سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :2

شاعري

 

 

 

سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

روئان، رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن،

مون کي چاڙهي چئين، ويو وڻجارو اوهري.

*              *      *

اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،

مون بيٺي ئي هليا، بندر جي تَڙن،

سرتيون سور سندن، مون ماريندو جندڙي.

*              *      *

وڻجاري وري، پرهه پڳهه ڇوڙيا،

اوليون پَسي اُنِ جون، پيئڙم ڳَچ ڳري،

وينديس ماءَ مري، ساري سامونڍين کي!

*              *      *

اُلوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجھ کي،

رهه اڄوڪي راتڙي، لالَڻ مون لائي،

وڃ ۾ ڦورائي، ايڏي سفر، سپرين!

*              *      *

اولا کڻي اُوءِ، پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا،

آيل، سامونڊين جي، آهي اڙانگي جُوءِ،

ڪڏهين ڏسندين روءِ، وري هِن اکين سين!

*              *      *

تَن جن جي تانگ، سي سڄڻ سفر هليا،

لئج لات، ”لطيف“ چئي، ڪڏهن ايندم، ڪانگ!

ڪنهن سٽاڻي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.

*              *      *

لاهيان جي نه چِنتان، الا اُن ۾ وسران،

مڙهيون منجھاران، جيءُ منهنجو جن سين!

*              *      *

آءٌ جن آساري، مٿي تڙ گذاريان،

مون کي وساري، شال م وڃن اوهري.

*              *      *

اونهي ۾ اوهري، جڏهن جي ويا،

سانداري سمونڊي جي، نهوڙي نيا،

وڃي تِت پيا، جِت نهايت ناهه ڪا.

 

- شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 

 

وکر سو وهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي

جوڳي   شهر   هزاري   دا،

سانگ بنايس ڀيڊ ڇُپا ڪر!

 

- صوفي روشن الدين ”روشن“

 

ويکو تنهن دي مورت موهني، مُک وچ مُرلي رنگ رنگيني،

ڪن وچ مندري، ڳل وچ ڪفني، سهڻا سانگ سونهاري دا-

ڦِر   ڦِر   ڦرندا   دليان    چاڪر!

 

تُسان ڪي ڄاڻو تنهنڪون ساليان، هن جوڳي ديان الٽيان چاليان،

مخفي رمزان روز نراليان، ڀرپور بحر ڪناري دا-

وسيا    نيڙي   ناز   دي   خاطر!

 

نال نيڻان دي دام گھتيندا، ڪمند زلف وچ قيد ڪريندا،

ڦيريان پاڪي جھٽ جھٽيندا، پريمي روپ پياري دا-

بيوس   ڪردا   برهه   بڇا    ڪر!

 

مخفي مٺڙا ٻول ٻوليندا، دلمل ”روشن“ روح دليندا،

ڪوجھان نال ڪرم ڪريندا، سهڻا ناز نظاري دا-

ڪڍتس قياس قياس فضل فرما ڪر!


 

شيخ اياز

وايون

 

(1)

چرخي روُن رُون ڪانه، اڄ ڪٿي ڪاپائتيون؟

ڪالهه هيو اڱڻ منهنجي ميلو متو ڇا نه!

اڄ ڪٿي ڪاپائتيون؟

هٿيو  ڪا ٻيهار هلائي، اڄ نه سي امڪان!

اڄ ڪٿي ڪاپائتيون؟

سڀيئي ڪاتار ها مون وٽ ڄڻ مهمان!

اڄ ڪٿي ڪاپائتيون؟

(2)

مُند ۾ چيريءَ جو وڻ

ٿو لڳي آتو چَپن لئه

دور تان آعڪس ڳاڙهو ٿو اچي ڪوئي سڄڻ

واءُ ۾ ٻُڌجي پيو اڄ ڪنهن ته واڄي جو وڄڻ

ٿي لڳي ڌرتيءَ حِنا جئن پنڌ ۾ تون آنهه ڄڻ

(3)

جھنگ مان چارا وڃن ٿا،

راهه  تي  آهي  تلاءُ

ٿو وڻي ڪيڏو نه دل کي چنڊ جو اُن ۾ چٽاءُ

ڪَر ڪَرو ٿي ٿو مزو جي آ بگھڙ جو ڊپَ ڊاءُ

ٿو دٻي پيرين اچي هُو، موت جو ڪهڙو چتاءُ

چنڊ جو  ڪيڏو  چٽاءُ!

