انگريزن سنه 1843ع ۾ سنڌ تي زوري قبضو ڪيو جنهن سان سنڌ جي
سياسي، فڪري توڙي تعليمي آزادي جا سلسلا ختم ٿي
ويا. فارسي جيڪا اڳ سرڪاري زبان هئي ۽ خاص طور تي
مسلمانن لاءِ صدين کان وٺي ادبي، تعليمي ۽ تمدني
زبان ٿي رهي هئي، تنهن کي ختم ڪري انگريزي کي
مرڪزي سرڪاري زبان طور رائج ڪيو ويو. انهيءَ ڪري
سنڌ صوبي ۾ پڻ فارسي جي خاتمي سان، انگريزي مرڪزي
سرڪاري زبان طور ۽ سنڌي صوبائي سرڪاري زبان طور
رائج ٿي. بمبئي سرڪار جي سرڪيولر
No:1852
مورخه 6 سيپٽمبر 1851ع ۾ اهڙي پڌرائي ٿي. ملڪ جي
تاريخي تبديلي واري موڙ تي ان اتفاقي فيصلي سان،
جيڪو نون حڪمرانن جي مصلحت مطابق هو، سنڌي جي ترقي
لاءِ پڻ ميدان هموار ٿيو. پر ان سان گڏ نون
حڪمرانن جي آفيسرن جي هڪ منظم گروه طرفان (جيڪو
بمبئي ۾ اثرانداز هو ۽ سنڌ کي به تازو بمبئي سرڪار
۾ شامل ڪيو ويو هو)، جنهن جو اڳواڻ ڪئپٽن جارج
سٽيڪ هو، سنڌيءَ لاءِ صدين کان وٺي استعمال ٿيندڙ
عربي- سنڌي رسم الخط کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي
’ديوناگري‘ رسم الخط کي رائج ڪرڻ جو منصوبو سٽيو
ويو. ڪئپٽن سٽيڪ جلدي جلدي ٻه ڪتاب، سنڌي ٻولي جو
گرامر ۽ سنڌي ڊڪشنري ديوناگري صورتخطي ۾ شايع ڪيا
ته جيئن اهو ثابت ٿئي ته سنڌيءَ لاءِ ديوناگري رسم
الخط استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانهي. ان سان گڏ
عربي- سنڌي صورتخطي جي اهميت گهٽائڻ خاطر تيرهن
ٻيون اکريون ۽ اڌ- اکريون، جيڪي جدا جدا شهرن ۾ يا
جدا جدا واپاري گروهن ۾ ڪاروباري حساب ڪتاب لاءِ
خانگي طور هلندڙ هيون، سي لکيت ۾ رڪارڊ تي آندائين
ته جيئن اهو گمان ٿئي ته عربي- سنڌي صورتخطي به
سنڌ ۾ هلندڙ چوڏهن صورتخطين مان هڪ صورتخطي آهي.
ديوناگري رسم الخط پنهنجيءَ جاءِ تي بيشڪ هڪ مشهور
تاريخي خط هو پر ان جي رائج ڪرڻ سان سنڌ وارا هڪ
وڏي عرصي تائين سنڌي ٻوليءَ جي صدين واري تاريخي ۽
ادبي سرمايي کان محروم رهن ها، ۽ خاص طور سنڌي
مسلمان، جيڪي گهڻائيءَ ۾ هئا ۽ جن جي آزاد حڪومت
جو خاتمو ٿيو هو سي تعليم ۾ هميشه لاءِ پوئتي رهجي
وڃن ها. غالباً هن سامراجي گروه جو اصل مقصد اهوئي
هو، پر مسلمانن جي ڀرپور مخالفت ۽ ان سان گڏ خاص
طرح ٻن سڄاڻ انگريز عملدارن رِچرڊ برٽن ۽ بي. ايڇ.
ايلس جي زوردار دليلن سان هي منصوبو ختم ٿي ويو.
ان بعد ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس،
لنڊن، جي سرڪاري مراسلي
Despatch No: 46
مورخه 8 ڊسمبر 1852ع ۾ آخري طور سنڌ ۾ ”عربي- سنڌي
رسم الخط“ جي جاري رهڻ جو فيصلو ٿيو. ان بعد
جولاءِ 1853ع ۾ ’نظرثاني ڪيل الف- بي‘ کي ڪاغذ جي
هڪ وڏي ’شيٽ‘ تي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح
1855ع ۾ ”نظرثانيءَ ڪيل عربي سنڌي الف- بي“ عملي
طور رائج ٿي(1).
