سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :20

اهو ٻڌي، مون کان اڳ نسيم کان رڙ نڪري وئي، ”ابوءِ.... قهر ٿي ويو.“ ناصر جي چهري تي ڇانيل سنجيدگي ۽ اڀري آيل درد جون ريکائون منهنجي هانوَ ۾ ڀالو بڻجي چڀي ويون. هڪ هٿ سيني تي ۽ ٻيو هٿ مٿي تي ڏيئي آءُ ڪي لحظا ٻڏو رهيس. منهنجي اکين آڏو اونداهي ڇانئجي وئي هئي! مون ائين  محسوس ڪيو، ڄڻ هڪ دفعو ٻيهر منهنجو پيءُ گذاري ويو هو! جوان ڀاءُ وري نئين سر اجل جو شڪار ٿي هو!

منهنجو اهو آئيڊيل دوست گذاري ويو هو، جنهن منهنجي اٿاهه اونداهي ذهن ۾ علم، سوچ ۽ ڄاڻ جا قنديل روشن ڪيا هئا. مون پاڻ کي غير فطري ۽ ظالم قوتن سان وڙهندي پنهنجي سڄي ٻانهن کي ڪٽيل محسوس ڪيو هو. مون جيوت جي ڪشتيءَ کي بي انت ۽ بيڪران سمنڊ ۾، ناخدا کان سواءِ ٻڏندي محسوس ڪيو هو. منهنجا احساس هڪ اهڙو پنڇيءَ جهڙا هئا، جنهن جا پَرَ وقت جي ظالم صياد ڪٽي، کيس پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو هجي.

ممتاز مرزا چيو آهي ته ”سڀاڻي گرامي صاحب جي ياد ۾ ٽي ويءَ تان هڪ خاص پروگرام ترتيب ڏيئي رهيا آهيون_ سندن تصويرون برسات ۾ پيل هونديون، سي گهرجن ٿيون.“

ناصر ائين ڳالهايو، ڄڻ هن جو آواز ڪوهه ولايت مان ايندو هجي. ان وقت تصويرون ته نه ملي سگهيون، ليڪن مون کيس برسات جي سندس ئي هڪ ايڊٽ ڪيل پرچي جون ٻه ڪاپيون ڳولي ڏنيون، جنهن ۾ ناصر، گرامي صاحب مرحوم جو انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ گرامي صاحب جون ڪيتريون ئي تصويرون ڇپيل هيون.

اها خبر ٻڌائي يار ته هليا ويا ۽ آءُ درد جي وادين ۾ انهن رهنما قدمن جي آهٽ ٻڌندو رهيس.

مون کي ياد نٿو پوي ته آءُ ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي گرامي صاحب سان مليو هوس؟ ليڪن مون کي خبر آهي ته اسين ڪڏهن به، ڪٿي به، پوءِ اها بورڊ جي آفيس هجي، گرامي صاحب جو گهر هجي، ڪراچي هوٽل هجي، سچل جي درگاهه هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪو ادبي پليٽ فارم هجي، ريڊيو اسٽيشن هجي يا ٽي وي_ جڏهن به يارن دوستن سوڌو مليا هونداسين ته ائين لڳو هوندو ته اسين ملڪ جي عظيم ترين محقق، تاريخ، فلسفي، منطق، علم قرآن، حديث، فقہ ۽ادب جي ڄاڻو، ۽ صاحب طرز خطيب بدران پنهنجي هڪ جيڏي سرتي سان رهاڻ ۾ مشغول آهيون. پاڪستان جي مڙني وڏن دانشورن سان منهنجا بيحد ئي نيازمندانه تعلقات آهن، پر جيتريقدر نهٺائي، تدبر، ظرافت، خوش اخلاقي، بلند حوصلگي مون گرامي صاحب مرحوم جي ذات ۾ ڏٺي، اهڙي شايد ئي ڪنهن دانشور ۾ هوندي. علم ۽ ادارڪ جو هيڏو ڀنڊار، پر طبيعت ۾ سادگي ۽ فقر، ڄڻ ڪو قلندر هجي.

سنڌي ادب تي عجيب ۽ غريب دور آيا_ جدت ۽ ترقي پسنديءَ جي دور سان گڏ، رجعت پسندن ڪفر ۽ الحاد جي فتوائن جا دفتر کولي ڇڏيا. چي، ”آزاد نظم ڪفر آهي، خرافات آهي، فحاشيءَ کي ڦهلائڻ جو ذريعو آهي_ علم عروض کان اڻڄاڻائيءَ ڪري فرار آهي.“عجيب صورتحال هئي، ليڪن جيڪو مرد مجاهد نئين نسل جو ڀر جهلو ٿي بيٺو، اهو مرحوم گرامي هو. هن نه فقط فڪري محاذ تان مخالفن جو مقابلو ڪيو، ليڪن علمي طرح سان چندئي سهي، ليڪن اهي بهترين آزاد نظم لکيا، جيڪي فڪري اڏام، نواڻ، تازگي ۽ زندگيءَ سان محبت ۽ زندگيءَ جي گوناگون ڪيفيتن کي ڀرپور طريقي سان ظاهر ڪن ٿا.

