مولانا جي نگاهه دوررس، حساس ۽ نڪته شناس هئي.
زندگيءَ جي مسئلن کي فڪري ڇنڊڇاڻ ڪندي نڀائيندو
هو. سندس نظر دل جي گهراين ۽ دل جي پاڪيزگيءَ تي
رهندي هئي. محبت ۽ اخوت، نرمي ۽ مروت، خوش ذوقي ۽
صلح پسندي سندس مطمع نگاهه هو.
اسان وٽ تنگ نظر ۽ نحوي مولوين جي اڻاٺ نه آهي.
بلند فڪر، اعليٰ سوچ ۽ ڪشاده دل حضرات انهيءَ
گروهه ۾ اڻلڀ آهن. ديني تبليغ ۾ به، خدا جي عذاب ۾
قهر متعلق تمام گهڻيون آيتون پيش ڪندا آهن؛ ليڪن
خدا تعاليٰ جي رحمت بخشش۽ عفو متعلق نگاهه ئي نه
رکندا آهن. پر جي مذهبي فرقه بنديءَ جو ذڪر ڇڙيو
ته مثل ڪپهه ۽ باهه جي ڀڀڙڪو ٿي ويندا آهن! ڪفر جي
فتوا صادر ڪرڻ ۽ ڪنهن کي دوزخي يا مرتد بنائڻ ۾
دير نه لڳندي آهي. مجال آهي جو خدا وند ڪريم جي
لطف، عنايت ۽ انيڪ حسن و رعنائين ۾ نيڪ ظن رکڻ جي
ڪوشش ڪن!
هڪ مجلس ۾ هئاسون ته مولانا صاحب سان هڪ نحوي قسم
جو عالم شخص، ڪنهن مذهبي فرقه بندي جي ڳالهه تان
چنبڙي ويو. چي، اوهين گمراهه ٿيا آهيو وغيره. مون
سان هن صاحب اڳي ڪيئي چوٽون پئي کاڌيون؛ پر مولانا
گرامي صاحب کيس ابوسعيدابوالخير جي هيءَ رباعي
ٻڌائي:
در ڪعبہ اگر دل غيرست تُرا
طاعت همہ فسق و ڪعبہ ديرست تُرا
وردل بخدا وساڪن ميڪده اي
مي نوش ڪہ عاقسبت بخير ست تُرا
ڇ
(ڪعبي جي اندر رهندي به، جيڪڏهن تنهنجي دل غير
ڏانهن آهي ته، تنهنجي سموري عبادت فسق آهي ۽ ڪعبو
تنهنجي لاءِ مثل مڙهيءَ جي آهي؛ پر جي تون ميخاني
۾ آهين ۽ تنهنجي دل خدا ڏانهن آهي ته مي (شراب)
نوش، ڇو ته تنهنجي عاقبت خير سان ٿيندي.
ان بعد مون مولانا صاحب کي چيو:
پيش زاهد از رندي دم مَزَنخ ڪہ نتوان گفت
باطبيب نا محرم حال ِ درد پنهاني-
ڇ
(زاهد جي اڳيان رندي جو دم نه هڻ، ڇو ته نامحرم
طبيب جي اڳيان لِڪل درد جو اظهار ڪري نٿو سگهجي).
انهيءَ تي ڪچهه ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو ۽ تيزي اچي ويئي.
مون ان بزرگ عالم کي عرض ڪيو، سائين! ملي معافي ۽
اتي ئي گفتگو جو موضوع بدلايو ويو.
سو، مولانا صاحب جو فڪر و عمل نهايت وسيع هو.
ڳالهه صرف ايتري آهي جو هو ڊينيات، مذهب ۽ فلسفي
تي رجعت پسند مولوين جي مثل روايتي انداز فڪر جي
خلاف جي خلاف هو ۽ هروڀرو راويتي ڪتابي علمن جو
پرچار به نه ڪيائين ۽ نه دهريت جي حمايت ڪيائين.
هن پنهنجي تحرير، تقرير، گفتار ۽ ڪچهرين ۾ انهيءَ
ادب کي پلٽيو، جنهن ۾ تفڪر ۽ تدبر موجود هجي ۽
ضمير جي تازگي هجي. هن اها ڪوشش ڪئي ته، سنڌي ادب
۾ اهو مواد پيش ڪيو وڃي جو محض تفريحي نه هجي، پر
ذوق جماليات سان ڀرپور هجي، صحتمند روح پيدا ڪري
سگهي، ان ۾ همت ۽ حوصلي جي روشني هجي، حسن ۽ جوهر
هجي، تعمير جو روح هجي، جيڪو انسان جي شعوري
صلاحيتن ۾ حرڪت پيدا ڪري سگهي؛ ستل مزاج کي بيدار
ڪري، ان جو جمود هٽائي سگهي، هيڻن ۽ مظلوم ۽ مجبور
انسانن جو دُک جو دارون ٿي سگهي. تاريخي، فرهنگي ۽
تهذيبي مضامين ۾ ڇنڊڇاڻ، تحقيق ۽ تنقيد جي صلاحيت
کي همٿايو وڃي، جيئن معقول ۽ وزندار حقيقتون ظاهر
ٿي سگهن.
