مولا گراميءَ جي سدا بهار، حضور شرم، قانع ۽ خوددار شخصيت،
زندگي جي تلخين جو زهر هلاهل پيئندي رهي. هنن ڪڏهن
به ڪنهن جي اڳيان دست سوال دراز نه ڪيو، پر رڳو
اشاري سان به پنهنجي زندگيءَ جي ڪوڙاڻ کي ڪنهن تي
ظاهر ڪرڻ کان گريز ڪيو ۽ اهو زندگيءَ جو زهر، هن
پر وقار شخصيت کي اندران ئي اندران اڏوهيءَ وانگر
کائيندو رهيو. جنهن آخرڪار کين جهوري وڌو ۽ سنڌي
ادب ۽ شاعري ۽ سنڌين جو هي محسن، بلند پايا محقق،
مفڪر ۽ روشن خيال عالم اسان کان هميشہ لاءِ
موڪلائي ويو.
هينئر سنڌ حڪومت، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي قوم کي خدا شال توفيق
بخشي ته اهي سنڌيءَ جي بلندپايا ۽ نامياري اديب
مرحوم مولانا جي ذاتي لائبريريءَ مان سندن وارثن
کان معقول معاوضو ڏيئي خريد ڪري، سندن زندگيءَ جو
اهو عظيم ادبي سرمايو ڇپائي پڌرو ڪن ۽ سنڌ حڪومت
طرفان، مولانا گراميءَ جي بيوه ۽ سندن پوين لاءِ
وظيفو مقرر ڪري ڏيڻ سان مولانا جي روح کي تسڪين
پهچائين. اهو سنڌ حڪومت ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اسان
سنڌين تي هڪ ناقابل فراموش احسان ٿيندو.
وس مون واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
سيد بچل شاهه
ڪونجون ٿيون ڪُڻڪن
(ڊائري جا ڪجهه ورق)
3 فيبروري 1976ع
اڄ ڪن گهرو ڳالهين تي بحث ڪندي منهنجو ۽ منهنجي پٽ جو اختلاف
ٿيو. اختلاف به نهايت گهڻو ٿيو. مان چوان ته مان
صحيح آهيان ۽ هو چوي ته هو صحيح آهي. هونئن به
پنهنجي پٽن کي، اولاد ته ڪري سمجهبو آهي، پر ساڳئي
وقت دوستن وانگيان ڪري هلائيندو آهيان ۽ خيالن جي
ظاهر ڪرڻ ۾، نهايت آزادي اٿن. اڄوڪي اختلاف جو،
اسان ٻنهي کان نبيرو نه ٿيو. حقيقت ۾ معاملو ته
ختم ٿي ويو آهي. مان صحيح هوس، مگر جوانيءَ جي جوش
ڪري هن نٿي مڃيو. جي هو صحيح هجي ها، ته مان يقينا
هن جي راءِ کي صحيح سمجهان ها. اتفاق جي ڳالهه،
ٻئي شهر ڏي وياسين، ته مولانا گرامي صاحب گڏيو. هن
سان ادبي ڪچهريون ته ٿينديون ئي رهنديون آهن ۽ هن
جي ڪچهريءَ مان دل کي خوشي ٿيندي آهي ۽ ڪانه ڪا
نئين ڳالهه پرائبي آهي. هوٽل ۾ وڃي ويٺاسين.
ڳالهين ڪندي، پنهنجي ۽ ڇوڪري جي اختلاف جي ڳالهه
ڪئي مانس. يڪدم چيائين: ”حضرت علي ڪرم الله وجہ،
پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ خيال لکيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ،
حضرت امام حسين رضي الله عنہ اهو ڪتاب پڙهيو.
