سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :16

گرامي صاحب هڪ اديب، هڪ عالم، هڪ خطيب ۽ هڪ شاعر هوندو هو. هو هڪ محنتي ماڻهو هو، تنهنڪري گذرمعاش جي تلاش ۾، هن ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا. اها سندس ديانتداري هئي۔ هڪ سپاهيءَ وانگر هن هن وڏي جانفشانيءَ سان محنت ڪئي، ۽ سماهي مهراڻ کي زندهه جاويد بڻائي ڇڏيو، جنهنڪري هر انسان سندس مداح آهي. مون کي اها خبر ڪانه هئي، ته گرامي صاحب اسان کان اوچتو موڪلائي ويندو، نه ته ساڻس هڪ وڏي ملاقات ڪريان ها ۽ سندس شخصيت ۽ خيالات تي هڪ وڏو تاثر پيش ڪري سگهان ها. بهرحال سندس شعر متعلق هڪ ننڍو تاثر پيش ڪريان ٿو.

گرامي صاحب جا ڪجهه اشعار پڙهيا ۽ ٻڌا اٿم ۽ اندازو لڳايو اٿم، ته گرامي صاحب ۾ فلسفيانه نظريات سان گڏ، تصوف جي چاشني ۽ بلند آهنگيءَ جون گڏيل سڏيل تصويرون موجود آهن. هن جا مضمون گهڻو ڪري خشڪ نظر ايندا، پر انهن ۾ شعريت موجود هوندي آهي ۽ جنهن مان سندس بلند پايه شاعر هجڻ جو تاثر ملي ٿو. هو گهڻو لکي سگهندو هو ۽ گهڻو پڙهي سگهندو هو. هن وٽ سهڻن لفظن جو هڪ وڏو ڀنڊارموجود هو. انهن لفظن ۾، شان و شوڪت سان گڏ، هڪ طمطراق به موجود هو. لفظن ۾ ڪيترين صدين جو پس منظر هوندو هو. جيڪڏهن سندس شعر ۾ فقط لفظ هجن، معنيٰ ۽ مواد بالڪل نه به هجي، تڏهن به سندس لفظ معنيٰ ۽ شاعريءَ جو مقصد حاصل ڪري سگهندا. ڪجهه لفظ اهڙا ٿيندا آهن‏، جي مڪمل تصوير جي نشاندهي ڪندا آهن. گرامي صاحب کي علم عروض تي وڏو عبور حاصل هو ۽ سندس هر هڪ شعر، سندس فن جي بلند آهنگيءَ جو مرقع آهي. مون ڪيترن شاعرن کي پڙهيو آهي. ڪن جو وڏي عقيدي سان مطالع ڪيو آهي ۽ ڪن ۾ فقط لفاظي هوندي آهي؛ پر گرامي صاحب جا الفاظ به هڪ وڏي معنيٰ جو معيار رکندا آهن، ڪن وٽ وري عروض جي ڪمزوري آهي، گرامي صاحب وٽ بي پناهه برجستگي ۽ پختگي موجود هئي. سندس  شاعريءَ ۾ زندگي آهي ۽ زندگيءَ سان گڏ، وٽس زندگيءَ جي دلفريبي به آهي. اڄ اها زندگي خاموش آهي ۽ دلفريبي به ان زندگيءَ سان گڏ موڪلائي ويئي. غزل گو شاعرن جي باري ۾ گهڻيون ئي خيال آرايون آهن، ڪن غزل جي شاعريءَ کي روايتي شاعري سڏيو آهي ۽ ڪن رسمي. جنهن ۾ عشق شاعرن جو پيدائشي حق آهي، تنهن ڪري بسا اوقات، غزل جا شاعر پنهنجي عشق جي شدت کان روئندا پٽيندا آهن. گرامي صاحب به غزل جو شاعر آهي، پر اهڙي ڳالهه منجهس ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. گرامي غزل جي صنف کي، غزل جي روايت کان گهڻو ڪري پاسي رکيو آهي‏. مون گرامي صاحب جا ڪيترا غزل پڙهيا آهن، جن ۾ شگفتگي، خوش اسلوبي ۽ پاڪيزگي موجود آهي. هو عشق مجاز جو گهايل نه هو، پر عشق جي اسرار رموز کان چڱيءَ طرح واقف هو. هو صوفي به ڪو نه هو، پر تصوف جي باريڪين کان باخبر هو. تنهنڪري منجهس عشق سان گڏ تصوف جو رنگ به نظر ايندو آهي.

آهي ڪعبي ۽ ڪليسا ڏي يڪي راهه گذر،
تو ۾ اي اهل نظر، خام ٿيو انداز نظر.

