ جي شاخ
کان اولهه ڏکڻ طرفان 20-25 ميلن جي مفاصلي تي
ٻڌائي ٿو (22). ’جھالار‘ جي آثارن جي بيهڪ، زمين
کان اوچائي ۽ پکيڙ يقيناً هڪ قديم قلعي جي شاهدي
ڏئي ٿي.
تلهار وٽان هڪ شاخ، جيڪا اولاهين شاخ چئجي، اُها ٿورو اولهه ڏکڻ
هلي پوءِ اولهه طرف جو رخ رکي ٿي، جنهن جو ڇوڙ
گھڻو اولهه طرف وڃي ٿئي ٿو. ٻي اوڀارين شاخ گھڻو
هيٺ ڏکڻ اچي ٿورو اولهه طرف وَر کائي گولاڙچي کان
مٿان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. شهدادپور واري
مرڪزي وهڪري کان هڪ شاخ ٺري (ماتلي) وٽان نڪتي ٿي.
(جنهن کي ”اولهه پراڻ“ چيو وڃي ٿو). انهي شاخ
اُڀرندي طرف جي علائقي يعني موجوده بدين واري
ايراضي کان اوڀر طرف واري علائقي کي سر سبز رکيو ۽
آبادين جو سب بني. انهي پراڻ جي هڪ الهندين شاخ
ڪناري تي ”راوڙ جو قلعو“ هو.
اسلامي لشڪر جڏهن مهراڻ جو وهڪرو پار ڪيو ته ان کان پوءِ ٻه ٻيا
وهڪرا پار ڪرڻا پيا. (انهن مان وڏي وهڪري کي
جيڪڏهن بيٺل پاڻي چئجي جيئن ڍنڍ وغيره ته بهتر
ٿيندو.) ۽ ٻي پاڻي جي پٽي، انهيءَ ڍنڍ ۽ پٽيءَ
متعلق آءٌ شايد ڪا پڪي شاهدي پيش نه ڪري سگھان، ڇو
ته تيرهن سو سال اڳ جا اهي آبڪلاڻيءَ وارا وهڪرا
هينئر نه هئڻ کپن ۽ نه ئي وري انهن جي ڪا ڳولها ئي
ڪري سگھجي ٿي. البته بدين جي اوسي پاسي اهي وهڪرا
ضرور هوندا، جيئن ’هيگ‘، جنهن سنڌ قديم شاخن تي
گھڻو تحقيقي ڪم ڪيو، اُهو صاحب لکي ٿو: ”....راوڙ
هيٺ لاڙ ۾ برهمڻ آباد کان تقريباً اسي ميل ڏکڻ ۽
نيرون کان اٽڪل ستر ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف واقعو
هو.“ (23).
اسلامي لشڪر مختلف منزلون ڪري جڏهن بدين (هڏباري) پهتو ته ڏاهر
جي وزير سياڪر چيو ته: ”....برو سوڻ ٿيو، انهيءَ
کي جيور چون ٿا يعني فتح جي جاءِ.“ ان تي راجا
ڏاهر ڪاوڙجي چيو ته: ”هڏباري ۾ لٿو آهي، جا اِها
جاءِ آهي جتي رُڳا هڏا پهچندا آهن.“ هي هڪ اهڙي
جاءِ هئي جتي ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ ٽي ميل مفاصلو
هو. (24) ڪزنس ۽ راورٽي پڻ بدين کي انهيءَ حوالي
سان ڏٺو آهي. بدين کان پنج ڇهه ميل ڏکڻ اوڀر ڪنڊ
تي ”پني جو دڙو“ (25) آهي، جنهن کي ماضيءِ ۾ اسان
”راوڙ“ واري حوالي سان ڏسون ٿا. هنن آثارن جي
هينئر به پکيڙ چاليهن ايڪڙن ۾ ۽ زمين کان ڏهه-
ٻارهن فوٽ اوچائي وڃي بيهي ٿي. آثارن جو تسلسل
ڪنهن قلعي طرف ئي اشارو ڪري ٿو. اسين جڏهن ’پني جي
دڙي‘ کي ’راوڙ‘ ٿا ڪوٺيون ۽ بدين کي’جيور‘ يا
’هڏباري‘ ته جنگ جو ميدان انهن ٻنهي ماڳن جي وچ ۾
هئڻ کپي ۽ چچنامي جي تحرير موجب: ’ڏاهر اتي تير جو
نشانو بنيو. تير لڳڻ وارو هنڌ ڪنهن ڍنڍ جو ڪنارو
هو.“ ۽ اِها ڍنڍ ميدان جي اُتر يا ڏکڻ ۾ هئڻ کپي،
ڇو ته ڏاهر جي فوج اوڀر کان ۽ محمد بن قاسم جو
لشڪر اولهه طرف کان هو. اها آخري ويڙهاند انهيءَ
وچ ۾ ئي ٿي هوندي. هونئن به لاڙ وارو هي حصو
سدائين ڍنڍن ۽ ڍورن جو ديس رهيو آهي، جيئن ’هونر‘
لکي ٿو ته: ”... هتي ڳوٺن وٽ ترايون ساڳيءَ سطح تي
ڪلراٺي ميدان ۾ پنهنجي ساوڪ سبب عجي پيون لڳن،
جيڪي ڏيکارين ٿيون ته هڪ وڏي درياهه جي هتان وهڻ
سبب ڪنهن زماني ۾ هن خطي کي ڪيڏي نه خوشحالي نصيب
ٿي هوندي.“ (26)
موجوده ”پني“ جي دڙي جا کنڊر ”راوڙ“ جي قلعي جا آهن، جيڪو مهراڻ
شاخ جي اوڀر طرف ۽ اوڀر پراڻ جي هڪ شاخ جي ڪپ تي
هو. راوڙ جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جو
اُڀرنديون طرف ڏيئي ”بهروڙ“ (ٺري- ماتلي) جو قلعو
فتح ڪري اڳيان اُتر طرف روانو ٿيو.
