سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :30

هُو جي هِت هئا، آءُ نه جيئندي اُن ري

تاثرات

هڪ خط مان ڪجهه سٽون

گرامي گذاري ويو ۽ خبر ٻڌي ڏک ٿيو. عجب اتفاق آهي جو مهينو-ڏيڍ اڳ مون کيس ياد ڪيو ۽ ڏانهنس خط  لکيم، جنهن جو ذڪر پاڻ 13-سيپٽمبر تي ڪيو. اها خبر هجي ها ته مڙس وڃي ٿو ته انهيءَ ڏينهن کيس ملون ها.

عربي_ فارسي آميز سنڌي نثر توڙي گفتگو ۾ يگانو هو. اعليٰ درجي جو خطيب ۽ تقرير جو گوهر هو. انساني معملات متعلق سندس سوچ شاعرانه مگر بين الاقوامي سطح واري هئي. ’مهراڻ‘ ۾ لکيل ڪي ايڊيٽوريل پڙهڻ وٽان آهن. وڏي ڳالهه ته مڙس خوش طبع ۽ ڪنهن حد تائين قلندرانه وضع وارو هو. ڪچهري کي مچائڻ وارو هو. جيڪڏهن سندس ضرورتون گهٽ هجن ها ۽ ڪجهه بي نيازي کان ڪم وٺي ها ته مڙس جو ملهه ئي ڪو نه هو. آءُ عيد تي نٿو اچي سگهان، جو هن وقت قائم مقام سيڪريٽري جي حيثيت ۾ (جڏهن سيڪريٽري ڊاڪٽر اجمل  ٻاهر ويل آهي) هيڊ ڪوارٽر ڇڏي نٿو سگهان. گرامي مرحوم جي گهر ويندا ۽ منهنجي پاران پسماندن سان همدردي ڪندا، جڏهن آيس تڏهن پاڻ وٽن ويندس. گرامي جو گذارڻ ڄڻ سڄي سنگت کي ڄاڻ آهي ته:

”مرڻ مند نه آهي، تائب ٿيو تڪڙا“. (شاهه)

-ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (اسلام آباد)

محقق، اديب، شاعر، نقاد.....

مرحوم گرامي صاحب محقق، اديب، شاعر، نقاد، ادبي فنڪار، رلڻو ملڻو، خوش مزاج ۽ ادب نوازن جو دوست، پنهنجي ادبي ڪمن ۾ نه رڳو مشغول پر مست ۽ مگن هو.

پراڻي تهذيب ۽ تمدن جو دلدادهه، پر پراڻين خوبين مان اڀرندڙ، نون ڪرڻين جو منڪر نه پر حقيقت پسند هو. انهيءَ طبيعت جي ڪري، نوجوان اديبن ۽ شاعرن لاءِ، نڪته چين ۽ نڪته دان ۽ انهن ۾ اصلاح جو جذبو پيدا ڪندڙ هو.

هو مختلف دورن جي تقاضائن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ مفڪر هو. هن جي حياتيءَ تي، خلافت تحريڪ جي زماني جي منهنجي دوست سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ واري، ڊاڪٽر عمر بن محمدّ دائود پوٽي ۽ جناب مخدوم طالب الموليٰ صاحب  جن جي پرتوي جي جهلڪ نمودار هئي.

منهنجو ذاتي طور سان دوست ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي گڏجاڻين ۾، ترقي پذير خيالن جو همنوا هوندو هو. سنڌ جي باشندن ۾ الفت ۽ محبت رکندڙ، سنڌي تهذيب جو مبلغ ۽ شاهه سائينءَ جي نظريه سان پاڪستان جي باشندن ۾ الفت ۽ محبت پيدا ڪرڻ، انسانيت جي عظمت کي بلند ڪرڻ ۾ قلم استعمال ڪندڙ هو.

اسان کي کپي، ته مرحوم غلام محمد گراميءَ جي قائم ڪيل ادبي روايتن کي سونهون بڻائي، عوام جي جذبن، اخلاق ۽ انسانيت جي محبت کي پيش ڪندي، علم ۽ ادب ۾ اڳتي قدم وڌايون.

-سيد جمال الدين بخاري (لاڙڪاڻو)

هو اڄ به اسان ۾ موجود آهي

آءُ گرامي صاحب جي گهر پوين سان تعزيت ڪرڻ ڪونه ويو آهيان. دراصل مون اِن ڳالهه جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي،  ڇو ته آءُ گرامي صاحب جي وفات کي مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آهيان. گرامي صاحب زندهه آهي، هو اڄ به اسان ۾ موجود آهي، هوُ هينئر به مون کي لکڻ کي نه ڇڏڻ لاءِ تاڪيد ڪري رهيو آهي، هُن کي اڄ به منهنجي صحت لا تشويش آهي، هو اڄ به مون کي مڪمل آرام ۽ پرهيز جو مشورو ڏيئي رهيو آهي، هينئر به سندس جادو بيان تقريرون منهنجي ڪَنن ۾ ٻُري رهيون آهن. گرامي صاحب کي اسان ڪڏهن به پاڻ کان الڳ تصور ڪري نٿا سگهون. هو جيئن گذريل هڪ طويل عرصي کان ادبي  ۽ قومي ميدان ۾ اسان سان گڏ رهيو آهي، تيئن موجود آهي ۽ سدائين رهندو.

گرامي صاحب جي ”زبردست“ شخصيت تي لکڻ لاءِ مون کي سگهه ڪانه آهي-- ۽ کڻي ڪوشش به ڪريان پر اهو يقين اٿم، ته گرامي صاحب ڇا آهي، اُن کي بيان ڪرڻ جو صحيح حق ادا ڪري ڪو نه سگهندس.

مان فقط ايترو چاهيان ٿو ته مهراڻ جو رٿيل ”گرامي نمبر“، شال گرامي صاحب جي شخصيت ۽ ادبي ڪارنامن جي شايان شان هجي.

_رسول بخش پليجو (حيدرآباد)

....مرڻ تنين مشاهدو

مان اُن ڏينهن پنهنجي ڳوٺ مٺيءَ ۾ هئس. صبح جو سوير  رڊيو تي خبر ٻڌم ته مولانا گرامي صاحب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙن باڪمال بزرگن جو موت هڪ قومي حادثو هجي ٿو، جنهن جو صدمو هر ڪو محسوس ڪري ٿو.

گرامي صاحب جي ادبي ذوق ۾ اعليٰ پايي جي وسعت ۽ همه گيري هئي. ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۽ بي شمار علمي ۽ ادبي مضمون لکي هن سنڌي ادب مان خراج تحسين وصول ڪيو هو. ادب کان سواءِ ٻين سڀني فنون لطيفه سان به گهري دلچسپي هيس. سندس مخصوص شخصيت ٻين تي اثرانداز ٿيندي هئي. سندس گفتگو علمي هجي يا ادبي يا سياسي يا سماجي تنقيد، سندس مُنهان جا ڳالهه نڪرندي هئي اُها ظرافت کان سواءِ نه هوندي هئي. انهيءَ خصوصيت کيس ’بزم آرا‘ بنائي ڇڏيو هو. جڏهن به ڪنهن ڪچهريءَ يا محفل ۾ اچي ويهندو هو ته ظرافت جي درٻار لڳي ويندي هئي. اهڙا باصلاحيت شخص فطرت ڪڏهن  ڪڏهن پيدا ڪندي آهي. هو زندهه دل به هو ته روشن دماغ به. اهڙا ڏيئا وسامي وڃن ته زندگي اونداهي رات بنجي ويندي آهي.

هو هڪ ممتاز عالم هو، جو مشرق جي حيات پرور ادب جي نشي سان سرشار هو. هڪ جوش آفرين اُستاد جي حيثيت سان سندس مرتبو نهايت ئي بلند هو. هو درخشان فصاحت رکندڙ اديب ۽ مقرر هو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور هو. هو پنهنجي هم ذوق ماڻهن جي صحبت ۾ تڪلف جو نقاب لاهي ڦٽي ڪندو هو ۽ خود کلندو ۽ ٻين کي کلائيندو هو. سندس بي پناهه شگفتگي جو نظارو ناقابل ِ فراموش تجربو هو. سندس همعصر پنهنجي ترقي پسندي، روشن خيالي، ذهني ارتقا ۽ بي انت قوت جو سهرو سندس سر تي آهي.

گرامي صاحب جي لاڏاڻي سان گڏ ٻيون ڪافي ڳالهيون به موڪلائي وييون. سندس اسلوب تحرير موڪلائي ويو، جنهن مان مختلف زبانن جون جوهري لطافتون اهڙيءَ طرح جهلڪنديون هيون، جيئن شفق جي رنگ جا ترورا. انهيءَ سان گڏ اديبانه خطابت، خطيبانه ادبيت، سنجيدي ظرافت، ظريفانا سنجيدگي ائين موڪلائي ويا، جو  ائين ٿو ڀائنجي ته هاڻي موٽي نه ايندا. حقيقت اها آهي ته هو اديبن، شاعرن، سخن فهمن ۽ تاريخدانن جي هڪ مخصوص حلقي جو سڀ کان وڏو ترجمان هو.

ادبي تخليقن جي سلسلي ۾ سندس تحريرون جيتوڻيڪ گهٽ آهن، پر هر تخليق هڪ ڪارنامو آهي. ٻين ڳالهين کان سواءِ سندس صبر ۽ همٿ جي اها ادا ڪير ٿو ڀلجي سگهي ته هو مرندي مشڪي رهيو هو ۽ مشڪندي مري رهيو هو! شايد گهڻن ماڻهن کي سندس موت کان پوءِ خبر پيئي هوندي ته هو ڊگهي عرصي کان بيمار هو ۽ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه دوائون، گوريون کائيندو رهندو هو ۽ پنهنجي فرض گهري شعور سان ادا ڪندو رهيو.

_وليرام ”ولڀ“ (حيدرآباد)

علم ۽ ادب جو سرچشمو

گرامي صاحب جي وفات جو ٻڌي  آءُ حيران ٿي ويس، ڇا هو ائين ماضي ٿي ويو؟ مون کي اعتبار نه آيو. سندن تصوير منهنجي اکين اڳيان ڦري آئي ۽ هميشه ائين ايندي رهندي، جڏهين به سندن ياد آيم. منهنجي لاءِ سدائين هو زندهه رهندو. علم ۽ ادب جو سرچشمو،  جنهن مان آءُ فيض ياب ٿيندو رهندس. اڳي سندس صحبت ۽ هاڻ سندس محبت منهنجي ساٿي رهندي.

_ع. غ. سنڌي (اسلام آباد)

جوڳي جوءَ مٽي ويا

امداد ۽ پرڀوءَ جا حڪم ڪڏهن ڪڏهن ٽاريندو به آهيان، پر جي حڪم ٿئي ته ”گرامي صاحب تي ڪجهه لکي ڏي“ ته اهو ٽارڻ جي جرئت ڪيئن ڪريان؟ امداد ۽ ناشاد ٻنهي ”گرامي صاحب“ چيو، ”مرحوم گرامي“ نه. تنهنڪري پڪ ٿيم، ته هنن اڃا تائين، مون جيئن گراميءَ جي موت کي تسليم نه ڪيو آهي. ڪن به ڪيئن؟ موت جبرو آهي، پر گرامي صاحب جهڙو جبرو ماڻهو موت هٿان مات کائي ويندو، اهو اڃا يقين نه ٿو اچي.

نياز اوچتو منهنجي آفيس ۾ آيو. اچڻ سان پنهنجي اصلي لهجي ۾ چيائين ”گرامي، گذاري ويو، يار!“ مون چرچو سمجهي سندس ڳالهه ٽاري ٻي ڳالهه ڪرڻ چاهي ته ورجايائين ”گرامي گذاري ويو.“

”ڇڏي يار چرچا“ مون مسڪرائيندي چيس، ”گرامي ڪيئن ٿو مري سگهي؟“

”هائو، سچ....“ مون نياز جي منهن تي پهريون ڀيرو سنجيدگي ڏٺي.

ڪجهه وقت ٽٻيءَ ۾ پئجي ويم. بزرگ هوندي به مان، شمشير، امداد، نياز، فتاح ۽ رشيد جهڙا وات ڳاڙها ساڻس اڻ ميا چرچا ڪندا هئاسين، ته ڪاوڙجڻ بدران پاڻ کلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڊوڙي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته مان ڊوڙي پري بيهي کيس چوندو هئم: ”ٿلها نه ڪو ڀڄڻ جا، نه ڪو وڙهڻ جا“، ته هڪدم ”وڏا منحوس آهيو“ چئي، کِلي معاف ڪري ڇڏيندو هو.

مون کي سمجهه ۾ نه آيو. اڃا سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته، گراميءَ جي موت تي روئان يا ساڻس گذاريل سهڻين گهڙين کي ياد ڪري کلان. شايد چريو ٿي پيو آهيان!

گرامي صاحب جا ليک مون هميشه شاگرد جيئن پڙهيا. سندس عام، ادب ۽ پاڻ تي کڻ جي همت مون کي ناهي.

_الطاف عباسي (حيدرآباد)

املهه ماڻڪ

سائين شيخ صاحب!

ڪيتري وقت کان وٺي نه اوهان سان ملڻ ٿيو آهي ۽ نه وري ڪو ٽيليفون تي، يا خط رستي رابطو قائم ٿيو آهي. هاڻي سوچيان ٿو ته اسان مادهه پرست، پيٽ جا پوڄاري ڪيڏي نه غلطي ڪري رهيا آهيون. پيٽ پوڄا لاءِ ته ڏاڍو ٿا پاڻ پتوڙيون، مگر جتي روحاني غذا ملي ۽ بي چين ذهن کي طراوت نصيب ٿئي، اتي ٻه قدم ڀري وڃڻ کان به عاري آهيون. پنهنجي سُستي ۽ نادانيءَ تي تڏهن وڃيو ندامت ٿئي، جڏهن اوچتو ڪو هيرو هٿن مان ڇڏائجيو وڃي، لعل لِڪيو وڃي  ۽ ڪو املهه ماڻڪ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿيو وڃي. مان اهو تصور ڪري،  ڏڪيو وڃان، ۽ هينئر لکندي هٿ ڪنبي رهيا آهن ته قبله گرامي_ محفلن جو مور ۽ ڪچهريءَ جي ڪوڏئي_ _ گراميءَ لاءِ مرحوم ڪيئن لکان؟ جيئن اوهان لکيو آهي ته ”مولانا گرامي، جنهن کي ’مرحوم‘ لکڻ دل گوارا نٿي ڪري، مگر جيڪو مرحومن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي، ڪنهن ٿي سمجهيو ته ايترو جلد ۽ اوچتو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويندو.“

اوهان ڏي هنن ٻن اکرن لکڻ لاءِ، فقط ان ڪري قلم کنيم، ته اوهان کي داد ڏيان ۽ اوهان  جي مردم شناسيءَ جي جذبي کي ساراهيان، جو اوهان مرحوم گراميءَ تي، هڪ خاص ايڊيشن شايع ڪيو آهي. جتي علمي بي قدري ۽ ناشناسيءَ جو دور هجي؛ جتي خود ثنائي ۽ آپي شاهيءَ جي فضا هجي؛ اتي جيڪڏهن ڪو ”جوهري“ پيدا ٿي پوي ۽ هڪ ”املهه ماڻڪ“ جي قدرداني ڪري ته اها به (هن دور ۾) وڏي غنيمت آهي.

مان بروقت نه ڪو تعزيتي پيغام موڪلي سگهيس ۽ نه (اطلاع دير سان ملڻ سبب) مرحوم جي آخري ديدار لاءِ پهچي سگهيس سچ پڇو ته مان قبله گرامي صاحب جي موت جي خبر کان پوءِ روئيندو رهيو آهيان. منهنجي دل ڀنل رهي آهي، تنهنڪري اهو ضروري به نه سمجهيم، ته تعزيت ڪندڙن ۾ مان پنهنجو نالو به ڏيان. مگر توهان جي اخبار جي خاص پرچي_ جنهن ۾ قبله گرامي مرحوم جون ڪيتريون تصويرون ڇپيل آهن _ وري زخم چڪايا ۽ ڳوڙها ڳاڙيا. تنهنڪري اڄ ڏڪندڙ هٿن سان، هي سڀڪجهه لکي رهيو آهيان.

مولانا گرامي _ سنڌ جي ادبي گلشن جو هڪ اهڙو مهڪدار گل هو، جنهن جي خوشبو جي واس وٺڻ لاءِ ڪوهن تان ڪهي اچبو هو؛ علم و ادب جي اها روشن لاٽ هئي، جنهن ذريعي ماڻهو پنهنجي مُنجهيل واٽ ڳولي لهندا هئا. هاءِ قسمت! جو اهڙو مڻيادار ۽ موتي به اسان کا هميشہ واسطي ڇڄي ويو. سنڌ سان ۽ خصوصا سنڌ جي تاريخ سان قبلا گراميءَ کي ايڏي ته دلچسپي هوندي هئي، جو هميشهه سنڌ جي تاريخي عظمت تي تحقيق ڪري نوان نوان انڪشاف پيا ڪندا هئا. گرامي صاحب جن جي وفات سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ايڏي ته خلا پيدا ڪئي آهي، جو ان جو ڀرجڻ تقريباً ناممڪن پيو لڳي. مون کي ته ائين پيو محسوس ٿئي، ته ڪٿي(خدا نه ڪري) سنڌ تحقيق، دانش، فلسفي ۽ فڪر جي استادن ۽ رکوالن کان بنهه يتيم نه ٿي وڃي ۽ جيڪو اچي وڃي سو رڳو “بيل باٽم ۽ وڏا وار“ هجن. اميد اٿم ته اسان جو نئون نسل پنهنجي عظيم تاريخي ورثي کي ساهه سان سانڍيندو ايندو. آمين!

مون کي وقت بوقت اهو شرف ملندو رهيو آهي، جو مان قبله  گرامي صاحب جي خدمت ۾ وڃي، ڪجهه پرائيندو رهيو آهيان. زندگي وفا ڪئي، ته جلدئي ان عذاب ڏيندڙ ماضيءَ کي دهرائيندس ۽ يادگار رهاڻين ۽ ڪچهرين بابت ڪجهه لکي، اندر جي اوٻر ڪڍندس. الله تعاليٰ شال قبله گرامي صاحب جي روح کي، جوار رحمت ۾ رکي ۽ سندس پوين کي صبر جي توفيق عطا ٿئي. (محترم شيخ علي محمد ايڊيٽر روازانه آفتاب ڏي لکيل خط)

عنايت بلوچ (ڪراچي)

 علم جو آفتاب—مولانا گرامي

موت هر هڪ جاندار شيءَ لاءِ برحق آهي. هيءَ دنيا فنا جي فلسفي تي ٻڌل آهي. پر هن دنيا ۾ ڪي ڪي شخصيتون اهڙيون به هونديون آهن، جن جي اوچتي ۽ اچانڪ وفات ڪري ڄڻ ته سموري ڪائنات ۾ وڏو خال پئجي ويندو آهي. ۽ ڪافي عرصي تائين انهن شخصيتن جي جدائي محسوس ڪئي ويندي آهي. اسان جي سنڌ جي  ڪائنات به عالم، اديب، محقق، مفڪر، مقرر، صحافي ۽ شاعر کان محروم ٿي ويئي آهي. مولانا گرامي مرحوم جي شخصيت کان سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي حلقن وارا چڱيءَ طرح واقف آهن. مولانا جي سموري زندگي علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تحقيق ۾ گذري ويئي. جڏهن به مولانا گراميءَ جو نالو سامهون ايندو، تڏهن هڪدم علم، ادب، تاريخ، تمدن، ثقافت، سياست، فقه، فلسفي، حديث، اصلاح، تحقيق، تفسير، شعور شاعري گويا زندگيءَ جي سمورن فهميده ۽ ضيلت وارن فنن ۾ مولانا گرامي مرحوم کي انهن جو استاد بلڪ امام سمجهيو ويندو. مولانا صاحب نه صرف هڪ عظيم شخصيت هو، مگر هو پنهنجي دور ۾ هڪ يادگار دور هو. علم، ادب ۽ صحافت سان گڏوگڏ هٿرادو منجهايل مذهبي ۽ تمدني معاملن متعلق هن پنهنجي قلم کان جيڪو جهاد ڪرايو، سو علم، ادب ۽ تاريخ جي دنيا ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. مولانا پنهنجي قلم جي زبان سان هر ڪوڙ ۽ مصلحتن جي پيدا ڪيل مسئلن کي بي نقاب ڪري حقيقت جي منزل تي پهچائيندو رهيو.

ٽيليويزن، ريڊيي، اخبارن ۽ رسالن ۾ مولانا مرحوم جي زندگيءَ جا سمورا پهلو اڳيان اچي چڪا آهن، ۽ سنڌ جا ماڻهو مولانا مرحوم جي علمي ۽ ادبي عظمت جو معترف آهن. مون جڏهن ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ لکي تيار ڪيو، تڏهن ڪتاب جي مقدمي لکڻ لاءِ ڪتاب  جي ڊمي ۽ هڪ خط مولانا جي خدمت ۾ روانو ڪيو. پاڻ نهايت فراخدليءَ ۽  فياضيءَ سان مقدمي لکڻ کان اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نظر ڪرڻ کان پوءِ هي هيٺيون خط لکي روانو ڪيو.

31-مئي 1976ع

محترم عزيز ذوالمجد و الڪرم وفائي صاحب

وعلڪيم اسلام

اوهان جو شاهڪار ڪتاب، جو سمورو سچ آهي، اوهان جي نوازش نامي سان مليو. ياد فرمائي جو شڪريو! پيارا وفائي، اوهان جي تحرير خون جگر سان لکيل آهي، اهل بصيرت کي رئاڙيندي! جيئن پهرين فرصت ٿي، تيئن لکڻ شروع ڪندس، دير ۾ خير آهي. ڪتاب زير مطالع آهي. ”اندر جنين جا اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون“ اوهان ته ڏونگر کي ڏاري وڌو آهي!

دعاگو، غلام محمد گرامي

ڪجهه وقت کان پوءِ مولانا صاحب ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ لاءِ مقدمي لکي موڪلڻ جي مهرباني ڪئي ۽ مقدمو ڪتاب ۾ شامل ڪري ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ مولانا مرحوم جو آخري خط سندس ڪو دوست کڻي آيو، جيڪو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.

4- سيپٽمبر 1976ع

محترم و مڪرم عزيزم وفائي صاحب

اسلام عليڪم:

 اميد ته خوش بهار هوندا. ”آزاد“ جي تازي پرچي ۾ اوهان جي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ جي اشاعت جي خبر مطالع ۾ آئي. ان لاءِ مبارڪ! هي خط آڻيندڙ منهنجي ڏهٽاڻ ۾ آهي، روبرو روداد بيان ڪندو. اوهان هميشه جيان قرب ڪندا _اها پڪي اميد اٿم.

والسلام دعاگو

غلام محمد گرامي

هنن خطن مان مولانا مرحوم جي دوست نوازي، دنيا ۽ دنيا وارن ڏانهن بي نيازيءَ جا جوهر جرڪي رهيا آهن.

-علي نواز وفائي (ڪراچي)

ٽڪاڻا اجڙي ويا

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شام جو ريڊيو تان غلام محمد گرامي صاحب جن جي وصال جي ڏکوئيندڙ خبر ٻڌي هئم. اتفاق سان ان وقت آءُ خواجه غلام فريد رحه جن جي ڪلام جو مطالعو ڪري رهيو هوس ۽ سندن هيءَ سرائڪي ڪافي منهنجي زير نظر هئي.

سانول پنهل وَل، گهر ڏو سڌاياتن مونجهه ماريا، سر سول تايا

انهيءَ ڪافيءَ جو سنڌي ترجمو پيش خدمت آهي ۽ اهيئي منهنجا تاثرات سمجهندا:

”منهنجو محبوب وري پنهنجي گهر موٽي ويو آهي

”تن من تي اداسي ڇانئجي وئي ۽ ڏک جي باهه ڀڙڪي اُٿي.

”ڪارا ڏونگر ڊيڄارين ٿا، ڏائڻيون ۽ بلائون ٽولا ڪري اچن ٿيون.

”سڄڻ ريءَ سڪا سوڙها  به نه ٿا وڻن، گهر جو گهر اڄ اوپرو نظر ٿو اچي.

”جوڀن جو ماڻو نه رهيو، سهرا ڪمائجي ويا، ٽڪاڻا اُجڙي ويا.

”بي پرواهه دوست هزارين غم جهوليءَ ۾ وجهي ويو.

”دل دوکو ڏيئي دربدر ڪيو. اميدون خاڪ ۾ ملي ويون.

”مٺڙو پريت نباهي نه سگهيو ۽ مهر ڀري ديد سان بُٺ ورائي به نه ڏٺائين ۽ پوءِ اي فريد، منهنجي سِر تي ڏکن جو ڇانورو ڇانئجي ويو“.

-”بردو“ سنڌي (نوابشاهه)

هڪ  اَملهه ماڻڪ

مون کي ته سچ اڃا يقين ڪو نه ٿو اچي، ته گرامي صاحب اسان کان جدا ٿي ويو آهي. سندن پُر مذاق گفتا ۽ وڻندڙ مجلسون، اڃان ذهن ۾ تازيون آهن. اسان جي حُجتن کي پيار ۽ شفقت سان برداشت ڪرڻ وارو گرامي، ته هن وقت به اکين آڏو زنده شخصيت جي حيثيت ۾ ڦري آيو آهي. گرامي صاحب، نه رڳو هڪ وڏو عالم ۽ اديب هو، پر ان سان گڏ هڪ بهترين مقرر پڻ هو. سندن تقريرون دليلن ۽ منطق سان ڀرپور ۽ زبان مان ادا ٿيل لفظ دل نشين هئا.

