سلپ هاڻي ڊاڪٽر سردار علي شاهه جي نڪتي. چيائين، تن ڏهاڙين مون
کي قنبر تعلقي ڊسپينسريءَ ۾ رکيو ويو هو. منهنجي
جاءِ ڊسپينسري سان لاڳيتو هئي. هڪ رات منهنجو
دروازو زور زور سان کڙڪڻ لڳو. وقت ڏٺم ته رات جو
هڪ ٿيو هو. سمجهيم ته در کڙڪائيندڙ هڪ ٻه دفعو
کڙڪائي نااميد ٿي موٽي ويندو پر مسلسل کڙڪن اچڻ
ڪري در وڃي کوليم ته ٻه وڏين ڏاڙهين سان پوڙها مرد
بيٺا هئا. انهن مان هڪ هٿ ٻڌي چيو ’ڊاڪٽر صاحب!
بيگاهه وقت تي اچڻ جي معافي گهرون ٿا. ٻچڙو سخت
تڪليف ۾ آهي، مهرباني ڪري هلو.‘ مون کانئن تڪليف
جي نوعيت پڇي ۽ چيومانءِ ته دوا ٺاهي ڏيان ٿو.
باقي صبح جو مان اوهان جي ٻار کي اچي ڏسندس.
ٻيئي ڄڻا ڏاڍي نيزاريءَ سان هلڻ لاءِ چوڻ لڳا. ٻڌايومانءِ به ته
منهنجو پٽيوالو موڪل تي آهي ۽ ڪمپائونڊر صبح ساڻ
ايندو، پر تنهن هوندي به انهن ايترو زور ڀريو جو
دوائن جي پيتي کڻي در کي ٻاهران ڪلف ڏيئي انهن سان
روانو ٿيم. انهن جو چوڻ سچ ثابت ٿيو. سندس گهر
انسپيڪشن بنگلي جي پٺيان منهنجي اسپتال جي ويجهوئي
هئا. ڇوڪرو تيرهن چوڏهن سالن جو هو، گردي جي درد ۽
تيز بخار ۾ مبتلا هو. مون بيگ مان ٻه گوريون ڪڍي
روبرو ڦڪايونمانس. منٽن بعد آرام اچي ويس. هلڻ وقت
مون کيس نسخو لکي ڏنو ۽ ٿرما ميٽر ڏيندي چيومان ته
صبح جو نوين وڳي اسپتال مان دوا وٺي وڃو ۽ حال به
ڏيئي وڃو. نون جا ڏهه اچي ٿيا، هو نه آيا. مون
ڪمپائونڊر کي گهر جو ڏس ڏيئي چيو ته هو ڇوڪري جو
حال احوال وٺي اچي. ڪمپائونڊر مون کي حيرانيءَ مان
ڏسڻ لڳو. ٻيهر چوڻ تي ٻڌايائين، ’سائين! اهو
منهنجو روز جو پنڌ آهي، اتي ڪي به گهر ڪونه آهن!‘
ڪمپائونڊر جو ضد ٽوڙڻ ۽ کيس غلط ثابت ڪرڻ لاءِ مان
ساڻس گڏجي ان هنڌ ويس. اتي ڪوبه گهر ڪونه هو، البت
منهنجو ٿرماميٽر ۽ لکيل نسخو اتي زمين تي پيا
هئا!“
رضا محمد جي بي اعتباريءَ جو ٽهڪ وري ٻڌڻ ۾ آيو.
هاڻي پرچي منهنجي نالي جي نڪتي. ٻڌايومان ته ”ڏاڍو ننڍو هيس جو
والد ڏهن جو نوٽ ڏيئي دڪان تي ڪا شيءِ وٺي اچڻ
لاءِ چيو. گهر کان پٺيان گهٽيءَ ۾ هڪ درويش بيٺل
ڏٺم. ان مون کي سڏ ڪيو. نوٽ مٺ ۾ قابو جهلي مان
وٽس ويس. چيائين، ’ڇوڪرا! ڏس سامهون بجليءَ جي
روشني ڪيئن ٿو پيئان‘ مان بلبل کي ڏسڻ لڳس. ان جي
روشني آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي. مون ڏٺو ته بلب ۾
اندر رڳو ڪجهه ڳاڙها سڳا هيا جي روشن هيا. مون کان
ڇرڪ نڪري ويو. ڪنڌ جو ورايان ته نه درويش اتي
موجود هيو ۽ نه منهنجي مٺ ۾ ڏهين جو نوٽ!“
هن دفعي رضا محمد جو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ نه آيو.
مس هالڪن هن دفعي جا سلپ ڪڍي ان تي رضا محمد لکيل هيو. رضا محمد
سگريءَ جو ڀر ڇڏي اچي ٽيبل جي ويجهو ويٺو. هيڏي
هوڏي نهارڻ بعد چيائين، ”منهنجي کيسي ۾ چٺي موجود
آهي جا دينو ڌاڙيل جي لکيل آهي، اُن ۾ هُن ويهه
هزار روپيا چندي جي گهر ڪئي آهي. چٺي آڻيندڙ هن
وقت پوليس جي تحويل ۾ آهي. مان گارڊ ۽ ٻين ماڻهن
کي هوشيار ڪري آيو آهيان. دشمن ڪنهن وقت به حملو
ڪري سگهي ٿو. پر هي کڙڪو ڇا جو آهي؟....“ ڇرڪ
ڀريندي رضا محمد جو هٿ وڃي موم بتين کي لڳو جي ڪري
وسامي ويون. رضا محمد ڊپ ڀريل رڙ ڪري ڪلب جي ڪنڊ
ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”پر هو ڇا آهي؟“ اڱرن جي
روشني ۾ ڪنڊ ۾ ڪجهه ڪارو ڪارو نظر اچڻ لڳو.
هولسٽرن ۽ کيسن مان پستول نڪري ويا ۽ ان طرف
گوليون وسڻ لڳيون. ٻاهر به گوڙ پئجي ويو ۽ هوائي
فائرنگ ٿيڻ لڳي. ان وچ ۾ ڪنهن ٽارچ جي روشني ڪنڊ
ڏانهن وڌي. ان دوران ڪوئلن جي ٻن ٻورين کي گوليون
پروڻ ڪري چڪيون هيون.
محمود مغل
وٺڻ نه وٺڻ جي وچ ۾
عجيب حالت ٿي ويئي هئي هُن جي، جنهن جو کيس پاڻ به چڱيءَ طرح
احساس هو.
عينڪ جي ڪمان طور ٻڌل ڌاڳي جا وٽ سڌا ڪندي، هن چُنجهين اکين سان
سامهون نهاريو. گهر جو دروازو بند هو ۽ ڇمي ٻاهران
ڏاڪڻ تان گند ٻهاري رهي هئي. گهٽيءَ ۾ صبح جي
حڪمراني هئي ۽ شيون آهستي آهستي پڌريون ٿي رهيون
هيون.
