جمال رند
هڪڙو هو پاڳل
مائٽ بچوءَ کي اسان جي ڳوٺ وارا توڙي اوڙي پاڙي جا سڀ ماڻهو
چريو سمجھندا هئا، هو ڳالهائڻ ۾ ٿورو ٻاتڙو هو، پر
هن جون ڳالهيون عجيب هونديون هيون. هڪ ڏينهن مان
ٻاهر اوطاق تي ويٺو هوس ته مون سان ڳالهائيندي
چيائين، ”مائٽ! اوطاق جي شَڦائي ۽ چنڊ ڦوڪ مان
ڪڙيان، پاڻيءَ جا مٽ ڀڙيان، رات جي مچ لاءِ آئون
ڪاٺيون آڻيان، وڏي رئيس جون ڪڪڙيون سنڀاليان، هيڏو
ڪم ڪڙيان، پوءِ به سڀ مون کي چڙيو ٿا چون. تون
ڪڙاچي، حيدرآباد جو وڏو پڙهيل آهين. تون ئي اڄ
منهجو ڦيشلو ڪڙ ته چڙيو ڪيڙ آهي؟“
مون کيس ڏاڍي پيار سان سمجھائيندي چيو، ”مائٽ! تون جيڪي به ڪم
ڪرين ٿو، سي سڀ واهه جا ڪم آهن، تنهنجون ڳالهيون
به ڏاڍيون مٺيون ۽ وڻندڙ آهن. تون ماڻهن جي چوڻ جي
پرواهه نه ڪر مان ته توکي تمام سياڻو ۽ سٺو ماڻهو
ٿو سمجھان. جيڪي توکي چريو ٿا چون، اهي پاڻ چريا
آهن!“ منهنجي ايتري چوڻ تي، مون ڏٺو ته هن جي
معصوم منهن تي مٺڙي مرڪ ڇانئجي ويئي. مون کي ائين
محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي ذهني پردي تان مڻين مڻ ڳرو
پٿر لهي چڪو هو. هن پنهنجي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ
وچان مون سان هٿ ملائي چسي ڏني ۽ پوءِ چيائين ته،
”مائٽ! تون هتي ويهه ته مان تولاءِ ڦشڪلاش چانهه
کڻي ٿو اچان.“ مطلب ته رئيس جي ڪڪڙ ٻچا ڦوڙيا، ڪا
شرط کٽيائين، يا ڳوڻين کڻڻ يا ٻيءَ ڪنهن وزنائتي
شيءَ کڻڻ ۾ ڪا شرط کٽيائين ۽ پنهنجي مدمقابل کي
مات ڪيائين ته ڄڻ ته هن لاءِ شادمانو ٿي ويو ۽ هو
پنهنجي هر شيءَ ۽ ڪاميابيءَ جو اظهار سدائين
”ڦشڪلاش چانهه“ پيئارڻ سان ڪندو هو. انهيءَ زماني
۾ مان حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ۽
جڏهن به موڪلن تي ڳوٺ ايندو هوس ته مائٽ بچوءَ سان
واهه جون ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جون ڳالهيون
ٻڌي ڏاڍو مزو ايندو هو. سندس ڳالهين ۾ مون کي محبت
۽ سچائي لڳندي هئي. مائٽ بچو، مون کي تمام سچو،
سياڻو، محبتي ۽ وڏو فرض شناس انسان لڳندو هو. مون
کي هن سان ڪچهري ڪندي ڏاڍو مزو ايندو هو. اتفاق
سان ڪڏهن مون کي مٿي ۾ سور پيو، ۽ مائٽ بچوءَ سان
مٿي جي سور جي ڳالهه ڪيم ته ويچارو پريشان ٿي
ويندو هو. پوءِ تيل کڻي ايندو ۽ مٿي سان گڏ سڄي
جسم جي اهڙي ته مالش ڪندو، اهڙا ته زور ڏيندو هو،
جو سڄي جسم جي رڳ رڳ مان ڄڻ ته سور چونڊي ڪڍي
ڇڏيندو هو.
هڪ رات روزانو وانگر اوطاق تي ڌم ڪچهري لڳي پيئي هجي. وڏو مچ
پيو ٻري. هيڏي هوڏي جون خبرون چارون پيون هلن.
هاري ناري آيا، ٻنين ٻارن جون ڳالهيون ٻولهيون
ٿيون، پوءِ هر ڪو ڪک پن ٿي ويو ۽ باقي وڃي چند
ماڻهو بچيا. رئيس وڏي جا خاص ماڻهو يعني شخصي
اسٽاف. اتي ڪچهريءَ جو ٻيو دور شروع ٿيو ۽ ڳالهين
تي ڳالهه نڪتي. ڪنهن دودي جي ڳالهه ڪئي. دودي جي
تعريف ٻڌي، مائٽ بچوءَ جي انگ انگ مان ڄڻ ته خوشي
ڇُلڪي پئي. هن جو منهن ٻهڪي اٿيو، بس، مست ٿي ويو.
هڪدم اٿي بيهي نچڻ لڳو، ۽ ”جيئي جيئي“ جا نعرا هڻڻ
لڳو. مون کي ياد ٿو پوي ته اهو دودي جو اوائلي دور
هو، جنهن ۾ دودي جي سياست توڙي شخصيت جو ناماچار
سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چوٽ چڙهيل هو. انهيءَ زماني
۾، ملڪ جي وڏن شهرن ۾، دودي جي جلسن ۾ لکن جي
تعداد ۾ ۽ ننڍڙن شهرن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو
اچي گڏ ٿيندا هئا. جلسي گاهه تائين پهچڻ لاءِ جن
رستن تان لنگھندو هو، اتي ماڻهو اچي راتاها ڏيندا
هئا. نعرا پيا لڳندا، مچ پيا ٻرندا، اوجاڳيل اکين
۾ انتظار جون گھڙيون پيون گذرنديون، رستن تي ماڻهن
جا ميڙ لڳي ويندا، پوءِ سيءُ هجي يا گرمي، واءُ
هجي يا مينهن، چئه جو کڻي ماڻهو اتان چُرن يا هٽن!
سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. دودو جڏهن اهڙن ميڙن وٽان
گذرندو هو ته ڪٿي گھڙي سوا بيهي ٻه اکر
ڳالهائيندو، ڪٿي صرف پنهنجي مخصوص انداز ۾ هٿ لوڏي
ماڻهن جي آجيان ڪندو هو، ڪٿي ٻنهي هٿن سان تاڙيون
وڄائيندو هو، ۽ ائين اتان لنگھي ويندو هو. گھڻو
ڪري جلسي واريءَ جڳهه تي پهچڻ ۾ هن کي ڪلاڪن جا
ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، ۽ سدائين ليٽ پهچندو هو. ريل
رستي سواري ڪيائين ته ماڻهن جا هشام اچي اسٽيشن تي
گڏ ٿيندا. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيو، جو ريل
بيهارڻ لاءِ ماڻهو ريل جي پٽڙين تي سمهي رهندا
هئا. عجيب ڪيفيت هئي، عجيب اُڪير ۽ سڪ هئي ماڻهن
جي من ۾ هن لاءِ. جلسي واري هنڌ پهچڻ تي هزارين،
لکين رنگين جھنڊيون ۽ جھنڊا جھولڻ لڳي ويندا. دودي
کي ايندو ڏسي ماڻهن جي ماٺي سمنڊ ۾ ڄڻ ته اوچتو
طوفان برپا ٿي ويندو هو ۽ نعرن جي وٺ وٺان شروع ٿي
ويندي. ڪُوڪرا پئجي ويندا هئا. ائين لڳندو هو ڄڻ
ته ماڻهن جو ستل سمنڊ، دودي جي سجاڳيءَ ٿي سڏ تي
ڇرڪ ڀري جاڳي پيو هجي. ڪا مهل ٿيندي ته ٺهيل اسٽيج
تي دودو هٿ لوڏيندي، تاڙيون وڄائيندي، شلوار قميص
۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ نمودار ٿيندو هو. ماڻهن جو
سمنڊ سندس پارٽيءَ وارين جھنڊين ۽ جھنڊن جي لوڏڻ
سان، هٿن جي تاڙين سان ۽ نعرن سان سندس آجيان ڪندو
هو. اهو هڪ اهڙو عجيب وغريب رنگين منظر هوندو هو،
جيڪو ائين لڳندو هو، ڄڻ ته ڪڻڪ جي سونهري، جوئر جي
ڳاڙهي ۽ ٻاجھريءَ جي ساون سنگن جيان جھومندا هجن.
ڄڻ ته صدين کان پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي
اڳيان جھڪيل گردن اوچو ڳاٽ ڪري اٿي بيٺا هجن، ۽ ڄڻ
ته بي زبانن کي زبان ملي ويئي هجي. اهڙن موقعن تي
مون کي ائين ڀاسندو هو ته دودو انهن لکها خالي هنن
۾ هٿوڙا ۽ ڏاٽا ڏيندو، مايوس چهرن تي مڻيادار مرڪ
آڻيندو، ۽ صدين جي موت جھڙي خاموشيءَ جو سينو
چيري، گونگي زبان کي تحرڪ ۾ آڻي لازوال گويائي
بخشيندو ۽ نئون نعرو ڏيندو.....۽....چپيل، چيڀاٽيل
انسانيت کي نئين زندگي ڏيندو. انهيءَ قسم جون سوين
سوچون، منهنجي ذهني پردي تي، اڪيچار ڪولين وانگر
چرڻ پرڻ ۽ سُرڻ لڳنديون هيون ۽ مان سندس متعلق
سوچيندو رهندو هوس. مان مائٽ بچوءَ جي انهيءَ عام
واري عمل تي حيران ٿي ويندو هوس. ڀلا جنهن کي سڀ
چريو چون، ان جو دودي جي شخصيت سان ايترو اُنس ۽
محبت، عجيب ڳالهه هئي. ڪٿي ڪچهريءَ مان ڪنهن کڻي
پڇي وڌس. ”اڙي چريا، توکي دودي ڏنو ڇا آهي جو وتين
ٿو هنبوڇيون هڻندو؟“ اهڙي سوال ٻڌڻ تي همراهه آپي
مان نڪري ويندو هو ۽ اچي ڳالهائڻ ۾ ڇٽڪندو هو:
”هُو اسان جو ڙت آهي، هو اسان گڙيبن جون ڳالهيون
ڪري ٿو. هو گڙيبن کي پنهنجو ڀاءُ سمجھي ٿو. هو
اسان جي بکئي پيٽ،اگھاڙي انگ ۽ اجھي جي ڳالهه ڪري
ٿو. هو چوي ٿو، ”مان عوام جي پيدائش
آهيان.......هو.....هو ...هو“ همراهه جذباتي ٿي،
الائجي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو هو، ڄڻ ته ماٺ ئي
نه ڪندو.....ڳالهائيندي ڳالهائيندي.