گرامي صاحب جا سماهي مهراڻ ۾ لکيل ايڊيٽوريل سندن علمي ڪمال ۽ گهري ڄاڻ جا عڪاس آهن. ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانت“ مرحوم جو اهو تخليقي ڪارنامو آهي، جنهن تي سنڌ جو ترقي پسند نسل صدين تائين ناز ڪندو رهندو.

مون پاري ڏڏ، جاهل ۽ بيڪار ماڻهوءَ جي گرامي صاحب ايڏي ته تعريف ڪندو هو جو مجبور ٿي آءُ مٿن ڪانه ڪا ”چٿر“ ڪري کين چيڙائي ويهندو هوس، ليڪن سندن راءِ ۾ تبديلي نه ايندي هئي.

هڪ ڀيري ٽي، ويءَ تان سائين خليفي نبي بخش لغاري صاحب جي رسالي ۽ سندن تخليقي عمل تي مختصر مذاڪرو هو—ممتاز مرزا ميزبان هو ۽ شريڪن ۾ گرامي صاحب سان گڏ آءُ ۽ سائين شيخ محمد اسماعيل صاحب هئاسين. پهريائين شيخ صاحب جن کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو، بعد ۾ مون کي اشارو مليو، مون پنج منٽ کن خليفي صاحب جي ”ڪيڏاري“ تي ڳالهائيندي، ”آن ايئر“ اها هام هڻي ويٺس ته، ”سنڌ ۾، ڌرتي جي ناتي سان اهو پهريون ڪيڏارو آهي، جنهن کي پنهنجن سرفروشن جي حضور نذراني طور پيش ڪيو ويو آهي.“ گرامي صاحب مرحوم کي خليفي صاحب جي فڪر جي ٻئي ڪنهن پهلوءَ تي ڳالهائڻو هو ۽ جڏهن پروگرام پورو ٿيو ته منهنجي تجزيي جي ايڏي ته تعريف ڪيائون، جو مون کي شرم محسوس ٿيڻ لڳو. ليڪن هڪ ڳالهه ۾ وٺي جيڪا ڪيائون، سا اها هئي ته:

”ڌرتيءَ جي سرفروشن جي شان ۾ لکيل پهريون سنڌي ڪيڏارو صادق فقير جو آهي، جيڪو جهوڪ شريف جي سائين، شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين جي شهادت جي موضوع تي آهي.“

اها گرامي صاحب جي اعليٰ ظرفي هئي، نه ته ٻيو ڪو ٺڙڪو دانشور هجي ها ته تڏي تي ئي لاک لاهي رکي ڇڏيم ها. ليڪن مون کي پڪ هئي ۽ سڄي ترقي پسند نسل کي پڪ آهي ته گرامي صاحب ڪڏهن به ڪنهن نئين اديب يا شاعر تي پنهنجي علمي ۽ ادبي دٻدٻي جو رعب نه وڌو، ليڪن جو ڪجهه وٽن موجود هوندو هو، ايڏي ته نفاست ۽ سادگيءَ سان دوستن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندا هئا، جنهن جو مثال نٿو ملي.

ان سلسلي ۾ مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ هر هڪ شاعر لاءِ جنهن سخاوت، نيڪ نيتي ۽ خلوص سان جيڪا پنهنجي راءِ ڏنائون، ان مان نه فقط سندن دور رس علمي، ادبي ۽ ناقدانه نظر جو پتو پوي ٿو، پر سندن عظمت ۽ سخاوت هڪ روشن مينار جيان نکري بيهي ٿي. اسان جيڏن سرتن جو ئي مثال وٺو—حرام جو  ڪنهن چڱي چيز کي قبول ڪري ان جو کيس داد ڏيون! ليڪن گرامي صاحب جي وسعت دل ۽ وسعت نظر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟

هڪ ٻه ڀيرا منهنجي هڪ  اڌ شعرن کي ٿورو بدلائي ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪيائون. جيتوڻيڪ اها ڳالهه مون کي نه به وڻي هوندي، پر مون سندن عظمت آڏو ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي هوندي ۽ نه ئي کين ڪڏهن ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ ڏنو.

”پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي....“

اڄ اخبارن ۾، ڪارين پَٽين سان، دوستن سان گڏ ڪن منافقن جا به گرامي صاحب جي عظمت تي سلام ڇپجي رهيا آهن، جن سدائين پرپٺ کيس اهو رتبو نه ڏنو جنهن جا هو حقدار هئا. اسين مرده پرست قوم آهيون، اسان پنهنجن هيرن جو قدر سندن مئي پڄاڻان ڪيو آهي.