ڌاڳو به عجيب عذاب ۾ اچي ويو هو. ڪراڙيءَ جا هٿ ڪمزور هئا. مهٽي
مهٽي جيئن سڌو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، ائين ئي
منجهندو پئي ويو. مٿان وري ڇميءَ جي ٻُهاريءَ مان
نڪتل ڌوڙ. ڪراڙي ڏاڍي بيزار ٿي ويئي هئي...
”مُئي، آهستي ٻهارو نه ٿي ڏئين ... سڄي ڌوڙ پئي منهن ۾ اچي...“
هن رڙ ڪئي. ڇميءَ منهن آڏو ڍريل گهونگهٽ جي اندران
پوڙهيءَ ڏي نهاري، ڳاڙهي ٿڪ اڇلائيندي، هٿ کي کن
پل لاءِ روڪيو.
”جي ساهه منجهئي ٿو ته اندر ڇو نٿي وڃين ويهين ... جهاڙو ڏيئي
وڃان ته پوءِ اچي پنهنجو تخت سنڀال....“
زلوءَ جي وات مان بي ساخته اهو جملو نڪرڻ وارو هو ته اندر به ته
ساهه ئي منجهي ٿو، اتي وري ڪهڙو سک آهي؟ .... پر
هن پنهنجي رُڪيل ساهه وانگر زبان به روڪي ڇڏي.
ڇميءَ ٻهاريءَ جي کرڙو زور ڪري ڇڏيو. زلوءَ منهن تي رئي جو ٻڪ
ٺاهيندي وري سامهون نهاريو. دروازو بند هو، صبح جو
سج جا ڪرڻا دروازي جي پُٺ کان هئا ۽ سڌا پنهنجي
گهر جي در تي ويٺل زلوءَ جي منهن تي ڪري رهيا هئا،
ٻُڪ جي ڪري، دروازو زلوءَ جي نگاهن ۾ وڌيڪ چٽو ٿي
ويو هو ۽ جي ڪنهن کڙڪي سان رفاقت ڪندي اهو کُلڻو
به هو ته سڀ منظر واضح ٿي سامهون اچڻا هئس.
”ڪيئن ٿي گهري سگهان ڪنهن کان؟ سڄي عمر اها ڌوڙ نه پاتي اٿم
هاڻي ڪيئن پايان...؟“
ساهه منجهڻ لڳو هوس. تڪڙ ۾ وڏو ساهه کنيائين ته ڪجهه وڌيڪ مِٽي
اندر ويندي محسوس ٿيس، ساڳيءَ حالت ۾ هن کي کنگهه
ورايو ته ڇميءَ مرڪندي ڪم کي بند ڪيو ۽ اتان رواني
ٿي ويئي. زلوءَ جي دل ۾ ڇميءَ کي گارين ڏيڻ لاءِ
جيڪي ڪجهه معلومات گڏ ٿي رهي هئي، سا کنگهه ساڻ ڄڻ
هوائن ۾ گم ٿيندي ويئي.
ساهه قابو ڪندي هن وري ڏٺو، دروازو بند هو.
اندران زليخا جو آواز ايندي محسوس ڪيائين.
”چاچي... اندر نه ٿي اچين؟... چانهه ڪڏهوڪي ٺري ويئي ... ٻاهر
ڏئي وڃانءِ...“
اڻ لکي مرڪ سندس چپن تي اچي ٿي. ڪنڌ ورائي اندر نهاري ٿي. اهوئي
هڪڙو ننڍڙو ڪمرو، پنجن فوٽن جي بنان ڇت جي جاءِ،
جنهن کي اڱڻ جو نالو ڏنل هو. وهنجڻ جاءِ ۽ رڌڻو
... مرد ماڻهو ٻه ٻرانگهون کڻي ته گهر جو مفاصلو
پورو ... مٿان وري نهڻس جو اندر ٻاهر جو
استعمال...
”سادي آ؟“ هن ڀڻڪيو، ”هتي ئي ڏئي وڃينم ڪنوار...“
زليخا تڪڙي ڏانهس آئي ۽ چانهن جو پيالو ۽ بَن جو اڌ ساسر ۾
رکيل، وٽس رکي ويئي... هن ويندڙ نُنهن ڏانهن
نهاريو.
”يعقوب ستل آهي؟“
”ها چاچي...“
”صبح جو کير ڏنو هئيس؟“
”هائو...“
زليخا مٿس هڪ گھري نگاهه وجھي، وري اندر هلي ويئي. ڪراڙيءَ بن
کي چانهه ۾ ٻوڙي وري سامهون ڏٺو، دروازو اڃان به
بند هو. ”ڪيڏي نه مهانگائي ٿي ويئي آهي، ارڙنهن
رپين جو ته کير جو ڪلو ٿي ويو آهي. ڪلو ته وٺي نٿا
سگھون، اڌ ڪلو ڏينهن ۾ وٺي، پاڻي ملائي ٿا، يعقوب
کي پياريون ته به پورت ته ڪانه ٿي... ڪيئن پوري
ڪيون...“
وات ۾ بند کي لوڏي، نڙيءَ مان هيٺ لاهيندي، سندس ڪنڌ الائي ڇو
جھڪي ويو هو. سوچن جو بار يقيناً وڌيل هو...
”ڇا ڪجي...پاڻ ويو رب ڏي، پُٽ جيل ۾ آهي. اڪيلي ڇوري گھرن ۾ ڪم
ڪار ڪري ٿي ۽ ڪجھ گھر ۾ اچي ٿو، هاڻي پوٽي کي کير
ڍڪڙو به نه ملي ڇا...؟ آسمان مان کير ته وسڻ کان
رهيو...“
”مان وڃانءِ ٿي چاچي...“
زليخا جي آواز سندس ڇرڪ ڪڍي چڏيو. زلوءَ چانهن جي ٿڌي ڳيت
ڀريندي ننهن ڏانهن نهاريو.
”يعقوب اُٿي ته کير پياري ڇڏجانس. ۽ ها وهنجارجانس نه، رات کان
بخار ٿَس... موٽي اچان ته من دوا درمل لاءِ بيگم
صاحبه وٽان ڪجھ کنيو اچان.“
”ڇوري کي بکار آهي ۽ تو مون کي ٻڌايو به ڪونهي...؟“ هن ننهن
ڏانهن گھوريو، جنهن جي مک تي آيل مرڪ ڄڻ وڏي آواز
۾ کيس چوندي هجي ”تنهنجو ته دوائن جو دڪان آهي
نه...“
”مون کي به صبح جو محسوس ٿيو آهي چاچي...“ زليخا پاڻ سنڀاليو.