همراهه هُڦجي پيو، چُپ ئي نه ڪري. مون کي ڏندين آڱريون اچي ويون
ته ڇا اهوئي مائٽ بچو آهي، جنهن کي ماڻهو چريو ٿا
چون. هي ته سياڻن کان وڌيڪ سياڻو ۽ ڏانهن کان وڌيڪ
ڏاهو آهي. پوءِ مون کي اچي ٻانهن کان جھليائين ۽
ڇڪي اچي پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ بيهاريائين. اهوئي سندس
اجھو هو ۽ اهائي سندس ڪائنات هئي. مون چؤطرف نظر
اڇلائي ته چارئي ڀتيون دودي جي فوٽن ۽ پوسٽرن سان
سٿيون پيون هيون. انهن فوٽن ۽ دودو ڪٿي وڏن جلسن
سان مخاطب هو، ڪٿي ٻنهي هٿن سان تاڙيون وڄائي
رهيون هو، ڪتي ٻيئي هٿ لوڏي سلام ڪري رهيو هو، ڪٿي
مرڪي رهيو هو ته ڪٿي ته وري غريبن جي وچ ۾ ويٺل
هو. مطلب ته مائٽ بچوءَ جي ڪائنات ۾، هو هر رنگ ۽
هر ڍنگ ۾ موجود هو. مان سوچ جي اٿاهه سمنڊ ۾ گم ٿي
ويس ۽ سوچيم ته جڏهن دودو، مائٽ بچوءَ جي ڪائنات ۾
پهچي سگھي ٿو، جنهن کي ماڻهو چريو ٿا چون، ته باقي
ملڪ جي ڪهڙي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ گھر هوندو، جتي دودو دلين
تي راڄ نه ڪندو هوندو. واقعي دودو پاڪستان جي
سياست ۾ هڪ طوفان ٿي اُڀريو ۽ سڄي ملڪ تي ڇانئجي
ويو.
هڪ ڏينهن خدا جو سج اُڀريو ته اسان جي سڄي تَر ۾ اها ڳالهه هُلي
ويئي ته دودو، فلاڻي تاريخ تي سانگھڙ ۾ هڪ عام
جلسي کي خطاب ڪندو. پوءِ ته جتي وڃو ۽ جيڏانهن وڃو
اتي اِهائي ڳالهه. دُڪان، دُکڻ، پاڻيءَ جي واري
تي، بس ۾، بس جي اڏي تي، ٽانگي ۾- مطلب ته صبح شام
اهو ورد هو، جو سڀڪنهن جي دل ۾ پئي هليو. هرڪو
انهيءَ ڏينهن تي سانگھڙ پهچڻ جا پروگرام ٺاهڻ لڳو.
جنهن رستي تان، دودي کي سانگھڙ شهر جي جلسي گاهه
تائين پهچڻو هو، ان رستي سان ماڻهو رنگ ڪري ڇڏيا
هئا: رستي کي ماڻهن رنگبرنگي جھنڊين، دلي دروازن ۽
وڏن بئنرن سان سينگاريو هو. وچ ۾ رستي سان پوندڙ
ڳوٺڙن جي مانڊڻين ۽ هوٽل وارن اتي دودي جا وڏا وڏا
فوٽو هنيا هئا. جلسي جي تاريخ واريءَ رات تي، اسان
جي تر وارو اهو روڊ، ڳوٺڙا ۽ شهر ائين جرڪي اٿيا،
ڄڻ ته ملڪ جي ننڍڙي ٽڪر ۾ سڀاڻي سجاڳيءَ جو سج
اُڀرڻو آهي. مائٽ بچو ته ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي!
ڪاري ڪِٺُ ڪِرسيءَ جي تلوار هٿ ۾، جتي ماڻهن جو
ميڙ ڏسي، ’جيئي جيئي‘ جي ڌن تي نچندو وتي. ماڻهو
هن کي چانهيون پيئارين، رپيا گھورين ۽ ائين نچندو،
ٽپندو ۽ ڪڏندو، ٻئي ڏينهن صبح جو سويل اچي جلسي
واري هنڌ پهتو. سانگھڙ شهر ۾ ماڻهن جا ميڙ، جھنڊا
هٿن ۾، نعرا هڻندا، جيئي جيئي تي نچندا ڪڏندا،
جلسي واريءَ جاءِ تي جمع ٿيڻ لڳا، ۽ منجھند تائين
وڏي ميدان تي ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويا. ڪا مهل ٿي
ته سامهون بڻايل اسٽيج تي هڪ همراهه مٿي چڙهي
قلندر جي نانگن وانگر نچڻ لڳو. جيئي جيئي جا نعرا
پيو هڻي. پوءِ موٽ ۾ لکن جي ميڙ ۾ ناچ ۽ نعرا شروع
ٿي ويا هئا، اهو مائٽ بچوءَ هو، جو نچي پيو ۽ چوي
پيو، ”ما چڙيو آهيان. مان دودي جو ديوانو آهيان.
مان ديوانو.....!“ موٽ ۾ لکن جي مجموعي يڪ آواز
وراڻيو، ”اسان دودي جا ديوانا آهيون. اسان اسان سڀ
دودي جا ديوانا، ديوانا....دودي جا ديوانا پروانا
آهيون.“ انهيءَ گرما گرم وايو منڊل ۾، ڪنهن گھڙيءَ
مائيڪ تان آواز اُڀريو، ”هاريو، مزدورو، شاگردو،
ساٿيو،....اسان جو محبوب رهنما، اکين جو نور، دل
جو سرور، دودو دلبر، چند گھڙين ۾ جلسي گاهه ۾ پهچڻ
وارو آهي.“ اعلان پوروئي ڪين ٿيو ته پريان اولهه
طرف کان گولين ۽ بندوقن جي فائرنگ ڌڙا ڌڙ شروع ٿي
ويئي. جلسي گاهه ۾ هنگامو برپا ٿي ويو. ماڻهو
فائرنگ واري سمنڊ جي وير وانگر اڳتي وڌڻ لڳا.
فائرنگ زور وٺندي ويئي. ماڻهو اڳتي وڌندا رهيا.
پوليس ماڻهن کي اتي وڌڻ کان ٽڙ وکڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها
آڻيندڙ گئس جا بم ڦٽا ڪيا. ماڻهو ٽڙ وکڙ ٿي ويا.
فائرنگ آهستي آهستي ڌيمي پوندي ويئي. ڪا گھڙي آئي،
جو ماڻهن ۾ اهو چوٻول وڌي ويو ته دودو مارجي
ويو.....دودو شهيد ٿي ويو! اهو افواهه مائٽ بچوءَ
جي ڪنن تي کنوڻ ۽ گوڙ وانگر ڪڙڪي ڪريو. مائٽ بچو
ٻنهي ڪنن ۾ آڱريون وجھي رڙيون ڪرڻ لڳو. مٿي ۾ سرون
هڻي، پنهنجي پاڻ کي رتوڇاڻ ڪري وڌائين. قميص ڦاڙي
ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيائين.
