سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :32

سيد امام المتقين راشدي

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرو

 

هيءَ 1895ع جي ڳالهه آهي.

کپري ۾ ڇهون سنڌي پيو پڙهان. ليوڪس صاحب هجي ٿو جو ڊپٽي ڪمشنر، هڪ لڱا مختيارڪار سان گڏ اسڪول ۾ لنگھي آيو.

شاگردن کان هڪڙو زباني حساب پڇيائين: ”روپيا به سو ورايو. چوڪرا 5 ۽ چوڪريون 4. پر هڪ چوڪريءَ کي 5 روپيا جا ستي ڊيو. ٻڌايو هڪ هڪ چوڪر کي ڪيٽرو ملدو؟“

مون امالڪ، واٽ لڳائي، جواب ڏنو: ”ٽُئنٽي سَر!“

پر مون کي ڄڻ ٻُڌائين ڪونه. ٻئي ڪنهن شاگرد چيو: ”سائين ويهه“؛ ته پنج روپيا انعام اُن کي ڏنائين ۽ نه مون کي.

وري ٻيو حساب مليوسين. اُنهيءَ جو جواب ۾ مون صحيح ڪڍيو. پر چيم: ”سيون سر“؛ ۽ هن منهنجي ڪلاسيءَ چيو: ”سائين ست.“

اُنهيءَ ڀيري به انعام جي عنايت هُن تي ٿي ۽ مان وانجھيو رهجي ويس.

ائين ٻين ٽن حسابن جا جواب به مون صحيح ڏنا، پر وري به جھڙو جھڙو جواب هو سو انگريزيءَ ۾ ڏنم. انعام مون کي ڪونه جُڙيا، سو مان وائڙو ٿي ويس ته صاحب هي ڪري ڇا ٿو!

اُتي ئي حڪم ٿيو: ”سمجھيو ٽه بابا اوانجو گوٽ آهي. بابا ڊي کٽ لکو ته اوان لاءِ اُٽان چا چا وٽي اچي.“

مان خط پٽ لکڻ ۾ به ٻين مڙني کان هوشيار هوس. مون مٿان خذمت ۾ فيض واري مربي صاحب وغيره لکي، گھڻن ادبن ۽ رام رامن بعد عرض ته اهڙيءَ ريت ٻيو خير سک جو حال درج ڪري، پڇاڙيءَ ۾ عرض گذاريو ته ”مربي صاحب، هن طرف اچو ته حيدرآباد مان منهنجي لاءِ راضو درزيءَ کان هڪ انگريزي پتلون ۽ گاگن مل جي ڇاپ تان 7 نمبر جو ڊاسن بُوٽ وٺي اچجو.“

ڪلاس ۾ ڪل ست شاگرد هئاسين.

منهنجي خط جو نوع ٻين سڀني جي نوع کان هو به عمدو، ته به صاحب اُنهيءَ ڀيري به مون کي اورانگھي انعام هڪ ٻئي کي ڏيڻ فرمايو.

مون کان اِتي رهيو نه ٿيو! مون خفي ٿي، صاحب کي چئي ڏنو: ”سر، هيءُ ڇا.....؟“

ليوڪس صاحب پنهنجون نيليون اکيون منهنجي منهن ۾ کپائي چيو: ”چوڪرا، ڊس، هي اوان جو مُڪٽيارڪار صاحب آهي. هن کي سِنڊي سُٽڻ ۽ سِنڊي جتي پيو آهي، پوءِ ولاتي بوٽ ۽ انگريزي پٽلون چا ڪندين؟“

”پر سر! حسابن جا جواب ته اول اول صحيح مون ئي ڏنا.“

”هائو، پر ٽو جواب سِنڊي ۾ نه ڊنا.“

[ڪتاب ”لالچند امر ڏَنومل جڳتياڻي“، مصنف: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ساهتيه اڪيڊمي دهلي، 1995ع، 95-96، ۾ آيل لالچند جي لکڻين مان اقتباس. چونڊيندڙ: عرفان انصاري، حيدرآباد.]   l

