رات جو اٽڪل اٺين بجي ڌاري گرامي صاحب جو آخري سفر
شروع ٿيو. فردوس سئنيما جي پريان مسجد جي اڳيان
ميدان ۾ جنازي نماز پڙهي ويئي. ان کان پوءِ، بورڊ
جي سوزوڪي گاڏي اڳ ۾ ٿي جنهن تي گرامي صاحب ويهندو
هو، ان جي پٺيان ٽرڪ ۾ گرامي صاحب جو لاش ۽ ان بعد
وائيس چانسيلر جي ڪار ۽ ٻيون گاڏيون ۽ ان کان
پوئتي بس ۾ ويٺل ماڻهو هئا. اهو قافلو غلام شاهه
ڪلهوڙي جي مزار تي پهتو. رات جو اٽڪل ٻارهين بجي
ڌاري گرامي صاحب کي دفنايو ويو. گرامي صاحب کي
قدرت مهينو به سٺو نصيب ڪيو، ۽ جاءِ به سٺي نصيب
ڪئي، قلعي جي اندر غلام شاهه ڪلهوڙي جهڙي سنڌ جي
هر دلعزيز ۽ علم دوست بادشاهه ۽ باباءِ سنڌ محترم
حيدر بخش جتوئي جي پاسي ۾ جاءِ ملي. اهو هڪ وڏو
اعزاز آهي. جيتوڻيڪ اسان پنهنجي هٿن سان گرامي
صاحب کي دفن ڪري آياسين، مگر اسان کي اڃا يقين نٿو
اچي، ته گرامي صاحب گذاري ويو آهي! اسان اڄ به
ائين سمجهي رهيا آهيون ته گرامي صاحب جي طبعيت ٺيڪ
نه آهي، ۽ موڪل تي ويل آهي.
**
”ماڻهن کي اديبن کان غفلت ۽ حقارت نه ڪرڻ گهرجي. دراصل اسين
اديب ملڪ جون جيئريون جاڳنديون يونيورسٽيون آهيون.
اسان جو ڪم ان مقام تان شروع ٿئي ٿو، جتي تعليمي
ادارن جو ڪم ختم ٿي وڃي ٿو. اسين ماڻهن کي فن ۽
زندگي ڏيون ٿا. جيڪڏهن اسين نه هجون ها، ته پوءِ
پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو به جاهل ۽ ڪورا ڄٽ رهجي وڃن
ها.“
_ڪَوي جسيم الدين
حاجي عبدالمجيد لغاري
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه،اچي بوءِ بهار جي.
ڇ
دنيا ۾ انسان روزانو هزارن جي تعداد ۾ مرندا آهن.
پر ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جي وفات تي
ڪائنات ماتمي بنجي ويندي آهي. گرامي صاحب به اهڙن
ئي ماڻهن مان هڪ هو. اهڙي ڏڪار جي ڏيهه مان،
جيڪڏهن مولانا غلام محمد گرامي صاحب جهڙو دلنواز
اديب ۽ باشعور دانشور هليو وڃي، ته سنڌ ۽ ان جي
عوام لاءِ، اهو ڪنهن عظيم سانحي کان گهٽ نه آهي.
سچ ته گرامي جي گذارڻ سان علم جي هڪ دنيا گذاري
ويئي.گرامي جهڙا قابل احترام بزرگ ائين اُٿي وڃن
ته اها سنڌ جي وڏي بدقسمتي چئبي. گرامي صاحب سنڌ
جي هڪ روشن شمع هئي، جنهن جي چوڌاري ڪئين پروانا
انهيءَ روشنيءَ جو فائدو وٺندا رهندا هئا. افسوس
ته اها شمع به هميشه لاءِ وسامي ويئي، اڄ سنڌ جا
عوام، علمي ۽ ادبي حلقا نهايت ڏکويل آهن؛ ڇو ته
باباءِ سنڌ جو هڪ آواز، اديب، شاعر، عالم، دانشور،
خطيب، سنڌي علم، ادب، فن ۽ فڪر جو هڪ روشن باب،
تاريخدان، هڪ موسيقيءَ جو ڄاڻو سنڌي، اردو، عربي ۽
فارسي زبانن تي هڪ جهڙي مهارت رکندڙ. قرآن شريف جو
گهَرو مطالعو ڪيل، اهم تفسيرن مان برزبان حوالا
ڏيندڙ، روشن ضمير، خود دار صحيح معنيٰ ۾ علم جو هڪ
بحر کين دائمي داغ ڏيئي دارالبقا ڏي هليو ويو آهي.
مرحوم کي ايترن علمن هوندي به نهٺائي هئي ۽ هو
پنهنجي علمن کي فقط صحيح مقصد لاءِ استعمال ڪندو
رهيو، جيڪر انهن علمن کي ٻين ٺُڙڪو مُلن وانگر
استعمال ڪري ها، ته سندس زندگي ڏاڍي آرام ۽ عيش
سان گذري ها، پر هو گاڏي کاتي حيدرآباد جي هڪ ڪُنڊ
۾ ويهي، مسڪيني حالت سان خاموش علمي ۽ ادبي ڪم
ڪندو رهيو. مولانا گرامي صاحب هڪ وڏو انسان دوست
هو، جنهن جي نظرن ۾ سڀئي انسان برابر ۽ عزت جي
لائق هئا.
گهوڙن۽ گهوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي راڻ جا.
افسوس ته فن ۽ علم جي جنس جو هي پارکو وڻجارو ۽
گهوٽ، وسندڙ ۽ سدا وڻندڙ شهر ۽ بستيون ڇڏي، اڄ رڻ
جو واهي بڻيل آهي، جنهن جي وڃڻ ڪري سنڌ توڙي
انسانذات کي وڏو نقصان پهتو آهي. مرحوم کي ڪنهن به
موضوع ۽ مضمون تي ڳالهائڻ لاءِ چئبو هو، ته بحر
بنجي ويندو هو ۽ درياهه وانگر پلٽجي پوندو هو ۽
ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهي موضوع تي ڳالهائيندو رهندو هو.
اهي نه وسرڻ جهڙيون سندس محفلون ۽ ڪچهريون حيدر
منزل، ڪراچي هوٽل ۽ سندس گهر تي ٿينديون رهنديون
هيون؛ جتي بلندپايي جي علمي، ادبي ۽ ديني بحث سان
گڏ، دلنواز ۽ دلنشين ٽهڪڙا به ڪَنن تي پوندا رهندا
هئا.
نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون!
سنڌ جو هي لاکيڻو ۽ حق پرست انسان سڄي سنڌ جي عوام
جون دليون ڌڙڪائيندو هليو ويو؛ پر سنڌي ادب ۾ حق
جي جيڪا روايت هو قائم ڪري ويو آهي، سا هميشه قائم
۽ دائم رهندي. حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ وقت ڪڏهن به
نه ڊنو. مرحوم جي وفات سنڌ توڙي سڄي پاڪستان جي
ادبي حلقن لاءِ هڪ وڏي سانحي جي حيثيت رکي ٿي.
مرحوم ڪنهن به نوجوانن کي مايوس ڏسندو هو ته تڙپي
اُٿندو هو ۽ هن کي ڏڍ ڏيندو هو. اڄ جيڪي نوجوان
گرامي صاحب جي وفات تي هنجون هاري رهيا آهن، سي
مرحوم جي انهيءَ قرب جا ڪُٺل آهن. مرحوم رواجي
محفلن ۾ به دانائيءَ جا نڪتا بيان ڪري ويندو هو،
غريبيءَ ۽ مسڪينيءَ جي زندگيءَ ۾ به هميشه سخي
رهيو. گرامي صاحب هٿ ٺوڪين رجعت پرست دانشورن خلاف
ترقي پسند تحريڪ جو ساٿ ڏنو. مولانا صاحب سُتل قوم
کي جڳائڻ لاءِ جيڪو قلم کنيو سو مرڻ گهڙيءَ تائين
نه ڇڏيائين. ائين کڻي چئجي ته هن عظيم شخصيت، علم
۽ ادب جي هنجه ۾ دم ڏنو. مرحوم مدرسن ۽ مسجدن جي
حجرن مان تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اسلام کان وٺي
خلافت تحريڪ ۽اقتصادي نظام کان وٺي مارڪس، لينن ۽
مائوءَجي اُڀرندڙ انقلابن جو اڀياس ۽تجربو ضرور
ڪيو. پر ڪڏهن به دينيات ۽ فلسفي تي رجعت پسند
مُلن وانگيان روايتي ڳالهين تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ڪو
نه رهيو، نه وري جاهل ۽ بي علم مُلن کي چنبڙيو؛ نه
روايتي ڪتابي علمن جو ترجمان ٿيو ۽ نه وري دهريت
جو ڪڏهن حامي رهيو.
