سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :3

سنڌ ۾ دراوڙ، جن کي انهن اڻ آريه ٺهرائي ڇڏيو، انهن  جي ڪابه لکت اسان وٽ موجود نه رهي، ڇاڪاڻ جو اهو هر فاتح جو قانون هوندو آهي ته قبضي ڪرڻ کان پوءِ مفتوح جي پوري تاريخ، رسم و روايات، تهذيب ۽ ٻولي کي سڀ کان پهرين ختم ڪندو آهي، اهو دستور فقط اڄ جي فاتحن جو نه آهي پر اڄ کان چار، پنج هزار ورهيه اڳ به اسان کي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، دراوڙ مهذب هئا، اِنهن کي آرين پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ اڻ آريه ڪوٺيو، حالانڪ اهي دراوڙ ئي هئا،  جيڪي هتان جا اصلوڪا باشندا هئا، جن دنيا ۾ سڀ کان پهرين سنڌ ۾ زراعت جو پيشو اختيار ڪيو، دنيا ۾ پهرين سنڌ ۾ کيتي ڪئي ويئي، سنڌ ۾ ٻيلا رکيا ويا، سنڌ ۾ ڪپهه پوکي ويئي، سنڌ ۾ ڪپڙو ٺاهيو ويو، سنڌ ۾  اوزار ‎ٺاهيا ويا، سنڌ ۾ ڌاتن جي تميز پيدا ڪئي ويئي، آرين دراوڙن کي ديوس پتر ڪري سڏيو آهي، ديوس لفظ جي  منعيٰ ته عام سمجهه ۾ اچي ٿي، ته هاڻي سنڌ جي اها دراوڙن بابت جيڪا تاريخ رگويدا  ۾ منفي انداز ۾ موجود آهي، اهائي گويا سنڌ جي ان وقت جي سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته رگويد ۾ سڄو سنڌ تي لکيل آهي، رگويد جي شروعات ئي سنڌو درياهه کي خطاب سان ٿئي ٿي.