 

اُتم

شيخ اياز

 

28 ڊسمبر 1997ع تي، عظيم شاعر شيخ اياز جي لاڏاڻي جي خبر، وڄ وانگر، سنڌ، هند ۽ وديشن ۾ رهندڙ سنڌين ۾ پکڙندي، دُک جي لهر ڦهلائيندي ويئي! ڪن سڏڪا ڀري رُنو، ته ڪي ڌڌڪي وچان سُن ٿي ويا. اڃا 22 مارچ تي، اياز جي 75 ’جنم- ڏينهن‘ ملهائڻ جون تياريون پئي ٿيون، ته هو اُن کان اڳواٽ ئي هليو ويو.

شيخ اياز مهاڪوي هو. هن نه رڳو جديد سنڌي ڪوتا جي فن ۽ فڪر کي يگاني اوڄ ڏني، پر نثر کي به دلڪش ۽ دلچسپ بڻايو. پڪا پنجاهه سال سنڌي ڪوتا تي ڇانيل رهيو ۽ پنجاهه کن ڪتاب لکيائين، جن مان گھڻا شعري مجموعا آهن. هن سنڌ جي آڳاٽيءَ شاعريءَ جي شاخ، بيت ۽ وائيءَ کي جياريو ۽ غزل کي گيڙو ويس پهرايو، ته ٻين نون شاعراڻين شاخن جھڙوڪ هائڪو، ترائيل، چؤسٽن ۽ نثري نظم کي وري پنهنجيءَ ڏات سان مالا مال ڪيو. ان کان سواءِ ترقي پسند نظريي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان ’ڪمٽمينٽ‘ جي اهڙي سجاڳي پيدا ڪئي، جو اها هڪ طوفاني تحريڪ بڻجي وڌندي رهي.

1962ع ۾ اياز جو پهريون شعري مجموعو ”ڀونر ڀري آڪاس“ نڪتو. هڪ طرفان پاڪستان رائيٽرس گلڊ اُن تي انعام ڏنو، ته ٻئي طرف ايوب سرڪار ان تي بندش وڌي. مون سنه 1964ع ۾ سنڌ ياترا ڪندي، اهو لقاءُ ڏٺو ۽ اُن جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾، ”نئين دنيا“ جنوري- آڪٽوبر 1965ع ۾ ڪيو. مون لکيو هو ته ڪراچيءَ هوائي اڏي تي سنڌي ليکڪن کي هٿن ۾ گلن جون مالهائون ڏسي، سرهائي ٿيم. شيخ اياز به هڪڙي مالها جھليو بيٺو هو. خوشبودار گل، هن عظيم شاعر جي هٿن ۾ اچڻ سان ڪوتا بڻجي پيا هئا. ڀاڪر پائيندي، اياز جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريم، ته نگاهن نگاهن ۾ پڇيائين، ”ڇا ٿو ڏسين؟“

جواب ڏنم: ”ڏسان ٿو ته توکي ڪيترا گھاءَ ڪيا اٿن؟“

”ڀونر ڀري آڪاس“ تي پيل بندش ڏانهن اشارو سمجھي مرڪي ڏنائين. مرڪ جا ڄڻ چئي رهي هئي:

”نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا، ڪنبندي نيٺ ڪٽار، او يار“

اياز جي اها وائي، جا مون ”نئين دنيا“ ۾ ڇپي هئي، سا، ڪراچيءَ ۾ کانئس پير علي محمد راشديءَ جي بنگلي تي، رشيد ڀٽيءَ، جويي، ربانيءَ ۽ تنوير عباسيءَ سان گڏ ٻڌي هئم.

