جلدئي گرامي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت
اختيار ڪئي، جتي آخري دم تائين خدمت انجام ڏيندو
رهيو. ڇا سندس پگهار هو، ان جو انگ ٻڌائيندي قدرتي
طور شرم محسوس ٿئي ٿو، مگر هو خوش ۽ شاڪر هو.
مهراڻ رسالي جي ايڊيٽريءَ دوران، سندس ادارتي نوٽ
۽ بيش بها ليک، خصوصاً ”مشرقيءَ شاعريءَ جا فني
قدر ۽ رجحانات“ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جي مرحوم جي
علمي تبحر جي گواهي ڏين ٿا. تقرير ڪندو ته سندس
وات مبارڪ مان جواهر ڪرندا هئا، جي سندس تحرير
ڏسبي هئي، ته دُر عدن هوندا هئا ۽ دل چوندي هئي،
ته سندس چپن جي چمي وٺجي.
هڪ دفعي وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ شريف) ۾ سيد الله شاهه حسيني، جو ان
وقت هڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ نائب ماستر هو، ٽکڙ ۾ هڪ
ادبي مجلس منعقد ڪرڻ جو اهتمام ڪيو. ان وقت مرحوم
ميران محمد شاهه به حيات هو. اديبن کي مدعو ڪيو
ويو هو. گرامي صاحب انهن اديبن ۾ سرفهرست هو.
گرامي صاحب مون کي صلاحيو، بلڪ زور ڪيو ته تون
ضرور مون سان گڏجي هل. اهو وقت ڪشمير جو جهڳڙي هو.
مشاعرو منعقد ٿيڻو هو، جو غير طرحي هو، مگر ڪشمير
تي لکڻ مقصود هو. گرامي صاحب جو ارشاد هو ته مان
به شعر لکان. حڪم جي تعميل ڪرڻي هئي، نه ته ڪجا
شاعري ڪجا مان! جيپ جو بندوبست گرامي صاحب لاءِ
ڪيو ويو هو. ان ۾ سوار ٿي روانا ٿياسين. واٽ تي
گرامي صاحب چيو ته شعر آندو اٿئي! مون عرض ڪيو ته
ها. فرمايائون ته مون کي ڏي ته پڙهان. ڏنم،
پڙهيائون ۽ پسند آين. موٽ ۾ مون به تقاضا ڪئي ته
اوهان پنهنجو شعر ڏيکاريو. پاڻ مرڪي چيائون ته
مون کي ته وقت ئي ڪونه مليو ۽ نڪولکيم. مون عرض
ڪيو ته جيڪڏهن اوهان شعر نه پڙهندا ته مان به نه
پڙهندس. ان تي هڪ هلڪو ٽهڪ ڏئي، قارئين ڪرام!
اعتبار ڪريو، اڌ ڪلاڪ جي اندر، هڪ اعليٰ درجي جو
شعر لکي ويا.
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، ته گرامي صاحب جو آواز نهايت مٺڙو ۽ سريلو
هوندو هو. هڪ دفعي ريڊيو پاڪستان تي، جناب مخدوم
محمد زمان طالب المولا جي تجويز تي، پهرئين دفعي
ڪافيءَ جو مشاعرو منعقد ٿيو. مخدوم صاحب جن پاڻ به
نفس بنفيس ڪافي سر سان ڳائي. پير علي محمد راشدي
موقعي جو صدر هو. گرامي صاحب کي پنهنجي ڪافي تحت
اللفظ پڙهڻي هئي، مگر مٿس زور آندو ويو، ته ترنم
سان پڙهي. گرامي مرحوم لڄارو ته هو، مگر هيترو
دوستن جي حڪم جي عدولي ڪرڻ مناسب نه ڄاتائين.
سندس ڪافيءَ جو پهريون شعر هو.
سهڻا سڄڻ! تنهنجون اکيون، جنهن کي ڏسن تنهن کي ڪُهن.
گرامي صاحب ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي، پوري هال ۾ واهه واهه جون
صدائون بلند ٿيون. مون دل ۾ چيو، ته ڇا مولوي
ماڻهو ڇا سُر وديا! گرامي صاحب ته هر فن مولا آهي.
حاضرين اسرار ڪيو، ته ٻيهر ڳائي، مخدوم صاحب جن
سندن جند ڇڏائي. چند ڏينهن بعد، جڏهن گرامي صاحب
سان ملاقات ٿيس، ته پڇيومانس، ته سائين مون کي ته
خبر ئي ڪانه هئي ته اوهان جو سُر ۽ آلاپ اهڙو مٺڙو
آهي. پاڻ کلي فرمايائون ته مدرسي ۾ طالب علميءَ جي
زماني ۾، مولود شريف پڙهندا هئاسون ۽ منهنجو آواز
ڏاڍو مٺو هوندو هو مون چيو ته هينئر ته اوهان
باقاعدي عالم آهيو، اوهان کي ڳائيندي حجاب ته
محسوس ٿيو هوندو، ته کلي جواب ڏنائون، ته ”استاد
ارسطو، هڪ دفعي اڪيلائيءَ ۾ ساز پئي وڄايو، اوچتو
هڪ ٻيو فيلسوف اندر لنگهي آيو ۽ ڏسي عجب ۾ پئجي
ويو ۽ ارسطو کي چيائين ته اوهان جهڙو عالم ۽
فيلسوف ساز وڄائيندي شرم محسوس نٿو ڪري؟ ارسطوءَ
وراڻي ڏني ته ادا، شرم ته ان وقت ٿيڻ گهرجي، جڏهن
ٻيا سڀ ساز وڄائيندا هجن ۽ مان هڪڙو ان کان اڻڄاڻ
هجان!“ائين چئي گرامي صاحب چيو ته هيترن احبابن ۽
حاضرين مجلس جي حڪم کي ڪيئن عدو ليان، ۽ ڪيئن
انڪار ڪريان؟ مخدوم صاحب جن جهڙي ماڻهوءَ فرمائش
ڪئي ۽ خود ڪافي ڳايائون، ته مان ڪهڙي چيز آهيان جو
انڪار ڪريان، ادب کي امر ڀلو آهي.