حاشيءَ ۾ لکيائين ته بابا سائينءَ هي غلط لکيو
آهي: صحيح ڳالهه هيئن آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ،
حضرت علي ڪرم الله وجہ اهو صفحو ڏٺو ۽ حضرت امام
حسن رضي الله عنہ جي لکيل نوٽ تي، گول ڪڍي
لکيائين ته منهنجو پهريون لکيل صحيح آهي. امام حسن
رضي الله عنہ، جڏهن اهو ڪتاب ڏٺو، تڏهن لکائين ته،
جيئن مون لکيو آهي تيئن صحيح آهي. ٻئي دفعي به
حضرت علي ڪرم الله وجہ لکيو ته پهريون لکيو صحيح
آهي. اهڙيءَ طرح ٽيون دفعو به، حضرت امام حسن رضي
الله عنہ پنهنجي لکڻي تي ضد ڪيو. انهيءَ تي حضرت
علي ڪرم الله وجہ لکيو ته ’ابا حسن! اهو ممڪن آهي،
ته حسن جو علم، عليءَ جي علم کان وڌي وڃي، جي
تجربي کان وڌي ويا هجن.‘ مطلب ته رڳو ڪتابي علم
سَند نه آهي. ان لاءِ عمر، تجربي ۽ مشاهدي جي
ضرورت آهي.“ اسان ٻنهي پيءُ پٽ جو اختلاف ختم ٿي
ويو.
9 مارچ 1976ع
اڄ جيئن ننڊ مان اٿيس ته دل تي بار هو. ڪو به سبب نظر ڪو نه
آيو. ڪابه خبر ڪانه پئي پوي، ته ڇو ايترو دل تي
بار آهي. اڳئين زماني ۾، حضرت مرحوم مولوي دين
محمد وفائي صاحب سان به ادبي ڪچهريون ٿينديون
هيون. انهيءَ هڪ دفعي ٻڌايو هو هو ته ڪڏهن ڪڏهن
’غم نامعلوم‘ ڪري به دل تي بار ٿيندو آهي. هاڻي به
طبيعت اها رهي آهي، ته جي دل تي بار ٿيندو آهي، ته
مولانا گرامي صاحب سان وڃي ڪچهري ڪبي آهي. هو
اهڙيون ئي ڳالهيون ٻڌائيندو آهي، جو دل جو بار صفا
نه لهي ويندو آهي، ته به هلڪو ته يقيناً ٿيندو
آهي. مان به سڌو مولانا گرامي صاحب وٽ سندس جاءِ
تي ويس. هميشہ جيان ڪتابن ۾ پوريو پيو هو. ڪجهه
وقت کان پوءِ، پرڀو ناشاد به وٽس آيو. ڳاليهون
ڪندي مون مولانا صاحب کي چيو ته ”سائين! اڄ ته دل
تي وڏو بار اٿم، ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي، ته ڇو
ايترو دل تي بار آهي، ڪو به سبب نظر ڪو نه ٿو
اچي.“ يڪدم چيائين: ”محبوب جي گهٽيءَ ۾ وڃي دانهن
ڪيم ته ’مان دل وڪڻڻ ٿو چاهيان؛ آهي ڪو خريدار؟‘
منهنجي دل جي وڪري جو آواز ٻڌي، هڪ متوالو نڪتو،
چيائين : ’ڪير آهي دل وڪڻڻ وارو؟‘ مون چيو ’هيءَ
منهنجي دل حاضر آهي. دل دل سان پيش ڪريان ٿو. آهي
ڪو خريدار ؟‘ منهنجي دل ڏٺائين، ساڄي هٿ جي تري ان
تي رکيائين ڏٺائين ۽ چڱيءَ طرح جا چيائين،
چيائين’جنس ناقص آهي، خريد نه ڪندس.‘ ”ٻيلي شاهه!
تنهنجو به اهو ئي حال آهي.“
17-اپريل 1976ع
اڄ مولانا گرامي صاحب فون ڪئي، ته شام جو چئين بجي گڏججي. چيو
مانس ته اچي حاضري ڀريندس. پوري وقت تي وڃي حاضر
ٿيس. ڪنهن مهربان ۾ ڪم هوس، ڳالهه ڪيائين، مون تي
به اهو ايترو ئي مهربان هو، جيترو مولانا صاحب تي.
مون عرض ڪيو ته ”سائين؟ ٻئي گڏجي هلنداسين؛ پر
اوهان جو چوڻ به موٽائيندو ته ڪو نه .“ چيائين”هڪ
سائل ڪنهن اميرجي اڳيان وڃي دامن ڦهلايو ۽ هڪ پيسي
جو سوال ڪيو، امير ڪاوڙجي ويو ۽ چيائين ’ميان!