خمير خاڪ فنا آشنا جوڇا انداز،
نظرسان آهه بڻي ڪيميائي خاڪ اثر.
ڇ

ساقيءَ ماهوش، کڻ ڪا نوري نظر، ڪو اٿي جام ڀر

عالم رنگ وبو، چارسو، ڪويڪو، ٿيو فريب نظر.
 

خدا جو شڪر، غم اين و اَن جو آهيان امين،

نه آهه پنهنجي مقدر ۾ سيم و زر نه سهي.
 

لفظن جي بلند آهنگيءَ سان گڏ شعرن جي پاڪيزگي ڏانهن نظر ڪجي. ڪعبي ۽ ڪليسا جي ماهيت جو خيال ڪجي. اهل ِ نظر جو انداز نظر غلط ثابت ٿيو. محبوب جيڪڏهن دلفريب نظرون مٿي ڪري ڪو جام ڀري پياري، ته سڄو عالم نظر فريب بڻجي پوي. مون لفظن جي باري ۾ مٿي ذڪر ڪيو آهي. مٿين شعرن مان لفظن جي شان و شوڪت ظاهر آهي. گرامي صاحب هڪ ڪهنه مشق شاعر هو، جنهن کي لفظن استعمال ڪرڻ جو هڪ ڍنگ هو، هڪ نئون ڏانءُ کڻي چئجي، ته منجهس ڏات هئي. گرمي صاحب انهن لفظن ۽ اصلاحن کان احتراز ڪيو آهي، جيڪي غزل جي شاعريءَ جي روايت ليکيا ويندا آهن، جيئن ظالم، رقيب، صياد وغيره وغيره، جيڪڏهن اهڙا لفظ اچن، ته به سندن معنيٰ نئين دور جي عڪاسي ڪندي.

تصوف ۽ اخلاق جو پاڻ ۾ وڏو سٻنڌ آهي. غزل جي شاعريءَ ۾، محبوب جي شڪايت جا دفتر، هجر و فراق جون ڳالهيون، گريه وزاري جون ڪيفيتون نظر اينديون. مٿيان ٻه چار شعر گرامي صاحب جي غزلن جا آهن، جن مان ترقي پسنديءَ جي بوءِ ايندي، انسانيت جو سبق ملندو، تصوف جي ڪيفيت معلوم ٿيندي، جن ۾ هڪ سهڻي اخلاق جا مظاهر ڏسڻ ۾ ابتدا. شاعريءَ سان گڏ شاعر جي ذاتي زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻو ٿو پوي. جيتوڻيڪ گرامي صاحب سان ڪا لمبي ملاقات ڪانه ٿي آهي، پر سرسري جائزي کان پوءِ يقين اٿم، ته گرامي صاحب هڪ نيڪدل انسان هو ۽ هر ڪنهن سان نيڪيءَ سان پيش ايندو هو. اسان جي اڪثر ملاقات، ريڊيو پاڪستان اسٽيشن تي ٿيندي هئي. هو مون کي گهر وٺي هلڻ لاءِ آماده ڪندو هو، مان کيس سکر اچڻ لاءِ منٿون ڪندو هيس.

سندس اشعار کي، سندس سادي ۽ صفا زندگيءَ سان پرکي ڏسجي، ته سندس شخصيت جو مقام متعين ڪري سگهجي ٿو. گرامي صاحب نه رڳو غزل جو شاعر هو، پر هو بهترين نظم به لکندوهو ۽ آزاد نظم، جنهن جي خلاف گرامي صاحب تنقيد لکي هئي، پر پوئين وقت ۾ آزاد نظم سندس طبيعت جو خاصو بڻجي پيو هو.

گرامي صاحب جي نظم مان ڪجهه اقتباسات پيش آهن، جن جي پڙهڻ سان، گرامي صاحب جي بلند شخصيت ظاهر ٿئي ٿي. هو هڪ ديني عالم هو، جنهن ديني علوم جي تحصيل ڪئي هئي. هو زندگيءَ جي هر مسئلي کان واقف هو. هن جي انسانذات سان محبت هئي، انسان ڪهڙي به مذهب جو هجي، گرامي لاءِ انسان انسان هو. جيڪڏهن هو انسانيت جا حق ادا ڪري ته منجهانئس نسل ۽ مذهب جي تفريق مٽجي وڃي ٿي.

 

ڪنهن جي تحرير ۾ عيسيٰ ۽ محمد جو پيام،

ڪنهن جي تقرير ۾ گوتم ۽ ڪنيئي جوگيان.
 

ڪنهن حقائق تان هٽايا سوين رنگين غلاف،

ڪنهن دقائق جي جهان ۾ سٺا ڪيئي خار خلاف.
 

