اسلام جو
دور:
هزارن سالن کان پوءِ اسلام آيو. اسلام مذهبي ماڻهن جي اجاره
داريءَ کي ٽوڙيو، ملوڪيت جي زنجيرن کي ڇنو، پروهتي
نظام کي ناس ڪيو، مذهبي تعصب ۽ تنگ نظريءَ جي قلعن
کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ۽ ڪتاب جهڙي مقدس ديوتا کي
چند مخصوص ماڻهن جي قبضي مان آزاد ڪري، عوام جي
حوالي ڪيو ۽ مذهبي پيشوائيت ۽ برهمڻيت جي
ٺيڪيداريءَ ضرب هنئي، افسوس هي آهي ته اڳتي هلي،
مسلمانن ملوڪيت جي ڄار ۾ ڦاسي علم ۽ ڪتاب کان منهن
موڙي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ مسلمان، جهل ۽
غلامي ۾ مبتلا آهي.
قرآن جي پهرين ۾ پهرين آيت ۾ ٻڌايو ويو ته ”اي پيغمبر! پڙهه،
تنهنجو پرورد گار نهايت ڪريم آهي، جنهن قلم جي
ذريعي علم سيکاريو، ۽ ان سان انسان کي اهو سڀڪجهه
سيکاريو، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هو.“ اُها آيت
هيءَ: اِقراءُ و َ ربڪ الاڪرم الذي علّم الانسان َ
مالم يعَلمَ (96-3-5)- ان طرح ٻي ننڍي آيت هن ريت
آهي، ان آيت ۾ ’قلم‘ کي شاهد قرار ڏيندي چيو ويو
آهي: ” نَ والقَلَمُ وَ مايسطرون“ (61-1) يعني ”ن-
اسان قلم جي شاهدي پيش ڪريون ٿا ۽ انهن لکيتن جي
گواهي پيش ڪريون ٿا، جي اڃا قلمن سان لکيون نه
ويون آهن.“ ڪن عالمن ’ن‘ جو مطلب مَس ڪُپڙي به
قرار ڏنو آهي. ان طرح رسول ڪريم تاڪيد ڪيو ته ”علم
حاصل ڪريو، توڙي چين جي دور دراز حصن مان ملي
سگهي.“ اُهو ڪتاب، جو اڳ ڪنهن پروهت، برهمڻ، راهب،
اَجبار ۽ اَهوار مزدا جي مريد جي قبضي ۾ هو، تنهن
کي اسلامي دور ۾ هر انسان تائين پهچائن جو انتظام
ڪيو ويو، ڪتاب کي سلطنت کان به زياده محترم قرار
ڏنو ويو عباسي خليفن يوناني فلسفي جي ٻن ڪتابن جي
حاصلات لاءِ روم جي شهنشاهه سان لڙائي ڪئي. مسلمان
سلطنت ۾ مسجدن سان گڏ مدرسن ۽ مڪتبن کي لازم ڪيو
ويو. ڪڏهن ڪڏهن علم پروريءَ، جو اهو مثال پيدا ٿيو
جو مسلمان فاتحن چند ڪتاب وٺي فتح ڪيل، سمورا
علائقا به واپس ڪيا، اهڙا ڪتبخانا قائم ڪيا ويا،
جن جو مثال يورپ جي ڪتبخانن ۾ ئي ملي سگهي ٿو.
ڏهه-ڏهه ، ويهه –ويهه، هزار ڪتاب معمولي ڪتبخانن ۾
رکيا ويا مرڪزي شهرن ۾ انهن جو تعداد لکن تائين
پهتل هو طرابلس جي هڪ ڪتبخاني ۾ ڏيهه لک ڪتاب گڏ
ڪيا ويا قاهرهه جي ڪتباخاني ۾ ڏهه لک ڪتاب ڪٺا ڪيا
ويا. قرطبي جي ڪتبخاني ۾ چار لک ڪتاب موجود ڪيا
ويا. اهي سڀ ڪتاب ڪاتبن جي هٿن جي محنت ۽ ڪتابت جي
فن جي پيداوار هئا، يونان، روم ، مصر سنڌ ۽* چين
مان هزارها آيل نسخن کي عربي ۾ ترجمو ڪري، پوري
دنيا ۾ ڦهلايو ويندو هو. فرينچ عالم گُستاولي بان
پنهنجي بين الاقوامي شهرت يافته ڪتاب ”تمدن عرب“ ۾
لکي ٿو ته ”اگر عرب، پوريءَ دنيا جا دستخطي نسخا
حاصل ڪري عربي زبان ۾ منتقل نه ڪن ها ته اڄ علم ۽
فن جو نالو نشان به نه هجي ها.“
جڏهن قرطبه ۽ اشبيليه ۾ يونيورسٽيون قائم ٿيل هيون، تڏهن لنڊن ۾
رستن تي فانوس ٻارڻ جو به رواج ڪو نه هو، ۽ يورپ ۾
اسپين کان سواءِ ڪنهن به ملڪ ۾ بائيبل جي دستخطي
نسخن کان سواءِ ڪو به ڪتاب موجود نه هو، اگر ڪنهن
خوش بخت ماڻهوءَ کي ڪو ڪتاب يا ان جا چند صفحا هٿ
ايندا هئا، تڏهن اُهو فوراً ڪليسا ۾ پهچندو هو ۽
پوپ وٽ ڪتاب جمع ڪرائي، جنت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندو
هو.
اهو سارو دور علم ۽ فن جي اشاعت جو دور هو، ۽ علم کي سنوارڻ ۽
سينگارڻ جو دور هو.اُن دور ۾ نه مشينون هيون نه
ڇاپخانا، جن سان هزارها فارم ڪلاڪ کن ۾ ڇاپي
سگهجن. ان دور ۾ ڪنهن هڪ ڪتاب جا ڏهه لک نسخا تيار
ڪري سگهجن، اهڙو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو. ڏهه لک ته
ڇا، هڪ سئو نسخن جي تياري به ناممڪن هئي.
بهرحال، مسلمانن ڪتابن کي عام ڪري ڇڏيو، جيئن اڄڪلهه جا ماڻهو
آڪسفورڊ، ڪئمبرج ڏانهن ڪتاب جي حاصلات لاءِ سفر ڪن
ٿا، تيئن اڳ قرطبه، بغداد، قاهراه ۽ ٺٽي جي حيثيت
هئي، يورپ ۾ جا سائنس ۽ فلسفي جي اشاعت ٿي، اُها
اسپين جي درسگاهن جي معرفت ٿي. مسلمان سائنسدانن ۽
فيلسوفن جا ڪتاب هن ايٽمي دور ۾ به يورپ جي
يونيورسٽين جي نصاب ۾ داخل آهن.