”ون يونٽ“ واري زماني ۾، جڏهن سنڌ جي نقشي ۽ نالي کي مٽايو ويو، تڏهن اياز، شاهه کي مخاطب ٿي چيو هو:

”جاڳ ڀٽائي گھوٽ، سنڌڙي ٿـي توکي سڏي،

مرن  پيون   مارويون،   قابو   آهن   ڪوٽ،

اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن  کي ڏاري ڇڏيون.“

سنڌي شاعريءَ ۾ هيءُ نئون آواز هو، جو پنجاهه جي ڏهاڪي جي شروع ۾ بلند ٿيو. اياز جي اهڙن ڪيترن ئي بيتن ۽ واين، سنڌ ۽ هند جي شاعرن کي متاثر ڪيو. ان کان پوءِ سندس ٻيو مجموعو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نڪتو. ان تي مون سمالوچنا ڪندي، جنوري 1964ع جي ”نئين دنيا“ ۾ لکيو هو ته ”سنڌي شاعريءَ ۾ هي پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ ڌاريائي محسوس نٿي ٿئي. پنهنجائيءَ جو اُهو احساس ٿئي ٿو، جيڪو ڪلام جي ٻوليءَ، لهجي، تصوير ڪشيءَ ۽ ماحول مان پيو بکي. منجھانئس سنڌ جي ڌرتيءَ جي سرهاڻ پيئي اچي. شاعر غزل کي گيڙو رنگ (هندي ماترائن) ۾ رنڱيون آهي.

60- 1970ع جي ڏهاڪي ۾ اياز جي شاعري چمڪي ۽ خوب چمڪي، خاص ڪري نوجوان اديبن ۽ شاگردن ۾، جيئي سنڌ جي تحريڪ، جنهن کي حيدر بخش جتوئيءَ ”جيئي سنڌ“ جھڙو قومي گيت ڏنو هو، سا ڀڙڪي ڀيڙ ٿي. ان ئي دور ۾ اياز ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“ گيت چيو، جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجڻ لڳو. اُن دور ۾ اياز جا ٽي ٻيا نوان مجموعا ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آئيون“ ۽ ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ تمام اهم آهن.

اياز 1976ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر رهيو. نئون سنڌي شعر ڪونه لکيائين. پنهنجا سنڌي ڪلام پنجابيءَ ۽ اردوءَ ۾ ڇپايائين. اُهو عهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ وري سنڌيءَ ڏي موٽيو. شعر جا ٻه ڊزن مجموعا لکيائين، جن ۾ مشهور آهن: راج گھاٽ تي چنڊ، بڙ جي ڇانو اڳي کان گھاٽي، چنڊ چنبيلي ول، اُڀر چنڊ پَس پرين، جھڙن نيڻان نه لهي، هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن، وغيره. پڇاڙيءَ جو تازو مجموعو نڪتل اٿس ”ڪونجن ڪرڪن روهه تي.“ اُن ۾ دوهن، واين ۽ بيتن سان گڏ ترائيل ۽ چؤسٽا به اٿس. اُن ۾ به سندس سنڌيت جو جذبو، ترقي پسندي ۽ آشاوادي نظريو صاف ظاهر آهي. اُن ۾ تصوف ۽ موت جو به ذڪر آهي، پر اُن ڪري اياز جي شعر جي ڪا اهميت گھٽ نٿي ٿئي. ڏسو ڇا ٿو چوي:

ٿي نه  اونده  ۾ اُداس،  چاندني راتيون به اينديون،

مان مڃان ٿو هونئن ناهي موت جو ڪو مند ماس،

       چاندني راتيون به اينديون!

جيئندو رهه، پيئندو رهه، پو به جيسين آهه سواس.

        چاندني راتيون به اينديون.

پنهنجن وروڌين کي جواب ڏيندي چوي ٿو:

ايندو  اهڙو  ڏينهن به ڀائو، ويندا ڏيهه ڌڪاري،-- هو،

ڪير چوي ٿو مون پيريءَ ۾ آهي سنڌ وساري،-- هو.