منهنجي حيثيت ڏسي ڪجهه گهر.‘ فقير ان تي اڌ ملڪيت
ڏيڻ لاءِ چيس، پر امير اڳي کان به وڌيڪ ڪاوڙجي
چيس’بيوقوف! پنهنجي حيثيت ڏسي سوال ڪر.‘ سو مون کي
پنهنجي اڪيلي حيثيت جي اڳئي خبر آهي. ٻئي گڏجي
مهربان جي حيثيت ڏسي هلي ڪجهه گهرنداسين.“ ته
”حضرت! ٻئي گڏجي هلنداسين، هلو ته هاڻي ئي هلو.“
11 جولاءِ 1976ع
اڄ ته مولانا گرامي نااميديءَ جي گفتگو پئي ڪئي. چي، ” اڳي مان
گهر کان ٻاهر نڪرندو هوس، ته ڏسندو هوس، ته کوڙ
ماڻهومنهنجي عمر جا آهن. چوندو هوس: هي به منهنجي
عمر جو آهي. هاڻي وڃان ٿو، ته ڪو به پنهنجي عمر جو
ڪو نه ٿو ڏسان. شايد هو هاڻي هن دنيا ۾ ناهن، دل ۾
سمجهان ٿو ته مون کي به جلد اوڏاهين وڃڻو آهي.“
”ڪونجون ٿيون ڪڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون“
15 سيپٽمبر 1976ع
اڄ جيئن آفيس کان موٽيس، ته منهنجي وڏي نينگر انور حسين ڳالهه
ڪئي، ته ”چاچا مولانا گرامي صاحب گذاري ويو.“ مون
کي ته اعتبار نه پيو اچي. چيومانس ته ”ابا هو ته
ٽيون ڏينهن به مون سان گڏ هو.“ چيائين ته
”بابا،چاق هو، پر دل جو دورو پيس ۽ انهيءَ مان
اُٿي نه سگهيو.“ ڊاڪٽر اقبال جو هي شعر دل تي تِري
آيو:
”جو باده ڪش ٿهي پراني وه اٺهتي جاتي هين،
ڪهين سي آب، بقائي دوام لي ساقي“.
ڇ
مولانا صاحب سان منهنجون ته ڪچهريون ادب تاريخ ۽ مذهب تي
ٿينديون هيون؛ پر پنهنجو پاڻ ۾ هو علم جو ادارو
هو. انگريزي پڙهيل، گهڻو ڪري اجائي نڪته چيني
ڪندا، پر مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ٽي اهڙا عالم ڏٺا،
جن جو پنهنجي علم جي ڪري انگريزي خواندن جي دليل
تي رُعب هو. اهي هئا حضرت مولانا دين محمد صاحب
وفائي، مولانا غلام محمد صاحب گرامي ۽ مولانا غلام
مصطفيٰ صاحب قاسمي. انهن مان ٻه ته الله کي پيار
ٿي ويا آهن، مگر مولانا قاسميءَ کي الله تعاليٰ
وڏي عمر ڏئي، اڃا حال حيات آهي. مولانا گرامي صاحب
جي وفات تي شاهه ڀٽائيءَ جون هيٺيون سِٽون دل تي
تَري آيون:
جيڪي رڱ رنڱين، اهي کَٽي کُنڀ کڻي ويا.
ساري سامونڊين کي، پيڙم ڳچ ڳري.
وڻجارا ويام، نيڻين وهايم نار.
محبتي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾.
رشيد ڀٽي
جي مري ٿيا نه مات!
”ڀاءُ منهجا، موت ۽ حيات لازم ملزوم آهن. پر موت لاءِ حيات فنا
نه آهي. حيات کي بقاءُ دوام حاصل آهي. حياتي باقي
۽ لافاني آهي. حيات ارتقا پذير ”انا“ آهي. اها انا
ئي آهي، جنهن کي روح حيات ۽ روح ڪائنات چئجي ٿو.