پنهنجا استاد کي هميشہ ميان صاحب جي نالي سان ياد ڪندا هئا ۽
ادب کان نالونه وٺندا هئا. چوندا هئا، ته مدرسي ۾
مون تي ڪم هو طالبن جي کاڌ خوراڪ ۽ بورچيخاني جي
حساب ڪتاب رکڻ. اهو ڪم ايترو ته وڌي ويو، جو مون
کي سبق وٺڻ به نصيب ڪو نه هوندو هو. هڪ دفعي ميان
صاحب جن سان شڪايت ڪيم ته سائين مون کي ته بورڊنگ
جي انتظام سبب سبق به ڪو نه ٿو ملي. ميان صاحب جن
مرڪي فرمايو ته توکي مان کپان جا سبق کپي. مون
چيو، ته بس سائين خطا معاف، مون کي ته اوهين ۽
اوهان جي شفقت کپي. اهڙي ادب سببان ئي مون کي هي
فيض نصيب ٿيو ۽ مان جيڪي هنن وٽان پرايو، سو هر
ڪنهن نه پرايو.
مطلب ته آءُ مرحوم گراميءَ جون ڪيتريون تعريفون لکي ڪيتريون
لکان. هو هزارين خوبين جو مالڪ هو ۽ لکين صفتن سان
ڀريل هو. الله هن پنهنجي نيڪ ٻانهي، عالم، اديب،
شاعر، فلسفي، مقرر ۽ يارن جي يار، غريبن جي همدرد
جي روح پر فتوح تي پنهنجون نعمتون ۽ برڪتون نازل
فرمائي ۽ سندس قبر کي نور محمديءَ سان منور
فرمائي. آمين! ثم آمين.
اين دعا از من واز جمله جهان آمين باد
مولانا گراميءَ جا مقالا، تقريرون، تبصره وغيره ريڊيو تي ٻڌندو
آهيان، تڏهن مان ته ڇا، پر تمام ٻڌندڙ سراپا گوش
ٿي ويندا آهن. خاص طور شاهه لطيف جي شعر کي قرآن،
حديث ۽ روميءَ جي مثنوي سان ملائي، جڏهن سمجهاڻي
ڏيندو هو، تڏهن ”مثنوي و معنوي و مولوي هست قرآن
در زبان پهلوي“ جي مصداق، اسان به شاهه جي ڪلام کي
سنڌيءَ ۾ قرآني تفسير سمجهندا آهيون. مقصد ته
سندس مقام، اداريه ۽ مضامين سڀئي ادبي شهپارا
هوندا هئا. ٻيو ته ڇڏيو، پر سندس معمولي خط، جي
دوستن ڏي لکندو هو، اهي به ادبي جواهرن کان گهٽ نه
هوندا هئا. مرحوم جا ڪي خط مون وٽ به محفوظ آهن،
جي مون پنهنجي وڏي دولت سمجهي سانڍي رکيا آهن.
ساڳيءَ طرح سندن ٻيا دوست به مرحوم جي خطن کي هڪ
قيمتي خزاني وانگر پاڻ وٽ محفوظ رکيو ويٺا آهن.
سندس سهڻي خوشخطي ته ويتر سندس تحرير کي چار چنڊ
لڳائي ڇڏيندي هئي. مون وٽ اها زبان ۽ هٿ نه آهن،
جن سان مرحوم جي صفتن جو بيان ڪري سگهان. سندس
صورت ڏسي اکيون روشن ٿينديون هيون ۽ روح کي تقويت
ملندي هئي. افسوس جو هاڻي اهو سلسلو هميشہ لاءِ
بند ٿي چڪو ۽ مرڻ تائين ان لاءِ سڪندا رهنداسين.
افسوس جو انسان جي زندگي انهيءَ ڪاغذ جي ٽڪر جيتري
به نه آهي، جنهن کي سانڍي رکجي ته صديون سلامت
رهي، پر ههڙا (املهه ماڻڪ انسان) اسان جي نظرن کان
منٽن اندر اوجهل ٿيو وڃن.
اناالله وا انا اليه راجعون
ساٿي!
جي جيئڻ هڪ آرٽ آهي،
هڪ فن آهي_ ته،
مرڻ به هڪ آرٽ آهي،
هڪ فن آهي!