هاڻي رگويد ۾ جا به شيءَ آهي سان دراوڙن بابت آهي، جن کي آرين اڻ آريه قرار ڏيئي هتان لڏائي ڪڍيو، هو هتان لڏي ڏکڻ هندستان هليا ويا، هينئر جيڪي تامل ۽ تلنگو زبانون آهن سي دراوڙن جون زبانون آهن، مدراس، اوڙيسا جي هيٺين ڀاڱي ۾ حيدرآباد دکن ۽ ميسور ۾ جيڪي اڇوت رهن ٿا، اهي سڀ دراوڙ آهن، انهن جون ٽيئي ٻوليون موجود آهن، انهن جو علم ادب موجود آهي، جڏهين ان جو مطالعو ٿو ڪجي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي نه فقط خالص پر جملن جا جملا ان ۾ موجود آهن، انهن ٻولين جي موجوده دور جي محققن، تاليف تي، پنهنجي اصل نسل تي پنهنجي لڏ پلاڻ تي ۽ خاص طور تي سنڌ مان پنهنجي نڪري وڃڻ تي جيڪي ڪجهه لکيو آهي اهو پڙهڻ گهرجي، ٻي شيءَ اها آهي ته بلوچستان جا قديم باشندا دراوڙ آهن، هينئر جيڪي بلوچ محقق تاريخون لکن پيا، تن ۾ تاريخ کان اڳ جو بلوچ ۽ بلوچستان وارو باب سنڌ جي دراوڙن سان وابسته آهي، اهو باب پڙهڻ کپي، ان باب ۾ اسان جي سنڌ متعلق سمورو احوال ملي ٿو ته ڪيئن دراوڙ ان طرف پکڙجي ويا، ۽ انهن اتي پنهنجي تهذيب کي ڪيئن محفوظ رکيو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي آرين جي اثر کان گهڻو پري رهجي ويا، ان کان پوءِ اسان کي راءِ گهراڻي جو درو ملي ٿو، جنهن جي باري ۾‎ به هندو محققن غلط تصورات ڏنا آهن ته هوا ڻ آريا هئا ۽ اڇوت هئا، حالانڪ هو ٻڌ ڌرم جا ماڻهو هئا ۽ نهايت پاڪيزه خصلتن جا هئا، سنڌ سان هنن جي ڏاڍي محبت هئي، راءِ سهاسيءَ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي، سنڌ جا قلعا ٺهرايا، سنڌ جا ان وقت ايران سان جيڪي تعلقات ڪري هنن سنڌ جو بچاءَ ڪيو، ايتريقدر جو سيهرس ٻيو ايران سان سنڌ جي بچاءَ جي لڙائي وڙهندي مارجي ويو، مطلب ته ايستائين به اسان کي ڪا تاريخي معلومات نٿي ملي، ان کان پوءِ چچ جو دور آهي، جنهن بابت به ڪا لکڻي اسان کي ڪانه ٿي ملي، چچ جي وقت ۾ برهمڻ ازم جو زور هو، چچ هڪ وڏو برهمڻ هو، ان دور ۾ سنڌ ۾ علم ۽ فن جو چرچو هو، ڪتاب موجود هئا ۽ لکت جا سڀئي ساز سامان موجود هئا ۽ يقين آهي ته ان دور ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿي هوندي ۽ ٿيڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ جو چچ جي معاصر دور ۾ هندستان ۾ تصنيف تاليف جا سلسلا ملن ٿا، ان دور ۾ ڪتابن جا تمام وڏا ذرخيرا هئا جيڪي عربن جي حملن دوران تباهه ٿي ويا، عربن هڪ ته سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن کي باهيون ڏنيون، جنهن ۾ سنڌ جو ان وقت جو علم، فن ۽ ادب جلي رک ٿي ويو، ٻيو ته مذهبي طور تي، عربن جتي حملا ڪيا آهن، اتي جي ،ڪتبخانن کي هنن باهيون ڏيئي ناس ڪيو آهي، حالانڪ ان دور جي حضرت علي جي هڪ روايت بيان ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ چيو اٿن ته”سنڌ ئي اها سر زمين آهي جتان علم جو سج اڀري ٿو.“ اهڙي طرح علامه نعماني آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته؛ سنڌ علم جو مرڪز آهي، جتان ايران ۽ يونان تائين علم پهتو آهي. يونان به علمي طور تي سنڌ جو شاگرد آهي.

اهڙي ريت اسان کي جيڪا تاريخ ملي آهي، سا پهرين ”چچنامو“ آهي، جيڪا هڪ عرب مورخ جي لکيل آهي، ان وقت ۾ تاريخ لکڻ جو فن، هن جديد فن جي ابتڙ آهي، ان وقت تاريخ فقط تذڪري جو نالو آهي، روايتن جو نالو آهي، فساني جو نالو آهي ۽ چند اهڙين ڪرامتن جو ذڪر آهي، جنهن لاءِ انسان کي حيرت وٺي، مطلب ته ان وقت حيرت انگيزي، سنسني خيزي تاريخ جو فن هو، ٻيو ته ان وقت ۾ تاريخون ڪنهن نه ڪنهن بادشاهه جي سرپرستي ۾ لکيون وينديون هيون، جنهنڪري اهڙين تاريخن ۾ انهن بادشاهن جي ساراهه لکيل آهي، مثال طور چچنامو ڏسندوء ته ان ۾ لکيل آهي فلاڻي بادشاهه جنهن کي زمينن ۽ آسمانن جي خدا پنهنجي برڪتن سان نوازيو آهي، هو خدا جو پاڇو آهي، وڏي مبارڪ هستي آهي وغيره، ٻيون تاريخون مذهبي نگاهه سان لکيون وييون آهن، هاڻي جيئن ته ان وقت ڪيترائي مذهبي فرقا هئا، ان ڪري هر فرقي واري پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ حقيقتن کي ٿيڙ پئي ڏنو آهي، ۽ هنن اهڙيون تاريخون لکيون آهن، جنهن ۾ سندن نظرئي، سندن نصب العين جي تائيد آهي. اهو دور به تاريخ جو هڪ غلط دور هو.