آهي حيات بخش هئي لمحئه حيات،

آهي زبان، مڪان کان مٿي منبع حيات،
 

هن مان سندس انفراديت ظاهر آهي. گرامي صاحب سهڻو ۽ پختو آزاد نظم لکڻ شروع ڪيو ۽ ٻين کي به مشورو ڏيندو هو. مون کي جڏهن ملندو هو، تڏهن پڇندو هو، ”راز صاحب آزاد شاعري بند ڪري ڇڏيوَ ڇا؟“ مان جواب ڏيندو هوسانس، ”توهان جو لکڻ شروع ڪيو آهي.“ مون ڏانهن وفات کان اڳ جيڪو خط لکيو هئائين، ان ۾ قائداعظم تي آزاد نظم لکڻ جي فرمائش هئي. گرامي صاحب آزاد نظم تي وڏي محنت ڪئي هئي. آزاد نظم جي رموز کان واقف ٿي هن آزاد نظم لکيو. مواد ۽ هيئت جي اعتبار کان سندس آزاد نظم بهترين آهي. آزاد نظم ترقي پسند تحريڪ جي هڪ وڏي علامت آهي.

وڌوا جي جهوليءَ جيان بي ثمر، نه جنهن کي آ ڪٺمال، بولو نه نٿ.
نه سندور سان سينڌ ان جي ڀريل، اڪيلو ٻٻر، پر سڪل ۽ سڙيل.
اڪيلي مٿس چٻ جا چراڙٽ، چي! ڪڏهن ٿو اچي بس انڌيرن جو راڄ،
 

انڌيرن جو راڄ!

هندي ۽ سنڌي لفطن جو ڪهڙونه سهڻو ۽ دلپسند امتزاج آهي. گرامي صاحب جي لفظن تي پوري گرفت رهي آهي.

آءُ ڇا؟ هستيءِ بيڪران.

عالم ِ رنگ وبو جي مڪان ۾ مڪين و مقيد پيو تڙپان ٻران.

 ابروئي جهان، منهنجو هر آشيان.

پيچ در پيچ ٿيو آهي منهنجو وجود.

گرامي صاحب هڪ بهترين خطيب هو. مون کي سندس تقريرن ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي. گرامي صاحب وٽ لفظن جا انبوهه موجود هوندا هئا ۽ لفظ سندس مرضيءَ مطابق ڪم ڪندا رهيا. الله کيس مغفرت ڪري. عجب آزاد مرد هو.

سڀڪو ماڻهو آ محض ماڻهو ’راز‘‏، آدمي پر ملي ٿو مشڪل سان

 

ڳهڻي جهڙو ڳائڻو

ٿي جَر جان جنهن جو جي جرڪيو،
سو جوڳي جَڳ جاڳائي ويو.
هو پنهنجي جيءَ جي جوت ڏئي،
هيءُ جَڳ سڄو جرڪائي ويو.
هو ڳهڻي جهڙو ڳائڻو.
ڪي ڳاهه ڳُجهاندر ڳائي ويو.
هو ٻهڳڻ پنهنجن ٻولـن سان،
هي بنّ سڄو ٻهڪائي ويو.
هو بادل جان برسي برسي،
ٿَرَ بَرَ جي اڃ اجهائي ويو.
هو پنهجي من مان مُشڪ ڏئي،
هيءُ من منهنجو مهڪائي ويو.
 

”سارنگ“

 

محمد اسماعيل عرساڻي

قضيه نا مرضيه

هوالباقي لايزال

با قضانيست چارهء تدبير_ يفعل الله ما يشاء قدير

سچ چيو اٿن ته ’موت العالَم‘. هن قحط الرجان جي زماني ۾، بزرگان دين جي فرقت، واقعي اسان لاءِ دلخراش ۽ روح فرسا ثابت ٿئي ٿي ۽انهن جي مبارڪ زندگين مان، جو اسان کي فيض حاصل ٿيندو رهي ٿو، ان کان اسين محروم بلڪ يتيم ٿي وڃون ٿا ۽ سندن فرقت کان، جيڪا کوٽ اسان جي علمي ۽ ادبي خزاني ۾ پوي ٿي، ان جو نه ازالو ٿي سگهي ٿو ۽ نه اها ڪمي پُر ڪري سگهجي ٿي. هزارين حيلا ڪريون ۽ وسيلا ڳوليون، مگر سڀ لاحاصل.

آهي ته اها هڪ حقيقت، پر زندگيءَ جا رشتا، محبت ۽ پيار ڀريون علمي محفلون ڪٿي ٿيون وسري سگهن. انسان ته سڀ انسان آهن، انهن ۾ ڪهڙو فرق بيان ڪجي، پر شاهه ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته:

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي،.
 