ڪي چڱا ٿي ٿا مرن.
ڪي ڪنا ٿي ٿا مرن.
مرحوم آرٽيسٽ هو،
هڪ فنڪار هو.
مرڻ جي فن کان آگاهه هو.
چڱو ٿي مئو، سرهو ٿي مئو.
نالو ڇڏي ويو، نشان ڇڏي ويو!
ايم ـ اي ـ عالماڻي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
گرامي مرحوم جون گذارشون_ هڪ نظر ۾
گرامي مرحوم ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. هو عالم هو، ته دانشور
به هو؛ شاعر به هو ته اديب به هو؛ صحافي به هو، ته
نقاد به هو؛ اسلامي تصوف جو ڄاڻو به هو، ته مغربي
۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي جو اڀياس ڪندڙ به هو؛ قديم
علمن ۽ فنن سان به دلي لڳاءُ هوس، ته جديد رجحانن
سان به ميل جول رکندڙ هو؛ قديم روايتن کان به منهن
نه موڙيائين، ته نون لاڙن سان به نباهيائين. مطلب
ته هن وٽ قدامت پسندي ۽ روايت پسندي به هئي، ته
نون لاڙن ۽ قدرن جو کليءَ دل سان آڌرڀاءُ به هو_
بلڪ وٽس قديم ۽ جديد جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو.
وڏي ڳالهه اها ته هن وٽ کليل دل هئي، سِڪ ۽
ساڃاهه، ويچار ۽ ويڃاءُ هو. مختلف مڪتبه فڪر جي
عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن جي عزت ۽ قدر هو؛ پر
نفرت ۽ حقارت ڪا نه هئي. مون کي ذاتي آزمودو آهي،
ته هن جو مطالعو وسيع هو، ۽ هو هر مڪتبه فڪر جي
عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن جي تحريرن کي کليءَ
دل سان پڙهندو رهندو هو. نه فقط ايترو، پر پنهنجي
نظرياتي مخالفن جي تحريرن ۽ علمي بحث مباحثن کي به
داد ڏيندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو هن مان سنڌ جي
سڳوري سرزمين جي خوشبوءِ ايندي هئي؛ جيڪا صدين
کان سِڪ ۽ ساڃاهه جي سڳنڌ ڏيندي رهي آهي؛ پر نفرت
۽ حقارت، بغض ۽ ساڙ، تعصب ۽ خود غرضيءَ کان پاڻ
بچائيندي رهي آهي.
گرامي مرحوم نثر به لکيو آهي، ته نظم به. نثر ۾ به هن ڪيترن ئي
موضوعن تي لکيو آهي، پر سه ماهي مهراڻ جون گذارشون
سندس سمجهه ۽ ساڃاهه جو آئينو آهن. هتي هن دل کولي
ادب ۽ ان جي ڪارج تي لکيو آهي، ته ادبي قدرن ۽
رجحانن تي به پنهنجا ويچار ۽ ويڃاءَ بيان ڪيا آهن.
قديم ۽ جديد فڪر ۽ فلسفي تي به لکيو اٿس، ته
زندگيءَ جي مقصد بابت به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا
اٿس؛ مشرقي ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن بابت به لکيو
اٿس، ته مغربي ثقافت جي خوبين ۽ خامين کي نروار
ڪيو اٿس. مطلب ته گذارشن ۾ هن ادب زندگي ۽ ثقافت
جي جديد تقاضائن ۽ انسانذات جي فلاح ۽ بهبود کي
نظر ۾ رکي بحث ڪيو آهي، سندس تحرير عالمانه ۽
مفڪرانه به آهي، ته هڪ انسان دوست ۽ حساس انسان جي
درد دِل جي ترجماني ڪندڙ به آهي. سندس گذارش جو
فڪري تجزيو پيش ڪجي ٿو.
انسان، ڪائنات ۽ جديد دور
گرامي مرحوم ڪيترن ئي گذارشن ۾ انسان، ڪائنات ۽ جديد دور بابت
پنهنجا ويچار بيان ڪيا آهن. هڪ هنڌ انسان جي ڪمال
۽ زوال جا اسباب بيان ڪندي لکي ٿو؛
”انساني تاريخ ۾ ان جي ارتقا، باهمي جدوجهد ۽ ڪشمڪش، جنگ ۽ جدال
جو اهو خولچڪان داستان آهي، جنهن ۾ هاريل خون مان
هوند سمنڊ اٿلي هلن! اهي جنگيون ڏاڍي ۽ هيڻي جي وچ
۾ ٿيون آهن. اهو ئي سبب آهي، جو اهل فڪر ۽ باشعور
ماڻهو، اڃا تائين نااميد آهن. پيغمبرن ۽ ولين،
صالحن ۽ نيڪ ماڻهن جي منڍ کان وٺي اها تعليم رهندي
آئي آهي، ته انسانيت جي وسيع دائري ۾ مساوات،
اخوت، صلح ۽ امن جو دور آڻڻ گهرجي ۽ ظلم ۽ تشدد
جو زمانو ختم ڪيو وڃي. فلسفي، سائنس ۽ اخلاقي
اثر جي ڪري، ڪيئي سجاڳ ۽ باشعور فرد ۽ قومون پيدا
ٿيون آهن، پر انهن جو تعداد ۽ اثر ايترو ته گهٽ
آهي، جيئن اٽي ۾ لوڻ. اهڙين باشعور ۽ باڪمال قومن
تي به اڳتي هلي زوال جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ٿا وڃن ۽
اهي ذلت ۽ نڪبت، غلامي ۽ بيڪسيءَ جي زنجيرن ۾
جڪڙجي ٿيون وڃن.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 20، نمبر 4، ص 5)
هنن ٿورن لفظن ۾ انساني تاريخ جو اڀياس پيش ڪيو اٿس ۽ قومن جي
ڪمال ۽ زوال جو نچوڙ ڏنو اٿس. ان سان گڏ تاريخ
سندس درد دل ۽ حساسيت به نمايان آهي. هن مان معلوم
ٿيندو ته هن انساني تاريخ جو مطالعو انسان دوست
قاريءَ جي حيثيت سان ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو
سندس تحرير ۾ تاريخي مطالعي جو نچوڙ به آهي، ته
انساني همدردي به آهي.