گرامي صاحب هڪ سچي اديب جي حيثيت سان، ”مهراڻ“ جي
موجن سان، سنڌي ادب کي سيراب ڪيو؛ ڪوڙ ۽ ڪپت،
اونداهيءَ ۽ انڌير، ظلم ۽ تشدد، استحصال ۽ استبداد
خلاف هميشه جنگ ڪندو رهيو.
ٽانڊن تي ٽليا، پانڌي تنهنجي پريت جا،
وچڙيا هر ڪنهن وڄ سان، کنوڻين ساڻ کليا،
توسان نيٺ مليا، سَٽون ڏيئي ساهه جون.
ڇ
(اياز)
عبدالله رند
سچائيءَ جو سج
زندگيءَ جي هن دور ۾ ڪئين انسان پيدا ٿين ٿا.
مختلف روپ اختيار ڪري، ڪي زندگيءَ ۾ ئي مري وڃن
ٿا، ته ڪي مرڻ کان پوءِ زندهه رهن ٿا. ڪي ڌاڙيلن
جي روپ ۾، ڪي اسمگلر جي روپ ۾، ته ڪي سياست جي روپ
۾، زندگيءَ جو سفر ختم ڪن ٿا، ليڪن ڪي انسان وري
ادب جي روپ ۾ زنده رهن ٿا. حقيقت ۾ ادب لفظ به هڪ
اهڙو فضيلت وارو، نهٺائيءَ وارو ۽ خوبصورت لفظ
آهي، جنهن جي وجود ۾ چڱائي، اخوت ۽ سچائي آهي.
ادب وارو انسان اديب ۽ مفڪر ، تاريخ دان ۽ شاعر
ٿي، پنهنجي ماروئڙن ۽ وطن تي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف قلم
ذريعي آواز اٿاري ٿو. انسان ذات جي فڪري، سماجي،
اصلاحي، اخلاقي توڙي روحاني تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ
اديب وڏي رهبر جو ڪم سرانجام ڏئي ٿو.
اديب ۽ مفڪر تمام اهم مقام ۽ حيثيت رکي ٿو، جيڪو
انسان ذات کي سبق ڏيئي، انسان ذات ۾ هڪ قسم جي
لرزش پيدا ڪري ٿو. ان جو اهو ئي ثبوت آهي، ته دنيا
جي تاريخ هر اديب، دانشور، مفڪر ۽ فلاسافر کي مدبر
۽ سچائيءَ جو سج سڏيو آهي.
جڏهن هڪ انگريز کان پڇيو ويو، ته اگر توکي چيو
وڃي، ته تون شيڪسپئر يا انگلنڊ مان ڪنهن کي پسند
ڪندين؟ انگريز جواب ڏنو، شيڪسپيئر، ڇو جو،
شيڪسپئر جو مواد، ڊراما منهنجي نظر ۾ انگلنڊ کان
وڌيڪ پيار آهن.
ادب جي ميدان ۾، سنڌ ڪئين املهه ماڻڪ پيدا ڪيا
آهن. انهن ۾ مولانا گرامي صاحب پنهنجو مٽ پاڻ هو.
سنڌ ۾ مولانا گراميءَ جهڙو شخص، شايد مشڪل سان
پيدا ٿئي. گرامي صاحب صرف اديب، شاعر، اسڪالر ۽
مفڪر نه هو، پر ملنسار، ڪچهريءَ جو مور، زنده دل،
کل مک، همدرد، بردبار، سچ چوندڙ، دوستن جو دوست ۽
فقيراڻي طبيعت جو مالڪ پڻ هو. سنڌ جي هن عظيم
فرزند، سنڌي زبان، تاريخ ۽ ادب جي خدمت ڪري، سنڌ
وارن تي وڏو احسان ڪيو آهي.
زندگي ڇا آهي؟ مان ڇا آهيان؟ اي انسان..........
گرامي صاحب جو مقالو، جيڪو پاڻ 13 آڪٽوبر 1954ع تي
”شاهه صاحب جو پيغام، چوڏهين صديءَ جي نام“ ڀٽ
شاهه تي پڙهيائون.
انسان ”ڪُل شَيءِ يَرجِـع اِليٰ اصلہ“ وانگر ٽٽل
تارو آهي، ضرور وڃي پنهنجي اصل سان ملندو، اهو
لازمي اَمر آهي.