تاريخ جي فن ۾ پهريون ابن خلدون آهي، جنهن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تاريخ  نه تذڪري نويسيءَ کي چئجي نه واقعات نگاري کي چئجي؛ پر تاريخ اها آهي جنهن ۾ هر واقعي جا عوامل، محرڪات ۽ اسباب بيان ڪيل هجن، ابن خلدون پنهنجي مقدمي ۾ تاريخ جي فن جا سمورا اصول پيش ڪيا آهن، ايتريقدر جو جديد دور جي مورخن جي وڏي امام ٽوئن بي جا لفظ آهن ته؛” ابن خلدون تاريخ جي فن جا جيڪي اصول بيان ڪيا آهن، اسان پنهنجي پاران ان ۾ ڪو به اضافو ڪري نه سگهيا آهيون.“ ان جي معنيٰ ته تاريخ لکڻ جي فن ۾ موجوده دور جو انسان اڃا پوئتي آهي، ان ڪري توهان اندازو لڳايو ته سنڌ جي تاريخ تي ڇا لکيو ويو هوندو! سواءِ روايتن ۽ انڌن منڊن واقعن جي ٻيو ڇا لکيو ويو هوندو! هاڻي چچنامو، جيڪو پنهنجي طور تي کڻي چڱي شيءَ آهي، پر تاريخ جي دائري کان ٻاهر آهي، تاريخ جي جديد نظرين ۽ تاريخ جي جديد فني اصولن جي نگاهه ۾ سنڌ جي تاريخ اڄ ڏينهن تائين نه لکي ويئي آهي، سنڌ جي تاريخ لکڻ جا جيڪي به طريقا آهن اصول آهن، ان موجب هڪڙو باب به نه لکيو ويو آهي، ان لاءِ سنڌ جا دانشور، سنڌ جا سجاڳ نوجوان ۽ سنڌ جا علمي ادبي ادارا جوابدار آهن، انهن اڄ ڏينهن تائين ان طرف ڌيان نه ڏنو آهي ته سنڌ جي تاريخ کي جديد اصولن موجب ڪيئن مرتب ڪجي، ائين نه آهي ته ڪو اسان وٽ ماڻهو نه آهن، ماڻهو آهن، پر هنن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪابه آساني ۽ سهوليت پيدا نه ڪئي وئي آهي.

اهڙيءَ طرح تاريخ معصومي ۽ تحفةالڪرام به واقعاتي تاريخون آهن. ميرن جي دور بابت اسان کي تاريخي معلومات انگريزن وٽان ملي آهي، توهان کي حيرت ٿيندي ته ميرن جي دور واري سنڌ جي تاريخ ڪنهن به ديسي ماڻهوءَ جو هڪڙو لفظ به لکيل نه آهي، باقي جيڪي ڪجهه مواد آهي اهو يورپ جي عالمن جو لکيل آهي، سنڌ جي تاريخ بابت تفريح ۽ وندر ۽ ٻيو وقت جي بادشاهه جي خوشامد ڪرڻ ۽ انهن کان انعام حاصل ڪرڻ. اهو آهي سنڌ جي تاريخ جو حال!