هيڏي ساري ترقيءَ جي باوجود، هو جڏهن دنيا تي نظر وجهي ٿو ته
کيس انسان ذات سان ڏاڍايون ٿينديون نظر اچن ٿيون.
هو ڏسي ٿو ته اڃا تائين ڏاڍو هيڻي کي چيڀاٽيندو،
چيٿاڙيندو، نپوڙيندو، رت ست پيئندو رهي ٿو. اهو ئي
سبب آهي جو دنيا سک جي ساهه لاءِ پيئي سڪي. هو بي
اختيار ٿي لکي ٿو؛
”هن دور جي انسان کي اڃا تائين اهو سڪون حاصل نه ٿي سگهيو آهي،
جو سندس بنيادي حق ڪري مڃيو ويو آهي. علم ۽ سائنس
جي ترقي هوندي به اجتماعي طرح سان انسان کي گهڻو
ڪجهه گهرجي.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 20، نمبر 1، ص 3)
هو موجوده دورجي مادي ترقي کان مطمئن نه آهي، لکي ٿو: ”انسانيت
۽ ان جا لطيف احساسات، پاڪيزه جذبات، بلند نصب
العين، صحتمند دائمي قدر، اخلاق جا اعليٰ اصول،
انسان جا اجتماعي حق، مساوات ۽ اخوت جو عالمگير
نظام، اهي ۽ ان جهڙا ٻيا ترقي پذير ۽ حيات پرور
اصول اڄڪلهه جي انسان جي نظر ۾ ڄڻ ته ڪا حيثيت ئي
نٿا رکن. هي اهي حقيقتون آهن، جي رڳو مشرق نه پر
مغرب جي انسان دوست مصلحن ۽ عالمن به تسليم ڪيون
آهن. مغرب جا وڏا عالم اهو اعتراف ڪري چڪا آهن ته
سائنس ۽ علم جديد جي مطالعي کان پوءِ اهو واضح ٿئي
ٿو ته هن موجوده دور جي جديد تهذيب جي تعمير جي
سلسلي ۾، جي جديد اصول ۽ قدر قبول ڪيا ويا آهن، تن
کي انسانيت جي تعمير لاءِ گهٽ، پر تخريب لاءِ وڌيڪ
استعمال ڪيو پيو وڃي. اهڙن قدرن جي غلط استعمال جي
ڪري، انسان ذات جي صحيح ۽ متوازن نشو و نما ۾
رڪاوٽ پيدا ٿي چڪي آهي ۽ انسان اخلاقي طور جيئن
پوءِ تباهه ٿي رهيو آهي.
”محقق ۽ مفڪرن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته اهي اصول ۽ قدر، جي
محض’مادي تعبير‘ مان پيدا ڪيا ويا آهن، تن جي
تجربن ۽ مشاهدن جي چند نتيجن تي اجايو اعتماد پيدا
ڪري، ذي روح ۽ باشعور انسان جي تهذيبي، معاشرتي،
روحاني ۽ اخلاقي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ کين
نهايت غلط نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 23،نمبر 3_4، ص 5)
هن مان معلوم ٿيندو ته هن جي نظر ۾ جڏهن انسان روحاني ۽ اخلاقي
قدرن کي نظرانداز ڪري، فقط مادي مقصد کي چنبڙي پوي
ٿو، تڏهن هو وڻواند ٿي وڃي ٿو ۽ انسانيت جي اعليٰ
مقصد تان ڪِري، وحشي ٿي پوي ٿو. اها به حقيقت آهي
ته انسان ذات جي انهيءَ حال تي، هر حساس دل اديب،
مفڪر ۽ مورخ رت رُنو آهي. گرامي مرحوم پنهنجي
مختلف گذارشن ۾ جديد دنيا جي انهن عالمن ۽ مورخن
تحريرن مان اهڙا اقتباس ڏنا آهن، هڪ هنڌ مشهور
مؤرز ۽ محقق آرئلڊ ٽوئن بي جو حوالو ڏنو اٿس، جنهن
جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
”هن دور جو انسان اُن جواَري وانگر آهي، جنهن جواخاني ۾ پنهنجو
سارو اخلاقي ۽ تهذيبي سرمايو وڃائي ڇڏيو آهي؛ هاڻي
سندس معاش ۽ زندگيءَ جا سڀ اسباب آخري داوءُ تي
اچي چڪا آهن. هو چاهي ٿو ته کيس اها راند کٽڻ
گهرجي، پر کيس اهو به يقين آهي ته سندس تاش ۽ هنر
۾ اهو زور نه رهيو آهي ۽ هارائڻ سندس مقدر ٿي چڪو
آهي.“