”نئين زندگي“ فيبروري 1967ع جي مضمون ”الفرقان“ ۾:
”قرآن موت کي پڻ معمولي قرار ڏنو آهي. موت هڪ
نفساني ڪيفيت
’لڪُل نفَسّ ذائِقَتہُ الموت‘ چئي نفس تائين موت
کي محدود رکيو ويو آهي. انسان رڳو نفس نه آهي، موت
کان پوءِ حيات جو ابدي ۽ ازلي اصول، تناسخ جي چڪر
کي ختم ڪريو ڇڏي.“
انسان فڪرات ۾ تمام اونهائي ۾ وڃي، ڪيڏو نه فلسفي
جو اظهار ڪيو اٿس. مون سندس ڪتاب، مضمون ۽ تقريرون
ٻڌيون آهن. جيڏو پاڻ مضبوط ۽ جانٺو مڙس هو، تهڙيون
ئي سندس طاقتون ۽ مدبرانه احساس ڏياريندڙ تقريرون
هيون. مذهبي معاملو هجي يا ادبي شاعري هجي يا
تاريخ، پاڻ سڀني موضوعن تي مڪمل عبور رکندڙ هو.
گرامي مري نٿو سگهي. اسان جو سونهون ۽ اڳواڻ مري
نٿو سگهي. موت جي ڇا وقعت آهي، جيڪا گرام صاحب
جهڙي عظيم دانشور کي ختم ڪري سگهي. اهڙا لک موت
گڏجن، اسان جي املهه ماڻڪ گرامي صاحب کي، اسان کان
کسي نٿا سگهن. سنڌ جي عوام جي رهبري ڪندڙ، اٻوجهه
ماروئڙن جي رهبري ڪندڙ گرامي، ته اَمر آهي.
گرامي زندهه آهي ۽ زندهه رهندو، سندس آواز قائم ۽
دائم رهندو. گرامي جهڙا، عظمت جا مالڪ مرندا ناهن.
انسان ذات جي اهڙن محسنن کي، تاريخ جي هر دور ۾
ياد ڪيو ويندو آهي ۽ سندن تحريرن کي ساهه سان
سانڍيو ويندو آهي.
ڪنهن جنهن پوُر پچائيا، پنجين ڏينهن پَهي،
اندر آديسين کي، سُورن شاخ ڪئي،
محبت جي ميدان ۾ لاشڪ پيا لهي،
ساري رات سيد چئي، تن گوندر ساڻ گئي،
ڪريو سيڻ سهي، لُڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
_شاهه
خان محمد پنهور
ويا جي هنگلور
دل تسليم ئي نه ٿي ڪري ته مولانا گرامي لاڏاڻو ڪري
ويو آهي. ڪالهوڪي ڳالهه ئي ته آهي، سندس گاڏي کاتي
واري جاءِ تي آءُ ۽ عبدالرزاق چانڊيو ساڻس رهاڻ
ڪرڻ وياسون. ڏاڍيون ڪچهريون ڪيوسين، دنيا جي بي
حسي، ادبي اجاري داري، سندس علمي اهميت جي بي
قدري، سدس ڪتبخاني جي مستقبل بابت مايوسي ۽ ٻيون
اوڀاريون لهواريون ڪيوسين.
سندس خوش مزاجيءَ مان دنيا جي بي حسيءَ بابت ٽهڪڙو
ظاهر ٿي رهيو هو. اسان چيس ته لئبرري ڪنهن علمي
اداري کي ڏيو. چوڻ لڳو، ڪو هجي سنڀالڻ وارو ۽
ڪتابن جي پر گهور لهڻ وارو ته ڏيان. ان تي
عبدالرزاق چيس ته ”سائين! مهراڻ آرٽس ڪائونسل کي
ڏيو.“ چيائين، ”ڪتابن لاءِ وڃي ڪٻٽ ٺهراءَ ته پوءِ
ڪتاب ڏيانءِ“
سندس گهر وارو اندريون ڪتبخانو اسان ڪو نه ڏٺو، پر
ان ٽڪنڊي ماڙيءَ ۾ ڪتاب، اخبارون، پراڻا قلمي نسخا
۽ ٻيون ناياب قلمي ڪاوشون هڪٻئي مٿان بي ترتيبيءَ
سان سٿيون پيون هيون. چوڻ لڳو ته ضرورت وقت مون
کي به گهربل ڪتاب نه لڀندو آهي. منهنجي اسرار تي
سنڌ جي بزرگ شخصيت محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تي
هڪ ناياب ۽ طويل مضمون لکيو هئائون، ليڪن سندن
چوڻ مطابق شهر مان سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس
ڄامشورو بدلجڻ ڪري سندس ذاتي ڪتاب، جيڪي گهر ۾
گنجائش نه هئڻ ڪري، مهراڻ جي دفتر ۾ پيا هئا؛ سي
سڀ هيٺ مٿي ٿي ويا ۽ ٻن سالن کان اهو مضمون ڪافي
ڳولا ڪرڻ جي باوجود به نه لڀي سگهيو. آءُ جڏهن به
ملندو هوسانس ته مضمون جي تقاضا ڪندو هوسانس.