حوالا، اشارا ۽ وضاحتون:
(1) “CHRONOLOGICAL DICTIONARY OF SIND”, BY: M.
H. PANHWAR.
(2) ”سنڌ صدين کان“ ۾ مقالو ”ڇا چچنامو مورخ لاءِ سياسي نطريي
طور سمجھڻ جوڳو آهي؟“ پي. هارڊي. ص 192-194.
(3) ”چچنامو“، تحقيق ۽ تشريح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 418-
420-422-423 ”رڙي“ کي ”راوڙ“ واري نظريي سان ڏسڻ،
اسين نٿا سمجھون ته ڪنهن به حوالي سان درست ٿيندو،
ڇو ته قديم وهڪرا انهيءَ ماڳ جي برخلاف شاهدي ڏين
ٿا ۽ ٻيون ٿيل تحقيقون پڻ انهيءَ نظريي ۽ ماڳ کي
’راوڙ‘ مڃڻ لاءِ تيار ناهن. تازو ’موڪي پٽ وسايي‘
جي ماڙي جي تازي اتفاقي طور ٿيل کوٽائي پڻ ڊاڪٽر
صاحب جي نظريي جي برعڪس آهي.
(4) ”اگھم ڪوٽ ۽ جھم“، محمد حسين ’ڪاشف‘، ”مهراڻ“
ٽماهي، 1970ع.
(·) ’ڪاشف‘ صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”...جھم جي تڙ
کان درياء اُڪرڻ وقت محمد بن قاسم ’عطيه تغلبي‘ کي
پنجن سون ماڻهن سان اگھم جي رستي تي مقرر ڪيو ته
جيئن ڪندراه واري ايراضيءَ تي چوڪسي رکي سگھجي ۽
هو اطمينان سان جھم جي تڙ کان درياء پار ڪري
سگھي.“
دراصل محمد بن قاسم، اگھم ڪوٽ تي عطيه تغلبيءَ کي انهيءَ لاءِ
موڪليو هو جو پاڻ جڏهن اڃا مهراڻ جي الهندي ڪپ تي
ئي هو ته کيس ’سيوستان‘ ۾ بغاوت جي خبر ملي.
انهيءَ بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ هن ’محمد بن مصعب‘ کي
هڪ هزار گھوڙيسوار ۽ ٻه هزار پيادا ڏنا جيئن اهو
بغاوت کي ختم ڪري سگھي. آخر بغاوت ختم ٿي. بغاوت
جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به محمد بن قاسم کي اُتر طرف
کان اُلڪو ٿي پيو، ڇو ته ڏاهر جو پٽ ’گوپي‘ ’اروڙ‘
جي تخت تي ويٺل هو. انهيءَ پريشاني ۽ اُلڪي کان
بچڻ لاءِ هن اگھم ڪوٽ تي فوجي دستو موڪليو، جيئن
اوچتو حملي کان بچي سگھجي. محمد بن قاسم کي راوڙ
فتح ڪري رستي کان ’بهروڙ‘ ۽ ’ڍاليا‘ جا قلعا فتح
ڪري اروڙ وڃڻو هو.
(X)
اسين ڪجھ لمحن لاءِ جيڪڏهن ’ڀوري ڪوٽ‘ کي راوڙ جو
قلعو تسليم ڪريون ۽ محترم ’ڪاشف‘ جي ٻڌايل وهڪرن ۽
ماڳن جو نقشو ذهن ۾ چٽيون ته ’اشبهار‘ ۽
’ٻيٽ‘ قلعي کي ڪهڙيءَ جاءِ تي رکون، جيڪي محمد بن قاسم راوڙ کان
پهرين فتح ڪيا هئا؟
(5) ”ٺري“ تعلقي ماتلي ۾ ۽ ماتلي شهر کان گھڻو اوڀر اُتر طرف
آهي ۽ ”فتح باغ“ ان کان گھڻو اولهه ڏکڻ طرف آهي.