هن کان اڳ اڪثر ائين پئي سمجهيو ويو آهي ته موجوده سنڌي الف- بي
انگريزن جي اچڻ بعد ٺهي ۽ مسٽر ايلس ان کي ٺاهيو.
مٿئين تفصيل مان واضح ٿيندو ته الف- بي نئين سر
ٺاهي ڪانه ويئي پر اڳ هلندڙ الف- ب تي نظرثاني ڪري
ان کي ڪن ترميمن ۽ اضافن سان رائج ڪيو ويو. سنڌ جي
ڪمشنر سر هينري بارٽل فريئر سنڌ ۾ تعليم بابت بي.
ايڇ. ايلس جي رپورٽ سان شامل سندس روانگي واري خط
۾ صاف طور ڄاڻايو آهي ته مسٽر ايلس اڳين مسلمان
عالمن جي ”ايجاد ڪيل“ حرفي صورتن کي سامهون رکي
انهن مان ڪي خاص صورتن وارا حرف استعمال لاءِ
چونڊيا ۽ پڻ جزوي ترميمن سان ڪي ٻيا اکر شامل ڪري
الف- بي پوري ڪئي. ڪمشنر فريئر اهڙيءَ طرح ترتيب
ڏنل الف- بي کي ’نئين ايجاد ڪيل‘ الف- بي بدران
صحيح طور تي ’نظرثاني ڪيل‘ الف- بي (”the
alphabet revised“)
سڏيو آهي.(1)
سنه 1853ع تائين ڪاتبن جي لکيل ڪتابن مان ظاهر آهي
ته سنڌي اچارن لاءِ هيٺين صورتن وارا حرف اڳ ئي
سنڌي صورتخطي ۾ رائج هئا(2):
ٻ ڀ پ ٿ ٽ ڄ ڃ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ڪ ک گ ڻ
اڳين صورتخطي ۾ جه ۽ گه وارين صورتن کي (جن جي پويان ننڍي ’ه‘
وارو گهيرو ڏنل هو) پويان ’هه‘ جي چٽائي سان ’جهه‘
۽ ’گهه‘ جي صورتن ۾ لکيو ويو. ’نظرثاني ڪيل الف-
بي‘ جي پٽي جيڪا سنه 1853ع ۾ ڇاپي ويئي ۽ جيڪا
1855ع ۾ نافذ ٿي سا سامهون ناهي جو ان تي وڌيڪ
ويچار ڪري سگهجي. سنه 1270هه (1853ع) ۾ نصرپور جي
فارسيدان فاضل ۽ نالي واري حڪيم ٺارومل پنهنجي هٿ
لکيل ياداشت ۾ ان وقت اسڪولن ۾ رائج ڪيل (52) اکرن
واري الف- بي هن طرح لکي آهي: ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ
ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط
ظ ع غ ف ق ڪ ک ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و ه ء ي. جيتوڻيڪ
سنه 1855ع کان وٺي سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن ۾ نئين
سر منظور ڪيل الف- بي عمل ۾ آئي، پر سرڪاري نظام ۽
انتظام کان ٻاهر خانگي لکپڙهه ۾ توڙي ڪاتبن طرفان
ڪتابن ۾ اڳين الف- بي جا مختلف صورتن وارا اکر اڌ
صدي کن پوءِ تائين استعمال ٿيندا رهيا. سنڌ ۾
خانگي توڙي سرڪاري طرح سڄي هڪ ساريکي سنڌي الف- بي
آهستي آهستي وقت گذرڻ سان رائج ٿي.
سنڌي صورتخطي:
الف- بي جا حرف، ٻوليءَ جي جدا جدا بنيادي آوازن جا لکيل صورت ۾
نرالا نشان آهن، ۽ ’لفظ‘ وري ٻوليءَ جي معنادار
اِڪائين جون لکيل صورتون آهن. صورتخطي اها لکيت
واري صورت آهي جنهن ۾ حرف هڪ ٻئي سان ملائجن ٿا ته
لفظ ٺهن ۽ لفظ هڪٻئي سان لکيت ۾ ترتيب ڏجن ته جيئن
جملا بنجن. حرفن مان هرهڪ خاص نوع ۽ نزاڪت سان لکڻ
۽ انهن کي نهايت سهڻي سٽاءَ سان ملائي لفظ بنائڻ ۽
وري لفظن کي لکيت ۾ سهڻي صورت سان بيهارڻ کي خطاطي
چئجي ٿو.
