سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4/ 1976ع

(گرامي نمبر)

امداد حسيني

گذارش

مَ لَنئن ڪونجي ڪَر، چو مَ هينئين چاڪ.

 ”گرامي صاحب گذاري ويو،“ انهن ٿورڙن لفظن پوئتان ڪيڏو نه گهرو دک آهي! اسين اکيون بند به کڻي ڪريون، پر اهو دک اسان جي دل ۾ اڻهئي لاءِ دکندو رهندو، اهو سور سدائين سيني ۾ ريءَ سيرائيءَ سل ڪندو رهندو.

سامِي مڙَهِي سندِ ياٰءِ، سامُهين مون سٻيلهه ٿِي.

 موت اَٽل سچ آهي، جيڪو ٿانءُ ٺهيون آهي، اُهو اَوس ڀڄڻو آهي، پر ڪنهن ڪنهن موت تي جيءَ کي اهڙي ته جهٻي ايندي آهي، جو سڀ وڄائون وسري وينديون آهن، من ۾ محشر متل هوندو آهي، پر چپن تي ماٺ مڙهجي ويندي آهي. گرامي صاحب ڀيري به ائين ئي ٿيو.

وقت جي اک مان ڳوڙهن وانگر،
ڳڙي رهي آ گهڙِي گهڙي:

 گرامي صاحب جي لاڏاڻي تي، نه رڳو سندس گهررنو آهي، نه رڳو هڪ گهٽيءَ يا شهر ڳوڙها ڳاڙيا آهن، پر ساري سنڌ ان سانحي تي هنجون هاريون آهن، ڇاڪاڻ ته اهو ساري سنڌ لاءِ هڪ گهرو دک آهي، ۽ انهي چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي، ته اهو سموري انسانذات جو دک آهي، ڇو ته گرامي صاحب، بنا ڪنهن ڀيد ڀاءُ، رنگ ۽ نسل جي –پوري  انسانذات جو دوست هو، سڄڻ هو، حسن، حق ۽ خير واري متي جو زبردست پر چارڪ هو، پر ماريت جو، پوءِ اها ڪهڙي به روپ ۾ ڇو نه هجي، توڙ کان ويري هو،  امن  ۽ ماڻهپي ۾ اڻ لڌ ايمان رکندڙ، ان عظيم انسان جي ڌرتيءَ جهڙي ڦهليل سيني ۾، هڪ درد مند دل ٿي ڌڙڪي. هو جو دم جيئو، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سان جهيڙيندو رهيو، انياءُ سان اٽڪندو رهيو، ۽ آخر تائين مات نه مڃيائين.

هُن وٽ پنهنجن کان وڌيڪ پنهنجائپ ۽ دوستن کان وڌيڪ گهرائپ هئي، هو دوستن تان گهور ويندو هو، ۽ دشمنن کان بخش ڪري ڇڏيندو هو.

 چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

 گرامي صاحب جي ذات ۾ انيڪ گُڻ اچي ڪَٺا ٿيا هئا، هو عالم، اديب، شاعر، مقرر، مورخ ۽ نقاد هو. سنگيت وديا جو ڄاڻو هو، اڄ جڏهن پنهنجي آسپاس ٿو نهارجي، ته پِڙ پالهو ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ دل  جي ڪا ڪُنڊ، ڪراچي هوٽل جي اُن مخصوص ڪُند جيان ، جتي شام کان پرهه ڦٽيءَ تائين محفلون مچنديون هيون، ڀڙڀانگ ٿي ڀاسي! ايترين خوبين وارو ڪو شخص، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ڪو نه ٿو سُجهي!

ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي، جو سنڌي ادب لاءِ زندگي جو ڊگهو، بهترين ۽ اَمُلهه حصو ارپڻ جي باوجود به، گرامي صاحب جو هيلتائين ڪو به ڪتاب نه ڇپيو آهي ۽ سندس لکڻيون مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، ادب، ٻوليءَ تصوف، تاريخ، ثقافت ۽ ٻين انيڪ موضوعن کي وڪڙ ۾ آڻيندڙ انهن تحريرن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ تي ته سڀني زور ڏنو آهي، پر هتي سوال اهو ٿو اٿي ته  اهو ڪم ڪري ڪير؟ انڪار انهيءَ کان ڪانهي، پر انڪار انهيءَ کان آهي ته پنهنجي تحريرن جي اهميت ڄاڻائڻ لاءِ اڃا ڪيترن کي مرڻو پوندو؟

اسان سان هڪ ٻي به ويڌن آهي، ته اهڙي صورتحال ۾ اسين سدائين سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن کي اپيل ڪرڻ جي ڌُم لائي ڏيندا آهيون، ۽ انهي سڄي هڻ هڻان ۾ ڏک ان ڳالهه تي ٿيندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ”رسمي“ هوندو آهي. هڪ اهڙي ماڻهو لاءِ جيڪو اخبارن ۾ نالي ڇپائڻ واري انهيءَ سکڻي ڏيکاءُ کي، سڄي ڄمار ننديندو رهيو، ڍڍر نعرن، پورين اپيلن ۽ بي مقصد گهُرن کي ڌڪاريندو رهيو ۽ عملي طور تي اڳتي وڌڻ ۽ پاڻڀري ٿيڻ جو درس ڏيندو رهيو، اسان جو اهو روايتي ۽ رسمي ورتاءُ ويتر ڏک پهچائيندڙ آهي. مان نه ٿو ڄاڻان ته جن اخبارن ۾ گرامي صاحب جا ليک ڇپيا، انهن کيس ڪڏهن ڪو اُجورو به ڏنو يا نه؟ پر ڇا انهن ليکن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ، انهن اخبارن جو فرض نه آهي، جن سندس وفات تي زبردست ايڊيٽوريل لکيا!

ٻين جي لاشن تي بيهي، پنهنجي قد مٿي ڪرڻ کان گرامي صاحب کي بنُڇان ايندي هئي، هُن جي ڪَڇن ۾ نه ته چاپلوسيءَ جون گهوڙيون هيون، نه ئي اکين کي منافقيءَ واري رنگدار عينڪ، هُن جا هٿ صاف هئا، انهيءَ ڪري کيس هٿن تي دستانن چاڙهڻ جي ڪڏهن به ضروت نه پئي، هن کي انهن ماڻهن کان سخت نفرت هئي، جن جي کيسن ۾ مختلف وقتن لاءِ، مختلف نقاب پيل هوندا هئا، ٿورو ڀت ڏانهن منهن ڪيو ۽ پائي ورتو.