”جھڙ نيڻان نه لهي“ مجموعي ۾ ”سر نارائڻ شيام“ ۾ چيو اٿس:

”ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪو ورهاڱو“

۽

”آسيس ڪر ته سنڌ جا سيس نه جھڪن ڪنهن اڳيان“

ان سان گڏ ساميءَ جا نوان سلوڪ به ڏنا اٿس. ڪاليداس، ڪبير، تلسي ۽ ميزان سان گڏ شيواجي توڙي پرتاب کي به ياد ڪيو اٿس. ناگاساڪي، ائٽم بم، عالمي امن ۽ ترقي پسند اديبن ۽ عالمن بابت هن مجموعي توڙي ٻين ۾ به لکيو اٿس. ائين، اياز جي شاعري عالمي شاعريءَ جو حصو بڻجي پيئي. ان شاعريءَ ۾ موسيقيءَ سان گڏ فڪر جي گھرائي به آهي. اهو چوڻ صحيح ناهي، ته گيتن ۾ لئه  ۽ مڌرتا جي ڪري شاعراڻو خيال نه هوندو آهي، جيئن مشهور جديد مرهٽي شاعر ۽ گيتڪار پدگانوڪر ممبئيءَ ۾ ساهت ائڪڊميءَ طرفان ملهايل سندس شام جي سلسلي ۾ چيو هو ته ”موسيقي منهنجيءَ شاعريءَ جي گھرائيءَ يا فڪر اڳيان رنڊڪ نه بڻجندي آهي.“

اياز شاعريءَ سان گڏ نثر به تمام سهڻو لکيو آهي، جنهن جا اٺ ڏهه ڪتاب ٿي ويندا. انهن ۾ ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ اهم آهي. هن ۾ دنيا جي ساهت، سياست، علميت ۽ عقليت بابت ايترو خزانو آهي، جيترو ٻئي ڪنهن سنڌي ڪتاب ۾ مشڪل ملندو. ان مان اياز جو اٿاهه اڀياس به ظاهر آهي. ٻيو اهڙو مجموعو اٿس ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،“ جنهن مان شعر توڙي افساني، ناٽڪ ۽ ناول جي سِڪ لهي ٿي ۽ موهن جي دڙي جي سڀيتا کان وٺي اڄ جي زماني جي جھلڪ ملي ٿي.

اياز جيئن لاڳيتو پنجاهه سال سنڌي ڪوتا تي ڇانيل رهيو، تيئن هن کان پوءِ به سالن جا سال ڇانيل رهندو.

                [”نئينءَ دنيا“ تان ورتل]

 

خط ٻن اديبن جا

 

(1)

”خَط“ ادب ۽ تاريخ جو هڪ اهم حصو آهن. ”سنڌ جي ديني ادب“ ۾ اسان کي ابوجعفر نالي هڪ سنڌي عالم جو نالو ملي ٿو، جيڪو ديبل جو رهاڪو هو، انڪري ”ابوجعفر الديبلي“ سڏبو هو. ”مڪاتيب النبي“ جي نالي سان حضور ﷺ جن جي خطن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيو هئائين، جيڪو چيو وڃي ٿو ته سڄيءَ اسلامي دنيا ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي خطن جو پهريون پهريون مجموعو آهي. ”مڪاتيب النبي“ جو قلمي نسخو دمشق جي ڪتبخاني ”ظاهريه“ ۾ محفوظ آهي ۽ هاڻي ڇپجي چڪو آهي.

”سنڌ جي تاريخ“ جي حوالي سان خطن جو هڪ اهم مجموعو ”منشات ماهرو“ جي نالي سان پير حسام الدين راشدي ترتيب ڏيئي رهيو هو، جيڪو سندن زندگي ۾ شايع ٿي ڪونه سگھيو. البت، ”منشات ماهرو“ جو پروفيسر شيخ عبدالرشيد وارو ايڊيشن شايع ٿيو آهي.