چوندو هو ته بي ايمان،(جيڪو سندس تڪيه ڪلام هو)
گوڏ ٻڌي ڪوٺڙيءَ ۾ هلي ڳولهه ته خبر پوئي. بهرحال
اهڙيون ڪيتريون ئي قلمي ڪاوشون مولانا جون آهن،
جيڪي بي ترتيبيءَ ۽ بي توجهيءَ جو شڪار ٿي ويون
آهن، جن جي ترتيب ۽ تصنيف لاءِ باقاعدهه هڪ اداري
جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ منهنجي خيال ۾ سنڌي ادبي
بورڊ کان وڌيڪ ٻيو ڪو ادارو مناسب نه آهي، جنهن تي
مولانا جو حق به آهي؛ ان لاءِ گرامي صاحب پنهنجو
رت ست ڏنو. حيدرآباد کان ڄامشوري سواريءَ جي معقول
انتظام نه هئڻ ڪري، هڪ دفعي پاڻ بس مان ڌڪو به
کاڌائين، تڏهن به دل شڪستو ٿي نوڪري ڇڏڻ جي نيت نه
ڪيائين، ڇو ته هو مهراڻ جي نوڪري براءِ نوڪري نه،
پر نوڪري براءِ خدمت ڪندو هو ۽ مهراڻ رسالو، جنهن
کي ڊاڪٽر دائود پوٽي، حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر
بلوچ، ابراهيم جويو ۽ ٻين بزرگن جي ادارت حاصل
هئي، جيڪو هڪ رسالي کان وڌيڪ علمي تحريڪ هئي، تنهن
کي گرامي صاحب خوش اسلوبيءَ سان جاري رکيو، باوجود
ان جي جو ڪن ناعاقبت انديش ماڻهن کين تنقيد جو
نشانو بنايو، ليڪن مولانا ”فقير رمندا رهيا“ جي
چوڻيءَ مطابق پنهنجي ڪم ۾ مگن رهيا ۽ ڪنهن کي جواب
به نه ڏنائون.
هتي گذارش آهي ته مولانا جو علمي خزانو، بورڊ سندس
پوين کان خريد ڪري ۽ بورڊ جي عمارت ۾ سندس نالي
سان ڪتبخانو کوليو وڃي ۽ قلمي مسواد شايع ڪرايا
وڃن. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌالاجيءَ کي
به عملي مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هونءَ به گرامي صاحب
وسارڻ جهڙو نه آهي. سندس مدلل تقريرون اڃا ڪنن ۾
ٻُرن پيون، ڇو ته هو اسٽيج جو ڌڻي هو. سندن آخري
تقرير پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ مرحوم شاهنواز ڀٽي جي
ورسيءَ جي موقعي تي ٻڌم، جنهن ۾ خاص مهمان سنڌ جو
سينئر وزير جناب عبدالوحيد ڪٽپر هو. گڏجاڻيءَ ۾
ٻين کان سواءِ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي جناب
شيخ اياز، پرووائيس چانسيلر جناب غلام رباني آگرو،
مولانا قاسمي صاحب، حميد آخوند صاحب، جمال ميراڻي
۽ ظفر ڪاظمي پڻ هئا. سرشاهنواز ڀٽي جي زندگيءَ جي
باري ۾ سندن تقرير نهايت مدلل ۽ تاريخي حقيقتن تي
هئي، جنهن کي ڪٽپر صاحب گهڻو ساراهيو.
فنڪشن کان پوءِ جڏهن ٻيا ماڻهو هليا ويا، ۽ مولانا
قاسمي، حميد آخوند، جمال ميراڻي، ظفر ڪاظمي، آءَ ۽
ڪجهه ٻيا دوست بچياسون، تڏهن مولانا کي چيوسين،
سائين! ويهو ته ڪچهري ڪريون. پاڻ چيائين ته جمال
ڪڙهائي گوشت ڪو نه کائيندو، ان ڪري آءُ ڪو نه
ويهندس. مولانا جي ان فرمائش تي فوراّ ڪڙهائي گوشت
اچي ويو، جيڪو سڀني دوستن کاڌو، گرامي صاحب ٻه
ڪلاڪ کن ڪچهري مچائي.
منهنجي سنڌ جي تاريخ ساز سياسي، علمي، ادبي شخصيت
سان گهري دلچسپي پئي رهي آهي. ان سلسلي ۾ دوست
اعجاز سنڌيءَ سان گڏجي سنڌ جي شخصيتن تي سنڌي
پبليڪيشن طرفان’شخصيت نمبر‘ ڪڍڻ شروع ڪياسون. غلام
مصطفيٰ شاهه، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حسام الدين
راشدي، حيدر بخش جتوئي وغيرهه نمبر ڪڍياسون. ان
سلسلي ۾ ساڻن صلاح مشورا ٿيندا هئا، جن مان آءُ ۽
اعجاز مستفيض ٿيندا رهياسين. سنڌي پبليڪيشن طرفان
حاتم علوي مرحوم جي سهڪار سان شيخ عبدالميجد
سنڌيءَ سان هڪ شام بسنت هال ۾ ملهائي سون، جنهن ۾
حاتم علوي، ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر الانا، گرامي صاحب ۽
ٻين بزرگن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڻ شيخ
صاحب جهڙي تاريخ ساز شخصيت جو زندگيءَ ۾ قدر ڪرڻ ۽
مردم شناسيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي
هئائون. تاريخ ساز شخصيتن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي
سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ سيخ عبدالمجيد سنڌي ايڪيڊمي
قائم ڪئي سون، جنهن جو مقصد پڻ سنڌ جي بزرگن ۽
قومي شخصيتن تي ڪم ڪرڻو هو. ان سلسلي ۾ اسان شيخ
صاحب جي سالگرهه ۽ مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ
جي ورسي به ملهائي. گرامي صاحب وقت بوقت اسان کي
ايڪيڊميءَ لاءِ پڻ صلاحون ڏيندا رهندا هئا.