 سندس مبارڪ زندگيءَ ۾، جنهن جو پيارو نالو آءُ فقط ’گرامي‘ چوڻ سان وٺندو هوس، اڄ مون کي ان پياري نالي سان مرحوم مغفور، خلد آشياني، جنت مڪاني جهڙا لفظ پيونسته ڪرڻا پون ٿا. اڄ جتي ۽ جنهن محفل ۾، سندس محبوب نالو وٺڻو پوي ٿو، اتي مرحوم مولانا غلام محمد ’گرامي‘ جا لفظ استعمال ڪري، دل ڏکي ٿي ۽ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. دماغ اهڙو ته مائوف ٿي وڃي ٿو، جو ڀانيان پيو، ته ائين ڪيئن هوندو، جو گرامي رحلت ڪري ويو هوندو. هينئر به وڃان ۽ شايد کيس وڃي، سندس جهوپڙيءَ ۾ ويٺل ڏسان ۽ ساڻس ڪچهري ڪري اچان ۽ سندس ڪوٺي، جيڪا هر طرف کان ڪتابن سان سٿي پئي هوندي هئي، فقط هڪ کٽ جي جاءِ ۽ باقي ڪتابن تي ڪتاب هوندا هئا. ان علمي ۽ ادبي ماحول ۾ ويهي، ڪجهه روحاني راحت وٺي اچان، پر هاءِ! اهو خيال منهنجي دماغي، دلي ۽ ذهني پريشانيءَ جو وهم آهي. ويا ڪٿي ٿا موٽن ۽ وري زندگيءَ ڀر ڪڏهن ٿو سندن مبارڪ مکڙو پَسي سگهجي. بس بقول شاهه:

وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار،
ڪُٽين ڪٽ لهار، هاڻي انهين ڀيڻئين!
ڇڇ

 مرحوم جي هنن فقيراڻن ڪکن ۾ ويهي، ساڻس محو گفتگو ٿيندا هئاسين، ته جان ۾ جان اچي ويندي هئي. جنهن به مسئلي تي بات ڇڙي، ته ان جي سمجهاڻي اهڙي ته مدلل نموني ۾ پيش ڪندا هئا، جو انگشت بدندان اچي ويندي هئي، ته هيتري معلومات هن ننڍي عمر ۾ مولانا گراميءَ کي ڪٿان آئي. ديني ۽ مذهبي معاملات ته درڪنار، تاريخي، ثقافتي ۽ فني ڄاڻ به  سندن محو حيرت بنائي ڇڏيندي هئي. سياسي معاملن تي گهڻي راءِ زلي ڪانه ڪندا هئا، مگر سياسي هستين جي زندگين ۽ ڪارنامن جي ڄاڻ ايتري هوندي هين، جو ڪن کَڙا ٿي ويندا هئا. اهو سڀ سندن وسيع مطالعي جو ڪرشمو هو. جاگرافيءَ جهڙي دق مضمون تي، جڏهن ڳالهائيندا هئا، ته منهنجو عقل دنگ رهجي ويندو هو، ته هي مُـلن ۽ مولوين جي مڪتبن ۾، ٺڪرن جي ڏيئن تي پڙهيل ۽ تَـڏن تي ويهي جهومندڙ مولوي، اهي عميق جاگرافيءَ جا نڪتا ڪيئن پڙهيا. رياضي، طب ۽ لطيف فنن تي  ڪو سوال پيش ڪبو هو، تان ۾ به اهائي مهارات هوندي هين، جا هڪ ماهر استاد کي هجي، بلڪ زياده. ڪلاڪن جا ڪلاڪ، سندس قيمتي وقت ضايع ڪندا هئاسين ۽ خود پنهنجا به ڪم ڪار سڀ فراموش ٿي ويندا هئا‏، پر ڀانئبو ائين هو، ته اڃا هاڻي گوڏو به نه ٻيڪڙيو اٿئون. اڃا ته سندس صحبت مان گهڻو ڪجهه سِـکڻو هو، ليڪن هاءِ تقدير! مرحوم جي مٺي زبان، هلڪي مسڪراهٽ ۽ درميانه آواز ۾ گفتگو، هر هڪ لفظ ۽ جملو، موتين جي لڙهي پوتل. انداز بيان فصيح ۽ دلڪش.

مرحوم گراميءَ جي وفات پوري سنڌ، سندس دوستن، طالبن ۽ دنيائي علم و ادب جو هڪ عظيم نقصان آهي، جنهن جي تلافي قطعا محال آهي. هن دردناڪ موت، مرحوم جي احبابن کي به ماري وڌو آهي ۽ سندن ڪمر ٽوڙي ڇڏي آهي.

مولانا گرامي! اڄ تنهنجا معتقد، همنشين ۽ زانوئي ادب ٻيڪڙي ويهندڙ جان نثار طالب، توهان جي فراق ۾ زبان حال چئي رهيا آهن، ته اسان کي ماري پاڻ کي اجاري جياري ويو.