جا قوت ارتقا پذير ٿئي ٿي، ان جا مختلف درجا ۽
مرحلا آهن. انسان روح ۽ مادي جي امتزاج مان تشڪيل
ورتي آهي. موت فقط مادي جسم لاءِ آهي.“
مٿيون اقتباس منڍ ۾ ڏيئي مان پنهنجي مهربان دوست، سيبتي ساٿيءَ،
برگزيدهه بزرگ، مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ
جي موت بابت پنهنجا تاثرات لکڻ لڳو آهيان. اهو
اقتباس مرحوم جي ان خط جي شروعات ۾ آهي، جو هن
31-مئي 1975ع تي مون ڏانهن منهنجي والد جي وفات
تي، تعزيت ڪندي لکيو هو. ٽماهي مهراڻ جي وڏي
ليٽرپيڊ جي چئن صفحن تي پکڙيل ان خط ۾ مرحوم
مولانا مٿين جملن کان پوءِ، روحانيت، ويدانيت،
تصوف، ماديت ۽ حيات ۽ ممات تي حوالن سان ڊگهو بحث
ڪيو آهي. ابن رشد، بوعلي سينا، يعقوب الڪندي،
هيگل، ڪانٽ، اسپينسر، رسل، انڊگٽن، وليم جيمس،
قرآن ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جا حوالا ۽ فارسي ۽
هندي شعر ڏيئي، هن فلسفي جي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، جنهن کي انساني ذهن صدين کان سلجهائڻ جي ڪوشش
۾ رڌل آهن.
ان بحث جو اختتام ڪندي، خط جي آخر ۾ گرامي صاحب لکيو هو، ”ڀاءُ
رشيد! معاف ڪجانءَ، مان مذهب جي تبليغ نٿو ڪريان،
اوهان منهنجي مذهب ۽ مڪتب فڪر کي ڄاڻو ٿا. مذهب جي
رجعت پسندانه طرز کان بيزار آهيان. ياد رهي، حيات
مابعدالحيات متعلق مذهبي خيالات جي دنيا وسيع آهي.
مان مولانا عبيدالله سنڌي ۽ آئين اسٽائن جي خيال
کي وزن ڏيان ٿو، جن جو چوڻ آهي ته ڪائنات ۽ حيات،
سدا حيات آهن ۽ رهنديون. انهن جي ارتقا زمان جي
حدن کان ٻاهر جاري رهندي. بس!
زندگي ۽ ڪائنات لافاني آهن. ارتقا پذير آهن. اهي اوسر، ترقي ۽
مٽاسٽا جي عمل ۾ ساري ۽ جاري آهن. انسان امر آهي.
هو صدين کان جيئرو آهي ۽ هزارها ۽ لکها سال جيئرو
رهندو ايندو. موت زندگيءَ کي ختم نه ٿو ڪري سگهي.
انسان کي فنا نه ٿو ڏيئي سگهي، اهڙيءَ ريت اسان جو
مربي ۽ مهربان مولانا گرامي به مري نه ٿو سگهي. هو
زمان ۽ مڪان جو مختلف منزلون طئي ڪندو، زندهه
رهندو آيو ۽ ڪائنات ۾ زندهه رهندو.
هن زندگيءَ، سماج ۽ ڪائنات ۾ اوسر ۽ ارتقا جي حقيقت کي پرکيو ۽
مڃيو هو، ۽ پاڻ به ذهني طور ان ارتقائي عمل مان
گذرندو آيو. فنا کان بچندو آيو ۽ بقا حاصل ڪندو
رهيو. زمان ۽ مڪان، سياسي ۽ سماجي حالتن جي خارجي
۽ داخلي اثرن کي قبول ڪندو، هو پاڻ کي ارتقائي
(ذهني) منزلن مان ڪاميابيءَ سان اڳتي ڪاهيندو
هليو.
مون کي ساڻس پهرين ملاقات به اڃا ياد آهي، ۽ پوئين ملاقات جو ته
سارو منظر اکين آڏو آهي، ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه آهي، ۽
ان وچ ۾ ڪيئي ڪچهريون ۽ ملاقاتون ۽ انهن جا چرندڙ
پرندڙ ذهن تي پوندڙ پاڇا! عظيم شخصيت جو عڪس! مشرق
۽ مغرب جي علمن جو ميلاپ! روحانيت ۽ ماديت جي
مسئلن ۾ منجهيل، پر اڏول ۽ اٽل! حق ۽ سچ جو
ڳولائو! عينڪ جي ٿلهن شيشن هيٺيان چمڪندڙ ۽ مرڪندڙ
اکيون! دانش جو درياءَ! سنڌي علم، ادب ۽ تاريخ جي
ڄاڻ جو بحر بيڪران! مذهب ۽ مشرقي علوم جو موجون
هڻندڙ مهراڻ! منسڪر مزاج! زندهه دل اهڙو جو سنگت ۾
ويٺو ته پيڙهه ڇا پر پيڙهه وڇوٽي به محسوس ٿيڻ نه
ڏيندو. ڳالهه ٻولهه ۽ محفل شروع ٿي ته مجال جو
ڪنهن جو اُٿڻ تي روح ٿئي. اسٽيج تي ڳالهائڻ بيٺو
ته ڄڻ ڪنهن رباب جون رڳون ڇيڙي ڇڏيون. سحبان سنڌ
هو! سنڌ جو ابوالڪلام ۽ عطاء الله شاهه بخاري هو!