سنڌي صورتخطي شروع کان وٺي عربي صورتخطي جي نهج نموني تي نروار
ٿي. هن وقت تائين سنڌي صورتخطي جون خصوصيتون
ساڳيون عربي صورتخطي واريون آهن، جن سان سنڌي
صورتخطي جي اڳين ڊگهي تاريخ جي تصديق ٿئي ٿي.
مثلاً ڪن حرفن جو هڪ ٻئي سان ملائي لکڻ يا نه لکڻ؛
حرفن کي لفظن جي منڍ ۾، وچ ۾ يا آخر ۾ ڪن خاص
صورتن ۾ لکڻ ۽ زيرن زبرن کي مقرر صورتن ۾ رکڻ.
باوجود انهن ساڳاين جي، سنڌي صورتخطي ۾ ڪي پنهنجون
انوکايون اُڀريون. هڪ خاص انوکائي اها جو تنوين کي
ساڳي عربي واري صورت ۾ به استعمال ڪيو ويو (جئن ته
مثلاً، تقريباً، اندازاً وغيره) پر ان سان گڏ
تنوين کي نئين انوکي نموني ۾ ٻن گڏيل آوازي صورتن
(يعني ”آوازي ڇڪ“ ۽ ان سان گڏ ”آوازي غنائي“) لاءِ
به استعمال ڪيو ويو، جيئن ته ”۽“ (ئين)، ”۾“
(مين)، ڪ (ڪين)، آءٌ (آئون). حرف ”ميم“ کي ڪن لفظن
جي آخري آوازي ڇڪ ۽ غنائيءَ لاءِ آندو ويو- جيئن
ته جڏهم (جڏهن، جڏهين)، ڪڏهم (ڪڏهن، ڪڏهين)،
سائينم (سائين)، پريمَ (پرين). هي ترڪيب ويندي 13-
صدي هجري جي آخر تائين استعمال ٿيندي رهي ۽ اُن کي
پنهنجو انوکو اعراب وارو نظام موجود هو. انهيءَ
ڪري، عربي جي معياري ادبي تحريرن وانگر سنڌي
تحريرن جي صورتخطي کي پڻ زيرن زبرن سان لکيو ويو.
سنڌي صورتخطي جي اصطلاح م زيرن، زبرن، پيشن،
جَزمن، شَدن، مَدن سڀني کي هڪ يڪي جامع نالي سان
’زيرون زبرون‘ سڏيو ويو. سنڌي ۾ ’زيرون زبرون‘ نه
فقط آوازي نشانين طور استعمال ٿيون پر انهن مان
اسمن ۽ صفتن جي آخري حرفن واري زير، زبر ۽ پيش
ساڳئي وقت اعراب طور پڻ استعمال ٿيا، يعني ته سنڌي
صرف نحو ۾ انهن جي بيهڪ ۽ سڃاڻپ جون نشانيون بڻيا.
سنڌ جي عالمن عربي وارين آوازي نشانين کانسواءِ سنڌي جي ٻين
منفرد آوازن لاءِ (جيڪي عربي ۾ نه هئا). ٻه آوازي
نشانيون نئين سر ايجاد ڪيون: يعني ته ’او‘ جي
وچٿري آواز لاءِ ’ابتو ڊگهو پيش‘ (ـــٗ) ۽ ’اي‘ جي
وچٿري آواز لاءِ ’اُڀي زير‘ (ــٖ).