سائين جي. ايم. سيد سنڌ جي مشاهيرن جي خطن جا ٻه مجموعا ڇپايا هئا: هڪ پير علي محمد راشديءَ جي سياسي خطن جو مجموعو ”خط ۽ مضمون“، ۽ ٻيو علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي علمي خطن جو مجموعو، جيڪو ”ساهڙ جي سينگار“ جي نالي سان شايع ٿيو هو.

سائين جي. ايم. سيد لاءِ چوندا آهن ته جيڪو به ماڻهو کيس خط لکندو هو، سو محفوظ ڪندو هو، انڪري سندس ڪتبخاني ۾ پاڪستان جي باني، قائد اعظم محمد علي جناح جا خط ۽ ابوالڪلام آزاد جون تارون به موجود آهن. جويو صاحب جلال محمود شاهه جي ايماءَ تي قائد اعظم جا اهي خط اشاعت لاءِ ترتيب ڏيئي رهيو آهي.

اهڙيءَ ريت، ٻين ڪن اهم ۽ دلچسپ خطن جو مجموعو، سيد شاهه محمد شاهه (اڳوڻو سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ) ترتيب ڏيئي رهيو آهي، جيڪي سائين جي. ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مير علي احمد خان ٽالپر، ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کيس لکيا هئا. علامه صاحب جي خطن جو اڃا به هڪ ٻيو ڪتاب ڪجھ عرصو اڳ، قاضي احمد محمد صاحب ڇپايو آهي. اهو انگريزيءَ ۾ آهي ۽ ان جا اڪثر خط قاضي احمد محمد ڏي لکيل آهن. البت، هڪ ٻه خط قاضي احمد محمد جا علامه صاحب ڏانهن به شامل آهن.

سنڌي ادبي بورڊ ”رهاڻ“ نالي سان خطن جو هڪ مجموعو شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ مرحوم سيد ميران محمد شاهه جا سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط آهن.

شيخ اياز، خطن جا ٻه مجموعا، پنهنجي خرچ سان ڇپايا هئا: هڪڙو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، جنهن ۾ سندس خطن جو مخاطِبُ، سنڌ جو مايه ناز اديب محمد ابراهيم جويو آهي. ڪتاب جو ناشر غلام رباني آگرو آهي. ٻيو مجموعو شيخ اياز جي خطن جو پهريون پهريون مجموعو غالباً، حبيب پبليڪيشن، سکر، پاڪستان ٺهڻ کان ستت پوءِ شايع ڪيو هو.

هند ۽ سنڌ جي مشاهيرن ۾، خطن جو سڀ کان مشهور مجموعو ”غبار خاطر“ آهي. اهي خط ابوالڪلام آزاد، سن 1942ع ۾ احمد نگر جيل ۾ اسيريءَ جي زماني دوران، پنهنجي دوست مولانا حبيب الرحمان شرواني ڏانهن لکيا هئا، جو به اسلامي علمن جو ماهر هو ۽ کيس به مولانا آزاد وانگر، فارسي ۽ عربي ادبيات تي وڏي دسترس هئي. مولانا آزاد اهي خط اشاعت لاءِ لکيا هئا، انهيءَ ڪري انهن جا موضوع ذاتي معاملا ڪونه آهن، پر ”علمي مسئلا“ آهن. ”غبار خاطر“ کي اردو ادب ۾ غير معمولي اهميت حاصل آهي. ان جا ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن، ليڪن سڀ کان مشهور ايڊيشن اهو آهي، جيڪو ”ايڪيڊمي آف ليٽرس“ يعني ساهتيه ايڪيڊمي، دهلي، شايع ڪيو آهي. هندستان جي هاڪاري عالم، مالڪ رام ايڊٽ ڪيو آهي. مالڪ رام ڪتاب جي مقدمي ۾ اشارو ڏنو آهي، ته مولانا آزاد اهي خط غالباً عالمي شهرت جي فرانسيسي اديب ۽ فيلسوف، چارلس لوئي مونٽيڪو جي مشهور ڪتاب ”فارسي خط“ کان متاثر ٿي لکيا هئا. اهو ڪتاب سن 1721ع ۾ شايع ٿيو هو. منجھس ٻه فرضي ايراني سياح، رجا ۽ ازبيڪ، فرانس ۽ پئرس جي تهذيب ۽ تمدن تي تبصرو ڪن ٿا. انهيءَ فرانسيسي ڪتاب جو ٻين ٻولين سان گڏ عربيءَ ۾ به ترجمو شايع ٿيو آهي. مالڪ رام جو گمان آهي، ته مولانا آزاد اهو عربي ترجمو پڙهيو هوندو.