مرڪ جا مختلف مطلب ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي مصيبت ڪندا
آهن...
”چڱو تون وڃ... مان ڏسان ٿي...“
زليخا کي بس ايترو ئي ٻڌڻو هو، هوءَ تڪڙي هلي ويئي. زلوءَ اندر
نهاريو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ هنڌ ۾ يعقوب غائب ٿيل هو.
ٻار کي ڏاڍي گھري ننڊ هئي. زلوءَ ڪنڌ ورائي وري
سامهون ڏٺو، در اڃان تائين بند هو، هن پنهنجي گھر
جي دروازي کي ٽيڪ ڏيئي ڇڏي.
”هر واري ڪجھ نه ڪجھ ڏيڻ لاءِ ڪندو آهي، پر مان نه وٺندي
آهيانس. ڪيئن وٺانس، پاڙي جو نينگر آهي، مڃان ٿي
ته مهيني ماسي نوڪريءَ تان گھر اچي ٿو، پر ان جو
مطلب اهو ته ناهي ته ويٺي هن کان خيرات
وٺان...جڙيو هجي شل...ڪمائي کارائي پنهنجي گھر
وارن کي...نه ته پوءِ ڇو ويٺي آهين تون هتي...؟“
پنهنجيءَ سوچ هن کان ڇرڪ ڀرايو. ”اڄ تون ان ئي آسري تي ويٺي
آهين نه ته هو نڪري ۽ من ڪجھ ڏئي. ڇاڪاڻ ته گھر ۾
ڪجھ ڪونهي... قرضين نهڪار ڪئي آهي ۽ زليخا جي
پگھار ۾ اڃان پندرنهن ڏينهن آهن. حياتي ته
فقيرياڻيءَ جي چولي جيان ميري ۽ ڳري ٿي ويئي آ“ هن
ڪنڌ لوڏيو.“ ”جي ڏينهن آهن ته ڀلي هجن...باقي ڪنهن
آڏو هٿ ٽنگبو ڇا... مان ته نه وٺندي مانس ...
سدائين ڏيندو آهي...مان ئي نه وٺندي آن....لک
چوندو آ... امڙ آن منهنجي جيجل آن...پر مان ٿي
وٺانس؟ مان ڪا فقيرياڻيءَ آهيان ڇا؟ نه پر صبح کان
وٺي مان ته اهو ئي سوچيو پئي، من ڪجھ ڏئي... ته
هيل انڪار نه ڪندم... نه... مان انڪار ڪندم...نه
وٺندي مانس ... پر... هو الاءِ ڏيندو به الائي
نه...“
اوچتو يعقوب جي روئڻ کيس ڇرڪائي وڌو، زلوءَ پاڻ سنڀاليو ۽ همت
سنڀاليندي، وس آهر تڪڙي اُٿي ۽ ننڍڙي کي اچي
کنيائين.
”ابا....ابا.....منهنجا ٻچڙا.... ما گهوري.... مان صدقي...“
گرم هنڌ مان يعقوب کي کڻندي، کيس لڳو ڄڻ هن ٽانڊا هٿن ۾ کنيا
هجن.......
”ائي گهورا.... ڇورو ته باهه لڳو پيو آهي........“
ڪمري ۾ گهُٽ هئي ۽ مٽن جي گهڙامنجي به در وٽ رکيل هئي. زلوءَ
يعقوب کي ٻچڪارون ڏيندي گهڙامنجيءَ جو رخ رکيو ته
انهيءَ مهل ئي سامهون وارو در کليو. امان الله
پنهنجي گهران ٿيلهو کڻي نڪتو پئي. شايد گهر وارن
کان موڪلايائين پئي. سڌو ٿيو ته نظر زلوءَ تي پيس.
هو زلوءَ ڏانهن ڄڻ ڌوڪيندو آيو...
”ڪهڙو حال آهي ماسي؟“
هن زلوءَ جي پيرن تي هٿ رکيو، ڪلهي تي رکيل ٿيلهو ڍرڪي ويو
هوس......
”شڪر آهي ابا، تون ڪيئن آهين؟“ زلوءَ امان جي ٻانهن تي هٿ
ڦيريو.
”بلڪل ٺيڪ ٺاڪ....“ هن ٿيلهو واپس ڪلهي تي سيٽ ڪيو..... ” ڇو
ننڍڙو کنيو بيٺي آهين؟“
”بکار اٿس ابا...... هڏ سڙيس پيو ٿو.“
امان هڪدم ٻارڙي جي پيشاني ڏٺي.
”اڙي، هن کي ته ڏاڍو تيز بخار آ، ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري
اٿئيس........؟“
”اڙي ابا....... مان ڪراڙي، ڪاڏي نڪرڻ جهڙي ناهيان. زليخا اچي
ته ڏيکاريندس.“
”مان ڏيکاري اچانس؟“
”اڙي نه پٽ! توکي دير ٿيندي. مان پاڻيءَ جو ڇنڊڪو هڻانس ٿي،
زليخا به ڪلاڪ ٻن ۾ اچي ويندي پوءِ ڏيکاري ايندس.“
”ماسي! مون لاءِ ڪو ڪم ڪار؟“
امان واپس مڙيو. زلوءَ جي اندر مان ڄڻ ڪو ٻوجهه لهي ويو هو،
هوءَ مٽ مان پاڻي ڪڍڻ لڳي ته محسوس ٿيس ته امان
اڃان بيٺل هو. زلوءَ سواليه نظرن سان ڏانهس
نهاريو. کيس احساس ٿي ويو هو ته اها گهڙي اچي ويئي
هئي.
امان آهستڙي اڳتي وڌيو. ”ماسي! مان سدائين توکي ڪجهه ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندو آهيان، تون نه وٺندي آن. اڄ مان توکي
نٿو ڏيان، ننڍڙي کي ٿو ڏيان. هي رکو.... ٻار لاءِ
دوا وغيره گهرائي وٺجو....“ زلوءَ نهاريو، امان جي
مُٺِ ۾ ڪجهه پئسا هئا. هن ٻارڙي جي بُت جي گرمي
پنهنجي اندر ۾ لهندي محسوس ڪئي، پر کيس لڳو، ڄڻ
پنهنجي آواز تي کيس ڪابه قدرت نه هجي. هن چوڻ
گهريو.
”نه پُٽ! ان جي ضرورت ناهي. زليخا پئسا کڻي ويئي آهي، موٽ ۾
دوائون وٺي ايندي...“ پر کيس لڳو ته هوءَ ڪجهه غلط
ڳالهائي وئي هئي، ۽ پنهنجو چيل جملو، هن پاڻ ئي نه
ٻڌو هو. بس، هٿ ۾ هئس ته امان جا ڏنل پئسا، سندس
ڪنڌ جو خم اڃان وڌي ويو هو. امان الائي ڇا پئي
ڳالهايو، پر سندس ڪوبه لفظ زلوءَ، جي ڪنن نه پئي
جهٽيو، امان الله جي وڃڻ کانپوءِ کيس لڳو ڄڻ هن جي
بُت تي مير جا الائي ڪيترا تهه ڄمي ويا هئا، جن کي
لاهڻ لاءِ صابڻ وٺڻ جيترا پئسا به وٽس نه هئا.