(6) ”جوڻ“ فتح باغ جي ڏکڻ طرف آهي. ماضي ۾ انهي شهر کي ”پتڻ“
هئڻ ڪري به وڏي اهميت ملي.
(7) ”لاڙ جو مطالعو“، مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مضمون
”ديبل کان راوڙ“ معمور يوسفاڻي، ص 34-35.
(8) جيڪڏهن ”اشبهار“ جو قلعو، پيرو لشاري کان به اوڀر هو ته ان
لاءِ اهو ضروري هو ته اسلامي لشڪر کي ڪو مرڪزي
وهڪرو پار ڪرڻو پوي ها، پر لشڪر ڪوبه وهڪرو پار نه
ڪيو هو، ڇو ته اشبهار جو قلعو وهڪري جي اولهه طرف
هو.
(ê) اسين آخر سوچيون ٿا ته محمد بن قاسم کي آخر ”ماڙي وسايو“ ڇو
فتح ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته موڪي پٽ وسايو، محمد بن
قاسم جو دوست ٿي ويو هو ۽ هن اسلامي لشڪر جي هرڪا
مدد ڪئي هئي.
(9) هتي هڪ نقطو ڏاڍو حيرت ڏيندڙ آهي ته ’اشبهار‘ جو قلعو، جيڪو
يوسفاڻي صاحب پيرو لشاري کان اوڀر ۾ ٻڌائي ٿو،
اُهو نيرون ڪوٽ کان ڏکڻ طرف گھٽ ۾ گھٽ سٺ ميل آهي
۽ ان کان پوءِ يوسفاڻي صاحب ’ماڙي وسايو‘ جي فتح
جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪا پيرو لشاري کان اولهه ڏکڻ
طرف ٽيهن- چاليهن ميلن تي آهي ۽ فوري طور تي بغير
ڪنهن وهڪري پار ڪرڻ جي اسلامي لشڪر ’جھم جي گھيڙ‘
(ٽنڊي الهيار) پهچي وڃي ٿو. اُهو به اهڙي صورتحال
۾ جڏهن ’حجاج‘ سخت لفظن ۾ محمد بن قاسم کي حڪم ٿو
ڏئي ته: ”ٻيون سڀ جايون ڇڏي پهرين مهراڻ پار ڪر ۽
ڏاهر سان جنگ جوٽي راوڙ جو قلعو هٿ ڪر.“ (چچ نامو
177) اهو ناممڪن ٿو لڳي ته محمد بن قاسم، حجاج جي
ڪيل حڪم کي ٽاريو هجي. البته رستي ۾ ايندڙ قلعا
فتح ڪرڻ ۽ انهن کي وقت ڏيڻ اسلامي لشڪر جي مجبوري
هئي. جيستائين کاهي جي نشانن جو تعلق آهي ته اِهو
به ڪو ٺوس ثبوت ڪونهي، ڇو ته تيرهن سو سال هڪ اهڙو
وڏو عرصو آهي، جو ڪيڏي به وڏي کاهي هوندي ته اُها
لٽجي چڪي هوندي.
(10) هاڻي جيڪڏهن ’راوڙ‘ کي ’ونگي‘ واري ايراضيءَ ۾ رکون ته اهو
ممڪن به ٿي سگي ٿو. پر پوءِ يوسفاڻي صاحب جي ڪيل
سڄي تحقيق جو رخ ئي تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ يوسفاڻي
صاحب واپسيءَ جي رستي جو ذڪر ئي ڪونه ڪيو آهي،
جتان اسلامي لشڪر واپس وڃي ’بهروڙ‘ ۽ ’ڍوليا‘ جا
قلعا فتح ڪيا.
(11) “CHRONOLOGICAL DICTIONARY OF SIND.”BY: M.
H. PANHWAR. P 138.
(12) يقيناً سنڌو جي اهم مرڪزي شاخ جو ذڪر آهي.
(13) مطلب ته اشبهار جي قلعي جي اولهه طرف ’جت‘ قوم جي وڏي
آبادي هئي. ٻيون قومون به آباد هيون، پر جتن جو
وڏو حصو هو.
(14) جنگ قلعي جي سامهون ٿي جتي ڀر ۾ پاڻي جو گھيرو هو. اتي
مهراڻ جي ڪناري تي ’ڏاهر‘ ’جاهين‘ کي جنگ ڪرڻ جو
حڪم ڏنو هو.
(15) اها منزل، جتي ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم جو لشڪر راوڙ جي
قلعي جي سامهون اچي لٿو، اهو ’جيور‘ نالي وارو
علائقو هو. بدين وارو علائقو ’جيور‘ جي حوالي سان
’جوڻ‘ واري نالي سان مشهور ٿيو. |