مولانا آزاد جي خطن جو ٻيو هڪ ننڍو مجموعو ”ڪاروان خيال“ جي نالي سان ڇپيل آهي. منجھس مولانا آزاد ۽ سندس دوست حبيب الرحمان شرواني، ٻنهي جا خط شامل آهن.

جواهر لعل نهروءَ جي خطن جو ڪتاب ” Glimpses of World History“ جي نالي سان ڇپيل آهي. انهن خطن ۾ موصوف احمد نگر جي جيل ۾ اسيريءَ واري زماني دوران سڄيءَ دنيا جي ملڪن جي تاريخ لکي آهي. اهو ڪتاب هاڻي عالمي ادب جو شاهڪار تسليم ٿئي ٿو. جواهر لعل نهروءَ ظاهري طرح، اهي خط، پنهنجيءَ ڌيءَ اندرا گانڌيءَ ڏانهن لکيا هئا، پر حقيقت ۾ مولانا آزاد وانگر سندس خطن لکڻ جو مقصد پڻ انهن جي اشاعت هئي.

جواهر لعل نهروءَ جي اندراگانڌيءَ ڏانهن لکيل خطن جو ٻيو ننڍو ڪتاب به ڇپيل آهي. نالو اٿس: ” Letters of a father to his daughter“.

برصغير جي نامور مسلمان اڳواڻ ۽ پاڪستان جي باني، قائد اعظم محمد علي جناح جي خطن جو هڪ مجموعو ”Letters of Jinnah to Iqbal“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. انهن خطن ۾ پاڪستان کان اڳ برصغير جي سياسي حالتن ۽ واقعن جو تذڪرو آهي.*

(2)

”خط ٻن اديبن جا“ ڪتاب، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت ڇاپيو آهي. منجھس سنڌي زبان جي مايه ناز اديب، محمد ابراهيم جويي ۽ مشهور ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي جا خط آهن، جن جي ترتيب جو ڪم جامي چانڊئي سرانجام ڏنو آهي. موصوف مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”هي خط ڪو خاص ادبي مقصد رکي ڪونه لکيا ويا هئا.“ ليڪن، عبدالقادر جوڻيجي جو چوڻ آهي ته ”جويي صاهب جا خط مون ڪنهن کي به ڪونه ڏنا آهن ۽ نه وري انهن جي ڇپائڻ لاءِ مون سان ڪنهن به مشورو ڪيو آهي.“ سو، ڀانئجي ٿو، ته سائين جويي صاحب، جيڪي خط عبدالقادر ڏانهن لکيا هئا، تن جا نقل محفوظ ڪيا هئائين. چڱو ٿيو، جو ائين ڪيائين، ڇو ته جيئن جامي چانڊئي چيو آهي ته:

”هنن خطن جي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص اهميت ۽ حيثيت آهي. اهي سنڌ جي ويجھي ماضيءَ واري دور جي عڪاسي ڪن ٿا، جڏهن سنڌ جا روشن خيال اديب ۽ شاعر پاڻ ۾ هڪ ڪٽنب جيان هئا.“

عبدالقادر جوڻيجو انهيءَ ڪٽنب جو ئي هڪ ڀاتي هو. ڪٽنب جو وڏو، محترم محمد ابراهيم جويو هو. عبدالقادر، پنهنجن خطن ۾، ڪٽنب جي گھڻن ئي ڀاتين جا نالا کڻي ٿو، پر، انهن ۾ شيخ اياز، ابن حيات پنوهر، غلام رباني آگري، رسول بخش پليجي، تنوير عباسيءَ ۽ حميد سنڌيءَ جا نالا وري وري کڻي ٿو.