بيدل مسرور
ويچارو ”ولي“
هن جي دل کوري وانگر ٻري رهي آهي، جنهن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ هو دور
کان نظر ايندڙ اونچن پهاڙن ڏانهن پنڌ وڃي رهيو
آهي. اندر جي عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ، هو
هميشه وڏو وڏو پنڌ ڪندو آهي. هو جڏهن سنڌ ۾ نوڪري
ڪندو هو ته سندس بدلي اڃا ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا ڪانه
ٿي هئي، تڏهن به هو پنهنجي انساني بيوسيءَ تي آيل
ڪاوڙ، ڏک ۽ رنج مٽائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي طويل
شاهراهن تي پنڌ ئي پنڌ هلندو رهندو هو..... ست ست
ميل، ڏهه ڏهه ميل.... دفتر کان منهوڙي، صدر،
انٽرڪانٽينيٽل هوٽل، گرامر اسڪول ۽ پوءِ سمنڊ جي
کک ۾ پاڻ منجھائي، ٿڪائي پنهنجي ڏکويل ۽ ڪاوڙيل
وجود جي نقطي کي اذيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
تيئن ئي، هتي ڪوئيٽا ۾ به جڏهن ڏک کان پڄرڻ لڳندو آهي ته ڪڏهن
ٽي بي سينيٽوريم جي ڀرسان واري بروري پهاڙ تي وڃي
ويهندو آهي ۽ اُتان ويهي سلهه جي مريضن جي
لاچاريءَ کي محسوس ڪندو آهي ته ڪڏهن ميزان چونڪ جي
گوڙ شور ۾، ماڻهن کي بي ڌيان ۽ مصروفيت ۾ ڊوڙندي
ڊڪندي ڏسندو آهي ته فروٽ ڀاڄيون ۽ لنڊي جا ڪوٽ بوٽ
۽ ڪپڙا وڪڻندي ڏسندو آهي يا قنڌاري بازار ۾ پراڻين
گھڙين، ٽيپ، ريڊيو ۽ ٻاهرين ملڪن جي نوٽن جي مٽا
سٽا جو منظر ڏسندي پاڻ کي، پنهنجي بيڪار هجڻ جو
ثبوت فراهم ڪندو آهي ۽ پاڻ وندرائي آخرڪار گھر
هليو ويندو آهي.
ائين به ڪونه آهي ته هو ڪو نڀاڳو يا بدبخت ماڻهو آهي يا ڪو صاف
سٿرو يا سيبتو ماڻهو نه آهي يا هلڻ چلڻ ۾ برو آهي
يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڇسو آهي.... مگر الائي ڇو!
هو پنهنجي صاحبن کي ذرو به نه وڻندو آهي. حالانڪ
ڳائڻ، ڪهاڻين ۽ مضمونن لکڻ سبب، ليکڪن ۽ گائڪي ۾
سندس وڏو مان آهي. ادب ۽ آرٽ ۾ سندس ايترو ته سٺو
ڪم ڪيل آهي جو ڪيترين ادبي ۽ سماجي انجمنن ۽ آرٽ
اڪيڊمين طرفان سندس ڪم جي مڃتا طور گولڊ ميڊل ۽
ٻيا ڪيترائي انعام به کيس مليل آهن... مگر ويچارو
”ولي“ پنهنجن صاحبن کي ٿورو به نه وڻندو آهي.
صاحبن جي اهڙي ناپسندگيءَ سبب هو هڪڙي نوڪري ڇڏي به چڪو آهي پر
تڏهن اڃا ڇڙوڇانڊ هوندو هو. ٽئلينٽيڊ ماڻهو هو،
انڪري اڃا بي روزگاريءَ جا گھنگھرو ٻڌي، نوڪريءَ
لاءِ وڏين وڏين درگاهن تي منتن ۽ درخواستن جا پڙ
ئي نه چاڙهيا هئائين، جو کيس هڪ وفاقي اداري ۾ سٺي
نوڪري به ملي وئي. ٽئلينٽيڊ هو، انڪري يقينن اهڙي
نوڪريءَ جو حقدار به هو، مگر صاحبن هن جي تخليقي
صلاحيت ۽ ذهانت کي نانگ بنائي، سندس ئي ڳچيءَ ۾
ويڙهي ڇڏيو ۽ هو، هن ٻي نوڪريءَ ۾ به پسند- ناپسند
جي ٽاندن تي ڪنهن نٽ راج وانگر نچندو رهيو... مگر
هو، هاڻي بدلجي چڪو هو.
مگر هاڻي هو بدلجي چڪو هو. گھڻو ڪري پنهنجي بيوسيءَ جي تنور تي
سمجھوتي جا نان پيو ٿيندو هو. حالتن کان مايوس ٿيڻ
بدران، زندگيءَ کي جھڙو تهڙو مرڪي گذارڻ جي ڪوشش ۾
رڌل رهندو هو. سوچيندو هو ”ماڻهو ٺهي ماڻهن سنگ“
پر جي ڪو ماڻهو بنا ڪنهن سبب جي پاڻ جھڙي ماڻهوءَ
کي سٺو ئي نه لڳي ته ان جو ڪهڙو علاج! ماڻهو يا ته
خود پاسو ڪري وٺي يا بس مرڪي وقت پاس ڪندو رهي.“
پهرين، صرف هن جو خيال هوندو هو پر هاڻي هن کي پڪ
ٿي ويئي آهي ته ”قدرت انساني زندگيءَ جو چڪر ئي
اهو رکيو آهي ۽ بڇڙائيءَ اڳيان قدرت پڻ هيڻي آهي ۽
شيطان کي، گنهگار کي ڊگھو رسو ڏيڻ جو اصطلاح ڏئي
پاڻ به ان کان ڪنارو ڪري ويٺي آهي.....“ اهوئي سبب
آهي جو جيڪڏهن ڪو انسان بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ به
چاهي ته هن کي شيطاني کندڪو ڏيئي منافقت ۽ شيطاني
تي اڀاريو ويندو آهي. ان صورت ۾ جيڪڏهن هو پاڻ تي
جبر ڪري ته ان کي بيڪار مايوس ۽ قنوطي سڏجي ۽ جي
ڪري حرامپائي، بدمعاشي ته جھنمي سڏجي. پوءِ به ڊپ
اشراف کي، الائي ته ڪهڙي بيوقوف جو اهو خيال آهي
ته ماڻهو سماجي جانور آهي.....هن جو خيال آهي ته
”ماڻهو جانورن جي جھنگل جو هڪ لوسي جانور آهي.