16سيپٽمبر 1976ع تي ٽي ويءَ تان سندن ياد ۾ ’لائيو‘ مذاڪرو ٿيو. آءَ، شمشير، ناصر ۽ ممتاز ان ۾ شامل هئاسين. زرينه بلوچ گرامي صاحب جي نظم ”ڪو ومڪان“ جا ڪي بند، درد ڀرئي آواز ۾ ڳاتا—منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا. هارون رند اها حالت ڏسي ڪيميرائون اسان تان هٽائي ڇڏيون. ڳوڙها منهنجي اکين مان لارون ڪري وهي رهيا هئا. ناصر اُداس هو، سندن پراڻو رفيق شمشير مغموم هو، ممتاز جي چهري تي درد جا پاڇولا نچي رهيا هئا ۽ زرينه روئي رهي هئي.

”ادا ، ڪالهه جيڪو راڳ رنگ جي ڪچهرين ۾ اسان جو ساٿي ۽ رفيق هو، اڄ اسين ان جي موت تي گڏ ٿيا آهيون!“

زرينه ائين چئي،اسٽوڊيو مان نڪري چڪي هئي ۽ آءُ ڳرن ڳرن قدمن سان ميڪ اپ روم ۾ گرامي صاحب جي حضور ۾ وهايل لڙڪن جي نذراني کي ڌوئي رهيو هوس.

اڄ گرامي صاحب اسان وٽ موجود ڪونهي_ليڪن هن جون تخليقي عمل، هن جو فڪر، فلسفو، حق گوئي، فهم و فراست ۽ راست بازي اسان جي لاءِ، ايندڙ نسلن جي لاءِ، مشعل جو ڪم ڏيندا.

هن موقعي تي مون کي خليل جبران جا حق ۽ ناحق بابت لفظ ياد پون ٿا:

”جيوت ۾ منهنجي سڃاڻ هڪ اهڙي شخص سان ٿي، جيڪو هلڪي ڀُڻڪي کي به ٻڌي وٺندوهو، پر هو گونگو هو. هن جي ڄڀ ڪنهن معرڪي ۾ ڪٽجي چڪي هئي، مون کي انهن مڙني لڙاين جي خبر آهي. آءُ انهيءَ هڪ هڪ جهيڙي کان واقف آهيان. اهي جهيڙا، جن هن جي زبان کان گويائي کسي ورتي. اها ڳالهه مون لاءِ بيحد خوشيءَ جي آهي ته هو اڄ مري چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا پنهنجي سموري گهرائيءَ جي هوندي به ساڳئي وقت اسان ٻنهي کي افورڊ (برداشت) نه ٿي ڪري سگهي.“

گرامي صاحب مرحوم حق گوئي ۽ حق پرستيءَ جي وڏي علامت ۽ وڏو روشن مينار هو. ڪي ثي ڀيرا سندس ۽ سندن دوستن جي قلم ۽ زبان کي ڦُرڻ ۽ ڪٽڻ جا موقعا آيا، ليڪن هو هر معرڪي ۾ سرفراز ٿيندا رهيا، ليڪن ڪيستائين؟ گرامي صاحب مري ويو_ مري ويو. ليڪن هو مُئو ناهي، هو سدا حيات آهي ۽ هر دور ۾ ورندو۽ نيٺ ظلم، ڪوڙ ۽ شيطاني قوتن جو انت ايندو.

ڪنهن ڏاهي جا لفظ اڄ منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو بنجي گونجي رهيا آهن. هن لکيو هو:

”اوهين جنهن سان گڏجي کِـلو ٿا، ان کي وساري سگهو ٿا، ليڪن جيوت ۾ اوهان ڪنهن سان گڏجي رُنا آهيو ته ان کي وسارڻ تمام مشڪل آهي.“

اسان جو سائين، مهربان ، بزرگ ۽ شفيق دوست مولانا غلام محمد گرامي اسان سڀن کي، ملڪ جي مڙني روشن ضمير انسانن کي ڇورو-ڇِنو ڪري هليو ويو آهي. اسين گرامي صاحب کي،  ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿا سگهون، ڇو ته اسان هن سان گڏجي کليا گهٽ هونداسين، رنو گهڻو هوندوسين. اسان جو روئڻ ڪو ذات جو روئڻ نه هو پراسان معاشري کي صحيح بنيادن تي بيهرڻ لاءِ گڏجي لڙڪ لاڙيا هئا اڄ فقط مان ن پيو روئان فقط سڄي سنڌ روئي رهي آهي. ڏسجي ته سنڌ جو ترقي پسند نسل پنهنجي مشفق ۽ مهربان بزرگ دوست کي سندس مرڻ کان پوءِ ڪهڙو ٿومقام ڏي؟


 