عبدالقادر جوڻيجي جي خطن مان خود سندس پنهنجي شخصيت هڪ حساس ۽ محب وطن اديب جي اڀري ٿي، جنهن تي ڀٽائيءَ جي هيءَ مصرع سو فيصد صحيح آهي ته:

”جيئن ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن سين“

هڪ خط ۾ ٿر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”اوهان جو خط به ڏاڍي سهڻي سمي مليو آهي. ٽيون ڏينهن ڪڪرن گڏجي ويڙهجي، وٺي جو اُٿل کاڌي ته ڀيڄ ڀيڄ ٿي ويئي! سڪل ٺوٺ واريءَ تي ۽ سڪلو ٺوٺ دلين تي ڇنڊ پيا، سي به مينهن جا. نيون نه پر ريلا دڙن ۽ ڀٽن تان اٿي هليا. سج لهڻ سان گھاٽن ڪڪرن جا ويڙهه خلائن ۾ پورجي ويا. ٿڌي مٺي ٿر جي هير ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي ائين رڙهڻ لڳي، جيئن دل جي ڌرتيءَ تي اياز جون وايون رڙهنديون آهن.“

ٻئي هڪ خط ۾ جويي صاحب سان پنهنجيءَ محبت جو اظهار هيئن ڪري ٿو: ”سچ پڇو ته اوهان پارن جو ڏڍ اسان کي اڳتي ريڙهيندو رهندو آهي، نه ته ڪڏهوڪا کاڄي پيڄجي وڃون.“

اڃا به هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته ”هن واهيات ۽ چمچگير دور ۾ اوهان پارو ڪو ٿورا ٿو ڪري، ته اکين ۾ پاڻي اچيو وڃي.“

عبدالقادر جي خطن  جي ٻوليءَ وڻندڙ ۽ هڪ مخلص انسان جي اندر جو آئينو آهي. خود جويو صاحب کانئس متاثر ٿي، کيس هڪ خط ۾ لکي ٿو ته ”تو هي خط سچ پچ ته واهه  جو لکيو آهي.

پهرئين مون پاڻ پڙهيو، پوءِ يار محمد کي پڙهايم، پوءِ طول العمره کي پڙهايم. سڀني کي ڏاڍو ڏاڍو وڻيو.“

جويي صاحب جي خطن کي پنهنجي خوشبوءِ آهي. منجھن ان دور جو اهو عڪس به چٽو نظر اچي ٿو، جڏهن سنڌ ون يونٽ جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل هئي ۽ سنڌي اديب، شعوري طرح، ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويا هئا: هڪڙا ”ساڄي ڌُر“ يعني سرڪار جا حامي هئا، جيڪي ون يونٽ کي ”اسلامي وحدت“ جي نالي ۾ جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ۽ ٻيا ”کاٻي ڌُر“، جيڪي وري ”ون يونٽ“ کي سنڌ لاءِ ”لعنت“ سمجھي رهيا هئا ۽ ان کي ٽوڙائڻ لاءِ، رات ڏينهن جدوجھد ڪري رهيا هئا. سنڌ جون ٽي شخصيتون انهيءَ جدوجھد ۾ سندن رهنمائي ڪري رهيون هيون: هڪ سائين جي. ايم. سيد، ٻيو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين ۽ ٽيون پير حسام الدين شاهه راشدي. انهيءَ ڳالهه جو عڪس جويي صاحب جي خطن ۾ گھڻن ئي هنڌن تي چٽو نظر اچي ٿو. هڪ خط ۾ لکي ٿو ته: ”ڀٽ شاهه جي ثقافتي ڪانفرنس (جيڪا سائين جي. ايم. سيد ”بزم صوفيائي سنڌ“ طرفان ڪوٺائي آهي) نهايت ڪامياب ثابت ٿي. اٽڪل اٺ ڏهه هزار ماڻهن جا پنڊال ۾ ستين بجي کان هڪ بجي تائين موجود هئا. تر جا سڀ نيڪ مرد آيل هئا. خانبهادر وساڻ به سڄو وقت ويٺو رهيو. وساڻ جو نالو ان ڪري ٿو وٺان، جو اوهان جي پاسي جو آهي ۽ سنڌ جي سياست ۾ بهادر ۽ وطن جو هڪ محب سمجھيو ويندو آهي. ڪانفرنس کان اڳئين ڏينهن تي بدخواهن طرفان اعلان ڪرايا ويا هئا، ته ڪانفرنس ڪانه ٿيندي. سردار علي شاهه جي اخبار مهراڻ، محترم جي. ايم. سيد خلاف هڪ وڏو ليک لکيو هو. پر، ڪانفرنس اهڙي ٿي، جو راڄن ڏٺي ۽ راڄن پسند ڪئي.“