بيوس به آهي مجبور به آهي ته پرمتڙيو به آهي.
الائي ته ڪهڙن ڪهڙن نظرين جي باجن طبلن تي نچڻ تي
مجبور. زميني پر آسماني آفتن ۾ به صبر سان گذارڻ
تي مجبور، پنهنجي نه مري سگھڻ نه جيئي سگھڻ جي
بيوسيءَ ۾ به سپنن ۽ تخليقن جو معراج ماڻڻ جي
خواهش، پنهنجن اڻپورن سپنن جي ساڀيا لاءِ، ٻارن
ٻچن جي ذميدارين نباهڻ لاءِ، سمجھوتن جي قبرستان ۾
انساني ماس کائيندڙ ڳورپٽن جي غلامي ڪندي، ننڍ
وڏائيءَ جا ڦٽ چٽيندي.“
قدرت طرفان ڏنل انهيءَ انساني بيوسيءَ جي بي بها تحفي سبب حالتن
کان مايوس ٿي هن ان ٻي نوڪري کي ڇڏڻ جو خيال دل
تان لاهي ڇڏيو هو، پر پوءِ به صاحبن سندس نصيبن جي
خالي ريل کي بلوچستان جي خشڪ پهاڙن ۽ ڊگھين ۽
اونداهين سرنگھن ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو، پر جيئن ته
هو انهن حالتن ۾ گذارڻ کي پيٽاري ويو هو، انڪري
غربت جي ڌوڙ ۾ هٿوراڙيون ڏيندي توڙي مسئلن جي
ٽانڊن تي هلندي، اجنبي شهر ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي به...
ٻارن جون اسڪولن ۾ داخلائون، لباس ۽ ڪتابن جو
بندوبست ڪري ورتو هو. بس نه ٿي سگھيو هو ته ٻارن
کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ وٺي اچڻ جو ڪو مستقل بندوبست.
هن کي روزانو جي پنڌ يا ڀاڙن جو ايترو فڪر نه هو جيترو ڳڻتي هن
کي صاحب جي ڪاوڙجڻ جي هئي...ته ڪٿي ٻن پهرن جو
ٻارن کي اسڪول کان گھر ڇڏي اچڻ لاءِ دفتر مان نڪري
وڃڻ تي ڪو بگيڙو نه ڪري وجھي. حالانڪ هو ويندو
ٿوري وقت لاءِ هو ۽ جڏهن ته اهو سندس دفتر ۾
مانيءَ جي وقفي جو وقت هوندو هو، جنهن وقفي ۾ دفتر
جا ٻيا ڪلارڪ توڙي آفيسر به پنهنجي پنهنجي گاڏيءَ،
موٽرسائيڪل تي، دفتر کان نڪري، ٻارن کي گھر ڇڏي
ايندا هئا.
سندس روزاني تڪليف کي ڏسي، هڪ ڏينهن سندس دفتر جي هڪ سينيئر
ساٿيءَ عبدالمجيد، کيس صلاح ڏيندي چيو:
”صاحب جو به ته هڪڙو ٻار ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو آهي، جنهن کي
دفتر واري گاڏي آڻيندي نيندي آهي...ساڳي گاڏيءَ ۾
تنهنجا ٻار به ته اچي سگھن ٿا.“
عبدالمجيد جي ڳالهه ٻڌي هن تصور ڪيو ته ڌڏي ويو. تصور ۾ ئي ڪي
دڙڪا، ڪي زوردار بيهودا جملا سندس من جي محراب ۾
گونجڻ لڳا.
”تنهنجي اها جرئت، هڪ معمولي ماڻهو ٿي ڪري تو پنهنجي ٻارن کي به
ان اسڪول ۾ داخلا ڪرايو آهي، جنهن ۾ منهنجو سڪيلڌو
۽ لاڏلو پٽ ٿو پڙهي ۽ مٿان وري چوين ٿو ته منهنجي
ٻارن کي، آفيس جي سرڪاري گاڏيءَ ۾ پِڪ اينڊ ڊراپ
به ڏيو.“
صاحب جي دڙڪن جو تصور ڪندي ئي هو ڏڪي ويو.
”ڪمال ٿا ڪريو مجيد صاحب! ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته منهنجا ٻار
به سرڪاري گاڏيءَ ۾ پِڪ اينڊ ڊراپ وٺن؟“
”ڇو! صاحب جا ٻار به ته ان ۾ ايندا ويندا آهن.“
”ته اها ته هن جي اِنٽائيٽلمينٽ آهي.“
عبدالمجيد، هن جي ان جملي تي پنهنجي منهن مرڪڻ لڳو.
هن کي، عبدالمجيد جي صلاح سٺي ته ڏاڍي لڳي مگر کيس اها به پڪ
هئي ته صاحب سندس عرض ٻڌندي ئي سندس بيعزتي ڪري
ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اهو صاحب پاڻ به هڪ ٽپيڪيل
سنڌي بي خير ۽ ذات پرور آفيسر هو، ۽ ٻيو ته هو
وليءَ کي اڳ ۾ ئي ناپسند ڪندو هو.
اوچتو هن کي خيال آيو ته ڇو نه عبدالمجيد کان ئي صاحب کي سفارش
ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته عبدالمجيد، صاحب جي تمام گھڻو
ويجھو به هو. اهو خيال ڪندي وليءَ کيس اشاري ڪنايي
سان چوڻ شروع ڪيو:
”مون کي مناسب ڪونه ٿو لڳي ته مان پاڻ صاحب کي چوان.“
”ڇو! ان ۾ قباحت ڪهڙي آهي!“
”آخر هو آفيسر آهي ۽ مان سندس ماتحت ۽ ملازم آهيان.آ“
”ڪمال ٿو ڪرين، صاحب ته پنهنجن ماتحتن سان دوستن وانگر هلندو
آهي.“
”هت ڪوئيٽا ۾ اچي شايد ماتحتن کي دوست سمجھڻ لڳو
آهي.“ هن دل ۾ سوچيو ۽ ان سان گڏ ئي سندس دل ۾ آيو
ته عبدالمجيد کي جيڪر ٻڌائي ڇڏي ته ”صاحب کيس
پنهنجو دوست نه سمجھندو آهي.“ پر هو خاموش رهيو،
ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته عبدالمجيد جھڙا همدرد شخص
ئي آفيسرن متعلق ٻين جا ردعمل ڏسي، خوشنودي حاصل
ڪرڻ لاءِ آفيسرن جا وڃي ڪن ڀريندا آهن...۽ هن اهڙن
ڪيترن همدردن ذريعي نقصان به کاڌو هو.