(گذارش سه ماهي، جلد 20، نمبر1،ص 3)
انهيءَ سلسلي ۾ ٻين مغربي مفڪرن جا حوالا به ڏنا اٿس، جهڙوڪ:
ڊاڪٽر اليڪس ڪيرل، پروفيسر ساروڪن وغيره. ڊاڪٽر
اليڪس ڪيرل جو حوالو هن طرح شروع ٿئي ٿو:
”مشيني ايجاد ۾ اضافي ڪرڻ سان هن دور جي تقاضائن ۽ حالتن کي
بهتر بنائي نه ٿو سگهجي. ان طرح رڳو طبعيات،
فلڪيات ۽ سائنس جي مختلف شعبن ۾ ايجاد ۽ انڪشاف کي
ڪا ايڏي اهميت ڏيئي نه ٿا سگهون. انسان ذات لاءِ
واجب آهي ته هو پنهنجي ذهني ۽ اخلاقي زوال ڏانهن
نهاري“
(ايضا، ص 4)
پروفيسرساروڪن جو حوالوهن طرح شروع ٿئي ٿو:
”هن دور ۾ اخلاقي زوال جي ڪري، انسان ڪافي طور تي ذليل ٿي
چڪوآهي. اڄوڪو انسان رڳو مفاد پرست رهجي ويو آهي؛
مفاد ذاتي کان ٻاهر هو ڪنهن به چڱي چيز کي قبول
ڪرڻ لاءِ ڄڻ تيارئي ناهي. اڄڪلهه جو انسان پنهنجي
ذاتي مفاد ۽ مصلحت کي پنهنجو دين ۽ ايمان، شعار ۽
شان بنائي چڪو آهي. ان غلط روشن جي ڪري، پوري دنيا
۾ مستقل نموني ۾ دشمنيءَ ۽ مردم آزاريءَ جو ٻج
پوکجي چڪو آهي. ڪو انسان اڄ اخلاقي دائري اندر پاڻ
کي محفوظ نه ٿو سمجهي“
(ايضّا، ص 5).
گرامي مرحوم هڪ ٻي گذارش ۾ انسان ۽ ڪائنات جي رنگارنگي، تنوع ۽
تبدل تي ويچار ظاهر ڪندي لکيوآهي:
”هي عالم گوناگون رنگينين جو مظهر آهي. هر هڪ مظهر پنهنجي
عجائبات جوحامل ۽ تغير پذير قدرن جو خالق آهي.
زندگي هڪ روان ۽ دوان، مسلسل ۽ لامنتها عمل ۽ رد
عمل آهي، جنهن جي ابتدا موهوم ۽ انتها لا معلوم.
”انسان زندگيءَ جي خلعت فاخره پهري، زمان ۽ مڪان جي گردش دوران
۾ سرگردان، حيران ۽ پريشان، نالان ۽ دست گريبان
آهي. سندس جدوجهد ۽ تگ و دو، زمان ۽ مڪان جي تعمير
پذير ارتقا ۾ هڪ دائمي عمل، مثالي عمل، ۽ حقيقي
عمل جي حيثيت رکي ٿو. مظاهر فطرت کي مطالع ڪندي،
ڏسندي وائسندي، واچيندي ۽ ووڙيندي، لکها سال
لتاڙيا اٿس. سندس ان مطالعي، تجربي، مشاهدي ۽
تلاش، مختلف علمن ۽ فنن کي جنم ڏنو آهي.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 1، نمبر 10)
وقت بابت پنهنجا ويچار ظاهر ڪندي لکيو اٿس:
”وقت، پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ زنده ۽ جاودان حقيقت آهي، جنهن کي
اسين زماني جي اضافي تقسيم سان بيان به ڪريون ٿا،
ماپيون به ٿا ۽ سندس ملهه به ڪريون ٿا؛ حالانڪ جاچ
۽ ڳڻ جا اهي گُرَ ۽ ماپا، وٽ ۽ تورڙا، اسان جا
پنهنجا ذهني پيمانا آهن. محض موشگافي نه آهي، نه
ڪا سائنسي لنترائي.“
(ايضاّ)
گرامي مرحوم جي مٿي ڏنل تحريرن مان معلوم ٿيندو، ته هو مادي
ترقيءَ کي انسانذات لاءِ هاڃيڪار سڏي ٿو. ڏسڻ ۾
اچي ٿو، ته هن انسان ۽ ڪائنات تي، جڏهن جڏهن ويچار
ڪيو آهي، تڏهن هن جي سامهون مادي حقائق به رهيا
آهن. انهن سان گڏ هن جي ذهن روحاني ۽ اخلاقي قدر
به گونجندا رهيا آهن. انهيءَ گونج جو پڙاڏو، سندس
تحريرن ۾ نمايان نظر اچي ٿو، بلڪ اصل ۽ مول مقصد
جي حيثيت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو هو جديد دور
جي انسان لاءِ علم ۽ فن جي ترقيءَ سان گڏ، روحاني
۽ اخلاقي قدر جي پابندي ضرور سمجهي ٿو.