جويو صاحب پنهنجي ٻئي هڪ خط ۾، سنڌ دوست اديبن جي شغلن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”اياز، رباني، جمال ابڙو ۽ تنوير، ڊسمبر مهيني جو پوئين هفتي ۾ لاڙ گھمڻ ويا هئا ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا ڳوٺ ۽ سنڌو درياءَ جي ڇوڙ وارا گھاٽ ۽ گھارا ۽ وير الڙ (وير+Tide- الڙ (Ebb وارو ملڪ، ويندي ڪيٽي بندر تائين، ڏسي آيا.“

ساڳئي خط ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ ٺاهي اٿئون. ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ اياز ۽ ٻيا يار هتي هئا، سو ميٽنگ ڪري سوسائٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيوسين: بيگم چنا پريزيڊنٽ، آءٌ وائيس پريزيڊنٽ، رباني جنرل سيڪريٽري، جمال رند خزانچي ۽ اياز، ع. ق. شيخ، علي احمد بروهي، تنوير عباسي ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿيا آهن. ان سوسائٽيءَ جي ڪم ڪار کان مان توکي وقت بوقت واقف ڪندو رهندس.“

سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي ڪنهن سڳوريءَ ساعت ۾ جڙي هئي، جو ٻين اهم ڪتابن سان گڏ، هي ڪتاب پڻ شايع ڪيائين.

سنڌ جي ويجھي ماضيءَ واري دور جي سربستي تاريخ اڃا ڪانه لکي وئي آهي، پر رڳو ون يونٽ واري دور جي ادبي تحريڪ جو تذڪرو قلمبند ٿي وڃي، ته به جيڪر وڏو ڪم ٿي وڃي. انهيءَ نيڪ ڪم ۾، ”خَطَ- ٻن اديبن جا“ ڪتاب گھڻو ڪم ايندو. هونئن به اهڙو دلچسپ آهي جو بار بار پڙهيو ويندو.


*  تبصري جي پهرئين حصي ۾ هيءَ معلومات گڏ ڪرڻ ۾ مون برادرم غلام رباني آگري جي ڪتابن جي ذاتي ذخيري مان (حاشيو هلندڙ) استفادو ڪيو آهي. انهن ۾ خوشقسمتيءَ سان مون کي ”غبار خاطر“ جو ساهتيه اڪيڊميءَ وارو ايڊيشن به ملي ويو، جيڪو پاڪستان ۾ عام طرح دستياب ڪونهي. اهو ڪتاب رباني صاحب کي، ويهارو ورهيه اڳ، محترم حميد آخوند، پنهنجي مامي کي چئي دهليءَ مان گهُرائي ڏنو هو، جيڪو ان زماني ۾ اتي پاڪستاني سفارتخاني ۾ مليٽري اتاشي هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com