سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :10

سرمد جڏهن دارا سان مليو، تڏهجن اورنگزيب ان موقعي کي غنيمت سمجهي مجموعي طرح سان ڪفر جون فتوائون لکرايون ۽ ساري ملڪ ۾ تقسيم ڪرايون. دارا ۽ سرمد ٻئي جڏهن ته ميان مير سنڌيءَ جا مريد ۽ خادم هئا ۽ ملا بدخشيءَ کان بيعت ورتي هئائون، جيڪو مير جو وڏو خليفو هو، تنهن ڪري دنيا جي ڪابه قوت کين هڪ ٻئي کان جدا ڪري نه سگهي. دارا ظاهر داريءَ ۽ هيله جوئي، مڪر ۽ فريب رياءَ ۽ ڏيکاءُ جي خلاف هو، ۽ سرمد به ان ئي خيال جو هو۔ سندس رباعين ۾ ان قسم جا ڪيئي عجيب غريب نڪتا ۽  مضمون موجود آهن، جن ۾ ظاهرداريءَ جي خلاف جهاد ۽ بغاوت ڪيل آهي، جن کي اڳيان رکي اورنگزيب کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. سرمد هڪ هنڌ چيو آهي:

در کعبه و بتخانه سنگ اوشد و چوب اوشد،
يکجا حجر الاسود، يکجا بتِ هندو شد.

 

(يعني ڪعبي ۾ اهو ئي پٿر ٿيو ۽ بتخانه ۾ اهو ئي ڪاٺ جو بت بنيو، نالن جي فرق کي نظرانداز ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اهو پٿر هڪ هنڌ حجرالاسود چيو ويو ۽ ٻئي هنڌ هندن لاءِ بُت بنيو.)

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

سرمد! تو حديث ِ کعبه و دير مَ کُن،
در کوچئه شک، چو گمرهان، سيرم َ کُن،
رو راهروي ز شيطان آموز،
يک قبله گزين و سجده غير مَ کُن.

 

 (يعني اي سرمد! تون ڪعبي ۽ بتخانه جي فرق جون ڳالهيون ڪري شڪ ۽ شبهي جي گهٽيءَ ۾ گمراهن وانگر ڌڪا نه کاءُ. هلڻ جو طريقو شيطان کان سِکُ ۽ هڪ ئي قبلو اختيار ڪري غير کي سجدو نه ڪر.) ياد رهي ته شيطان، آدم کي سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

 ظاهر آهي ته ان قسم جي معنوي نڪته سنجي ان دور جا ظاهر پرست علماءَ برداشت ڪري نه سگهيا، ۽ اورنگزيب سياسي انتقام وٺندي ۽ سرمد کي دارا جو دوست سمجهندي شرع جي آڙ ۾ کيس ڪرائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مولانا آزاد لکيو آهي ته ”ايشيا جي تاريخ ۾ سياست هميشہ مذهب جي آڙ ۾ رهندي آئي آهي. هزارين خونريزيون سياسي انتقام جي ڪري ٿيون آهن، جن کي مذهب جي چادر ۾ لڪايو ويو آهي...“

ان طرح دارا به خطن ۽ شجرو شاعري ۾ ان قسم جي خيالات جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو، جن کي شرع جا ظاهر پرست عالم ڪفر ۽الحاد سمجهن لڳا ۽ اورنگزيب انهنکان ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون وٺندو رهيو ۽ دارا کي بدنام ڪندو رهيو. لطيف به ظاهرداريءَ جي خلاف فرمايو آهي:

اندر ويهاري ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
اهڙو ٺهلو ٿانءُ، ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين؟
ڇ