سندس پوري رنگين تصوير اکين آڏو اُڀري آئي آهي.
مشفق مولانا کي پڙهيو ته ڪافي وقت کان هوم، پر پهريون پنهنجي
گڏجاڻي 1954ع ۾ ٿي اسين ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت
جي وري تنظيم ڪري اڳتي وڌائي چڪا هئاسين. جوائنٽ
سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون کي حيدرآباد ۾ به سنگت
قائم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. ان وقت سنگت جي مقصدن
سان ٺهڪندڙ جماعت ”سنڌي ادبي انجمن“ حيدرآباد ۾ ڪم
ڪندي هئي. ان انجمن جون ڪچهريون، ۽ مقبول ڀَٽي جو
تلڪ چاڙهيءَ وارو ”سنڌي ڪتاب گهر“ ادبي ۽ ثقافتي
مرڪز هئا. حيدرآباد جي سنگت مان اڳ واقف تنوير
عباسي کي کنيم سنڌي ڪتاب گهر تي مقبول ڀٽيءَ ۽
مصطفيٰ قريشيءَ سان مليم، ڪراچي هوٽل ۾ انجمن جي
ميٽنگ ڪوٺائي ويئي. شرڪت ڪندڙن ۾ شمشير، مراد علي
مرزا، ع-ق شيخ، حسن علي نظير، تنوير، مصطفيٰ
قريشي، مقبول ڀَٽي، مرحوم اُميد علي سرائي ۽
مولانا گرامي جا نالا اڃا تائين آهن. اها اسان جي
پهرين ملاقات هئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ادبي انجمن
سنڌي ادبي سنگت جي نالي با مشرف ٿي. ان ميٽنگ ۾
مون کي پهريون ڀيرو مرحوم گراميءَ کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو
موقعو مليو. ڪهڙا مڻيادار ماڻهو اسان وٽ موجود
هئا. نئين نسل کي اميد ئي ڪانه هئي ته ڪو پراڻي
پيڙهيءَ مان به کين اهڙا ساٿي ۽ سنگتي ملي
سگهندا. اسان کان اڳ واري نسل مان جيڪي اديب ۽
دانشور اسان جي سڏ تي لبيڪ چوندا آيا، تن سان
منهنجو پهريون ڄاڻو سڃاڻو مولانا گرامي صاحب هو.
چاچي گڏئي به سڏ اونايو ۽ اڃا تائين ساٿ نڀائيندو
اچي. مولائي شيدائي به سکر سنگت سان سٺا پير کنيا
۽ ناتو نڀايو؛ پر مولانا گرامي بلڪل صاف ذهن ۽
ايمان ۽ اٽل ارادي سان سنڌي ادب جي نون ترقي پسند
لاڙن سان لنوءَ لائي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين نينهن
نڀايو.
هڙان ۽ وڙان وهي به مولانا تحريڪ سان گڏ هلندو رهيو. سنڌ جي
ڪنهن به ڪنڊ ۾ ادبي اجتماع هجي توڙي ڪانفرنس،
گرامي صاحب پنهنجي مخصوص مرڪ ۽ انداز سان اتي جلوه
گر ضرور هوندو. اهڙيون ڪيئي ڪچهريون ۽ ڪانفرنسون
اکين آڏو آيون اٿم، ڪنهن جا وچور ڏيئي ڪنهن جا
ڏيان! وڌاءُ ۽ ڊيگهه کان پاسو ڪندي، ايترو چوڻ ئي
ڪافي ٿيندو ته مرحوم گرامي صاحب، سنڌي ادب ۽ زبان
جي ترقي پسند تحريڪن جو روح روان ۽ رجعت پسندن
خلاف بي مثال ۽ مضبوط مورچو رهيو. جنهن مردانگي ۽
مجاهديءَ سان هن مذهب جي مورچي تي مثبت رهي، رجعت
پسندن، مذهبن جي آڙ ۾ استحصال ڪندڙ، فرسودهه ۽ مدي
خارج نظرين رکندڙن سان منهن ڏنو، تنهن جو مثال
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. دقيانوسي مُـلن
۽ مذهبي چورن مٿس ملعون ۽ منڪر هئڻ جا الزام هنيا،
مذهب جي آڙ ۾ سياسي ۽ معاشي مفاد حاصل ڪندڙن مٿس
ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون، پر هي حق پرست عالم،
دانشور ۽ محقق سچي مسلمان جيان پنهنجي ارادي ۾ اٽل
رهيو ۽ کل چرچي ۾ اهي عتاب ۽ ذهني سور ۽ سختيون
سهندو رهيو.