”ڇا صاحب توتي ايتري مهرباني به نه ڪندو؟“ هن کي خاموش ڏسي
عبدالمجيد چيو.
”مون کي سٺو ڪونه ٿو لڳي.“
”يار ، تون ته صفا ڪو احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهين. ڪمال آهي،
سنڌ ۾ تو وٽس ڪم به ڪيو آهي ۽ مان سمجھان ٿو ته هو
تنهنجي علمي ۽ ادبي حيثيت کان به واقف آهي.“
”واقف نه پر متاثر آهي عبدالمجيد صاحب“، جملو سندس اندر جي
گفائن ۾ گم ٿي ويو. هن جي منهن تي ڦڪي مرڪ تر آئي.
هن کي سنڌ ۾ صاحب جو اهو زمانو ياد آيو، جنهن
پنهنجي صاحبيءَ ۾ پن ٻوڙيا هئا ۽ پهڻ تاريا هئا.
هو سوچڻ لڳو ”شايد سنڌ آهي ئي محروم ماڻهن جي
جاءِ، انڪري اتي جي محروم ماڻهن ۾ احساس ڪمتري به
وڌيڪ آهي ته ڌرتي ڌڻين ۾ ڌڪار وڌيڪ آهي. سنڌ جي
سکر ماڻهن کي ڌارين جا ڪتا به وفادار لڳندا آهن پر
پنهنجن وفادار انسانن سان نفرت ڪندا آهن... انهن
کي وڻندا آهن وري رڳو گلاخور، خوشامدي ۽ ڀڙوا.“
هو سوچن ۾ ئي گم هو عبدالمجيد کيس مخاطب ڪيو:
”ولي ميان، مان چڱائي ٿو چوانءِ. انهيءَ روز ورز جي ڊڪ ڊڪان کان
بچي پوندين.“
عبدالمجيد جي ڳالهه مان کيس فائدو ته نظر آيو ٿي ۽ هن جي دل ۾
هڪ ڀيرو آيو به ته جيڪر وڃي صاحب کي رڪئسٽ ڪري پر
چوڻ جي همت نه پئي ساري سگھيو.
”چڱو ائين ڪر، تون مون سان هل ته مان ٿو صاحب کي چوان.“
وليءَ جو من گائون مائون ٿيڻ لڳو.
”ڀلا مان وڃي چوانس.“
عبدالمجيد جو اهو جملو ٻڌي هڪ لمحي لاءِ ته ڄڻ ٿڪ لهندي محسوس
ڪيائين، پر انهيءَ ئي لمحي هن جي دل الائي ڇو هڪ
اڻ لکي ڊپ کان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. هن کي لڳو ته صاحب
انهيءَ ڳالهه ته پڪ ئي پڪ آفيس ۾ گھرائي کيس بيعزت
ڪري ڇڏيندو، پوءِ هن جي واتان انهيءَ ٻڏتر وچان ڪو
مناسب جملو نڪري نه سگھيو ۽ جيڪي هن چيو، انهيءَ
جي چوڻ تي پشيماني به ٿيڻ لڳي.
”مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته مان ڇا چوان.“
”ڪمال آهي،“ عبدالمجيد ٿوري ڪاوڙ واري لهجي ۾ کيس مخاطب ٿيو،
”آئون تنهنجي ڀلائيءَ جي ڳالهه ٿو ڪريان ۽ تون
آهين جو توکي ڪا ڳالهه ئي سمجھ ۾ ڪانه ٿي اچي.“
ائين چئي هو دکايل سگريٽ ائش ٽري ۾ رکي، صاحب جي
ڪمري ۾ گھڙي ويو، ۽ وليءَ کي الائي ڇو پگھر اچڻ
لڳا. هن کي لڳو ڄڻ عبدالمجيد صاحب سان سندس ڪا
شڪايت ڪرڻ ويو هجي. ڪنهن اڻتڻ ۽ بيقراريءَ اچي
وليءَ کي ورايو ته ويهي مولا کي ٻاڏائڻ لڳو.
خدا خدا ڪري عبدالمجيد صاحب جي ڪمري مان نڪري آيو. سندس هٿ ۾
لفافا به هئا.
”صاحب سان ڪا ڳالهه ڪيهءِ ڇا؟“
عبدالمجيد سندس جملو ٻڌو اڻٻڌو ڪندي چيو، ”ولي ميان، معاف
ڪجانءِ، صاحب متعلق تنهنجي راءِ درست نه آهي.“
ولي، نهن کان چوٽيءَ تائين ڌڏي ويو. ”مون ڪهڙي راءِ ڏني آهي جا
درست نه آهي مجيد صاحب!“ ولي اندر ۾ ڪڙهندي پڄرندي
حيران ٿيندي چيو ۽ گڏوگڏ کيس پڪ به ٿي ويئي ته هو
صاحب وٽ ضرور ڪو ٻوڙ هاري آيو آهي، ضرور ڪا گلا
ڪري آيو آهي.“
هو انهيءَ فڪر ۽ ويچار ۾ ئي ڦاٿل هو ته اوچتو عبدالمجيد کيس هڪ
لفافو ڏيندي چيو:
”اچي هي وٺ، ميان ولي محمد خان، صاحب جي هڪ دوست جي شاديءَ جو
دعوتنامو.“
وليءَ جي دل هڪ دم خوشيءَ کان ڪڏ ڏيڻ لڳي ۽ ڪنهن ڪنفيوزن واري
حالت ۾ چوڻ لڳو.
”پر مان ته هن کي نه سڃاڻان.“ ولي ڪارڊ ڏسڻ لڳو.
”ڇا اهو ڪافي نه آهي ته صاحب جي دوست جي شادي آهي ۽ توکي ان ۾
شرڪت جو دعوتنامو ڏنو اٿس.“
”ڇا صاحب دعوت پاڻ ڏني آهي.“ ولي، ڪارڊ کي وري ڏسندي چيو. ساڻ
ساڻ انوکي خوشيءَ ڪنهن هوا جي جھلڪي وانگر کيس ڇهڻ
شروع ڪيو. سندس زندگيءَ جو اهو پهريون موقعو هو جو
ڪنهن صاحب کيس ڪنهن دعوت ۾ سڏيو هو. هن کي ته ڄڻ
اعتبار ئي ڪونه پئي آيو. هن کي لڳو ڄڻ عبدالمجيد
کيس بيوقوف بنائي رهيو هجي.
هو ڪارڊ کي وري اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو. هن کي لڳو ڄڻ سورج پنهنجو
محور بدلائي رهيو هجي ۽ زمين جي گردش تيز ٿي ويئي
هجي. ڪرسيءَ تي پاسو بدلائيندي هو ڪارڊ کي وري
پڙهڻ لڳو. تاريخ ڏٺائين، پوءِ ٻي عبارت پڙهيائين.