”گرامي نمبر“ ۾ ئي ڪٿي ڪنهن مضمون ۾ لکيل آهي ته ”هر وڏي ماڻهوءَ جو قدر اُن جي مرڻ کان پوءِ ٿيندو آهي.“ انهيءَ کي ريٽيندي اهو چوڻ گهران ٿو ته ”ڇا گرامي صاحب جهڙي، عالم کي، اسين اُهي سهوليتون ڏيئي سگهياسين، جيڪي هُن لهڻيون ٿي؟“ يا اڃا به هيئن کڻي چئجي ته ”ڇا اسين گرامي صاحب کان صحيح ڪم به وٺي سگهياسين؟“ ٺيڪ آهي، مان مڃيان ٿو ته ايڊ گرايلن پو بکون ڪاٽيندي تخليق ڪندو رهيو، ايتري تائين جو گهر ۾ ڪا رلي به نه هيس، ۽ هو ڱڱريل رات جو پنهنجي پياري ۽ بيمار زال جي پيرن ۾‎ ٻليءَ کي انهيءَ ڪري ويهاريندو هو، جيئن اُن جو سيءُ جهڪو ٿئي، ۽ ”پو“ پنهنجو پهريون شعري مجموعو صف هڪ ڊالر ۾ وڪيو هو، جيڪو هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ لکن ڊالرن ۾ وڪاڻو آهي، پر سائين منهنجا، هاڻي اسين ”ڪمپيوٽر ايج“ ۾ رهون ٿا ۽ ”پو“ کان ”ايليٽ“ تائين، دنيا ٻه مهاڀاري لڙايون ڏسي چڪي آهي، جپان ۽ جرمني جهڙوڪر ٻيهر اڏاجي چڪا آهن، سارتري نوبل پرائيز کي ٿُڏي ٿو ڇڏي، ۽ اسين گرامي صاحب کي رڳو ميز ڪرسي به نه ڏئي سگهياسين، ميز ڪرسي ته اڃا به پري رهي، پر صحيح  معنا ۾ اسين گرامي کي  Recognition به ڏئي سگهياسين؟ دنيا الاءِ ڪٿي وڃي پُڳي آهي، ۽ اسين آهيون جيڪي پنهنجي چوڌاري وهمن ۽ وسوسن جا ڄار آڻي رهيا آهيون، ۽ نيٺ هڪڙي ڏينهن پنهنجي ئي پکڙيل ڄار ۾ ڦاسي ڦٿڪي مري ٿا وڃون، موءِ کان پوءِ واري قدر افزائيءَ، جي جيستائين ڳالهه آهي، ته ٻين کي ته کڻي ڇڏيو، پر لاکيڻي لطيف کي، جنهن کي اسين پنهنجيءَ پر ۾ دنيا جو عظيم ترين شاعر ڪري ليکيندا آهيون، ڪهڙو مان ڏيئي سگهيا آهيون؟ سواءِ روحاني رازن جي پَڙن جي! شاهه جي رسالي کي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ترين ڪتاب آهي، سواءِ فالن ڪڍڻ جي ٻي ڪهڙي اهميت ڏئي سگهيا آهيون؟ در اصل اسان جو پوريءَ تاريخ سان اهو ئي بي حسيءَ وارو رويو رهيو آهي، ۽ اسان کي اهو رويو بدلائڻ گهرجي، جي اتي به اسين اِٽ هڻي بيهي ٿا رهون، ته پوءِ اسان کي ماٺڙي ڪري ڪو پسار ڪو هٽ کولڻ گهرجي! ادب، آرٽ، موسيقي، مصوري اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي!

گرامي صاحب جي دوستن ۽ مداحن جو حلقو گهڻو ڦهليل هو، ڊاڪٽرن، عالمن، اديبن، ڳائڻن کان ويندي، عام ماڻهن تائين، هر طبقي جا ماڻهو انهيءَ حلقي ۾ شامل هئا، هر ماڻهوءَ سان ان جي ڄاڻ آهر ڳالهائيندو هو، جنهن به ساڻس هڪ ڀيرو ڪچهري ڪئي، اهو سندس قرب جي ڪڙي ۾ ڪڙجي ويندو هو. ايستائين جو ڪيترائي ماڻهو، نه رڳو ادب ٻوليءَ، فن ۽ ٻين انيڪ مسئلن بابت ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا، ۽ سندس راٰءِ کي مان ڏيندا هئا. هو انهن مڙني مسئلن کي ڏاڍي ڌيان ۽ گنڀيرتا سان ٻڌندو هو.

گرامي صاحب نه رڳو پنهنجي تحريرن ۽ تقرين سان، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جيءَ ۾ جاڳرتا جي جوت جلائيندو رهيو، ۽ کين جدوجهد تي اتساهيندو رهيو،  پر هو ادب ۽ ٻوليءَ جي مسئلي تي بنا ڪنهن رُک رکاءَ ۽ ڊپ ڊاءَ جي، عملي طور تي وڙهندو پڻ رهيو، ادب جهڙي ڊگهي ۽ ڏکئي محاذ تي، ليڪي جي هُن پاسي کان، بهتانن ۽ فتوائن جي پٿرن جا وسڪارا هئا، ۽ هو، جيڪو پوري سچائي ۽ سورهيائيءَ سان نوجوان ساٿارين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، ڪَنڊن جا موڙ سر تي سجائي، مُڙڻ ۽ موٽڻ هُن لاءِ مهِڻو هو، هُن رات کي رات چوڻ جو ساهس بخشيو هو، سڀني کي.