ڪنهن اچي جھليس ۽ هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪيائونس، پر هاڻ هو هوش
وڃائي چڪو هو. هن جا حواس خطا ٿي چڪا هئا. هو
دماغي توازن وڃائي چڪو هو. روئيندو رڙندو رهيو ۽
صرف تلوار اُڀي ڪري چوندو رهيو: ”اڄ منهنجو دلبڙ
دودو ماڙجي ويو......دلبڙ شهيد ٿي ويو.....نه نه،
دودو ماڙجي نٿو سگھي!“ هاڻي هو پنهنجي منهن ائين
وڦلندو رهيو. ڪنهن ڪلهي تي هٿ رکي ٻڌائڻ جي ڪوشش
ڪيس، ”مائٽ اهو ڪوڙ آهي....دودو زندهه آهي.“ مگر
مائٽ بچو هاڻِ انهيءَ سمجھائڻ واري دنيا کان تمام
پري نڪري چڪو هو. هن جي ذهن تي جا چوٽ آئي هئي،
تنهن هن کي واقعي دودي جو ديوانو بڻائي ڇڏيو هو.
هاڻي هو ساڳيو مائٽ بچو نه رهيو هو.
گھڻا گھڻا ڏينهن گذري ويا، پر مائٽ بچو ڳوٺ ڪونه آيو. پوءِ سڄي
تر ۾ ڳالهه هُلي ويئي ته مائٽ بچو چريو ٿي ويو
آهي. پوءِ هن جي زندگي عجيب نموني ۾ گذرڻ لڳي. جتي
پَئيِ اتي وِهاڻي! ماني پاڻي مليو ته واهه، نه ته
ڀلي ڏينهن جا ڏينهن گذري وڃن، پر ڪنهن کان ڪجھ به
نه گھرندو هو. دڳين پنڌين، رات ڏينهن هن کي هلندي
ئي ڏسبو هو. هاڻي هو هڪ اهڙي سفر تي نڪري چڪو هو،
جنهن جي منزل جي شايد کيس به ڪا خبر ڪانه هئي.
ڏاڙهيءَ ۽ مٿي جا وار وڏا ٿي ويا هئس. ڪپڙا ليڙو
ليڙون ۽ بدن تي مَرُ جا مڻ چڙهي ويا هئس ۽ ننهن
وڌي ويا هئس. پر اهائي ڪِرسيءَ واري ڪِٺُ ڪاري
تلوار هٿ ۾، هلندو ئي وتندو هو. ڪو ڳالهائيندو هوس
ته ان ماڻهوءَ جي منهن ۾ ويرم لاءِ اکيون پاڻيءَ
سان ڀرجي اينديون هئس ۽ چوندو......”نه نه، دودو
مري نٿو سگھي!“ پوءِ، تلوار اُڀي ڪري، جيئي جيئي
جا نعرا هڻندو ۽ پوءِ هليو ويندو هو.....
ماڻهن جي محبت نيٺ رنگ لاتو. وقت جي حاڪم ملڪ جي ماڻهن کي اهو
اختيار ڏنو ته هو جنهن کي چاهين تنهن کي پنهنجو
رهنما ۽ حاڪم چونڊي سگھن ٿا. دودو ته ماڻهن جي
دلين ۽ دماغن تي اڳ ۾ ئي ڌاڙو هڻي چڪو هو. مڙس جا
به ڀاڳ ڀلا هئا. ماڻهن به کڻي پنهنجي چڱ مڙسيءَ جي
پڳ ٻڌايس. دودو پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏانوَ سان ۽ ماڻهن
جي مدد سان ملڪ جو حاڪم ٿيو. هن مڙسان مڙسيءَ
حڪومت هلائي. ماڻهن جي ڏکي زندگيءَ کي سکي بڻائڻ
لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي نوان نوان
سڌارا آندائين، جنهن ڪري ماڻهن ۾ خود اعتمادي ۽
خوشحالي وڌي ۽ ويجھي. ملڪي ماڻهن جي ڏيساور ۾ ساک
وڌي. ملڪ به وڌيڪ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو.
مگر مڙس کي هوسيندڙن جي نظر کڻي ڇڏيو. ملڪي ۽
غيرملڪي دشمنن، ڇيڻي ڀور ڪئي. اوچتا ئي اوچتا هن
جي خلاف ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا. وقت پنهنجي تيز
رفتاريءَ سان گذرندو ويو. دودي کي تخت تان لاهي پٽ
تي ويهاريو ويو. هڪ رات اوچتو ئي اوچتو، سڄي ملڪ ۾
پڙهو گھمايو ويو ته اڄ کان دودي جي حڪومت ختم ۽
ملڪ جون واڳون ’جھان خان‘ سنڀاليون آهن. روزانو
نوان نوان پڙها گھمندا رهيا ۽ ايندا رهيا. نيٺ هڪ
ڏينهن هيئن به ٻڌو ويو ته دودو خوني آهي، قاتل
آهي. دودو هاڻي ملڪ جي قاضين جي حوالي ٿي ويو. نيٺ
ملڪ جي وڏي قاضيءَ فيصلو ڏنو، جنهن ۾ دودي کي قاتل
قرار ڏنو ويو ۽ هن کي سوريءَ جي سزا ڏني ويئي.