امر جليل

نئين ٽهيءَ جو سونهون

مون کي سائين غلام محمد گرامي جن سان پنهنجي پهرين ملاقات ياد نه آهي. مون کي ياد ناهي، ته مان سائينءَ سان ڪڏهن ۽ ڪٿي مليو هوس. مون کي فقط ايترو ياد آهي، ته مون کي سدائين ائين محسوس ٿيندو هو، ته سائينءَ سان منهنجي ملاقات تمام پراڻي، تمام جهوني ۽ منهنجي جنم کان اڳ جي هئي. مان ڄڻ ته سائين کي اَڳاهون سڃاڻيندو هوس. مون کي ايڏي شفقت ۽ ايڏو پيار ڏيندا هئا، جن جو ڪو انت نه هوندو هو. منهنجن ڪچن ڦڪن افسانن جي ويٺا تعريف ڪندا هئا. ڪٿي به ڪجهه لکان ته پڙهندا ضرور هئا، ۽ پوءِ جڏهن به ساڻن ملاقات ٿيندي ته ان تحرير جو ذڪرضرور ڪندا هئا.

مون پنهنجي بيڪار زندگيءَ کي ٻن مشغولين سان آباد ڪيو هو_ ڪرڪيٽ راند ۽ لکڻ سان. اڳتي هلي مون ڪرڪيٽ راند سان پنهنجي عشق کي لکڻ تان قربان ڪري ڇڏيو، لکندو هوس_ جيڪي لکندو هوس، سو شايع نه ٿيندو هو. دل ڀڄي پوندي هئي. مايوس ٿي پوندو هوس مون کي پنهنجي بيڪار زندگيءَ لاءِ جيڪڏهن ٻيو ڪو ڪارگر مصرف ملي وڃي ها يا سمجهه ۾ اچي وڃي ها، ته مان جيڪر دلشڪستو ٿي لکڻ ڇڏي ڏيان ها! پر ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين فقط هڪ حقيقت منهنجي آڏو ايندي رهي آهي، ته لکڻ کان سواءِ منهنجي بي مقصد زندگيءَ جو ڪو به مناسب مصرف نه آهي. مان لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪرڻ جي لائق نه آهيان. ان ۾ سمورو دخل قدرت جو آهي، جنهن مون کي اڻ ٿانئيڪو روح، بيچين دل، منتشر ذهن ۽ ڇڙواڳ تصور ڏيئي دنيا ۾ ڇڏي ڏنو آهي. خوابن کي اڻپوريون تعبيرون ۽ تعبيرن کي اڻپورا خواب ڏيندو آهيان. رڃ پٺيان ڊوڙڻ منهنجي عادت آهي. شروعات ۾ ڪو به ايڊيٽر مون کي قبول نه ڪندو هو. اهو الاءِ ڪهڙو ڏينهن  هو _سائين گرامي صاحب جن سان ملاقات ٿي هئي. چيو هئائون ته مون کي افسانا ڏي، مان مهراڻ ۾ شايع ڪندس. اها شايد 1960 يا 1962ع جي ڳالهه آهي. مهراڻ رسالي جو ٽيون دور شروع ٿيو هو. پهرئين ۽ ٻئي دور ۾ 1960ع تائين، سنڌي ادب جي تمام اهم ۽ وڏن اديبن ، جمال ابڙي، علي احمد بروهي، ڪروڙپتي، غلام رباني، سراج، نجم عباسي، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند ۽ حفيظ شيخ سنڌي افساني کي سينگاريو ۽ سنواريو. ايڏن وڏن ۽ اهم افسانه نگارن کي مهراڻ لاءِ  يڪجا ڪرڻ ۾ سائين گرامي صاحب جن جي ڪوشش ۽ محنتن کي دخل هو. سندن شخصيت ۾ ايڏي ڪشش هوندي هئي، جو هرڪو پتنگ وانگر ڏانهس ڇڪبو هليو ايندو هو.

گرامي صاحب جن مون کي مهراڻ ۾ لکڻ لاءِ چيو. مون جيڪي ڪجهه لکيو، سائينءَ مهراڻ جهڙي معتبر رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏيو. مايوسي اميد ۾ بدلجي ويئي. شوق جنون جي صورت  اختيار ڪئي. اهو دور مهراڻ رسالي جو ٽيون دور هو. سائين گرامي صاحب سنڌي ادب لاءِ افسانه نگارن جي نئين ٽهيءَ جي پرورش ڪئي، جنهن ۾ علي بابا، نسيم کرل، عبدالحق عالماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل، قمر شهباز، طارق اشرف، حميد سنڌي، شوڪت شورو، آغا سليم،ماڻڪ ۽ مان شامل هئاسين. اسان کي نالن تي بحث ڪرڻو ناهي. مان ڪنهن هٻڪ جي اهو چوڻ لاءِ تيار آهيان، ته سائين گرامي صاحب جن سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جي پهرين صف جي نهايت بهادر ۽ دلير بانين مان هئا. پاڻ بنيادي طرح شاعر هئا، تنهنڪري اڄ جي سمورن ترقي پسند شاعرن کي مهراڻ جا صفحا ڏيئي اڀرڻ جو موقعو ڏنو هئائون. مان نٿو ڀانيان ته ڪو به اهڙو ترقي پسند شاعر هوندو، جنهن مهراڻ رسالي مان فيض نه پرايو هوندو. مان سمجهان ٿو، سائين گرامي صاحب جن پهريان عالم هئا، جن شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڀرپور نموني تجزيو ڪندي، سنڌي ادب کي تنقيد جا نوان معيار عطا ڪيا.