انگريزن جي دور کان اڳ، سنڌ جا عالم ۽ استاد مٿين مڙني احتياطن
سان سنڌي عبارتون ۽ متن ’زيرن زبرن‘ سان لکندا
هئا. انگريزن جي دور جي پهرين پنجاهه- سٺ سالن
تائي پڻ خانگي طور ڪاتبن اهو سلسلو جاري رکيو. ٻئي
طرف نظر ثاني ڪيل الف- بي“ جي استعمال سان گڏ نون
ڪتابن جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ ۾ صورتخطي جي سهڻائي ۽ سڌاري
ڏانهن جيئن پوءِ تيئن گهٽ توجهه رهيو؛ جيتوڻيڪ سنڌ
جي ”وچولي واري ٻولي“ کي معياري تسليم ڪري ان کي
ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر
عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شهري ٻولي
درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال
ٿيڻ لڳي. صورتخطي جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانهن گهٽ
توجهه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون. اڳيان عالم،
انهن سنڌي اچارن لاءِ جن ۾ ’ر‘ جو آواز سميٽيل هو
تن لاءِ ’ر‘ وڌائي لکندا هئا، جيئن ته چنڊر، پٽر،
کنڊر وغيره، پر حيدرآبادي محاوري ۾ اهڙا لفظ چنڊ،
پٽ، کنڊ، ڪري اچاربا هئا انهيءَ ڪري ڪتابن ۾ پڻ
انهن اُچارن سان ’ر‘ کانسواءِ لکيا ويا. اهڙيءَ
طرح ’هه‘ سان سميٽيل اچارن ڙهه، مهه، لهه، نهه،
وغيره کي سرڪاري طور منظور ٿيل الف- بي ۾ مستقل
اچارن طور شامل ڪونه ڪيو ويو، جنهن ڪري نئين
صورتخطي ۽ ان جي هِجي ۾ اِهي اُچار غلط نموني ۾
رائج ٿيا. وڏي ڪوتاهي اِها ٿي جو آهستي آهستي نه
رڳو عام ڇپيل ڪتابن ۾ بلڪ درسي ڪتابن ۾ به ’زيرون
زبرون‘ ختم ڪيون ويون جنهن ڪري نه فقط لفظن جي
صحيح آوازن کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه
هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاء جي سڃاڻپ
ختم ٿي ويئي. اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ جي مزاج وارن ’ي‘
سان سميٽيل اچارن توڙي ’ن‘ جي غنائي وارن اچارن کي
صورتخطي ۾ صحيح هِجي سان بيهارڻ طرف ڌيان نه ڏنو
ويو. انهيءَ ڪري باوجود انهيءَ جي جو سنڌي صورتخطي
ڪنهن حد تائين معياري ٿي مگر ان جي مختلف مسئلن کي
سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.
سنڌي خطاطي:
سنڌ ۾ خطاطي جي فن جا آڳاٽا آثار 3- صدي هجري (9- صدي عيسوي) ۾
ڀنڀور جي جامع مسجد جي ڪَتبن ۾ ملن ٿا، جيڪي
’گلڪاري ڪوفي‘ رسم الخط ۾ سينگاريل آهن. ان کان
پوءِ چئن صدين کان وڌيڪ عرصي جو وڏو خال آهي جنهن
۾ خطاطي جو ڪوبه نمونو نظر نٿو اچي، جيتوڻيڪ فن
ختم ڪونه ٿيو هو ۽ هلندڙ هو. انهيءَ ڪري ئي جڏهن
8- صدي هجري (14- صدي عيسوي) ۾ ٺٽي شهر جو بنياد
پيو ۽ اهو سنڌ جو تختگاهه بنيو ته ٿوري ئي عرصي ۾
اهو ڪاتبن ۽ خطاطن جو مرڪز بنجي ويو: نه فقط سنڌ
جي ٻين آڳاٽن شهرن مان، پر ٻاهران ويندي هرات مان
عالم ۽ ڪاتب ٺٽي پهتا، ڇاڪاڻ جو ايران ۾ صفوي
حڪمرانن جي طاقت ۾ اچڻ سان هرات جو اوج ختم ٿيڻ
لڳو هو. ارغونن- ترخانن واري دؤر ۾ وچ- ايشيا مان
معمار ۽ ڪاتب ٺٽي ۾ آيا، ۽ ان بعد مغليه دور ۾
ايران مان شاعر ۽ ڪاتب اچي ٺٽي ۾ رهيا. جيتوڻيڪ
ٺٽي جي يا سنڌ جي (جتي سيوهڻ ۽ بکر وڏا مرڪز هئا)
ڪاتبن ۽ خطاطن بابت ڪو جدا لکيل ڪتاب دستياب نه
ٿيو آهي، مگر مغليه دور جي تاريخن ۽ ان بعد خاص
طرح مير علي شير قانع جي ٻن مکيه ڪتابن ’مقالات
الشعراء‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽
مغلن وارن دورن (15- 17 صدي عيسوي) جي ڪيترن ئي
ڪاتبن جا نالا يادگار طور موجود آهن. 18- عيسوي ۾
ڪلهوڙن جي دور ۾ شهر ٺٽو تختگاهه نه رهيو جنهن ڪري
اتان جي ٻين ڪاريگرين سان گڏ خطاطي تي به زوال آيو
پر پوءِ سگهوئي ٽالپورن اميرن جي دور ۾ (1783-
1843ع) ڪاتبن ۽ خطاطن جي قدرداني ٿي ۽ خطاطي جو فن
وري شاداب ٿيو. آثار قديمه جي عالم ڊاڪٽر
عبدالغفور جنهن پنجويهه سال اڳ سنڌ ۾ خطاطي جي فن
جو مطالعو ڪيو ۽ ان موضوع تي ”Calligraphers
of Thatta“
جي عنوان سان هڪ عالمانه تصنيف ڪيو، تنهن فن جي
بقاء جي سلسلي ۾ ٽالپورن جي دور بابت ڄاڻايو ته:
ٽالپور اميرن علم جي فراخدليءَ سان سرپرستي ڪئي. هر امير کي
پنهنجو ڪتبخانو هو، ۽ ڪتبخانن (۾ ڪتابن لکڻ ۽
سنڀالڻ) لاءِ ڪاتبن جي وڏي تعداد جي ضرورت هئي.
انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پنهنجن ڪاتبن کان سواءِ ايران
توڙي هندوستان مان پڻ ڪاتب اچي ٽالپور اميرن جي
درٻارن ۾ پهتا. ايران مان آيل ڪاتبن مان خاص طرح
سيد علي شيرازي، مير حسين علي نقاش، علي باب
شيرازي، غلام احمد خطاط، علي مراد خطاط، سيد محمد
راز حسيني ۽ مشڪين قلم مشهور هئا.(1)
سنڌ ۾ خطاطي جي فن جي تاريخ ڪوفي رسم الخط سان شروع ٿي. ان بعد
4- صدي هجري کان نسخ خط رائج ٿيو، جيڪو پوءِ سنڌي
صورتخطي جو خاص خط بنجي ويو. عربي ۽ فارسي کان
پوءِ جڏهن سنڌي جا ڪاتب ساماڻا ته سنڌي خطاطي
نَسخَ خط ۾ ترقي ڪئي. 19- صدي جي وچ ڌاري، وڏي
عالم ۽ محقق رچرڊ برٽن پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار
تي تصديق ڪئي ته ”سنڌ جا ڪاتب خطاطي جي فن ۾ مشهور
رهيا آهن ۽ هن وقت به ٽرن خطن- نسخ، نستعليق ۽
شِڪسته- ۾ لکن ٿا؛ مون پاڻ نسخ خط جا ڪي بهترين
نمونا ڏٺا آهن، ۽ عموماً هيءُ خط سنڌ ۾ سهڻي نموني
۾ لکيو وڃي ٿو.“(2)
مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيو ته 13- صدي هجري يعني ٽالپورن جي دور
تائين سنڌ ۾ خطاطي جي فن کي فروغ ملندو رهيو ۽
فارسي سان گڏ سنڌي خطاطي به جاري رهي. اهڙيءَ طرح
وڏي عرصي تائين سنڌ ڄڻ خطاطي جو مرڪز رهيو ۽ خطاطي
جون نزاڪتون ايترو ته معلوم ۽ مشهور ٿي ويون جو
پهريائين قاضي قادن (10- صدي هجري ۾) ۽ پوءِ شاهه
عبداللطيف (12- صدي هجري ۾) پنهنجي هيٺين بيت ۾
خطاطي جي هڪ نزاڪت کي تمثيل طور آندو ته:
ڪاتب لکن جيئن، لايو ’لام‘ ’الف‘ سـين،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
اهو خطاطي جي فن جي قدرداني ۽ عام مقبوليت جو نتيجو هو جو سنڌ ۾
ڪاتبن نه فقط فارسي ۾ پر سنڌي ۾ به اعليٰ خطاطي جا
نمونا پيدا ڪيا، ۽ خطاطي سان گڏ صفحن کي رنگين
حاشين سان سجايو ۽ سينگاريو. هن جلد ۾ سورهن اهڙا
سجايل صفحا شامل آهن ۽ انهن مان ٻه صفحا (1- 2)
جيڪي ڪاتب عبدالحق هالائي جي سنه 1270هجري (1854ع)
۾ ڪتابت ڪيل ”شاهه جو رسالو“ مان آهن، سي خطاطي ۽
حاشيه آرائي جا سهڻا مثال آهن.
19- صدي عيسوي جي آخر ۾، بمبئي ۾ ليٿو ڇاپخانا قائم ٿيا، جن جي
ڪري سنڌ ۾ خطاطي جي فن تي زوال آيو. سنڌ ان وقت
بمبئي صوبي ۾ شامل هئي، ۽ وڌندڙ آمدورفت سببان ٻئي
وهنوار سان گڏ سنڌي ڪتاب به بمبئي مان ڇپجڻ لڳا.