بهرحال، اهڙيون شخصيتون، جيڪي شخصيتن کان وڌيڪ
تحريڪون آهن، اهي امر آهن ۽ زندهه قومن جو فرض آهي
ته انهن جو قدر ڪن.
تان ڪي ساڻن اور، جان آهين اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
ويا جي هنگلور، ته ڪرمين ملندءِ ڪاپڙي.
(شاهه)
لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا،
هٿان حبيبن، ڪونه ڏکويو ڪڏهين.
(شاهه)
سوز هالاڻي
........پڳهه کڻي پنڌ پيا
مولانا گرامي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات محترم
”ناشاد“ ڪرائي هئي. جهڙو ٻڌل هوم، ان کان به گهڻو
بلڪ گهڻو، وڌيڪ پاتم، پهرين ملاقات ۾ ئي اجنبيت ۽
اوپرائپ جو احساس قطعي نه رهيو. ۽ مان سندس عظمت
کان بيحد متاثر ٿي، سندس ڳڻ ڳائيندو واپس وريو
هوس. ان بعد ڪيتريون ئي ملاقاتيون ٿينديون رهيون.
مولانا صاحب هڪ پروقار شخصيت جو مالڪ، علم ادب جو
ڀنڊار ۽ اڻ کٽ کاڻ هو. هن ادب جي اونهي ۽ عميق
پاتال ۾ پيهي سِپون سوجهيون، لعلون لڌيون ۽ موتين
جون جهوليون ڀري آڻي ڪنڌيءَ تي ڪٺيون ڪيون. ائين
موتي ۽ ماڻڪ ميڙيندي، هڪ ڏينهن خود به هڪ اَملهه ۽
اَلڀ موتي بڻجي ويو، جنهن کي زماني جي ڪابه لَٽَ
لَٽي نه ٿي سگهي ۽ ڪابه ڪَٽُ ڪَٽي نه ٿي سگهي.
مولانا صاحب جي ادبي ۽ فني صلاحيتن تي لکڻ ڏکي
ڳالهه آهي. مان هن معاملي ۾ اڻ گهڙيو ڪاٺ ۽ سيکڙاٽ
آهيان. مان هن ڌرتيءَ جي ڌوڙ آهيان ۽ هوُ اُڀ جو
تارو. ان هوندي به پنهنجي ناقص مطالعي ۽ مشاهدي ۾،
کيس نهايت ئي عظيم پاتو اٿم. هو هڪ ئي وقت اديب،
شاعر، عالم، دانشور ۽ محقق هو. منجهس وڏي ۾ وڏي
اها خوبي هئي، جو هر موضوع تي ڳالهائي ويندو هو ۽
نهايت عالمانه ۽ دانشورانه بحث ڪري، وڃي پار پوندو
هو. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جو ته کيس ڏاڍو ڏانءُ هو.
ادب هجي يا موسيقي، مذهب هجي يا سياست، ثقافت هجي
يا صحافت، مطلب ته هر معاملي ۾ پنهنجو مُٽ پاڻ هو.
موضوع ڪهڙو به هجي، ستت ئي ان جي تهه تائين پهچي
ويندو هو، ۽ بيحد جامع، تُز ۽ بامقصد وضاحت ڪري
ڪاميابيءَ سان موضوع کي نڀائي ويندو هو. سندس فصيح
بيانيءَ ۽ شيرين زبانيءَ جو ان ۾ خاص دخل هو. سندس
سوچ سکڻي ۽ سطحي هر گز نه هو، بلڪ تصور ۽ تخيل
انتهائي بلند پرواز هو. شاعري جيتوڻيڪ سندس بنيادي
سبجيڪٽ نه هو، ان هوندي به هن غزل جي روايتي
شاعريءَ کان وٺي، آزاد نظم تائين بيحد اثرائتا ۽
ڪارائتا نظم لکيا، شاعريءَ جي مختلف صنفن تي
ڪيترائي محققانه مقالا ۽ مضمون پڻ لکيائين، جن ۾
”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ هڪ عظيم
مقالو آهي. زندگيءَ ۽ ادب جي مختلف کيترن ۽ مختلف
موضوعن تي، سندس لکيل ڊگها مقالا اڄ به سندس عظمت
جي ساک ڀري رهيا آهن.