سوال؛ سائين، گرامي صاحب، ان صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

جواب؛ رگويد کان وٺي موجوده دور جي قليچ بيگ جي تاريخ جي سڀني واقعن کي گڏ ڪري، انهن کي ترتيب ڏيڻ گهرجي، ان کان پوءِ تاريخ جي جديد اصولن موجب انهن تي تنقيد ڪئي وڃي ته انهن جا اسباب ڪهڙا هئا، هڪڙا سبب مذهبي آهن، ٻيا قومي آهن، ٽيان پرماريت جا آهن، ۽ پاسي وارن بادشاهن جي توسيع پسندي جا آهن، ان قسم جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ۾ اسان جي آڏو ڪيتريون حقيقتون روشن ٿي وينديون، جيڪڏهن فيروز بدبخت سنڌ کي ارغونن جي هٿ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته درياهه خان توهان کي سنڌ جو بچاءُ ڪندي نظر ايندو، مطلب ته هڪڙي پاسي ٻاهرين جي اڳرائي ظاهر ٿيندي ته ٻئي پاسي سنڌي وطن پرست سورهين جون سورهيايون نظر اينديون، اهڙي ريت اسان کي سنڌ جي صحيح تاريخ تيار ڪرڻ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿيندي، افسوس اهو آهي ته هن وقت تائين سنڌ جي تاريخ ڪنهن سنڌيءَ اڃا نه لکي آهي. سنڌ بابت سموريون تاريخون ٻاهرين جون لکيل آهن.

تاريخي نقطه نگاهه کان ٽوئن بي، پنهنجي مقدمي ۾ بحث آندو آهي، ”جيڪڏهن بابر پاڻيپٽ جي لڙائيءَ ۾ ڪامياب نه ٿئي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها!“

اهو اهڙو سوال آهي جو توهان ڪنهن يونيورسٽي ۾ وڃي تاريخ جي ڪنهن استاد کان پڇو ته هن جي مٿي کي چڪر اچي ويندو، ڇاڪاڻ جو هو فقط واقعات جو علم رکن ٿا، هنن کي انهن واقعن جي پس منظر جي ڪابه پروڙ نه آهي، ان سوال تي ٽوئن بي وڏو بحث ڪيو آهي، ۽ بحث جي شروعات ڪئي اٿس چين کان، ڪٿي بابر جي پاڻيپٽ جي لڙائي، ڪٿي چين!

ان وقت چين جي بادشاهه جي انگلنڊ جي حڪومت سان تعلقات کي آڏو رکي، ان جو سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي پس منظر ڏيندي، پوري وچ ايشيا کي پنهنجي  بحث جي آغوش ۾ کڻي پوءِ ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن بابر پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي ۾ شڪست کائي ها ته سڄي وچ ايشيا جي هيءَ حالت هجي ها ۽ هندستان جي هيءَ حالت هجي  ها. انهيءَ نموني مان پاڻ سوال پڇندو آهيان ته جيڪڏهن محمد بن قاسم ڪامياب نه ٿئي ها ته پوءِ سنڌ ڇا هجي ها؟

اهو هڪ قياسي سوال  آهي، پر اسان وٽ مواد موجود آهي. اسان ان تي ڪافي غور فڪر کان پوءِ ڳالهيون سمجهي سگهون ٿا ته محمد بن قاسم جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي وهيو واپرايو آهي، آيا ان ۾ ڪو فرق هجي ها ! ظاهر آهي محمد بن قاسم جي شڪست کان پوءِ سنڌ جو نقشو ئي ٻيو هجي ها. اها سنڌ، جنهن لاءِ عرب محقق لکيو آهي ته علم جو سرچشمو آهي، اها سنڌ جنهن لاءِ چيو ويو ته علم ۽ فن هتان يونان ۾ پهتو ،  اها سنڌ جنهن لاءِ چيو ويو ته علم جو سج سنڌ مان اڀري ٿو.

هاڻي جنهن سرزمين سان علم جي وابستگي ڏيکاريل آهي، ته ظاهر آهي ته ان جي تهذيب، معاشرت ۽ ثقافت کي وڏي معيار تي تسليم ڪيو ويو آهي، هاڻي جيڪڏهن اها سنڌ زندهه رهي ها  ۽ هن جديد دور تائين اسان سان گڏ هلي اچي ها ته هن موجودهه دور ۾ وري به سنڌ اهو معيار ۽ مقام حاصل ڪري ها، جيڪو دنيا ۾ يورپ جي ڪن وڏن ملڪن کي حاصل آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي دانشون، اديبن، نوجوانن، محققن، مورخن ۽ علمي ادبي ادارن تي فرض پوي ٿو ته سنڌ جي پوري تاريخ کي تنقيدي نگاهه کان ۽ جديد تاريخي اصولن جي روشني ۾ مرتب ڪن.