تاريخ پڙهندي هن کي لڳو ڄڻ هن تاريخ درست نه پڙهي
هجي. هن وري پڙهي ڏٺو، وقت ۽ پتو به....ائين جيئن
ڪو ٻار ڪا سٺي ٽافي بار بار وات مان ڪڍي ڏسندو
هجي، تيئن ئي ولي به بار بار لفافي مان ڪارڊ ڪڍي
ٿي ڏٺو.
”ڀلا توهان تحفي ۾ ڇا ڏيندؤ مجيد صاحب.“
”مان ته ڪو وال ڪلاڪ وٺي ڏيندو مانس.“
”پوءِ مان ڇا ڏيانس؟“
”تون؟...تون پاڻ سوچ! صاحب جي دوست جي شادي آهي، تنهنجي طرفان
ته ڪو ٺاهوڪو تحفو هئڻ گھرجي.“
”ٺاهوڪو تحفو ته مان افورڊ ڪري نٿو سگھان.“
”ته پوءِ صاحب جي پٽ سان تنهنجا ٻار سرڪاريءَ گاڏيءَ ۾ ڪيئن
ايندا ويندا؟“
وليءَ کي ماٺ وڪوڙي ويئي. عبدالمجيد جو جملو ٻڌي هو ويچارڻ
لڳو، ”اها ڳالهه مناسب ته ڪانهيءَ ته مان صاحب جي
دوست کي تحفو انڪري ڏيان ته جيئن صاحب راضي ٿي
منهنجي ٻارن کي به...“
”ڇا ٿو سوچين ولي محمد؟ هي ڏيوٺ جي ڀاڄي آهي، ڏيندين ته مالڪ به
توتي راضي ٿيندو.“
هن کي عبدالمجيد جي ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويئي.
”ميان ولي! الله به ڏيڻ تي راضي ٿو ٿئي....هڪ ڏيندين ته ستر
گُتا ملندءِ....وڌيڪ نه سوچ، بس تون رڳو تياري
پڪڙ، افورڊ به ڪري ويندين...اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي
جو اجايو فلسفن ۾ ڦاٿو آهين.“
ولي واقعي صاحب جي طرفان مليل دعوت تي ڏاڍو خوش هو. گھر آيو ته
زال به چيس:
”صاحب راضي ٿيو اٿئي ته واقعي ڪو مهانگو تحفو ڇو نٿو وٺي ڏئينس،
تنهنجي به ڪم اچي ويو ته ٿڪ ئي لهي پوندءِ، ميان.“
”شادي صاحب جي دوست جي آهي ۽ تون سمجھين ته سندس دوست ڪو صاحب
کي ٻڌائيندو ڇا؟ ۽ ٻيو ته دعوت به ڊائريڪٽر صاحب
ٿوروئي ڏني آهي. هي ته عبدالمجيد پنهنجي طرفان
ڪارڊ کڻي ڏنو آهي.“
”پوءِ به ادو عبدالمجيد به ته تنهنجو ڀلو ٿو چاهي. ان طريقي سان
تون صاحب جي ٿورو ويجھو به ويندين. هن جي دوست کي
سٺو تحفو ڏيندين ته اهو به صاحب کي تنهنجي سفارش
ڪندو.“
”هاڻ اهو زمانو نيٺ اچي ويو آهي جو پاڻ سفارشن، خوشامدن ۽....“
زالس سندس جملو ڪاٽيندي چيو: ”ميان سڄي دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي
مدد ۽ سفارش تي پيا هلن....تون الائي ته ڪهڙي دنيا
۾ ٿو گذارين.“
وليءَ کي پنهنجي زال جي ڳالهه به سمجھ ۾ اچي ويئي. هو ويچارڻ
لڳو ته ”واقعي جيڪڏهن سندس پنهنجي زال به کيس وقت
ويلي ته ماني نه پچائي ڏئي يا رات اڌ رات جو....ته
.....اهو به ته انساني سڀاءُ ئي آهي جيڪو به هڪ
طرفو هلي نٿو سگھي.“
”پر منهنجي کيسي ۾ ته رڳا پنج سو رپيا آهن ۽ اڃا پورو مهينو به
گذارڻو آهي.“
”الله مالڪ آهي ميان، تون ڳڻتي نه ڪر، مان به ٻه چار پئسا پاڇي
ڪري رکيا آهن. مون کان ئي وٺي وٺجان.“
”پر مون وٽ ته ڍنگ جا ڪپڙا به ڪونهن جو وڏن ماڻهن جي شاديءَ ۾
پائي وڃان.“
”سوفينيءَ وارو سوٽ پيو اٿئي؟“
”اهو ته ڪلهن وٽان ڦاٽو پئجي ويو آهي.“
”پر آهي ته سهڻو، توتي ته ٺهندو به آهي.“
ولي مرڪڻ لڳو زال جي تعريف ڪرڻ تي نه پر ماضيءَ جي هڪ ان منظر
تي جنهن ۾ هو اهوئي سوفينيءَ جو سوٽ پائي ويو هو ۽
اتفاق سان ان دعوت ۾ سندس اهوئي سنڌي صاحب به
موجود هو، جنهن کي وليءَ تي الائي ڇو چڙ ايندي
هئي. انهيءَ شديد احساس جي باوجود، وليءَ صاحب کي
سلام ڪيو پر هن کيس سلام جو جواب ڏيڻ بدران منهن
ڦيرائي ڇڏيو....پوءِ جڏهن مانيءَ جو سڏ ٿيو ته
وليءَ کي چيو:
”ولي محمد، سوفينيءَ سوٽ ۾ ته صفا ڪو بيرو پيو لڳين....پوءِ ڀلا
مون لاءِ ڪا پليٽ ته ٺاهي اچ.“
هو ماضيءَ جي ان منظر جي ڪيفيت ۾ ئي هو ته زالس چيو:
”هاڻي ڇڏ سستيءَ کي، سوفيني سوٽ صاف سٿرو پيو آهي، تون بازار
مان وڃي تحفي لاءِ ڪو سوٽ جو ڪپڙو وٺي آ.“
ولي بازار مان سوٽ جو ڪپڙو به آندو ۽ ان کي خوبصورت انداز ۾ پئڪ
به ڪيائين ۽ مقرر ڏينهن تي، عبدالمجيد سان گڏجي
وڃي دعوت واريءَ جاءِ تي پهتو. اهو سنگمرمر جو
ٺهيل شادي هال هو، جنهن جي چوڌاري لکن لکن روپين
جون گاڏيون بيٺل هيون. ولي ۽ عبدالمجيد رڪشا مان
لهي گيٽ تي آيا ته ويڊيو مويءَ واري لائيٽ ٻاري ۽
در تي بيٺل ڪجھ ماڻهن وڌي مرڪي ساڻن هٿ ملايو.