مولانا صاحب ادب جي جمود، هڪ هٽيءَ ۽ سکڻي نعري
بازيءَ جي سخت خلاف هو. هن ڪيترن ئي نوَن شاعرن کي
مهراڻ ذريعي اُجاگر ڪيو، جيڪا ڳالهه ڪجهه دوستن کي
نه وڻندي هئي ۽ هو مهراڻ جا ورق ورائيندي، نوان
شعر پڙهندي منهن ۾ گهنج وجهندا هئا؛ پر هي يار نه
مُڙيو ۽ پنهنجي ڌُن ۾ مست رهيو ۽ اڄ اهي هن وقت
مشهور ليکڪ ۽ شاعر آهن.
مولانا کي پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ سان بيحد لڳاءُ ۽
قرب هو. پاڻ ادب ۾ فيشن طور شامل نه ٿيو هو. نه ته
ڇا مولانا ۽ ڇا جديد ادب. هو انهن هٿ ٺوڪين ترقي
پسند شاعرن مان هرگز نه هو، جيڪي ايئر ڪنڊيشنڊ روم
۾ ويهي، پنهنجي ڀَڀُ ڀري پوءِ پيٽ بکين ۽ انگ
اُگهاڙن سنڌين جي بيوسيءَ جو رڪارڊ وڄائيندا آهن.
پاڻ ته مٿي اگهاڙا، ”ڪلين شيو“ ۽ ”بيل باٽمي“
هوندا آهن، پر سنڌين جي اَجرڪ، پٽڪن ۽ شهپرن جو
ڍنڍورو پِٽيندا آهن؛ پر مولانا ائين نه هو. هن
ڪڏهن به ولائتي ويس نه پاتو ۽ نه ڪڏهن ”سڻ ۽ سڄڻ
سون تي مٽيائين.“ هن پنهنجي روايتي لباس پهرڻ ۾ ڪا
به بُڇان نه محسوس ڪئي.
مولانا صاحب جي عام زندگي نهايت فقيرانه هئي. سندس
رهڻي ڪهڻي، چوڙ ماڻ، نهايت سادي ۽ سلوڻي هئي.
اجائي ڏيک ۽ مصنوعي ٺٺ ٺانگر کان وهلور ويندو هو.
پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، ڳالهين جو ڳهير، محفلن جو
مور، کلمک ۽ نهايت ئي خوش طبع انسان هو. سندس چرچا
۽ دلچسپ نُڪتا اڃا تائين ڪَنن ۾ پڙاڏا بڻجي گونججي
رهيا آهن.
گرامي صاحب سنڌي عوام کي پنهنجي تقريرون ۽ تحريرن
ذريعي، گهڻوئي ڪجهه ڏنو آهي ۽ ان جي عيوض ۾، کيس
اهوئي عطا ٿيو، جيڪو هر سنڌي اديب کي جيئري عطا
ٿيندو آهي! اڄ جيتوڻيڪ مولانا گرامي اسان وٽ موجود
نه آهي؛ پر سندس ادبي ۽ علمي شاهڪار اسان وٽ محفوظ
۽ موجود آهن، جيڪي لافاني ۽ زندهه جاويد آهن. اهي
وڏي واڪ چئي رهيا آهن، ته مولانا صاحب زندهه آهي،
سدا حيات آهي، امر آهي. جڏهن به سندس سرانجام ڏنل
ادبي خدمتون ياد اينديون. مان جڏهن به سندس بيٺڪ
وارين جاين ۽ خاص ڪري ڪراچي هوٽل وٽان لنگهندو
آهيان، ته مون کي اهي ڀيڻيون شاهه جي سر سامونڊيءَ
جي وائيءَ جيان سنسان، خاموش ۽ وياڪل لڳنديون آهن.
مون کي شاهه جي سر سامونڊيءَ جا ڪيترائي بيت دل تي
تري ايندا آهن ۽ مان بي اختيار، هي بيت
جهونگاريندو چپ چاپ هليو ويندو آهيان:
ننگر ۽ ناريون، پڳهه کڻي پنڌ پئا،
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ري.
(لطيف)
ممتاز مهر
مولانا گراميءَ جي شخصيت
1964ع ڌاري، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ملهايل پهرين
”سنڌي شام“ ۾ جنهن مقرر سامعين تي گهڻي ۾ گهڻو
تاثر ڇڏيو، اهو هو مولانا غلام محمد گرامي. هن
جنهن جامع ۽ دلچسپ انداز سان، سنڌ جي قديم تاريخ
جي مختلف پهلوئن تي ڳالهايو، تنهن ٻڌندڙن کي گهڻو
محظوظ ته ڪيو، پر گهڻن لاءِ اچرج جو به باعث هو،
ڇاڪاڻ ته اڪثر ماڻهن، اڳ ۾ اهي ڳالهيون نه ٻڌيون
هيون، نه پڙهيون هيون.
گرامي صاحب پنهنجي تحرير ۽ تقرير ۾، جڏهن به قديم
سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب بابت نڪتا بيان ڪيا، سي بنا
حوالن جي ڪو نه هوندا هئا، اُهي مشهور معروف مسلم
۽ غير مسلم تاريخدانن ۽ مورخن جا هوندا هئا.