سنڌ—علم ۽ دانش جو مرڪز:
سنڌ جي سرزمين هزارن سالن کان علم ۽ دانش جو مرڪز رهندي آئي
آهي. ڇاپخانن جي نه هوندي به، ويدانت، الاهيات،
فلسفي، حساب طب، نجوم، ادب ۽ اخلاق تي هزارها ڪتاب
تاليف ڪيا ويا، جي ايامن کان وٺي سنڌ ۾ پڙهيا ۽
پڙهايا ويندا هئا، جن جو وڏو ذخيرو ديبل، برهمڻ
آباد ۽ اروڙ ۾ موجود رهندو هو، جو محمد بن قاسم جي
فتوحات جي دور ۾ هيٺ مٿي ٿيو، ڪي ڪتاب عربن مال
غنيمت سان گڏ دمشق ڏانهن امانيا، باقي جيڪي اڃا به
بچي ويا سي عباسي دور ۾ بغداد پهتا، ۽ انهن جا
ترجما تيار ڪيا ويا.
بنو عباس جي دور ۾ سنڌ جي عالمن ۽ سندن فني ڪتابن جو ذڪر ملي
ٿو.خاص طرح سان خليفي منصور، هارون الرشيد ۽ مامون
الرشيد جي فياضيءَ ۽ برمڪي خاندان جي قدردانيءَ جي
ڪري، سنڌ جا ڪيئي عالم ۽ پنڊت، حڪيم ۽ ويد بغداد
پهتا ۽ عباس مملڪت ۾ وڏن اهم عهدن تي فائر ٿيا.
ڪتابن ۾ جن پنڊتن جا نالا ملن ٿا سي هي آهن، جي جا خط لکيا آهن.
مثلًا بهله (ڀلو)، منڪہ (ماڻڪ) ، بازيڪو، فلبر فل،
سند باد وغيره. پنڊت بهله جو پٽ صالح به مشهور
حڪيم هو، جو مسلمان ٿيو هو. ابن نديم، ابن دهن،
ڌنڻ ۽ ڌنونتري نالي حڪيم جو به ذڪر ڪيو آهي. ان
طرح طب ۽ نجوم جي جن عالمن جا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو
ڪيا ويا، تن جا جا نالا هي آهن، باڪهر، ڪنڪہ،
راجہ، منڪه، داهر، انڪو، زنڪل اريڪل، جبهر، الدي،
جباري ۽ بهله،
مشهور ڪتابن ۾ سڀ کان اول ”برهمسپت سڌانت“ جو ذڪر ملي ٿو، جو
حساب جي فن تي هو ۽ جنهن جو ترجمو خوارزميءَ ڪيو
هو. ان طرح ’آريه ڀت‘ جو ’کنڊيا کنڊيڪ‘ ڪتاب ترجمو
ٿيو، جن جا نالا ’آرجبهر‘ ۽ آرکند‘ رکيا ويا. طب
جي مشهور ڪتاب ’سشرت‘ جو نالو ملي ٿو، جنهن جو
ترجمو ڪري سندس نالو ”سسرو“ رکيو ويو. ان طرح پنڊت
”چرڪ“ جو طب تي مشهور ڪتاب پڻ ترجمو ڪيو ويو. ان
طرح ”ڌنڻ“ جو ’سندستان‘ ۽ پنڊت ”چاڻڪ“ جو جانورن
جي مرضن تي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. چاڻڪ کي عربن شناق
ڪروٺيو آهي.
موسيقي تي پڻ هڪ ڪتاب سنڌ مان ويل هو، ان جو ترجمو ڪري مٿس نافر
نالو رکيو ويو. ان طرح قديم تاريخ جو ڪتاب”مجمل
التواريخ“ جو واحد نسخو، جو پيرس ۾ موجود آهي، اهو
به سنڌ مان ويل هو. سياست ۾ ”ادب الملوڪ“ نالي
ڪتاب به سنڌ مان ويل هو، جنهن ۾ مهاڀات جا قصا
موجود هئا.
قصن ۾ ”سند باد“ نثر ۾ هو ۽ ”علم الهند“ نظم ۾ هو، اهي ٻيئي
ڪتاب سنڌي پنڊتن جا لکيل هئا. اخلاق ۽ حڪمت ۾ ”پنج
تنتر“ جو ترجمو ”ڪليلتہ دمنتہ“ جي تابي ڪيو ويو ،
جو به هڪ سنڌي پنڊت جو لکيل هو، ۽ دنيا جي وڏين
زبانن ۾ ان جو ترجمو ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ علام بيرونيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن کي الفنسٽن،
موجوده حيدرآباد جو رهاڪو ثابت ڪري ٻڌائي ٿو ته
حيدرآباد کي اڳ بيرون ۽ نيرون سڏيو ويندو هو. ان
طرح حيدرآباد کي بيرون سڏڻ جو ذڪر ’تاريخ الاطباء
۾ به موجود آهي. ان طرح ابن سعيد مغربيءَ، ”تقويم
البلدان“ ابولفدا کان به اهڙو حوالو آندو آهي. به
فرض محال اگر علامہ بيروني سنڌي هو ته پوءِ سندس
تاليفات کي به سنڌ سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. علامہ
صاحب جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، تن ۾ ”پنج سڌانت“،
”برهم سڌانت“ ،”تري راشڪ“، ”سانکيه “، ”پتنجلي “،
”لنگهو چانڪم“ جا نالا مشهور آهن. انهن کان علاوه
اصطرلاب، نجوم، هيئت، رياضي ۽ اقليدس تي ڪيئي
رسالا ترجمو ڪيا اٿس. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ
ڪتابن جو مرڪز هئي.
پر افسوس هي آهي ته سنڌ جي علمي ذخيري مان اهو تمام ٿورو حصو
هو، جو بنو عباس جي دور ۾ بغداد پهتو، ورنه محمد
ابن قاسم جي فتوحات جي دور ۾ سنڌ جو سارو علمي
خزانو ناس ٿي ويو! ايتريقدر جو ان زماني جو هڪ اڌ
ڪتاب به اسان کي ملي نه سگهيو آهي. ائين چوڻ ته
بنواميه جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪوبه علمي خزانو نه هو،
حقيقت ۽ تاريخ جي سراسر خلاف آهي.