مرحوم کي ڪيترا ماڻهو چيڙائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پر
هو ڪڏهن به ميان ڪريم وانگر نه چڙيو ۽ کلندو ئي
رهندو هو. هڪ ڀيري آءُ رات جو اٺين وڳي ڌاري حيدر
منزل تي ويٺو هجان ته اوچتو پاڻ مرحوم اُتي آيو ۽
پري کان هڪل ڪري چيائين، ته حاجي صاحب! اسان جو
مظهر علي خان جتوئي ڪو ڏٺئي. جنهن تي آءُ ٽپ ڏيئي
اُٿيس ۽ اڳتي وڌي هن بزرگ جي آدرڀاءُ ڪيم. پاڻ
ڪرسيءَ تي ويٺو، ته مون کي ٻڌايو ته سائين مظهر
علي خان جتوئي ته ڪنهن ڪم سان ڪراچي ويل آهي، جو
اڃا ڪو نه موٽيو آهي. ڇرڪ ڀري چيائين ته خدا خير
ڪري، اهو ڪراچيءَ وارو رستو ڏاڍو خطرناڪ آهي، جنهن
تي روزانو ڪئين خطرناڪ حادثا ٿين ٿا. مرحوم ٿوري
دير خاموشي اختيار ڪرڻ کان پوءِ مون کان مسڻ وڏي
جون خبرون وٺڻ لڳو، چيائين ته انهيءَ شهر مسڻ وڏي
جي ڏسڻ جو وڏو شوق اٿم، ڇو ته اها حسين بستي هڪ ته
انقلابي آهي ۽ ٻيو ته اتي ٻه بزرگ عالم محمد
اسماعيل خان لغاري ۽ عبدالڪريم خان لغاري رهن ٿا،
جن جو ديدار پڻ ڪرڻو اٿم. اسان اڃا انهن ڳالهين ۾
هئاسون ته مٿان مظهر علي خان جتوئيءَ جو وڏو
فرزند اظهر علي خان جتوئي ۽ قاضي محمد صادق جو
ننڍو فرزند اندر آيا، جن خاموش فضا کي گوڙ ۽ هل ۾
تبديل ڪري ڇڏيو ۽ گرامي صاحب سان کينچل ڪرڻ لڳا.
مرحوم ته کلندو رهيو، پر آءُ اها ڳالهه برداشت نه
ڪري سگهيس ۽ اٿندي ئي ٻنهي کي هڪ هڪ ٿڦر وهائي
ڪڍيم. مرحوم بجاءِ منهنجي طرف کڻڻ جي، مون کي
سمجهائڻ لڳو ته هي ٻار آهن ۽ جڏهن وڏا ٿيندا،
تڏهن پاڻهي سمجهي ويندا. ائين چئي مون کي ويجهي
هوٽل تان چار ڪوڪو ڪولا کڻي اچڻ لاءِ چيائين، جن
مان هڪ پاڻ پيتائين ۽ ٽي اسان پيتيون. بوتلون پي
ڇوڪرا ته هليا ويا، پر اسان ٻيئي ڏهين بجي رات
تائين ويٺا رهياسون. پوءِ مرحوم موڪلايو ۽ آخر ۾
چيائين، ته حاجي صاحب، مظهر علي خان جتوئي هڪ
درويش انسان آهي، جنهن جي پارت هجئي. ائين چوندي
هليو ويو.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
گرامي صاحب سان گڏ، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ۽
سندس وڏي فرزند مصطفيٰ حيدر جتوئيءَ کي به وساري
نٿو سگهجي، هي ٽيئي مرحوم روشنيءَ جا مينار هئا.
مڃئون ٿا ته موت هڪ حقيقت آهي. جنهن جو سرد ۽ بي
رحم چنبن کان ڪابه جاندار شيءِ محفوظ رهي نٿي سگهي
۽ هر نفس کي هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو آهي؛ پر
ڪڏهن ڪڏهن موت جي ڏاڍائي ايڏو ته دل ۽ دماغ کي
صدمو رسائيندي آهي، جو انسان هن چوڻ تي مجبور ٿي
ويندو آهي ته ’اي موت، توتي شل موت اچي.‘ سچ پڇو
ته هنن ٽنهي محب وطنن کي مرحوم لکڻ يا چوڻ، ڏاڍو
ڏکيو پيو لڳي. ڪنهن ٿي سمجهيو ، ته ايترو جلد ۽
اوچتو، هي سنڌ جا ٽيئي هيرا، اسان کان هميشہ لاءِ
جدا ٿي ويندا. انهن هستين نوجوان طبقي کي زندهه
دل رهڻ جو سبق ڏنو ۽ سدائين مشڪنديون رهيون. سندن
منهن تي ڪڏهين به ڪاوڙ ڪانه ڏٺيسون انهن جي ڪچهرين
۽ محفلن ۾ ايڏو ته جادوسهايل هو، جو ڪير ڪهڙو به
ڏکويل ڇو ته هجي پر انهن ۾ ويهي، سڀ ڏک ۽ غم وساري
ويهندو هو. هنن ٽنهي سورمن جي شخصيت ايڏي قدآور ۽
همه گير آهي، جنهن کي روايتي ٺهرائڻ ۾ ماپڻ سولو
نه آهي. منهنجو ڳاڻيٽو به سندن حبدارن ۾ ٿئي ٿو.
مون وانگر ٻيا ڪيترا پڙهيل، خدا ڪارڻ اها شاهدي
ضرور ڏيندا، ته هنن پنهنجن اسڪولن، ڪاليجن، مدرسن
۽ يونيورسٽين ۾ ورهين جي رسمي تعليمي ماحول مان
ايترو علم حاصل ڪو نه ڪيو هوندو، جيترو هنن ٽنهي
مرحومن جي چند صحبتن، ڪچهرين ۽ رهاڻين مان ڪيو
هوندو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي، ته هو سنڌ
لاءِ پيدا ٿيا ۽ سنڌ لاءِ زنده رهيا. هنن سنڌ لاءِ
جن به ڪاڳرن تي لکيو، ان جي پکيڙ سنڌ جي مجموعي
ايراضيءَ کان به وڌيڪ آهي. هي دنيا جون ٽي اهڙيون
هستيون هيون، جيڪي ڪن خوش نصيب قومن ۽ ملڪن ۾،
صديقن جي گردشن کان پوءِ پيدا ٿينديون آهن. هي
پنهنجي دور جي انهن سياستدانن، اديبن شاعرن مان
هئا، جن جو مطالعو وسيع به آهي ۽ گهَرو به. سچ
لکڻ، سچ چوڻ ۽ سچ کي ڳائڻ، سندن زندگيءَ جو اولين
معيار هو. مفلسيءَ جي باوجود، انسانيت جو شان بلند
رکڻ، دوستن ۽ عزيزن جي وڇايل ڪنڊن کي به گلن جي
سيج سمجهڻ، دشمنن کي دل سان معاف ڪري ڇڏڻ جهڙا گُڻ
منجهن موجود هئا. سندن علم، عقل، مقبوليت ۽ هر
دلعزيزيءَ جي بلندي اهڙيءَ منزل تي پهچي چڪي هئي،
جنهن تي هن کان اڳي تمام ٿورا پهچي سگهيا آهن.