ادا، دراصل اسان پاڻ پنهنجي محبوب ڀاءُ مجيب جي جدائي جو غم نه سهي سگهيا آهيون. گرامي صاحب  به انهن ئي ڏينهن ۾ جدائي جو غم ڏيئي ويا. دراصل پنهنجن پيارن جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان کڻي ڪهڙي به لفاظيءَ کان ڪم وٺون، پر گرامي صاحب جي پرين جي غم تي مرهم رکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. گرامي صاحب جو هميشہ لاءِ اسان کان دور ٿيڻ، ته هڪ سخت قومي نقصان آهي ئي آهي، پر هن ملنگ صفت هستيءَ جي پوين لاءِ ته اهو هڪ وڏو شاڪ آهي.

 ادا، توکي ته خبر آهي، ته گرامي صاحب ڪيڏو نه محبت سان پيش ايندا هئا. سندن شخصيت ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو جلد ڌارئي کي به پنهنجو بنائي وٺندا هئا. مون کين پهريون ڀيرو لڳ ڀڳ 1964ع ڌاري ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيل هڪ يادگار ادبي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڏٺو هو. ان تقريب جي صدارت، سنڌ جي محسن استاد پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪئي هئي. گرامي صاحب جي تقرير ٻڌي کانئن ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ پوءِ اڪثر نياز حاصل رهيو. هونئن به خانداني تعلق هجڻ سبب شفقت جي نظر ڪندا هئا. حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جن کان متاثر هئا ۽ سائين جن جو به ساڻن خاص قرب هو.

ڇا به هجي، سنڌ کان هڪ املهه ماڻڪ هميشه لاءِ دور ٿي ويو. اسان سڀني تي فرض آهي ته اسان سندس قدرداني سندس علمي ذخيري جي سنڀال، تحريرن جي اشاعت ۽ سندن خاندان جي علمي طرح پر گهور لهڻ ذريعي ڪريون.

-پير مظهر الحق

محفلن جو مور

مولانا گرامي اسان کان موڪلائي ويو. موت هر جاندار شيءَ لاءِ اٽل آهي. ڪو به هتي هميشہ لاءِ ديرو ڄمائڻ نه آيو آهي. هيءَ دنيا هڪ مسافرخاني مثل آهي، جتي ماڻهوءَ جي رهائش جي نوعيت نهايت عارضي ۽ مختصر آهي:

جر تي ڦوٽو جيئن، لهرين لڳي اڌ ٿئي،
تون  پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.

(شاهه)

مولانا صاحب انهن چند ماڻهن مان هو، جن جو موت، نه فقط سندس خاندان، دوست ۽ احباب بلڪ پوري قوم لاءِ اذيت جو سبب بڻجي ٿو. سندس گذاري وڃڻ سان، سنڌي علم ۽ ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. علمي ۽ ادبي محفلون، سندس عدم موجودگيءَ ۾ ويران رهنديون. ڪير آهي جيڪو پنهنجي فصاحت، بلاغت، دانش ۽ بي پناهه ڄاڻ سان ٻڌندڙن جون دليون موهي سگهي.

ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾ سندس في البديد تقرير، جيڪا بعد ۾ ”اٺا مينهن ملير“ جي زينت بڻي، اڄ به ڪنن ۾ گونججي رهي آهي. سچ پچ ته سندس اچانڪ ۽ بي وقتي موت سان، جيڪو علمي ۽ ادبي حلقن ۾ خال پيدا ٿي پيو آهي، تنهن کي پُر ڪرڻ ناممڪن نه ته مشڪل ضرور آهي. شال خدا کيس پنهنجي رحمت سان نوازي.

_نور احمد شاهه (ميرپورخاص)

مرد مرن ڪين ڪي

ذهني طور مون کي تسليم ئي ڪو نه ٿو ٿئي ته ڪو استاد محترم  علامه غلام محمد صاحب گرامي فوت ٿي ويا آهن. گرهوڙي صاحب جن فرمايو آهي ته:

مرد مَرن ڪين ڪي، مَرن مرد ُ ودا!

هونءَ ته علامه گرامي صاحب سان منهنجي واقفيت تمام آڳاٽي آهي، مگر هڪ طرح اسان قديم ڳوٺائي به آهيون. اسان جا وڏا ۽ سندس وڏا هڪ ئي ڳوٺ يعني ڊگهه بالا ۾ رهندڙ هئا. اسان جا وڏا گهڻو اڳ، ميرپورخاص طرف نڪري آيا ۽ شايد سندن ڏاڏو اتان نڪتو.

 علامه گرامي صاحب منهنجي شعرن جي اصلاح به ڪئي هئي. مون سان ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون، رهاڻيون ڪندا هئا. سندس علم و ڪمال جي ڪا حد ئي نه هئي. منطق جا ته ماهر هئا ۽ دوران بحث، ممڪن کي ناممڪن ۽ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ ۾ کين قدرت حاصل هئي. زندگيءَ جي هر نشيب فراز مان گذريا. تقرير ۽ تحرير جا مالڪ هئا.  سندس متعلق بعض اجايا بهتان به مخالف منسوب ڪندا هئا. تصوف جي سڀني پهلوئن کان واقف هئا. سندس علم و فضل جي ڇا تعريف ڪريان؟ اهڙي ڪا خوبي شايد ئي هجي، جا منجهس موجود نه هجي. سندس رهاڻين ۽ قربائتين ڪچهرين بابت ته ڪتاب لکي سگهجن ٿا. مگر اسان جي ملڪ ۾ تحرير ۽ تقرير جي صاحبن کي، فقط زندگيءَ ۾ ياد ڪريون ۽ مرڻ بعد کين وساري ويهون. اهو ته ڪو مناسب طريقو  ڪونهي، ته سندس پوين جو ڪو به خيال نه ڪجي، ته انهن سان ڇا گذريو؟ انڪري آءُ اعلان ٿو ڪريان ته ٽن سالن تائين سندس پوين لاءِ، هر ماهه پنجاهه رپين جي رقم بطور نذرانه ڏيندو رهندس. وڌيڪ دل ڀرجي آئي آهي. قلم اڳتي لکڻ جي نٿو ڪري. اکيون اشڪبار آهن. ڪنهن ٻئي موقعي تي ذڪر ڪبو.

_مير حاجي بخش خان ٽالپر (ميرپورخاص)

 هلڻ هارا سپرين

توهان جو خط تاريخ 11 آڪٽوبر وارو پهتو. خط پڙهڻ سان اُهو ڏينهن وري سامهون اچي ويو، جنهن ڏينهن اسان کان اسان جو محبوب مايه ناز عالم، دانشمند  اديب ۽ شاعر کسي ورتو. اسان کان گرامي صاحب جدا ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، ”ساڻيهه جا سينگار“ پروگرام ۾ سنڌي شاعريءَ بابت ڳالهائي رهيا هئا. مون اهو پروگرام ڏاڍي غور سان ٻڌو. جيئن ته گرامي صاحب جن شاعريءَ جي باري ۾ خاص خاص نڪتا به پيش ڪندا هئا، انهيءَ ڪري سنڌي ادب سان واسطو رکندڙن کي انهيءَ مان گهڻو مواد حاصل ٿي سگهندو هو. ٻئي ڏينهن  جڏهن اها منحوس خبر ”عبرت“ اخبار ۾ پڙهيم، تڏهن دل کي ڄڻ ڌڪ لڳو. گرامي صاحب جهڙي شخصيت صدين کان پوءِ پيدا ٿيندي آهي. گرامي صاحب جن جي تقرير ڪرڻ جو انداز اهڙو ته سهڻو هو، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير ڪرڻ سان سندن آواز ۾ ٿڪ محسوس ڪو نه ٿيندو هو. تقرير ڪرڻ تي ايندو هو ته ڄڻ بحر پلٽي پوندو هو.

گرامي صاحب جن عالم دانشمند اديب شاعر ته باڪمال هئا، پر سنگيت وديا جا به ڄاڻو هئا. منهنجي استاد خانصاحب سينڌي خان سان گرامي صاحب جن جي شڪل گهڻي ملندي هئي. وڏي ڳالهه ته گراميءَ جن جي اها هئي، ته ڳالهائڻ جو ڍنگ، اٿڻ، ويهڻ، ڪچهريءَ جو انداز به هو بهو استاد خالصاحب سينڌي خان جهڙو هوندو هو. انهيءَ ڪري به مون کي گرامي صاحب جن سان گهڻي محبت هوندي هئي. گرامي صاحب جن جنهن محفل ۾ هوندا هئا، انهيءَ محفل ۾ منهنجو راڳ چئوڻ تي ويندو هو. مان ائين سمجهندو هوس، ته منهنجو استاد محفل ۾ ويٺو آهي. اها ڳالهه مون ساڻن به ڪئي هئي. پاڻ اها ڳالهه پنهنجن دوستن سان به ڪندا هئا، ته مان منظور علي خان جي استاد جو هم شڪل آهيان ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا هئا. سندن وفات سان مون کي تمام گهڻو  دلي صدمو ٿيو آهي ۽ اهو خيال ٿيندو آهي، ته منهنجي استاد جي شڪل بيو دفعو نظرن کان دور ٿي ويئي آهي. گرامي صاحب جن جي چپن جي مشڪ اکين کان پري نٿي ٿئي. ڪڏهن به مون گرامي صاحب کي ڪاوڙ ۾ ڪو نه ڏٺو. گرامي صاحب ننڍن سان ننڍا هئا،  وڏن سان وڏا ، اها قدرت وٽان ڏات مليل هين. گرامي صاحب جن جي جيتري به تعريف ا  سندن بيان لکجي ته انهيءَ ۾ ڪانه ڪا ڳالهه رهجي ويندي. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏي.

_استاد منظور علي خان (ٽنڊو آدم)

علم جو درياهه

مولانا غلام محمد گرامي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن مان لاهور کان بدلي ٿي، حيدرآباد اسٽيشن تي آيو هوس ۽ مولانا صاحب جن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي سوانح تي هڪ تقرير ڪرڻ آيا هئا.

مون مولانا صاحب کي تقرير جو مسودو ڏئي اسٽوڊيو تائين سندن رهنمائي ڪئي. ان دوران مولانا صاحب  جي حسن سلوڪ اِهو احساس ڏياريو ته ڪنهن بزرگ کي پنهنجي ننڍن سان پيار ۽ شفقت جو ورتاءُ ڪهڙي نموني ڪرڻ گهرجي. سندن اهي مٺڙا ٻول اڄ به ذهن تي نقش آهن.

مون واپس ڪمري ۾ اچي جڏهن مولانا صاحب جي تقرير غور سان ٻڌي، ته ان وقت اهو احساس ٿيو، ته اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ناياب گوهر موجود آهن، جيڪي شاهه سائينءَ جي حياتيءَ جي اهڙن پهلوئن تي مڪمل عبور رکن ٿا، جن بابت اڃا ڪنهن به ڏيهي يا پرڏيهي عالم کوجنا نه ڪئي آهي. اها هئي منهنجي گرامي صاحب سان پهرين ملاقات. تقرير ختم ڪري مولانا صاحب مون وٽ ۾ آيا ۽ مون کين سندن تقرير بابت پنهنجيءَ راءِ کان آگاهه ڪيو، ته مولانا صاحب جي چپن تي هڪ هلڪي مُرڪ نمودار ٿي ۽ مولانا صاحب شاهه سائينءَ جي زندگيءَ جي اهڙي رنگ ۽ اپٽار ڪئي ۽ ڪچهريءَ کي اهڙي نموني ۾ وندرايو جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو. مولانا صاحب سان سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪراچي هوٽل تي ڪافي ملاقاتون ٿيون، جن جو نقش اڄ به ذهن تي تازو آهي، پر افسوس جو گرامي صاحب جن اڄ اسان وٽ موجود نه آهن.

 ڪراچي هوٽل جون محفلون ويران آهن. علم ۽ ادب جا اهي اُڃايل، جيڪي گرامي صاحب جهڙي علم جي درياهه مان پنهنجي اُڃ اجهائيندا هئا، انهن جي رهنمائيءَ لاءِ اڄ اهو عظيم رهنما ۽ رهبر موجود نه آهي.

 گرامي صاحب اديب، دانشور، مفڪر ۽ اعليٰ خوبين جو مالڪ هو. مولانا صاحب آخري وقت تائين سنڌ ادب جي بي لوث  خدمت ڪئي. سندن اڳواڻيءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ سماهي مهراڻ جيڪا ترقي ڪئي آهي، سان ڪنهن کان به لڪل نه آهي. سندن مداحن ۽ پرستارن جو دائرو تمام وسيع آهي. سندن وفات تي هرڪو اشڪبار ۽ ڏکويل آهي.

_انور بلوچ (حيدرآباد)

مهراڻ جو سپوت

آوائل آوائل ۽ جڏهن مرحوم و مغفور جنت نشين مولانا غلام محمد صاحب گرامي، حيدرآباد سنڌ ۾ پير پاتو، ان ڏينهن کان آءُ کيس سڃاڻان. نهايت شريف، سادو، نهٺو، هوشيار، جسم ۽ نهايت نحيف هو. ريش مبارڪ ننڍي، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ جا پيو پنڌ ڪندو هو. اُن وقت، خان بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ مرحوم جو دور دوران هو. رستي پنڌ، وڏي قُرب ڪمال ۽ ادب احترام سان گڏبو هو. وڏي ٻاٻيس سان ملندو هو؛ ڳالهائيندو به ڏاڍو سهڻو هو. اِها سندس سُهڻائي، توڙ تائين  قائم رهندي آئي. غفران ماَب حضرت الحاج مولانا سيد علي اڪبر شاهه صاحب جن سان ڏاڍو تعلقات قائم هئس، ڇا جي ڪري جو ميهڙ جو مقيم هو. بس، اُتان حيدرآباد سنڌ کي پنهنجو مسڪن کڻي بڻايائين. سچ پچ ته حيدرآباد سنڌ کي، ههڙي لاکيڻي لعل جي بي حد ضرورت هئي. هن جي حليمائيءَ جي حد ڪانه هوندي هئي. صبر ۽ تحمل ته ڏاڍو هوندو هوس. غريب جو ٻار هو، خود به غريب هو، حالت به غريب هئس. راڄائتو مڙس هو. خوبين جو ڀنڊار هو. جڏهن به اَدب اندازي سان ملندو ۽ ملاقات ڪندو هو، آءُ چوندو هوسانس، ته گرامي صاحب! اوهان جي نثر نويسيءَ جي رنگينيءَ اسان کي موهي وڌو آهي. پاڻ مرحوم اسان جي انهيءَ داد تي بيحد شڪر گذار ۽ ممون ٿي دعائون ڏيندو هو. اُن اوائلي زماني ۾ آءُ جلسن جلوسن، مشاعرن ۽ ادبي اجتماعن ۽ ڪانفرنسن ۾ ويندو رهندو هوس؛ پر پوئين وقت ۾، قطعي دل ٽهي ويئي. ايڪانت، تنهائي،گوشه نشيني ۽ اڪيلائي محبوب ۽ مرغوب لڳي. دعوت کي عداوت ۽ عذاب سمجهڻ لڳس؛ دعوت کان نفرت قلبي اچڻ لڳي ورنه مون کي ياد آهي ته مشاعرن ۽ ادبي اجتماعن، محفلن ۽ جسلن جلوسن ۾، جيڪو وقت نماز کان سواءِ گذرندو هو، سو ائين گذرندو هو، جو خبر ئي ڪانه پوندي هئي. سبحان الله! ڪهڙو نه پيارو زمانو هو! هاءِ افسوس اُهي محفلن جا مور هليا ويا، جن جي ڏٺي هانءَ ٺرندا هئا، دل محظوظ ٿيندي هئي. جن جي مجلس، موتين، ماڻڪن ۽ هيرن، جواهرن کان به و الله بالله گران ۽ ڳري نظر ايندي هئي. هن موقعي تي برادرم اجمل بيگ اجمل جو هڪ غزل ياد اچي ٿو:

 

خدا ڄاڻي هلي ڪهڙي هوا آهسته آهسته،
وڃن مُنهڙو مَٽيندا مَـہ لقا آهسته آهسته
 

بڻي بزم ِ طرب، بزم ِ عزا آهسته آهسته،

ويا ٿي جُوءِ مان جانب جُدا آهسته آهسته.

رکيم هِڪڙن ڦٽن تي پئي پها آهسته آهسته،
چُري ِ پيا چاڪَ پاسي جا ٻيا آهسته آهسته.
[

جڏي جيءَ جان کي جِن جان نوازن نِت جياريو ٿي،
ٿيا سي راهي مُلڪ ِ بقا آهسته آهسته.
[

جنين جي دَم ۽ خـَم سان چهچٽو بزم  چمن ۾ هو،
اُڏامي ويا هليا سي بُليلا آهسته آهسته.
 

رَئان ’صديق‘ کي ’واصف‘ کي يا ’دائود پوٽي‘ کي،
ويو ’خادم‘ به ٿي آخر خفا آهسته آهسته.
 

’نظامي‘ ’تارڪ‘و ’بسمل‘، ’مسافر‘، ’ڪوثر‘ و ’آغا‘،
 وڃي شهر ِ خموشان ۾ سُتا آهسته آهسته.
 

سِٽاڻي هِن سَفر جو تو به اي ’فائق‘! ڪيو سعيو،
تون هَل! تنهنجي پٺيان ايندس ادا! آهسته آهسته
 

ويا جي اڳ اُنهن جي ذڪر جي طاقت زبان کي ناهه،
ڪندو تن لئه وتان آه و بُڪا آهسته آهسته.
[

پگهر ۽ خون سان پنهنجي، ڪئي ٿئي آبياري جن،
سي مالهي ويا آدب جي باغ جا آهسته آهسته.
 

وجهي وچ سير ۾ ٻيڙو اَدب جو، پاڻ ساحل تي،
تري پُـهتا سلامــت نا کئا آهسته آهسته.
 

هُئي شعر و سخن تي دسترس جـن چند هستين کي،
ويا هڪ ٻئي پٺيان سي رهنما آهسته آهسته.
 

اَدب جي بزم ۾ موجودگي جن جي هئي نعمت،
هلي سي مور محفل جا ويا آهسته آهسته.
 

نظر اوري پري بزم، ادب ۾ ٿي اچي اوندهه،
وڃي ٿيندي مُڪدر پڻ فضا آهسته آهسته.
[

جي سچ سمجهو! ته سنڌيءَ جي تنزل جو هي دور آهي،
مرض ٿيندو وڃي ٿو لادوا آهسته آهسته.
 

ترقي سنڌ جي، جن لاءِ قهري ڪان ڪُک جو آهه،
پٽيندو پاڙ شل تن جي خدا آهسته آهسته!
 

نه تنهن هوندي به ٿيو دلگير، اي سنڌي زبان وارو!
مدد ٿيندو اچي مشڪلـُڪشا آهسته آهسته.
[

جهان ساري ۾ شل ڦُولي ڦلي سنڌي زبان ’اجمل‘!
اگهائيندو خدا تنهنجي دعا آهسته آهسته.
 

برادرم عزيز اجمل بيگ اجمل جو مٿيون سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن تي لکيل نوحو، نهايت لاجواب آهي ۽ اسان جي حسب حال آهي؛ هن موقعي ۽ مهل لاءِ عمدو مثال آهي. بيشڪ بيشڪ، اسان جي گرامي قدر دوست مولانا گرامي صاحب جي ملڻ مان، اُها خوشبوءَ ايندي هئي! ماڻهو، سندس عقيدن لاءِ ڇا ڇا چوندا هئا؛ ليڪن ڪڏهن دل تي خيال نه آيو. پڪو موّحد، مومن يگانو. خدا وند ڪريم جلشانہ، جنت الفردوس ۾ جايون ڏيندس ۽ اعليٰ علبين ۾ درجاٽ عطا فرمائيندا. امين، ثم آمين. منهنجي دل، جلسن جلوسن ۽ مشاعرن ميڙن کان ايتريقدر ٽهي ويئي، جو بالڪل پنهنجي گهر ڀرسان، قليچ آباد ٽنڊي ٺوڙهي ۾، حضرت والد گرامي قبله گاهه عاليجاهه شمس العلماءَ رئيس مرزا صاحب عليه الرحمة جي يادگار جلسن ”يوم قليچ“ تي به، گهران ٻاهر شرڪت ڪونه ڪندو هوس، بلڪ مسجد مبارڪ محمدي ڏي نمازن لاءِ ويندي، جلسه گاهه ڏي نظر به ڪانه ڪندو هوس. ههڙو قربائتو، دل گهريو گرامي صاحب ايندو هو، ته به ڪو نه ايندو هوس. هن مرحوم کي چڱيءَ پر منهنجي خبر هئي؛ پر جڏهن به ديدار ڪرايائين، صرف خيرو عافيت بعد. اها ئي منهنجي ساڻس گفتگو رهندي هئي ته گرامي صاحب! والله بالله، توهان جي نثر نويسيءَ ۽ لکڻيءَ مست ڪري ڇڏيو آهي. توهين اندازو لڳائيندا ته مولانا گرامي صاحب مرحوم لاءِ، اسان جي قلب ۾ ڪيتري قدر نه محبت جا گزين هئي؟ اسان جي خاندان عاليشان  جي هر فرد لاءِ، مرحوم کي ڏاڍي محبت ۽ عزت هوندي هئي. برادرم رئيس زوار حاجي اسد علي بيگ صاحب ’اسد‘ ۽ برادرم عزيز اديب و فاضل رئيس اجمل بيگ اجمل سان ته ڏاڍو سندس قرب هئا. خاص برادرم اجمل بيگ  اجمل صاحب وٽ اوطاق يا دفتر ۾، گرامي صاحب مرحوم ۽ مغفور جون ڪچهريون هونديون هيون. مرحوم جي وفات واري ڏينهن يعني 21- رمضان المبارڪ، مون کي بيحد رنج و غم ٿيو. ٽي. ويءَ تي، مرحوم جون مختلف تصويرون، احوال ۽ ٻڌي، ڏاڍو ملال ۽ رنج ٿيو. ڪهڙو نه عاليشان اديب هليو ويو! هن مرد ِ مومن، عين ان ڏينهن تي دنيا ڇڏي، جنهن ڏينهن تي حضرت امام المتقين اميرالمومنين علي المرتضيٰ حجة الله عليه السلام جن، دنيا مان انتقال فرمايو هو. منهنجي واتان هي اکر نڪتا:

مومن جيڪو تو ۾ مَري،
بخشش خدا اُن کي ڪري،
ڪائي نه ٿئي ان پُڇا،
اَي ماهه ِ رمضان، الوداع!
 

بيشڪ، مرحوم مولانا غلام محمد گرامي جي وفات، ماهه رمضان شريف ۾ ٿي آهي. الله تعاليٰ جلشانہ، مرحوم کي غريق ِ رحمت فرمايو. باقي سچ آهي، ته وري ٻيو غلام محمد گرامي جهڙس سنڌ ۾ پيدا ڪو نه ٿيندو.

_مرزا محمد افضل بيگ (حيدرآباد)

 

آهه! مولانا گرامي

ڪهڙا نه پيارا ماڻهو، هڪ هڪ ٿي اسان کان وڇڙندا وڃن ٿا.

”مولانا غلام محمد گرامي وفات ڪري ويو.“

انهن اکرن تي ويسهه ئي نٿو اچي ته گرامي جهڙو خوش طبع، ڪچهرين جو مور، ايترو جلد هيءَ دنيا فاني ڇڏي، راهه رباني وٺي عالم جاوداني روانو ٿيندو. مگر مشيت ايزدي آڏو ڪير اچي سگهندو. ”مرضي مولا _ازهم اوليٰ.“

 ڪن ڪن ماڻهن ۾ اڻکٽ خوبيون هونديون آهن، خوش قسمت  شخصن مان هڪ گرامي صاحب به هو. هن جي ڪچهري ۾ ويٺي ماڻهو ڪڏهن به بوريت محسوس نه ڪندو هو، مرحوم گرامي. باغ بهار طبيعت جو مالڪ هو.

زماني جون ڪهڙيون به سرديون _ گرميون اچن، مگر گراميءَ جي چپن تي سدائين وڻندڙ مُرڪ هوندي هئي. پنهنجي ڏکن ۽ غمن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو وٽس الائجي ڪهڙو ڪمپوٽر هو، جو پنهنجي مخاطب کي ڪڏهن به محسوس ئي نه ڪرڻ ڏيندو هو، ته کيس به ڪي ڏک، ڪي زماني جا اهنج آهن. هو هميشهه پاڻ کلندو رهندو هو ۽ دوستن کي به کلائيندو رهندو هو.

سنڌي ٻوليءَ واري تحريڪ جي ڏينهن ۾ اڪثر نوجوانن، ڪاليجي شاگردن ۽ ان تحريڪ جي ورڪرن جون بيٺڪون ڪراچي هوٽل صدر حيدرآباد ۾ ٿينديون هيون. انهن سڀني محفلن ۾ گراميءَ جي راءِ ۽ خيالن کي سڀني قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

گرامي صاحب نه فقط سنڌي علم و ادب جو گرانمايه خزانو هو، پر عربي، فارسي ۽ اردو تي کيس ايتري ئي دسترس هئي. سندس تحرير جو بانڪپن، سڀني اديبن ان نرالو ۽ پياري انداز وارو هو. گرامي جي لکيل مضمون جا ٻه پئرا پڙهڻ سان ئي، عبارت گويا ڳالهائڻ لڳندي آهي ته هي مقالو ڪنهن جو لکيل آهي، ڀلي کڻي ان تي گرامي صاحب جو نالو لکيل نه هجي.