گرامي صاحب جن سان منهنجي پوئين ملاقات گذريل اپريل ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان ملهايل شاهه جي ورسيءَ ۾ ٿي هئي. صدارت شيخ اياز ڪئي هئي. ان ڀيري مون کي سائين گرامي صاحب جن سان گڏ مقالي پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي هئي. اها ملاقات سائينءَ جن سان آخري ملاقات هئي. آخري ملاقات ائين ئي ٿيندي آهي، جو مختصر هئڻ جي باوجود زندگيءَ کي هزارين يادگيريون بخشي ويندي آهي.

(هلال پاڪستان 27-آڪٽوبر 1976ع، ”تنهنجيون منهنجون ڳالهيون.“)

 

 

 

شاعري

تاريخ شاهد آهي ته شاعري ئي ”تنقيد حيات“ آهي، جنهن هر دور ۾ تنقيد به ڪئي آهي-بغاوت به ڪئي آهي، ۽ جو ڪجهه به محسوس ڪيو آهي، ان کي رک رکاءُ کان سواءِ بيان به ڪيو آهي. ، غ، م، گرامي

(”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ مهراڻ 2، 3-1964ع)


 

پروانو ڀٽي

هيءَ نه ويل وڃڻ جي.........

ڪالهه هيءَ خبر جڏهن طوفان جيان پوري سنڌ جي عوام وٽ پهتي، تڏهن اهي دليون، جيڪي علم جي نور سان روشن هيون، تن ائين محسوس ڪيو ته اهي به وسامڻ تي آهن.

اهو طوفان اهڙو هو، جنهن پوري سنڌ کي بي حال بنائي ڇڏيو. انهيءَ طوفان سنڌي زبان جو نامور عالم، برصغير جو ممتاز اديب، شاعر جناب مولانا غلام محمد گرامي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو.

هاءِ! اهي ڏينهن به اڃا ڏسڻا هئا، جو استاد گرامي جهڙي شفيق انسان لاءِ ’مرحوم‘ جو اکر لکڻو پيو.

گرامي صاحب جي ڪهڙي پهلو تي لکجي. سندن علمي ڪمالات تي گفتگو ڪجي يا سندس ادبي خدمتن لاءِ اعتراف طور ڪجهه بيان ڪجي.

سندس شرافت ۾ کلمک طبيعت جو ذڪر ڪجي يا سندس نوجوان لکندڙن جي همت افزائي وارين ڪوششن کي ساراهجي. مطلب ته مون 25 سالن جي عرصي ۾ پنهنجي بزرگ، پنهنجي استاد، پنهنجي محب ۽ سڄڻ گرامي صاحب کي جيئن ڏٺو،تيئن لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. ڪير آهي. جنهن کي گرامي صاحب جي دوستي تي ناز نه  هو.

ننڍڙا ٻارڙا ائين سمجهندا هئا ته گرامي صاحب اسان جو آهي. وڏن عالمن ۽ اديبن جي درميان سندس گفتگو ٻڌڻ بعد محسوس ٿيندو هو ته علم جو دريا پلٽجي پيو آهي. جنهن به موضوع تي ڪچهرين يا تقريبن ۾ ڳالهائيندو هو ته سچ پچ ڳالهائڻ جو حق ادا ڪري ڇڏيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا دور آيا، جن کيس نهايت پريشان ڪيو، مگر آفرين گرامي صاحب جي همت ۽ عالي ظرفي تي، ڪڏهن به محسوس ٿيڻ نه ڏنائين. هميشه کِلڻ، هميشه اڇو اجرو رهڻ، هميشه دوستن سان پنهنجي حال سارو پير ڀرڻ، مطلب ته هن فقير طبيعت انسان پنهنجي طرفان نه قلم ذريعي ڪنهن کي رنجايو ۽ نه ذاتي طرح به ڪنهن جو مٺ گهرو ٿيو. ادبي لحاظ کان به مٿس ڪيترائي دور آيا، خاص ڪري ترقي پسند اديبن جي مٿان جڏهن ڪيسن جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو، تڏهن مولانا گرامي به پانڌيئڙن ۾ شامل هو. پيرسن ماڻهو، بت ۾ ڳورو، سردي توڙي گرمي کان بي پرواهه، ڪڏهن جيڪب آباد جي تيل ڪڍندڙ موسم ۾ ڪورٽ جي ٻاهران بيٺو آهي ته ڪڏهن سکرجي ڪلفي ڪندڙ سرديءَ ۾ پيو شيخ اياز جي جاءِ تي ميٽنگون ڪري.