انهن سدائين جديد خيالن ۽ بنا امتياز جي انساني
برابريءَ جي عڪاسي ڪئي. سندن هن فاني دنيا مان اٿي
وڃڻ ڪري، سنڌ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، جنهن
جو ڀرجڻ مشڪل آهي. قدرت سنڌ کي هن قسم جي بهادر ۽
مجاهد شخصيتن سان نوازيندي رهي ٿي؛ پر هن سرزمين
جا عوام وڏا بدنصيب آهن، جو اهڙن هيرن جو صحيح قدر
ڪرڻ ڪو نه ٿا ڄاڻن.اها حقيقت آهي ته هتي اهڙن هيرن
سان سان سندن زندگيءَ ۾ وڏي بي قدري ڪئي ويندي
آهي. وفات کان پوءِ انهن جي لاشن ۽ قبرن تي ويهي،
اکين مان ڳوڙها ڳاڙي رنوسون، اخبارن ۽ رسالن ۾،
انهن جي شان ۾ وڏا وڏا ايڊيٽوريل ۽ مضمون
لکياسون، کين سورمي، مجاهد، هوشو، دودي، عاشق سنڌ
وغيره جا لقب ڏناسون، سندن نالا روڊن، ڪالونين،
پارڪن، ڪاليجن ۽ اسٽيشن تي رکياسون، مٿن قبا
اڏاياسون، ميلا لڳاياسون، ورسيون ملهايوسون، پر
انهن جي جڳهين ڀرڻ جي ڪڏهن ڀلجي به ڪوشش ڪونه
ڪئيسون.
آءُ آخر ۾ ايترو ضرور چوندس، ته انهن جي زندگيءَ
۾ سندن ڪنهن قدر ڪيو يا نه ڪيو ۽ سندن وفات کان
پوءِ ڪير اهي جڳهيون ڀري يا نه ڀري، پر انهن جي
جاڳايل جوت جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ روشن ٿيندي رهندي
۽ انهيءَ جي سوجهري تي ڪئين ڀٽڪيل مسافر پنهنجو دڳ
وٺي پنهنجي منزل ماڻيندا رهندا.
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
محمد عثمان ”ناطق“
مرحوم غلام محمد گرامي صاحب سا اُگهم ڪوٽ تي يادگار
ڪچهري
غلام محمد گرامي صاحب جي شخصيت تعارف جي محتاج نه
آهي.پاڻ نه صرف بلند پايي جا عالم ۽ پروقار شخصيت
جا مالڪ هئا، پر ڪچهريءَجا ڪوڏيا ۽ مجلس جا مور
هوندا هئا.وٽن هر ڪنهن فرد جي لاءِ هڪجهڙو قرب ۽
عزت هوندي هئي ۽ ڪو به امتياز نه رکندا هئا. ننڍو
توڙي وڏو، پڙهيل توڙي جاهل، شهري توڙي ڳوٺاڻو، هڪ
واري سندس قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿيو ته هميشه جي لاءِ
سندس ٿي ويندو هو، جنهن جو زندهه مثال سڄي سنڌ جي
سوين دوستن، احبابن ۽ شاگرد جو آهي، جو هرڪو گرامي
صاحب جي دوستيءَ ۽ شاگرديءَ جو دم ڀري ٿو ۽ سندن
قرب، محبت ۽ شفقت کي ياد ڪري، نيڻين نير وهائي
رهيو آهي.
گرامي صاحب بلند پايي جا عالم، اديب، شاعر، محقق،
دانشور،تاريخدان ۽ نقاد هئا. پر پاڻ راڳ جي پڻ چڱي
ڄاڻ رکندا هئا. سندن دل ڪشادي، سوچ گهري ۽ نظر
وسيع هوندي هئي. دنيا جي انقلابن ۽ ملڪ جي حالتن
کان هر وقت باخبر هوندا هئا. پاڻ سچ جا ڪانکي هئا
۽ باطل جي اڳيان ڪڏهن نه جهڪيا ۽ ان ڪري کين
زندگيءَ ۾ ڪافي تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو،
پر پاڻ ڪڏهن به ڏک کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنائون.
جڏهن به ساڻن ملبو هو، ته نهيايت ميٺ محبت ۽
پاٻوهه سان،کِلمُک چهري سان ملندا هئا. قرب سان
حال احوال پڇندا هئا. اڻ واقف ائين محسوس ڪندو هو
ته ساڻس ڪا سالن کان ڏيٺِ آهي؛ پنهنجو آهي، جنهن
سان ڪو به حجاب نه آهي. کانئن ڪو صلاح وٺندو هو ته
هر گز غلط صلاح نه ڏيندا هئا، پر ڳالهه سنئين سڌي
ٻڌائيندا هئا. ان ۾ نه ٺڳي، نه دوکو، نه فريب، ۽
نه وري دوئي دولاب هوندو هو. کين جن ڏک ڏنا، سندن
زندهه رهڻ وِهه ڪري ڏنو ۽ سندس راهه ۾ ڪنڊا وڇايا،
تڏهن به هن مرد قلندر ٻاڙو ڪو نه ٻوليو ۽ اُهي
زماني جا اڇلايل تيز سينوسُپر ڪيو سهندو رهيو ۽
جبل جيان اڏول بيٺا رهيا سندن شخصيت شمع وانگيان
هئي، جا پاڻ سڙي ٻين کي جلا بخشي ٿي.
گرامي صاحب سان منهنجي ڏيٺ سال 1950ع ۾ ٿي، جڏهن
پاڻ ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد هئا ۽ ڀاءُ محمد حسين
ڪاشف ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ متعلم هئا. انهيءَ وقت
کان ساڻن قرب جو رشتو رهيو. هميشہ ساڻن ميل ملاقات
۽قرب ڀريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪڏهن
علم ادب تي، ته ڪڏهن مذهب ۽ فلسفي تي، ته ڪڏهن
تاريخ ۽ طب تي، ته ڪڏهن اقتصاديات ۽ عمرانيات تي،
ته ڪڏهن سياسي سماجي ڳالهين تي گرما گرم بحث ٿيندو
هو. آءُ صرف موضوع ڇيڙي ماٺ ٿي ويندو هوس، پوءِ
ڀاءُ ڪاشف ۽ گرامي جن جو بحث شروع ٿي ويندو هو.
پاڻ تمام عمدي ۽ وڻندڙ نموني سمجهائيندا هئا.
گرامي صاحب سان اسان ٻنهي ڀائرن جو تمام قريبي
رشتو هوندو هو. گرامي صاحب جن هر سال يا ٻئي سال،
پنهنجا ڀال ڀلائي ٻن-ٽن ڏينهن جي لاءِ اسان جي ڳوٺ
قرب جا قدم ڀري ايندا هئا، جتي قرب ڀريون ڪچهريون،
محبتي مجلسون ۽ روح رهاڻيون ٿينديون هيون. زماني
جي بي وفائي ۽ ڏکن سورن جا حال ونڊبا هئا. پاڻ
فرمائيندا هئا ته ”غريبي هڪ وڏو عذاب آهي، ڇو ته
هن قحطالرجال جي وقت ۾ غريب کي عزت سان زندهه رهڻ
نه ٿو ڏنو وڃي. قلم جي ڏات ۽ سچ (حق) چوڻ جي قوت
کسڻ لاءِ ڪئين حيلا هلايا وڃن ٿا ۽ ڪئين حربا
استعمال ڪيا وڃن ٿا.“
سال 1969ع جوذڪر آهي. تهه سيارو هجي. اُتر جي
سوساٽ ڪندڙ سرد هوا لڳي رهي هئي، ته شام جو جناب
گرامي صاحب، قائد استاد مرحوم جان محمد جمالي،
ممتاز مرزا صاحب، شيخ محمد اسماعيل صاحب ۽ پرڀو
نوشاد صاحب جن ڪار ذريعي حيدرآباد کان اسان جي
غريبخاني تي پهتا. اسان جي خوشيءَ جي انتها نه
رهي، جو ههڙا ڀاڳ ڀريا محب مهمان قرب جا قدم ڀري
آيا هجن. انهيءَ قرب وندي ڪچهريءَ ۾ اگهاماڻي
(اگهم ڪوٽ) جو به ذڪر نڪتو. سڀني دوستن کي
اگهاماڻو گهمڻ جو شوق ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو
سوير نيرن ڪري تيار ٿياسون.