جيئن رعيت دودي جي فائدي ۾ اُٿي نه پوي، تنهن ڪري
ملڪي چؤبدارن پنهنجي چوڪسي سخت ڪري ڇڏي. ملڪ جي
ريلن، رستن، واهن ۽ شهرن ۾ چؤبدارن جي تعداد وڌايو
ويو. هر هنڌ هُو وڌيڪ ڦرڻ گھرڻ لڳا. دودي کي بچائڻ
لاءِ ڏيهي پرڏيهي دوستن ڪوششون ورتيون. پنهنجا
پيغام ۽ ايلچي موڪلي وقت جي حاڪم کي اپيلون ڪيون
ته دودي کي آزاد ڪيو وڃي يا ملڪ نيڪالي ڏني وڃي،
پر سوريءَ نه چاڙهيو وڃي. مگر، وقت جي حاڪم ۽
چؤبدار ڌرين جو اِهوئي فيصلو هو ته دودو ڦاهي
چڙهي. نيٺ صبح جو سوير دودي کي ڦاسيءَ جي ڦندي ۾
لٽڪايو ويو ۽ چند گھڙين ۾ ملڪا ملڪ پڙهو گھمي ويو
ته اڄ دودو ڦاهي چڙهي ويو! دودي جي ڦاهيءَ جي جنهن
به خبر ٻڌي اهو هَڪو ٻَڪو رهجي ويو. ائين ٿي لڳو
ڄڻ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ساهه کي ڪا پيئڻ بلا پي
ويئي هجي. سڄي ملڪ تي موت جو سڪتو طاري ٿي ويو. جا
شيءَ جتي هئي اتي ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويئي هجي. سڄي
ملڪ ۾ صف- ماتم وڇائجي ويئي. هر ڪو ماڻهو پاسي ڪنڊ
۾ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو، ڄڻ ته سڀ ڪنهن جو
ويجھي ۾ ويجھو عزيز گذاري ويو هجي. مطلب ته سڄي
ملڪ م ڪهرام مچي ويو. ملڪ جا محافظ دستا ۽ چؤبدار،
پلين، رستن، ريلن، اهم تنصيبات ۽ واهن جي پٽڙين تي
رات جو وڌيڪ چوڪسي ڪرڻ لڳا ۽ پهريداري ڪرڻ لڳا.
ها، هڪ رات جي ڳالهه آهي. گھگھ اونداهي رات هئي. چؤبدارن جون ٻه
ٽي ڇلنگيون جيپن تي سوار، ڪنهن واهه جي ڪَڙَ سان
پهرو ڏينديون پئي ويون. چؤبدار هٿيارن سان لَيس
ٿيل، سندن رائفلون ۽ اسٽين گنون گولين سان ڀريل
هيون. واهه جي ٽاپ سان جيپون اڳتي ڌوڪينديون پئي
ويون. ۽ کاٻي هٿ تي اُهو ’سنڌوءَ جو ٻچڙو‘ خاموش
وهي رهيو هو. واهه جي ڪناري سان ڏيڏر ڪَرڪيا پئي.
گاڏين جي سرچ لائيٽ جي تيز روشنيءَ ۾ ڪي ڏيڏريون
واهه جي ٽاپ تي ٽپڪندي، جيت اڏامندي ۽ پکي وڻن ۾
ويٺل جاين تان ڀڙڪا ڏيئي، پرڙا هڻي، پنهنجا اجھا
ڇڏيندي ڪنهن اڻڏٺل منزل ڏانهن اڏامندي پئي ويا.
سڄي هٿ تي وڏا وڏا سرينهه ۽ ٽالهيءَ جا وڻ هئا ۽
هيٺ بند لڳ، ديويءَ جا گھاٽا گھاٽا جھڳٽا هئا، جي
ماحول کي وڌيڪ پراسرار ۽ پرخطر بڻائي رهيا هئا.
اوچتو، جيپن جي روشنيءَ تي سڄي هٿ کان هڪ سهو
بُدڙڪو ڏيئي نڪتو ۽ پٽڙي وٺي جيپن جي اڳيان ڀڄڻ
لڳو. ڊرائيور، رؤنشي رؤنشي ۾ جيپ تکي ڪئي. سهو
گوهيون ڏيئي وري سڄي هٿ واري جھنگل ۾ لهي ويو.
جيپون فل اسپيڊ سان اڳتي وڌنديون ويون. ايتري ۾
پري کان پٽڙيءَ تي هڪ ماڻهو نمودار ٿيو، هن جي سڄي
هٿ ۾ ڪاري ڪاري شيءِ بندوق جھڙي پئي لڳي. جيپون
هڪدم رڪجي ويون. چؤبدار هڪدم لهي پوزيشن وٺي بيٺا.
هڪ چؤبدار جي هڪل جي موٽ ۾ پريان بيٺل ماڻهوءَ سڄي
هٿ کي مٿي ڪيو، جنهن ۾ ڪِرسيءَ جي ڪِٺُ ڪاري تلوار
هئي ۽ هن نعرو هنيو. چؤبدار ائين سمجھيو ته حملو
ٿي چڪو ۽ هنن کان پاڻ کي گھيري ۾ محسوس ڪيو. هنن
پنهنجي اڳواڻ جي آرڊر تي گولين جي بُوڇاڙ ڪئي.
بيٺل ماڻهو ڦهڪو ڪري، ڪِري پيو ۽ سندس سڄو جسم
گولين سان پُرڻ ٿي چڪو هو. هو ڪرڻ سان ائين
بولاٽيون ۽ ليٿڙيون کائڻ لڳو، جيئين ڪڪڙ کي سير
پوي. هو بولاٽيون کائيندو، ليٿڙندو واهه جي پٽڙيءَ
کان لهي، واهه جي ڪپر تي اچي پيو. هن جي سڄي جسم
مان رت ائين وهڻ لڳو، جيئن کيڙيءَ م پاڻي بوڙيا
ڪري وهندو آهي. رت بوڙيا ڏيندو، ريلا ٺاهيندو، وڏي
واهه جي ميري، ريٽي ۽ گدلي پاڻيءَ سان ملندو،
لهوارو وهندو ويو. هن جي ساهه وارو سياڻو پرديسي
پکي پرڙا هڻي پرواز ڪري چڪو هو، پر هاڻي به اهائي
ڪِرسيءَ واري ڪاري ڪِٺُ تلوار سندس سڄي هٿ جي مٺ ۾
مضبوطيءَ سان پڪڙيل هئي ۽ سندس ٿڌن چپن تي ڄڻ ته
اهوئي ’جيئي جيئي‘ وارو نعرو هو. پوءِ چؤبدار آيا
۽ هن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺائون. انهن مان ڪنهن هڪ
سجيلي نوجوان چيو، ”سالا کوئي پاگل تها.“ ائين چئي
هو ويندا رهيا ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سويل سڄي تر ۾
اها خبر سَرَنِ جي باهه وانگر گھاو پيا ۽ آءٌ سوچ
جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويس ۽ سوچيندو رهيس ته پاڳل ڪير؟
مرڻ وارو يا مارڻ وارو!