هڪ ٻي گذارش ۾ لکيو اٿس.
”هن جديد دور ۾، جڏهن انسان، ڪائنات جي تسخير جي سلسلي ۾، مادي
۽ سائنسي علم ۽ فن، ايجاد ۽ اختراع جي هڪ بلند
منزل تي پهتو آهي، تڏهن انساني شعور ۽ عمل ۾
توازن پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته روحاني ۽
اخلاقي پهلو کي به روشن ڪيو وڃي. ڇا لاءِ ته زندگي
رڳو ماديات جي مرهون منت نه آهي، زندگيءَ جواخلاقي
نصب العين، هر خيال کان ترجيح ڏيڻ جي قابل آهي.
”مادي مفاد کان انڪار نه آهي. مادي نعمتن جي تسخير ۽ حاصلات ڪا
بــُري چيز نه آهي، اهي به زندگيءَ جون اهم
ضرورتون آهن، پر هت نظرياتي بحث ڪندي، رڳو اهو
ظاهر ڪرڻو آهي، ته اهڙن مادي ۽ سائنسي مفاد طلب
ماڻهن جي گمراهه ڪن استدلال جو بنيادي سبب اهو
آهي، جو انهن نڪو حيات ۽ ڪائنات جي غايت تخليق تي
غور ڪيو آهي ۽ نه ڪو انسان جي بلند نصب العين کي
متعين ڪيو آهي.“
(سه ماهي مهراڻي، جلد 16، نمبر 3)
هن جي نظر ۾ اسلام ئي صالح، صحتمند ۽ معتدل زندگيءَ جو نظارو
ڏنو آهي. انساذات جي فلاح ۽ بهبود، انهيءَ ئي نظام
سان وابسته آهي.
”حضور صلي الله عليہ وسلم جي ظهور ۽ بعثت کان اڳ واري دور تي
نظر ٿي ڪجي، ته پوءِ اهو ٿو معلوم ٿئي، ته اهو دور
اخلاقي زوال جي هوندي به اجتماعي طور تي انسانيت
جي بلوغ جو دور ثابت ٿيل آهي. اوائلي وحشت جي دور
کان وٺي قبائلي، زمينداري، جا گيرداري، سرمايه
داري، مذهبي پيشوائيت، برهمنزم ۽ پاپائيت، جا نظام
ڄڻ ته اوج تي پهتل هئا. شاعري ۽ حڪمت، فلسفي ۽
زبانداني ۾ انسان ڀڙ ٿي چڪو هو. عمرانيات ۽
معاشيات جي مسئلن تي به بحث ٿي چڪو هو. انسان جي
ان اجتماعي ارتقا کانپوءِ، هڪ اهڙي فڪر انگيز نظام
۽ صالح تجربي جي ضرورت هئي، جنهن ۾ انسان جي پوري
اجتماعي زندگيءَ لاءِ فڪري ۽ اصلاحي، اخلاقي ۽
اجتماعي نصب العين بيان ٿيل هجي؛ ۾ انسان جي
وجدان، ذوق سليم ۽ جذبات جي به رعايت رکيل هجي؛
جنهن ۾ انساني حيات ۾ ان جي سماجي ۽ عالمگير قدرن
جو به لحاظ رکيل هجي، ظاهر آهي، ته نبي ڪريم صلي
الله عليہ وسلم جو پيغام، انهن سڀني قدرن جو جامع
ثابت ٿيو اهو ئي سبب آهي، جو ’اسلام‘ جي عالمگير
نظام کي مذهبن ۽ ڌرمن جي تجديد، اصلاح ۽ تصديق جي
تاريخ ۾ وڏي حيثيت حاصل آهي، جنهن کي خود جديد دور
جي وڏن وڏن غير مسلم عالمن ۽ دانشورن پڻ تسليم ڪيو
آهي.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 20ع نمبر 2، ص 7).
هو اڄ جي انسان کي مشورو ٿو ڏئي، ته هو ڪائنات جي رنگينين تي
غور ۽ فڪر ڪرڻ سان گڏ اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندو، ته
کيس معلوم ٿيندو، ته هن ڪثرت ۾ وحدت ڪار فرما
آهي:
”افسوس آهي، ته قدرت جي وسيع خلائي ڪائنات ۽ ان ۾ سج ۽ چنڊ جي
نظام ۽ نظاري جي دلڪشيءَ، حسن آفرينيءَ، ديده
زيبيءَ، وجد انگيزيءَ، صنعت گريءَ ۽ پخته ڪاري
ڏانهن ان خلائي مسافر جو ڪو به خيال نه ويو!