هاڻي هن فاني حيات جا ڪجهه ڏينهن، جي بقيد حيات هونداسين، تنهنجي لاءِ روئندا رهنداسين، پر تون موٽي نه ايندين. انهيءَ راهه جيڪو ويو آهي، سو نه موٽيو آهي. صرف ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ دست بدعا آهيون، الله تعاليٰ توهان کي فردوس برين جي تمام نعمتن سان نوازي ۽ تنهنجي قبر کي محمدي نـُور سان منور فرمائي. تون اڄ اسان وٽ نه آهين، پر تنهنجي ياد هميشہ اسان جي دلين تي رهندي ۽ تنهنجي فراق جي ضرب ڪاري، اسان جي دلين ۾ ناسور وانگر چِـڪندي رهندي ۽ تادم زيست، تنهنجون ڳالهيون ياد ڪري، تنهنجا ڳڻ پيا ڳائينداسين، فاتحه ۽ قل پڙهي بخشيندا رهنداسين. بس وڌيڪ اسان جي وس ڇا آهي. هاڻي تنهنجي محفل اسان نصيب ڪانه ٿيندي. توسان محبت ڪرڻ وارا ته هزارين آهن، ليڪن تنهنجي محفل کان لرهه آهن.

مٿيان الفاظ مون صرف مولانا مرحوم جي عاشقن جي دلي جذبات جي، مختصر کان مختصر ترجمانيءَ لاءِ چيا آهن؛ باقي تفصيل سان لکان، ته دفتر لکجي وڃن، دفتري بايد به تحرير بيان.

مولانا گرامي! مون تنهنجي مشتاقن  جي پر اَشوب هاءِ گهوڙا ٻڌي آهي. کين ٿڌا شوڪارا ڀريندي ڏٺو اٿم  گرم گرم آنسو وهائيندي ڏٺو آهي ۽ هنن جي غم ۾ شريڪ ٿيو آهيان ۽ خود لُـڙڪ هاريان اٿم. افسوس تنهنجي عمر ڇا هئي؟ تنهنجي وڃڻ جي عمر اڃا نه هئي!

هن جهان ۾ ڪير رهيوآهي ۽ ڪير رهندو! سڀ پير فقير، اولياءُ، سڪندر ۽ دارا هٿين خالي، چار هٿ ڪفن ۽ چار گز زمين وٺي هميشہ جي لاءِ الوداع چئي ويا. ڪو به  ڪونه رهيو ۽ نه رهندو. تنهنجي وفات جو ٻڌي، طبيعت تي وڏو شاڪ پهتو. دماغ ۾ خيال آيو ته ڪجهه لکان، پر قلم کڻان ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي. قلم لکڻ کان قاصر. وري پِـنو ۽ پين رکي ڇڏيان. ذهن مان غم جو غبار هلڪو نه ٿئي، جو ڪجهه سوچي سگهان. جيئن تيئن ڪري قلم کنيم ۽ هي چند الفاظ لکيم، پر خبر نه اٿم ته ڇا ٿو لکان ۽ ڇا لکڻ گهرجي! ٻڌم ته مهراڻ رسالو، جنهن جو تون روح روان هئين، ان جو هڪ نمبر اوهان جي پياري ياد ۾ ڪڍيو ٿو وڃي. ان حقيقت مجبور ڪيم،. ته يوسف جي خريدارن ۾، پنهنجو نالو به ڳڻايان. نه ته هينئر هن ڪبرسنيءَ ۽ ضعف بصارت سبب، مون ۾ ڪهڙي طاقت رکي آهي، جو آءُ ڪجهه صفحا لکي، اوهان جي شايان شان لکي سگهان. هنن چند ڪچن ڦڪن لفظن ۽ خام تحرير کي، پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. فقط پنهنجي ادائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ ، نه ته گرامي مرحوم جي علمي تبحر تي قلم فرسائيءَ ڪرڻ جو هرگز اهل نه آهيان:

چه نسبت فاکه را بعالم پاڪ

ڇا آءُ ۽ ڇا گرامي مرحوم جو علم. هن باري ۾ ته فقط ڪي عالم لکن. مان اڌ پڙهيل لکڻ جي جسارت هرگز ڪري نٿو سگهان. منهنجو مقصد محض مرحوم جي ياراني ۽ واقفيت جو بيان قلمبند ڪرڻو آهي، ته مرحوم جي مون سان پهرين آشنائي ڪيئن ٿي ۽ ڪيئن مرحوم جي پهرين ملاقات مون کي سندس شيدائي بنائي ڇڏيو. مرحوم جي علميت، تعليم ۽ تدريس جا فرائض ۽ جن جن فاضل استادن وٽ پڙهيو ۽ جتي جتي تعليم حاصل ڪيائين، ان بابت مان اهل علم عالم حضرات تي ڇڏيان ٿو‏، ته اهي هن باري ۾ ضرور لکڻ فرمائين ته گرامي مرحوم جي سوانح جو مڪمل ڪتاب بنجي سگهي. اميد ته منهنجو عرض ضرور قبول پوندو ۽ عالم سڳورا پنهنجا فرض پورا ڪندا.