يا

مُنهن ته موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوه نه ڇڏئين؟
ڇ

 ان طرح دارا به ظاهرداريءَ ۽ رسمي مذهب پرستيءَ جي خلاف خيالات جو اظهار ڪندو رهيو. هڪ خط ۾ شاه دلربا کي لکيو اٿس: ”الحجھمدللِه  الحمد لله که  از برکتِ صحبت ِ اين طائفه شريفه مکرمه معظمه از دل اين فقير اسلام مجازي بر خاست، و کفر حقيقي رونمود، و معنيٰ اين رباعي عارف نامي مولانا عبدالرحمان جامي ظاهر گشت:

در ديده عيان تو بوده من غافل،
در سينئه نهان تو بوده من غافل،
ازل جمله جهاد نشان تو بوده من غافل
خود جمله نهان تو بوده من غافل

 

(وحدت الوجود جي تشريح ڪندي مولانا جامي حق تعاليٰ کي مخاطب ٿي چوي ٿو: بصيرت جي نگاهه ۾ تون ئي ظاهر هئين، پر مان غافل هوس. منهنجي سيني ۾ نهان به تون هئين، ساري جهان ۾ به تون هئين، بهرحال تون ئي نهان هئين، ۽ تون ئي عيان هئين. هر هنڌ تون ئي تون هئين، پر افسوس جو مان ئي غافل هوس، توکي سڃاڻي نه سگهيس.

مسلمان گر به دانستي که بُت چيست،
بدانستي که دين در بت پرستي است.
درون ِهر بُتي جائيست پنهان،
بزير ِ کفر ايمان ست پنهان.

 

دارا جو اهو سارو خيال لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي:

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاء
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

وحدت الوجود متعلق دارا چيو آهي:


هر خمي پيچي که شد از تاب، زلف ِ يار شد،
دام شد، تسبيح شد، زنجير شد، زنارشد.

 

(يعني سڳي جي هر صورت جا جدا جدا نالا ٿين ٿا. سُٽ جي سڳي. مان دام ٺهي ٿو، تسبيح ٺهي ٿي، زنجير وانگر رسو ٺهي ٿو ۽ ان مان ئي جڻيو ٺهي ٿو. مطلب ته يار جي زلف جو به اهو ئي حال آهي، بس اهو ئي هڪ آهي. باقي سڀ ظاهري صورتون ۽ نالا آهن)

دارا هڪ هنڌ فرمائي ٿو

تا دوست رسيدم، چو از خيوش بزيديم،
از خيوش گذشتن، چه مبارک سفر بود.
ڇ

(يعني جڏهن پاڻ کان ٻاهر نڪتاسون ۽ پاڻ پڻو ڇڏيو سون، تڏهن دوست تائين پهتاسون، سو پاڻ کان نڪرڻ ڪهڙو نه مبارڪ سفر هو!)

فرمائي ٿو:

سلطنت سهل است، خود را اَشنائي فقر کُن؛
قطره تا دريا تو اندشد، چرا گوهر شود.

 

(يعنيِ بادشاهي ڏاڍي سولي چيز آهي، پر پاڻ کي فقر سان اَشنا  ڪر، ڇو ته قطرو جيسين سمنڊ ۾ نه هوندو، تيستائين موتي بنجي نه سگهندو.)

دارا جي ان قسم جي باغيانه تي اورنگزيب پاران حد کان زيادهه ڪفر سازيءَ جون سازشون شروع ٿيون، جن جي ڪري اول دارا مارايو ويو ۽ پوءِ سرمد. حالانڪ دارا ۽ سرمد ٻئي درويش صفت ۽ انسان دوست صوفي هئا. دارا جي عظيم شخصيت متعلق برصغير جو نامور دانشور مولانا ابولڪلام ”آزاد“ لکي ٿو:

”شاهجان جي حڪومت جي آخري زماني ۾ شهزادو دارا شڪوه ولي عهد هو. مغل بادشاهت جي سلسلي ۾ دارا شڪوه هڪ عجيب طبيعت ۽ دماغ وارو شخص گذريو آهي. هميشہ افسوس ڪرڻ گهرجي ته هندستان جي تاريخ جي قلم تي هميشہ دشمنن جو قبضو رهيو آهي، ان ڪري اصل تصوير سياسي سازشن جي گرد و غبار ۾ ڍڪجي چڪي آهي. دارا ابتدا کان وڍي درويشن ۽ فقيرن  جو دوست هو ۽ صوفيانه دل ۽ دماغ وارو شخص هو. هميشہ فقيرن ۽تصوف جي صاحبن جي صحبت ۾ رهندو هو. دارا جون تصنيفات، جي زماني جي هٿ چراند کان بچي ويون آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن جو لکندڙ خود به ذوق ۽ ڪيفيت کان خالي نه هو، اَن جي صاحب ذوق هجڻ جو وڏو ثبوت اهو آهي ته مقصد جي تلاش ۾ ڪعبي ۽ بتخاني جو فرق مٽائي ڇڏيائين ۽ جنهن نياز ڪيشيءَ مان مسلمان فقيرن جي اڳيان سر جهڪائيندو هو، اهڙي ئي عقيدت هندو درويشن سان به جائز رکندو هو. ان اصول کان ڪهڙو صاحب ِ حال اختلاف ڪري سگهي ٿو؟ ڇو ته اهڙي (حال جي) عالم ۾ به اگر ڪفر ۽ اسلام جي تميز ۽ فرق موجود هوندو ته پوءِ انڌي ۽ سڄي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پرواني کي ته شمع کي ئي ڳولڻو آهي. اگر صرف ڪعبي جي شمع جو ئي شيدائي آهي ته پوءِ چئبو ته سوز طلبي ۾ ڪمال نه ڪيو اٿس.“ (ڪتاب ”سرمد شهيد“)

عاشق هم از اسلام خراب است هم از کفر،
پروانه چراغ حرم و دير نه دانند.

 

 سچ ته هي آهي ته دارا جو مثال منصور حلاج، حضرت شاهه شهيد، مخدوم بلال ۽ سرمد وانگر آهي، جن کي ظاهردارن، شرع جي آڙ ۾ سياسي سازش جي تائيد ڪري مارائي ڇڏيو، ورنه اهي سڀ واجب القتل نه هئا، پر واجب الاحترام هئا.

دارا جو تاريخي داستان اڄ تائين تاريخ جي ورقن تي موجود آهي. برصغير جي تاريخ ۾ دارا جو قتل گويا نظريه وحدت الوجود، وحدت انسانيت ۽ وحدت اِديان جو قتل هو. ان جي  مقابلي ۾ اورنگزيب جي فتح ساري برصغير کي محدود نظريه جي تابع ڪري ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو ته اورنگزيب جي زماني ۾ مسلم حڪومت آهسته آهسته زوال پذير ٿي ختم ٿي ويئي، اها ملوڪيت، جنهن جي حفاظت فتوائن جي پاڇي ۾ ڪئي ويئي، تنهن نه فقط اسلام جو روح سلب ڪري ڇڏيو، پر ان سان گڏ برصغير جي اڪثريت واري هندو آباديءَ کي به بدنظن ڪري ڇڏيو. اهي هندو راجائون، جي مغل حڪومت لاءِ دماع جو ڪم ڏيندا هئا، سي مرهٽن جي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا. هڪ طرح اورنگزيب ٻن ننڍڙن مسلمان رياست بيجاپور ۽ گولڪنڊه جي ختم ڪرڻ ۾ پوري زندگي صرف ڪئي، جوانيءَ ۾ دهلي ڇڏيائين ۽ پيرسن ٿي اورنگ آباد ۾ وفات ڪيائين ۽ وري ڪڏهن به دهليءَ جا وڻ نه ڏٺائين. ٻئي طرف سندس اولاد ۾ ڪي به اهڙا لائق منتظم ۽ مدبر پيدا نه ٿيا، جي هڪ زوال پذير مملڪت کي سنڀالي سگهن ها.نتيجو اهو نڪتو جو مرهٽن مغلن جي نظام کي جهوري وڌو، مرهٽن  دهليءَ ۾ فساد مچايو، جامع مسجد شاهجهانيءَ ۾ گهوڙا ٻڌائون، مغلن جي آثار ۽ عمارات مان جواهرات لُٽيائون، ساري ملڪ ۾ تعصب ۽ خونريزيءَ جي باهه ٻاريائون، نتيجو اهو نڪتو  جو اڪبر ۽ دارا جي وحدت ۽ اخوت جي نظريه هيٺ جي لکها هندو اسلام جي قريب اچي چڪا هئا،سي نه فقط تعصب جي ڄار ۾ ڦاسي پيا، پر اڳتي هلي مذهب ۽ قوميت جي بنياد تي  مسلمانن کي تباهه ڪري ڇڏيائون. ان طرح هڪ هزار ساله مسلم حڪومت اورنگزيب جي غلطيءَ جي ڪري هميشہ لاءِ تباهه ٿي ويئي ۽ ان سان گڏ ”وحدت ‎“ وارو نظام ڊهي ناس ٿي ويو! تاريخ اڄ به سوال پڇي رهي آهي ته ”اگر دارا ڪامياب ٿي سگهي ها ته پوءِ بر صغير جي حالت ڇا رهي ها.“ اهو جواب غورطلب آهي.