اگهاماڻو (اگهم ڪوٽ) چمبڙن کان چئن ميلن جي مفاصلي
تي چمبڙ- ٽنڊو غلام علي روڊ کان صرف ٻن-ٽن فرلانگن
تي تاريخي ڦٽل شهر آهي. جيپ ذريعي 15-20 منٽن ۾
پهچي وياسون. پوءِ جيپ تان لهي بيدل هلڻو پيو، جو
اڳتي جيپ جو رستو نه هو. پنڌ هلندي گرامي صاحب ۽
جمالي صاحب پنهنجي وڻندڙ گفتگوءَ سان محظوظ ڪندا
رهيا. ڳالهين ڪندي ٿوري وقت ۾ منزل مقصود تي
پهتاسون. پهريائين پاٽولين جو اوتارو ڏٺوسون، جو
هاڻ ڊهي ويو آهي، ان جا نشان اڃا بيٺل آهن. ٿورو
اڳتي بزرگ مخدوم اسماعيل رح جو مقبرو آهي. سندس
مزار تي قل پـڙهياسين. بزرگ مخدوم رح جي مقبري جي
خسته حالي ڏسي سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ دلي صدمو
پهتو ته ههڙي برگزيدهه هستي ۽ اولياءَ الله جي
آخري آرامگاهه جي ڪابه سنڀال نه آهي ۽ قوم جي بي
توجهيءَ جي ڪري، هي انمول تاريخي ورثا ۽ قيمتي
سرمايو نيست ۽ نابود ٿي رهيا آهن. اسان جي بي
حسيءَ جي اها حالت رهي ته اِهي باقي نشان به ميٽجي
ويندا. زندهه قومون پنهنجي قديم ۽ پراڻن آثارن ۽
ورقن جي نه صرف سنڀال ڪري رهيو آهن، پر انهن کي
زندهه رکي ان تي فخر ڪري رهيون آهن. پر اسين دنيا
جي لوڀ ۽ لالچ ۾ ايترو ته مستغرق ٿي ويا آهيون، جو
هن قيمتي ۽ انمول خزاني کي پنهنجي هٿن سان برباد
۽ تباهه ڪري آهيون. گرامي صاحب ۽ مرحوم جمالي صاحب
کي مزارن جي اها حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي.
اگهاماڻي جو تاريخي ڦٽل شهر سڀني چڱي طرح گهمي
ڏٺو. مزار ۽مقبرا ۽ مسجدون پڻ ڏٺيون، جي زماني جي
ناقدريءَ ڪري تباهه حال حالت ۾ ٿي ويون آهن.
انهيءَ دوران اگهاماڻي جو متولي ميون غلام نبي
صاحب مليو، جنهن سان رهاڻ ٿي ۽ جناب گرامي صاحب جن
کانئس ڪافي سوال پڇيا ۽ اگهاماڻي بابت معلومات
حاصل ڪئي ته هن قديم شهر جو نالو اصل اگهم ڪوٽ هو
جو پوءِ بدلجي اگهاماڻو ٿيو. اهو نالو هڪ هندو
راجا’اگهم راءِ‘ جي نالي پٺيان پيو، جو هتي راڄ
ڪندو هو. رهاڻ دوران گرامي صاحب جن فرمايو ته
”جڏهن هن تاريخي شهر اگهاماڻي ۾ بزرگ مخدوم
اسماعيل رحه، لطف الله قادري (جنهن جو رسالو سنڌي
ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي) جهڙا بلندپايه جا
عالم، شاعر، ۽ ٻيا بزرگ، درويش، عالم وغيره محو
خواب هجن؛ جن سان اسان جو تاريخي، تهذيبي، علمي ،
ادبي ۽ ديني ڳانڍاپو هجي، ته پوءِ انهيءَ بي بها
خزاني کي ههڙيءَ بيدرديءَ سان ڇو ختم ڪيو پيو وڃي؟
انهيءَ جي لاءِ هتان جي سَرنديءِ وارن کي اڳتي وڌي
هن قيمتي ورثي کي تباهيءَ کان بچائڻ گهرجي.“ جڏهن
کين اِهو معلوم ٿيو، ته سنڌ جي خوشحال ۽ تعليم
يافته ۽ پاٽولي برادري، بزرگ درويش مخدوم اسماعيل
رحه جي دعا سان نوازيل آهي. عزت، دولت ۽ شهرت
اولياءَ جي دعا جي طفيل آهي. اُهو ٻڌي کين ڏاڍو ڏک
ٿيو ۽ فرمايائون ته ”پنهنجي محسن کي ائين بنهه
وسارڻ نه گهرجي. جڏهين ته سرندي وارا آهن ۽ خدا
تعاليٰ کين نوازيو آهي، تڏهن ههڙي برگزيده هستي کي
وساري ويهڻ نٿو جڳائي. مايا هڪ اچڻي وڃڻي وٿ آهي ۽
ان کي ڪو به دائما بقا نه آهي. تنهنڪري ان مان ڪو
نيڪ ڪارج وٺڻ گهرجي هي قيمتي سرمايو سڄي سنڌ قوم
جو آهي. هن ڪم ۾ ذرو به سستي نه ڪرڻ گهرجي ۽ آثار
قديمه وارن کي به هن ڏس ۾ پاڻ ملهائڻ گهرجي.“ ان
بعد برادرم محمد حسين ڪاشف ۽ بندي کي مخاطب ٿي
فرمايائين ته ”اوهان هتي اگهم ڪوٽ سوسائٽي جو
بنياد رکو ۽ سوسائٽي طرفان اديبن، عالمن، آثار
قديمه وارن ۽ ٻين کي دعوت ڏيئي گهرايو ته جيئن هي
’بي بها خزانو‘ اسان جي بي توجهي سبب برباد ٿي
رهيو آهي؛ ان جو بچاءُ ٿي سگهي. سندن ارشاد تي
ڪاشف صاحب مهراڻ جي لاءِ ”اگهم ڪوٽ ۽ جهم“ تي
تفصيل سان مضمون لکيو، جيڪو مهراڻ 1 ۽ 2 سال 1970ع
۾ ڇپيو.
پر افسوس! جو زماني جي گردش ۾ وقت جي ناسازگار
حالتن جي ڪري، اهو ڪم تڪميل تي پهچي ڪين سگهيو.
اسان کي اميد آهي ته گرامي صاحب جن خود”اگهم ڪوٽ
سوسائٽي“ جي بنياد رکڻ جي رٿ ڏني هئي، ۽ ان جو
بنياد به پنهنجي مبارڪ هٿن سان رکندا ۽ اسان جي
رهبري ۽ رهنمائي ڪندا؛ پر افسوس جو هي مانجهي مڙس
هميشہ هميشہ جي لاءِ موڪلائي ويو.
حسن تنوير
لڙڪن لاڙون ڳل تي
پرڀوءِ سان ملڻ لاءِ هڪ دفعو سنڌي ادبي بورڊ جي
آفيس، واقع امين منزل واري بلڊنگ ۾ آيو هوس. مون
کي سندس ڪمري جي خبر ڪو نه هئي. پاسي مان لگهندڙ
هڪ همراهه کان پڇيم ته دروازي ڏانهن اشارو ڪري پاڻ
هليو ويو. ڪمري اندر لنگهيس ته هڪ ميز، ٻه-ٽي
ڪرسيون خالي پيون هيون. اڃان اندر لنگهيس ته بدن ۾
ڀريل پهلوان مڙس ڪنڌ هيٺ ڪيو، لکڻ ۾ مصروف ويٺو
هو. ٺڪاءُ تي ڪنڌ مٿي کنيائين، عينڪ کي آڱرسان مٿي
ڪر، پڇيائين ”ابا خير“ مون وراڻيو، سائين، پرڀو
ناشاد سان ملڻو آهي. هو ٿورو مُشڪيو، پوءِ چيائين،
ابا هتان ٿي ڪرسيءَ تي ويهه، پرڀو اچڻ وارو هوندو.
آءُ ويهي رهيس، هو لکندو رهيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ
مون تي نظر وڌائين ”پٽ توهان ڪٿان آيا آهيو؟“ ٽنڊي
ڄام کان، مون وراڻيو. (اُن وقت آءُ پهرين سال،
زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ پڙهندو هوس) وري پڇيائين،
اصل ٽنڊي ڄام جا ويٺل آهيو، يا ڪنهن ڪم سانگي رهيا
آيو. ”ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان.“ ”ها ها زرعي ڪاليج
واقعي آهي، ڀلا اوهان کي ڇا ڇا پڙهائيندا آهن:
زراعت جو مختلف سبجيڪٽس سان ڪهڙو رابطو آهي؟
وغيره.“ آءُ دل ئي دل ۾ خوش به هوس ۽ بور به ٿيس
پئي. خوش انهيءَ لاءِ ٿيس ته اڳلو ڳالهائڻ وارو
ڏاڍو خوش طبعيت جو مالڪ هو، مون کي پهريون دفعو
اهو محسوس ڪرڻ ڪو نه ڏنائين، ته ڌاريان آهيون يا
ائين به محسوس ڪرڻ ڪو نه ٿي ڏنائين، ته آءُ وڏو
(عمر ۽ عهدي) آهيان ۽ تون هڪ ٻار آهين. بور انهيءَ
ڪري پئي ٿيس، جو ڪورس جا سوال جواب کڻي ويهي رهيو.