کَـل چرچو ته هن مانجهي مرد جي زندگيءَ جو اهم جز هو. اسان جي
ڏيهه ۾، ڏاڍ ۽ پرماريت واري سماج ۾، تنگدستي ۽
مفلسي واري جيون ۾، هڪ حساس ۽ جذباتي، مفڪر ۽
فنڪار لاءِ اهي چار گهڙيون ئي انمول ۽ اڪسائيندڙ
سرمايو آهن، جي سنگت سان رهاڻ ۾، سڏڪن کي مرڪن ۾
لڪائيندي گذرن ٿيون. سنڌ جي هن سچي سپوت ۽ منفرد
عالم ۽ ڏاهي جي مالي حالت پڇاڙي تائين اها رهي، جو
هيڏي ساري خدمت جي باوجود آخري دم تائين خسيس
سترهون گريڊ به ماڻي نه سگهيو، ان ڏک ۽ ڏاڍ کي هو
سنگت جي چرچن گهٻن ۾ ملياميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
تاج، نياز، الطاف ۽ مون سان سندن ڏاڍيون زندهه
دليءَ واريون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪراچي هوٽل جي
ورانڊي واري ڪئبن ۾ اهو کلندڙ ۽ ٽهڪندڙ گرامي اڄ
به اڳيان ويٺو اٿم. سوچيان ٿو، هينئر حيدرآباد جون
اداس ۽ اٻاڻڪيون راتيون ڪيئن ڪٽبيون، ڪنهن جي
ڪچهريءَ ۾ ويهندي ڏکندا ڏور ڪبا! ڪنهن جا پيارا
پيارا ڳالهائو ۽ دڙڪا ٻڌي ڏڍ ۽ ڏک ٽهڪن ۾ غرق ڪبا!
اپريل 1965ع ۾ ادبي جنگ هلندي، مون سکر سنگت پاران آل سنڌ سنڌي
ادبي سنگت جي ڪنوينشن سکر ۾ ڪوٺائي هئي. نينهن
وارن جي نياپي تي گرامي صاحب به اچي ڀيڙو ٿيو. ٻن
ڏينهن جي گڏجاڻيءَ بعد سنگت سان ڳوٺ اروڙ گهمڻ جو
پروگرام ٿيو. اروڙ جي تاريخي کنڊرن ۾ گهمندي گرامي
صاحب هڪ اهڙو گفتو ٻڌايو، جنهن جي صداقت اڄ به هر
ڏاهو تسليم ڪندو. هن چيو هو ته سنڌي ٿيڻ لاءِ رڳو
سنڌي پوشاڪ پهرڻ، سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڪافي نه آهي.
ان لاءِ سنڌ جي تاريخ کي پنهنجو ڪرڻ ضروري آهي،
موهن جي دڙي کي پنهنجو ورثو سمجهڻ ضروري آهي، سنڌ
جي سورمن کي پنهنجو سورمو سمجهڻ ضروري آهي. پنهنجي
تاريخ ۽ ان جي عظمت کان منهن موڙي، پاڻ کي سنڌي
سمجهڻ ۽ سڏائڻ محض خام خيالي ۽ فريب آهي.“
اڄ اهو سنڌ جي تاريخ جي رازن جو رازدان، سنڌي ادب جو اٿاهه
ساگر، محقق، عالم ۽ شاعر اسان وٽان هليو ويو آهي.
اسان ان لاءِ ڇا ڪيو هو، جو ڪنداسين! سندس مقالي
”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي موٽ ۾ اسان
کيس ڇا ڏنو؟
جي اهڙو مقالو ڪنهن يورپي يا ٻي ڪنهن مشرقي زبان ۾ هجي ها ته
کيس ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ڏني وڃي ها. اسين ته جيئري
جي جيون جنجال ڪرڻ مٽي تي صلوات پڙهڻ وارا آهيون!