مون خيالن ئي خيالن ۾ ڏٺو ته مائٽ بچوءَ جو ڳاڙهو رت، واهه جي
ميرانجھڙي پاڻيءَ سان ملي، مختلف شاخن، واٽرن، اڏن
۽ نائڪن مان وهي، اسان جي ديس جي ٻنين ۽ ٻارن ۾
پهچندو پيو وڃي. ان جي ريج تي هاري فصل پوکندا پيا
وڃن ۽ نوان نوان سلا نڪرندا پيا وڃن ۽
پوءِ....پوءِ....مائٽ بچو....ها مائٽ بچوءَ جھڙا
ڪيترائي پيدا ٿيندا پيا وڃن، جن جي هٿن ۾ تلوارون
هيون. بڻڇيون ۽ ڀالا هئا ۽ پوءِ.....مون ڏٺو ته
هماليه ته ڪونه رنو، پر مهراڻ ۾ مستي اچي ويئي هئي
۽ هتان جا واسي اڳتي وڌي چڪا
هئا....۽...پوءِ....پوءِ.....اوڀر کان رت ڀريل
ٿالهه اُڀريو ۽ هتان جي ٿر بر کي ڳاڙهو ڪري نئون
نياپو ڏيئي ويو، جنهن ۾ زندگي هئي ۽ موت جي نراڙ
تي شڪست جو ڪارو ڪلنڪ لڳل، جيڪو سدائين لاءِ
رهندو....
انيس انصاري
ڳالهه ان رات جي
اها منهنجي پهرين ۽ پوئين بازي هئي. رمي ته ٺهيو، شروع ۾ ته مون
کي پتو به سُڃاڻڻ نه ايندو هو. ڪلن ۾ مکيه راند
رمي هوندي هئي. ان راند کي نه ڄاڻندڙ لاءِ اتي هڪ
لفظ استعمال ٿيندو هو ”اَن ڪلچرڊ“.
انگريزن جو زمانو هو. ديسي ماڻهن تي حاڪمن جي ڪلچر جي ڇاپ
پوريءَ طرح نه پر جزوي طور تي سهي، لڳڻ ضروري
سمجهي ويندي هئي. وري جو اسان ديسين جي ڪلب ۾
انجنير هالڪن صاحب داخلا ورتي ته اسان کي اُن جي
رنگ مان ڪونه ڪو رنگ پاڻ تي پينٽ ڪرڻ لازمي ٿي
پيو. شراب کانسواءِ ٻيون ٻاهريون برايون ڪلب ۾
آهستي آهستي داخل ٿينديون پئي ويون. يوسف بغير
مذهب جي تبديليءَ جي پاڻ کي جوزف سڏائڻ ۾ فخر وٺڻ
لڳو. اهو هيئن ٿيو جو هڪڙي دفعي هالڪن جي ارڙهن
ورهين عمر واري ڌيءُ مس تانيا هالڪن، يوسف کي
’هاءِ جوزف‘ چئي خيرعافيت پڇي. ان هاءِ، ’يوسف‘ کي
جوزف بڻائي ڇڏيو. شوڪت هالڪن جي نقالي ڪندي چين
سموڪر ٿي ويو. مسز هالڪن جي رمي کيڏڻ جي دعوت کي
جو مون مناسب لفظن سان ٽاري ڇڏيو ته هوءَ وسي ٿي
ويئي. ليڊي جي رميءَ جي دعوت رد ڪرڻ ڪري مون کي
ڪافي ڀيرا معذرت ڪرڻي پيئي. جڏهن کيس پتو پيو ته
مون کي پَتا به سڃاڻڻ نه ايندا آهن ته انهن بابت
ڄاڻ ڏيڻ ۽ رمي سيکارڻ جو بار مٿس اچي پيو.
منهنجي پهرين ۽ پوئين پيسن واري راند (رمي) منهنجي پيرن هيٺان
زمين ڪڍي ڇڏي. جڏهن گهرو فنينس ڊپارٽمينٽ کي پهرين
تاريخ جي ٻٽونءَ جو بار اڌ کان به گهٽ لڳو ته مون
لاءِ قيامت اچي ويئي. ڪنن جي پاپڙين کي پڪڙي مون
کي ان برائيءَ کان ’بان‘ ڪرڻي پيئي.
طبعاً اينيمل هوندي به سوشل گهٽ آهيان پر جتي ۽ جن حالتن هيٺ
منهنجي مقرري ٿي هئي اتي اهو ضروري ٿي پيو هو ته
گهٽ ۾ گهٽ شام جي وقت پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ آفيسرن
سان ڪلب ۾ ڪجهه وقت ويهي نوڪري پڪي ڪرايان. انهن
ڏينهن ۾ دينو ڌاڙيل جو ڌاڪو لڳل هو ۽ سندس نالو
گهنڊ وانگر پيو وڄندو هو، انڪري حڪومت تحفظ لاءِ
چار آرمڊ گارڊ ڏنا هئا. ان کان سواءِ هر آفيسر وٽ
پنهنجا خانگي هٿيار به هيا. ٻيو سبب ڪلب ۾ رات جو
دير تائين ويهڻ تحفظ خاطر به هيو.