آءُ آيس پرڀوءَ سان ملڻ لاءِ، پر پرڀو ڪو نه مليو
۽ نئون دوست ٺاهي خوش ٿي موٽي ويس.
ٻئي دفعي جڏهن مون کي خبر پئي ته اهو مولانا گرامي
صاحب آهي، ته آءُ پاڻ لنگهي ويس. احترام سان مليس،
منهنجي تعجب جي حد ڪو نه رهي، جڏهن پاڻ منهنجو
نالو وٺي، اُٿي بيهي مليو.
پوءِ ائين چنڊاڻي جماڻي ملاقاتون ٿينديون رهيون.
هڪ دفعي مون کي نالي تبديل ڪرڻ لاءِ به چيائين ته
”حسن تنوير“ ۾ سنڌيت ڪونهي. جڏهن مون هن کي اهو
ٻڌايو ته، اهو نالو ڪنهن وقت ۾، منهنجي ويجهي
دوست شمس جعفراڻيءَ جو رکيل آهي ته هن مڪراڻي ڏنو
۽ چيائين، ته هاڻي آءُ توکي آئيندي نالي بدلائڻ
لاءِ ڪونه چوندس. ٻئي دفعي ٽنڊي ڄام ۾، شهيد
شاگردن جي ياد ۾ مشاعرو ڪوٺايو هئوسين. مولانا
چيو، ٽنڊي ڄام جي شاگردن ۾، استادن کان زيادهه ادب
دوستي آهي.
سچ ته جڏهن اخبار ۾ مولانا جي وفات جو پڙهيم، ته
لڙڪ ڪري پيا. سوچيم ماڻهو مرندا آهن، ته صرف هُنن
جا رشتيدارئي روئندا آهن؛ پر مولانا جي وفات تي
رشتيدارن کان سواءِ الاهجي مون جهڙن ڪيترن جا لڙڪ
وهيا هوندا.
”اوهين اسن کان غفلت نه ڪريو: اسان جو اعزاز، وطن جي اعزاز جي
برابر آهي! وڏيون وڏيون رياستون تباهه ٿي وڃن
ٿيون، سياسي ليڊر تاريخ جي ورقن ۾ گمنام ٿي وڃن
ٿا، پر اسين اديب ئي آهيون، جو هر دور ۾ زنده رهو
ٿا.“
_(ڪَـوي جسيم الدين)
اقبال دل
آهه مولانا غلام محمد گرامي
اڄ مولانا غلام محمد گرامي صاحب به لاڏاڻو ڪيو.
سنڌ ۾ علمي سرگرمين جو روح روان، جديد طرز فڪر جو
باني، نوجوان سنڌي اديبن جي اکين تان انڌي تقليد
جون عينڪون هٽائيندڙ، رجعت پسندي وارين اونداهين
واٽن تان لاهي، ترقي پسنديءَ جي روشن راهه
ڏيکاريندڙ، علم ۽ عرفان جو ابو وفات ڪري ويو. ائين
ٿو لڳي ڄڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو هڪ باب ختم
ٿي ويو، هڪ ڏيئو اجهامي ويو.
مولانا گرامي صاحب کي ڪير نه سڃاڻيندو. سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ، سندس قرب ۽ محبت جي خوشبو سان واسيل آهي، پر
منهنجي مولانا سان ڏيٺ پنهنجي مرحوم والد ذريعي
ٿي، جڏهن 1950 ۽ 1060ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد ۾
ٻنهي جون گهاٽيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سنڌي ادبي
بورڊ تلڪ چاڙهي واري آفيس، جتي مرحوم علي بخش به
هوندو هو، اُتي علمي ادبي مباحثا ٿيندا هئا.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ رهاڻ ۾ گذرندا هئا. اهڙيءَ طرح
گرامي مرحوم سان منهنجي شناسائي ٻاروتڻ ۾ ٿي ۽ مون
ڏٺو، ته مولانا صاحب علم ۽ ادب جو اٿاهه سمنڊ آهي،
جنهن پنهنجي جهول ۾، بيش بها خزانا سانڍي رکيا
آهن. وچ اوڀر توڙي ننڍي کنڊ جي ادبي تاريخ جي ڄاڻ،
جيتري گرامي صاحب کي هئي، اوتري ڪنهن ورلي ماڻهو
کي هوندي. ايتري گهڻي علم هوندي به تحقيق ۽ تفڪر
جي تڙپ، منجهس ڏينهون ڏينهن وڌيل پئي نظر ايندي
هئي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان، گرامي صاحب جو ازلي
عشق هو. ٿر ۽ ڪوهستان جي بيابانن مان، ماڻڪ موتي
ڳوليندو نظر ايندو هو. جيڪڏهن انهن ايراضين جو ڪو
سونهون گڏبو هوس، ته انهن کي اکين ۾ ويهاريندو هو
۽ هر ڳوٺ، هر واهڻ جا احوال پڇندو هو ته من ڪا
ڪارائتي شيءَ لڀي پئي.
مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري والد صاحب سان ڳالهيون
ڪندي، نيلو فري ڍنڍ بابت پڇيائين، ته انهن جو ڪن
تاريخي روايتن ۾ ذڪر ٿيل آهي، پر خبر نٿي پوي ته
ڪهڙي هنڌ آهي. والد صاحب کيس ٻڌايو ته برابر اها
ڍنڍ ڪنهن زماني ۾، موجوده ميرپورخاص تان ڪجهه
مفاصلي تي هئي، پر هاڻي اتي ڍنڍ موجود ڪونهي، البت
اها سڄي ايراضي هڪ ترائيءَ وانگر آهي، جنهن مان
ظاهر آهي ته اتي ڪنهن وقت وڏي ڍنڍ هئي ۽ وقت گذرڻ
سان ان ايراضيءَ جو نالو بدلجي، نيرو پوري ٿي ويو
آهي. انهيءَ جواب تي مولانا صاحب کي جيڪا خوشي
حاصل ٿي، اها ڏسڻ وٽان هئي. بهرحال سنڌ جي تاريخ،
تمدن ۽ لوڪ ادب بابت هر ايندي ويندي کان پيو
پڇائون ڪندو هو. سنڌ سان اهڙو لڳاءُ ۽ اهڙي لوچ،
ڪڏهن به ماٺي ٿيندي نظر نه آئي.
گرامي صاحب سنڌي ادب کي اهڙي وقت ۾ نيون راهون
ڏنيون، جڏهن سنڌي ادب تي انڌي نقليد ۽ رجعت
پسنديءَ جا ٿلها تهه چڙهيل هئا. انهيءَ ماحول ۾،
سنڌ جو نوجوان ٻوسٽ محسوس ڪري رهيو هو. ڪنهن به
انهي ماحول خلاف بغاوت جي همت نه ساري، جيڪڏهن
ڪنهن ٻڙڪ ٻاهر ٿي ڪڍي ته رجعت پسند ٽولا جهلون ڪري
ايندا هئا؛ پر مولانا صاحب جي مقالي ”مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ سندن بخيا اڊوڙي
ڇڏيا. ڪوڙن ۽ اُڌاري ورتل سندن اصولن جا وڏا قلعا
ڪري پٽ پئي ويا.
رجعت پسند ٽولي هاءِ گهوڙا مچائي ڏني. ڪيتري عرصي
تائين جوابي مقالا لکندا رهيا. تنقيدون ڪندا رهيا؛
پر ڪجهه به نه ورين، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي نوجوانن
اديبن جون اکيون کلي چڪيون هيون. رجعت پرستن ايڏي
وڏي حزيمت کان پوءِ، ٻيا به ڪئين هٿ ناٽ ۽ ڍونگ
رچايا، پر سنڌين کين کنگهيو به ڪين. صرف اهي ماڻهو
سندن اردگرد گڏ ٿيندا هئا، جن جو دين ڌرم سنڌين
سان مفاهمت هئي.