منهنجي مرحوم سان آشنائي:

تقسيم هند و پاڪ وارو زمانو هڪ عظيم پر آشوب زمانو هو. اسان جا هم وطن هندو ڀائر هندوستان لڏي ويا ۽ اسان جا هندوستاني مسلمان ڀائر، هتي هجرت ڪري آيا. هندن جون جائدادون ۽ ملڪيتون، ترڪ وطن سبب خالي ٿي ويون. سندن تعليمي ادارا ڀڙڀانگ ٿي ويا. مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو سنڌ جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هو ۽ مرحوم خان بهادر محمد صديق ميمڻ، ٽريننگ ڪاليج فارمين جو پرنسپال هو. مرحوم سيد حاجي علي اڪبر شاهه ميهڙ کان حيدرآباد آيو ۽ هنن ٽنهي بزرگن جي ڪوشش سان، ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول تلڪ چاڙهيءَ تي قبضو ڪيو ويو. حاجي عبدالرحمان بروهي،. آخوند عبداللطيف مٽيارن واري، سيٺ عبدالڪريم ڪوٽڙيءَ واري ۽ ٻين قومي خدمتگارن تحريڪ هلائي، ته هن اسڪول ۾ عربي يونيورسٽي قائم ڪجي. چندا جمع ڪيا ويا ۽ وڏن وڏن عالمن کي مدوعو ڪيو ويو. مصر مان عربي نصاب جا نسخا گهرايا ويا. المختصر ته هن نيڪ ڪم جو بنياد رکيو ويو. مرحوم حاجي علي اڪبر شاهه پنهنجي ميهڙ واري مدرسه جا معلم پاڻ سان وٺي آيو، جن مان هڪ اسان جو پيارو ۽ محبوب دوست مولانا گرامي مرحوم به هو. ڪجهه شاگرد گڏ ڪيا ويا ۽ درس تدريس جو ڪم، الله جو توڪل تي شروع ڪيو ويو. آءُ ان وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾، ايڊيوڪيشنل سپروائيزر هوس ۽ پٿورو منهنجي بيٽ ۾ هو. الحاج ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ آرائين، پٿوري جي ميڊيڪل ڊسپينسريءَ ۾ ڊاڪٽر هو. رئيس اعظم مرحوم سائينداد ڇورو  پٿوري وڏي ۾ وڏو زميندار هو. پٿوري اسٽيشن تي سندس رهائش لاءِ بنگلو هو ۽ آسپاس واري زمين سندس ذاتي ملڪيت هئي. مرحوم اڪثر بيمار گذاريندو هو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سندس علاج ڪندو هو، جنهن ۾ سندس اهڙو ته اعتقاد هو، جو هر دوا جو وزن، ان جي هٿ کان سواءِ نه وٺندو هو. بدقسمتيءَ سان مرحوم لا اولاد هو. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کي چيائين ته توهان اسٽيشن تي جيڪو به پلاٽ چاهيو،  ان جو انتخاب ڪريو ۽  هڪ اسپتال جو نقشو ٺهرايو، ته مان پنهنجي خرچ سان اوهان کي اسپتال ٺهرائي ڏيان ۽ ٻي به زمين اوهان کي لکي ڏيان ۽ نوڪريءَ کي ترڪ ڪريو. سرڪاري ملازم اڄ هتي ۽ سڀاڻي هتي. مان اوهان جي خدمتن کا محروم ٿيڻ نٿو گهران، اوهين مون کي پنهنجي پٽ جي برابر آهيو. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ آڌيءَ جو ڪاريءَ رات ۾ سندس سڏ تي هليو ايندو هو ۽ ڪافي وغيره رئيس کان ڪڏهن به قبول نه ڪندو هو. اهو وقت اهو هو، جو جامعه عربيه جو بنياد پئجي چڪو هو. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ هيءُ بندو سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ کان وٺي گڏ پڙهيا هئاسين. هن مون سان صلاح ڪئي ۽ مٿي ڏنل ساري گفتگو، جا منهنجي  روبرو ٿي هئي، ان تي تبصرو ڪيوسين. ڊاڪٽر موصوف چيو، ته مان ڊاڪٽر آهيان، مون کي ڪا لالچ ناهي. منهجا هٿ سونا آهن. ڊاڪٽري خود ڪيمياگري آهي. مون کي ديني تعليم سان محبت آهي. منهنجو خيال آهي. ته رئيس کي گڏجي عرض ڪريون، ته 500 ايڪڙ زمين جامعه عربيه کي وقف ڪري ۽ اها جامعه هئي پٿوري ۾ قائم ٿئي. مون ڊاڪٽر صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪيو ۽ هڪ ڏينهن گڏجي وڃي رئيس مرحوم سان ذڪر ڇيڙيوسين. انڌو گهري الله کان هڪ اک، اسان کي ٻئي اکيون ملي ويون، رئيس مرحوم اسان جي ڳالهه ٻڌي، نهايت مسرت جو اظهار ڪيو ۽ فرمايو ته 500 ايڪڙ زمين اسٽيشن جي آسپاس واري ته ڏيندس، پر مدرسي جي غريب شاگردن جي پيٽ قوت لاءِ ڪپڙا، اناج ۽ گوشت لاءِ ڇيلا وغيره به حاضر ڪندس، في الحال هيءُ منهنجو بنگلو حاضر آهي. مدرسو شروع ڪريو ۽ منهنجي والد مرحوم رئيس ڪانڀو خان  جي نالي سان نسبت ڏيوس ته وڌيڪ خوشي ٿينديم، نه ته به مان اهي سڀ واعدا پورا ڪندس. مگر هاڻي ان ڪم ۾ دير نه وجهو، جلدي ڪريو، حياتي بي بقا آهي. وڌيڪ ائين به فرمايائين، ته مون کي ته اولاد ڪونهي، پر هي منهجي ڀاڻيجو شمس الدين، جنهن کي هو پيار مان مصري سڏيندو هو، سو به هن مدرسي ۾ داخل ڪرائينداسين. خير، اسين پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿياسين. مان  نه ڪو خانبهادر ميمڻ کي سڃاڻان، نه علي اڪبر شاهه کي، ۽ نه ڊاڪٽر دائود پوٽه کي. مون کي وٺي هل، هلي انهن سان هن باري ۾ ذڪر اذڪار ڪريون   ۽ کين خوشخبري ٻڌايون. علامه دائود پوٽه جي منزل حيدرآباد ۾ هئي. حيدرآباد آياسين ۽ انهن بزرگن سان چار اکيون ٿيون. اسان کان حال احوال وٺي ڏاڍا سرها ٿيا. چند روزن بعد وقت مقرر ڪيوسين، دستاويز لکڻ وارو پٿوري وٺي وياسين. زمين جا نقشا رئيس مرحوم وٽ موجود هئا. وقف زمين جو قبضو لکيو ويو. ٽيئي صاحب ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ مون کي ڀاڪر پائڻ لڳا ۽ ٿورا مڃڻ لڳا. پٿوري ۾ مدرسو قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيائون، جو نه پاڙيائون. في الحال هڪڙو ننڍڙو اسڪول کوليو ويو، جنهن ۾ مولوي عرض محمدکي مقرر ڪيو ويو ۽ هڪڙو پرائمري ماستر محمد صديق مقرر ڪيو ويو. اسان جي قوم جي بدقسمتي، جو اهي صاحب پاڻ ۾ نه ٺهيا ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽه ته ڪجهه عرصي بعد نه خانبهادر ميمڻ سان ٺهيو ۽ نه مرحوم علي اڪبر شاهه سان سلوڪ رهيس. هي چند لفط پس منظر طور لکيا اٿم.