ويجهڙائيءَ ۾ مون انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ احمد
عبدالله جو لکيل هڪ مضمون ”The Vital Role played By Sindhis“
پڙهيو، جنهن ۾ هن، گهڻي ڀاڱي ساڳيون ڳالهيون،
حوالن سان بيان ڪيون، جيڪي مولانا گرامي چوندو هو.
انهيءَ سان نه صرف گرامي صاحب جي گهڻن ئي تاريخي
حوالن جي تصديق ٿي، پر اهو به ثابت ٿيو ته مولانا
نه صرف سنڌ، پر عالمي تاريخ ۽ تهذيب جو وڏو ڄاڻو
هو.
مولانا گراميءَ جي مقالي ”مشرقي شاعريءَ جا فني
قدر ۽ رجحانات“ ادبي دنيا ۾ وڏو ٿرٿلو پيدا ڪيو.
لاشڪ اهو مقالو، سنڌي تنقيدي ادب ۾ اهم حيثيت رکي
ٿو. ان کان سواءِ، مولانا گراميءَ، گذارش جي عنوان
سان، رسالي”مهراڻ“ ۾، علم ۽ ادب جي مختلف موضوعن
تي جيڪي ايڊيٽوريل لکيا، سي پڻ سندس قلمي قوت ۽
ڳوڙهي اڀياس کي ظاهر ڪن ٿا.
مولانا غلام محمد گرامي ادب ۾ ترقي پسند قدر ۽
لاڙن جو قائل هو. هو سچو محب وطن ۽ انسان دوست
اديب هو. کيس انسان جي آزاديءَ ۽ اظهار جي آزاديءَ
۾ پختو يقين هو. هو هميشہ جمهوري قدرن لاءِ ئي
جدوجهد ڪندو رهيو ۽ علم ادب جي چمن جي اُبياري
ڪندو رهيو.
اسلم سنديلو
ماضيءَ جي رڻ ڏانهن
مان اداس آهيان-منهنجي سيني ۾ حسرتن جا لاسا رُلي
رهيا آهن-مون کي لڳي رهيو آ-مان انهن لاشن جيان
لاوارث ٿي ويو آهيان.
منهنجو ذهن باز جيان پنهنجا پَرَ پکيڙي ٿو، شايد
خيالن کي شڪار ڪرڻ لاءِ، پر واپس وري ٿو.
هڪ سوچ، جنهن پريشان ڪيو آ مون کي ۽ منهنجي ذهن
کي. لاشعوري طور، مٿي ڏسان ٿو، جت ڪارن ڪڪرن جي
آسمان کي ماتمي لباس پهريل هو. شايد منهنجي روح
جيان راڙو ڪري رهيا هئا.
ماضيءَ جي رڻ ڏانهن، منهنجو ذهن ڪنهن واٽ وڃايل
پانڌيءَ جيان هلڻ لڳي ٿو.
”ها ادا، ڏي حال احوال“. هن پنهنجي عينڪ کي صاف
ڪندي پڇيو.
”حال خير جا، ڪالهه آيو آهيان.“ وراڻيم ”توهان ته
خوش باش آهيو ني.“ مرڪي چيائين: ”ظاهري طرح ته
خوش آهيان، باقي روحاني طرح.........!“ هو جملو
پورو ڪري نه سگهيو، مان هن جي چهري ڏانهن ڏسڻ لڳس.
’مان توهان جي روح ۾ پيل وقت جا گهاءُ ڏسي رهيو
آهيان، توهان ڪيترو به لڪائڻ چاهيو، پر لڪائي نٿا
سگهو. توهان جي چهري تي پيل پريشانيءَ جون
ريکائون، اندر جو آئينو بڻجي‘ منهنجي سامهون ظاهر
آهن. توهان مون کان ڇو ٿا لڪايو!‘ چوڻ چاهيم، پر
چئي نه سگهيس. سندس اداس چهري ڏانهن خاموشيءَ وچان
گهورڻ لڳس. پاڻ ئي چيائين: ’مان اڪثر هت ويهندو
آهيان، هتي ذرا تنهائيءَ وارو ماحول ملي ٿو وڃي.‘
مان بلڪل خاموش رهيس.
ذهن جي پردي تي چٽيل ماضيءَ جي جهلڪ ميٽجي وئي.