اهڙا صاحب طرز اديب ۽ ايڏو خوش مزاج عالم صدين بعد پيدا ٿيندا آهن. گرامي صاحب فراخدل هو ۽ مذهبي معاملن ۾ جتي منجهس پختگي هئي اتي دقيانوسي خيالن ۽ ڳالهين کان گهڻو پري هو. هن جي علم جي انهن وسعت علمي جو کڻي اهو ڪمال هو ته هن سان توهان کڻي ڪنهن به ٽاپڪ تي گفتگو ڪريو، مذهب، تصوف، روحانيت، تاريخ، فلسفي ، آثار قديم مطلب ته هر هڪ شاخ تي ڳالهائڻ لاءِ هن جو وسيع مالعو دلچسپ شگوفا ۽ دلنشين واقعا معلوم ٿيندا هئا. مولانا گرامي، جيتريقدر پنهنجي هم عصر بزرگن ۾ پيارو هو، ان کان وڌيڪ نوجوان نسل جو لاڏلو هو.

جنهن زماني ۾ آءُ پنهنجي دوستن کان مولانا غلام محمد گرامي جا چرچا ۽ علمي ادبي مسئلا ٻڌندو هوس ته مون کي هميشهه دل ۾ ڪشش محسوس ٿيندي هئي، ته اهڙي ماڻهوءَ سان ملاقات ڪجي. آخرڪار حضرت مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي ادبي ڪچهرين طفيل انجمن ”روح ادب“ برانچ ٽنڊو الهيار پاران آل سنڌ مشاعري 1956ع ۾ گرامي صاحب سان نه فقط ملاقات ٿي، پر دل جون سڀ تمنائون پوريون ٿيون ته گرامي سان ڪچهري ڪجي، سندس خيالن کان واقف ٿجي. انهيءَ مشاعري ۾، جيڪو سج لٿي نماز کان شروع ٿي  صبح جي نماز مهل ختم ٿيو، ان ۾ ڪچهري ڪرڻ بعد جڏهن اٿياسين ته آءُ پنهنجي دل ۾ اهوئي تاثر کڻي اٿيس ته جهڙوڪر گرامي صاحب سان ته ورهين سان ڏيٺ ويٺ هيم. گرامي صاحب دلچسپ شخصيت سان گڏ ”آزاد مرد“ هو. آزاد مرد مون هن معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي ته هن کي پنهنجي تنگدستي ڪڏهن به پريشان نه ڪيو. وٽس هزار هجن ته به شڪر!

مگر افسوس ته اسان سنڌي پنهنجي پراڻي رواج ۾ ڦاٿل آهيون ته جڏهن ڪو مرد حق مرندو آهي، تڏهن هن جون خوبيون ياد پونديون آهن ۽ ان مهل اسان جي همدردي اُڌما کائيندي آهي، جڏهن اها شخصيت اسان جي همدرديءَ کان پري وڃي چڪي هوندي آهي. اها روايت گرامي صاحب سان به لڳو ٿئي ٿي. ته به جيڪڏهن پونيرن لاءِ ڪجهه پئسا گذر بسر جا منظور ٿي پون ته گرامي مرحوم جي روح کي قدردانن کان شڪوو نه رهندو.

_عبدالڪريم ”سعدي“ (ڪراچي)

پرين تنهنجا پار

ڪهڙي خبر هئي ته ظالم موت، جتي ڪمزور، پوڙهن، معذورن ۽ مرض جي ماريل انسانن کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائيندو رهي ٿو، اتي تندرست جسم، ذهني ۽ جسماني طرح اڃا سئو سال اسان سان گڏ رهڻ واري مرد مجاهد، حضرت مولانا غلام محمد گرامي کي به پنهنجي چنبي ۾ قابو ڪري وٺندو. حقيقت ۾ گرامي صاحب جو هن وقت لاڏاڻو ڪيترن ادبي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي ورثن کي اڌ ۾ رولي ويو آهي. ورثا اهڙي نازڪ نوعيت جا آهن، جيڪي صرف گرامي صاحب پورا ڪري هڪ اڻ ختم ٿيندڙ زيور جي حيثيت ۾، سنڌ جي ملڪيت بنائي ڇڏي ها، پر افسوس، جو موت کيس وڌيڪ مهلت نه ڏني. منهنجي ايتري ڊگهي واسطيداري گرامي صاحب سان نه هئي، پر سندن زندگيءَ جا آخري ڇهه سال نهايت ويجهڙائي ۽ مائٽي واري ماحول ۾ گذريا. ياد اٿم ته گرامي صاحب هر رات 9 بجي ڪراچي هوٽل ۾ پڄي ويندو  هو ۽ جناب مظهر جتوئي کانئس فيض حاصل ڪندڙن وانگر گڏ هوندو هو. ڏهين بجي کان پوءِ شيخ علي محمد صاحب به روزانه هلال پاڪستان مان اٿي ڪراچي هوٽل تي پهچي ويندو هو ۽ اڪثر گرامي صاحب سان ماني کائيندي ڏسندو هو. مون کي نهايت گهڻو عجب لڳندو هو، ته آخر ڇو شيخ علي محمد صاحب جهڙو سکيو ستابو ماڻهو، هڪ وڏي  اخبار جو ايڊيٽر، پنهنجن بنگلن، موٽرن، نوڪرن ۽ ملازمن وارو ماڻهو، آخر هوٽل ۾ ماني ڇو ٿو کائي، پر پوءِ جڏهن پتو پيو ته شيخ صاحب ائين ڪرڻ لاءِ مجبور هو، ڇو ته گرامي صاحب جي رهاڻ جو ايترو ته لطيف ۽ معنوي انداز هوندو هو جو ماڻهو کاڌو کائڻ ڀلجي ويندا هئا. گهر جا تيار ٿيل طعام وساري ويهندا هئا. پر چاهيندا هئا، ته گرامي صاحب سان رهاڻ ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿئي.

گرامي صاحب نهايت عظيم انسان هو، وڏو مفڪر هو، بهترين اديب هو، چوٽيءَ جو شاعر هو، زبردست مقرر هو. مان رڳو سندن ٻه وصفون  عرض ڪرڻ گهران ٿو. گرامي صاحب، جنهن کي مرحوم چوندي، اڃا زبان هٻڪي ٿي، تنهن لاءِ هڪڙي ڳالهه نهايت پختگيءَ سان چوندس، ته هن صاحب کي وڏو ٽهڪ ڏيندي کلندي نه مون ڏٺو ۽ نه ڪنهن ڏٺو هوندو، بلڪ سندس زبان کلائيندڙ لهجي ۾، هڪ عظيم ناصح وانگر پڙهندڙن ۽ سکندڙن لاءِ درس جا موتي وهائيندي رهندي هئي. مولانا صاحب ڏاڍيان ڳالهائيندڙن کي هوريان ڳالهائڻ جي هدايت ڪندو هو ۽ سهڻي سٺي زبان پسند ڪندو هو. زبان درازي، گلا ۽ ڪپت واري انسان سان هو ڳالهائڻ به پسند ڪو نه ڪندو هو.

مولانا صاحب تاريخ جو ڄاڻو هو. سندس وفات کان پوءِ سنڌ مان تاريخ ليکندڙن مان هڪ عظيم مورخ جي جاءِ خالي ٿي ويئي. مولانا صاحب هر دور جي تاريخ جو مطالعو ڪري چڪو هو. گرامي صاحب جتي ٻين تنظيمن، درگاهن، ادارن ۽ انجمنن تي پنهنجا احسان ڪيا، اُتي سولنگي برادريءَ تي پڻ وڏو ٿورو ڪري ويا. مولانا گرامي پنهنجي آخري ڏينهن ۾ سولنگي قوم جي تاريخ لکي تيار ڪري بنا معاوضي ڏني.

گرامي صاحب جتي علم، ادب، شاعريءَ، تصوف، سياست ۽ تاريخ جو ڄاڻو هو، اتي ثقافت ۽ راڳ سان به سندس ذهن ريجهندو هو. ايترو ته ڄاڻو هو، جو رندي، نيم ڪلاسيڪي توڙي ڪلاسيڪل راڳڻين جي سڀني گرن جي پوري ڄاڻ هئس. تازو حڪومت پاران حضرت ماڌو لال حسين ۽ حضرت امير خسرو جا ڏينهن ملهايا ويا، ته مولانا گرامي ٻنهي هستين بابت تاريخ جا ورق اهڙا ته اٿلايا، جو ٻُڌندڙن کان ڪڏهين به نه وسرندا.

_در محمد ڪمال

مرحوم گرمي ۽ سندس امانت..........

گرامي صاحب سان مهيني ٻئي پئي ملاقات ٿيندي هئي. اليڪ سليڪ ٿي، ڪم ڪار جي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻيو مڙيئي ٿيو خير.

 سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”قائداعظم جون تقريرون“ مون کي پريس ۾ ڇپائيءَ لاءِ موڪليو ويو. ليٽر ۾ هدايت ڪئي ويئي ته اهو ڪتاب هر حال ۾15_ آڪٽوبر تائين ڇپي ڏنو وڃي. ڪتاب جو ڪم 20 آگسٽ کان شروع ڪيوسين ۽ 8 سيپٽمبر تائين مڪمل ڇپجي تيار ٿي ويو. 12 سيپٽمبر تي بورڊ آفيس ۾ وڃي ٻڌايو، ”گرامي صاحب! پنهنجو ڪتاب ڇپجي ويو آهي.“ اعتبار نه ڪيائين. چيائين، ”سنڌين جون پريسون ائين ترت ۽ وقت تي ڪو ڪتاب ڇپي  ڏين سان ڳالهه رڪارڊ ۾ ئي ڪانهي.“ کيس ڪتاب جا آخري ڇپيل صفحا ڏيکاريم. ڏاڍو تعجب ٿيس ته ايترو جلد اهو ڪم ڪيئن ٿيو. پڪ ڪرڻ لاءِ ناشاد کان پڇيائين، ناشاد تي ڪتاب جي پروفن ڏسڻ جي ذميواري هئي. ان جي تصديق کان پوءِ پڪ ٿيس. پيار مان چيائين، ”ٻيلي، اوهين واقعي ’جـِنّ‘ آهيو.“

ان ڏينهن مون کي آفيس ۾ ويهاري اٽڪل ٽي ڪلاڪ رهاڻ ڪيائين. ساڻس تفصيلي رهاڻ ڪرڻ جو منهنجو اهو پهريون موقعو هو.

وڃڻ مهل پڇيائين ”ڪتاب جي ڊمي ڪڏهن ڏيندين.“ ٻڌايو مانس ”پَرين تائين“. چيائين ”آءُ پاڻ اچي پريس تان کڻي ويندس“ چيومانس ”اوهين پنڌ نه ڪجو، آءُ پاڻ پهچائي ويندس“. ٽئين ڏينهن مهراڻ جي آفيس پهتس، پتو پيو ته پاڻ ٺيڪ نه  آهي، اڄ کان ٻن ڏينهن جي موڪل ورتي اٿس. سوچيم ته گهر وڃي ڊمي پهچائيندوسانس. ڄامشوري مان واپس پريس پهتس. ٻنپهرن جو هڪ ٿيو هو. اتي پتو پيم ته گرامي صاحب هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. ۽ سندس امانت ڪتاب جي ڊمي مون وٽ رهجي ويئي، جيڪا اڄ به مون وٽ ٽيبل جي خاني ۾ امانت ٿي رکي آهي.

ڪجهه يادگيريون

جڏهن نائون ڪلاس پڙهندو هوس، ته هڪ ڀيري ريڊيو انائونسمينٽ ٻڌم ته مولانا غلام محمد ”گرامي“ فلاڻي موضوع تي تقرير ٿو ڪري. ريڊيو بند ڪري ڇڏيم. دل ۾ چيم، ”هوندو ڪو مولوي، دوزخ جي بلائن ۽ ٿوهر جي کير جي ڳالهه ڪندو“!

ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ  جي ٽماهي ’مهراڻ‘ تي ايڊيٽر لاءِ مولانا غلام محمد گراميءَ جو نالو نظر آيو. سوچيم”جويي صاحب کان پوءِ هن رسالي کي ڪو ٻيو ايڊيٽر ئي نصيب ڪو نه ٿيو!“ پر جڏهن ايڊيٽوريل پڙهيم، مواد ڏٺم، ته ڪپاٽ ئي کلي ويا.

سراج ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جڏهن پڙهيم، تڏهن سنڌ جي ”آخوندن“ ۽ ”مولانن“ لاءِ پنهنجي هڪ طرفي نفرت تي، ٻيهر نظر وجهڻي پيم ۽ ان وقت به مون کي سنڌ جا چند حقيقت پسند ۽ محب وطن مولانا ذهن ۾ آيا. انهن ۾ گرامي صاحب به هو.

درگاهه لواري شريف جي زيارت لاءِ، جڏهن به ڪي سٺا عالم ۽ اديب ايندا هئا، تڏهن گهڻو ڪري انهن سان، بابو سائين ڪچهري ڪندو هو. موڪلن ۾ نواب شاهه کان ڳوٺ آيس. ته مون کي ٻڌايائين ته ”گذريل جمعي تي، سنڌ جو مشهور دانشور مولانا غلام محمد گرامي هتي آيو هو. سندس وسيع نظر ۽ مطالعي ڏاڍو متاثر ڪيو.“

گرامي صاحب اهو پهريون ڀيرو لواري شريف آيو هو، اِها ڳالهه شايد 1965ع جي آهي.

 تنهن کان پوءِ جلدئي بابا جن سان گڏ حيدرآباد وڃڻ ٿيو. امين منزل واري مهراڻ جي آفيس ۾ مون پهريون ڀيرو گرامي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو. ڪجهه دير ته اکين تي اعتبار ئي ڪو نه پيو اچي ته ڪو سامهون ويٺل پريو مڙس، مولانا غلام محمد گرامي صاحب آهي. پر جڏهن بابا جن سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ۽ سنڌ جو علمي ساگر ڇولين ۾ آيو، تڏهن هوش جي ٻيٽاري پيرن هيٺان نڪري وئي. علم، ادب ۽ ثقافت جي صدين تي ڦهليل تاريخ جا ورق، ايتري ته تيزي سان ورڻ لڳا، جو مون کي پنهنجي ڄمار، تمام وڏي ٿيندي ڀاسڻ لڳي. ڪچهري پوري ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته سمجهيم، ته آءُ پاڻ چاليهارو ورهين جو ڪرڙوڍ آهيان. الائي ڇو ان وقت مون ائين پئي محسوس ڪيو.

انهيءَ کان پوءِ ٿوري وقت ۾ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ مقالو مهراڻ ۾ ڇپيو. هن مقالي ٻين هزارين سنڌي نوجوانن جيان مون به مشرقيءَ جي جوهر کان واقف ڪيو، بغاوت ڪرڻ جي فضيلت سيکاري. ڪوتاهه نظر ناقدن، گرامي صاحب تي گارين جو وسڪاري لائي ڏنو. اُن وقت اها ڳالهه، منهنجي گمان ۾ به ڪانه هئي، ته سنڌ جي حقيقت پسند نوجوان نسل لاءِ گاريون جهليندڙ هن ڌِڱ مڙس سان تمام ويجهو ويهي، ججهو وقت ڪچهرين ڪرڻ جو به ڪو موقعو ملندم.

لواري شريف ۾ حضرت خواجه محمد زمان قدس سره جي عرس شريف جي موقعي تي، 1974ع کان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي شروعات ٿي، گرامي صاحب لاڳيتا ٻه ورهيه، نه رڳو هن ڪانفرنس جي صدارت قبولي، پر 1974ع وري ڪانفرنس جي مواد کي ”تحفتهء لواري شريف“ جي نالي سان، ترتيب ڏئي اسان کي پنهنجي گهر جي خزاني کي سيهڙڻ ۽ سموهڻ جي سليقو سيکاريو ۽ سنڌ جي نوجوان اديبن جي هڪ وڏي تعداد جو، حضرت خواجه محمد زمان قدس سره جي ڪلام ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن ڪلام تي جديد تقاضائن جي روشنيءَ ۾ تمام ڪارائتو ادب پيدا ٿيو.

انهن ٻن ورهين ۾ ڪيترائي ڀيرا گرامي صاحب سان تفصيلي ڪچهريون ٿيون. انهن ڪچهرين کي، آءُ پنهنجي اڻپوري ادبي زندگيءَ جو تمام قيمتي ڀاڱو سمجهان ٿو.

 گرامي صاحب بابت لکڻ جي حڪم نامي ملڻ پڄاڻان، اٽڪل پندرنهن ڏينهن، رڳو ان ويچار ۾ گذريا، ته اهڙي تاريخ ساز شخصيت تي، ڪجهه لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪريان. گرامي صاحب بابت پنهنجي ڇڙوڇڙ يادگيرين ۽ احساسن کي لکيت ۾ آڻيندي، خبر ناهي ته آءُ سندس حيثيت سان انصاف ڪري سگهيو آهيان يا نه. اهڙي اوچي ۽ اڏول ماڻهوءَ لاءِ، لکڻ وقت جنهن رک رکاءُ جي عام طور تي ضرورت محسوس ڪبي آهي، نه ڄاڻان ان جي لحاظ مون کان رهيو آهي يا نه! بهرحال، جهڙو حال تهڙو حاضر.

آخر ۾ گرامي صاحب جي ياد ۾ هي دوهو پيش ڪريان ٿو:

ڪٻي ڪپي ماڻهو من جي پيڙا سِٽ سِٽ منجهه سمائٻي،
سچ جي هَٽ تان وکر وفا جو، وانگي وڃن وِهائٻي.
 

نقاش.

جي مري ٿيا نه مات

1976ع جي سال ۾ دنيا جون ٽي اهڙيون هستيون، هن دنيا مان موڪلائي ويون، جن جي الفت جي ضيا سان قومن جي دلين جا چراغ هميشہ روشن رهندا. بنگال مان نذرل ويندو رهيو، چين مان مائوزي تنگ ۽ مٺڙي سنڌ مان گرامي موڪلائي ويو. انهن ٽنهي اهم هستين پنهنجي قوم کي جيئڻ جو نرالو ڍنگ عطا ڪيو، سوچڻ جو نئون انداز ڏنو ۽ خود داريءَ جو احساس بيدار ڪيو. سندم دوست، مشفق ۽ قربدار گرامي صاحب اڃا ڪالهو ڪالهه اسان سان گڏ هو. ڪنهن کي ڪل ڪانه هئي، ته هيئن اجنبي بڻجي، اجل کي لبيڪ چئي، راهه عدم جو راهي ٿي ويندو رهندو.

هيءَ دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي، هر ڪنهن ساهه واري کي هلڻو آهي. شاهه صاحب سچ فرمايو آهي ته:

جا ڀون پيرين مون، سان ڀون مٿي سڄڻين،
|
ڌڱ لٽيا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
[

 پر موت زندگيءَ کي ختم ڪري نٿو سگهي ۽ مولانا گرامي صاحب به مري نٿو سگهي. هو سدا حيات آهي ۽ جيستائين سنڌ رهندي، تيستائين مولانا جو نالو زندهه رهندو.

مولانا گرامي صاحب اڌ صديءَ تائين قوم جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ اندر اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا. گرامي صاحب جو  مقالو”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ سندس اڀياس جو نچوڙ آهي، اهو مقالو  ڪنهن ٻي زبان ۾ لکيو وڃي ها ته هوند گرامي صاحب کي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري پڪ سان ملي وڃي ها، پر گرامي صاحب کي انهيءَ مقالي جي عيوض گاريون مليون ۽ کيس ڪافر ڪوٺيو ويو. مرحوم خلاف طوفان کڙو ڪيو ويو، پر هو ثابت قدم بيٺو رهيو ۽ رجعت پرستن جي چهري تان نقاب روڙي کڻي ڦٽو ڪيو.

_منير سولنگي،

 عظيم استاد

سنڌ جي عظيم استاد، مفڪر، عالم، اديب ۽ شاعر مرحوم غلام محمد گرامي جي وفات جو ٻڌي دلي صدمو پهتو. دعا آهي ته شل کيس صالحن جو پاڙو نصيب ٿئي ۽ سندس روح راضي هجي. سنڌي ادب ۾ سندن ڪيل ڪوششون لاثاني ۽ لافاني آهن، جيستائين هن ڌرتيءَ جو وجود، هن دنيا جي تختي تي موجود آهي، تيستائين سندس نالو، وڏيءَ عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو ۽ ڳايو ويندو. مون سندن تحرير کي دل جي حضور سان پڙهيو آهي ۽ تقريرن کي وڏي ذوق ۽ شوق سان هلي ٻڌو آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ ويهين صديءَ ۾، اهڙا چند ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن جي سخت محنت سان، سنڌ جي عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ٿي هجي. بهرحال سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سندن نالو، سونهري لفظن سان لکيو ويندو. سندن مڙئي خدمتون، قابل احترام ۽ قابل قدر آهن، جن کي ڪنهن به حالت ۾ نٿو وساري سگهجي.

_ پير بخش پياسي

عظيم سانحو

قبله گرامي صاحب جي وفات حسرت آيات جو ٻڌي بيحد افسوس ٿيو. آءُ ائين ٿو ڄاڻان ته منهنجي مٿي تان هڪ محسن جو هٿ کڄي ويو. هونئن ته سنڌي زبان ۽ اسان جي لغاري قوم لاءِ به اهو هڪ عظيم سانحو آهي، جنهن جو خلا پُر ڪرڻ مشڪل آهي.

_ فقير بشير احمد لغاري

سنڌي ٻوليءَ جو محقق

اهو ٻڌي دلي صدمو پهتو ته سنڌي ٻوليءَ جو محقق، مفڪر ۽  دانشور مولانا غلام محمد گرامي داعي اجل کي لبيڪ چئي راهه رباني وٺي ويو آهي! سنڌي ادب لاءِ هي عظيم سانحو آهي. ههڙي قابل قدر هستيءَ جي وفات سبب اسان جي ادبي دنيا ۾ هڪ خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جو پُر ٿيڻ منهنجي نظر ۾ ناممڪن آهي.

_اختر مورائي

عظيم فرزن

مولانا صاحب جي اوچتي وفات جو ٻڌي، اسان کي ڏاڍو دلي صدمو پهتو آهي شال رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. مولانا صاحب جي موت سببان، سنڌي ادب کي ڪافي ڌڪ لڳو آهي ۽ اهڙو عظيم فرزند، سنڌ جي سر زمين، وري ٻيو مشڪل سان پيدا ڪندي. هونئن به سنڌ ۾ اهڙن مفڪرن، اديبن، شاعرن ۽ محققن جي کوٽ هئي، ويتر مولانا گرامي صاحب جي هن دنيا مان لاڏاڻي کان پوءِ، هڪ وڏو خال پئجي ويو، جيڪو ڀرجڻ ناممڪن آهي.

الهه جڙيو ”شاد“ (جهڏو)

تاثر

گرامي صاحب جي وفات جي اوچتي خبر ٻڌي، دل کي هاڃيڪار ڌڏڪو پهتو. مرحوم انسان هو ۽ فرشتو ڪو نه هو، مگر ايتري گهڻي ڄاڻ ۽ ايترن گهڻن گُڻن جو مالڪ هو، جو ايتريون ساريون صفتون، ڪنهن هڪ هنڌ ڪٺي ملڻ بنهه ڏکي ڳالهه آهي. مرحوم ورهاڱي کان اڳ واري ادبي نسل جو ماڻهو هو، مگر هن سدائين رجعت پسند جي ڀيٽ ۾ ترقي پسنديءَ جو ساٿ ڏنو، ذاتي مجلسن، صحبتن ۽ ’مهراڻ‘ جي ذريعي، نئين ٽهيءَ جي گهڻن قلمڪارن جي ذهني تربيت ڪئي. اهي خدمتون ۽ خوبيون وسرڻ  جوڳيون نه آهن. الله مرحوم کي مرهي ۽ پونئيرن کي سهڻي صبر جي سگهه عطا فرمائي. مان جي گهڙيون جيئندس، مرهوم مون کان ڪين وسرندو.

_ ذوالفقار راشدي

لاهوتي لڏي ويا

مولانا غلام محمد گرامي مرحوم و مغفور، هن دارالفاني مان هميشه لاءِ موڪلائي، دارالبقا وڃي ديرو ڪيو آهي. مرحوم گرامي صاحب بابت پنهنجا تاثرات لکندي، سندن ادبي ۽ علمي خدمات کي ذهن ۾ آڻيندي، بي اختيار چوڻو پوي ٿو ”لڏي ويا، اڏي ويا، سخن جي عمارت“.

مرحوم گرامي صاحب سان واقفيت ۽ سندس علمي خدمات جو معترف آءُ اسڪول جي وقت کان هوس. مرحوم سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ، سڄي ڄمار ڪم ڪيو. سندس علمي، ادبي ۽ سندي ٻوليءَ جي ترقي، ترويج ۽ تحقيق جي ڪمن کي، ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڏهه سال پهرين جڏهن کين سنڌ جي قديم قومن جي تحقيق جي سلسلي ۾، گجر قوم جي تحقيق درپيش آئي، جو گجر قوم تاريخي حيثيت واري ۽ دنيا جي قديم قومن مان هڪ وڏي قوم آهي، جنهن جو مالوه، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ هندستان ۾ ڪو ڇهه سئو سالن تائين حڪومت رهي، سو انهيءَ بابت تاريخي تحقيق ۾، مدد ۽ معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ لکيو هئائين. سندس حڪم مطابق، مون کيس راڻا علي حسن چوهاڻ جو لکيل ”تاريخ گرجر“ ۽ ڪي ٻيا رسالا موڪليا هئا. اهو مرحوم جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪوشش جو هڪ اهم مثال آهي.