گراميءَ جي ڪابه تقرير صداقت کان خالي نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون به چئي ويندو هو، جي هونءَ عام طرح اهڙن مجلسن ۾ نه چيون وينديون آهن، مگر هن مرد قلندر کي ان جي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي.

مستقل مزاجيءَ جو هيءَ عالم، جو ڪيتريون ئي پريشانيون آيون، مگر بورڊ جي ملازمت کي خيرباد نه چيائين.

ڪيترا دوست، جيڪي جلد بازيءَ ۾ اچي غلط فيصلا ڪندا هئا، تن کي راهه راست تي آڻڻ مولانا گراميءَ جو ڪم هوندو هو. تيسين چپ ڪري نه ويهندو هو، جيسين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿئي. سندس دوستن جي حلقي جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ اڄ به ڪراچي هوٽل جون اهي بئنچون اکين اڳيان بيٺيون آهن، جتي 1956ع ۾ ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. ائين کڻي چئجي ته مولانا گراميءَ جي گهڻي ويهڪ انهيءَ هوٽل ۾ ٿيندي هئي. مولانا کي ڳولڻو آهي ته کيس ڪراچي هوٽل يا انهيءَ علائقي ۾ ڳولڻو پوندو هو. چوطرف دوستن جو وسيع حلقو چرچن کي لڳو پيو هوندو هو ۽ مولانا پيو کلندو هو.

جنهن به هنڌ ويٺو ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ، ماڻهو گرامي صاحب سان چرچن ۾ شروع ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ ويٺو کلندو هو. مجال جو کيس ڪاوڙ ٿئي. آءُ ته ائين به چوندس ته گرامي صاحب جا نهايت ويجهي ۾ ويجها دوست به اهو مڃيندا ته گرامي صاحب کي حياتيءَ ۾ اسان ڪاوڙ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو.

پريشان حال، بورڊ جي حيدرآباد واري آفيس ۾ ويٺو آهي. پر جي ڪو اديب دوست آفيس ۾ اچي ويو ته چرچن ۾ شروع! انهيءَ ئي گهڙي سڀ فڪر دور. سندس علمي ۽ ادبي حيثيت متعلق مون جهڙو گهٽ علم وارو ڪٿي ٿو لکي سگهي. سندس قابليت، هوشياري ۽ علمي ڄاڻ لاءِ ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ وارو مقالو ئي ڪافي ثبوت آهي، جيڪو 300 صفحن تي ڦهليل هو، جنهن ۾ مولانا سائينءَ مشرقي شاعريءَ جي تاريخ کي اٿلائي وڌو هو. افسوس صرف اهو آهي ته اسان سنڌ جا ماڻهو، مولانا صاحب کان سندس علمي حيثيت موجب ڪم نه وٺي سگهياسين.

شاهه سائينءَ جي وائي موجب:

”منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي.“

سوسچ ته اڃا مولانا سائينءَ جي هن ريت اسان کان جدا ٿيڻ جو وقت نه هو. اڃا پئي سوچيوسين ته ڪڏهن ويهي روح ڀري رهاڻ ڪنداسين، پر اڄ جڏهن هي املهه وٿ اسان کان جدا ٿي وئي آهي، تڏهن ائين محسوس ڪري رهيا آهيون ته واقعي شرافت ۽ سچائيءَ جو مجسمو، اخلاق ۽ اخلاص جو صاحب، مولانا گرامي، اسان جي لاءِ ڪيڏي نه وڏي هستي هو، جيڪا دوستن، احبابن، يارن، پيارن، شاگردن کي وڇوڙي جو داغ ڏئي وڃي ڌڻي کي پرتي. مان ڀانيان ٿو ته هن نامڪمل تاثر ۾ سندس زندگيءَ جي ڪنهن به حصي کي پورو پيش نه ڪري سگهيو آهيان، مگر هي محض عقيدت طور لکيا اٿم. هي اکر صرف پنهنجي پياري استاد جي سڪ ۾ لکيا اٿم، نه ته ڇا گرامي صاحب جو علمي معيار، ڇا مون جهڙو ڪم علم! ڪاش، اڃا به کانئس پرايان ها.

”سنڌ صدين کان“ جي موضوع تي نظم لکيم ۽ کيس ٻڌائڻ ويس. ٻڌندو به وڃي ۽ روئندو به وڃي. نعت شريف لکيم، چيائين ترنم سان ٻڌاءُ. مون اڃا ”منهنجو ورد آهي هي روزشب، صلوعليہ وآلہ“ ته کانئس اوڇنگار نڪري وئي. مدني مرسل جو سچو عاشق، دين اسلام جو زبردست مبلغ، لطيفي لات جو شارح، سچل جي ڪلام جو پارکو، اڄ مڻين مٽيءَ هيٺ سڀني کان پري، غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار ڀرسان سمهي پيو آهي،ڄڻ ته مهراڻ رسالي جو ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهي ۽ کيس ننڊ اچي وئي آهي. آرام واري ننڊ، پرابدي ننڊ!