پر  بگھڙ جو ڊپَ- ڊاءُ!

(4)

سجَ   ۾   مڇيءَ   ڇلر

ڪيترو   چمڪن   پيا!

هي اَڏيءَ تي ڪيو ٿو ٻيرا ٿئي ڪنهن کي خبر!

ڪيستائين ٿا وڃن هي جڳ جڳانتر جا چڪر؟

ڪيستائين موت ۾ ماڻهو وڃي ٿو پائي پَر؟

ڇا نه ٻي ڪنهن هنڌ آهن ڀونءِ وانگر جال جَر؟

ڇا ڪٿي ٻي جاءِ تي مڇيءَ ڇلر،

ايترو چمڪن پيا؟

(5)

آدميءَ جو آدميءَ  لاءِ  پيار

ان جيان  مذهب  نه  آهي

ڪيترو اظهارُ نفرت جو ٿئي ٿو موتمار!

سج لٿو، سانجھي پِئي جئن ڌڻ ڪڍي نڪتو ڌنار!

دور چونئرو ٿو ڪري هن لاءِ ڪيڏو انتظار!

واٽ ويندي شال ويريءَ جو ٿئي هن تي نه وارُ!

(6)

چُرندا پرندا ڪيترا اکين  کان  انڌا

هن ساري سنسار ۾!

جي ڏسبو سڀ جوٺ ها دنيا جا ڌنڌا

هن ساري سنسار ۾!

موت مٽايا ماڻهئو سڀ سيڙها سنڌا

هن ساري سنسار ۾!

ڪانڌي ڪن کي ٿا چئو، ڏيندا  جي  ڪَنڌا؟

هن ساري سنسار ۾!

(7)

زندگيءَ  جو  خومچو،

چوٽ  تائين  ٿو  ڀرين!

زندگيءَ ڇا آهي ڇو نه سوچين ٿو اِهو؟

ڪيئن چئجي موت پنهنجي جو پوي توکي دَهو!

آدمي ڀانيا ته ويندا اوچتو ئي اوچتو.

سِجَ دريا ۾ چِتائي ڪونه ڪنهن کي آٻُڏو!

(8)

رات جي  وڳڙي ۾ پنهنجو منهن لپيٽي ٿا وڃون

ڪنهن طرف او ڪنهن طرف؟

راهه ۾ وَلهار ساوا هئن چپيٽي ٿا وڃون،

ڪنهن طرف او ڪنهن طرف؟

چنڊ جي چانڊاڻ کي ڇالاءِ ريٽي ٿا وڃون،

ڪنهن طرف او ڪنهن طرف؟

مُنهن ائين ڇا لاءِ هن دنيا کان ميٽي ٿا وڃون

ڪنهن طرف او ڪنهن طرف؟

(9)

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

هيڪلوئي تون لڏيندين.

آفنا سڀ جو مقدّر نيٺ جھُرندا سڀ پهاڙ

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

خواب جئن محسوس ٿيندي، جا به سهندو جيءُ جاڙ

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

آهه ٿورا ڏينهڙا هن زندگيءَ جي ڇيڙ ڇاڙ

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

ٿي ڇڏي آخر چٻاڙي موت جي سڀ کي مهاڙ

لوءِ ۾ ايڏي لٻاڙَ!

(10)

آنءُ ڄاڻڻهار تنهنجي دائري ۾ آهيان،

تون ته سڀ ڄاڻين پيو.

ٺاهه جيڪي ٺاهيان يا چاهه جيڪي چاهيان،

تون ته سڀ ڄاڻين پيو.

ڇا ضرورت آهه پنهنجي پاڻ تي مان باهيان،

تون ته سڀ ڄاڻين پيو.

تون کي روڪڻهار آن ڪيڏانهن ٿو مان ڪاهيان،

تون ته سڀ ڄاڻين پيو.

ڪاش! مون کان ٿي سگھي جو بارَ تنهنجا لاهيان،

تون ته سڀ ڄاڻين پيو.

(11)

مون  ملي  ڪهڙو  اَجُر

آنءُ  سارو  ڏوهه  آهيان.

هي ڊگر ڪاٿي کُٽي ٿو، آ ڪٿي منهنجو نگر؟

آنءُ سارو ڏوهه آهيان.

پنڌ ۾ ٿڪجي پيو هان، ڏور منهنجو آهه گھر،

آنءُ سارو ڏوهه آهيان،

سِجَ پاڻيءَ ۾ سمايو، آ پُنو هن جو سفر

آنءُ سارو ڏوهه آهيان.