ڪنهن وقت به قوم جي ثقافت، جداگانه حيثيت ۽ عظمت، سندن جدا ٻوليءَ ۾ مضمر آهي ۽ سنڌي ساهتيه جا اهي سرويچ سپاهي، آفرين لائق آهن، جن پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ گذاري ڇڏي ۽ هن دنيا جي عارضي آرام کي ڇڏي، پنهنجي قومي ٻوليءَ کي دنيا ۾ هاڪاري ڪرڻ ۾ پنهنجو نالو دنيا ۾ دائمي ڪري ويا.

اهڙن محسنن کي ياد ڪرڻ ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ، زندهه قومن جو مان آهي. آءُ مرحوم گرامي صاحب کي، سندس اسان جي مٺي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمت لاءِ، خراج تحسين پيش ڪندي، درگاهه صمديت ۾ دست بدعا آهيان، ته شل قادر ڪريم مرحوم تي پنهنجون رحمتون ڪري ۽ سندن مثال سامهون رکندي، سنڌ واسين کي پنهنجي مٺي ٻوليءَ جي وڌاري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪرڻ جي قوت ۽ همت عطا ڪري.

_ غلام سرور گجر (ٽئڪسيلا، پنجاب)

 ڇڏي ڳُڻ وئا، ماروئڙا ملير ۾

 مولانا غلام محمد گرامي صاحب هڪ وڏو عالم،محقق ، تاريخ، تهذيب، تصوف، شعر و شاعري جو وڏو ڄاڻو هو، سندس ايڏي وسيع معلومات تي علمي ۽ ادبي طبقو هميشه

نازان هوندو هو.

مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي زندگي مثالي شرافت، قربداري، خلوص، محنت، خوش مزاجيءَ جو هڪ سهڻو مثال هئي. ظاهر ۾ ائين ٿو ڏسجي ته ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال ٿي ويو آهي، جنهن جي کوٽ ڪو مشڪل سان ڀري.

مولانا غلام محمد گرامي صاحب کي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق هو. هن دل جان ۽ اڻٿڪ ڪوشش سان، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، جنهن ۾ زندگيءَ جون آخري ساعتون پڻ صرف ڪيائين. جيتوڻيڪ بدني طرح سان مولانا موت سان هم ڪنار ٿي چڪو آهي؛ پر روحاني طرح سان، اسان سان گڏ آهي. سندس تصنيفون ۽ تحريرون، اسان کي هر وقت سندس يادگيري ڏيارينديون. منهنجو اهو ايمان آهي، ته جيستائين سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي تاريخ زندهه آهن، تيستائين مولانا گرامي زندهه رهندو.

ميوو خان ”لاشاري“ (بدين)

علم ۽ عرفان جو درياهه

 مولانا گرامي صاحب علم و ادب جو اُهو عظيم گهوارو هو، جنهن جي جُدائي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ادب لاءِ هڪ ناقابل ِ تلافي نقصان آهي.

ڪراچي هوٽل مرحوم جي مستقل بيٺڪ هئي. هر روز بلا ناغي، علمي نشستون ٿينديون هيون. علم و دانش جا ڪيترائي طالب علم، فيضيات ٿيندا هئا. گرامي صاحب وٽ علمي سخاوت جي کوٽ ڪانه هئي. پنهنجا ۽ پراوا، ڄاڻو توڙي غير واقفڪار، هرڪو علم و عرفان جي درياهه مان سُرڪي پي وٺندو هو. مون کي به انهيءَ دوران مرحوم جي ذات بابرڪات جي زيارت ۽ سندن ڪچهريءَ ۾ ويهڻ جو شرف ڪيترائي مرتبا حاصل ٿيو. مرحوم علم، ادب ۽ فلسفي جي ماهر هجڻ سان گڏ گونا گون ۽ اڻ لڀ ذاتي خوبين جو به مالڪ هو. ملنسار، خوش خلق ۽ خوش گفتار، حليم ۽ ماٺيڻي طبيعت، پيار ۽ پاٻوهه، پنهنجائپ ايتري جو جڏهن به ڪنهن دوست سان ملاقات ٿينديس، ته تفصيل ۽ دلچسپيءَ سان حال احوال وٺندو. ڳوٺ ۽ علائقي جي اديبن ۽ دانشورن جا حال احوال، سياسي سماجي ۽ ادبي چرپر بابت معلومات، ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جون خبرون چارون ڳالهائڻ ۾ ايترو ته قرب ۽ محبت، جو مرحوم جي ڪچهريءَ مان اٿڻ تي  دل ئي نه پيئي ٿيندي هئي. افسوس اڄ اسان جي وچ مان، اهڙي شخصيت لاڏاڻو ڪري ويئي آهي، جنهن جي ڪري علمي دنيا يتيم ۽ لاوارث پيئي  لڳي

_اعجاز علي خواجه (ميرپورخاص)

روشنائي ۽ اونداهي

دنيا ۾ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ جا اول کان آخر تائين، يعني ڄمڻ کان مرڻ تائين ڏک ۽ سک، خوشيءَ ۽  غم خوصوصا روشنائي ۽ اونداهي، يعني گڻ ۽ اوگڻ سڀ هڪٻئي جا ضد ۽ پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. روشنائي ۽ اونداهيءَ ۾ مٿيون سڀ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون ۽ اهي ٻئي انساني زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن. گرامي صاحب کي اسين گڻ معنيٰ روشنيءَ جو اهڃاڻ چئي سگهون ٿا.

مرحوم غلام محمد گرامي صاحب سنڌ جو مشهور اڪابر، عالم، شاعر ۽ اعليٰ درجي جو انسان هو.

گرامي صاحب جهڙو عجيب انسان نه رڳو وڏن شهرن ۾ محفلون، مشاعرا ۽ ڪچهريون ڪندو هو، پر هن ٻهراڙين جي ماڻهن سان به قرب ڪيا. ٻه ڀيرا هو اسان جي ڳوٺ غلام نبي شاهه ۾ به آيو، ۽ اسان سان رس ڀريون رهاڻيون ڪيائين.

_ محمد هاشم سومرو ”لاوطن“

پڄاڻان پرين

4- ڊسمبر 1973ع جي ڏينهن منهنجي محترم استاد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب مون کي چيو ته اڄ رات ڪن اديب دوستن جي ماني ڪئي اٿم، تون به اچجانءِ.

 ٻه ڏينهن اڳ يعني 2- ڊسمبر 1973ع کان لاڙڪاڻي ۾ 23 آل سنڌ ادبي ڪانفرنس شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن مشهور اديبن ۽ شاعرن جو ديرو هو. مون کي خبر ڪو نه هئي، ته ڊاڪٽر صاحب جن وٽ ڪهڙا اديب دوست ۽ بزرگ اچڻا آهن. رات جو اٺين بجي مان سندن گهر ويس، ته اتي مون کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل ۽ ڪجهه غير واقف صورتون نظر آيون. جن شخصيتن کي مان سڃاتو، سي هيون: محترم غلام محمد گرامي صاحب، ڊاڪٽر  غلام علي الانا صاحب، محترم ڪريم بخش خالد ۽ مولوي نور الدين نور صاحب، محترم ڊاڪٽر الانا، ڪريم بخش خالد، گرامي صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي صاحب پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. مان به هڪ پاسو وٺي خاموشيءَ سان ويهي رهيس. ويهڻ کان پوءِ مون ائين محسوس ڪيو، ته انهن مڙني مان محترم ڪريم بخش خالد وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو ۽ سندس ڳالهائڻ جو نشانو مون کي گرامي صاحب جن نظر آيا. گرامي صاحب گهڻي قدر خاموش ۽ خالد صاحب کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي رهيو هو. منهنجي به اهڙن چوٽيءَ جي اديبن سان پهرين رهاڻ هئي، سو مون کي به مزو پئي آيو ۽ ڪن ڏئي پئي سندن گفتگو ٻڌم. خالد صاحب جن جا حملا (حد ادب اندر) جيئن جيئن پئي مرحوم تي وڌندا ويا، تيئن تيئن مرحوم جن جي منهن تي مرڪ وڌندي پئي وئي. ڪافي وقت جي چرچن ڀوڳن سهڻ کان پوءِ، گرامي صاحب جن صرف ايترو خالد صاحب کي چيو ته، خالد! خدا جي مار پوندئي. ايترو ڳالهايو اٿئي، هاڻي ته بس ڪر.

 مرحوم گراميءَ جي دوستن سان مروت ۽ سندن برداشت جو مادو ڏسي مان ته حيران ٿي ويس. هيڏو مشهور اديب، صحافي ۽ شاعر ۽ ايترو بردبار ۽ وسيع القلب. سندن شخصيت جي ان روپ مون تي تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ مان دل ۾ پڪو پهه ڪيو، ته جڏهن به مون کي موقعو مليو ۽ حالتن اجازت ڏني، ته گرامي صاحب تي ضرور ڪجهه نه ڪجهه لکندس. مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته منهنجي اها خواهش سندن حياتيءَ کان پوءِ پوري ٿيندي.

_ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق

تاثر

ڪنهن ڪم سان آءُ ۽ خواجه غلام حسين شاد، ”آفتاب“ اخبار جي آفيس وياسين. شيخ علي محمد صاحب وٽ ڪجهه اديب ويٺل هئا، انهن ۾ گرامي صاحب به هو. مون کيس هٿ ڏنو ته پاڻ مهر مان چيائين: ”ابا“ اهو ٻاجهارو لفظ اڃا به دل تي اڪريو پيو آهي.

اڄ گرامي اسان ۾ ناهي. وڻجارو هليو ويو. هاڻي ڪير آهي، جيڪو روشني ڦهلائيندو شال سندس ”مهراڻ“ سدائين موجن ۾ هجي!

فريد چانڊيو ”صوفي“

ادب جو محسن

گرامي صاحب سان منهنجو تعلق 1950ع کان رهيو. پاڻ انتهائي پيار ۽ پاٻوهه سان آدرڀاءُ ڪندا هئا ۽ منهنجي ادبي شوق جي همت افزائي ڪندا هئا.

هڪ ڀيري هڪ ادبي جلسي جو کين دعوت نامو موڪليم، پوءِ پاڻ به سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس. فرمايائون: ”اڄ مان اوهان جو امتحان وٺندس.“ ائين چئي مون کي هڪ ’طرح‘ ڏنائون ۽ گرهه لڳائڻ لاءِ ٽي منٽ ڏنائون. مون ڏيڍ منٽ ۾ گرهه لڳائي، ان تي پاڻن ڏاڍو خوش ٿيا ۽ منهنجي پٺي ٺپريائون.

گرامي صاحب جن مهرباني ۽ همٿائيندڙ بزرگ هئا. سندن لاڏاڻي سان، ادب ۾ جيڪو خلا پيدا ٿيو آهي، ان جو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. فريد چانڊيو صوفي.

_آغا حامد علي ”انور“ احمدزئي.

ڪي ڪي ماڻهو موتيءَ داڻا

هن ڌرتيءَ تي وسندڙ هر هستيءَ کي پنهنجو پنهنجو ڪردار آهي ۽ هر ڪردار کي پنهنجي جدا سوچ، هر ڪردار جو پنهنجو فڪر ۽ عمل ۽ هر ڪردار جا پنهنجا قول ۽ اصول هوندا آهن. اهڙيون هستيون تمام ٿوريون ملنديون، جن پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر و عمل ۽ اصولن کي پنهنجي ذاتي مفادن کان پاسيرو رکي، ڌرتيءَ ۽ انسان ذات جي سڌاري لاءِ وقف ڪيو هجي. حضرت مولانا غلام محمد گرامي جن سنڌ ڌرتيءَ جي انهن انسانن مان هڪ آهن، جن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سرانجام ڏنل بي بها ادبي خدمتن ذريعي سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي واسين لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي.

مولانا صاحب جن جي تحرير توڙي تقرير نظرياتي طور تي ترقي پسنديءَ جي اهڃاڻن جو آئينو آهي. مولانا جن ظاهري طور تي ته اسان وٽ ڪو نه آهن، پر سندن ادبي خدمتون اسان جو املهه سرمايو آهن ۽ جڏهن به ڪٿي ڪا سندن سٽ نظر ايندي، ته سندن ياد هر حساس ذهن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيندي. واقعي انسان جيڪو مرڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کي فنا ڪريو ڇڏي، اهو سدائين لاءِ امر ٿيو وڃي.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جيءَ جيا. (شاهه)
ڇڇ

_رفيق جعفري

گرامي صاحب سان پهرين ملاقات

مولانا غلام محمد گراميءَ جو نالو آءُ هميشہ ٻڌندو رهندو هوس ۽ اڪثر سنڌي رسالن ۾ سندس شعر ۽ مضمون پڙهندو هوس. مولانا صاحب سان مون کي ملڻ جو ڏاڍو اشتياق رهندو هو. سال 1969ع ۾ مدد علي سنڌيءَ، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس گاڏي کاتي ۾ منهنجي مولانا صاحب سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي. مولانا صاحب سان ملي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مولانا صاحب مون کان پڇيو، ته مرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائي ۽ مرزا عباس علي بيگ اوهان جا ڇا ٿين! مون کين عرض ڪيو، ته مرزا احسن ڪربلائي مرحوم منهنجو ڏاڏو هو ۽ مرزا عباس علي بيگ چاچو آهي. مولانا صاحب مون کي چيو، ته اوهان جي خاندان جو هميشه علم ادب ڏانهن لاڙو رهيو آهي، اوهان کي به ضرور  علم ادب سان دلچسپي هوندي. منهنجي ها ڪرڻ تي، پاڻ چيائون، ته نظم ٿا لکو يا نثر؟ مون چيو، ته نظم، پاڻ چيائون، ته ڪجهه ڪلام ياد هجي ته ٻڌايو. مون کين هڪ غزل ٻڌايو. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مون کي چيائون، ته ”مهراڻ“ لاءِ پنهنجا شعر ڏيو. اها هئي اسان جي پهرين ملاقات.

_ مرزا فياض علي بيگ

گرامي— تهذيب جو مجسمو

 اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ گرامي صاحب جون لکڻيون پڙهي ۽ ”مهراڻ“ رسالي ۾ سندن تحقيقي مقالا، گذارشون، مضمون ۽ مختلف صنفن ۾ انقلابي ۽ صوفياڻا شعر پڙهي، سندس متوالو بڻجي چڪو هوس، ويتر جو گذريل سال اسان جي ڪاليج جي تقريب ۾ ساڻس ملڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو شرف عطا ٿيو، تنهن سندس پوئلڳ بنائي ڇڏيو.

اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ ادب جي رکوالي ۽ اسان جي تمدن ۽ تهذيب جي جيئري جاڳندي تصوير کي، جڏهن پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺم، ته منهنجا خيال هزارها سال اڳ سنڌ جي قديم سڀيتا ڏانهن ڇڪجي ويا ۽ منهنجو ذهن ماضيءَ جي پولارن ۾ پيهي، قديم جانٺن سنڌين جي رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ، شڪل شباهت بابت فيصلو ڏيئي رهيو هو ته اهي اڄ تائين به انهيءَ رنگ ڍنگ ۾ گراميءَ جي روپ ۾ گذارين پيا.

گرامي صاحب ظاهري طور ته اسان کي وڇوڙي جو وڍ وجهي ويو، پر سنڌ لاءِ سندس ڪيل علمي ۽ ادبي توڙي تهذيبي خدمت، کيس هميشہ لاءِ زنده ڪري ويئي. اسين سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. سندس عملي زندگي اسان لاءِ مـشعل راهه آهي.

مرد مرن ڪينڪي، مرن مر دودا. (گرهوڙي)

_ گل محمد آريسر.

آه! سنڌ جو علامه _ مولانا گرامي

آءُ گهڻي عرصي کان مولانا گرامي کي پڙهندو پئي آيس. سندس معياري تحريرن کان آءُ گهڻو متاثر ٿيس. ٽماهي مهراڻ رسالو آءُ فقط مولانا گراميءَ جي ڪري پڙهندو هوس. سندس تحريرون معياري ۽ منطقي هيون.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات مير حاجي محمد بخش خان ٽالپور، ميرپورخاص واري سان گڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ٿي. ساڻس منهنجي ٻي ملاقات مير صاحب جي فرزند مير شير محمد خان سان گڏ بورڊ آفيس ۾ ٿي. اهو 1968ع سال هو. مولانا، مير شير محمد خان سان ڳالهين ڪندي هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي، جو مون کان رهيو نه ٿيو ۽ منهنجي وراڻيءَ تي مولانا جون اکيون مشعل وانگر ٻرڻ لڳيون. جلال ۾ اچي پاڻ هڪ وڏو ليڪچر ڏنائين، جنهن ۾ خدا جي وجود کي ثابت ڪري ڏيکاريائين ۽ مون کي ڏندين آڱرين اچي ويون. ايترو عميق، ايترو گهَرو، علم جو بحر! مان ته ان ڏينهن کان وٺي کيس ”حضرت علامہ“ جي نالي سان ياد ڪرڻ لڳس.

_ محمد حنيف مهر ڪاڇيلوي

ويا گذاري ڏينهڙا

گرامي صاحب جون ايتريون ته گهڻيون علمي ۽ ادبي خدمتون آهن، جن کي ڳڻائڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي ۽ سنڌ وارا اُن عظيم شخصيت جي احسانن جا ڳُڻ صدين تائين ڳائيندا رهندا.

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
وٽان تن نه آئيو، ڪو پهنوارن پَـهي،
ويئڙا سي وهي، جنب گذاريـم جن سين.
 

_(شاهه)

عبدالرحمان جتوئي

نوجوان نسل ۽ گرامي صاحب

انسانذات جا ذهني افڪار به مختلف ڀاڱن ۾ ورهايل آهن. ڪي شاعر بڻيا ته ڪي اديب ته ڪي ڪهاڻيڪار ته ڪي ناٽڪ نويس ته ڪي مورخ، ڪي وري نقاد بنيا يا مقرر. ڪيترن اديبن ته هڪڙي ئي موضوع سان نباهيو ته ڪن وري مختلف صنفن تي حاوي ٿيڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. سائين غلام محمد گرامي اهڙي ئي ڀرپور جدوجهد جو اُهڃاڻ ٿي اُڀريو.

هر نئين اديب کي ادبي ميدان ۾ اچڻ وقت ڪهڙيون تڪليفون ڏسڻيون پون ٿيون، اهي ته انهن کي ئي معلوم هونديون، جن اهڙي مٿاميڙ ڪئي هوندي، ايڊيٽرن جي درن تي ڌڪا کاڌا هوندا، کُڙيون گسايون هونديون، منٿون ميڙيون ڪيون هونديون ۽ پنهنجي لکت جي فائدي ۾ دليل بازي ۽ حجت ڇڪي هوندي. اهي ئي سبب هئا، جو مون به جيڪر انڌو منڊو مقالو لکيو، سو هڪڙي مون کي خبر، ٻي منهنجي خاوند کي؛ پر ڪنهن ايڊيٽر تائين نه پئي ويس. جس هجي قريشي حامد علي خانائيءَ کي، جنهن پنهنجي ڪنهن مقالي ۾ هيءَ راءِ ڏني ته ”هن موضوع تي مهراڻ ۾ اڳ ۾ ئي فلاڻيءَ صاحب جو مقالو ڇپجي چڪو آهي.“ _ بس، اهو سبب ٿي آيو، جو 17- آڪٽوبر 1975ع تي وڃي سائين گرامي صاحب سان سندس دفتر ۾ ملياسين. مهراڻ جي آفيس ۾ مولانا صاحب جن ويٺا هئا ۽ مون اڳ ۾ ئي السلام عليڪم چيو. منهنجي تعجب جي حد نه رهي جو ايڏي بلندپايه جو انسان وعليڪم السلام چوندي، اوپرن ۽ غير واقف نوجوانن سان اُٿي ڀاڪر پائي مليو ۽ دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ اچڻ جو سبب پڇيائين. مون ڪم ٻڌايو ۽ پاڻ ڪجهه نٽ نٽاءَ بعد اُٿي مون کي گهربل مهراڻ جو نمبر ۽ سال نوٽ ڪرايائون. ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال تان ڪم لاهي، سندن حڪم موجب، واپس سندس دفتر ۾ آياسون. گفتگو جي شروعات ڪندي مون کان نالو پڇيائون، مون چيو ”غلام محمد“.  کلي چيائون منهنجو نالو ڇو چورايو اٿئي؟ ان جو مطلب ته تون منهنجي ”نالي ڀائي“ ٿي پئين! سندن تعجب جي حد نه رهي، جڏهن مون سندن حڪم موجب پنهنجو سرنامو لکڻ شروع ڪيو، ڇو ته آءُ کاٻي هٿ سان لکي رهيو هوس. اهو ڏسي مولانا صاحب چيو ته مون وانگر تون به ’کاٻڙ‘ آهين! ان بعد مون کان منهنجي پسند جو موضوع پڇيائون، جواب هو ”سنڌ“. بس، پوءِ ته ٻه ڪلاڪ کن نهايت کلمکائيءَ سان، مختلف موضوعن تي، اسان سان گفتگو ڪندا رهيا ۽ آخر ۾ ڪجهه لکي اچڻ لاءِ به حڪم ڪيائون. ان ڏينهن منهنجي هڪ ڪتاب تي هي نوٽ هنيائون، جو سڄي حياتي منهنجي همت افزائي ڪندو رهندو: ”محترم عزيز غلام محمد لاکي سان اڄ ملڻ ٿيو، دعا آهي ته هي نوجوان سنڌ جي تاريخ تي ايترو غور ۽ تحقيق سان مطالع ڪري، جو منهنجو روح خوش ٿئي ۽ هي هڪ اسڪالر بنجي .“

_ غلام محمد لاکو

جهوني بڙ جي ڇانو

آءُ اُڏامي هنجڙا، سَـرَ ۾ سارينـئيـن،
متان مارينئين، پاريهڙي ڪو پهه ڪري.

 

جيڏانهن ڪيڏاهن پاريهڙن جا پهه هلي رهيا هئا، شڪارن جون ڍٻيون لڳي رهيون هيون، پر ان هنج کي سَر ۾ ساريندڙن ان ڳالهه کان آگاهه ڪندي پاڻ ڏانهن گهرائي ورتو. جتي سندس قدر به آهي، ماڳ به آهي ۽ ڪيئي سندس جُڳَ جا جوڳيئڙا اتي به مچن تي هٿڙا سيڪيندي کيس ساري رهيا هئا ۽ نيٺ انهن هن ڪلجڳ جي ان ڪاپڙيءَ محترم غلام محمد گراميءَ کي اسان کان ڇِني جدا ڪيو. هو اڄ اسان جي محفلن ۾ نه آهي.

 اسان ادب جي اڻانگهيءَ واٽ جا پانڌيئڙا جڏهن به لُڪن ۾ لُهـُو ساٽجي پوندا هئاسون، پنڌ ۾ اڀ–ساها  ٿي پوندا هئاسون، جڏهن اسان جي پيرن ۾ پٿر تي پنڌ ڪرڻ ڪري پرڪڻا پئجي ويندا هئا، تڏهن اسين گهڙي ساعت جن هن جهوني بڙ جي ڇانو ۾ ويهي ساهي پٽيندا هئاسون، جنهن جي ڪچهريءَ مان اسان جي دلين مان مايوسي نڪري ويندي هئي ۽ ٿڪ دور ٿي ويندو هو، وري ترو تازا توانا ٿي پنڌ پوندا هئاسون، اها جهوني بڙ جي ڇانو اڄ اسان لئه نه رهي. اسان کان غلام محمد گرامي کسجي ويو. اڄ اسان پانڌيئڙا انهن مڙهين ۾ ماٺ ڏسي ۽ پيرن ۾ پرڪڻن سان ان ڇانو لاءِ واجهائي رهيا آهيون، پر افسوس جو اها اسان کي هاڻي ڪڏهن به نه ملندي.

اسان ادب جا پانڌيئڙا، سماج مان پيتل زهر جو اثر مٽائڻ لاءِ خودڪشيءَ لاءِ  سوچيندا هئاسون، نشي ۾ چور رهي ۽ اهو درد مٽائڻ چاهيندا هئاسون، يا هڪ امرت جهرڻي مان ٻه ڍُڪ پِي ۽ اها اَساٽ مٽائڻ جو سوچيندا هئاسون. ان امرت _جهرڻي ڪيتريون ئي بي بها زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچايون. جيڪو مرض يورپ ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، تنهن کي ايشيا ۾ جتي ٻين عالمن ٻنجي ڏيڻ جو ڪم سرانجام ڏنو، تتي سنڌ ۾ هن عالم ان قسم جي فرار ۽ بيچينيءَ تي پنهنجي وسيع علمي ۽ عملي مطالعي ۽ ترجبي سان قابو پاتو. اڄ اهڙن زهر کاڌلن جون ٽوليون ان امرت_جهرڻي لاءِ اٻاڻڪيون ٿيو واجهائي رهيون آهن، ليڪن اهو جهرڻو خشڪ ٿي ويو. اهي حياتيون ٿيڙن ۽ ٿاٻن ۾ هيڏي هوڏي ڳولي رهيون آهن، ليڪن ان جهرڻي جا آبشار پنهنجو رخ مٽائي ويا آهن. اڄ اهو غلام محمد گرامي اسان وٽ موجود ناهي، جنهن انساني زندگيءَ جو قدر ۽ قيمت سمجهائڻ ۾ وس کان ڪين گهٽايو ۽ ڪيترن نازڪ گهڙين ۾ رهنمائي ڪري ۽ نوان رستا کولي ڏنا؛ پر اڄ ان امرت-جهرڻي جي ٻن ڍڪن لاءِ اڃا، اڃيا ئي رهجي ويا ۽ غلامي موڪلائي ويو.

_ مير محمد پيرزادو

سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ

لنگهي پٻ پري ٿيا، ڇڏي رڻ رائو،
ڏيئي ڦوڙائو، ويا ويچاري سپرين.
 