ٽٽل لفظ-وياڪل سوچ

(مولانا غلام محمد گراميءَ جي وفات تي)

علم ۽ ڄاڻ جو اٿاهه سمنڊ،
سوچ ۽ فڪر جو هئو سورج،
حق ۽ سچ جو هئو پوڄاري،
ڏات ۽ ڏانءَ ۾ هئو لاثاني،
عزم هن جو هماليه جيڏو،
ڪنهن به ويڇي جو ڪين قائل هئو،
قرب هُن جي جي ڳالهه ڇا چئجي؟
ويو ”گرامي“ اسان جو جِيءُ جهوري!
موت، هُـن جي تي،
ڇا ۽ ڪيئن لکجي؟
موت، هـُن جي تي،
ڇا ۽ ڪيئن لکجي؟

 

اطهر منگي


 

شمس الدين عرساڻي

سقراط دهر_ مولانا گرامي

ڪالهه مان گاڏي کاتي مان وڃي رهيو هوس. جيئن ئي حيدر چوڪ وٽان لنگهي، سامهون فوٽ پاٿ ڏانهن قدم وڌايم ٿي ته ”گرامي منزل“ جي بالڪنيءَ تي نظر کڄي ويئي. هڪدم ياد آيم ته گرامي صاحب جن هاڻي حيات ناهن. سندن فرزندن سان عذر خواهي ڪري آيا هئاسون. مون تي انهي ئي لمحي ۾ مايوسي طاري ٿي ويئي ۽ دل مان هڪ سرد آهه نڪتي! مون سوچيو ته ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جو آشيانو ته بدستور قائم آهي، ليڪن لات ڪندڙ بلبل خبر ناهي ته ڪيڏانهن پَرَ ڪري اُڏامي ويئي! ڀلا ڪو ڪيئن معلوم ڪري سگهي ٿو؟ افسوس جو جوڳين سنديون ڀيڻيون ته قائم آهن ۽ سندن دُکايل دونهيون به اڃا سوڌيون پيون دُکن، ليڪن پاڻ سدائين لاءِ، ڪنهن اَسونهي واٽ ڏانهن روانا ٿي ويا. اڳي جتي جوڳي جوڳ پچائيندا، تپسيائون ڪندا هئا، سنک وڄندا هئا ۽ واڍوڙين کي سِڪ جي سُرڪ پياري ويندي هئي، هاڻي اتي نه سنک جو آواز ٻڌجي ٿو ۽ نه وري سندن باتين جو پڙلاءُ. هاڻي ساڳين ماڳن تي چوڌاري ماٺ ئي ماٺ طاري آهي!

جوڳي جيڪس ويا جبروت،
ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾!

 

مولانا گراميءَ جي پُر بهار شخصيت ۽ سندن دل آويز گفتگو ۽ شيرين ڪلاميءَ کان سدائين محفلون رونق افروز هونديون هيون. الا! زندگيءَ جا اُهي ڪهڙا نه گران مايه ۽ خوش ڪُـن لمحا هئا، جن ۾ گراميءَ جي روح پرور رهاڻ ۾ شريڪ هوندو هوس! گرامي صاحب جي وفات حسرت آيات جو ٻڌي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون تي سوگوار ڪيفيت طاري رهي. ڇا اهڙي رهاڻ کان هميشه لاءِ وانجهيل رهندس؟ هاڻي طوطي گفتار کان سواءِ آرائش محفل سدائين سُڃي رهندي، اهو سوچي منهنجي روح تي سڪتوطاري ٿي ويو. ذهن جي گوشي مان ماضيءَ جون يادون نقش بنجي اُڀري آيون. وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي ٿئي. اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي جو ساڻس دوستيءَ جو ڳانڍاپو ٿيو هو. گرامي صاحب سان تعلق ۽ رفاقت تي خيال ڪندي، اُهي سڀيئي ڳالهيون دل تي هُـري آيون ته مون ۾ رفته رفته ڪيئن ادبي ذوق اُسريو.

ننڍي هوندي کان ئي مون ۾، گهرو ماحول جي اثر هيٺ پڙهڻ جي عادت پئي. اسڪولي شاگرد هوندي  ئي مون ناول، قصا ۽ ڪئين ٻيا افسانوي ڪتاب پڙهيا. انهن مان ڪجهه اهڙا ڪتاب به منهنجي ذهن تي اُڪريل آهن، جيڪي نه وري سنڌيءَ ۾ دوبارهه ڇپيا آهن ۽ نه وري انهن ڪتابن جو ذڪر ڪنهن سائينءَ جي سنوارئي ادبي تاريخ ۾ ڪيو آهي. 1956ع ۾ مئٽرڪ تائين، آئون شايد ئي ڪو سنڌي رسالو خريد نه ڪندو هوس. روزانه ۽ هفتيوار اخبارون به منهنجي مطالعي ۾ اينديون هيون. ليڪن ناول ۽  افساني جو شوق تشنه تڪميل رهجي ويو. مون کي سنڌي ادب خال خال نظر آيو. پاڪستان کان اڳ هيڏو ساروافسانوي ذخيرو سنڌيءَ ۾ گڏ ٿي ويو هو. ليڪن يڪايڪ ان جي اشاعت روڪجي ويئي. بهرحال منهنجو ذهن ادبي تشنگي دور ڪرڻ لاءِ، وري به نيون واٽون تلاش ڪرڻ لڳو. تڏهن ”ون يونٽ جو ديو“ ڪر موڙي جاڳيو هو ۽ننڍن صوبن کي ڳڙڪائڻ جا سنباها  ڪري رهيو هو. سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ميدان مان نيڪالي ڏيڻ جي چوپچو به شروع ٿي چڪي هئي. ان وقت آءُ اخبارون به خوب پڙهندو هوس ۽ مايوس ڪُـن حالات پڙهي مغموم ٿيندو هوس.