مولا گراميءَ سان پهرين ملاقات

منهنجو گهر حيدرآباد ۾ هو ۽ هر آچر تي ايندو هوس. جامعه عربيه جمعي ڏينهن بندر رهندو هو ۽ آچر تي کليل هوندو هو. جامعه سان اسان جو گهاٽو واسطو رهيو، ڇو ته ان لاءِ اسان هڪ نيڪ ڪم سرانجام ڏنو هو. جامعه ۾ پهرين پهرين منهنجي ملاقات جامعه جي معلمن مان مرحوم گراميءَ سان ٿي. مرحوم سان هڪ ٻه ڪلاڪ ڪچهري ڪيم ۽ پهرين ملاقات ۾ ئي، هن مرحوم منهنجي دل تي قبضو ڪري ورتو. ڇا سندس کُـلڻ ڳالهائڻ، ڇا نياز نوڙت، ڇا خود داري ۽ ڇا عالمانه گفتگو. ان وقت بدن ۾ سنهو هو. سندس قد قامت ۽ طور طريقو ڏاڍو پيارو ۽ پسنديده هو. هر طرح دوستيءَ جي لائق ۽ محبت ۽ عزت جو حقدار معلوم ٿيو. مرحوم علي اڪبر شاهه، جامعه عربيه جي ڪري گهڻي عزت ۽ آبرو لڌي ۽ مشهوري هٿ ڪئي، اهو ئي سبب هو، جو هو سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ لڙيو، ته ان ۾ به ڪاميابي حاصل ڪيائين. مدرسي جي حجري مان نڪري اسيمبلي هال ۾ آيو، ته سياسي رنگ مٿس چڙهيو. موٽرن جي سواري ڪيائين. سياسي جلسن ۾ تقريرون ڪيائين. سندس مصروفيتون وڌي ويون، جامعه ڏي توجهه گهٽبو ويو. استاد هڪ هڪ ٿي ملازمت ڇڏيندا ويا ۽ جامعه عربيه مان ڦري هن اداري وڃي هڪ هاءِ اسڪول جي شڪل ورتي. گرامي مرحوم ته پهرين فرصت ۾ معاملي جو جائزو وٺي ڇڏيو هو ۽ سندس خودداريءَ کيس اجازت نه ڏني، ته اهڙو پگهار وٺي، جنهن ۾ عزت جو جوکو ٿئي. مرحوم گرامي نهايت غريب هو، مگر غريبيءَ ۾ به اميريءَ جو ڏيکاءُ ڏيندو هو. مون کيس عرض ڪيو ته سائين ڇا ٿا ڪريو، ملازمت ترڪ نه ڪريو. گذران جو چڱو ذريعو آهي؛ ته جواب ڏنائين ته: هاڻي هيءُ ادارو آپيشاهيءَ جي زد ۾ اچي، ان جو شڪار بنجي چڪوآهي، ان ڪري هن جا ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. رزاق الله آهي.