مولانا صاحب سڄي حياتي سنڌ جي خدمت ڪئي. سنڌي ادبي
بورڊ ۾ رهي ڪري، مولانا صاحب جيڪي ڪجهه سنڌ کي
ڏنو، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. سندس ڪوشش ۽ ڪاوش
جي نتيجي ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي بينر هيٺ، سنڌيءَ ۾
جيترو وڌارو ٿيو، اوترو ٻيءُ حالت ۾ هوند صدين ۾
ٿئي ها. مولانا صاحب کي ٻين ٻولين ۽ زبانن جي ڪا
گهٽ ڄاڻ ڪانه هئي. جيڪڏهن چاهي ها ته ٻين ابن
القوت عالمن، اديبن وانگر ٺلهي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ
گهڻو ڪجهه ڪري سگهيو ٿي؛ پر پنهنجي وطن واسين سان
عشق جي ناتي، گرامي صاحب جيڪي ڪجهه ڪيو، سنڌ لاءِ
ڪيو ۽ جيڪي ڪجهه ڏنو، سنڌ کي ڏنو؛ پر سنڌ جو هي
سپوت، ادبي محفن جو محرڪ ۽ مجلس جو مور اسان کان
هميشہ لاءِ ڌار ٿي ويو آهي. سنڌ جو هر علم دوست
ڳوڙها ڳاري رهيو آهي.
سنڀو هميراڻي
وڃو نه ويراڳيو، هت به ٿيندو سوجهرو
تاريخ 16- سيپٽمبر صبح جو ”سچائي“ پريس ميرپورخاص
۾ وڃڻ ٿيو، جتي ڪامريڊ غلام محمد لغاري سچائي آفيس
۾ مليو. ڪامريڊ مون کي غمگين ۽ مايوس ڏسڻ ۾ آيو.
تمام خاموش هو، رکي رکي ٿڌا ساهه پئي کنيائين،
نيڻن مان نير جاري هئس ۽ چپن تي هي شعر هئس:” وڃو
نه ويراڳيو، هت به سوجهرو.“ اڌ ڪلاڪ جي مسلسل
خاموشيءَ بعد، مون ڪامريڊ کي چيو، ته سائين، توهان
ڇو پريشان آهيو، ڇو روئي رهيا آهيو؟ ڪامريڊ وڏي ڏک
۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ”اسان جو عظيم اديب،
عالم، مفڪر، شاعر، دانشور، جيجل سنڌڙيءَ جو پيارو
پٽ گرامي صاحب اسان کي زندگيءَ جي سفر ۾ اڪيلو
ڇڏي، ڇورو ڇنو ڪري، پاڻ راهه رباني وٺي، حضور جي
درٻار ۾ حاضر ٿيو، جتان ڪو به واپس موٽي نٿو
اچي..........افسوس! اسان جي حالت تي آهي، جو اسان
سندس جيئري قدر نه ڪيو! سندس وفات تي ٻه لڙڪ لاڙڻ
وارا هزارين لڀندا، پر سندس ڇڏيل ذخيرو شايد
منهنجي سمجهه مطابق ڇپرائي نه سگهن. انهيءَ جو سبب
هيءُ آهي، جو اسين سنڌي سسُت آهيون. ڪيترائي اديب،
شاعر، فنڪار ۽ عوامي اڳواڻ هن لوڪ مان لاڏڻو ڪري
ويا آهن، مگر انهن جا لکيل ڪتاب اڃا تائين ڇپجي نه
سگهيا آهن.“
ڪامريڊ جي واتان گرامي صاحب جن جي وفات جو ٻڌي،
مون کي تمام گهڻو ارمان ٿيو، جنهن جو اظهار لفظن ۾
نٿو ڪري سگهجي. گرامي صاحب سان، قرب جون ڪيتريون
ئي ڪچهريون ڪيون اٿم. ماضيءَ جون چند گهڙيون
هِـردي ۾ هُرن پيون. منهنجي گرامي صاحب سان پهرين
ملاقات سال 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ٿي
هئي. گرامي صاحب سان ڪلاڪ اڌ ڪچهري ڪيم ۽ کين ٿر
ڏانهن اچڻ جي دعوت ڏنم، جيڪا قبول ڪيائون. سال
1967ع جو، الحاج مير حاجي محمد بخش ٽالپر سابق
ايم. پي. اي ٿر جي عظيم نياڻيءَ مارئيءَ جو ميلو
لڳايو، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي اديب، شاعر ۽ فنڪار
آيل هئا، جن ۾ مرحوم غلام محمد گرامي صاحب جن به
هئا. ادبي ڪانفرنس جي صدارت، گرامي صاحب جن ڪئي.
بعد صدارتي تقرير ڪيائون، جنهن ۾ انهيءَ دور جي
عمر (اُمر ايوب خان) خلاف زبردست تقرير ڪيائين.
مون ڏٺو ته انهيءَ وقت محمد عثمان ڏيپلائي،
سرڳواسي ڪاڪو رائچند راٺوڙ، مسڪين جهان خان کوسو،
غلام محمد لغاري ۽ مير حاجي محمد بخش مرڪي رهيا
هئا. مير صاحب ڪامريڊ لغاريءَ کي چيو، ته ”گرامي ۽
توهان ٻئي بسترا ٻڌي رکو، جيل توهان جو انتظار ڪري
رهيو آهي.“ گرامي صاحب جي تقرير مون پهريون ڀيرو
ٻڌي هئي. ٿر جي باشعور عوام، گرامي صاحب جي تقرير
کي بيحد پسند ڪيو. مارئي جي ميلي ۾ گرامي صاحب مون
کي چيو، ته مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد
اچجانءِ. بعد ۾ آءُ حيدرآباد ويس ۽ گرامي صاحب جي
سفارش سان، مون کي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾
داخلا ملي. ڪاليج مان ڊيوٽي ڏيئي، ڀاءُ ”ناشاد“
صاحب سان، سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ آفيس ۾ ملڻ
ويندو هوس، جتي گرامي صاحب سان ملڻ ٿيندو هو.
گرامي صاحب وڏي ڄمار هوندي به لکڻ، پڙهڻ ۾ ايڏو ته
مشغول هوندو هو، جو جيڪڏهن آفيس جو ٽائيم ختم ٿي
ويندو هو، تڏهن به ڪو خيال نه ڪندو هو. ايڏو اورچ،
محنتي، فرض شناس ۽ مخلص شخص مون زندگيءَ ڀر نه
ڏٺو.
21 مئي سال 1970ع جو، سنڌ جي عظيم هاري اڳواڻ
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ جن وفات ڪئي، آءُ
ڪامريڊ جي جاءِ ”حيدر منزل“ تي ويس. اتي ڏٺم ته
گرامي صاحب سڄي رات جاڳندو به رهيو، ته روئندو به
رهيو. مولانا غلام محمد گرامي صاحب جن جي رفيق
حيدر بخش جتوئي جن سان تمام گهڻي محبت هئي. صبح جو
جڏهن ڪامريڊ جتوئيءَ جي لاش کي دفنايو ويو، تڏهن
گرامي صاحب ٻارن وانگر روئي رهيا هئا ۽ مرحوم
مصطفيٰ ’حيدر‘ جتوئي، کين خاموش پئي ڪرايو.
اڄ اسان جي قوم، ملڪ ۽ ٻوليءَ کي گرامي صاحب جن جي
جدائيءَ سبب، هڪ وڏو نقصان پهتو آهي. گرامي صاحب
اسان وٽ نه آهي، مگر سنڌ جو هر فرد کيس ياد ڪري
ٿو. سندس جلايل علم جي جوت، ڪڏهن به وسامي نٿي
سگهي.