مرحوم پڇاڙي گهڙيءَ تائين سنڌي ادب، تاريخ ۽ ثقافت
بابت ئي سوچيندو، پڄرندو ۽ پچندو رهيو. پوئين
گهڙيءَ تائين کيس اها لنونءَ ۽ لوري لڳل هئي، جنهن
زندگيءَ ۾ ڏاهه جي سيڙپ ڪري پوين لاءِ رڳو ڏک ۽
سور ڇڏيا.
سڄي عمر سورن ۽ سودائن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ گرامي پوين جو مستقبل
به قربان ڪري ويو. ڪاش اسان سندس خدمتن جو ڪو ڪڻو
يا رتي به قدر ڪري سگهون.
آخر ۾ ساڻس پوئين گڏجاڻيءَ جو احوال ڏيڻ کان به روح نه ٿو رهيم،
آگسٽ 1976ع جي ٻئي هفتي ۾ مهراڻ جي آفيس ۾ ڪلاڪ
ڏيڍ ڪچهري ڪئي سين. درياءَ شاهه ۽ ٻوڏ تان شروع
ٿياسين، يونيورسٽيءَ جي مسئلن تي ڳالهايوسين. ادبي
جمود تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سين. آخر ۾ بيمارين ۽
علاجن تي اچي پهتاسين. مرحوم ۽ مون کي ٻه مشترڪ
بيماريون آهن، هڪ ذيابيطس ۽ ٻيو بلڊپريشر. آءُ
پرهيز يا ايلوپيٿي جو قائل ۽ مرحوم بدپرهيزي ۽
هوميوپيٿي علاج جو گرويدو! ان موضوع تي اڪثر
اختلافي بحث ٿيندا هئا. پوئين گڏجاڻيءَ ۾ مون
محسوس ڪيو ته مرحوم مرض (مٿيان ٻه مرض) ۽ واڌو دم
جي تڪليف آڏو مات کائڻ ذهني طور قبول ڪري چڪو هو.
مرحوم جو پويون جملو ياد اٿم. چيو هئائين، ”ڏينهون
ڏينهن علاج جي باوجود طبعيت وڌيڪ خراب ٿيندي پئي
وڃي. مرڻ ڪو مهڻو ڪونهي، پر ڏک اهو رهندم ته جنهن
آدرش ۽ مقصد لاءِ وت آهر ساري عمر رت ست ڏيندو
رهيس، اهو ماڻيندو نه ڏٺم. خبر نه آهي ته پويان
اها جدوجهد جاري رکندا يا نه!“
ڄڻ مرحوم جي وصيت هئي. مون کيس ٽئگور مان هي ٽڪر ڏئي موڪلاڻي
ڪئي هئي: ”لهندڙ سج ڌرتيءَ تي حسرت سان نگاهه
وجهندي چيو، مون کان پوءِ ڪير هن جڳ ۾ اجالو رکندو
؟“
ڏور ڪنهن ٽمڪندڙ ڏيئي ورندي ڏني: ”مان ڪوشش ڪندس!“
(روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 9- آڪٽوبر 1976ع جي
شڪريي سان.)
تاج بلوچ
آديسي اُٿي ويا
ٽيليپٿيءَ ۾ منهنجو گهٽ ويساهه آهي—پر ڪن ڄاڻو دوستن جو چوڻ آهي
ته اها به هڪ سائنس آهي، علم آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو
بنا ڪنهن خاص سبب جي به موڳو ۽ اداس اداس پيو
لڳندو آهي ته وري ڪڏهن ڪڏهن بيشمار تڪليفن ۽ عذابن
هوندي به هن جي چهري تان مرڪ لياڪا پائيندي محسوس
ٿيندي آهي. جيوت ۾ ڪي لحظا ايڏا ته ڀيانڪ ۽ ڪٺن
ايندا آهن، جو ماڻهوءَ جو ڏيل ڏڪائي ويندا آهن ته
وري ڪي ساعتون هير جيان گهلي وياڪل من کي تازو ڪري
وينديون آهن.