(سنڌ يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس سوسائٽيءَ جي مخزن ”پوليٽڪوس“ 73_ 1974ع تان ورتل).

سامي

لطيف ۽ سچل وانگر، سامي به پنهنجي دور جو باغي شاعر آهي. ان به تصوف ۽ ويدانت جي اوٽ ۾، مذهب ۽ ڌرم، پنڊتن ۽ٻاوَن، مُلن  ۽ مولوين تي چوٽون ڪيون آهن. سندس اهو شعور يقينا ان دور جي سياسي ۽ ملڪي ڪشمڪش، ڌرمي ۽ مذهبي فرقيبندي، بيروح ۽ رسمي عبادت ۽ تپشيا، ذات پات ۽ رنگ نسل جي ڀيد ڀاءَ جي رد عمل ۾ پيدا ٿيو آهي:

پٿر پوڄا ڪن، ديو نه ڏسن ڏيهه ۾.

مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات

(مهراڻ: 3،2-1964)


 

زهر جو پيالو، صليب ۽ ڪربلا

غلام محمد ”گرامي“

شاعري انسانيت جي ضمير جو آواز آهي. اهو ضمير جوآواز هميشہ بلند رهندو آيو آهي ۽ بلند رهندو ايندو. شاعري انساني تهذيب جي حسن ۽ جمال کي وڌائي ٿي؛ تخيل جي شمع فروزان،اونداهه ۽ انڌوڪار جي دنيا ۾ آب حيات  ڳولي ٿي. شاعري انسان جي دٻيل ۽ گهٽيل جذبات کي اظهار جي قوت ڏئي ٿي، ۽ قوت اظهار کي تلوار آبدار وانگر پاڻي پياري ٿي. شاعري هڪ زخم خورده روح جي آهه ۽ فرياد آهي، پر ٻين مجروح ۽ بيمار روحن لاءِ دوا ۽ دارون آهي. شاعري جگر جو خون آهي، جنهن سان علم ۽ فڪر جي باغ جي گلن ۽ ڦلن جي تازگي ۽ حنابندي وابسته آهي، تڏهن ته شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جز چيو ويو آهي. ٿورن لفظن ۾: شاعري حق جي ڳولائو آهي،  ۽ باطل کان بيزار آهي، جنهن کي جاهل پنهنجي نادانيءَ جي ڪري، ڪفر ۽ گمراهي ٿا سڏين، ’جا هلانش ڪفر داند از خري!‘ ۽ شاعر، زهر پياڪ به آهي، وِهه ڏسي پيو وهسي ۽ خوش ٿئي. شاعر ان ڪري ٿو زهر پئي، جيئن ڪنهن ٻئي معصوم ۽  مظلوم کي ڪٿي زهر نه پيئڻو پوي! اگر ڪو کيس يقين ڏياري ته ساري دنيا جو زهر هڪ ئي ڀيري ختم ڪرڻو آهي، پر ڪو پيئڻ لاءِ تيار نه آهي، ته پوءِ شاعر ئي ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي! هو چوندو ته :”اهو زهر مان ئي ٿو پيئان.“ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو اصل هڪ قطرو به نه بچائيندو! شاعر هر دور ۾ موجود آهي. سقراط به آهي، عيسيٰ به آهي، ته حسين به آهي. ’زهر جو پيالو، صليب ۽ ڪربلا‘ شاعر لاءِ لازم و ملزوم آهي. شاعر هر دور ۾ حق ۽ باطل جي ڪشمڪش جي سلسلي ۾ ڪيڏارو ٿو ڳائي، صليب تي سواري ٿو ڪري، ۽ سوريءَ کي ٿو سينگاري. شاعر ته ڪڏهن ’سرمد‘ وانگر مسجد جي اڳيان تهه تيغ ٿو ٿئي ۽ ڪڏهن ڪربلا ۾ ڪسڻ ٿو قبول ڪري. پر هرحال ۾ حق پسندانه نظريه سان وابسته هوندو. باطل تي ڦٽڪار وجهندي، ڪُسي ويندو، پر باطل اڳيان سر نه جهڪائيندو.

(مهراڻ 1-1976ع)

تمنا

هي گلفشان هوائون،
هي دلربا فضائون،
 

هي سرو جي وڻن جون ڪي پرفضا قطارون،
 

هي جُوي آب رنگين،
هي لاله زار گلشن،
هي آفتاب رنگين،
رنگن جون ڪهڪشائون،
 

مخمل، حرير و ديبا، جن جو بدن سنوارنِ
ڇگوهر فشان ستارا،
 

مستي ۾ رقص ڪن ٿا مدهوش ماهپارا

هي رم گزيده آهو،
 

هي دشت آرزو جا بي اعتبار دلجوُ

هي فڪر و فن جا پيڪر،
 

هي ذهن و روح و دل جا حيرت پناهه زيور،

هي ناز ڪفرو دين لئي،
ڇ

هي منتشر شبيهون، ڪنهن حسن، دلنشين جون
 

هن دور نارسيءَ ۾،
آ دل جي هيءَ تمنا،
هڪ ڀيرو زندگيءَ ۾،
هڪ بت نئون بنايان،
هن حسن ِ منتشر کي،
وجدان ۾ سمايان.

 

ڪافيون

اڄ عقل جي جهرڪي باز جهٽي،
ويو راز جي رُخ تان پردو هٽي.
 

سيني اندر آ سرّ الّهي، سامين آهي صاف سڻائي،
برهه اچي ڪئي آهي ڀلائي، نه ته آءُ ته اصل کان آهيان ڄٽي.
حضرت عشق جي آئي آفت، تنهن علم عقل جي لاٿي حاجت،
سڪ وارن جي ساعت، ساعت، سور اچي آ دلڙي سٽي.
عشق اچي ڪيو آسڻ اندر، مام خفيءَ جي من ڪيو مندر،
قرب ڪيوسين زند قلندر، عقل هاري، جنگ عشق کٽي.
راز جي ٻولي ڪو رازي ٻولي، خيال اندر پو خيال کي کولي،
ڳجهه ”گرامي“ ڳولهي ڦولهي، ٿي عشق گهمي گهِٽِ گهيڙ گهٽي

(بهار 1955ع)

  

(2)