سنڌي ڪتابن جا عربي ترجما:
ان موضوع تي هن وقت دنيا جي سڀني علمي زبانن ۾ ڪافي تحقيقي ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ عربن جي علمي افادات سان گڏ
عربن جي علمي سرچشن ۽ فني ماخذات تي پڻ بحث ڪيل
آهي. عربن سنڌ مان ڇا ڇا حاصل ڪيو، سنڌ جا ڪهڙا
فاضل هئا، جن عربن کي پنهنجي علمي فيوضات سان
نوازيو، سو بيشڪ تفصيل طلب علمي ۽ تحقيقي مسئلو
آهي. ان سلسلي ۾ برصغير جي مشهور محقق ۽ مورخ
علامه سيد سلمان ندويءَ هڪ شاهڪار ڪتاب ”عرب و هند
کي تعلقات“ تاليف ڪيو آهي، جنهن ۾ عرب محققن،
مورخن، سياحن ۽ جغرافيه دانن جي تاليفات مان
اعترافات آندا اٿس. ان طرح اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته
سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن نه فقط علوم عاليہ ۾ وڏو
ڪمال حاصلو ڪيو، پر ان سان گڏ فاتح قوم جي عالمن ۽
فاضلن کي به پنهنجي مَسند جي اڳيان جهڪايائون.
علامہ سمعانيءَ اوائلي دور جي سنڌي محدثن ۽ محققن جو ڪافي ذڪر
ڪيو آهي. جن جو لقب ئي ”آلسندي“ هو. امام اوزاعي،
حديث جي وڏن امامن ۾ شمار ٿئي ٿو، سو به ’السندي‘
ڪري لکيو ويو آهي. شيخ ابوبڪر اسرائيفيني پنهنجي
ڏاڏي جي حيثيت سان ’السندي‘ آهي، ابومعشر بن
عبدالرحمان، جو حديث، رجال ، فقہ ۽ مغازيءَ جو
امام آهي، سو به ’سنڌي‘ هو حافظ ابومحمد خلف بن
سالم کي ابن حجر ’السندي البغدادي والحافظ‘ ڪري
بيان ڪيو آهي. ’بونصربن فتح السندي‘ کي فقيہ متڪلم
امام ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ابوعطا سنڌيءَ کي عرب
شاعرن ۾ استاد شاعر ۽ قادرالڪلام ڪري مڃيو ويو
آهي. دور بنو عباس جو مشهور علمي خاندان برمڪي به
سنڌي خاندان مان هو ۽ اصل ۾ ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ هو،
پر ڪن کين هندو چيو آهي، انهن علمي اڪيڊمي قائم
ڪئي ۽ سنڌي عالمن کي بغداد ڏانهن گهرايو. سنڌ مان
سڀ کان پهريون حڪيم اهو هو جنهن علم نجوم ۽ هيئت
جي مشهور ڪتاب ”برهمسپت سنڌانت“ کان عرب عالمن کي
روشناس ڪرايو، جنهن جي عربي ترجمي جو نالو”السند و
الهند“ آهي. ان جو مصنف سنڌ جو مشهور عالم نالي
’آريه ڀٽ‘ هو، جنهن کي عربن ”ارجبد“ ڪري لکيو
آهي. علم الحساب جو مشهور ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ به سنڌ
مان ويو، جنهن جو مصنف چندر گپت جو مشهور درباري
عالم پنڊت ’چانڪيه‘ هو. ان جو ترجمو مامونءَ جي
درباري نجوميءَ الخوارزميءَ 840ع ۾ ڪيو. ان کان
پوءِ اهو ڪتاب اسپين ۾ پهتو، جتي کيس ’حساب
الغابر‘ سڏيو ويو اسپين کان يورپ ۾ ويو، جتي
کيس ”عربيڪ نيوملرس“ ڪوٺيو ويو، ان جو عربيءَ ۾
ترجمو ابن نديم پڻ ڪيو آهي. ان طرح سنڌ جي حسابي
فن تي علي بن المقفع هڪ ڪتاب نالي ”المقفع في
الحساب الهندي“ لکيو آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور فني ڪتاب ’کنڊيا کنڊيڪ‘ جو ترجمو 771ع
۾ ابراهيم الفرازيءَ ۽ يعقوب الڪنديءَ ڪيو آهي، ان
کي عربيءَ ۾ ’الارڪنڊ‘ چيو ويو آهي. ’سشرت‘ جهڙي
مشهور ڪتاب جو ترجمو خالد برمڪيءَ جهڙي ڪيميادان
”سسسرو“ جي نالي ۾ ڪيو ۽ ۽ چرڪ جو ترجمو عبدالله
بن عليءَ ڪيو.
سنڌ جي مشهرو طبي ڪتاب ’ماڌوندان‘ جو ترجمو ’لدان‘ جي نالي ۾
ڪيو ويو. زنانه مرضن تي مشهور سنڌي ڪتاب جي عربي
ترجمي کي ’روسا‘ سڏيو ويو. ان طرح هر فن جهڙوڪ
لغت، منطق، سنگيت، معاشرت، ڪيميا، طب، فصاحت،
بلاغت ۾ قصص تي سوين سنڌي ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا
ويا، عالمن متفقه طور چيو آهي ته ڪيترا وڏا عرب
عالم، سنڌي عالمن جا شاگرد هئا، جي پوءِ پاڻ استاد
بنيا، سنڌي عالمن عربن جي علمي مجلسن کي دوباره
زندگي بخشي، عربن تي احسان ڪيا ، علم جي خيرات
ڪري، سنڌي عالمن، بي غرضيءَ ۽ رواداريءَ، انسان
دوستيءَ ۽ خدمت خلق جو اهڙو عمدو تاريخي مثال قائم
ڪيو، جو اڄ تائين تاريخ ۾ محفوظ آهي.
منصور ۽ هارون ۽ مامون عباس خليفن، بغداد ۾ بيت العلوم،
دارالحڪمت ۽ دارالترجمه قائم ڪيا، جن ۾ سنڌي عالمن
کي سربراهه ڪري رکيو ويو. عباسي خاندان جو راڄ
750ع کان 1258ع تائين قائم رهيو. يحيٰ بن خالد
برمڪيءَ سنڌ مان سوين حڪيم ۽ ويد گهرايا، جن کي
علمي ادارن جو سرپرست بنايائين. جاحظ جو چوڻ آهي
ته سنڌ جا حڪيم ۽ ويد هر فن جا استاد هئا. جوتش،
رياضي ۽ طب جا ته ماهر هئا. هن انهن جا نالا به
ڏنا آهن. ڀلو (بجيڪر)، ڪلپ راءِ (فلبر فل)، باکر،
ڏاهر زنڪل، راجه، اريڪل وغيره، جن مان ڪيترا اسلام
قبول ڪري چڪا هئا. سنڌ جو مشهور عالم ”ماڻڪ “،
جنهن کي عربن ”منَڪه“ سڏيو آهي، سو دارالترجمه ۾
سنڌ مان آيل سنڌي ۽ سنسڪرتي ڪتابن جي ترجمي تي
مامور هو. ماڻڪ جو پٽ صالح طب جو امام هو ۽ هارون
رشيد جي مشهور درباري حڪيم بخشيشوع نصرانيءَ کي
شڪست ڏئي چڪو هو.