”اسان پنهنجي قلم جي طاقت سان مختلف زمانن ۾
ڪيتريون حڪومتون بنايون آهن، ۽ ڪيتريون ڊاٺيون
آهن؛ ڪيترا آدرش ۽ اصول ڦهلايا آهن، ۽ ڪيترن
اصولن سان ٽڪر کاڌو اٿئون. اوهين جڏهن خواب ۾
مدهوش هوندا آهيو، تڏهن اسين مٽيءَ جي ڏيئن کي
روشن ڪري، اوهان لاءِ لکندا آهيون. اسان جو فن ۽
ادب اوهان جي زندگيءَ جو رفيق ۽ ساٿي ثابت ٿيندو
آهي.“
ڪـَوي جسيم الدين
نثار بزمي
سامي سفر هليا
غلام محمد گرامي الله کي پيارو ٿي ويو. تاريخ 15-
سيپٽمبر 1976ع تي جڏهن مون اهي دکدائڪ اکر ٻڌا ته
منهنجو دماغ چڪرائڻ لڳو، دل جون ڌڙڪنون تيز
ٿينديون ويون ۽ اکين اڳيان اوڻٽهينءَ جي رات جهڙا
ڪارا ۽ ڀيانڪ پاڇا پکڙجي ويا. يا الله! مان هي ڇا
ٿو ٻڌان؟ نه، ته، ائين نه هوندو! اها ڪوڙي هوائي
ڪنهن دشمن اڏاري هوندي. هڪ مرڪندڙ ۽ سدا بهار
شخصيت ائين جلد ختم ٿي نه ٿي سگهي. منهنجي دماغ ۾
خيال جي اها جنگ جاري هئي. مان اها دل ڏاريندڙ خبر
ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار ڪو نه هوس.
ماڻهو ته، ڪي وڏا بدتميز ۽ بدنيت آهن.......
تيليءَ کي ٿنڀ بڻايو بيٺا آهن.........تو
به............ خدا جو خوف ئي نه ٿا رکن
هچارا......... اخبارن کي وري ٻيو ڪهڙو ڪم آهي،
وتن ڪوڙ گهڙينديون. هروڀرو ڪنهن معزز جي موت جي
ڪوڙي خبر ڇاپيو، هزارها دليون پريشان ڪري رهيون
آهن.........ڪوڙيون ڪنهن جاءِ جون
.......هون......
منهنجي دماغي قوت مفلوج ٿي رهي هئي. خبر نه آهي ته
پنهنجي منهن ڇاڇا ويهي ڀُڻڪيم.......... مگر
حقيقت، حقيقت ئي هوندي آهي. حقيقت پردن ۾ لڪائي ڪو
نه سگهبي آهي. ماڻهو ڪوڙا ڪو نه هئا، هنن سچ
ڳالهايو هو. اخبارون ويچاريون به حق تي هيون. هنن
ڪوڙ ڪونه لکيو هو. موت جي بي رحم هٿن، واقعي اسان
جي دلبر دوست ۽ مٺڙي مهربان کي پنهنجي مضبوط گرفت
۾ آڻي ڇڏيو هو. تقدير جو اهو وهڻ وهي چڪو هو. اسان
جو عالم ۽ عاقل، مبلغ ۽ محقق ، شاعر ۽ اديب ، اسان
جي علمي ۽ ادبي محفلن جا چراغ ٻجهائي حقيقي حاڪم
جي حضور ۾ پهچي چڪو آهي.
گهڻي جدوجهد ۽ تذبذب کان پوءِ مون مس وڃي هي موت
قبوليو هو، ۽ ان کي هٿ کڻي پٽيو هوم؛ جنهن اسان
کان اسان جو جانب جدا ڪري ڇڏيو هو، جنهن اسان جي
آستانن ۽ آتڻن ۾ ماتم جي صف وڇائي ڇڏي هئي ۽ جنهن
اسان جون دليون ڏکن سان ڏاري وڌيون هيون. خدا جي
مار پويس. قادر ڪنڌ ڀڃيس. نه مهل ڏسي، نه ڪمهل، بس
پنهنجي ارهه زورائي ڪيو ڇڏي.
ها.......اسان جو مهربان، اسان کان هميشه لاءِ جدا
ٿي ويو. اسان جون اکيون آليون ڇڏي ويو. اسان جون
ڇاتيون ڇني ويو. ڏُهڳ ڏئي وئي ويو. خدا جون رحمتون
هونديس.
هونئن ته هو دل جو عزيز ۽ هر انسان لئه حبيب هو،
پر مون ناچيز تي جيڪي سندس مهربانيون ۽ نوازشون
رهيون؛ اهي منهنجي دل تي لکيل آهن. قربدار جا ڪرم
وساري سگهڻ جهڙا نه آهن. هو مون کي ڇاتيءَ سان
ملائي، سوگهو ڪري ڇڏيندو هو. مان هن جي ٽهڪن ۾
ويڙهجي ويندو هوس. هڪ دفعي حيدرآباد ۾ سندس مهراڻ
واري آفيس ۾ منهنجي هڪ شاگرد لاءِ پڇيائين: ”ادي
جو تعارف؟“ مون عرض ڪيو: ”هيءُ آهي اوهان جو نياز
مند محمد عالم ’بيوس‘.“ ته ، ڇرڪي ويو، چيائين:
”يار، اهو وري ڪهڙو تخلص آهي، ڦيرائي ڪو ٻيو
رکينس.“ بيوسيءَ، ۽ مجبوري جو هو قائل نه هو هو
پنهنجا وس پاڻ وٽ رکڻ جو ڪوڏيو هو. هن جي نزديڪ
ڪفر ۽ نااميدي هئي. هو ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو ماهر
هو. هو زندهه دل انسان هو. هن جا ٽهڪ ۽ هن جا قرب
سڀ لاءِ هئا. هو علم ۽ ادب جو هڪ کليل ڪتب هو،
جنهن جي هر صفحي تي خلوص، پيار ۽ امن جا اوراڻا
لکيل هئا.
هو محفلن ۾ مشاعرن جي سونهن ۽ سينگار هو. هو هن جي
دل کيتن جهڙي وسيع، سرسبز ۽ خوشبوءِ دار هئي. هن
مان هر وقت بهارن جي بوءِ ايندي هئي. هو پاڻ کان
وڌيڪ ٻين لاءِ هو. هن جي دل ۾ انسانيت جو اونو ۽
ماڻهن لاءِ محبت هئي. اهوئي سبب آهي، جو هن پاڻ کي
دکي رکي به ٻين کي مرڪايو. هو پيار جي گلن جا جهول
ڀري آيو هو.
ماضيءَ جي تاريڪ کنڊرن کي ڦلهورڻ سان گڏ هن مستقبل
جو چنڊ پئي ڳوليو. هن جي طبع ۾ نوَاڻ ۽ نِـڪوراڻ
هئي. هو ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو هو. هو
انساني صورت ۾ هڪ فرشتو هو. هن وٽ فهم ۽ ادارڪ هو.
هو عالم ۽ اڪابر هو. هن وٽ نينهن جا نڪتا ۽ محبت
جا مذڪور هئا.
گرامي صاحب شاعر ساز هو. ثبوت لاءِ مرحوم جا سنڌ
جي سرزمين تي ڪيترائي شاگرد ۽ عقيدت مند موجود
آهن. سماهي مهراڻ جي شاعر نمبر جي شاعرن جون
سوانحون پڙهيون وينديون، ته شاعرن جو وڏو حصو، هن
املهه ماڻڪ جي چمڪ ۽ دمڪ سان روشن نظر ايندو.
مرحوم گراميءَ ادب جي راهه ۾ جيڪي سنگ ميل کوڙيا،
اهي روز روشن وانگر چٽا آهن. مهراڻ جو سفر مرحوم
جي علمي بصيرت ۽ دلي دانشمنديءَ جو کليل ثبوت آهي.
هو هر ادبي محاذ تي سرگرم هو. فڪر ۽ فن جو صاحب
هو. هن جا غزل ۽ گيت، ڪافيون ۽ وايون، نظم ۽
رباعيون، روح لاءِ راحت جو ذريعو آهن.
سروي سيٽلمينٽ آفيس حيدرآباد ۾ بحيثيت ڪلارڪ نوڪري
ڪرڻ لاءِ ويس ته، رهائش جي مسئلي پريشان ڪري
ڇڏيو. ڏاڍو اچي مُنجهيو هوس. ڀلا هر رات ڪنهن هوٽل
جي ڪمري ۾ ڪيئن رهي ٿي سگهيس؟ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
ڀلو ٿئي مرحوم گرامي صاحب جو، جنهن تلڪ چاڙهيءَ
واري پرائمري ٽيچرس ڪاليج ۾، دادوءَ جي هڪ با ادب
ماستر صاحب سان گڏ منهنجي رهائش جو بندوبست ڪيو.