مولانا غلام محمد گرامي رحلت ڪري ويو........... علم ۽ ادب جا حال هيڻا ٿي ويا، سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ کسجي ويئي _اڄ اها هستي خاموش ٿي ويئي، جيڪا لهجي جي پنهنجائپ ۽ لفظن جي سچائيءَ جي ڪري سنڌي شاعرن ۽ اديبن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

پاڻ مذهبي خيال جو بزرگ هو، انساني  اخلاق جو مبلغ ۽ روشن خيال هو. هڪ عالم، شاعر، اديب ۽ صحافي هو. جنهن جي وڃڻ سان علم ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو پولاه پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو شايد ڀرجي به ويندو، پر مرحوم و مغفور جهڙو انسان شايد وري ڪو ورلي نظر اچي. اهل ِ قلم ته اڃا به گهڻائي اُڀرندا ۽ اُسرندا، پر انسانن جي اڻاٺ اهل ِ قلم لاهي ڪو نه سگهندا.

شهناز ميمڻ /ڪوثر ميمڻ

جاڳرتا جي جوت

سائين! سڄي سنڌ جو ادبي حلقو ڇورو ڇنو ڪري ڇڏڻ، توهان جهڙن بزرگن ۽ وڙائتن مڙدن کي نٿو جڳائي. ڇو ڀلا اڄ اسان کان ايترو رنجور آهين؟ ايترو ويجهو هوندي به ايترو دور ڇو آهين؟ تون ئي محبت جو سرچشمو، ارم ۽ اورچائيءَ جو عملي ثبوت هئين. انس ۽ سهپ جو پرچارڪ، انسان دوستيءَ جو علبردار، عالمگير امن ۽ بني اَدم جي ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهين. تون وٽ مذهب، رنگ، نسل، ذات پات جو ڪو ڦند ڦير ڪو نه هو. تون حسد، ڪيني ۽ بغض کان باغي هئين. خود ثنائي، خود مطلبيءَ ۽ رياڪاريءَ کان آجو هئين.

منهنجا جاني! مان توکي ڇا چوان اڍنگين رسمن جو دشمن، خالي ۽ هٿ ٺوڪين خانقاهن، آشرمن جي بُتن جو ڀڃندڙ، ڪوڙ ۽ سچ جو پارکو، جاهل ۽ ٺڳ پيرن، مفت خورن ۽ پرمارن جا پول پڌرا ڪندڙ هئين. تون ئي ڪچهريءَ جو مور، دوستن جو دوست، دشمنن جو سڄڻ، ڪيني ۽ ڪدورت کان ونءُ ويندڙ، ابدي حياتي وارو، لافاني ۽ امر حقيقت آهين. تون (گرامي) نالو، ذات ۽ تخلص نه آهين؛ تون تاريخ، جاگرافي، ثقافت، محنت، ادب، سچ ۽ محبت جي تنظيم ۽ تحريڪ جي يونيورسٽي آهين. تو جيڪا جوت جلائي جاڳرتا پيدا ڪئي آهي، سا قائم آهي ۽ ابد تائين دائم رهندي.

_محمد پناهه ڦَرڙو

مرحوم غلام محمد گرامي هڪ عظيم انسان

هن فاني دنيا ۾ انسان جو وجود حضرت آدم جي هن دنيا ۾ اچڻ سان ٿيو. حضرت آدم کان وٺي اڄ تائين دنيا ۾ انسانن جي پيدائش جو سلسلو هلندو اچي ۽ اهو سلسلو جڏهن ختم ٿيندو، ته شايد اهو هن دنيا جو آخري ڏينهن هوندو. انهن ايندڙ (پيدائش) ۽ ويندڙ (موت) انسانن مان ڪيترا اهڙا انسان به هوندا آهن، جيڪي هن دنيا ۾ ظاهري طور تي وجود نه هوندي به موجود هوندا آهن. هو تاريخ ۾ يا انسانن جي دلين تي نقش هوندا آهن ۽ اهڙا انسان لافاني هوندا آهن. مرحوم غلام محمد گرامي به اهڙن امر انسانن مان هڪ هو. هو زنده نه هوندي به زنده آهي، کيس ادب هميشہ لاءِ امر بڻائي ڇڏيو آهي. گرامي صاحب موت ۽ زندگيءَ جي فلسفي تي هي سٽون لکيون هيون، جيڪي سانئڻ زينت چنا جي وفات تي مهراڻ جي ايڊيٽوريل ۾ ”لاهوتي لڏي ويا“ جي عنوان هيٺ، جلد نمبر 23 نمبر 3 ۽ 4 سال 1947ع ۾ ڇپيون هيون:

”موت زندگيءَ لاءِ لازم ملزوم شرط آهي. موت هڪ فطري امر آهي، جنهن کان ڪوبه انسان بچي نٿو سگهي؛ پر ڪي ڪي واقعا اهڙا ٿين ٿا، جن جو اثر زماني تائين قائم رهي ٿو ۽ انهيءَ جي تلافيءَ جي ڪابه صورت نظر نٿي اچي.“

گرامي صاحب جن پڻ زندگيءَ جي لازم ملزوم شرط کي مڃيندي اسان کان جدا ٿي ويا، ۽ اهو واقعو اهڙو آهي، جنهن جو اثر سدائين رهندو ۽ ان جي تلافي جي ڪابه صورت نظر نٿي اچي.

گرامي صاحب جن علم جو هڪ مهاساگر هئا، سندن ايڊيٽوريل جيڪي پاڻ ٽه ماهي رسالي مهراڻ ۾ لکندا هئا، سي فلسفي جي دائري ۾ اچن ٿا. انهن ايڊيٽوريل کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ لکندڙ پاڻ مخاطب آهي. هر ايڊيٽوريل وسيع معنيٰ رکي ٿو. سندس هڪ هڪ ايڊيٽوريل تحقيق جي لائق آهي.

مان گرامي صاحب جن کي پنهنجي طالب علميءَ واري زماني ۾ پڙهيو هو ۽ انهيءَ وقت کان ساڻن واقف هوس، پر ملاقات جو شرف حاصل نه ٿي سگهيو. سال 1974ع ۾ جڏهن مان روزاني ”آفتاب“ ۾ سب ايڊيٽر ٿيس، ته مرحوم گرامي صاحب  محترم شيخ علي محمد صاحب وٽ گهڻو ڪري روزانو ايندا هئا ۽ اتي منهنجي ساڻن ملاقات ٿيندي رهندي هئي. پاڻ نهايت نهٺي طبيعت جا مالڪ، ۽ ڪچهريءَ جا مور هوندا هئا. سندن ڪچهريءَ مان ڪيتريون ئي نصيحتون حاصل ٿيون هيون: پر افسوس جو اسان اهڙي عالم، اديب، دانشور ۽ ڄاڻوءَ جو قدر نه ڪيو. پاڻ پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ادب کي ڏئي ڇڏيائون ۽ سنڌ کين ڇا ڏنو؟ پاڻ معاشي طرح مضبوط نه هئا. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سال 1975ع ۾ جڏهن مان سنڌ لا ڪاليج سنگت جو نائب صدر هوس، ۽ ”آفتاب“ ۾ سب ايڊيٽر به، ته پاڻ مون کي چيو هئائون ته ”سليم، منهنجي پٽ جي في اوهان واري ڪاليج وارن معاف نه ڪئي ۽ هن امتحان جو فارم نه ڀرايو آهي.“

پاڻ اديب جي ناقدريءَ تي مهراڻ رسالي جي 24، نمبر 2_3، سال 1975ع جي ايڊيٽوريل ”موجودهه سماج ۾ اديب جي حيثيت“ جي عنوان هيٺ هيئن لکيو هئائون:

”افسوس هيءَ آهي ته جنهن اديب ۽ شاعر جي ڪاوش سان مستفيد ٿي هڪ شاگرد اڳتي هلي هزارين رپيا ڪمائي ٿو، اهو اديب ۽ شاعر هر حال ۾ غير مستند به آهي ۽ ناقابل توجهه به! موجودهه سماج ۾ اديب ۽ شاعر جي حيثيت نه زميندار جهڙي آهي نه هاريءَ جهڙي، نه تپيدار جهڙي آهي نه ماستر جهڙي، نه پروفيسر جهڙي نه ليڪچرار جهڙي، نه هو داروغو آهي نه سپروائيزر، نه انجنئير آهي نه جمعدار، نه وڪيل آهي نه ڊاڪٽر. سچ پچ ته سندس سماجي ۽ معاشي حالت ڪنهن آفيس جي پٽيوالي جهڙي به نه آهي.“

_ سليم صديقي

لارون لارون لڙڪ وهن

ميز تي اڄ 16-9-1976ع جي اخبار ”عبرت“ پئي آهي. اوچتو منهنجون نظرون هڪ خبر تي پيون آهن، جنهن جي سرخي آهي: ”سنڌ جو عظيم محقق ۽ اديب مولانا گرامي گذاري ويو“. خبر پڙهڻ سان ڇرڪي پيس، روح زخمي ٿي پيو، مغز ڀنواٽيون کائڻ لڳو، اکين اڳيان انڌيرو ڇانئجڻ لڳو. ويساهه ئي ڪو نه پيو اچيم، پڪ ئي ڪانه پئي پويم، ته واقعي ائين ٿي سگهي ٿو: پر جيئن جيئن خبر پڙهندو ويس، تيئن تيئن دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي ويئي ۽ منهنجو ويساهه مڪمل پڪ ۾ بدلبو ويو ۽ بي اختيار اکين مان ٻه گرم ڳوڙها  ڳڙي پيا! سچ پچ ڪڏهن سوچيو ڀي ڪو نه هيم، ته ڪو سائين گرامي صاحب، اسان کي ادب جي طويل ۽ اڻانگي سفر ۽ سنسان راهن ۾، سواءِ موڪلائڻ جي ائين اوچتو ئي اوچتو ڇورو ڪري ڇڏي ويندو. کن پل لاءِ، اهو تصور ڀي ڪو نه ڪيو هيم ته، اهڙو ڏينهن ڀي ايندو، جڏهن مون کي سائين گرامي صاحب جي وفات تي ڪجهه لکڻو پوندو. ڪاش! اها ڪَل هجيم ها ۽ اهو ڄاڻي سگهان ها، ته هوند سندس صحبت ۾ ڪي گهڙيون گڏ گهاريان ها، انهيءَ سچ جي پانڌيئڙي ۽ ڄاڻ جي اٿاهه ساگر مان ڪي مڻيا جا موتي هٿ ڪيان ها؛ پر موت جي ڪهڙي ڄاڻ ! ڪهڙي سُڌ ته ڪڏهن ايندو ۽ ڪهڙيءَ ويل ايندو!

سائين گرامي صاحب، سنڌي ادب جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترين چند شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجيءَ ڏات ڏياٽيءَ سان سنڌي ادب کي مالامال ڪيو. پاڻ ترقي پسند ادب لاءِ هڪ ڍال هو، ۽ رجعت پسندن جي ڪک جو ڪانءَ هو.

_اطهر منگي

سر نسريا پانڌ .....!

گهڻو گهڻو اڳي، تمام گهڻو اڳي، جڏهن ماڻهوءَ جون سموريون امنگون ۽ ارمان جهٽ پورا ٿي ويندا هئا، ماڻهوءَ  جي سوچ ۽ سمجهه آزاد هوندي هئي، زندگيءَ ۽ ضمير، هاڻوڪن ريتن ۽ رسمن، مذهبن ۽ نظرين جي ڄار ۾ جڪڙيل نه هوندا هئا، جڏهن سنڌ جو سينڌور ۽ ڪپور ولات وڃي وڏي اگهه ۾ اگهامندا هئا، تڏهن پراڻ جي ڪناري، ڪنهن  واهڻ  ۾ ڪهڙيءَ وڻجاري وينگس جو هڪ وڻجاري سان ساهه جو سٻنڌ هو.

جنهن هڪ ڀيري پنهنجي صفا پنهنجي وڻجاري کي ڏوراهين ڏيهه ويندو ڏسي، اکين ۾ آب آڻي چيو هو، ”اڃا اَئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنڀرين“ وڻجاري وراڻيس، ”چري! جا شيءَ ڪالهه آئي آهي سا سڀاڻي ضرور ويندي، سڀاڻي ڪالهه مان ڄمندو آهي، ڪالهه سڀاڻي جو وجود آهي، اهو قدرتي قانون آهي، ائين ٿيندو رهيو آهي، ۽ ائين ٿيندو رهندو.“ وينگس پوتيءَ جو پلئو وات ۾ وجهي، اکيون بند ڪري، هڪ وڏو سڏڪو ڀريو، سڄي خلا دهلجي ويئي. انهيءَ وقت رات جو پيٽ ڦاٽي پيو، پرهه ڦٽي پيو، ساٿين سڙهه سنوان ڪيا. اڃا سج اڀريوئي ڪونه، ته وڻجارا وطن مان نڪري ويا. اهي پراڻ جا ڪنارا، جي وچينءَ جي ويل پيار جي ٻولن سان ٻرندا هئا، سي سانت ۾ اچي ويا، ڄڻ ڪنهن راڳ جي پوُر ۾ تنبوري جي تند ٽُٽي پيئي. اڃا تائين جڏهن اتر گهلندو آهي، ڪونجون ڪُڻڪنديون آهن، پاڻي موٽ کائيندا آهن، تڏهن پراڻ جي ڪپ تان آڌيءَ ويلي، صدا ٻرندي آهي:

سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسـر نسريا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.

 

آءُ جڏهن به اها صدا ٻڌندو آهيان، ته منهنجي مزاج ۽ ڪيفيت ۾ ڪجهه قبديلي اچي ويندي آهي. من اٻاڻڪو اٻاڻڪو ٿي لوچيندو ۽ سوچيندو آهي، ته ”اسان جو وڻجارو به ولات ويو آهي، وکر کڻي ويو آهي. سچ ۽ سونهن جو سودو کڻي ويو آهي. جيئن سچ ۽ سونهن ازلي ۽ ابدي آهن، تيئن ان جا سوداگر به ازلي  ۽ ابدي آهن.“

هي جڳ ڏکن ۽ سورن جو جڳ آهي، ٺڳين ۽ نفرتن جو جڳ آهي، ڏاڍائين ۽ بکن جو جڳ آهي، هتي سچ جي بدلي ڪچ  ملندو آهي، پر سچ جا سوداگر ڪچ قبولڻ کان سچ مفت ڏيندا آهن. سنڌوءَ جي امرت آب جيئن، مفت ڏيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سچ جا سوداگر، اهو سڦلو سودو کڻي هڪ اهڙي ڏوراهين ڏيهه ويندا آهن، جتي ملهه مهانگو ملندو اٿن.

 گرامي هن جڳ جو اهو وڻجارو هو، جنهن بکون ڪاٽي بنگلا ڏنا، نفرتون ۽ حقارتون وٺي پريت ۽ سچائي ڏني، ڪپتون ۽ ڪوڙ وٺي، حقيقتون ۽ سچ ڏنا، ڏاڍايون ۽ ڏوجهرا وٺي، پيئڻ ۽ جيئڻ جا سبق ڏنا، پاڻ مري، ٻين کي جيئڻ جو ڍنگ ڏسي ويو.

 منهنجو ايمان آهي، گرامي ورندو، ضرور ورندو، پر ورندو تڏهن جڏهن اتر واءُ لڳندو، جڏهين ”سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين“ جون صدائون ٻرنديون، جڏهن ”آڻي اتر واءُ، موکي مٽ اپٽي“ جون ڀيرون وڄنديون، جڏهين ”وڍ، وڍ وائي وات“ هوندي، جڏهين گندگيءَ جا ڍير، رت جي برسات سان ڌوپجي صاف ٿيندا. جڏهن مائرون پنهنجي ٻچن کي، ”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان“ جي لولي ڏينديون، جڏهين ”ايندي لڄ مرن، تنهن تڙ مٿي هنجڙا،“ هڪ پراڻو ۽ ڪوڙو مقولو محسوس ٿيندو.

تڏهين گرامي پنهنجا ڪروڙين وجود وٺي واپس ورندو ۽ انهيءَ نوجوان نينگر جو سڏڪو، جو اڃا تائين خلا ۾ پيو گونججي، اهو خاموش ٿي ويندو. اها انتظاري ۽ ارمان، عربي سمنڊ جي اونهي تري ۾ ٻڏي ويندا، لهرن جي لباس ۾ لٽجي ويندا، ۽ پوءِ هي سونهن ۽ سچ جي ڌرتي، خوشيءَ جي خوشبوءَ کان خالي ڪانه ٿيندي. هي وڻجارا پوءِ ڪڏهن به ولات ڪونه ويندا. پيار، ڪڏهن به ڪو نه ويندو، سچ ڪڏهن به ڪو نه ويندو، گرامي ڪڏهين به ڪو نه ويندو.

محمد هاشم ٽالپر

.......۽ هو زندهه رهندو

سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي، وچ ۾ ٻه وڏيون ٽيبليون ملايل، جن جي چوڌاري ڪرسيون، ويڪر واري هڪڙي پاسي ڏانهن ويٺل اسان ٻن ڪرسين تي ٻه ڄڻا، ٻي پاسي ڏانهن گرامي صاحب، اڪيلو، مفلر ڳچيءَ ۾ ويڙهيل، ڪوٽ پاتل، قبول ابڙو افسانوپڙهندڙ، مان غور سان ڏسانس ٿو، پر هو سوچن جي سمنڊ ۾ غرق، اکيون پوريل، غور سان ٿو ٻڌي.

افساني پوري ٿيڻ کان پوءِ، تنقيد ٿي ٿئي، گرامي صاحب جو وارو ٿو اچي پاڻ تنقيد گهٽ، سمجهاڻي وڌيڪ ٿو ڏئي. افساني بابت، ٻوليءَ بابت، ڪردارن بابت، ۽ اوچتو اوچتو سندس اهي لفظ ”...... باقي  فن ته فنا نه ٿيندو، فن خود زنده هجڻ جي علامت آهي.....“

 اڄ اسان ۾ مرحوم گرامي صاحب ڪونهي، پر ان جو فن آهي، جو همشہ هميشہ زنده رهندو. اسان وسارڻ چاهينداسين ته مهراڻ جي ڇولين مان تيئن اڀري پوندو ۽ اسان جا ڪلها ڌوڻي چوندو، ”ڳهيلو! فنڪار ڪڏهن ناهي مئو، منهنجي ڇاتيءَ ۾ جهاتي پائي سندس چهرو ڏسو.“

..........۽ هو موجود تائين موجود رهندو.

_ ذوالفقار سيال

علم ادب جو سورج

اسان جي گرامي صاحب ري موڪلائي پرلوڪ ٻڌاريو. ائين ٿو لڳي ڄڻ علم و ادب جي سورج، پنهنجي روشني ۽ حرارت اسان کان کسي ورتي ۽ اسان هن انڌڪار ۾ انڌن وانگر هٿوراڙيون ڏئي رهيا آهيون. ان دکدائڪ خبر سان، دلين ۾ ڌڌڪو رسيو ۽ نيڻن مان لڙڪ وهي نڪتا آهن ۽ من ڪنهن يتيم، لاوارث ۽ نفرتن جي شڪار ٿيل ٻار وانگر گرامي....... گرامي پڪاري رڙي رهيو آهي. جيڪر ائين نه ٿئي ها، پر موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي، جنهن کان لنوائي نٿو سگهجي. صرف مري ويندڙن  جون يادون ئي زندگيءَ جو سرمايو بنجي وڃن ٿيون.

سچ پچ ته دل نٿي مڃي، ته گرامي صاحب اسان وٽ ناهي. گرامي صاحب، جيڪو ڪجهه اسان کي ڏنو آهي، سو هميشہ سندس ياد ڏياريندو رهندو ۽ اهڙو انسان غير فاني ئي ليکبو.

_نور گهلو

تو جا ڪئي روح رهاڻ

”آخر ۾ اهو چوندس ته اوهان جي تاريخ ۽ تهذيب پوري انساني تاريخ ۾ عظيم به آهي ۽ قديم به آهي، اوهان ان جا وارث ۽ نگران آهيو. اهو قلم، جو اوهان جي تاريخ جي ۽ تهذيب جي تحقير ڪري، ان کي ڀڃي ڦٽو ڪيو؛ اَها زبان، جا اوهان جي عظمت ۽ ثقافت کان انڪار ڪري، ان کي سندس منهن مان ڇڪي اڇلائي ڇڏيو؛ اهو ڪتاب، جو اوهان جي گلا ۽ تنقيد ڪري، اهو ڦاڙي ڇڏيو. شال اوهان جو عمل ۽ ڪردار، وطن جي خوشحاليءَ جو ضامن بڻجي.

”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“
 

هي آهن سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ، سنڌ ڌرتيءَ جي هڏڏوکيءَ ۽ سنڌ جي پارکوءَ مرحوم غلام محمد گرامي صاحب جي تقرير جا آخري لفظ، جيڪا هن پهرين ڊسمبر 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي نيوڪئمپس ۾ ’سنڌي شام‘ ۾ ڪئي. ان منجهان گرامي صاحب جي سنڌ ۽ خاص طرح سان سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي تهذيب سان محبت جو پتو پوي ٿو. اها سنڌي شام اسان کي ياد آهي، هر شام اهو پيغام ياد ايندو رهندو. اهي آخري لفظ تقرير جا ياد آهن، جنهن ۾ ڀلاري ڀٽ ڌڻي لاکيڻي لطيف رحه جي بيت سان، سندس تقرير پڄاڻيءَ تي پهتي هئي. اهو بيت، جنهن ۾ ڌرتيءَ لاءِ دعا ڪيل آهي، سو چيائون.

سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي تاريخ جي مختلف دورن ۾، اهڙن بزرگن محب وطن، انسان دوست شخصيتن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن پنهنجي سچائي، همت ۽ نيڪ جذبي سان ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو.

مولانا غلام محمد گراميءَ جن جي شخصيت به اهڙن هستين مان هڪ هئي، جن پنهنجي حياتي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي گذاري. سنڌ جي علم ادب جي تاريخ ۾ سندن نالو وڏين هستين ۾ شمار ڪيو ويندو.

”اوهان پاڻ ۾ هڪ مخلص، محب وطن، تعمير پسند ۽ سنجيده، باشعور ۽ باوقار ڪردار کي پيدا ڪريو، زندگيءَ جو تعمير پسند نعمتون انهن لاءِ آهن، جن جي جدوجهد ۾ شعور ۽ بصيرت آهي، جن جي فڪر و نظر ۾ سنجيدگي ۽ سادگي آهي، جن جي عمل ۾ حرڪت ۾ پختگي آهي،“ اهي هئا گرامي صاحب جي باشعور ۽ باوقار هستيءَ خيال. اهي عظيم سوچون، اسان کي گرامي صاحب جي ياد ڏيارينديون رهنديون.

سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ، مولانا غلام محمد گرامي جيڪي ڪوششون ورتيون، تن جي اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. گرامي صاحب سنڌ جي تاريخ تي لکيو، سنڌي قوم لاءِ لکيو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکيو ۽ آخري وقت تائين لکندو رهيو.

تن جنين جي تانگ، سي سڄڻ سفر هليا،
لئج لات، لطيف چئي ڪڏهن ايندم ڪانگ،
ڪنهن سٽاڻي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.
 

_محبت علي چانڊيو

مري نه ٿيندا مات

ريڊيو جي خبر اسان لاءِ هڪ وڏي ڌڪاءُ وانگر هئي:

”مولانا غلام محمد گرامي وفات ڪري ويو!“

 

مرڻو سڀ ڪنهن کي آهي، پر ههڙا علم ۽ ادب دوست اعليٰ معيار جا ذهن مري مات ڪو نه ٿيندا آهن. اهي ادبي، علمي تاريخ ۾ هميشہ لاءِ امر رهندا آهن؛ پر ههڙا اڻ ٽر ۽ اڻ موٽ لوهي لڱ پوين لاءِ به واٽون سنواري ويندا آهن، جيئن گدائي صاحب چيو آهي:

هي جان ته اچڻي وڃڻي آ، هڪ ڏينهن ته آخر مرڻو آ،
پر ويندي ويندي پوين لاءِ، ڪا واٽ سنواري وينداسين.
 

اهڙين اڻانگين راهن جي پرپيچ پيچرن تان منزلون ماري، ڪرڙ ڪنڊا ۽ رڪاوٽون دور ڪري، منزل مقصود تائين پهچڻ ۽ ٻين کي پهچائڻ جي ڪم ۾ به گرامي صاحب جو نالو سرفهرست رهندو. قبله والد صاحب عبدالڪريم گدائي ۽ گرامي صاحب جي به هڪٻئي سان پراڻي ادبي دوستي هئي ۽ انهن بزرگن جي محفلن ۽ نصيحتن جي اثر هيٺ، مان به اديب ٿيڻ لاءِ ميدان ۾ ڪڏيو هئس ۽ ان سلسلي ۾ گرامي صاحب مڙوئي زباني ۽ تحريري همت افزائي ضرور ڪئي. مون کي ياد آهي ته رجعت پسندن جي سه ماهي ”مهراڻ“ تي پهرئين حملي بعد مون هڪ افسانو گرامي صاحب ڏانهن موڪليو. ان وقت ”مهراڻ“ مان افسانن جي حصي کي  بلڪل ئي ختم ڪيو ويو هو؛ پر اوچتو ئي  گرامي صاحب جو قبله والد وٽ خط پهتو ته ”ميان فتاح کي چوندا، ته اسين ان افساني کي هڪ پابنديءَ ۽ فيصلي تحت جاءِ ڏيڻ کان قاصر آهيون، تاحال کيس لکڻ ترڪ نه ڪرڻ کپي، پر اڃا به ڪوشش ڪري وڌيڪ اصلاحي تخليقون ميدان ۾ آڻڻ کپن.“ اهي ٻه سٽون مون لاءِ همت افزائي هيون. ان کان پوءِ گرامي صاحب سان سکر، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿيون.