حالانڪ مَـنَ جي دنيا جو مسافر، جڏهن ’مَــنَ‘ جي
اٿاهه خلا ۾ جهاتي پائي ٿو، تڏهن سندس وجدان ۽
احساس، کيس هڪ ’فاطر ۽ قادر‘ ۽ مافوق الفطرت
هستيءَ سان آشنائي ٿو بخشي۔ وجدان ۽ احساس جي قوت،
کيس روحاني طرح سان، هڪ ڪار ساز جي وجود جو
’اعتماد ۽ اعتقاد‘ ٿي عطا ڪري. هو منتشر ۽ وسيع
ڪائنات ۾ مومل جي ڪاڪ واري مانڊاڻ ۽ان جي
پرگندگيءَ ۾ ’هڪ‘ ئي مشاهدو ٿو ڪري ۽ لطيف جي زبان
۾ چوي ٿو:
”راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهه ڪي.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 23، نمبر 3_4).
ڏسو ته ڪهڙي نه فڪر انگيز نموني ۾ خالق حقيقي جو وجود ثابت ڪيو
اٿس؛ ۽ ٻڌايو اٿس، هيءَ ڪائنات اڍنگي ۽ ڇڙواڳ نه
آهي، پر ان جو خالق ۽ مالڪ آهي. اهو آهي: الله.
اهو هڪ آهي، ۽ ان سان ڪو به شريڪ ڪونهي. هر هنڌ
انهيءَ ذات مطلق جو جلوو جاري ۽ ساري آهي. هن سڄي
بحث مان چٽيءَ طرح معلوم ٿيندو، ته انسان ۽ ڪائنات
بابت گرامي مرحوم جو نقطه نظر اهو آهي، جو هڪ مسلم
صوفيءَ جو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته هن تي اسلامي
تصوف جو گهرو اثر آهي.
ادب، فن ۽ زندگي
ادب، فن ۽ زندگي بابت به ڪيترين ئي گذرشن ۾ خيال ظاهر ڪيا اٿس.
سندس نقطه نظر واضح، حقيقت پسندانه ۽ زندگيءَ سان
هم اهنگ آهي. سندس خيال آهي ته ادب زندگيءَ کان
جدا ٿي نه ٿو سگهي. ادب جو زندگيءَ سان گـهَرو
تعلق آهي. لکيو اٿس:
”ادب ۽ زندگيءَ جا واسطا، ناتا ۽ رشتا پاڻ ۾ اهڙا ته ڳنڍيل آهن،
جو ڪڏهن به ڌار ٿي نٿا سگهن. نه ادب بيپاڙي آهي،
جنهن جو وجود معلق ٿئي ٿو، ۽ نه ڪا زندگي اهڙي بي
حقيقت وٿ آهي، جنهن ۾ ڪو مقصد ئي ڪونهي. ادب
انساني فڪر ۽ سوچ جي ترجماني ڪندڙ صنف آهي. ادب ۾
تاريخ جي هر دور جي ترجماني موجود آهي. انسان جي
محسوسات ۽ جذبات جي نقشگري، ادب جي زندهه جاودان
دفتر ۾ محفوظ ۽ موجود آهي. نه زندگيءَ کان سواءِ
ادب جو ڪو تصور قائم ڪري سگهجي ٿو، ۽ نه ادب کان
سواءِ زندگيءَ جي مقصد ۽ ارتقا کي معين ڪري سگهجي
ٿو.“
(سه ماهي مهراڻ، جلد 12، نمبر 3 ۽ 4).
سندس خيال ۾ ادب نه فقط زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو، پر ادب
زندگيءَ جي تنقيد به آهي، ته ان جي اصلاح به آهي.
هڪ گذارش ۾ انهيءَ سلسلي ۾ لکيو اٿس:
”ادب انساني زندگيءَ لاءِ روشن، تابناڪ ۽
صحتمند معيار ۽ انداز پيدا ڪري ٿو. دماغ جي اوجر،
ذهن جي تعمير، فڪر جي تشڪيل ۽ نفسيات جي اصلاح جو
تعلق ادب، شعر ۽ مصوريءَ سان آهي. موسيقي ادب جو
نغمه ريز پهلو آهي، جو جذبات ۾ حدت ۽ حرارت پيدا
ڪري ٿو، پر جي ادب ۽ فن، مصوري ۽ موسيقي سڀ آهن
بيروح ۽ بيمقصد، ته پوءِ سماج ۾ جا ثقافت پيدا
ٿيندي، اها معاشري ۽ انسان جي اجتماعي نظام کي
کوکلو بنائي ڇڏيندي.“
(جلد 22، نمبر4).