ان دفعي سيارو به زورن تي هيو. اها رات ته ٻين راتين کان وڌيڪ
ٿڌي ۽ ڌنڌ ۾ لپيٽيل هئي. تنبن کان ٻاهر ٽنگيل
لالٽين ڪنهن ننڍي وٽ واري ڏيئي کان وڌيڪ روشني
ڪونه ڏئي رهيا هئا. اندر ڪلب ۾ وچينءَ ٽيبل جي
چوڌاري ميمبر ويٺل هئا. ميز تي ٻه وڏيون موم بتيون
ٻري رهيون هيون. ان کان سواءِ ميز جي ٻن طرفن کان
رکيل سگرين ۾ ٻرندڙ ڪوئلا گرميءَ سان گڏ ٿوري
روشني به ڏيئي رهيا هئا.
پروجيڪٽ ڪئمپ کان ويجهي ۾ ويجهو ڳوٺ ٻن ميلن تي ۽ چڱو وڏو شهر
پنجن ميلن تي هئا. کير مکڻ ته ڳوٺ مان ايندو هو پر
ٻئي سامان وٺڻ لاءِ هر ٻئي ٽئين ڏينهن شهر وڃڻو
پوندو هو. ان وقت ٻه هٿياربند گارڊ ساڻ هوندا هئا.
آفيسرن جي ميس جدا هئي ۽ مزورن ۽ سپروائيزرن وري
کاڌي وغيره جو بندوبست علحده ڪيو هو. هالڪن، رضا ۽
مان ميس ۾ کاڌو ڪين کائيندا هئاسين. اسان ٽن مان
هرهڪ سان گڏ سندس فيملي هئي. شام جو ڪلب ۾ مسز ۽
مس هالڪن کي ڪمپني ڏيڻ لاءِ مسز رضا به موجود
هوندي هئي. مون واري رڳو ٻه دفعا ڪلب ۾ آئي هئي.
هڪ ڀيرو ڪلب جي افتتاح واري ڏينهن ۽ ٻيهر مس هالڪن
جي بَرٿ ڊي تي، جا گهر جي بجاءِ ڪلب ۾ ملهائي ويئي
هئي. ”مون واري“ (نالو ڇو ٻڌايانو؟) الائي ڪهڙي
مٽيءَ مان ٺهيل هئي! ايترن ماڻهن، پهريدارن ۽
هٿيارن هوندي به اسان جون ٽنگون پئي ٿڙڪيون. ڪن جو
ويچار هو ته ان جو سبب سردي هيو. پر اوهان کان
ڪهڙو ڳجهه، اهو سڀ ڪجهه دينو ڌاڙيل جي ويجهڙائيءَ
۾ موجود هئڻ ڪري هيو. سو ڳالهه پئي ڪيم ”اُن“ ۽
جنهن مٽيءَ مان اها ٺهيل هئي، تنهن جي. کيس دينوءَ
جو ڊپ ڏيئي ڪلب ۾ هلڻ لاءِ آماده ڪرڻ لڳس ته
چيائين، ”ميان! دينو ڌاڙيل آهي، بزدل نه آهي جو تو
وانگر عورتن تي هٿ سڌو ڪري.“ مان پگهر ۾ ٻڏي ويس!
سرد موسم جي ان سرد رات جي سرديءَ ۾ اضافو سرد هوا آندو، جا
گهوگهٽ ڪري گهلي رهي هئي. ٻاهر هر طرف ڌنڌ ڦهليل
هو. اڌ رات گذري وڃڻ بعد به ڪو گهر وڃڻ لاءِ تيار
نه پئي ٿيو. هرهڪ جي ڪن تي اهو ڀڻڪو پيل هو ته
پروجيڪٽ ڪئمپ جي ٻن فرلانگن جي دوريءَ تي دينو ڏٺو
ويو هو. آفيسرن جي موجودگي (پستولن ۽ روالورن
سميت) ۽ ٻاهر گارڊ جو هجڻ ڪجهه تحفظ جو احساس ڏيئي
رهيا هئا.
هاڻي چوٿون دفعو چانهه ۽ ڪافيءَ جون چسڪيون ڀريون پئي ويون.
ذڪر هو ان سرد موسم جي سرد رات جو. ميز کان هٽي ڪوئلن جي سگريءَ
جي ويجهي ويٺل رضا محمد صلاح ڏني ته ”سڀاڻي آچر
آهي، ڇو نه اڄ ساري رات ڪلب ۾ گذارجي.“ وڌيڪ
چيائين، ”وقت ڪٽڻ لاءِ هرڪو واري ڦيري سا ڪو گانو
ٻڌائي.“ سڀني آفيسرن کي (هتي ليڊيز جو ذڪر نه آهي)
پنهنجي ڳلي ۽ سُر لاءِ خوش فهمي ڪانه هئي، انڪري
آخر اهو فيصلو ڪيو ويو ته هرهڪ (ليڊيز سميت) هڪ
سچي ڪهاڻي ٻڌائي. ان طرح ”رت جڳو“ پورو ڪجي.
ڪلب ۾ موجود هرهڪ ميمبر جي نالي جي چٽڪي لکي ويئي. اهي ويڙهي
تهه ڪري مسز هالڪن جي رومال هيٺ رکيون ويون. مس
هالڪن کي ان مان هڪ چٽڪي ڪڍڻ لاءِ چيو ويو. پهريون
نالو رضيه جو نڪتو. پهريائين ته نابري واريائين پر
پوءِ ڪجهه شرمائيندي اعلان ڪيائين ته ”ڳالهه سچي
آهي، ڪنهن کي ناگوار لڳي ته ڀلي لڳي.“ سڀني جون
نظرون رضا محمد ڏي کڄي ويون.