سنسڪرت ۾ لکيل سنڌي عالمن جي ڪتابن کان علاوه هڪ ٺيٺ سنڌي زبان
۾ لکيل ڪتاب جو ذڪر به عرب عالمن ڪيو آهي، ان جو
نالو ابن نديم ’سنڌستان‘، يعقوبيءَ ’سنڌهشان‘ ۽
’سنڌهستان‘ ڪري لکيو آهي. ان جو عربي ترجمو سنڌي
عالم ابن دهن (ڌنو) ڪيو، جو برمڪين جي فن طب تي
قائم ڪيل درسگارهه جو سربراهه هو. مشهور عالم
سخاءُ سندس نالو ’ڌنوتري‘ ڏنو آهي.
سيد سلمان ندوي فرمائي ٿو ته ”انگن جو فن عربن سنڌ جي عالمن کان
حاصل ڪيو آهي.“
طب جي فن ۾ سنڌ جا عالم اهڙا ته مشهور هئا، جو خليفي معتمد جي
پاران احمد ديلميءَ کي 279هه ۾ سنڌ ڏانهن موڪليو
ويو، جنهن سنڌ جي عالمن کان رياضي ۽ اصطلاب جو فن
حاصل ڪيو.
سنڌي عالمن نجوم ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪيو هو جو جڏهن شوال 280هه ۾
ديبل ۾ زلزلو آيو، تڏهن سنڌي نجومين بغداد ۾ ويئي
ان جو اطلاع خليفي کي پهچايو. ان زلزلي ۾ ڏيڍ لک
ماڻهو مُئا هئا.
پنڊت چانڪيه جي مشهور جانورن جي امراض متعلق ڪتاب کي عربيءَ ۾
ترجمو ڪري سندس نالي ’شاناق‘ سڏيو ويو. ان طرح ابن
نديم سنڌ جي مشهور عالم پنڊت ’ڪنڪہ‘ جا چار ڪتاب
ترجمو ڪيا. ڪتاب النمود الاعمار، اسرار المواليد،
قرانات الڪبير ۽ قرانات الصغير. ان طرح فلڪيات جو
مشهور ڪتاب ”ڪتاب في احداث العالم“ به هڪ سنڌي
پنڊت جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو ويو.
ايتري تحقيقي بحث کان پوءِ واضح ٿئي ٿو ته سنڌ جا عربن تي
هزارين علمي احسان آهن، بلڪ انسانيت تي احسان
آهن. ڇا لاءِ ته سنڌي عالمن کان حاصل ڪيل علم ۽
ڪتاب کي عربن اسپين تائين پهچايو، ۽ اسپين مان
سارو يورپ مستفيد ٿيو.
ان جي مقابلي ۾ ساڳيءَ سنڌ تي هزار سال مسلمانن جو راڄ رهيو
آهي. ان طول طويل تاريخي دور۾، سنڌ ۾ علم ۽ ڪتابن
جي ڪهڙي حالت رهي آهي؟ جنهن سنڌ جا ڪتاب بغداد ۽
اسپين پهتا، تنهن سنڌ ۾ مسلمان عربن جي حڪومت جي
دور ۾ هڪ ڪتاب به تيار نه ٿي سگهيو، اڄ ڪو به عالم
سنڌ جي عرب دور جي تاليفات ۽ تصنيفات جو ذڪر ڪري
نٿو سگهي، باقي جن سنڌي عالمن جو ذڪر عرب تاليفات
۾ موجود آهي، سي سنڌي عالم به سنڌ کان ٻاهر رهيا.
اهي مڪي، مديني، بصري، بغداد، دمشق ۽ قاهره ۾
رهندي ”امام“ ۽ ”السندي“ سڏيا ويا. پر ’سنڌ‘ ۾ ته
ڪو اهڙو ’امام‘ عرب دور ۾ پيدا نه ٿيو‘ سو ڇو؟
اهو سوچڻ جهڙو مسئلو آهي. ديني ۽ فقهي ڪتاب وري به سمن ۽ سومرن
جي دور ۾ شروع ٿيا ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏا وڏا صاحب
تاليف عالم پيدا ٿيا، سي به آڱرين ۾ ڳڻڻ جيترا مس
آهن. حقيقت ته اها آهي ته سنڌي کي بي روح مذهبي
پيشوائيت ۽ بي لوُر ۽ بي شعور مُلائيت ۽ ملوڪيت
صدين کان وٺي تباهه ڪيو آهي، اهو حال اڄ سوڌو قائم
آهي.
ٻيو سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي عالمن ۽ سندن ڪتابن جا
نالا ۽ ترجمان ته عربي زبان ۾ موجود آهن، پر سنڌ
جي فتح کان پوءِ سنڌ مان ڪو هڪ ڪتاب به نه لڌو، سو
ڇو؟ مٿين حوالن جي روشنيءَ ۾ اگر ڏسجي ته پوءِ چئي
ٿو سگهجي ته انهن کان علاوه سنڌ ۾ ٻيا هزارين عالم
هئا، جي مري کپي ويا ۽ انهن جا ڪتبخانا ۽ نوادرات
باهه ۾ جلي رک ٿي ويا! ڇا ان کان انڪار ڪرڻ جي ڪا
گنجائش آهي؟ چوڻو فقط هي آهي ته جڏهن ته سنڌ ۾
ڪيترين صدين کان وٺي ٻڌ ڌرم موجود ۽ نافذ رهندو
آيو آهي، ۽ خود مهاتما ٻڌ به هت پير گهمايا آهن،
سنڌ جي تاريخ ۾ آسوڪا، چندرگپت، وڪرماديت جي دور
کان وٺي راءِ گهراڻي ۽ چچ گهراڻي جي مختصر دور کان
سواءِ، صدين تائين ٻڌ ڌرم رهيو آهي، ايتريقدر جو
چچ ۽ ڏاهر جي وقت ۾ ٻوڌن جي اڪثريت هئي، سندن
هزارها وِ هار ۽ ڌرمي درسگاهه هئا، ته پوءِ عرب
فتوحات کان پوءِ اهي اصولي ۽ بنيادي ڪتاب ڪاڏي
ويا؟ ڇا اهي فتح سنڌ جي وقت ۾ ناس ٿي، يا آسمان ۾
اڏامي ويا، يا کين زمين کائي ويئي؟ محققن تسليم
ڪيو آهي ته پوري بر ضمير ۾ ’سنڌ‘ علم ۽ فن جو
سرچشمو ۽ مرڪز هئي. پر افسوس هي آهي ته عربن جي
فتوحات کان اڳ جو ڪو به ڪتاب نٿو ملي!
اهو ته ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ قديم دور کان وٺي علم ۽ فن جو
مرڪز هئي. ان جو اعتراف خود عرب محققن پڻ ڪيو آهي
ته چين، مصر، ايران، عرب ۽ يونان تائين سنڌي عالمن
جا ڪتاب پهتا ۽ اهي علم ۽ فن جي هر موضوع تي هئا.