سوال؛ سائين، گرامي صاحب، سنڌ جي ثقافت تي ڪجهه روشني وجهندا.

 جواب؛ ثقافت بابت هي عرض آهي ته موجوده دور ۾ ثقافت متعلق گهڻيون غلط فهميون پکڙيل آهن، ثقافت عربي لفظ آهي، جنهن جو مفهوم ’ڪلچر‘ جي معنيٰ ۾ ورتو ٿو وڃي، جيڪو به غلط آهي. اهو اردو وارن اسان جي مٿان هڪڙو وڏو ظلم ڪيو آهي، ڪلچر جو مفهوم ٻيو آهي. ڪلچر يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو اڳتي هلي انگريزي زبان ۾ شامل ٿي ويو، ڪلچر جي معنيٰ”ايگريڪلچر“ ئي آهي. انسان جي زندگي جي ابتدائي نشونما ئي زمين، کيتي ۽ هارپي مان ٿي، تنهنڪري هر هنڌ اناج جو پوکڻ، اناج پيدا ڪرڻ، ان جي نشونما ۽ حفاظت جي سلسلي م جيڪي به  ذريعا اختيار ڪيا ويا، ۽ وري انهي پيداوار کي جن طريقن سان ڪتب آندو ويو، انهيءَ ڪتب آڻن کان پوءِ جيڪي به انهيءَ انساني طبقي ۾ رسمون پيدا ٿيون، جيڪي به انهيءَ ۾ ڪي خصلتون ۽ عادتون پيدا ٿيون، جيڪي اڳتي هلي روايتون بنجي پيئون، اهي سڀ گڏجي ڪري ان خاص طبقي جو ڪلچر بڻجي پيو، سنڌين جي ثقافت چئن شين سان وابسته آهي، جيڪي آهن جاگرافي، تاريخ، علم ادب ۽ ٻولي. اهي چارئي شيون اسان وٽ قديم دور کان موجود رهنديون اچن ٿيون، تنهنڪري جيڪڏهن ائين چئجي ته دنيا ۾ سڀ کان پراڻي ثقافت سنڌي ثقافت آهي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو،  مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته سنڌي ڪلچر جي وسعت ايتري ته اصلي آهي، جو اُها سڄي دنيا جي ٻاهرين قومن جي تهذيب ۽ روايتن جو آماجگاهه ۽ مرڪز ٿي سگهي ٿي، جيئن مون اڳ ۾ ٻڌايو آهي  ته سنڌ ۾ دنيا جون ڪيتريون قومون آيون، ۽ هتي وسجي ويئون ۽ انهن جي تهذيب ۽ روايتن جا ڪيترائي قدر سنڌ جي تهذيب ۾ رلجي ملجي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سرزمين، ارتقا جي نقطه نگاهه کان دنيا جي سڀني جاگرافي جي خطن کان اڳ ۾ بيدار هئي، انهيءَ ۾ اڳ ۾ صلاحيت پيدا ٿي،  هتي سڀ کان اڳ ۾ انسان نشونما ۽ ارتقا سان وابسته ٿيو، تنهنڪري علم ۽ فڪر جي حيثيت سان سنڌ جو ماڻهو وڌيڪ مهذب رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو  سنڌ ۾ آرين کان اڳ توڙي پوءِ جيڪي به قومون آيون، انهن پنهنجون روايتون ۽ قدر هتي ئي دفن ڪري ڇڏيا، تنهن ڪري هيءَ سنڌ جي تهذيب هڪ جامع تهذيب آهي. انهي جي دنيا جو ڪو به خطو هن سان مقابلو ڪري نٿو سگهي، اهو تمام ڊگهو بيان آهي، افسوس هيءُ آهي جو هيءُ اسان جا هندستاني ڀائر، جيڪي سنڌ جي ڌرتي تي وارد ٿيا، انهن جي دانشورن ۽ اديبن شعيو ڪري هتي سنڌ جي ثقافت کي نظرانداز ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو ته جيئن هنن چاهيو ٿي ته سندن اولاد سنڌ جي اثرائتي تهذيب کان پري رهي، ڇاڪاڻ جو هڪ طرف سنڌ ۾ هر ٻاهرين آيل قوم کي پنهنجون روايتون دفن ڪرڻيون پيئون آهن ته ٻئي طرف هنن اڌارن ماڻهن کي پنهنجي هندستاني تهذيب کي برقرار رکڻو آهي، ان ڪري هنن  ماڻهن مورڳو ثقافت ۽ تهذيب جون معنائون ئي بدلائي ڇڏيون آهن، انهن ثقافت اهائي قرار ڏني آهي، جيڪا سندن ملڪ يا شهر جي آهي، حالانڪ اها بلڪل غلط ڳالهه آهي، ثقافت جون پنهنجون عمريون ٿين ٿيون، ثقافت جي پويان تاريخي پس منظر ٿين ٿا، ثقافت ائين ميز تي ويهي قلم کڻي ٺاهي ته وٺبي آهي، هي دنيا جو هڪ عجيب تجربو آهي، ته هت اسان جي ملڪ ۾ جنهن کي پاڪستان جي تهذيب چيو ٿو وڃي، اها ميز ۽ ڪرسيءَ تي ويهي پنجويهن سالن ٺاهي ويئي آهي ۽ ان ۾ لکنوي اثرات به آهن، ته رامپوري اثرات به آهن ته دهلي جا ، مدراس جا، حيدرآباد دکن جا عليڳڙهه جا اثرات به آهن، جيڪي خود پنهنجي جاءِ تي مستقل ثقافت آهن، ۽ اهي پنهنجي پنهنجي جاءِ ي جدا جدا ثقافت ۽ تهذيب جا مبلغ آهن، اسان سان اهو وڏو الميو ٿيو آهي ته اهي هڙئي گڏجي هتي آيا ، جن اچي اسان جي هن عظيم سنڌي ثقافت کي نظرانداز ڪيو آهي، جڏهن ته هنن جو هن زمين سان واسطو ڪونهي ثقافت ، تاريخ ۽ تهذيب جو بنياد هميشه زمين تي ٿيندو آهي، تڏهن خود بخود اهو سوال پيدا ٿو ٿئي، ته جڏهن هنن جو اسان جي زمين سان واسطو ئي ڪونهي، ۽ هنن جي ثقافت ٻي سرزمين جي آهي، پوءِ ان هوندي به هو اسان جي سرزمين تي قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ۽ ان ۾ تاريخ ۽ ثقافت کي غلط معنائون پهرائين ٿا، حالانڪ هنن جي نه ثقافت آهي، نه تاريخ آهي، نه تهذيب آهي ۽ نه ئي ڪي روايتون آهن، ڇا لاءِ جو هنن جي ڪابه زمين نه آهي، جيڪڏهن ڪو چوي ته ڀارت هنن جي زمين آهي، ته ڀارت به  هنن جي زمين نه هئي، ڇاڪاڻ جو ڀارت ۾ اڪثريت ٻين جي هئي ۽ اهو ساڳيو مسئلو ٽيليويزن تي ٿيل مذاڪري ۾ آيو هو ته عرض هيءُ آهي ته هنن جي نگاهه مغل ثقافت تي فقط ان ڪري پهتي هئي ڇاڪاڻ  جو دور کي پنهنجي ثقافت جي علامت ٺهرائڻ ۾ ئي پنهنجي لاءِ خير سمجهيو آهي. ورنه مغلن جي ڪابه ثقافت ڪانه آهي، جيڪڏهن مغلن جي ڪا ثقافت آهي ته پوءِ خليجن جي به ثقافت آهي، تغلقن جي به ثقافت آهي، لوڌين جي به ثقافت آهي، سورين جي به ثقافت آهي، اهي سڀ هندستان جا مختلف دورن ۾ حاڪم رهيا آهن. ان مان توهان اندازو لڳايو ته هيءُ هندستان مان آيل اسان جا مسلمان ڀائر، تاريخي طور به حد کان وڌيڪ مغالطو ڏيڻ گهرن ٿا.