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،
 اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين،

 سچل جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس هجي، سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر جاڳئڻو هجي، لنواريءَ ۾ ادبي ڪانفرنس هجي، روح رهاڻ جو جشن هجي، شاگردن جو ڪو ادبي سنڌي زبان سوسائٽي جي ڪا گڏجاڻي هجي، گرامي صاحب اتي ضرور پهچندو هو، انهن موقعن تي ڪيل سندس اهي تقريرون اڄ به پڙاڏو بڻجي ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن.

گرامي صاحب جو پنهنجي نئين نسل جي ليکڪن ۾ اَٽُٽُ ويساهه. هو سنڌ جو نئون نسل آئيندي جي باک جي ساک هو هن لاءِ. هو نئين نسل کي شاهه ۽ سچل جو حقيقي وارث سڏيندو هو، گرامي صاحب نئين ادب جي بانين ۽ پرچارڪن جُلههَ ٿيندي هئي، ته پاڻ سڀني تيرن آڏو پنهنجي سينو تاڻي بيهي رهندو هو، ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جهڙو زبردست مقالو، نه رڳو سندس ساري ڄمار جي مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ ۽ جديد لکندڙن لاءِ ڏَڍُ آهي، پر ساڳئي وقت ويرين لاءِ وڍُ پڻ آهي، ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته انهيءَ مقالي جو رهيل حصو، جيڪو ڪنهن ڪارڻ ڇپجي نه سگهيو، ۽ اهڙو ذڪر مقالي جي آخر ۾ مولانا پاڻ به ڪيو آهي ۽ نجي ڪچهرين ۾ پڻ ڪيو آهي، اُهو ڇپجڻ گهرجي.

سنڌي ادب ۾ گرامي صاحب جي ڪردار جي عظمت جو هڪ اهڃاڻ اهو به آهي، ته هُن ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ جيڪي ڪجهه به ڪيو، اهو پنهنجي ذاتي يا شخصي مفاد لاءِ نه، پر اجتماعي قومي مفاد لاءِ ڪيائين.

توشي ڪارن تندُ، هَڏُ نه هڻان ڪڏهين.

 ادب ۽ ٻوليءَ تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو، گرامي صاحب سڄي سَٿَ جي مُهڙ ۾ هوندو هو.

 گرامي صاحب سڄي زندگيءِ ۾ ٻن ڌنڌن کي اختيار ڪيو، (1) تدريس، ۽ (2) ادب. ٻئي دنيا جا مقدس ڌنڌا ليکيا وڃن ٿا، ٻنهي ۾ جيڪي ڪجهه هُنن ڏنو يا وتو، ان جي ڄاڻ سندس شاگردن ۽ مداحن کي ضرور هوندي، جيستائين تدريسي زندگيءَ جو سوال آهي، ته جيڪي ويل مٿس وهايا ويا، اُن بابت ”گرامي نمبر“ ۾ ٻئي ڪنهن مضمون ۾ اُن جو تفصيلي ذڪر آيل آهي، پر جيستائين ادبي زندگي جو ناتو آهي، ته انهيءَ ۾ گرامي صاحب جيڪي ڪجهه به پرائيو، اهو آهي، ويهن ورهين جي نوڪريءَ کان پوءِ به 16 گريڊ! هو رت ست ڏيندو رهيو، نور نچوئيندو رهيو، ڇا لاءِ؟ ادب لاءِ ٻولي لاءِ، ۽ موٽ ۾ کيس  ڇا مليو؟ کُڏڻي جهڙي جاءِ! بسن جا ڌڪا ۽ ٿاٻا! هتي پنهنجي  اڻهوند جو ميهه ڪرڻ، لنوائڻ جي هڪ ڪوشش ليکي ويندي. هو ساري ڄمار ٻوليءَ، ساهت ۽ سڀيتا جي حقن جي بچاءُ لاءِ جنگ جوٽيندو رهيو، ۽ هُن جا ئي حق ريٽيا ويا، سندس ئي هڪ خط (جيڪو پوسٽ به نه ٿي سگهيو) مان سورن جون هي سٽون.