ان رات، ها، ان رات_15 سيپٽمبر 1976ع جي منحوس رات_ منهنجو من
ڏاڍو ويڳاڻو ۽ بيڪل پئي لڳو_ حالانڪ منهنجي ميز جي
پاسي ۾ پيل صوفه تي منهنجو بهترين دوست نسيم کرل ۽
سامهون رکيل ڪرسيءَ تي مون وارو ڀيڻويو محبوب شيخ
موجود هئا-نسيم کرل ۽ منهنجن لاڳاپين کان سڄي
ادبي برادري واقف آهي ته هو مون کي کيڪاربه،
”لا....................خ.........لا..........نت“
جهڙن اکرن ۾ پنهنجي طرفان ”صوتي اثرات“ ملائي ڪندو
آهي ۽ نسيم جي سامهون رومانوي يا درديلي صورت ٺاهي
ويهڻ، معنيٰ هٿ سان پنهنجي ڦوري لهرائڻ_نسيم
پنهنجي سموري وجود سان، موجود مقام تي پنهنجي
ڊامينٽيشن، کل ۽ ڀوڳ جي گجگوڙ مچائي ڇڏيندو آهي.
محبوب شيخ جي هلڪن مٺن ۽ ڊپلوميٽڪ ٽهڪن کان به
گهڻي قدر دوست واقف آهن. بهرحال، آءُ اندران ايڏو
ته ڀُريل ڀُريل هوس، ڄڻ ڀـُرڪڻي مٽيءَ سان جڙيل
اوڏڪي ديوار. پر ظاهري طور آءَ يارن سان کل مسخري
۾ شريڪ هوس. ويتر هڪ وظيفو ٿي پيو_ رات جا پوڻا
نَوَ ٿيا هجن، جو منهنجي فون جي گهنٽي ڪڙڪاٽ ڪري
وڄڻ لڳي_ عجيب اتفاق آهي ته، پي-اي –سي-ايڇ
سوسائٽيءَ جي بجلي آفيس جي فون نمبر ۽ ”برسات“جي
فون نمبر ۾ رڳو ”پنجن“ ۽ ”نون“ جو فرق آهي_ ۽ خاص
طرح سان رات جو هر ٻيو فون، رانگ نمبر ٿي، اسان جي
ڪم ۾ رنڊڪ بدران، بجلي ڊوڙائيندو رهندو آهي_ هلڪا،
مٺا، مڌر ۽ سريلا آواز، ڏاڍي نماڻي لهجي ۾، بجلي
ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ ايلاز پيا ڪندا آهن_ فون جي گهنٽي
لڳاتار وڄي رهي هئي ۽ مون کڻڻ کان نٽايو پئي.
”اڙي.. کڻ نه فون.“ نسيم پنهنجي خاص لهجي ۾ گار
ڏيندي چيو.
مون فون کنيو، ڪا خاتون اردوءَ ۾ ڳالهائي رهي هئي.
”بيبي، هي 435111 آهي، اوهان جي شايد غلط نمبر لڳي ويو آهي.“
مون جان ڇڏائڻ خاطر اردوءَ ۾ ڳالهايو.
”برسات جي آفيس نه ؟“ خاتون وري اردوءَ ۾ سوال ڪيو.
”ها، هيءَ برسات آهي. اوهانکي ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟“ مون
وراڻيو.
ايتري ۾ محبوب شيخ مون کان فون کسي ورتو_ خبر پئي ته فون، مون
واري ڀيڻ ماهتاب محبوب جو هو. اوهان ان مان اندازو
لڳائي سگهو ٿا ته منهنجي ڪهڙي ڪيفيت ٿي سگهي ٿي.
حالانڪ مون کي پاڻ تي ايڏو بانور آهي، جو هڪ دفعو
ٻڌل آواز آءُ نارمل حيثيت ۾ ڪڏهن به وساري نه ٿو
سگهان، پر هي ته منهنجي ڀيڻ جو فون هو!
انهيءَ دوران اسان جو هڪ ٻيو پيارو دوست ناصر مورائي به پهچي
چڪو هو. ناصر اچڻ سان منهنجي طبيعت جو پڇيو، ڇو
ته ٻه ڏينهن اڳ جڏهن هو منهنجي فلئٽ تي آيو هو ته
دل جي تڪليف ۽ هاءِ بلڊپريشر کان منهنجي ڏاڍي خراب
حالت هئي_ ناصر ڪي لمحا ته مون کي چپ چاپ ڏسندو
رهيو ۽ پوءِ تمام هوريان هوريان چوڻ لڳو، ”يار،
گرامي صاحب انتقال ڪري ويو!“ |