اهو وقت هو، جڏهن منهنجو سنڌيءَ ۾ پڙهڻ جو شوق به، عشق جي درجي کي پهچي چڪو هو. مشاعرن، ادبي رهاڻين ۽ ڪاليج جي فنڪشنس جي ته هر وقت جستجو ۾ هوندو هوس ۽ هر ادبي ميڙ ۾ بلاناغي شريڪ ٿيندو هوس. مون کي ان وقت جلسن ۾ منظور نقويءَ جون تقريرون وڻنديون هيون، جن ۾ هو صاحب شاهه جي بيتن جو اڙدو ۽ فارسيءَ جي وڏن شاعرن سان ڀيٽ ڪندي، شاهه لطيف جي برتري ثابت ڪندو هو. آءُ پنهنجي لياقت آهر، انهن مان گهڻو لطف اندوز ٿيندو هوس.

اها شايد 1960ع يا ان کان اڳ جي ڳالهه آهي، جو سٽي ڪاليج ۾ يوم لطيف ملهايو پئي ويو. ياد نه اٿم ته صدارت ڪنهن ڪئي هئي، ليڪن تقريرن جي وقفي دوران، يڪايڪ هڪ وقيع ۽ قدآور شخص اسٽيج تي آيو، جنهن جي تقرير بلڪل نئين انداز جي هئي. سندس تقرير تاريڪيءَ جا پردا هٽائي، منهنجي ذهن کي جلا بخشي ۽ ادبي مطالعي۽ ذوق واسطي مون ۾ هڪ نئون فهم پيدا ڪيو. هن لطيفي ڪلام تي، تهذيبي عوامل جي پس منظر ۾، روشني وڌي ۽ ٻڌايائين ته ”اٿئي غريبي گلزار، موچاري مينگهو چوي“، ازين قسم جا شعر محض شڪست خوردهه ذهنيت جا پيداوار آهن. ڌارين جي ڏاڍاين ۽ محڪوميءَ باعث ڪن فردن مايوسيءَ وچان قناعت ۽ مصلحت پسنديءَ وارو فڪر ذهني طور قبول ڪيو، ۽ انهن اهڙا خيال پکيڙيا، جن جي قوم ۾ به آهي پست اخلاقي قدر مقبول ٿيا. خبر ناهي ته سندن اها تقرير ڪٿي شايع به ٿيل آهي يا نه بهرحال، اهو پهريون ئي موقعو هو، جو مولانا گراميءَ جي شخصيت مون کي گهڻو متاثر ڪيو.

مولانا گرامي، شاعر يا اديب ته بي مثل هو، ليڪن هو هڪ ”شعله بيان مقرر“ جي حيثيت ۾ تمام گهڻو بلند هئا. سندن تحرير کان تقرير زياده ئي جاذب، توجهه ۽ ڪشش ڪندڙ هئي، کين گفتي جي ڀڃ گهڙ ۽ لفظن جي دروبست جو زبردست ڏانءُ هوندو هو. ٿورن لفظن ۾ عميق معنيٰ جا موتي پوئيندو هو. خاص ڪري جتي، پنهنجي تقرير ۾ ، عام ٻوليءَ جي محاورن ۽ ڪلاسيڪي ادبي گفتن جو اختلاط  ڪندو هو، اتي سندن اظهار بيان نهايت سهڻو لڳندو هو. هڪ دفعي مون انهيءُ خوبيءَ جي نشاندهي ڪندي، کين ٻڌايو ته سائين، ساڳيو ملڪو علامه آءِ آءِ قاضي جي تقريرن ۾ به عيان آهي پاڻ فرميائون ته ”علامه قاضي (pase:163) صاحب جن جي گفتگو ۽ بيان ۾، اهو گڻ تمام گهڻو نمايان هوندو هو ۽ مون وٽ ته صرف ان جي هڪ جهلڪ آهي، ڇاڪاڻ جو قاضي صاحب مرحوم ٽن سون ورهين جي قديم سنڌيءَ ۾ جديد فڪر جو اظهار ڪندو هو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com