عبدالمجيد پنهنج تحفو به انهن مان هڪڙي شخص کي ڏنو
ته وليءَ به پنهنجو تحفو کيس ڏئي ڇڏيو...مگر
عبدالمجيد جي تحفي تي عبدالمجيد جو نالو لکيل ڏسي
وليءَ کي اچي پريشانيءَ ورايو ڇاڪاڻ ته سندس تحفي
تي وليءَ جو نالو لکيل ئي ڪونه هو.
هن سوچيو ته جيڪر تحفو کڻي ان تي پنهنجو نالو لکي ڇڏي پر اندران
هڪڙو شخص آيؤ، جيڪو اچي عبدالمجيد سان ڀاڪر ڀائي
مليو، پوءِ هن وليءَ جو تعارف ڪرايو ۽ ائين ڳالهين
ڳالهين ۾ هو کين وٺي اندر هال ۾ لڳل ٽيبلن ڪرسين
مان ڪنهن هڪ تي ويهاري هليو ويو.
”مجيد صاحب!“
”ها، ڪيئن آهي نه مزو“،
”مجيد صاحب، اصل ۾ مون تحفي تي پنهنجو نالو نه لکيو آهي.“
”ته خير آهي، ڇا ٿي پيو؟ صاحب کي مان ٻڌائي ڇڏيندس ته...“
”پر مجيد صاحب ان تي نالو ته لکيل هئڻ گھرجي ته... بس تڪڙ ۾ مون
کان...“
”چڱو اچ...“ ائين چئي مجيد کيس دروازي ڏانهن وٺي آيو. وليءَ
پنهنجو تحفو کڻندي گھٻرائڻ لڳو ته مجيد وڏي ٽيبل
تي پيل تحفن مان سندس تحفي وارو پئڪيٽ کڻي ڏنو.
پئڪيٽ وٺي، وليءَ، ڀرسان بيٺل هڪ شخص کان پين
گھري:
”ايک منڻ ذرا اپنا قلم تو عنايت کيجئي گا.“
ان بيٺل شخص مرڪندي کيس پين ته ڏني پر جڏهن ولي ان سان لکڻ لڳو
ته پئڪيٽ تي کيس لکڻ لاءِ ڪا ٿوري به خالي جاءِ
نظر نه آئي. بهرحال هن انهن گلن واري ڪاغذ جي ڪا
ڪنڊ ڳولهي ورتي، جنهن تي هن پنهنجو نالو لکڻ جي
تمام وڏي ڪوشش ڪئي پر اتفاق سان پين م مس ئي ڪانه
هئي. شرمندو ته ولي به ٿيو پئي پر ان کان وڌيڪ
شرمندگي عبدالمجيد کي پئي ٿي. وليءَ تحفي جو پئڪيٽ
ائين ئي واپس رکي ڇڏيو ۽ عبدالمجيد سان گڏجي اندر
هال ۾ ويهي رهيو.
ٿوري دير کان پوءِ سندن آفيس وارو سنڌي صاحب به پنهنجن چئن پنجن
دوستن سان گڏجي اچي هال م پهتو ته عبدالمجيد سان
گڏ ولي به هن جي تعظيم طور اٿي بيٺو. صاحب سندن
ويجھو آيو ته عبدالمجيد وانگر پاڻ به جھڪي ساڻس
مليو. صاحب وري ڇا ڪيو جو سندن ئي ٽيبل سان لڳل
ڪرسين تي دوستن سميت ويهي رهيو ۽ وليءَ کي مخاطب
ٿيندي چيائين:
”ولي، ڪجھ ڪرسيون ته ڇڪي وٺ.“
وليءَ جي سيني ۾ ڄڻ چاقو کپي ويو. هن کي الائي ڇو صاحب جو اهڙو
حڪم سٺو ڪونه لڳو پر ان گھڙيءَ ئي هن ڏٺو ته سندس
آفيس جو سينئر ساٿي عبدالمجيد صاحب جي ڪجھ بيٺل
دوستن لاءِ ڪرسيون ڇڪي آڻي رهيو هو. پهرينءَ سٽ ۾
ته وليءَ ان کي خوشامد سمجھيو پر ان ئي وقت کيس
مجيد جو جملو به ياد اچي ويو ته:
”صاحب پنهنجن ماتحتن کي دوست سمجھندو آهي.“
”تڏهن ته هو اچي سندس ڪرسيءَ تي به ويٺو آهي نه ته وڃي ڪنهن پاڻ
جھڙي آفيسر سان نه ويهي ها.“ ائين سوچي، هو به وڌي
ويو ڪرسيءَ ڇڪي صاحب جي ڀرسان رکڻ لاءِ.
”هڪڙي پاڻ لاءِ به ته آڻ محمد ميان ولي.“ صاحب کيس مذاق واري
نوع ۾ چيو.
”تون ترس ته مان ٿو تنهنجي لاءِ ڪرسي آڻيان.“ عبدالمجيد کيس
روڪي پاڻ هن لاءِ ڪرسي کڻڻ ويو ته وليءَ کي احساس
ٿيڻ لڳو ته ”اها خوشامد نه پر هڪٻئي لاءِ عزت آهي
۽ ماڻهو ٻئي کي عزت ڏيندو ته پاڻ به حاصل
ڪندو....شايد هو واقعي احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهي،
يا شايد اجايو سجايو پيو ماڻهن لاءِ غلط سلط تاثر
ڪندو رهندو آهي. عبدالمجيد هن لاءِ ڪرسي به ڇڪي
آيو، مگر ولي الائي ته ڪهڙن خيالن ۾ گم هو، جنهن
تي صاحب چيس:
”ويهه ڀلا ولي محمد....يا ڌڪ هڻي ڀڄي ويندين.“
صاحب سان گڏ آيل مهمان، صاحب جي جملي تي کلڻ لڳا ته وليءَ کي ڄڻ
سٺو نه لڳو. هن کي لڳو ڄڻ صاحب اجايو مٿس کل ڪرائڻ
چاهي ٿو....هو شرمندگي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ ڦڪي ڦڪي
مُرڪ مُرڪندي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
”ولي محمد، اڄ وري اهوئي اڻويهه سؤ هڪ وارو سوفيني سوٽ پائي آيو
آهين. ٻيو اڃا ڪونه سبرايو اٿئي ڪيئن؟“
وليءَ جو منهن لهي ويو پر جلدئي هن پنهنجي سڪل وڻ جي ڇوڏي وانگر
ٿي ويل منهن تان ڦڪائيءَ جي کونئر لاهڻ جي ڪوشش
ڪندي پاڻ کي دلجاءِ ڏني: |