انهن ڪتابن جي معيار متعلق به محقق تسليم ٿا ڪن ته
سنڌي عالمن جا ڪتاب هر فن تي سَنَڌ ۽ اعتبار جو هڪ
وڏو مقام رکن ٿا. ظاهر آهي ته اهي ڪتاب، سنڌ ۾
بنواميه جي فتوحات کان اڳ سنڌ جي مشهور شهرن ديبل،
برهمڻ آباد، اروڙ، ويندي ملتان تائين مندرن ۽
ڪتبخانن جي زينت هئا. اهو حيرت انگيز امر ناهي ته
عباسي دور ۾ بغداد جي دارالعلوم ۾ ته سنڌين جا
ڪتاب طب، قصص، اخلاقيات ، سياست، فلسفي، تاريخ،
هندسه، رياضي، اقليدس، نجوم ۽ فلڪيات تي ملي
سگهيا، جن جي مصنفن جا نالا ’بهله‘ (ڀلو) ’چاڻڪ‘
(شالق) ’صالح‘ ۽ ’داهر‘ وغيره ته ملن ٿا، پر عرب
فاتحن جي واپسيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو هڪ علمي ڪتاب
به ملي نه سگهيو! ان معاملي کي قريباّ چوڏهن سئو
سال گذري چڪا آهن، پر اڄ تائين ڪنهن ڪنڊ مان اسلام
کان اڳ واري دور جو ڪو هڪ اڌ ڪتاب، يا، ڪو ننڍو
رسالو ته ڇا، رڳو ٻه چار ورق به ملي نه سگهيا آهن.
اها حقيقت آهي ته فتوحات جي سلسلي ۾، جتي ديبل،
برهمڻ آباد ۽ اروڙ کي تباهي نصيب ٿي، ۽ خود هتي جي
باشندن به باهيون ڏنيون، اتي قلعا ۽ مندر به مسمار
ڪيا ويا. اڄ رڳو انهن جا کنڊرات نظر اچي رهيا آهن.
ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته علمي ذخيرا
باهين جو نذر ٿي ويا. جتي سنڌ جي نقد دولت ۽ مال
لُٽيو ويو، اتي ڪتاب جلي رک ٿي ويا، ڪهڙو نه چڱو
ٿئي ها جي بنواُميه ڪوشش ڪري سنڌ جي ان علمي
ذخيري کي ناس ٿيڻ جي بدران دمشق کڻي وڃن ها، جيئن
سندن جانشينن بنو عباس ڪيو، جن سنڌ جو علمي ذخيرو
بغداد ۾ گڏ ڪيو ۽ انهن جو ترجمو ڪرايو.
گذارش آهي ته عربن ته سنڌ جي عالمن کان استفادو ڪيو. ’السندي‘
جي لقب سان سنڌي عالمن جو ذڪر خير ڪيائون، پر سنڌ
۾ صد ساله عرب دور ۾ ڇا وهيو واپريو! ڪهڙا علمي
خزانا گڏ ٿيا؟ ڪهڙا ڪتبخانا ٺهيا؟ ڪهڙيون درسگاهون
قائم ٿيون؟ عرب دور ۾ ڪهڙا محقق ۽ مورخ پيدا ٿيا”
انهن جا نالا ڪٿي آهن؟ انهن جا علمي ڪارناما ڪٿي
غائب ٿي ويا؟ جڏهن عرب ملوڪيت ۽ هوس اقتدار جي غار
۾ وڃي ڪِريا، تڏهن منجهائن علم ۽ فن جي اهميت ۽
اشاعت جو ذوق غائب ٿي ويو، تان جو ملتان تائين فتح
ڪيل سنڌ عربن جي هٿان هلي ويئي ۽ عرب سردار خانه
جنگيءَ ۾ مبتلا ٿي، منصوره ۽ محفوظه ۾ وڃي پناهه
گزين ٿيا، وري به سنڌ خانه جنگيءَ ۾ مبتلا رهي ۽
ساري سنڌ هندو رياستن ۾ ورهائجي ذري گهٽ آزاد ٿي
ويئي، حالانڪ ان دور ۾ ته هزارها محقق، مورخ، عالم
۽ محدث هجڻ گهرجن ها.
اڳتي هلي سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا دور آيا. اهي دور به
جمهور نواز گهٽ رهيا، خانه جنگي به رهي، پر
اقتصادي بدحالي ڪانه هئي. انهن دورن ۾ مذهبي رسالن
۽ ڪتابن جا تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا. تصوف، فقہ، تفسير
۽ حديث تي سوين ڪتاب لکيا ويا، پراڻي قسم جي ان
تصنيفات جا ڪيئي مخطوطا ۽ مسودا اڄ تائين سنڌ ۽
يورپ جي ڪتبخانن ۾ موجود آهن. برصغير پاڪ و هند جو
پهريون فارسي تفسير حضرت مخدوم نوح رحه جو آهي، جو
پڻ سمن جي دور ۾ لکيو ويوو.
اهڙن پراڻن ڪتابن جا ڪتبخانا سيوهڻ، ٺٽي، چوٽيارون، بکر، پاٽ ۽
ٽپٽا شهرن ۾ موجود هئا، جي نادرشاهه ۽ مدد خان
پٺاڻ جي ’جهاد‘ ۾ سڙي رک ٿي ويا! اهو ٺٽو، جنهن ۾
سوين ڪاليج هئا، تن جا ڪتبخانا پورچو گيزن ساڙي ۽
ٻاري ڇڏيا! نتيجو اهو نڪتو جو عربن جي دور کان وٺي
ڪلهوڙن جي دور تائين پيدا ٿيل علمي ورثي کان وري
به سنڌ خالي ٿي ويئي. هن وقت مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي، ملامعين ٺٽوي، ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم محمد
صادق نقشبندي، ضياءالدين ٺٽويءَ جا چند قلمي ڪتاب
موجود آهن.ان طرح چچنامه، تحفتہ الڪرام ۽ معصومي
جهڙيون تاريخون آهن، جي هن جديد دور جي تقاضائن ۽
فڪري مسئلن کي حل ڪرڻ کان قاصر آهن. ابن خلدون جي
تاريخي اصولن موجب اهي رڳو بادشاهن ۽ عالمن جا قصا
آهن.
پدرم سلطان بود!