مغلن جي دور ۾ علم، ادب ۽ فن چڱي ترقي ڪئي، ڇا لاءِ جو بهادر شاهه ظفر، غالب، مير انيس، جڪيم مومن ۽ دبير علم ادب، شعر ۽ سخن ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪئي، مختلف مڪاتيب فڪر بنيا ۽ علم جا ذخيرا ٿيا، تنهنڪري انهن مڙني علمي ادبي ذخيرن کي نگاهه ۾ رکي پنهنجي نسبت قائم ڪرڻ لاءِ چيو ته هي آهي اسان جي تهذيب، حالانڪ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهي هڪڙا تاريخي دور آهن، جيڪي گذري ويا، انهن وقتن ۾ جيڪي تصنيفون ۽ تاليفون ٿيون، اهي پنهنجي جاءِ تي علم ۽ فن ۾ هڪ وڏو اضافو آهن، اهو ڪنهن تي احساس نه آهي، انهن سڀني شين کي گڏي ڪري ڪا قوم علامت بنائي نٿي سگهي، سنڌ فقطه هڪڙي شخص کي علامت بنائي سگهي ٿي، اهو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڇاڪاڻ جو لطيف انيس نه آهي، دبير نه آهي اقبال نه آهي، لطيف دنيائي انسانيت جي انهيءَ شرف ۽ ڪمال وارو جامع شخص آهي، جنهن جي اڳيان پوري دنيائي انسانيت آهي؛ جيڪو ساري انسانذات کي خطاب ٿو ڪري ، جيڪو پوري دنيا  جي انسانذات کي پنهنجي حڪمت ۽ فلسفي کان واقف ٿو ڪري، پر پيدا ڪٿي ٿيو، سر زمين سنڌ ۾. ڇو ته سرزمين سنڌ ۾ اهي قدر ، اهي معيار ۽ زندگي جا اهي لطيف ترين طريقا موجود هئا، جن طريقن جي ترجماني لطيف ڪئي ۽ جن طريقن مان خود لطيف جنم ورتو، جن مان لطيف پرورش حاصل ڪئي، تنهنڪري لطيف جو پيغام سنڌ جو پيغام آهي، ۽ لطيف پوري دنيا جي انسانذات سان مخاطب آهي، تنهنڪري  اسان شاهه لطيف کي انيس، غالب ۽ اقبال تي ترجيح ڏينداسون، ڇاڪاڻ جو اهي مختلف ضرورتمندانه نظرين سان وابسته آهن، شاهه لطيف انهن مڙني اضافي نظرين، اضافي بندشن، ۽ اضافي ضرورتن کان مٿي آهي. تنهنڪري ساري دنيا جو عظيم انسان لطيف آهي، لطيف اسان کي اول سنڌ جي قوميت سيکاري ٿو، جيئن ته قوميت لاءِ جاگرافيائي خطو ضروري آهي هڪڙي ٻوليءَ جو مجموعي حيثيت سان اثر ضروري آهي ۽ هڪڙي علم ادب جو نظرياتي ذخيرو ضروري آهي، اهي سڀ شيون سنڌ کي هزارن سالن جي تاريخي ورثي ۾ مليل آهن، تنهنڪري اسان دعوا سان چئي سگهون ٿا ته قوميت جي جديد نظرين تي دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا قوم آهي ته سنڌي قوم آهي ۽ سنڌي قوم کي شاندار ثقافت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com