انهيءَ کي ڇا چئجي؟ هي ته، پهاڙ جيڏو احسان چئجي.
ائين ته چڱا ۽ ڀَلَڙ ماڻهو ڪندا آهن. ائين ته،
فرشتا ڪندا آهن!
اسان جو گرامي اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي، مگر هن جا
ٽهڪ اسين محسوس ڪريون ٿا. هو اسان جي تصور ۾ موجود
آهي. هن جا شعر اسان جي سينن ۾ سوگها ۽ سانڍيل
آهن. هن جا گفتا، هن جا نڪتا اسان وٽ محفوظ آهن.
هو ڪو رواجي انسان ته ڪونه هو. هو فرشتو هو. هو
شاعر هو. هو عالم هو. هو محقق هو ، هو اَمر آهي.
علم ۽ جهالت
علم ۽ دانش، عقل ۽ شعور سان جاهليت جو گويا ازلي ۽
ابدي وير آهي. جاهليت جو پهريون وار حق ۽ باطل جي
تميز تي ٿئي ٿو. چڱيون چوکيون، روشن ۽ بينا اکيون،
انڌ جي پٽيءَ هيٺ اچي، سج کي دانگيءَ ۽ سوجهري کي
اوندهه سمجهڻ لڳن ٿيون. جاهليت جي وبا ۾ ورتل شخص
۾ نه تميز بالغ ٿي رهي، نه شعور ڪامل؛ نه طبع
صالح، نه دماغ سالم. ڏسڻ، سمجهڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ
جون سڀ روشنيون ختم! ڳالهه اها وڻندي، جا جاهليت
جي تائيد ڪري؛ ماڻهو اهو مٺو لڳندو، جو تعصب ۽ تنگ
نظريءَ، ڪج ادائيءَ ۽ غلط خيالن جي تائيد ڪندو.
جاهليت وارو ماڻهو، سائيءَ ورتل انهيءَ بيمار
وانگر آهي، جنهن کي هر هنڌ ساواڻ پيئي نظر ايندي
آهي. سو، جاهليت کي هر جاءِ الحاد، زندقو، ڪفر ۽
ارتداد پيو نظر ايندو؛ ايمان ۽ اسلام، امن ۽ صلح
جو گويا نڪو نالو آهي، نه نشان_ غ. م. گرامي)
(مهراڻ 2_3/ 9161)
منظور حسين قريشي
منهنجو استاد
اپريل 1952ع ۾ آءُ ٽريننگ اسڪول مٺياڻي مان
گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ تربيت
لاءِ بدلي ٿي آيس. حيدرآباد منهنجي لاءِ نئون شهر
هو ۽ ڪاليج جي قاعدن قانونن کان اڻ واقف هوس.
دخلڪار ٿيڻ بابت پڇا ڪري رهيو هوس، ته هڪ بزرگ شخص
سان ملاقات ٿي. هن بزرگ ميٺاج ۽ محبت سان ڪجهه
هدايتون ڏيئي وائيس پرنسپال مرحوم عبدالله ’عبد‘جن
وٽ وٺي ويو ۽ حقيقت حال کان آگاهه ڪرائي، مون کي
دخلڪار ڪرايو ۽ منهنجي رهائش لاءِ ڪوشش شروع ڪئي.
وڏيءَ جدوجهد کان پوءِ، استاد شفيع محمد ٽالپر جي
نظرداريءَ هيٺ هاسٽل ۾ رهڻ جو بندوبست ڪرائي
ڏنائين.
هيءُ باريش بزرگ بدن جو پورو پُنو، ڪڻڪ رنگو،
درويش صفت، مستن ۽ مست ته مجذوبن سان مجذوب،
ڳالهائڻ ئي تي اچي، ڪنهن به موضوع تي ڳالهائي، ته
بحر جيان پلٽجي پوي، اهو ئي هو منهنجو پيارو، شفيق
۽ مهربان اُستاد غلام محمد گرامي.
ٽريننگ ڪاليج هڪ طرف تعليمي تربيت گاهه آهن ته ٻئي
پاسي ادب جا مڪتب به آهن ۽ اهڙو ئي ماحول هو
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾. صبح جو تعليمي تربيت
۾ رُڌل هوندا هئاسون ته شام جو ادبي روح رهاڻ ۾،
هاسٽل نمبر3 ته ادبي روح رهاڻ جو مرڪز هو ۽ انهن
ڪچهرين جو مور هو استاد گرامي.
انهن ادبي ڪچهرين ۽ محفلن ۾ جهونا اديب ۽ شاعر به
ايندا هئا ته سيکڙاٽ به شريڪ ٿي فيض ياب ٿيندا
هئا. متعلمين ۾ مرحوم محمد عثمان ’پروانه، يونس
ٺٽوي، محمد هوت ’مجرم‘، حسن علي سيال، الهه جڙيو
ملاح جا نالا ۽ شڪليون اڄ به ذهن ۽ نظرن آڏو گهمن
پيون.
اپريل 1953ع کان اسان جي تربيت جو ٻيو سال شروع
ٿيو، ته هن ادبي گڏجاڻين ۾ ادبي شمع جي پروانن جو
تعداد به وڌيو. فرمان علي ’فرمان حيدري‘، محمد
صديق ملاح ۽ ٻيا هن محفل ۾ رونق وڌائڻ ۾ شريڪ
ٿيا.
هڪ ڏينهن ادبي ڪچهري مَتي پئي هئي، هر ڪو بحث ۾
حصو وٺي رهيو هو، ته استاد گراميءَ مون کي چيو ته
منظور، تون ڇو نٿو لکين! مون عرض ڪيو، ته قلم
کڻندي ڪجهه خوف ٿو ٿئيم. ان جواب تي مون کي سندن
تاليف ڪيل ڪتاب ’ادبي اهڃاڻ‘ جي مطالعي ڪرڻ جي
هدايت ڪيائون. مهيني بعد سندن ئي حڪم تي مون
شاعريءَ ۾ طبع آزمائي شروع ڪئي. اِها شاعري ته نه
هئي صرف تڪبندي هئي، جنهن تي تنبيهه ڪيائون، ته
تڪبندي شاعري نه آهي ۽ شاعري صرف لفظن جي ترتيب ۽
وزن تي بيهارڻ جو نالو نه آهي، پر جذبن ۽ اَمنگن
کي لفظن جي جامي پهرائڻ جو ٻيو نالو شاعري آهي.
تربيت جا ٻه سال پورا ڪري اچي پنهنجي ماڳ پهتس.
سال 1956ع نوابشاهه ۾ ’سنگت‘ جو بنياد پيو ۽ محترم
معصوم هالائيءَ جي ڪوششن سان نوابشاهه جا اديب ۽
شاعر هڪ پيلٽ فارم تي گڏ ٿيا. ادبي ڪچهرين جو
سلسلو شروع ٿيو. هر ڪنهن پنهنجي وت آهر ادب جي
خدمت پئي ڪئي. معصوم هالائيءَ جي وڃڻ بعد سنگت جو
سيڪريٽري گل محمد چنا ٿيو. (گل محمد چنا نوابشاهه
مان ماهوار ’ادا رسالو به ڪڍندو هو). اسان ٻنهي
گڏجي اشاعتي سلسلي جو پروگرام رٿيو، پر جلدئي سندس
بدلي ٿي ۽ سنگت جو سيڪريٽري مون کي چونڊيو ويو.
اشاعتي سلسلو شروع ڪرڻ تي هڪ ڀيرو وري منهنجو
استاد گرامي سان لاڳاپو قائم ٿيو، جو آخر تائين
قائم رهيو. اشاعتي سلسلي هيٺ نوابشاهه سنگت طرفان
مون برده سنڌي جي شعرن جو مجموعو ”اکڙيون مينگهه
ملهار“ ۽ نُور عباسي جو مجموعو ”چمڙي جا واپاري“
ڇپرايا. انهن جي اشاعت جو بار حيدرآباد ۾ محترم
شمشير الحيدريءَ تي هو ۽ جڏهن به آءُ انهيءَ سلسلي
۾ حيدرآباد آيو هوندس، ته استاد گرامي صاحب جي
خدمت ۾ ضرور ويو هوندس. |