سنڌ جي پراڻن عالمن ۽ سندن عرب شاگردن جي علمي خدمتن کي بيان
ڪرڻ مان اسان جو مقصد واقعي ”پدرم سلطان بود“
ناهي، پر علم ۽ فن جي خدمت جيڪا عرب مسلمانن ڪئي
آهي، ان تفصيل فرينچ عالم موسيوليبان جي ’تمدن
عرب‘ ۾، ڊاڪٽر هٽي جي مشهور تاريخ ’دي عربس‘ ۾،
شهرت يافته مورخ گين جي ”زوال روما“ ۾، پنڊت جواهر
لعل نهروءَ جي جڳ مشهور ”آپبيتي“ ۽ ”دنيا جي
تاريخ“ ۾، مشهور مورخ ٽوئن بي جي صخيم ڪتاب ”فلسفو
تاريخ“ ۽ ”تاريخ جو مطالع“ ۾ موجود آهي. افسوس فقط
هي آهي ته جڏهن ’اسلام‘ جو انقلابي ۽ اصلاحي تحريڪ
وارو دور (اڌ صدي) ختم ٿيو ۽ ملڪيت، جاگيرداري ۽
سرمايداريءَ جو دور شروع ٿيو، تڏهن اسلام ۽ ان جي
تعليم جي اجاره داري، مذهبي تقدس ۽ پيشوائيت جو
نذر ٿي ويئي. انقلابي ۽ اخلاقي روح ختم ٿي ويو،
نتيجو اهو نڪتو جو صدين تائين مسلمان ملڪ غلاميءَ
جي زنجيرن ۾ ڪڙجي ويا. غلاميءَ جي لعنت ۽ عذاب جي
ڪري، پوري مسلمان قوم، علم ۽ فن جي حاصلات ،
اقتصادي خوشحاليءَ، عقل ۽ اجتهاد کان پالهي ۽ خالي
رهجي ويئي، اهو عذاب اڄ تائين مسلط آهي. اهي عرب،
جن علم ۽ فن جي روشني پيدا ڪئي،. سي اسرائيل جي
مقابلي ۾ لاچار رهجي ويا آهن. ٻاهرين قوتن جي
مداخلت کان هر مسلمان ملڪ خانه جنگيءَ ۾ مبتلا ٿي
چڪو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ اهڙي ڪمزور قوم ڇا ٿي ڪري
سگهي! اها قوم، جنهن ۾ ابن خلدون ۽ الڪندي، فارابي
۽ بوعلي سينا، ابن رشد ۽ غزالي، ابن مسڪويه به ۽
ابن باجه، رومي ۽ شاه ولي الله، جمال الدين
افغاني ۽ عبيدالله سنڌي، لطيف ۽ علامه آءِ آءِ
قاضي جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا، تن کي اڄ عوام جي
دشمنن ۽ اقتدار جي بکين، رجعت پرست گروهن ۽ انسان
دشمن ٽولن اچي گهيري ۾ گهٽيو آهي، پوءِ علم ڪٿان
اچي؟
هي به تاريخي طور ثابت آهي ته سنڌ جو حال وڌيڪ خراب رهندو آيو
آهي. هزارن سالن جي تاريخ شاهد آهي. هن خطي تي
آريا، سٿين، ساڪ، پارٿي، منگول، مغل، لوشي، مختلف
زمانن ۾ آيا. مسلم دور جي ايندي، محمود غزنوي،
چنگيزخان، تيومورلنگ، نادر شاهه، احمد شاهه، شجاع
۽ مدد خان جهڙا جابر ۽ خوني،فاته ٿي پڌاريا، هزارن
سالن تائين سنڌ غلاميءَ ۾ ڳهندي آئي آهي. عربن،
سمن، سومرن ڪلهوڙن ۽ ميرن جا راڄ ”انڌن ۾ ڪاڻو
راجا“ جي مصداق غنيمت رهيا، پر عوام پيسبا رهيا.
زماني جي گردش جاري رهي، هزارين سج اڀريا ۽ لٿا،
پر سنڌ ۾ نه علم ۽ فن پيدا ٿيو، نه مورخ ۽ محقق
پيدا ٿيا، نه سائنسدان ۽ فيلسوف پيدا ٿيا. اگر ڪي
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿيا به ته اهي ناقدردانيءَ جو
شڪار رهيا! ان حالت ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي ۽ ڇا ٿو
سوچي سگهجي؟
هڪ پس مانده ۽ غلام ذهنيت واري، مذهبي پيشوائيت ۾ ملائيت جي
زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم، جنهن جو پنهنجو نه فن آهي نه
من آهي ۽ نه ڌن آهي، سا ته زندهه قومن ۾ شمار ئي
ٿي نٿي سگهي. علم ۽ فن وارو دور خواب ٿي ويو! اڄ
نه اهي قديم زماني وارا ويد ۽ حڪيم، شاعر ۽ فيلسوف
رهيا آهن، جن جي ڪتابن کي عربن اکين تي رکيو، ۽ نه
ڪي اهڙا صاحب فڪر ۽ اهل دل عالم ۽ فضل ئي رهيا
آهن، جي پنهنجي قلم سان ذهني ۽ روحاني انقلاب پيدا
ڪري سگهن، اڄ تصنيف ۽ تاليف ڪندڙ اهل قلم ساري
معاشري ۾ سڀ کان زيادهه پست حالي آهن. ان حالت ۾
ڪهڙا ڪتاب لکيا ويندا، ڪهڙي موضوع تي لکيا ويندا،
۽ ڇو لکيا ويندا؟
ايتري تنقيدي تلخ نوائيءَ ڪندي معافي به وٺندس. پر ايترو ضرور
چوندس ته اگر سنڌ کي علم ۽ دانش جي زيورن سان
سينگارڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن کي
گڏ ٿي، آزاد ۽ جدا گانه نموني تي ڪا علمي مجلس
قائم ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي اقتصادي ۽ معاشرتي مسئلن
جو ڪو حل ڳولڻ گهرجي. اهڙن مسئلن تي، علمي نموني ۾
ڪتاب لکڻ گهرجن، آسان ۽ سستي نموني لٽريچر پيدا
ڪيو وڃي، دقيق ۽ ضخيم ڪتابن سان ته اسان جا ڪٻٽ
ڀريا پيا آهن، پر عوامي ذهن کي بيدار ڪندڙ ڪتابن
جي کوٽ آهي.