ڪاٺياواڙ جي ميمڻ شاهوڪارن جي مادري زبان ”ڪڇي
سنڌي“ هئي ۽ انهن جڏهن ليٿو ڇاپخانا قائم ڪيا ته
سنڌي ڪاتبن کان سنڌي قلمي ڪتاب ليٿو ڇاپي لاءِ نقل
ڪرايائون. انهيءَ نقل- نويسي ذريعي ڪتابت جو فن
پنهنجن پوين پساهن ۾ جيئرو رهيو. ليٿو ڇاپي جو
پهريون شاهڪار ”شاهه جو رسالو“ هو جيڪو سڄو سربستو
لڳ ڀڳ انهيءَ ساڳئي سال (83- 1282هه) ۾ بمبئي مان
ڇپيو جنهن سال (1866) اَرنيسٽ ٽرمپ اڌورو رسالو
پنهنجي ٺاهيل سنڌي ٽائيپ ۾ جرمني جي شهر لِپزيا
مان شايع ڪيو. ان بمبئي ڇاپي جو ڪاتب حاجي محمد
سمون سنڌي هو، جيڪو ڪرناڻين وارن ڪُنائي سمن جي
پاڙي مان هو ۽ جيڪو پوءِ وڃي مڪي شريف ۾ رهيو. هن
ٻيا ڪتاب به ليٿو ڇاپي لاءِ نقل ڪيا، ۽ کانئس پوءِ
سندس پٽ توڙي ٻيا سنڌي ڪاتب نقل نويسي ڪندا رهيا.
هن جلد جي پوئين ڀاڱي ۾ صفحي 123 کان صفحي 161
تائين، ليٿو ۾ ڇپيل انهن ڪتابن جي صفحن جا عڪس
شامل آهن جن مان گهڻن سنڌي نقل نويسن سڀني جي آخر
۾ پنهنجا نالا يادگار طور لکيا. ليٿو ڇاپي لاءِ
سنڌي ڪاتبن جي سهڻي نقل نويسي جو اهو سلسلو ويندي
14- صدي جي وچ (30- صدي عيسوي جي پهرئين چوٿ)
تائين جاري رهيو.
(1)
اهو سڄو تفصيل ان وقت صورتخطي ڪميٽيءَ جي
چيئرمن. ايڇ. ايلس جي سنڌ ۾ تعليم بابت رپورٽ
(ڇپيل بمبئي، 1856ع) جي 37- 42 نمبر پئرائن ۾
۽ ان سان شامل سنڌ جي ڪمشنر ايڇ. پي. فريئر جي
روانگي خط جي 3 ۽ 9 نمبر پئرائن ۾ موجود آهي.
راقم طرفان ايڊٽ ڪيل اها رپورٽ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف ايڊيوڪيشن مان
سنه 1956ع ۾ شايع ٿي. ضميمي طور ’رچرڊ برٽن‘
جي ڪتاب ”سنڌو وادي ۾ وسندڙ قومون“ (لنڊن،
1851ع) جو اهو باب پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾،
سنڌ ۾ تعليم ۽ سنڌي الف- بي بابت خيالن جو
اظهار ٿيل آهي.
(1)
ساڳيو گذريل صفحي وارو حوالو.
(2)
حرف ’ڻ‘، مهيني شعبان، سنه 1270هه (1853ع) ۾
مير امام بخش خان طرفان لکي پوري ڪرايل ’شاهه
جي رسالي‘ ۾ ملي ٿو جيڪو سال کن اڳ لکڻ شروع
ٿيو هوندو. ’ٺ‘ جي صورت به شايد سنڌي جي ڪنهن
اڳئين قلمي ڪتاب ۾ موجود هجي، ۽ وڌيڪ ته ’ٺ‘
جي ٽٻڪن واري سٽاء ’ٻ‘ ۾ موجود آهي.
(1)
ڊاڪٽر ايم. اي غفور: ”ٺٽي جا خطاط“، ڇپايل
پاڪستان- ايران ڪلچرل ائسوسيئيشن، ڪراچي،
1968ع، ص 74.
(2)
رچرڊ برٽن: ”سنڌو وادي ۾ وسندڙ قومون“ (لنڊن،
1851) جي ڪتاب جو باب جنهن جو حوالو هن کان اڳ
اچي چڪو آهي.
|