دلبر تنهنجي ديد، گهورن سان ٿي دلڙي گهائي!
1.موت کي مارن، جڳ جڳ جيئن، شوق تنهنجي جا شهيد...
2ـ تنهنجي وڃڻ کي ماتم ڀائِن، تنهنجي اچڻ کان عيد..............
3ـ نانگن پنهنجا ننگ ڇڏيا هِت، ڪهڙي خوشي ۽ خريد.........
4ـ هڪڙي نظر سان آهه نوازي، نرمل نينهن نويد...............
5ـ قرب ڏٺوسين ڪيف ڪَلالي، محبت، مست، مِزيد..............
6ـ مرز رلايون، روح ريجهايون، محبت ماريا مُريد.............
7ـ نوري نگاهون، کلندي کنيائون، سهڻيءَ ساعت، سعيد............
8ـ ونـَخَـن ويجهو، ونگ وصالي، چاهي قرب بعيد............
9ـ محبوبن مهميزون مِٺڙيون، اک سان گفت شنيد..............
10ـ طالب مولا مون لئي گرامي، رومي، جنيد، بايزيد..........
ڇ

(مهراڻ: 1، 1956ع)

(3)

هوت نه نينم هاڻِ- ڀينر جيڏيون- آءُ اياڻي ٿي وڃان.
پٿر پير پٿون ڪيا—ڏيرن ڪيو نه ڄاڻ.......ڀينر جيڏيون
ڏونگر جا هي ڏاکڙا—آيم ڪيچين ڪاڻ......ڀينر جيڏيون
ڪاهي وينديس ڪيچ ڏي-سمر سورن ساڻ.... ڀينر جيڏيون
آهيان اڪيلي اَسُونهين- ڪانهيم ڄاڻ سڃاڻ.. ڀينر جيڏيون
آهــِم آسَ اللهَ ۾- پنهون ايندم پاڻ... ڀينر جيڏيون
گوندر، مليم گود ۾- سندو ڏکن ڏاڻ.... ڀينر جيڏيون
ملندو گرامي پاڻ ۾-- اَريءَ جو اهڃاڻ.... ڀينر جيڏيون
 

(مهراڻ: سرءُ 1955ع)

(4)

پاسي نه پل توکان هٽيون،جيڪي قرب جي ڪاتين ڪٽيون،
اکرن ۾ جي انڌا اڙيا، سڪ سوز کان تارڪ تڙيا؛
منصور جئن سورهيه سڙيا، جن پرت جون پڙهيون پٽيون.
ظاهر زماني ۾ غرق، فاني فنا ۾ بي فرق؛
مامون سندن سڀ بي درڪ، سمجهن اُهي سورن سٽيون.
من معرفت جي ميم سان، تن طلب ۽ تسليم سان؛
جند”وَجهه“ واري جيم سان، رکندا ويا، بازون کٽيون.
تسليم ۾ طالب ٿي رهه، سانگا ڇڏي، پيو سر تي سهه؛
رک پرت وارو يار پهه، پي سڀ شيون کاريون کٽيون.
ڏي عقل کي ڀاري تون ٻن، ڪرشوق کي تون شعله زن؛
رک مام تون محبت جي من، پي پر ڪري، وِهه جون وٽيون
ڪارين ڪڪورين جون ڪٺل‏، مقتل ۾ پيون ڦٿڪن ڦٽيل؛
سڪ سور جون ساڻيون سٽيل، سي ڪئن ورن، جانب جهٽيون
سڪ سور وارا ويا لڏي، ڇوري ڇپر ۾ ويا ڇڏي؛
گولي، غمن ۾ ويا گڏي، منٺار سي منهڙو مَٽيون.
سڪ سور جو کڻ ڪو سمر، آهي زمانو دم گذر؛
اوکو ”گرامي“ آ سفر، گهم عشق جون گهائل، گهٽيون.

(مهراڻ: سيارو 1955)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com