”...... منهنجو حال اهو آهي، جو مان، لاڳيتو ڪو هڪ هفتو به موڪل وٺي نه ٿو سگهان. اڃا هڪ پرچو نڪري مس ٿو ته ٺڪاءُ مٿان ٻيو رکيو آهي!”.... مون اڄ تائين 13 سالن ۾ حقي موڪل ڪانه کاڌي آهي! نور نچوئي، پروف ڏسي، پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏيو اٿم.“

 ۽ خط تڏهن جو آهي، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس اڃا ”امين منزل“ گاڏي کاتي ۾ هئي، اُهو ئي ون يونٽ جو دور، جڏهن ”مهراڻ“ مان ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا صحفا ڦاڙي ڦٽا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ماضيءَ ۾ ”مهراڻ“ تخليقي ادب جي هڪ اهم دستاويز واري حيثيت حاصل ڪري چڪو هو....... انهيءَ کان پوءِ ون يونٽ ٽٽو. رُت ڦري، سورج شاخون ڪڍيون، پاري ۾ سڙي ويل ٽارين گُل گونچ ڪڍيا، اُمنگون جاڳيون، واءُ وريو ۽ ادب جي اُڀار ۽ ڦهلاءُ جي آس اکين ۾ چمڪي، پر ٿيو هيئن جو انهيءَ واءُ ۾ ميز تان سڀ پنا اُڏامي ويا، اديبن جا ٽولا ٺهي ويا، انهن ٽولن ۾ به ٽولا ٺهيا، هرڪو مصلحتن جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڏيئي کي رت ڏيئي ٻاريو هوسين، انهيءُ کي پاڻ ئي ڦوڪ ڏيئي اُجهائي ڇڏيوسين، ادب سان ٿيل اهڙيءَ ويڌن گرامي صاحب جي حساس ذهن کي ڌوڏي ڇڏيو. سماج ۾ سنڌي اديب جي حيثيت ۽ اهميت ڪهڙي وڃي رهي هئي، انهيءَ جو تجزيو گرامي صاحب هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.

”.......... هو يا ته فلمي گانا لکي، ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڀڳت وجهي گذر ٿو ڪري يا ڍيٻڪيون وڄائي پيٽ جي بک جي باهه ٿو وسائي.

”.........نتيجو اهو ٿو نڪري ته علم ۽ فن جي روشني پهچائيندڙ، انساني ذهن جي تشڪيل ڪندڙ، علم ۽ فن، ادب ۽ آرٽ، فلسفي، ۽ سائنس ، معاشيات ۽ سماجيات تي ڪاوش ڪندڙ، سماجي ۽ معاشي حيثيت سان بکيو ۽ ڏکيو ٿو گذاري،. سندس ٻچا انگ اگهاڙا هوندا، سندس مڪان اونداهو ۽ سوڙهو، صحت ۽ زندگي کان هميشه لاءِ محروم، اڪثر ڪري ڳرين مسواڙن ۾ مبتلا يا ٻين لاءِ لکي گذارو ڪندڙ گگدام ٿي رهجي ٿو وڃي،  صحت ۽ تعليم کان سندس ٻار مرحوم رهجي ٿا وڃن، اها به حقيقت آهي ته سندس مرڻ تي ڪفن ۽ دفن لاءِ به چندا ڪيا ٿا وڃن، سندس پسماندن لاءِ ڪجهه به باقي نٿو بچي، يا ته اهي گهر جو سامان وڪڻي گذر ڪندا ، يا پيءُ جا ڪتاب فوٽ پاٿن تي چئين، چئين آني وڪڻي بک جي باهه اُجهائيندا.“

(گذاش مهراڻ.(3،2 1975)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com