گرامي صاحب جي شخصيت انهن شخصيتن مان هڪ اهم علمي، ادبي ۽ تاريخي شخصيت آهي، جن سنڌي ادب ۾ وڏو اضافو آندو، سنڌي ادب لاءِ عملي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو، نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي همت افزائي ڪئي. هن ترقي پسند تحريڪ جو ساٿ ڏنو ۽ سه ماهي ”مهراڻ“ جي معيار کي اعليٰ درجي تائين پهچايو.

اڄ هو اسان ۾ ناهي، اڄ صرف هن جون ڳالهيون، هن جون تخليقون، ادبي، علمي ۽ تاريخي ڪم اسان لاءِ اها دعوت ِ فڪر اهي، جيڪا اسان کي به اهڙي ئي روشن زندگي نصيب ڪري سگهي ٿي.

افسوس، موت ۽ وڇوڙو ٻئي ظالم آهن،
ڄم کان موت تائين جو سفر هيبتناڪ آهي،
هر ڪنهن کي ان اڻانگي راهه تي وڃڻو آهي.
 

مولانا گرامي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙيون شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن ۽ اهڙيون شخصيتون موت کي به شڪست ڏيڻ واريون آهن. اهڙيون شخصيتون مرنديون ڪو نه آهن، پر امر ٿي وينديون آهن. اهڙن انسانن لاءِ حضرت ابوذر غفاريءَ جو هي قول ڪيڏو نه املهه آهي:

”ڀل ته منهنجي گردن تي تلوار رکي وڃي،
آءُ پوءِ به حق جي ڳالهه تان نه مڙندس“
 

_ فتاح عابد لاشاري.

مولانا غلام محمد ”گرامي“

ننگر ۽ ناريون، پڳهه کڻي پنڌ پيا،
بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ري.
 

مولانا غلام گرامي سنڌي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيترين ئي اعليٰ ۽ افضل خوبين ۽ صفتن جو مالڪ هو، نظم توڙي نثر ۾ کيس اعليٰ ۽ بلند مقام حاصل هو. انهن ٻنهي صنفن تي کيس مڪمل عبور حاصل هو. گرامي  صاحب جي اوچتو وفات سنڌي علم ۽ ادب لاءِ هڪ وڏو ڪاپاري ڌڪ آهي. مولانا صاحب جي وفات کان پوءِ، جيڪو خال سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيو آهي، اهو صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي.

گرامي صاحب جي قرب جو ناتو ۽ وڏڙن  واري ٻاجهه سٻاجھ مون سان تمام گهڻي هئي. قرب ۽ پيار جو اهو ناتو مرڻ جي آخرين گهڙين تائين قائم رهيو، ساڻس پوئين ملاقات کي اڃا پورا ٻه هفتا ئي مس گذريا هئا، ته سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌم ۽ منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ دل کي ڏاڍو صدمو رسيو. انسان ويچارو بيوس آهي، ڇا ٿو ڪري سگهي. ان آخري ملاقات ۾ مون کي ڪنهن دوا آڻڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هئائين ۽ مون ساڻس ان جي جلد کڻي اچڻ جو واعدو ڪري موڪلايو هو؛ پر افسوس، قدرت کي اهو منظور نه هو. ماڻ ڀرجي آيو ۽ مولانا اسان کان هميشهه لاءِ موڪلائي، بوڇڻ ڪلهي تي رکي، ڏاڍي جي سڏ تي ويندو رهيو.

روزاني عبرت ۾ سندس آخري ابدي ننڊ واري تصوير ڏسي، ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيا. مولانا گرامي جهڙو حياتيءَ ۾ صابرين هو، اهڙو ابدي حياتيءَ واري سفر ۾ پڻ صابرين نظر آيو. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ پاڻ ڪنهن ادبي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سفر تي اُسري رهيو آهي. ان وقت مون کي مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو اهو مقولو ياد اچي ويو، ته جڏهن انسان هن دنيا مان ڪوچ ڪري، ته مشڪندو ۽ سرهي منهن سان وڃي ۽ باقي دنيا وارا ان جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندا رهن. کيس ظاهري سطحي تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، پر جيڪي ڪجهه وٽس علمي سرمايو موجود هو، اهو ذاتي مطالعي ، تجسس، تلاش، مشاهدي، تجربي، عالمن ۽ بزرگن جي صحبتن مان حاصل ڪيو هئائين. سندس علمي قابيلت کان اهي ڀليءَ ڀت واقف هوندا، جن ساڻس علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪيون هونديون مولانا گرامي علم جو ڀنڊار هو.

گرامي صاحب بحث مباحثي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڪنهن به علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي مسئلي تي جڏهن بحث ڇڙندو هو، ته مولانا صاحب ان کي سمجهائڻ لاءِ درياهه وانگر پلٽجي پوندو هو. سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌ جي خاڪ سان کيس ڏاڍي محبت هئي ۽ اها پڇاڙيءَ تائين قائم رهي. سندس چوڻ موجب ته ”سنڌي زبان ۾ ادب جي خدمت ڪرڻ هڪ اولين عبادت آهي.“ پاڻ ادب جي آڙ ۾ ڪنهن به فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيائين، ۽ نه وري ڪا وڏي جائداد ڪٺي ڪيائين. پاڻ قلندرانه نموني ۾ زندگي  گذارڻ ۾ ئي پنهنجو شان سمجهندو هو. بقول سائين حسام الدين راشدي صاحب جي ته ”سنڌي ماڻهو بيقدر آهن، پنهنجي جو جيئري قدر ڪو نه ڪندا آهن، پر مئي کان پوءِ به صرف ٻه-چار ڳوڙها ڳاڙهي، مرثيا چئي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويندا آهن.“ مولانا گراميءَ جو جيئري ڪنهن به قدر ڪو نه ڪيو. هو ادب جو پارکو هو. هو صحيح معنيٰ ۾ وينجهار هو:

وئا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار،
ڪُـٽين ڪُٽ لهار، هاڻي اُنين ڀيڻيين.
 

مولانا جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي انقلاب آيا؛ مالي ڏکيائيون آڏو رهيون؛ پنهنجن ۽ پراون اجايون تنقيدون به ڪيون؛ پر مولانا جي عزم ۽ ارادي ۾ ڦيرو نه آيو. هو ان پهاڙ وانگر اٽل ۽ اڏول رهيو، جو وچ سمنڊ ۾ اجهاڳ ڇولين جي وچ ۾ بيٺل هجي.

مولانا گرامي سان مان منهنجي پهرين ملاقات ان زماني ۾ ٿي هي، جڏهن رسالي ”مهراڻ “ جي آفيس تلڪ چاڙهي وٽ هئي ان کان پوءِ سندس قرب جي ڪڙي ۾ اهڙو ڪڙجي ويس، جو جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو ته سڀ کان پهرين ساڻس ملاقات ڪرڻ فرض سمجهندو هوئس.

مولانا سچ پچ مرد قلندر هو. سموري زندگي قلندرانه نموني ۾ پوري ڪري، سنڌ جي عظيم سپوت ميان غلام محمد شاهه ڪلهوڙي جي ڀر ۾، سنڌ جي وڏي انقلابي شاعر ڪامرڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو پاڙو وڃي وسايائين. افسوس! سنڌ وارن سندس جيئري ته ڪو به قدر نه ڪيو، باقي هاڻي ڏسجي ته ان جو مان ۽ مرتبو ڪيئن ٿا مٿي ڪن ۽ مولانا صاحب جي جاري ڪيل ادبي تحريڪ کي ڪهڙي نموني ۾ ٿا منزل طرف پهچائين.

قدر وارا ڪم ٿئا، کٽا خريدار،
پاڻيٺ جي پرکڻا، ويا سي وينجهار،
عينڪ پائي اکين، نـهن سڀڪجهه سار،
صرافئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي. (شاهه)
 

_ قريشي حامد علي ”خانائي“

گرامي _منهنجو شفيق پاڙيسري

هلڻو ته سڀ ڪنهن کي آهي_ جهان به پيو هلندو، پر گراميءَ جهڙا اصيل پُٽَ روز روز ٿورو ئي پيدا ٿيندا آهن! بلاشڪ گرامي پنهنجي سِر هڪ مسڪين ۽ قلندر ماڻهو هو، پر اهو مڃڻوئي پوندو ته هو قلم جو بادشاهه هو. هن جي ٻاجهاري ۽ شفيق طبيعت _هن جي جديد فڪر جي سلسلي ۾ غير مشروط حمايت ۽ سڀ ڪنهن سان سٺي هلڻ واري عادت—گراميءَ جون اهڙيون خوبيون هيون، جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هو نئين فڪر ۽ نئين روشنيءَ جو مضبوط قلعو هو. هن جو لاڏاڻو جديد سنڌي ادب لاءِ وڏو هاڃو آهي. قدرت جا به ڪلور آهن! جڏا پيو جياري، مرڪندا پيو ماري! ڪنهن کي گمان به ڪو نه هو ته ههڙو شينهن مڙس ائين ماٺ ميٺ ۾ موڪلائي هليو ويندو.

گرامي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1962ع ۾ سندس گاڏي کاتي واري جاءِ تي ٿي هئي. مون ان وقت ائين محسوس ڪيو هو، ته ڄڻ اسين ورهين جا وڇڙيل پاڻ ۾ مليا هئاسون. هو بزرگ هو ۽ آءُ ٻار. ٽي –چار ڪلاڪ ڪچهري ٿي. موڪلائڻ وقت ”مهراڻ“ ۾ لکڻ لاءِ حڪم ڪيو هئائين ۽ پوءِ آءُ پابنديءَ سان ”مهراڻ“ کي جو ڪجهه به موڪليندو رهيس، گرامي صاحب اهو ڇپيندو رهيو. حيدرآباد جڏهن به وڃڻ ٿيو، گرامي صاحب وٽان ضرور ليئو پائبو هو. اهو ئي خلوص، اُها ئي منهن تي مُرڪ، اُهوئي ٻاجهه جو هٿ.

1969ع جي ڳالهه آهي. سندس جاءِ تي ويٺا هئاسون. ڳالهين ڪندي چيائين:’محسن! هڪ ڳالهه چوانءِ، جيڪڏهن مڃڻ جو وعدو ڪرين ته.‘ مون عرض ڪيو ته  قبلا، اوهان جو هر حڪم اکين تي .چي: ”بابا، تون ڪَـڪَڙَ جو ويٺل ۽ آءُ ميهڙ جو. اِن لحاظ سان اسين ڄڻ ته ڳوٺائي ٿياسون. نه رڳو ايترو پر جن نوجوان شاعرن سان منهنجي دل آهي، انهن مان تون به هڪ آهين. منهنجي مرضي آهي ته  تون في الحال شاعري ڇڏي چار اکر انگريزيءَ جا به پڙهي وٺ ته تو لاءِ چڱو ٿيندو. اڄ کان پوءِ تنهنجو ڪو به ڪلام اوستائين ”مهراڻ“ ۾ نه ڇپبو،جيستائين تون ايم-اي وغيره نه ڪري وٺين.“ انهن لفظن ۾ الائي ته ڪهڙو جادو هو جو مون واقعي شاعريءَ تان ڌيان هٽائي ڇڏيو ۽ انگريزي پڙهڻ لڳي ويس. پوءِ جڏهن به مون کي خط لکندو هو، ته انگريزي پڙهڻ جو تاڪيد به ضرور ڪندو هو. گذريل سال ريڊيو حيدرآباد جي هڪ مشاعري ۾ جڏهن کيس معلوم ٿيو ته مون ايم-اي ڪري ورتي آهي، ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ ويٺل دوستن کي فخر سان ٻڌايو هئائين، ته محسن منهنجي ئي چوڻ سان انگريزي پڙهڻ شروع ڪيو هو.

گرامي صاحب جي محبت ۾ مروت جا هي ٻه ننڍڙا مثال ڏسڻ ۾ تمام معمولي ٿا اچن، پر انهن ٻن ننڍڙن واقعن جي منهنجيءَ نظر ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. گرامي صاحب جو سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام آهي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونه آهي. هيڏي ساري وڏي ۽ اهم ليکڪ جو اسان پاران ابهم لکندڙن سان ايڏو اُنس ۽ پيار معمولي ڳالهه نه آهي.

هڪ ڀيري آءُ گاڏي کاتي واري ”سلطان هوٽل“ ۾ اڪيلو ويٺو هوس. اوچتو گرامي صاحب به ٻن ٽن دوستن سان اندر لنگهي آيو. ڏاڍو خوش ٿيس ته اڄ گرامي صاحب جي ٿوري گهڻي خدمت ڪري وٺبي. چانهه، پاڻي پيڻ کان پوءِ، آءُ تڪڙو تڪڙو اٿي، بِل ڀرڻ جي خيال سان دخل ڏانهن وڌيس، ته گرامي صاحب مون کي ٻانهن کان جهلي ورتو. ڀلا، هيڏو سارو ڀيم مڙس، سو مون کي اهڙو کڻي سوگهو جهليائين، جو ڪوشش جي باوجود به ٻانهن ڇڏائي نه سگهيس. چي: ”بابا، تون پاڻ مهمان، تون ڇو بل ڀريندين؟“ عرض ڪيم ته ”سائين، مان تازو پگهارڙي وٺي آيو آهيان. اڄ ته خدمت جو موقعو ڏيو.“ وراڻيائين ”نه بابا، بل مان ڀريندس. توکي هروڀرو گهڻا پئسا ٿيا آهن ته حيدرآباد جو شهر به وڏو آهي. تنهنجو اِهي ٻه  ٽي سَوڙيون (سَوَ جو تصغير) گهڙيءَ ۾ چَهـُو (چَٽُ) ٿي وينديون“ ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اڄ تائين به اٿم ته اهڙو موقعو ڪڏهن به نه آيو.

گرامي صاحب جون ڪهڙيون ڳالهين ڪجن: مهمير مڙس هو. مڙس جو منهن ۾ ڪا مَڻيا هئي! مون کي ڏاڍو وڻندو هو. دل چوندي هئي ته سندس ڪچهريءَ مان اٿجي ئي نه. اهڙي محفل جو مور، ڪونڌر ۽ ڪويسر مڙس جي اوچتي وفات تي سندس پُٽ شبير سان عذر خواهي ڪريان يا امان الله سان؟ سنڌي ادبي بورڊ سان تعزيت ڪجي يا ”مهراڻ“ سان؟ جديد فڪر جي علمبردار لکيڪ سان ڳراٽي پائي ڳوڙها ڳاڙجن يا صحافين سان ڏک اورجي. مارڻ وارو بي پرواهه بادشاهه، شال کيس مرهي.

_’محسن‘ ڪَـڪِڙائي

موت به هن لئي مات نه آهي

جيتوڻيڪ گرامي صاحب سان منهنجي ڊگهي ڏيٺ ويٺ ته نه هئي، نه ئي وري ساڻس ڪي ڊگهيون ڪچهريون ئي ٿيون هيون، جتي ساڻس بحث مباحثي مان سندس فڪر ۽ علم بابت ڪا گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي هجي، يا گهڻي  قرب مان سندس نجي زندگيءَ بابت ڪو ٺوس ۽ اونهو تاثر قائم ٿي سگهيو هجي، ته به سندن تحرير ۽ تقرير منهنجي دل ۽ دماغ تي تمام گهڻا نقش اڀاريا آهن.

جڏهن مون شعور جي اڱڻ تي بانبڙا پائڻ شروع ڪيا هئا، ته ”مهراڻ“ جي موتين جي مالها مون کي اڳتي اچي ڳلي لڳي. جڏهن ادب جي ميدان ۾ پير پير کڻڻ جهڙو ٿيس ته، گرامي صاحب کي وقت جي شهسوارن جي پهرينءَ صف ۾ ڏٺم. شعر ۽ سخن جي لاهين چاڙهين ۾ ٿڙڻ ٿاٻڙجڻ لڳس، ته گرامي صاحب جي دستگيريءَ مون کي کڏن کوٻن کان اڳتي اُڪاريو ۽ جڏهن مست ”مهراڻ“ جي موجب ۾ هٿ پير هڻڻ سکيس، ته هو مون کي اوڀاري اڪرڻ لاءِ اشارو ڪري، پاڻ اڻ ڏٺي راهه روانو ٿي ويو.

سانوڻ ۾ سيلاب، آيو رتي رت جو،
لهوارا لُڙهـي ويا، جنين سڙهن ساٿ؛
تکا سي تيراڪ، جي اوڀارا اڪري ويا.
 

 گرامي صاحب جي تحريرن، تقريرن ۽ شعرن جي پڙهڻ ۽ روبرو ٻڌڻ جو ڪيترائي ڀيرا وجهه مليو ۽ شايد ئي ڪو اهڙو اتفاق ٿيو هجي، جو مون سندس تقرير جا ٽڪرا ۽ نظم يا بيت نوٽ نه ڪيا هجن. اها ڳالهه گرامي صاحب پاڻ به محسوس ڪئي هئي ۽ اڳئين سال، درازن ۾ سچل سرمست جي سوانح تي ڳالهائيندي، مون کي لکندو ڏسي مرڪيو ۽ تقرير ختم ڪرڻ کان پوءِ اسٽيج تان لهي اچي ڀرسان ويٺو. منهنجي ڪلهي تي ٻانهن ورائي چوڻ لڳو ”خادم! مان ڏسان ٿو ته تون جتي به مون کي ٻڌندو آهين، ته ڊائريءَ تي تنهنجو قلم هلندو رهندو آهي. سي. آءِ . ڊيءَ ۾ نوڪري ڪئي اٿئي ڇا؟“

مون ڊائري ڏانهس وڌائيندي چيو، دل ته چاهي ٿي، ته اوهان جي سموري تقرير ٽيپ ڪريان، پر ٽيپ  رڪارڊ نه هئڻ ڪري ائين نٿو ڪري سگهان. تنهنڪري تحقيق جي خيال سان اوهان جا ٺوس تاريخي دليل ۽ وڻندڙ بيت نوٽ ڪندو آهيان.

گرامي صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن بابت تفصيلي راءِ ڏيڻ وقت طلب ڳالهه آهي، جنهن لاءِ تحقيق جي پڻ ضرورت ٿيندي. تنهنڪري رڳو ايترو لکڻ ڪافي ٿو سمجهان، ته مون کي گرامي صاحب ۽ ٻين سنڌي اديبن، شاعرن ۽ محققن ۾ اهو چٽو فرق محسوس ٿئي ٿو، ته ٻين دوستن پنهنجي تخليقي قوتن کان ڪم وٺي، رڳو سنڌي ادب پيدا ڪيو آهي؛ پر گرامي صاحب پنهنجو ساڳيون قوتون ڪتب آڻي، بيش بها سنڌي ادب سان گڏ املهه سنڌي اديب پڻ پيدا ڪيا آهن.

جيتوڻيڪ غلام محمد گرامي صاحب اڄ اسان سان گڏ نه اهي، پر سندس غير موجودگيءَ کي سندس موت سان هر گز تعبير نه ڪندس، ڇو ته سندس فڪر لازوال آهي، جنهن سبب سندس طبعي موت کان پوءِ ئي سندس حقيقي  زندگيءَ جو آغاز ٿئي ٿو.

”هن جو جيون امرت ڌارا، موت به هن لئه مات نه آهي.“

_خادم سنڌي

راهه جي مشعل

ڪي ڪي ماڻهو موت کي مارين، موت چون ٿا ماري آهي؛

موت کي مارڻ وارن ماڻهن، جڳ جي جوت جياري آهي.

سنڌ ملڪ ڪيترن عالمن، اديبن، دانشورن فيلسوفن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو آهي، جن جي سُرهاڻ سان، هيءُ سڄو ساڻيهه واسيل آهي. ويجهرائيءَ واري دور ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي علم ۽ فضيلت جي هاڪ به علمي دنيا ۾ هنڌين ماڳين مشهور هئي. هن بزرگ پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو. مولانا سنڌيءَ کان پوءِ حضرت مولانا غلام محمد گرامي انهيءَ پايي جو عالم هو؛ جنهن مولانا سنڌيءَ جي فڪر کان، سنڌ جي ماڻهن کي روشناس ڪرايو مذهب اسلام جي عالمگيريت، وحدانيت، اخوت جي تشريح ٻڌائي ۽ تصوف جي انسان دوستيءَ واري جذبي کان اسان کي واقف ڪيو.

 مولانا گرامي نه رڳو عالم هو. سندن لکڻ قلم تي قدرت حاصل هئن. ادب جي ميدان ۾ سندن ڪو به جوڙجيس نه هو. سندن لکڻ جو پنهنجو منفرد انداز هو. سندن تخليقون اسان جي ادب جو بي بها سرمايو آهن. جيڪي اسان لاءِ اقوال زرين مثل آهن. اهو اهڙو وکر جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو:

وکر سو و ِ هاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.

مولانا صاحب جي سڄي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. پاڻ مثالي انسان هئا. سندن شخصيت، علم ۽ ادب جي تعريف ڪرڻ لاءِ اسان کي لفظن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. آءُ فقط ايترو چوندس، ته پاڻ علم ۽ ادب جا دريا هئا، جنهن مان سڄي سنڌ جي زرخير زمين جي آبياري ٿي آهي. انهيءَ مان ضرور ٻج ڦٽندا، شاخون نڪرنديون ۽ ميوا حاصل ٿيندا:

اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن ويس مٽائي ورڻا آهن.

مولانا صاحب جسماني طرح اسان کان جدا ٿي ويو آهي. سندس خاڪي پتلو، جيڪو سنڌ مٽيءَ مان جڙيو هو، اهو جيئن قطرو سمنڊ ۾ ملي ويندو آهي، تيئن سنڌ جي مٽي ۾ سمائجي ويو آهي. اسان جو مولانا سان رڳو مٽيءُ جو رشتو نه هو؛ پر اسان جا ساڻن روحاني رشتا به هئا. روح کي بقا آهي، انهيءَ ڪري اسان جو ساڻن روحاني رشتو باقي رهندو. اسان کي انهيءَ رشتي کي مضبوط ڪرڻو آهي. مولانا مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن عظيم مقصد تحت ڪم ڪري رهيا هئا، سندن وڃڻ بعد اهو بار به اسان کي کڻڻو آهي. ساڳئي وقت پنهنجي حصي جو ڪم، جيڪو اڳ ئي اسان جي ذمي هو، اهو به ڪرڻو آهي. انهيءَ حساب سان اسان سڀني کي هاڻي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان اهو بار کڻي وڃي پار پياسون ته يقيناً اسان دنيا جي زنده قومن جي صف ۾ شامل ٿي وينداسون.

انهيءَ ڪري اڄ اسان کي نئين سري سان وري به عهد ڪرڻو پوندو ته مولانا گرامي صاحب جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو آهي، اسان سندن نقش قدم تي هلي انهيءَ ڪم کي تڪميل تي پهچائينداسون.

_محمد موسيٰ جوکيو

 

نئين نسل جو مهندار

ڪنهن قوم ۾ مڻيادار ماڻهو ورلي جنم وٺندا آهن. گرامي صاحب انهن مڻيادار ماڻهن مان هڪ هو، جنهن پنهنجو سڄو جيون سنڌي ادب کي ارپي ڇڏيو ۽ دم به ڏنائين ته سنڌي ادب جي خدمت ڪندي.

گرامي صاحب سنڌي ادب جي اُڀ تي اهو سورج هو، جيڪو لهي وڃڻ سان به پنهنجي اُها روشني ڇڏي ويو، جيڪا صدين تائين چمڪندي رهندي. گرامي صاحب نئين نسل جو ڀرجهلو ۽ انهن ۾ نئون روح ۽ نوان جذبا ڏسڻ جو خواهان هو. جڏهن ڪن هٿ ٺوڪين نقادن ترقي پسند ادب تي جُهلون ڪيون، تڏهن گرامي صاحب انهن جي جواب ۾ ’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ جهڙو عظيم علمي مقالو لکي سنڌي ادب جي آئيني کي شفاف بنائي ڇڏيو.

_ پارس حميد (خانواهڻ)

 منهنجي ذهن ۾ گرامي صاحب جي رعبدار شخصيت اڀري آئي. مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ته آءُ بابا جي آفيس واري ڪمري ۾ اسڪول جو هوم ورڪ ڪري رهيو هجان ۽ گرامي صاحب سندس دريءَ مان تازي هوا کائڻ خاطر گئلريءَ ۾ اچي بيٺو هجي؛ هيئن ٿي لڳو ڄڻ پاڻ پڙهي پڙهي ٻاهر نڪري تارن جي جهرمر پسڻ لاءِ اچي بيٺو هجي ...... ۽ اوچتو ئي اوچتو وري ائين الوپ ٿي ويو هجي، جو شايد وري هتي ڪڏهن به بيهي نه سگهي.

_غفران عاقلاڻي

جوڳي پنهنجي جوءِ ويا..........

محترم مولانا غلام محمد گراميءَ سان منهنجي گهرائي گهڻي عرصي کان هئي ساڻس ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون، جن ۾ هو پنهنجي علم ۽ تدبر سان حاضرين کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. عملي طور به مولانا جيڪي علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون تن کي ڪڏهن به  فراموش ڪري نٿو سگهجي. لواري شريف ۾ سلطان الاولياء حضرت خواجه محمد زمان قدس سره جي عرس شريف جي موقعي تي، گرامي صاحب جي خواهش تي سندس ئي سهاري هيٺ ادبي ڪانفرنس جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ جنهن نموني انهيءَ ڪانفرنس لاءِ ڪوششون ڪيائين، سي سنڌ ۾ يادگار جي حيثيت رکن ٿيون. افسوس آهي جو مولانا اسان کان موڪلائي ويو، تاهم سندس جاري ڪيل ادبي ڪانفرنس جو سلسلو هلندو پيو اچي.