رضيه چيو، ”اسان جي شاديءَ کي ٽي مهينا گذريا هئا ته سندس بدلي
گهنگهريالي بن ۾ ٿي. مائٽن ته گهڻو روڪيو پر سندس
چوڻ تي مان ساڻس وڃڻ جي هامي ڀري. اتي اسان جي
رهائش ريسٽ هائوس ۾ ٿي، جنهن جو پوڙهو چوڪيدار جان
گل پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڏيندو هو. ڀرسان
هڪ ڳوٺ هيو، جنهن ۾ هندو ٺڪر رهندا هئا. خانسامان
سجن روز صبح جو اُن ڳوٺ مان ايندو هيو ۽ شام جي
ماني سويل کارائي ڳوٺ واپس ورندو هو. ان ڳوٺ جو
مکي روي ٺڪر به تاس جو شوقين هو. شام جي ماني کائي
رضا محمد ان سان هٿ کيڏڻ هليو ويندو هو. وعدي
مطابق هو اتان رات جو ساڍن نون وڄڻ کان اول موٽندو
هو. ان دوران جان گل جون سيٽيون ۽ کنگهڪار مون کي
هڪ قسم جو آٿت ڏيندا هئا ته ٻاهر چوڪيدار موجود
آهي. هڪ ڏينهن چاچي جان گل مونکي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾
هڪ بلا هري آهي جا دري ٽپي ٻارن کي کڻي وڃي ٿي. ڪن
وڏن کي به زخمي ڪيو اٿائين. ان مون کي تاڪيد ڪيو
ته رات جو پنهنجي سر در ۽ درين کي اندران چڱيءَ
طرح بند ڪيان. مون رضا محمد کي سوير موٽڻ لاءِ
تاڪيد ڪيو. ٻه ٽي ڏينهن هو نوين وڳي تائين آيو.
وري سندس موٽڻ جو وقت ساڍا نو وڃي بيٺو. هڪ رات
ڏهين وڳي تائين رضا محمد گهر نه آيو. مان کيس سبق
سيکارڻ لاءِ خيال ڪيو ته ٻه ٽي دفعا در کڙڪائڻ تي
به سندس در نه کولينديس. مان وڃي بستري تي ليٽيس.
رضا محمد جي اچڻ تائين مون جاڳڻ پئي چاهيو پر
بستري جي نرمي ۽ گرميءَ تي مون کي ننڊ وٺي ويئي.
گهري ننڊ مان بستر جي ڀرواريءَ دريءَ جي زور سان
کلڻ جي آواز تي جاڳي پيس. ان دوران ڪنهن گول مول
چيز منهنجي پلنگ تي ٽپو ڏنو. منهنجي وات مان رڙ
نڪتي ”بلا! ساڳئي وقت وهاڻي جي ڀرسان پيل چئن سيلن
واري ٽارچ بلا کي وهائي ڪڍيم. البت رضا محمد جي
فرسٽ ايڊ مون کي ئي ڪرڻي پئي.“
سارو ڪمرو ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.
هاڻي واري چٽڪي هالڪن جي نالي جي هئي. ان چيو، ”اٽڪل ڏهه سال
ٿيندا جو مان سائوٿ پول سائنٽِفڪ ريسرچ ٽيم ۾
انجنيئر جي حيثيت ۾ ڏکڻ قطب جي ويجهو ڪن تجربن ڪرڻ
لاءِ ويل هئس. اتي برف جي ڇپن سان بنايل گهرن ۾
رهندا هئاسين ۽ بنا ڦيٿن گاڏين ۾ سفر ڪندا هئاسين،
جن کي ڪتا ڇڪيندا هئا. اتي منهنجي ۽ ميڪ فرلين جي
ڊيوٽي هئي صبح اٺين وڳي وڃي جدا جدا مشينن ۽
اوزارن جون ماپون نوٽ ڪرڻ ۽ ڪنهن مشين يا اوزار ۾
ڪا خرابي هجي ته دور ڪرڻ. هڪ ڏينهن اسان ٻيئي ڄڻا
ماپون وٺڻ نڪتاسون ته واٽ تي محسوس ڪيوسون ته
برفاني طوفان اچڻ وارو آهي. سليج تي اوزارن سان گڏ
ڪجھ ضرورت جو سامان به رکيل هوندو هو. گھر کان ٻه
ميل پري آخري مشين تان انگ اکر نوٽ ڪري موٽڻ جو
خيال پئي ڪيوسين ته اچي برف باري شروع ٿي. ان وقت
موٽڻ موت سان مقابلو ڪرڻو هيو، ان ڪري سليج مان
خاص تنبو لاهي کوڙي اندر وڃي ڪمبلن سان پاڻ
ڍڪيوسين. سيءُ به ڪڙاڪي جو هو. مان ٻاهران سليج
مان پيرافين جو چلهو ۽ ڪافي ٺاهڻ جو سامان کڻي
آيس. جئڪيٽ ۾ هٿ هنيم ته لائيٽر موجود ڪونه هو.
مون ميڪ فرلين کان لائيٽر جو پڇيو. زبان ۽ چپ چريا
پر آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. ائين پئي محسوس ٿيو ته ٻيئي
رڙيون ڪري هڪٻئي سان ڳالهائي رهيا هئاسين، پر ٻنهي
جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. آخر مون اشاري سان ميڪ
کان لائيٽر گھريو. چلهي ٻارڻ جي هڪ منٽ بعد هڪ
هلڪو ڌماڪو ٿيو ۽ ’سي‘ جو آواز اچڻ لڳو. ٻئي ڌماڪي
بعد ’شي‘ ٻڌڻ ۾ آيو. بعد ۾ جدا جدا آواز ٻڌڻ ۾
آيا. اهي آواز ميڪ ۽ منهنجا هيا. حقيقت ۾ جو ڪجهه
اسان ڳالهايوسين پئي سو گهڻي سردي سبب ڄمي ٿي ويو.
چلهي جي حرارت تي آواز پگهرجڻ لڳو. پهريائين ’سين‘
جو آواز پگهريو، پوءِ ’شين‘ جو ۽ بعد ۾ ٻيا آواز.“
ڪلب ۾ خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو رضا محمد جي ٽهڪ سان گڏ سندس
آواز اڀريو. ”هڻ پير کوڙي،“ ٽهڪن ۾ دينوءَ جو ڊپ
دٻجي ويو. |