ان سلسلي ۾ هر فن تي ڪتاب شايع ڪيا وڃن. اجايو سرڪاري ادارن ۽
سرڪاري گرانٽن تي ڀروسو نه رکڻ گهرجي ۽ نه ڪو ”
آدم جي ۽ دائود جي “ وياج مان بچيل اوبر مان انعام
حاصل ڪرڻ لاءِ سر کپائجي، ’پدرم سلطان بود‘ چوڻ
به بيشڪ بيجا آهي، پر حال کي بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ
کي اهو ضرور ٻڌائڻو آهي ته سنڌ قديم زماني ۾ علم ۽
ڪتاب جو مرڪز هئي، اڄ اها جهل ۽ حماقت جو مرڪز
آهي. سوچڻ جي دعوت ڏجي ٿي ته اهو حال ڇو ٿيو؟ ان
جا اسباب ڪهڙا آهن؟ مذهب ۽ روايات جي آڙ ۾ اقتصادي
بدحالي ۽ سرمايه دارانه ذهنيت واري جي اجاره داري،
جي ڪري سنڌ ۾ ڇا ڇا وهيو واپريو آهي؟ ان قسم جي
مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي. اهل قلم ۽ دانشور
طبقي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. انهن جي اقتصادي
بدحاليءَ جو علاج سوچجي. درسگاهن جا دروازا کولي
ڇڏجن. هر فن تي ويٺل نانگن ۽ بلائن کان فن کي
بچائجي. ان کانسواءِ ڪتاب جي لکڻ جو ڪو سبب ئي نظر
نٿو اچي!
آخر ۾ مان اها به گذارش ڪندس ته عربن جي تاريخي واقعات مان
منهنجو مقصد فقط تاريخ آهي ۽ نه اجائي تعريف ۽
نڪته چيني. عرب به ويا ته انهن جو دور به ويو. هن
وقت اسان جو دور آهي. هن وقت لاءِ اسان ئي ذميدار
آهيون، ڪاش! اڄ جي مسلمانن کي خدا توفيق ڏئي ته هو
گذريل غلطين جي تلافي ڪن ۽ پاڻ کي علم ۽ ڪمال جي
اوج تي پهچائين. هن سمع خراشيءَ جو فقط اهو هڪ ئي
سبب آهي. انداز بيان جي تلخيءَ لاءِ معافي ٿو
گهران، والسلام.
شهزادو محمد دارا شڪوه
مغليه دور جي هڪ مظلوم صوفيءَ جو عبرت انگيز داستان
شهزادو محمد داراشڪوه قادري، بر صغير هند و پاڪ جي مغليه دور جي
هڪ عظيم صوفي انسان ۽ درويش صفت مسلمان جي حيثيت
سان عظيم مقام حاصل ڪري چڪو آهي. دارا شڪوه پنهنجن
عقيدن ۽ نظرين، خيالن ۽ جذبن جي لحاظ سان ”وحدت
الوجود“ جهڙي جامع ۽ همه گير فلسفي جو قائل هو.
دارا اگرچه شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ ولي عهد هو ۽ بر
صغير هند و پاڪ جهڙي وسيع مملڪت جي تخت ۽ تاج جو
وارث هو، پر سندس تعليم ۽ تربيت اُن دور جي صوفي
بزرگن جي صحبت ۽ نگاهه جي مرهون منت هئي، ان ڪري
دارا هڪ خدا پرست ۽ صداقت شعار، حقيقت پسند ۽
انسان دوست صوفي شاعر ۽ فقيرانه طبع جي ڪري، هن
ظاهري دنيا جي تخت ۽ تاج جو مالڪ نه ٿي سگهيو؛ پر
اُن جي بر عڪس حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۽ حق جي
علمبردار جي حيثيت سان زندهه جاويد رهندو آيو آهي.
انساني تاريخ جي ارتقا ۾ پنهنجي حق پسندانه خيالات ۽ جذبات جي
ڪري جي به انسان پيدا ٿيا آهن، تن ۾ ”دارا“ جو
مقام نهايت مٿانهون آهي. دارا جو انجام هڪ اهڙو
الميه داستان آهي، جنهن تي قلم به اشڪبار آهي ته
دل به خونبار آهي؛ تاريخ به شرمسار آهي ته ظلم ۽
تشدد به شرمسار آهي. اها پڻ حقيقت آهي ته دارا جو
داستان جڏهن ته اورنگزيب جي دور جي مورخن قلمبند
ڪيو آهي، تڏهن اهڙن درباري مورخن ڪڏهن به دارا سان
انصاف نه ڪيو آهي. اُن جي مقابلي ۾ ٻه چار مورخ
اهڙا ملن ٿا، جن دارا جي مظلومانه داستان کي بيان
ڪندي مورخانه ديانت کان ڪم ورتو آهي.
دارا جي مقابلي ۾ ٻيو تاريخي ڪردار اورنگريب عالمگير جو آهي،
جنهن کي ظاهر داريءَ ۽ شرع جي دائري ۾ ”محي الدين“
سڏيو ويو. اورگزيب ”وحدت الشهود“ جي نظريي جو قائل
هو، جيڪو ”وحدت الوجود“ جي برعڪس آهي. ان ڪري حق
پسند ۽ حق گو مورخن ۽ محقق جي نظر ۾ دارا ۽
اورگزيب جي ڪشمڪش گويا شرع ۽ تصوف، ملا ۽ صوفي،
ظاهرداريءَ ۽ صداقت جي وچ ۾ باهمي اَويزش آهي.
ڪاش! اسان جا ظاهربين اُن حقيقت کي سمجهي سگهن ها.
دارا شڪوه شاهجهان جو وڏو پٽ هو، جو نياڻين جي ولادت کان پوءِ
حضرت خواجه معين الدين اجميريءَ جي برڪت سان پيدا
ٿيو. مغل دور ۾ اهڙو ٻيو واقعو اڪبر جي دور ۾ پڻ
ٿيو هو، اڪبر کي پڻ اولاد نه ٿيندو هو، ان ڪري
اڪبر ۽ جوڌا ٻائي پيرين اُگهاڙي حضرت سليم چشتي
رحه جي مزار مقدس تي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ کين
نور الدين جهانگير جهڙو پيارو پٽ ڄائو؛ جنهن جو
نالو ئي ”سليم“ رکيائون. ان طرح دارا شڪوه به حضرت
خواجه اجميريءَ جي برڪت سان اجمير ۾ 29 صفر 1024هه
۾ ڄائو.
شاهجهان ڏاڍي لاڏڪوڏ سان دارا کي پاليو ۽ نپايو. پنهنجي جانشين
۽ ولي عهد کي شاهجهان ”معين پور خلافت“ ۽ ”شاهه
بلند اقبال“ جي لقبن سان خطاب ڪندو هوـ شاهجهان
کيس هميشہ پنهنجي قريب رکندو هو. پر ٻين پٽن شجاع،
مراد ۽ اورنگزيب کي دور دراز صوبن ڏانهن اماڻيندو
هو. شاهجهان جي هن پر پدري شفقت دارا کي ٻين ڀائرن
جي رقابت جو شڪار بنايو؛ خاص طرح سان اورنگزيب
دارا سان دشمنيءَ جون جيڪي ڪار گذاريون ڪيون. تن
جي تاريخ اڄ به اشڪبار آهي.