گرامي صاحب نهايت وسيع مشرب، صوفي مسلڪ ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو. اهڙا انسان قدرت ڪنهن خاص رضا ۽ رُتبي لاءِ پيدا ڪندي آهي. اسان دل جي گهرائين سان کيس ياد ڪندي بارگاهه ايزدي مان دست به دعا آهيون ته خدا ان عظيم القدر انسان کي پنهنجي لطف ڪرم سان نوازي، آمين! حضرت سلطان الاولياء رحه جي ذات والا صفات سان گرامي صاحب کي جيڪا عزت ۽ عقيدت هئي، تنهن تي مبني سندس سڀئي تحريرون ۽ تقريرون انشاء الله عنقريب درگاهه لواري شريف جي طرفان شانائتي نموني شايع ڪرايون وينديون.

_ آخوند محمد صالح (لواري شريف)

 

جيءَ ڪڙا ڪيا جن، پيتيون تن پياليون

_ خليفو نبي بخش

(اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽوريل)

ويا سي وينجهار.........

 مولانا غلام محمد گرامي گذاري ويو. ٿورا لفظ، پر ڪيڏا نه اندوهناڪ! چيو ويندو آهي ته هڪ عالِم جو موت، هڪ عالم، هڪ دنيا جو موت آهي. واقعي مولانا گراميءَ جي گذارڻ سان علم جي هڪ دنيا گذاري ويئي، ۽ اسان جي ننڍڙين دنيائن جي هن عالم ۾ هڪ دنيا خاموش ۽ خلا بڻجي ويئي آهي.

مولانا گرامي سنڌي زبان جو هڪ صاحب طرز اديب، هڪ صاحب ديوان شاعر ۽ دين جو هڪ وڏو عالم هو. هو اديب، شاعر، عالم ۽ دانشور ان معنيٰ ۾ نه هو، جنهن ۾ اڄڪلهه اهي لفظ استعمال ٿين ٿا، پر حقيقي ۽ صحيح معنيٰ ۾ علم جو بحر هو: ڇا سندس شاعري، ڇا سندس انشاء پردازي ۽ ڇا سندس مضمون نگاري_ ڀل ڀلان جو ڇيهه ڪونهي، پر گرامي صاحب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. مرحوم نه رڳو هڪ عاليشان مصنف هو، پر خطيب به اعليٰ درجي جو هو. ڪنهن به موضوع ۽ مضمون تي ڳالهائڻ لاءِ چئوس ته بحر بڻجي ويندو، دريا پَلٽائي وجهندو، دين جو دستاربند مولوي هو، پر منجهس نهٺائي، نئڙت ۽ انڪساري اهڙي، جو سندس تعريف ڪبي ته ڳاڙهو ٿي ويندو. فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي هڪ جهڙي مهارت هيس: قرآن جو گهرو مطالعو هوس، ۽ گهڻو ڪري سمورن اهم تفسيرن مان برزبان ترجما ۽ حوالا ڏيئي ويندو. اسلامي فن، اسلامي فڪر ۽ فلسفي، منطق، علم الڪلام ۽ تصوف تي ڪمال جي قدرت هيس. ان سان گڏ جديد فلسفي ۽ علم تي جيڪي ڪجهه انهن زبانن ۾ پڙهڻ لاءِ ملندو هئس، سو بنا هٻڪ ۽ حجاب جي هنڊائيندو ويندو هو. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو هو هڪ روشن ذهن ۽ روشن ضمير جو عالم دين هو، ان ڪري ٺُرڪو ٺيڪيدار مُلن وٽ معتوب هو.

خودداري ۽ اَنا اهڙي، جو ايتري علم سان نهٺائي هڪ طرف ته پنهنجي علم کي فقط صحيح مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو جذبو ٻي طرف هوس جيڪڏهن ڪو ان علم کي ٻين جماعتي ۽  شعبدي باز مُلن وانگر استعمال ڪري ها ته پنهنجي تحرير توڙي خطابت جي جادوءَ سان آرام ۽ عيش جي زندگي گهاري ها، پر هو هڪ ڪنڊ ۾، مسڪينيءَ حالت سان، خاموش علمي ۽ ادبي ڪم ڪندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مخزن ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور سڪي رُکي پگهار تي ويهه ورهيه پنهنجو رت سَت ڏيندو رهيو. حق مغفرت ڪريس، عجيب آزاد مرد هو.

گرامي صاحب سنڌي زبان جي بينظير خدمت ڪئي آهي. نه فقط هڪ شاعر ۽ مضمون نگار طور، پر هڪ نقاد ۽ پيشرو طور. حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ وقت هو ڪنهن به عتاب کان نه ڊنو. ان ڪري، سنڌ ۾ اديبن جي ترقي پسند گروهه تي مُلن جي ڊوهه ۽ ڪاهه خلاف هڪ اهڙو ادبي محاذ کڙو ڪيائين جو رجعت پرست نام نهاد ”دانشورن“ ۽ مُلن جي نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيائين.

ابن العربي، ابن خلدون، شاهه ولي الله ۽ ننڍي کنڊ جي حق پرست علماءَ جي پيروئن مان هو، ان ڪري سچ چوڻ، سچ لکڻ ۽ سچ کي ڳائڻ هن جي زندگيءَ جو اولين معيار هو. هن قحط الرجال جي زماني ۾ گراميءَ جهڙا گرانقدر ۽ قابل احترام بزرگ ائين اُٿي وڃن ته ڀٽائيءَ سان گڏ چوڻو پوي ٿو ته:

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا!
 

 حق  گو ۽ حق پرست گرامي صاحب هليو ويو: پر سنڌي ادب ۾ حق جي جيڪا روايت هو قائم ڪري ويو آهي، سا هميشه قائم رهندي. اڄ سنڌي ادب سان محبت رکندڙ هر اک آلي آهي. پر مولانا گرامي فقط سنڌ ۽ سنڌي زبان جو عالم ۽ دانشور نه هو، هو سموري پاڪستان جي علمي سرمايي جو هڪ اهم ستون هو. ان ڪري سموري ملڪ ۾ هن جي وفات کي هڪ وڏي نقصان طور محسوس ڪيو ويندو. اسين مرحوم جي پونين سان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ۽ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ جلشانہ گرامي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جايون ڏيندو، ۽ سندس سمورن عزيزن، مائٽن، حبيبن ۽ دوستن کي هيءَ جدائي سهڻ جو حوصلو عطا ڪندو_ آمين.

جيئن اسان چيو ته مولانا گرامي صاحب هڪ اهڙو عالم هو جيڪو مسڪينيءَ جي زندگي گذاريندو رهيو، ۽ علم و ادب جي خاموش پر لافاني خدمت ڪندو رهيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جو ملازم هو، ان ڪري اسان کي يقين آهي ته اهو ادارو ههڙي بي لوث ۽ محنتي عالم ۽ اديب جو قدر ڪري، سندس پونين جي سُٺي پر گهور لهندو. مولانا گراميءَ جا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، پر مارڪيٽ ۾ موجود نه آهن ڪيترن سالن کان هو لکندو رهيو هو، پر ڪجهه به ڇپائي نه سگهيو. ادبي بورڊ کي سندس اڳيان ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ گهرجن ۽ سندس غير مطبوء ڪلام ۽ مضمونن کي شايع ڪرڻ جو به انتظام ڪرڻ گهرجي.

 اسين سنڌ سرڪار کي به گذارش ڪنداسون ته سنڌ جي حڪومت عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي سرپرستيءَ ۾ هيستائين ڏاڍو نالو پيدا ڪيو آهي. هيءُ وقت آهي ته سنڌ جو وزير  تعليم جناب پيار علي اَلانا، مولانا گرامي مرحوم جي پونين لاءِ ڪجهه سالن لاءِ ڪو اهڙو وظيفو مقرر ڪري، جيڪو هنن کي ڏکيا ڏينهن ڪاٽڻ ۾ مدد ڏئي. فقط ان طرح سان ئي اسان هن بي مثال اديب ۽ عالم جي زبان، علم ۽ ادب تي محنتن ۽ احسانن جو قرض چڪائڻ جو فرض پورو ڪري سگهنداسون. فقط ان طرح سان ئي اسين پنهنجي ساڃهه سلامت ۽ ثابت ڪري سگهنداسون.

(روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 17- سپيٽمبر 1976ع)

آه! علم ۽ ادب جون محفلون اُجڙي ويون

اڄ ادبي ۽ علمي محفلون ويران ۽ اجڙيل آهن. اڄ سنڌ جي علم و ادب، شعر و شاعري، تنقيد و تشريح جي آسمان تي نراسائيءَ ۽ غم جا ڪڪر ڇانيل آهن. اڄ اهي ڪچهريون ماتم ڪدهه بڻيل آهن، جتي بلند پايه جي علمي، ادبي ۽ ديني بحث مباحثن سان گڏ دلنواز ۽ دلنشين ٽهڪڙا به ڪنن تي پوندا هئا. اڄ سنڌ جي ادب ۽ علم جي گلستان جا پکيئڙا غم ۽ ڏک جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن چمن جو هڪ املهه ماڻڪ، پوري گلشن کي پنهنجي من موهيندڙ سرهاڻ سان تر و تازه  رکندڙ گل ۽ باغ ادب جي سونهن ۽ سوڀيا جو سرواڻ کانئن کسجي ويو آهي. اڄ فلسفي ۽ تصوف جا شوقين ۽ شاگرد ويڳاڻا ۽ وياڪل آهن، اڄ تاريخ ۽ تمدن، ثقافت ۽ سياست جي باريڪ نڪتن تائين پهچڻ جا طالبو گهري ذهني ۽ دلي صدمي جو شڪار آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي من موهيندڙ ۽ علم جي ڀنڊار استاد کان هميشهه لاءِ محروم ٿي ويا آهن.

اهو سڀڪجهه انهيءَ ڪري آهي، جو اڄ غلام محمد گرامي هنن سڀني کي داغ مفارقت ڏيئي راهه رباني وٺي هليو ويو آهي.

انا الله و انا اليہ راجعون

 مولانا غلام محمد گرامي جي وفات آيات جي وحشتناڪ خبر پوري سنڌ جي عوام لاءِ خاص طرح هڪ وڏي سانحي جي حيثيت رکي ٿي. هن جي وفات سان سنڌ جو صوبو خاص طرح ۽ پاڪستان عام طرح هڪ اهڙي عظيم اديب، محقق، شاعر، تاريخدان، فلسفي، عالم، ناقد ۽ استاد کان محروم ٿي ويو آهي، جنهن جي تلافي ٿيڻ نهايت مشڪل آهي.

اها افسوسناڪ حقيقت آهي ته اسان جي هن سر زمين تي جيئرن سان حد درجي جي بيقدري ڪئي ويندي آهي ۽ املهه ماڻڪن جو ملهه نه سڃاتو ويندو آهي، ليڪن مري وڃڻ بعد انهن تي سڏڪا ڀري، ڳوڙها ڳاڙيا ويندا آهن ۽ انهن جي شان ۾ قصيدا پڙهيا ويندا آهن.

مولانا غلام محمد گرامي به اها هڪ املهه ۽ ناياب شخصيت هئي، جنهن سان سندس زندگيءَ ۾ هن سرزمين جي رهواسين پنهنجو اهو ئي روايتي سلوڪ ڪيو ۽ هن جو پورو قدر نه ڪيو. سنڌ جي سرزمين ڀاڳوان آهي، جنهن کي قدرت هن قسم جي بي بها عظمت وارين شخصيتن سان نوازي ٿي، ليڪن هن سرزمين جا رهواسي نڀاڳا آهن، جو هنن عظيم شخصيتن جو صحيح قدر ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ فراخدليءَ جا دروازا بند ڪري ويهي رهن ٿا.

مولانا غلام محمد گرامي وٽ ڇا نه هو؟ هو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ علم جو ڀنڊار عقل جو وير هو. سادهه زندگي بسر ڪرڻ، رب جي رضا تي رهڻ، قناعت ۽ ڪفايت کان ڪم وٺڻ، پنهنجن ۽ پراون جي ڏاڍين ۽ ڏنگاين جي خندهه پيشاني ۽ مرڪندڙ چپن  سان آجيان ڪرڻ، غربت ۽ مفلسيءَ جي باوجود عزت نفس ۽ انسانت جو شان بلند رکڻ جي جدوجهد ڪرڻ، تن کي تسيا ڏيڻ ليڪن ٻاهر ٻڙڪ نه ڪڍڻ، دوستن جي دل آزارين کي گلن جي ورکا سمجهڻ، دشمنن جي سختين کي در گذر ڪري کين دل سان معاف ڪري ڇڏڻ، خوشامد، چاپلوسي ۽ جي حٰصوريءَ جي زنجيرن کان آجو رهڻ جا گڻ ۽ خصلتون واقعي هن جي سرشت جي ذري ذري ۾ شامل هيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته عظيم انسانن جي انهن عظيم عادتن هن کي غربت، تنگدستي ۽ بي قدريءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو هجي، تاهم هن جي شخصيت جي عظمت هن جي علم ۽ عقل جي بلندي، هن جي مقبوليت ۽ هن جي هر دلعزيزي معراج جي انهي منزل کي پهچي چڪي هئي، جنهن کي تمام  ٿورا ڇهي سگهن ٿا. مرحوم مولانا غلام محمد گرامي علم ۽ ادب جي روشنيءَ جو مينار هو، جنهن جا روشن ڪرڻا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي رهيا هئا ۽ جن جي روح پرور روشني ۾ ڪيئن ڀٽيڪل ۽ علم ۽ عرفان جا طالب پنهنجي منزل تي پهچڻ جا رستا ڳولي رهيا هئا.

مولانا غلام محمد گرامي جي پياري شخصيت، هن جي مسحورڪن گفتگو ۽ علم جي گرمائش سان ڀريل ڪچهرين ڪيترن مرده ۽ ناتوان جسمن ۾ جان پيدا ڪري، انهن کي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ پنهنجو موثر ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻايو. اڄ سنڌ جي شاعري جي ميدان ۾ جيترا هن جا شاگرد آهن، اوترا  ڪنهن ٻئي جا شايد نه هجن. مولانا مرحوم ڪڏهن به ڪنهن جي حوصله شڪني نه ڪئي، علم ۽ ڄاڻ جي درياءَ جو وهڪرو هميشہ جاري رکيو، انهيءَ سلسلي ۾ بخل، ڪنجوسي ۽ تنگ نظريءَ کي خدا جي لعنت سمجهيو .  نوجوانن  کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ همٿائي اڳتي وڌائڻ کي هو پنهنجو اهم مشن سمجهندو هو. نوجوانن جي چهرن تي مايوسي هن کي تڙپائي رکندي هئي. اڄ جيڪي نوجوان، مولانا گراميءِ جي وفات تي هنجون هاري رهيا آهن، سي هن مايه ناز شخصيت جي انهيءَ قرب  جا ڪٺل آهن.

مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي پوري زندگي هن مردم ناشناس قوم جي علم، ادب شعر شاعري ۽ تاريخ جي خدمت ڪرڻ لاءِ واقف ڪري ڇڏي هئي. هن سانڀر ۾ اچڻ جي وقت کان هن مقصد لاءِ جيڪو قلم کنيو، سو مرڻ جي گهڙيءَ تائين نه ڇڏيائين. آخري وقت ۾ به هو قائداعظم محمد علي جناح جي تقريرن تي مشتمل سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ۽ سه ماهي مهراڻ جو قائداعظم ايڊيشن مرتب ڪري رهيو هو. ائين چئجي ته هن سنڌ جي علم و ادب جي هنج ۾ پنهنجي دم ڏنو ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرحوم پنهنجن قيمتي ڪتابن، بلندپايه مقالن، مضمونن، شعرن ۽ تحرير ۽ تقرير سان سنڌ جي عوام جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ناقابل فراموش آهي.

 هن سنڌ وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ميدان کي نه ڇڏيو، ايستائين جو صحافت ۽ موسيقيءَ جي ميدان ۾ به پنهنجا شاندار جوهر ڏيکاريا.

 اهو هاڻ سنڌ جي نوجوان نسل ۽ ٻين پارکن تي ڇڏيل آهي ته مرهوم جي ڪيل خدمت ان پورو پورو فائدو حاصل ڪن ۽ سنڌ جي عوام کي ان مان فيض پهچائين. مولانا غلام محمد گرامي سنڌ وارن لاءِ زندگي جو نذرانو پيش ڪيو آهي. هاڻ سنڌ وارا هن کي ڪهڙو ٿا مان ڏين، سو وقت ٻڌائيندو.

سنڌ جي اديبن، شاعرن، محققن ، تاريخدانن ۽ فلسفين جو فرض آهي ته هو مولانا غلام محمد گرامي جي تحرير و تقرير، تعليم ۽ فلسفي تي تحقيق ڪن ۽ اهو ثابت ڪن ته هنن هاڻ پنهنجي روايتي سوچ ۽ عمل کي بدلايو آهي. سنڌ سرڪار جو به فرض آهي ته هو هن ڏس ۾ ڀرپور ۽ فراخدليءَ سان امداد ۽ تعاون ڪري، جيئن هن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه رهي.

اسان هن موقعي تي سنڌ سرڪار کي اها به گذارش ڪنداسين ته مرحوم مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي زندگيءَ جو پورو وقت علم ۽ ادب جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيو ۽ کيس انهيءَ فڪر ڪرڻ جي فرصت ئي  نه ملي ته پنهنجن پوين لاءِ به ڪجهه ڪري، انهي ڪري مرحوم جي پوين جي هر ممڪن مالي مدد ڪئي وڃي. اسان سنڌي ادبي بورڊ کي به اها درخواست ڪنداسين، ڇو ته ان تي به انهي سلسلي ۾ ساڳئي ذميواري عائد ٿئي ٿي ۽ ان کي به پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ پوئتي  نه رهڻ گهرجي.

آخر ۾ اسان دل جي گهراين، غم ۽ ڏک جي اونهاين سان مرحوم جي وفات تي سندس پوين سان تعزيت ڪريون ٿا ۽ رب پاڪ کان دعاگو آهيون ته مرحوم کي پنهنجن پيارن جو پاڙو نصيب ڪري ۽ پوين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي _ (آمين)

(روزانه ’عبرت‘ 17- سيپٽمبر 1976ع)

مولانا گرامي جي وفات

مولان غلام محمد ”گرامي“، خدا کي پيارو ٿي ويو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آسمان تان هڪ روشن ستارو هميشه لاءِ گم ٿي ويو. اهڙي شخصيت، جنهن اڌ صديءَ تائين، سنڌ ٻوليءَ جي آبياري ڪئي، اڄ اسان وٽان هلي ويئي آهي.

مولانا گرامي لاءِ صرف ائين چوڻ ته هو هڪ اديب، شاعر، عالم ۽ مقرر هو، گرامي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انصافي ٿيندي. هو هڪ جامع الصفات شخصيت جو مالڪ هو، جنهن کي يڪسر هڪ نظر ۾ ماپڻ ۽ تجزيو ڪرڻ بيحد ڏکيو آهي. انهيءَ جي بدران، گرامي کي ڌار ڌار حصن ۾ ڏسڻ گهرجي. هر پهلوءَ کان گرامي هڪ مڪمل هستي ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن خود پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن کي هڪ نظر ۾ نه ماپيو ۽ نه وزن ڪيو. بلاشبه هن جي شخصيت ايڏي قدرآور ۽ همه گير آهي، جنهن کي چند لفظن ۽ روايتي ٺهرائڻ ۾ ماپڻ سولو ناهي. هن جي هڪ هڪ خصلت، هڪ هڪ عمل، هر تحرير وڏي انضباط ۽ نظم ۾ گذاري. هن پنهنجي حيات کي تمام ربط ۽ ترتيب سان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بلاشبه هن انهيءَ جو بهتر نمونو پيش ڪيو.

گرامي، مختلف ادوار کان ورتل اثرات جي امتزاج ڀري شخصيت هئي. هن جي تربيت کٿاب ۽ مسجد جي حجري ۾ ضرور ٿي، پر دينيات ۽ فلسفي تي هن ڪڏهن به رجعت پسند مُـلن وانگيان روايتي ڳالهين تي ڳنڍ ٻڌي، بيهي ڪو نه رهيو. هن پين اسلامز کان وٺي خلافت تحريڪ تائين نظريات جو اڀياس ضرور ڪيو، پر جاهل ۽ بي علم مُـلائيت کي نه چنبڙيو. هن قديم اقتصادي نظام کان وٺي مارڪسزم تائين اُڀرندڙ انقلابن جو تجزيو ضرور ڪيو، پر ڪڏهن به ڪنهن هڪ جي انڌي تقليد  نه ڪئي. هن امام الانقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي انهن لفظن ته ”آءُ مشرق کان هڪ انقلاب اُڀرندو ڏسي رهيو آهيان، جيڪو سمورن رجعت پسندن کي ويڙهي کڻي وڃي رهيو آهي“ ۾ تڏهن يقين ڪيو جڏهن حضرت سنڌيءَ جي مڪتب فڪر جو نظرياتي ۽ علمي اڀياس ڪيو. هو نه روايتي ڪتابي علمن جو ترجمان رهيو ۽ نه وري مُلائيت جي جامد افڪار جو حامي  ۽ نه وري دهريت جو داعي. هو هڪ دانشورهو، جنهن سدائين انقلاب جي همه گيريت ۾ يقين رکيو، جديد خيالن جي تبليغ ڪئي ۽ بنا امتياز جي انساني برابريءَ جي عڪاسي ڪئي.

سندس انهن تحريرن جي ڪري، ڪئين ڀيرا مٿس ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون لڳيون رجعت پسندن کيس ادب جي دائري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي . ”اچو ته ماتم ڪريون“، ”مشرقي شاعريءَ جا جديد قدر“ وارا مقالا سندس روايت سان بغاوت واري فڪر جي عڪاسي ڪن ٿا.

ٻين اصناف وانگيان گرامي شاعريءَ ۾ به ساڳي دسترس رکندو هو. گرامي جو انداز، تنوع، طرز نگارش ۽ استعارن ۽ ڪناين سندس شاعريءَ کي خاص رنگ ڏيئي ڇڏيو هو. پنهنجي دور جي لحاظ کان گرامي جو ڳاڻيٽو، روايتي شاعري ۾ هئڻ گهرجي پر هن جي ندرت کيس جديد شاعرن ۾، سڀني کان مٿي ڪري بيهاريو آهي.

گرامي آخري دور ۾ پنهنجي ٻين ادبي مشغولين ۽ ذميدارين کان سواءِ باقاعدي ترتيب ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪيو هو ۽ هينئر حڪومت پاڪستان جي هدايتن تي قائداعظم جي تقريرن تي مشتمل سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو هو. انهيءَ کان سواءِ ٻين ڪئين ڪتابن تي به سندس ڪم جاري هو.

دستوري تعزيتن ۾ هميشهه ائين چيو ويندو ته مولانا جي اٿي وڃڻ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، جنهن جو ڀرجڻ مشڪل آهي؛ پر آيا ڪنهن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ جواب انڪار ۾ آهي، انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ اسان جي مردهه پرستي آهي. اسان ڪڏهن به زندگيءَ کي تسليم نه ڪيو آهي. اسان جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي ته اسان زندگي جي بهترين مظاهر کي سندن جيئري هوندي نه ليکيو، ۽ مرڻ کان پوءِ مٿس قبا اڏائينداسون، ميلا لڳائينداسون ۽ ورسيون ملهائينداسين. اسان ڪڏهن پنهنجن ماڻهن کي زندگيءَ جي وهڪ ۽ وجود جي حرڪت محسوس نه ڪرائي آهي. جيئري هوندي، اسان هنن کي بار ڪري سمجهيو، کين پٿر هنيا؛ ۽ مرڻ کان پوءِ کين سورما ڪري مڃيو. حضرت علامه آءِ آءِ قاضي، مولانا عبدالڪريم جشتي، رشيد احمد لاشاري ۽ ڪئين ٻين زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪئين گذاريا، سي ڪنهن کان ڳجها ڪينهن. اڄ گرامي، مولائي شيدائي، حافظ چنا، ڏيپلائي، غني، مولوي خير محمد نظاماڻي سڀ انهيءَ بي ثباتيءَ جو شڪار آهن. سورمي پرستيءَ جي داعين مان ڪڏهن ڪنهن انهن جي سار سنڀال لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جواب پڪ وڏي ناڪار ۾ ملندو. جيڪڏهن بي حسيءَ جو هيءُ عالم هجي ته ڪنهن جي وڃڻ سان پيدا ٿيل خال هر گز ڀرجي نه سگهندو، گرامي ته تمام وڏو پولار پيدا ڪيو آهي.

خدا شال کيس پنهنجي رحمت ۾ رکي.

’سنڌ نيوز‘، 17- سيپٽمبر 1976ع)

لاهوتي لڏي ويا

سنڌ جا عوام ۽ خاص طور تي علمي ۽ ادبي حلقا اڄ نهايت ڏکويل ۽ غمگين آهن جو سنڌ جو مشهور ماهر تعليم، عالم، فاضل ، اديب ، صحافي، مصنف، محقق، نقاد ۽ شاعر حضرت مولانا غلام محمد گرامي کين گذريل اربع تي دائمي داغ مفارقت ڏيئي عالم ارواح ڏانهن هليو ويو آهي.