ادب ۽ شاعريءَ جي وصف بابت هڪ ٻي گذارش ۾ لکيو اٿس:
”ادب جي تعريف ڪندي، ايئن چيو ويو آهي، ته ادب آهي زندگيءَ جو
ترجمان ۽ شاعريءَ آهي زندگيءَ جي تنقيد. اهو بلڪل
درست آهي، پر هيءَ تعريف ان ادب ۽ شاعري جي آهي،
جنهن جي رسائي ۽ پهچ، تنقيد ۽ گرفت، زمان ۽ مڪان
ٻنهي تي حاوي ٿئي ٿي. ڇا لاءِ ته ان قسم جي ادب جو
بنياد، اهڙن جذبن ۽ خيالن، ويچارن ۽نتيجن، زاوين ۽
تقاضائن تي ٿئي ٿو، جي هر زماني ۾، هر ملڪ ۾، هر
قوم ۾، بلڪ هر باشعور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ موجود
رهن ٿا. ان ڪري ئي اهو ادب ۽ ذخيرو ڄڻ ته بني نوع
انسان جو هڪ مشترڪ ورثو بنجي پوي ٿو، پوءِ ڀلي ته
اهو ڪهڙي به زبان ۾ هجي. اتي پهچي، هوند ائين چئي
ڏجي ته گويا ’ادب آهي باشعور انسانيت جي زبان‘ اها
زبان، جنهن کي هر انسان سمجهي سگهي ٿو؛ اها زبان،
جا انسانيت جي مجموعي تاثرات ۽ اجتماعي تقاضائن جي
ترجماني ڪري ٿي؛ اها زبان، جا انسانيت جي شعوري
لاشعوري سوچ ويچار تي تنقيد ڪري ٿي، اها زبان، جا
اڪتسابي ۽ درسي مطالع کان مٿئينءَ سطح تي پهچي،
مسئلن ۽ نتيجن جو تنقيدي جائزو وٺندي رهي ٿي.“
(جلد 17،نمبر 1)
ٻئي هنڌ لکيو اٿس:
”ادب جي جيڪڏهن ڪا مختصر تعريف ڪئي وڃي، ته پوءِ رڳو ائين چوڻ
ڪافي آهي، ته ادب زندگيءَ جي تعمير ۽ ارتقا جي
راهه ۾ هڪ مشعل جي حيثيت رکي ٿو. ادب زندگيءَ کي
سنواري ۽ سينگاري ٿو. زندگيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا
کي اجاري ٿو. صحتمند قدرن کي اڀاري ٿو. بيمار ۽
پست، مردهه ۽ بيڪار قدرن کي ناس ڪري ٿو. انسان جي
غلط ڪارين ۽ غلط فهمين جي اصلاح ڪري ٿو ۽ انسان جي
ذهني ۽ فڪري قوتن ۾ روشني پيدا ڪري ٿو.“
(جلد 13، نمبر 1)
ادب ۽ زندگي لازم ۽ ملزوم آهن. انهيءَ ڪري گرامي مرحوم جو خيال
آهي، ته جيئن زندگيءَ ۾ رنگارنگي آهي، تيئن ادب ۾
به تنوع آهي. لکي ٿو:
”جيئن زندگي گونا گون جدت پذيريءَ جو مظهر آهي، تيئن ادب به
انساني سماج جي مختلف النوع مظاهر جو ترجمان آهي.
زندگي ۽ ادب جو باهمي ربط جن سماجي قدرن مان پيدا
ٿئي ٿو، اهي قدر ۽ معيار، عوامل ۽ محرڪات، خود
سماجي ٿين ٿا، جن جي پيدائش جو مدار زندگي ۽ ان جي
ارتقا پذير ۽ تغير پذير پهلوئي آهن، جي خود سماجي
ٿين ٿا،“ (جلد 9، نمبر 3 ۽ 4).
گرامي مرحوم جو خيال آهي، ته ڪو به ادب مقصديت کان خالي نه
آهي: لکي ٿو:
”ڪنهن ادب کي غير مقصدي ادب سڏڻ، منطقي ۽ نفسياتي طور هڪ غلط ۽
لغو فيصلو ٿيندو: ادب جو ڪو نه ڪو مقصد ضرور ٿئي
ٿو، جنهن کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ لاءِ تخليق ڪئي
وڃي ٿي، ۽ جنهن سان روشناس ڪرائڻ، جنهن کان متاثر
ڪرڻ، جنهن ڏانهن توجهه ڏيارڻ، فنڪار جي اڳيان مکيه
سوال جي حيثيت رکي ٿو.“
(ايضاّ).
ادب ۾ خيال ۽ فڪر، ويچار ۽ ويڃاءَ، زندگيءَ جي تجربي ۽ نتيجي
سان گڏ سٽا ۽ سونهن کي به وڏي اهميت حاصل آهي.
انهيءَ ڪري ادب ۽ فن لازم ۽ ملزوم آهن. گرامي ادب
جي هيئت تي بحث ڪندي لکي ٿو:
”مواد جي حيثيت هڪ خام ۽ ناپخته اسباب وانگر آهي، جنهن کي فني
مهارت ۽ هيئت سان پيش ڪرڻ ضروري آهي، جيئن پڙهندڙن
جون دليون ۽ دماغ، ان جي مطالعي کان متاثر ٿي،
آسودگي حاصل ڪن.“ (ايضاّ).
ادب جيئن ته انساني زندگيءَ جي ترجماني به ڪري ٿو، تنقيد به،
تعمير به ڪري ٿو، ته تفسير به؛ انهيءَ ڪري اديب کي
ڏاڍو محتاط ٿيڻو پوي ٿو. کيس لفظ ۽ خيال چَـٻي
چـِٿي ڪڍڻا پون ٿا، جيئن سندس فن پارهه انساني
زندگيءَ جي تعمير ۽ تقديس ڪن. ائين نه ٿئي جو سندس
تحرير ڪو ممڻ مچائي ۽ صحتمند معاشري کي بگيڙي،
انسان کي اَوارهه ۽ بد ڪرداربنائي. گرامي مرحوم
لکيو آهي: |