دار، شاهجهان جي گود ۾ تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ روحاني تربيت
سنڌ جي هڪ عظيم بزرگ حضرت ميان مير سيوهاڻيءَ
سنڌيءَ (جنهن جو مقبرو لاهور آهي) وٽ حاصل ڪئي.
دارا لکي ٿو ته:”مان هڪ ڀيري اهڙو سخت بيمار ٿيس،
جو ساري هندستان جي حڪيمن مون کي لاعلاج قرار ڏنو.
ان حالت ۾ حضرت شاهجهان مون کي 17 شوال 1043هه تي
حضرت ميان مير سيوهاڻي سنڌي بزرگ جي خدمت ۾ وٺي
آيو ۽ کين عرض ڪيائين ته ’ حضرت! هي دارا منهنجو
وڏو پٽ ۽ ملڪ جو ولي عهد آهي. کيس ساري ملڪ جي
حڪيمن لاعلاج قرار ڏنو آهي. اوهان دعا ڪريوس، جيئن
صحتياب ٿئي.‘ ان کان پوءِ حضرت ميان مير رحه دعا
گهري ۽ مان صحتياب ٿيس.“
دارا جي ان وقت عمر 19 سال هئي. ان طرح ٻئي ڀيري 8 رجب 1044هه
تي شاهجهان سان گڏجي دارا اچي ميان مير رحه جي
زيارت ڪئي. ان وقت دارا جي اکين مان ڳوڙها وَهي
رهيا هئا
۽ سندس پير اُگهاڙا هئا. جذب ۽ جوش جي حالت ۾
پنهنجو سِرُ ميان مير رحه جي قدمن ۾ رکيائين. ڪتاب
لکن ٿا ته ميان مير به شفقت وچان دارا جي مٿي تي
هٿ گهمايو ۽ ڪجهه غمگين ٿي خير جي دعا گهريائين.
حضرت ميان مير رحه دارا جي انجام جي گويا
پيشنگوئي ڪئي ته دارا شهيد عشق ۽ قتيل محبت آهي.
سندس سِر جسم کان ڌار ڪيو ويندو. اڳتي هلي ائين ئي
ٿيو.
دارا جي دل ۾ عشق ۽ محبت جي جا چنگاري ميان مير رحه جي صحبت ۾
پيدا ٿي، سا هاڻ ڀنڀٽ ٿي چڪي هئي. دارا تصوف ۽ ان
جي عملي نصب العين کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ
تصنيف ۽ تاليف ڏانهن توجهه ڪيو. دارا 1052هه ۾
اولياءَ ڪرام جي حالات تي ”سڪينتہ الاولياءَ“ نالي
ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ميان مير رحه ۽ سندس خليفي مُلا
بدخشي ۽ ٻين بزرگن جي حالات کي قلمبند ڪيائين.
تصوف، خاص طرح سان وحدت الوجود جي نظريي کي سمجهڻ کان پوءِ
ويدانت فلاسافي کي مطالع ڪيائين. اهو ئي دور هو،
جڏهن اورنگزيب جي اشاري تي ڪن ظاهربين عالمن دارا
جي خلاف چميگويون شروع ڪيون ته دارا ملحد ۽ ڪافر
ٿي چڪو آهي. دارا انهن جي جواب ۾ ”شطحيات “ يا
”حسنات العارفين“ 1062هه ۾ لکيو. ان طرح تصوف ۽
ويدانت متعلق ”مجمع البحرين“ لکي ثابت ڪيائين ته
اسلامي تصوف کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ ڪو به ويدانتي
ودوان اسلام کان انڪار ڪري نٿو سگهي. ويدانت جا
اصول ۽ نظريا اسلامي تصوف کي تمام قريب آهن.
دارا جي ڪتابن ۾ ڪٿي به ڪفر ۽ الحاد نظر نٿو اچي، تاهم
اورنگزيب شرع جي حيثيت سان دارا لاءِ الحاد ۽ ڪفر
جون فتوائون حاصل ڪيون، ۽ اورنگزيب جي اشاري تي
ٻين ٻن ڀائرن مراد ۽ شجاع به دارا کي ملحد ۽ ڪافر
سڏڻ شروع ڪيو. حيرت جو مقام اهو آهي ته اورنگزيب
شرع جي ظاهر جي پابنديءَ ۾ ڦاٿل هو، پير مراد ۽
شجاع ٻئي شهزادا عيش ڪوشيءَ ۽ شراب نوشيءَ ۾ مبتلا
رهندا هئا، ۽ انهن جي مقابلي ۾ دارا صوم وصلوات جو
پابند، ذڪر ۽ فڪر ۾ مصروف، تصوف جي ڪتابن جي مطالع
۾ مشغول، بزرگن ۽ عالمن جي صحبتن ۾ موجود رهندو
هو. ان هوندي به سندس شخصيت کي داغدار بنائڻ ۽ کيس
تخت ۽ تاج کان محروم ڪرڻ لاءِ سندس خلاف سڀني
ڀائرن گڏجي سازش شروع ڪئي ۽ ظاهردار عالمن کان
ڪيئي فتوائون حاصل ڪري، دارا کي بدنام ڪرڻ شروع
ڪيائون. ان مخالفانه ماحول ۾ دارا ويدانت جي
مشهور اصولي ڪتاب ”اَپنشد“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو
۽ ان جو نالو ”سِر اڪبر“ رکيو، ان جي لکڻ کان پوءِ
دارا جي خلاف سازش عروج تي پهچائي ويئي.
دارا جو مڪتبهء فڪر اهو هو ته هندن جي فلسفه ويدانت ۽ آپنشد کي
ذريعو بنائجي ۽ هندستان جي وسيع آباديءَ کي اسلام
جي باطني ۽ روحاني، اخلاقي ۽ اصلاحي دائري عمل ۾
آڻجي، اصل ۾ اهو طريقه ڪار حضرت خواجه معين الدين
چشتي اجميري ۽ سندس خليفن گهڻو اڳ شروع ڪيو هو،
جنهن ڪري لکها هندو اسلام قبول ڪري چڪا هئا.
اَن ئي دور ۾ حضرت سرمد ٺٽي کان سفر شروع ڪيو. هو گجرات ۽ دکن
کان ٿيندو وچ هندستان جي بزرگن جي زيارتن کان پوءِ
دهليءَ ۾ اچي ’دارا‘ سان مليو. سرمد زماني جي
تڪلفات ۽ ظاهري رسومات کان بلند ۽ بالا هو. هو
صوفي شاعر هو، سندس رباعين ساري ملڪ ۾ باهه دکائي
ڇڏي هئي. جڏهن ته سرمد اگهاڙو رهندو هو، ان ڪري
اورنگزيب جي اشاري تي سرمد متعلق به خلاف شرع
فتوائون ڏنيون ويون ۽ کيس ملحد ۽ ڪافر قرار ڏنو
ويو. |