اناللہ و انا اليہ راجعون

موت هڪ تلخ حقيقت آهي، جنهن جي سرد ۽ بي رحم هٿن کان ڪير به محفوظ رهي نٿو سگهي. هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن موت جي سنگيني ايڏو ته ڏک ۽ صدمو پهچائيندي آهي جو ”اي موت شل توتي موت وارد ٿئي“ چوڻ تي دل مجبور ٿي ويندي آهي.

مولانا گرامي، جنهن کي مرحوم لکڻ دل گوارا نٿي ڪري، مگر جيڪو هاڻي مرحومن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڪنهن ٿي سمجهيو ته ايترو جلد ۽ اوچتو اسان کان هميشهه لاءِ جدا ٿي ويندو. مولانا مرحوم جي اهڙي عمر ئي نه هئي، جنهن ۾ سندن وفات جو تصور به ڪري سگهجي.

هڪ اهڙي وڻندڙ ۽ سدا  بهار شخصيت، جيڪا زندگي ۽ زندهه دليءَ جي کليل علامت هئي،  جنهن اهل سنڌ ۽ خاص طور تي نوجوان طبقي کي زندهه دل رهڻ جو درس ڏنو جيڪو سدائين مشڪندو ۽ مرڪندو رهيو؛ جنهن جي منهن مبارڪ تي ڪنهن ڪاوڙ ڪڏهن ڪانه ڏٺي، جنهن جي محفل ۾ هميشهه علم ۽ ادب جي گفتگو ٿيندي هئي، جيڪو علم جو هڪ بحر بيڪران هو، جنهن جي محفلن ۾ فيض جي پالوٽ هئي، جيڪو رواجي محفل ۾ به دانائي جا عجيب ۽ غريب نُڪتا بيان ڪري ويندو هو، جنهن کي تقرير توڙي تحرير تي پوري قدرت حاصل هئي، جيڪو بهترين شاعر هو ۽ جنهن تنگدستيءَ جي زندگيءَ جي باوجود هميشهه فراخدلي ۽ ڪشادهه دليءَ  جو ثبوت ڏنو. جيڪو هر غريب امير، ادنيٰ توڙي اعليٰ جو دوست ۽ همدرد هو. جيڪو مجسمه اخلاق ۽ مجسمه شرافت هو، جنهن جي محفل ۾ ڏک ڏور ٿي ويندا هئا، جتي سدائين ٽهڪڙائي هوندا هئا، اهو اڄ پنهنجي عزيزن، قريبن، دوستن ۽ مداحن کي روئيندو ۽ اوڇنگارون ڏيندو، ڇڏي هليو ويو آهي.

سرزمين سنڌ کي اهو شرف حاصل آهي ته هو زندگيءَ جي مختلف راهن ۾ نهايت ئي اعليٰ ۽ مايه ناز فرزند پيدا ڪندي رهي آهي. مولانا گرامي اهڙن ئي مايه ناز فرزندن مان هڪ هو، جيڪي نهايت دير سان پيدا ٿيندا آهن ۽ جن جي ياد قيامت تائين قائم رهندي آهي.

مولانا گراميءَ جي اٿي وڃڻ سان يقينن هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي پُر ڪرڻ لاءِ  نهايت گهڻو وقت لڳندو ۽ اهڙو ڪو ٻيو داناءَ راز مشڪل سان ئي وري ملندو.

مولانا مرحوم جتي دل جو بادشاهه هو، خوش طبع، وسيع القلب ۽ سخي طبيعت هو، اتي سندس زندگي ڪافي تنگدستيءَ ۾ گذري. افسوس ته هن  گوهر ڪمياب جو سندس زندگيءَ ۾ ايترو قدر نه ٿيو، جنهن جو هو مستحق هو ۽ جيڪو هر حالت ۾ ٿيڻ گهربو هو_ حقيقت ۾ اسان وٽ اڄ به اهڙن انسانن جي ڪمي ناهي، جيڪي علم ۽ دانش جا ڀنڊار هجن، جيڪي اڄ به پنهنجي علمي خزانن مان دنيا وارن کي وڏو فيض پهچائي سگهن ٿا. مگر افسوس ته اسان جي قومي بيحسي انهن جو پورو فائدو  ۽ فيض وٺڻ نه ڏيندي آهي، البته جڏهن اهي املهه ماڻڪ هٿن مان هليا ويندا آهن، تڏهن وقتي طور ڏک جو اظهار ڪرڻ ۽ چند ٺهرائن پاس ڪرڻ تيا اڪتفا ڪئي ويندي آهي. حالانڪ زندهه قومون پنهنجي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ عالمن جو  وڏو قدر ڪنديون آهن، جيئري به کين شايان شان مقام ڏينديون آهن ۽ گذاري وڃڻ بعد به سندن پورو قدر ۽ عزت ڪنديون آهن.

مولانا مرحوم نهايت ئي صابر ۽ شاڪر طبيعت انسان هو. هن ڪڏهن به پنهنجن جي بي مهريءَ ۽ بي حسيءَ جو شڪوه نه ڪيو هو. پنهنجو غم پاڻ تائين محدود رکندو آيو ۽ ان جو ڪنهن تي به پرتو وجهڻ جي ڪوشش نه ڪيائين. مولانا مرحوم پنهنجو وارو وڄائي هميشهه لاءِ هليو ويو، هاڻي اسان جو اهو قومي فرض آهي ته سندس پورو قدر ۽ عزت ڪريون، سندس تحريرن ۽ تقريرن جا مجموعا ۽ لکيل ڪتاب سٺي نموني شايع ڪرايون ۽ سندس پوين جي پوري پر گهور لهون.

مولانا مرحوم پويان هڪ بيوهه، هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏي ويو آهي. سندس ٽي ئي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سندن زندگيءِ جو واحد سهارو، مولانا مرحوم هو. انهن کي ڪنهن به قسم جي تنگدستيءَ ۽ تڪليف محسوس ڪرڻ نه ڏجي. مولانا جون جيڪي علمي ۽ ادبي خدمتون آهن، اسان انهن جي ڪا به قيمت ادا ڪري نٿا سگهون، البته سندس وارثن کي باعزت ۽ با آرام زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهون ٿا. مولانا پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌي ادبي بورڊ جي خدمت ۾ گذاريو، سندس ڏينهن ۾ رسالو مهراڻ جنهن بلند معيار تي نڪرندو رهيو، تنهن جا نهايت ٿورا مثال ملندا. سنڌي ادبي بورڊ تي اهو لازم آهي ته مولانا مرحوم جي تحريرن، تقريرن ۽ ڪتابن کي شايع ڪرائي، انهن جو معاوضو يا رايلٽي سندس وارثن کي ڏئي، انهيءَ جي علاوه سندس پوين کي هڪ معقول رقم بطور اعتراف خدمت ڏئي ۽ جيسين ٻار پڙهائي پوري ڪري پنهنجي پيرن جي بيهڻ جهڙا ٿين، کين معقول پينشن ڏئي، جيئن سندن وقت سٺي نموني گذري سگهي.

اسان هتي صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته مولانا مرحوم جي وارثن کي معقول رقم جي امداد ڏني وڃي ۽ کين معقول ماهانه وظيفو به ڏنو وڃي؛ اها امداد توڙي وظيفو مولانا مرحوم جي بلند مقام ۽ اعليٰ خدمتن جي شايان شان هئڻ گهرجي.

اسان هتي اها به گذارش ڪندسين ته مولانا جي ياد کي تازه رکڻ لاءِ سندن ڪو يادگار به قائم ڪيو وڃي ۽ ڪنهن اعليٰ تعليمي اداري کي سندس نالي سان منسوب ڪيو وڃي.

مولانا مرحوم  جي وفات سبب اهل سنڌ کي جيڪو ڏک پهتو آهي، تنهن کي اکرن ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي. مولانا جي ياد سدائين روئاڙيندي رهندي. اڄ واقعي مڙهين ۾ ماٺ آهي، جو جوڳي جبروت هليا ويا آهن ۽ تنوارڻ وارا طالب اوطاقن مان اٿي ويا آهن، ۽ لاهوتي لامڪان ڏانهن لڏي ويا آهن.

اسان هن قومي ڏک ۾ مرحوم جي وارثن سان گڏ اهل سنڌ سان برابر جا شريڪ آهيون. بارگاهه رب العزت ۾ دعا آهي ته مرحوم کي پنهنجي پيارن جو پاڙو نصيب ڪري، سندس پوين کي صبر جميل جي توفيق ۽ قوم کي سندس صحيح نعم البدل عطا فرمائي. _ آمين

(’آفتاب‘، 18- سيپٽمبر 1976ع )

انجمن اُجڙي وئي

اسان لاءِ مشهور آهي ته اسين بهترين ”مرده پرست قوم“ آهيون. پنهنجي عالمن، فاضلن، عاقلن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين فنڪارن جو انهن جي مئي پڄاڻان قدر ڪندا آهيون. اسين سمجهون ٿا ته، سنڌي قوم تي ان کان وڏي ۾ وڏو ۽ سنگين الزام ٻيو مڙهي ئي نٿو سگهجي _ اها هڪ اهڙي تهمت آهي، هروڀرو اسان تي هنئي وئي آهي_ اهو غلط آهي، سراسر غلط آهي_ اسين مرده پرست ڪونه آهيون، ڪ نه آهيون _ جيڪڏهن سنڌي قوم لاءِ ڪا فتوا ڏيڻي ئي آهي ته پوءِ رڳو ايترو چئي ڇڏيو، جيڪو سو سيڪڙو صحيح به ٿيندو. يعني:

سنڌي قوم ”مرده قوم“ آهي.

اڃا ڪالهوڻو ڏينهن آهي_ سنڌي ادب جو ٻهڳڻو ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ گذاري ويو، اسان اکين مان ٻه-ٽي لڙڪ لاڙي هڪ – ٻه ٺهراءُ پاس ڪري، مرحوم جي فن ۽ فڪر تي هڪ آءُ آڏا اُبتا ليک لکي، هيڪڙ- ٻيڪڙ تعزيتي اجلاس ڪوٺائي، کيس هميشہ هميشہ جي واسطي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيو.

حفيظ کان ٿورو اڳ يا پوءِ جوان فڪر شاعر، نظر سنڌي، ٽي . بيءَ جهڙي موذي مرض ۾، ڪراچي سينيٽوريم اندر وات مان جوان لهو ٿوڪاري ۽ کڙيون گهي گهي مري ويو. اسان ان لاءِ ڇا ڪيو؟

گل نصر پوري وفات ڪئي، ٻه- ٽي ڏينهن سندس جيڏن سرتن ۽ ساٿين ٿورو گهڻو غوغاءُ ڪيو ۽ پوءِ ساڳي روايتي ماٺ _ انقلابي ادبي تحريڪن جا سرموڙ ڪارڪن ۽ ڪهاڻيڪار، غفور انصاري ۽ عبدالحق عالماڻي گذر ڪري ويا، اسان جي صحت تي ڪو به خراب اثر نه پيو. اسان اڄ تائين کين مجموعي طور سان ياد نه ڪيو آهي.

سنڌ جي پٺتي پيل سماج ۽ انقلاب برپا ڪندڙ خاتون، جيجي زينت عبدالله چنا، جنهن سنڌي عورت ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي، جنهن مارئي رسالو ڪڍي، هڙا وڙان نه رڳو سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، پر سنڌي خواتين ليکڪائن جي بهترين ٽيم پڻ تيار ڪئي ۽ اڄ ان جي ئي انقلاب آفرين عمل جو نتيجو آهي، جو بيشمار ڇوڪريون سنڌي ادب ۾، پنهنجو بلند مرتبو مڃرائي هر معاملي ۾، مرد اديبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون آهن.

ڪيڏو نه افسوس جو مقام آهي جو اڄ نه ته اسان کي حفيظ شيخ ياد آهي نه نظر نه گل نه غفور ۽ نه ئي جيجي زينت، پوءِ به اهو الزام ته اسين ”مرده پرست“ آهيون_ اسان اڄ ڏينهن تائين گڏيل نموني سان پنهنجي لاڏاڻي ڪيل ساٿين ۽ بزرگن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪو ٻڌائيندو.

اهي زخم اڃان ڀريائي ڪو نه هئا ته 15 سيپٽمبر 1976ع تي اربع ڏينهن منجهند جو ٻي بجي سنڌ جو عظيم خطيب، بي بها اديب ، لاثاني مفڪر، بهترين شاعر ۽ جهونو صحافي، حضرت مولانا غلام محمد گرامي صاحب گذاري ويو_ گرامي صاحب جن وصفن جا مالڪ هئا، انهن جو ڪو ڪاٿوئي  ڪونهي_ هو پنهنجي  ذات ۾ هڪ مڪمل انسٽيٽيوٽ هو، هو فلسفي، منطق، اخلاقيات، معاشيات، مذهب، فقہ، علم ۽ اديب جي مڙني ميدانن جو عظيم ۽ مشاق شهسوار هو. گرامي صاحب جي پايي جا ماڻهو صدين کان پوءِ ڪنهن خطي ۾ جنم وٺندا آهن. هو وڏي مرتبي جو عالم هو، پر هن ڪڏهن به، ڪنهن به معاملي ۾ نه اٿاڇرو سوچيو ۽ نه ئي اٻهري راءِ ڏني. هو ريشنل ۽ سيڪيولر فڪر جو دائي هو، اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي تمام تر قديم سماجي ۽ علمي پس منظر جي هوندي به، ماڊرن ۽ ترقي پسند فڪر پسند فڪر جي پرچارڪ رهيو _ هو جديد ۽ ترقي پسند جو وڏو روشن مينار هو، هڪ مڪمل انجمن هئي، جيڪا اجڙي وئي _ شل سندس قبر ۾ اُٺي جون هوائون گهلنديون رهن.

ڏسجي ته اسان جا وڏن وڏن مرتبن تي فائز دانشور، گرامي مرحوم لاءِ ڇا ٿا ڪن؟ اسين تجريز ڏينداسين ته، ”گرامي اڪيڊميءَ“ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي_ گرامي صاحب جي سموري ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل تخليقي عمل کي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪري ڇپايو وڃي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ ”گرامي اسٽڊي ڪارنر “ کولي، مرحوم جي نادر ڪتابن ۽ مخطوطات کي محفوظ ڪيو وڃي، جيئن ايندڙ نسل پنهنجي عظم دانشور جي ڪاوشن مان ڪجهه پرائي سگهن.

جيڪڏهن ايترو به ٿي پيو ته پوءِ شايد، ”مردهه“ هجڻ بدران، ”مرده پرستيءَ“ وارو الزام اسين کڻڻ جوڳا ٿي پئون.

(برسات)

وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾

 گرامي گذاري ويو!

     ’سنڌي ادب جي کيتر جو هڪ ڏاهو ۽ داناءُ پورهيت!‘

”وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾.“

گراميءَ جو موت رڳو ذات گرامي تائين محدود ناهي، پر هي موت ان ڏاهپ ۽ دانائپ واري ’وٿ‘ جو موت آهي. ان وڏي ’وٿ‘، ۽ ان مڻيا جو موت آهي، جا ورهين جي لڳاتار ويراڳ کان پوءِ گڏ ٿي ماناري جو روپ ڌاريندي آهي ۽ پوءِ اهو ’مانارو‘ اجتماعيت جو (Symbol) بڻجي ويندو آهي.

ها! گرامي ته گذاري ويو......! اُن ’وٿ‘ کي به ساڻ کڻي ويو. اُها اجتماعي ’وٿ‘، جنهن جي هوندي اسان اُن مان ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ڪيو. پر اُن جي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍا منهن مٿا پٽياسين، ڊگها ڊگها تعزيتي بيان ڪڍياسين ۽ ٺهراءُ پاس ڪياسين ۽ اُهي ڇپراياسين، جن ۾ سواءِ روايتي  لفظن ۽ رسمي سٽن جي ٻيو ڪجهه به نه هو.

اسان پنهنجن اجتماعي انسانن کي جيئري ڪونه پڇان، پر اٽلو کين نار جي ڏاندن ۽ گهاڻي جي توڏن وانگيان اکين تي پٽيون ٻڌي  يا کوپا چاڙهي، سندن رت ۽ ست ڪڍيو ڇڏيون ۽ پوءِ جڏهن هو بيوس ٿيو پون ته پوءِ ڏاڍو ڪڙهون. عجيب روايت آهي اسان وٽ!

ٿيڻ ته ائين کپي ته اسان جا ادبي، علمي، تعليمي ۽ ثقافتي  ادارا اهڙن وينجهارن جي وکر کي هٿيڪي ڪرڻ لاءِ کين گهر ويٺي اهڙيون سهوليتون ڏيڻ جو بندوبست ڪن ته جيئن هو پنهنجي آسيني ۾ سانڍيل انهن اڻ مين، اڻ لکيل ۽ اڻ ڪڇيل هزارن سِٽن ۽ سون صفحن تي مشتمل سرمايو پني تي منتقل ڪري هميشہ لاءِ سوگهو ڪري ڏين.

اڃا به ويل ڪانه ويئي آهي. اسان جي سنڌ جا ڪيترا دانشور، عالم، اديب ۽ فنڪار زماني جي ستم ظريفين ۽ ناانصافين جو شڪار بڻيل آهن. هو پنهنجي پيٽ گذر جي ئي چنتا ۾ ئي چور آهن، سو کين اها  فرصت ئي ڪٿي آهي جو هو پنهنجيءَ ڏات، ايڏي ساري وکر کي اندر مان اوتي اُن کي امر بنائين. نيٺ اهي به گرامي وانگر چُڙي چُڙي  هڪ ڏينهن هليا ويندا، پنهنجي ڏات کي ساڻ کڻي. پوءِ اسين ساڳيءَ طرح مکين وارا مٿا پٽينداسين، ۽ مُئي هاٿيءَ وارو مامرو مچائينداسين.

(ماهوار ’نئون نياپو‘ آڪٽوبر 1976ع)

....هي پارس ماڻهو

”پيار جا پانڌي لُٽجي ويا!“ اسان، اوهان ۽ سنڌي ادب کي وري هڪ گهاءَ سهڻو پيو. اسان جو بزرگ، اسان جو دوست، غلام محمد گرامي، جيڪو جهٽ پل لاءِ جليو ۽ هزارن چراغن کي جلائي، سڄي جهان سان ناتا ٽوڙي، منهن موڙي هليو ويو. (سواءِ اسان جي دلين جي، جنهن ۾ اڄ به سندس پيار ۽ پاٻوه واري شخصيت وَسيل آهي) هو منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي راهون بدلائي، نئين دڳ لڳي، ڏور هليو ويو. پر مٿس ڪا ميار ڪانهي. ها مامرو مجبورين جو آ! مجبورين جي جنڊ ۾ سڄي زندگي پيڙهجڻ وارو هي پارس ماڻهو موت آڏو به پنهنجي مجبوريءَ کان لنوائي نه سگهيو، هليو ويو چپ چاپ ۾، جيئن سڀيئي هليا ويندا آهن. سڄي زندگي هو اسان کي گهڻو ڪجهه ڏيندو رهيو، ۽ اسان جي خود غرضي ڏسو: اسان کيس موٽ ۾ ڪجهه به نه ڏنو. ٻن لُڙڪن جو نذرانو به نه! مامرو جو مجبورين جو ٿيو. اسان جو بزرگ اسان کي معاف ڪري ڇڏيندو. کيس سڄي سُڌ آهي اسان جي سورن جي! کيس خبر آهي ته  اسان وٽ لاڙڻ لاءِ ڪو لڙڪ رهيو ئي ڪونهي. اسان نيڻن جي قبرن ۾ پنهنجا مڙيئي لڙڪ پوري ڇڏيا آهن ۽ مُڙدا کوٽي ڪڍڻ وڏو پاپ آهي_ اسان سڀ ڄاڻون ٿا.

(”پارس“ سکر، جنوري- 1977)

تعزيتي جلسو

 

سنڌي ادبي بورڊ طرفان 12- نومبر 1976ع تي سڏايل تعزيتي جلسي ۾ ڪيل تقريرن مان ڪجهه سِٽون

صدارتي تقرير_ سائين مخدوم مزاده خليق الزمان

”گرامي صاحب جي طبيعت، سندس ملڻ جلڻ ۽ ڳالهائڻ هڪڙو عجيب ۽ پنهنجي ڍنگ جو هو ۽ هُن جي داد ڏيڻ ۾ ڪا ڳالهه پسند ڪرڻ جو به هڪڙو انداز هو. ان سلسلي ۾ آءُ هڪڙو مثال ٿو ڏيان:

1973ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ طرفان 23- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ مشاعرو ٿيو. ان موقعي تي مون کي به شوق ٿيو ته آءُ پنهنجو غزل پڙهان. اتفاق سان اهو غزل منهنجي شاعريءَ جو پهريون غزل هو. مون کي ايڏي وڏي مشاعري ۾، جتي وڏا وڏا شاعر ويٺا هئا ۽ تنقيدون پئي ٿيون، پنهنجي غزل پيش ڪرڻ کان هڪ عجيب احساس پئي ٿيو. بهرحال مون اچي غزل پڙهيو. گرامي صاحب جن کي منهنجو  غزل تمام گهڻو پسند پيو. ٻئي ڏينهن اسان جي قيام گاهه تي گرامي صاحب مون کي غزل جو داد هنن لفظن ۾ ڏنو. نهايت سهڻي نموني سان، خوش اخلاقيءَ سان ۽ کل ڀوڳ جي انداز ۾، چيائين: ”بابا اسان لاءِ ٻه آزار ته اڳي ئي آهن، هاڻي ٽين مصيبت الائي ڪٿان اچي ويئي!“ سندن اشارو والد صاحب مخدوم صاحب جن لاءِ ۽ برادرم امين صاحب لاءِ هو.

خاص مهمان_ سائين نواب نور احمد خان لغاري

دوستو! ڀلي بک ڀرم جي، شال مُ وڃي شان“ جي مقولي تي عمل ڪندي، جناب مولانا گرامي صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي، سو اسان لاءِ هڪ مثال آهي. سنڌي اديب جي لاءِ، سنڌي عالم فاضل جي لاءِ، هو هڪ مثال آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ رهي هن پنهنجي زبان جي ۽ پنهنجي ادب جي، پنهنجي قوم جي هر ممڪن طريقي سان خدمت ڪئي آهي. اسان کي ان مان مثال وٺڻ گهرجي. گرامي صاحب علم ادب جي عروج هاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪا وڏائي ڪانه ڏيکاري. سادو سودو، سنڌي سٻاجهڙو ڳوٺاڻو، جيڪا سيبتائي پاڻ سان کڻي آيو هو، سان شهر جي رهائش دوران وساري ڪو نه ڇڏيائين. جا گفتار ۽ جا ڪردار جي بلندي آندي هئائين، انهيءَ تي قائم رهيو. مون کي اميد آهي ته مون جيڏو بزرگن اڄ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اڄوڪي ڪارروائي رائگان ڪانه ويندي.

سائين ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني

”گرامي صاحب سان، جيڪو زمانو گڏ گذاريو، اهو ڪو پل يا ڪي گهڙيون هجن ته لکجن، سڄي زمان جي هڪڙي تاريخ آهي. گرامي صاحب اديب، شاعر ۽ محقق هو، اهو سڀ صحيح، پر جڏهن اسين ملندا هئاسين، ته چوندو هو ته ”آءُ مرندس ته تون ڇا چوندين؟ تو چوندين، هڪڙو وڏو خال پيدا ٿي پيو، هڪڙو محقق مري ويو، سنڌ يتيم ٿي وئي، هي ٿي ويو، هو ٿي ويو، هينئر آءُ مران پيو، انهيءَ لاءِ ڇا ٿو ڪرين؟“ اصل ڳالهه اها آهي ته، اسين هتي اچي تقريرون ڪري، جذبات ۾ اچي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري، آءُ سڀاڻي ڪراچي ڀڄي ويندس، ڪو ڪيڏانهن ويندو، ڪو ڪيڏانهن، پر جيئن  جويي صاحب فرمايو ته  گرامي ته گهڻا ويٺا آهن،  هڪڙو گرامي ته ڪونهي، ڏيپلائي صاحب ڪهڙيون عمارتون ٺهرايو آرام سان پيو هلي؟ آخر هن ماڻهوءَ  به خدمت ڪئي. محمد خان غني ڏسو ڪو نه ٿا، هن ۾ لکڻ جي پهچ ڪانهي، هلڻ جي پهچ ڪانهي، فالج اٿس، اهي رڙيون گرامي صاحب به هر هنڌ ڪندو رهيو.“

سائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

”مرحوم جي ساري زندگي بي ڪسيءَ ۾ گذري، بي ڪسيءَ جي هوندي به هن جي عزت نفس جي اها حالت هئي، جو هن پنهنجي ساٿين جي صحبت نه ڇڏي، سنڌ جي محبت نه ڇڏي، سنڌ جي علم ادب جي خدمت نه ڇڏي. انهيءَ بي ڪسيءَ ۽ مفلسيءَ هوندي، مرندي گهڙيءَ تائين سنڌ جي خدمت ڪندو رهيو.“

سائين محمد حسين ڪاشف

”....حضرت عيسيٰ کي مصلوب ڪيو ويو، سقراط زهر جو پيالو پي مري ويو. ڇا گراميءَ اهڙو پيالو نه پيتو؟ ڇا هن زندگيءَ جي زهر کي پنهنجي پاڻ ۾ نه سمايو؟ گراميءَ اُهو زندگي جو زهر پي پاڻ کي امر بڻايو آهي....“

 سائين ڪامريڊ غلام حسين سومرو

”.....هميشہ اسين ماڻهو محسنن کي وساريندا رهيا آهيون، ماريندا رهيا آهيون، ڪُٽيندا رهيا آهيون، ۽ جڏهن هو مرندو آهي، ته پوءِ اسين روئيندا آهيون.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com