ڇو اڃا تو مون مٿان، آهي ڪيو ايڏو ڏمر

آنءُ سارو ڏوهه آهيان.

(12)

ناقو روڪ ته ڪملي وارا

توسان مان به هلان.

صحرا تي ڪيڏو سونهن ٿا

پوئين   پهر   هوا  ۾  تارا

توسان مان به هلان.

منزل دور، اَسونهون آئون

تون ئي  ڄاڻين سارا چارا

توسان مان به هلان.

ڪائي  دور  تجلي   آهي

وهم نه   آهن  چند   اُمارا

توسان مان به هلان.

(13)

ڪيترو مون کي ستايو عمر ڀر تنهنجي خيال،

شام ٿي وِئي.

دور تان مون کي نظر آيا نه تنهنجا خَد و خال،

شام ٿي وئي.

تو وراڻيا ڪونه جي توکان پڇيا ٿي مون سوال،

شام ٿي وئي.

جي نظر آيا ته مون کي ڪجھ نظر آيا مثال،

شام ٿي وئي.

آ سدا تو ڏي نهاريو منهنجي ماضيءَ توڙي حال،

شام ٿي وئي.

آءُ ٿي نروار، مون ڏانهن ڏِس حسينِ  لازوال!

شامَ ٿي وئي.

(14)

ماءُ جي ڇاتيءَ مٿان هي ٿڃ ڌائڪ ٻارڙو،

هي به هڪ تصوير آ.

پيءُ پوڙهي باغ مان آندو کجين جو کارڙو،

هي به هڪ تصوير آ.

مينهن سانوڻ جو پوي ٿو، ٿو وهي نيسارڙو،

هي به هڪ تصوير آ.

ڪئن ڇڳا ريڙهن وري؟ آ چِڪ سارو چارڙو!

هي به هڪ تصوير آ.

ٿي ٿئي رم جھم مٿان ٽِم ٽِم ڪري هر تارڙو،

هي به هڪ تصوير آ.

ڪر ڀلارا ڀال پنهنجا، ٿو چوي ويچارڙو،

هي به هڪ تصوير آ.

(15)

تو هڪ سِٽ ميان، هُن ٻي سِٽي سِٽ،

ڳوڙهيون ڳالهيون ڳجھ جون.

ڇا هي تنهنجي جندڙي؟ پاڻيءَ مٿي چِٽ،

ڳوڙهيون ڳالهيون ڳجھ جون.

مٽيءَ ڪهڙي مائٽي؟ مِٽ به ڪهڙا مِٽ!

ڳوڙهيون ڳالهيون ڳجھ جون.

ڪئن چئجي تقدير ۽ موتَ ڪڏهن ٿين ٻِٽ!

ڳوڙهيون ڳالهيون ڳجھ جون.

(16)

اک ته آهي انڌي ٿيندي،

دل جي ديد وڏي شيءِ آهي.

هر ماڻهوءَ جو انت به ايندو عمر شفق وانگر ڇائيندي

انڌياري ۾ تنهنجي ڪارڻ ڪهڙي چيز ڏياٽي ٿيندي

عمر مٿان ويساهه نه آهي عمر ته آهي ايندي ويندي.

دل جي ديد وڏي شيءِ آهي.

(17)

هي ڏسو اونڌيون ڇَتيون،

سِر نٿي سِر سان ملي!

ٿيون تعجب مان نهارن اُڀ مان تن ڏي ڪتيون

سِر نٿي سِر سان ملي!

ڪير زرگر آهه جنهن جون ايتريون ريڻيون رتيون؟

سِر نٿي سِر سان ملي!

اُڀ جي ڪاري رليءَ ۾ ڪنهن اُڻيون ايڏيون چَتيون؟

سِر نٿي سِر سان ملي!

ڪيتريون وَر، وَر ٻرن پيئون هوائن ۾ بتيون،

سِر نٿي سِر سان ملي!

تو اڃا سمجھيو نه آهي ڇو مُنجھيون تنهنجون متيون؟

سِر نٿي سِر سان ملي!

 

(18)

چار پَل هي چهچٽا

زندگي رهڻي نه آهي،

ريشمي تنهنجون نهارون پٽَ جئن تنهنجا ڳِٽا،

زندگي رهڻي نه آهي،

وقت جئن پورو ويو ٿي ڀاڳ هر ڪنهن جا ڦٽا،

زندگي رهڻي نه آهي،

پوءِ سڀ اونا اجايا کوٽ سارا کٽکٽا،

زندگي رهڻي نه آهي.