بکي در به بندد کشايد دگر.

سندس خودداريءَ جي جذبي تان قربان وڃجي. خودداري سندس حصو هو. ٿيو به ائين، جو ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم، جنهن سندس علمي لياقتن ۽ صلاحيتن کي ڀانپي ورتو هو، تنهن کيس گهرائي، فورا ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ دينيات جو معلم مقرر ڪيو ۽ پگهار جي گهٽ وڌائيءَ کي نه ڏسندي آڇ منظور ڪيائين، جو پوءِ اسان جي کاتي ۾ اسان جو رفيق ٿيو. پوءِ ته ملاقاتن ۽ صحبتن جو هڪ اٽوٽ رستو جاري ٿي ويو۽ سندس ڪچهرين مان گهڻو ڪجهه پرايم. ٽريننگ ڪاليج ۾ اچڻ بعد سندس تحرير ۽ تقرير ۽ خوش بيانيءَ جو اندازو لڳو. ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ان وقت ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال هو، جنهن گرامي صاحب کي اخبار تعليم جو ڪم به سونپيو ۽ ڪاليج ۾ جيڪي تقريبات ٿينديون هيون، تن ۾ موصوف کي تقرير لاءِ چوندو هو. اهي تقريرون آءُ ٻڌي ٻڌي حيران ٿي ويندو هوس. ڇا سندن تحرير ۽ تقرير ۾ بلاغت، ڇا فصاحت. مان مرحوم جي اوصاف حميده جي ڪهڙي صفت ڪريان. مرحوم کي ڪنهن به تقرير لاءِ اڳواٽ سوچڻ يا تياريءَ جي ڪابه ضرورت ڪانه هوندي هئي. جنهن به موضوع تي استدعا ڪبي هيس ته في البديه ڳالهائيندو هو. چاهي ڏهه منٽ ڳالهائي، چاهي ڏهه ڪلاڪ، دل پئي چوندي ته اڃا به ڳالهائي. بور ٿيڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿيندو هو. سندس تقرير ۾ فلسفيانا نقطا، تصوف جون گهرائيون، اسلامي تعليم جو هڪ سمنڊ اڇلون کائيندو هو. سندس تقرير دوران، هال ۾ اهڙي ته خاموشي طاري ٿي ويندي هئي، جو سُئي زمين تي ڪري ته ان جو به آواز ٻڌڻ ۾ اچي. ڊاڪٽر جعفري صاحب، کين وڏي عزت سان ڏسندو هو ۽ هر معاملي ۾ سندن تعظيم ڪندو هو. ان قدر دانيءَ سبب ئي، نه چاهيندي به هتي ڪجهه وقت گذاريائين. جڏهن ڊاڪٽر موصوف جي بدلي ٿي ته مولانا گراميءَ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. مون کي ياد آهي ته ڊاڪٽر جعفريءَ کي اسان جيڪا موڪلاڻيءَ جي پارٽي ڏني، ان ۾ گرامي صاحب جا مختصر تقرير ڪئي، تنهن ڪيترن کي رئاڙي ڇڏيو. ائين پئي ڀانيو، گويا هڪ ڊاڪٽر جعفري نٿو موڪلائي، پر سڄو ٽريننگ ڪاليج ختم ٿي رهيو آهي. هن تقرير مون تي جيڪو اثر ڇڏيو، سو مون کي حياتيءَ تائين نه وسرندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com