منهنجون نظرون روڊ تي هلندڙ ماڻهن جي ٽولي ۾ کپي
ويون، جن جي آواز ذهن ۾ ماضيءَ جي بيٺل ديوارن کي
ڊاهي ڇڏيو........مان سوچي رهيو آهيان ’جي اسان
پنهنجي اديبن کي انهي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لڳاسين، ته
پوءِ اهو ڏينهن تمام جلد ايندو، جڏهن اسان ۾ ڪو به
هڪ اديب، پاڻ کي اديب چوائڻ جو حقدار نه هوندو‘
مان ان مهل به خاموش هيس، جڏهن روڄ راڙي کانسواءِ،
گرامي صاحب هميشہ لاءِ، تنهائيءَ جي ڊگهي رات ۾ گم
ٿي ويو هو ۽ اڄ به خاموش آهيان، جڏهن گرامي صاحب
جي ادبي خدمتن کي ڀُلايو وڃي ٿو. منهنجي ڳالهائڻ ۽
نه ڳالهائڻ جي وچ ۾، جنهن شيءَ جو دخل آهي، اها
حقيقت آهي؛ ته گرامي صاحب پنهنجي پٺيان، جيڪا ادب
جي عظيم ڏياٽي ٻاري ويو آهي، سان ڪڏهن به اجهامي
نه سگهندي.
احمد خان ”آصف“
هالار جبل جيان اٽل ۽ اڏول
ميهڙ جي هڪ پورهيت شخص جاڙي خان بلوچ جي گهر ۾،
سال 1920ع جي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڏينهن-ڏيڍ هو ته هڪ
نينگر 30- ڊسمبر تي تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام
محمد رکيائون. اُهو غريب جو ٻار اڳتي هلي هڪ عالم،
فاضل، اديب،شاعر، مورخ ۽ محقق جي حيثيت ۾، حضرت
مولانا غلام محمد گرامي جي نالي سان، سنڌ جي مشهور
معروف شخصيت ۾ شمار ٿيو.
صحافت ۾ ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو ڪامياب ايڊيٽر
ٿي رهيو. استاد جي حيثيت ۾، پرائمري کان وٺي،
جامعه عربيه ۽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾،
علم جي روشنيءَ سان، طالب العلمن جون دليون منور
ڪري ڇڏيائين. ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪرڻ بيهي، ته
سامعين تي اهڙو سحر هلائي، جو شام کي ڀلي ته سحر
ٿي وڃي، ته ٻڌندڙ همه تن گوش هوندا. سندس هر تحرير
جي عبادت شسته، شگفته، بوقلون، موزون، دلنواز، ۽
دلپسند هوندي هئي.
پنهنجي اصول ۾ اهڙو اٽل ۽ اڏول، جهڙو هالار جبل،
ادبي مخالفت هجي يا شخصي، ڪابه پرواهه نه هوندي
هُيس. آخري طرح پنهنجو رت، ست، علمي ۽ ادبي
لياقتون ۽ صلاحيتون، سموريون مهراڻ رسالي کي ترقي
وٺائڻ تي صرف ڪيائون. سندس اخلاق ۽ اطوار به
عالمانه، اعليٰ ۽ اُوچا هوندا هئا. دوست تي مهربان
۽ دشمن تي به احسان ڪرڻ وارو شخص هو.
”لطيف سائينءَ پنهنجي دور ۽ ماحول کي، سماجي
ردوبدل کي، مذهبي حالتن کي، عوامي زندگيءَ کي،
رياست ۽ حاڪميت کي، رڳو ظاهري نظرن سان نه، پر
بصيرت وارين اکين سان مطالع ڪري، هڪ پيغمبر جي
زبان سان ورجايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس
پيغام ۾ دائمي قدر موجود آهن. سندس پيغام هر دور
لاءِ ۽ هر سماج لاءِ هڪ آدرشي ۽ مثالي نصب العين
رکي ٿو.“
_غ .م.گرامي
(مهراڻ: 1/2. 1966ع)
پروفيسر گل محمد گلاڻي
ويا سي
وينجهار.........
بغل منجهه بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،
ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.
جيڪو گهَڙيو آهي تنهن کي پڇڻو آهي. موت کان ڪنهن
کي پناهه ڪونهي. فرشته اجل خاموش قدمن سان، هر هڪ
جو پيڇو ڪري رهيو آهي. پير هجن يا پيغمبر، اوليا
هجن يا قطب، امير هجن يا شهنشاهه ڪو به هن کان پاڻ
بچائي نٿو سگهي.
لاکا لک سڄڻ، پر ڦلائيءَ ڦير ٻئو،
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سنڪو نه لهي.
جڏهن اجل اچي ٿو، ته ان کي نه هڪ گهڙيءَ لاءِ اڳتي
ڪري سگهجي ٿو ۽ نه پوئتي هٽائي سگهجي ٿو. ڪَڙا ۽
ڪوٽ هن کان پناهه نٿا ڏيئي سگهن. آخر واريءَ جو
ڪوٽ اڏي ڪيترو اڏبو.
هن دنيا مٿي دور ڪئين آيا ۽ ويا. ڪائنات جو نظام
جاري ۽ ساري آهي. مگر ڪجهه اهڙا انسان هوندا آهن،
جن کي مات نه ڏيئي سگهندو آهي. هو مري نٿا سگهن.
هو هميشه زندهه رهندا آهن. هو وقت جي واريءَ تي،
اهڙا چمڪندڙ نشان ڇڏي ويندا آهن، جن جي روشني
زمانن تائين نسلن جي رهبري ڪندي رهندي آهي. |