چاندنيءَ ۾ چئهُ ته هي ڪنهن جا هڏا آهن چٽا،

زندگي رهڻي نه آهي.

(19)

موت کان ڪوئي فرارُ؟

ڪو به ناهي ڪوبه ناهي.

جو ابد تائين هلي سو شاهڪار

ڪو به ناهي ڪوبه ناهي.

ٿو وڃي ڪيڏانهن ايڏو رهگذار؟

ڪوبه ناهي ڪوبه ناهي.

ڪيستائين هي جواني ڪندين گلعذار؟

ڪوبه ناهي ڪوبه ناهي.

سمنڊ جون ڇوليون ڏسين ٿو بي ڪنارُ؟

ڪوبه ناهي ڪوبه ناهي.

ڄڻ ته هي تنها سفر آهي اَپارُ

ڪوبه ناهي ڪوبه ناهي.

وِير تي آيو نظر ڪوئي سوار؟

ڪوبه ناهي ڪوبه ناهي.

(20)

اُٿ هاڻ لڏي هَل وڻجارا،

هي ديس به ڪهڙو ديس آهي!

ڪنهن توکي روڪيو آهي هِت هي آخر ڪنهن جو ڪيس آهي،

هي ديس به ڪهڙو ديس آهي!

تون هاڻي ويس مٽاءِ ميان هي ويس نه تنهنجو ويس آهي،

هي ديس به ڪهڙو ديس آهي!

ڪو هن مان سيءُ نه لهڻو آ ڪيڏو نه پراڻو کيس آهي،

هي ديس به ڪهڙو ديس آهي!

l

                  

تاج بلوچ

غزل

ڇَتَ مٿان مينهن جو ٻڌي کڙڪو،

سور ناسور ڪوئي جاڳي پيو.

 

درد پنهنجا ڪٿي ڪيون وڪرو!

ڪو خريدار ئي نه آهي ڪو.

 

ٿنڀ آهين جڙيل ڪو پٿر جو،

سنگ توساڻ منهنجو ول جھڙو.

پن- ڇڻ ۾ به گڏ رهيس توسان،

گل جي موسم جو تذڪرو ڪهڙو؟

 

مون سڄي شهر کي ڏٺو جھاڳي!

هر گھٽي عڪس عڪس هو تنهنجو.

 

چلولائي ۾ مارجي ويئي!

دل ته سمڌو هو عشق کي چرچو.

 

جنهن جي چوڌاري هجر جي وستي،

دل جزيرو اداس سپنن جو.

 

اُن کي سوچين ها ٿورو ڳولين ها!

ساهه کان جيڪو توکي ويجھو هو.

 

موسمن جي ڪٿا ۾ سونهن ڪٿي؟

جسم تنهنجي جو ذڪر هو نڪتو.

 

پاڇا ماپيا مون نيڻ- پلڪن سان،

سج لٿو پر هو ڪين موٽيو هو.

 

سوئي هلندو اسان سان تاج بلوچ،

جيڪو واقف نه واٽ جو هوندو.

l

سرويچ سجاولي

 

غزل

تنهنجي حسن جون آهن هستيون جدا جدا،

موجون جدا جدا ۽ مستيون جدا جدا.

 

آتيون هميشه آهين، توکي ڏسڻ پسڻ لئي،

دلڙيون جدا جدا ۽ اکڙيون جدا جدا.

 

موهيو وجھن ٿيون من کي، محبوب محب تنهنجون،

مينڍون جدا جدا ۽ مُرڪون جدا جدا.

 

گفتن تان گھوٽ تنهنجي، گھوري ڇڏيان ٿو آئون،

ماکيون جدا جدا ۽ مصريون جدا جدا.

 

مُرڪيو پون هو ”سرويچ“ مرڪڻ سان يار جي ڏس،

مندون جدا جدا ۽ مکڙيون جدا جدا.

l

 

ولي محمد وفا پلي

غزل

ساغرن ۾ شراب باقي آءُ،

آءُ شبِ ماهتاب باقي آءُ.

موسمِ گل جي يادگارن مان،

خشڪ شاخِ گلاب باقي آءُ.

 

هو به چاهن ٿا وصل جي صورت،

ظاهرن اجتناب باقي آءُ.

 

ڪيڏا مئخانا پي ويو آهيان،

پوءِ به طلبِ شراب باقي آءُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com