سنگت طرفان اشاعتي سلسلي سان گڏ ’ڀٽائي‘ جي ورسي،
مشاعرا ۽ مثالي ادبي گڏجاڻين جو پروگرام شروع
ڪيوسين ته استاد گرامي، اسان جي هر محفل کي پنهنجي
محبت ۽ سِڪ ڀريل شرڪت سان رونق بخشيندا رهيا.
16 سيپٽمبر جي ’عبرت‘ اخبار ۾ استاد گرامي جي
اوچتي وفات جو پڙهي پريشان ٿي ويس. دل نٿي مڃيو،
دماغ ان تي سوچڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ اکين، اخبار
جي لفظن تي اعتبار نه پئي ڪيو؛ انهيءَ ڪشمڪش ۾
استاد جا لفظ ذهن تي تَري آيا: ”منظور! هي دنيا
قافلو آهي، هر ڪو پنهنجي منزل تي پهچڻ تي ڌار ٿي
ويندو. اسين به ڪڏهن هن قافلي کان ڌار ٿي
وينداسون.“
مون، جسماني طور ته کيس اسان کان ڌار ڪري سگهي ٿو،
پر سندس تعليم ۽ خيالن کي اسان جي ذهن مان نٿو ڪڍي
سگهي. جيستائين دنيا قائم آهي، استاد زندهه رهندو
استاد گرامي اَمَر آهي.
نور محمد سنڌي
منهنجو پڳ مٽ يار حضرت مولانا غلام محمد گرامي
عربيءَ ۾ قول آهي” اَلۡموت الَعالِم ُ الۡمَوت
الَعالمۡ“ _ هڪ عَالِمَ جو موت هڪ عالَمَ جو موت
آهي. مون لاءِ هن وقت تائين اهو قول بس فقط هڪ قول
ئي هو، پر ان جو عملي تجربو مون کي حضرت مولانا
غلام محمد گرامي رح جي وفات حسرت آيات بعد ئي ٿيو
آهي. چيو وڃي ٿو ته سنڌي ادب هاڻي جوان ٿي چڪو
آهي، پر عالم ۽ محقق ۽ مفڪر ان ڳالهه تي متفق آهن
ته ائين چوڻ غلط آهي. سنڌي ادب ته اڃا بانبڙا پائي
رهيو آهي، ۽ ان کي غلام محمد گرامي رح جهڙن عالمن
۽ مفڪرن جي علمي پرورش جي اڃا سخت ضرورت آهي.
هوڏانهن زماني جي ستم ظريفي ته ڏسو، جو سنڌيءَ جا
وڏا واڏا جهونا عالم ۽ محقق ۽ مفڪر به اسان کان هڪ
هڪ ٿي ڪري، جدا ٿي، راهه رباني وٺندا پيا وڃن ۽
سنڌ نهايت تيزيءَ سان لائق عالمن ۽ فاضلن کان خالي
پئي ٿيندي وڃي!”ڪَل ُ نقۡس ذائقة الۡموَت“ وارو
فرمان برابر برحق آهي، پر حضرت مولانا غلام محمد
گرامي رح جي اوچتي، بي وقتائتي موت اسان کي نهايت
نهوڙي وڌو آهي. هن جي وفات سبب سنڌي ادب ۾ جيڪو
خال پيدا ٿي پيو آهي، ان جو ڀرجڻ نهايت مـشڪل آهي.
مولانا رح ادب جي هر فن ۾ يڪتا هئا، تنهنڪري
موجوده دور ۾ مولانا جي اسان کي اڃا سخت ضرورت
هئي. پر اهو اسان کي اوچتو وڇوڙو ڏيئي وڃي پنهنجي
خالق حقيقيءَ سان مليو آهي ۽ سندس هن اوچتي وفات
سبب هر سنڌيءَ جون اکيون آليون آهن.
مولانا مرحوم شروع کان ئي جا سنڌي ادب جي خدمت
ڪئي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ان ڏس ۾ هن پنهنجي
سموري زندگي قربان ڪري ڇڏي. سندس علمي، ادبي،
تحقيقي ۽ تخليقي خدمتون سنڌي ادب ۾ ايڏيون ته
شاندار آهن، جو مستقبل جو ڪو به مورخ، محقق خواهه
مفڪر انهن کي هرگز نظرانداز نه ڪري سگهندو.
حضرت مولانا غلام محمد گرامي رح جا ڪيئي عالم،
اديب، شاعر، صحافي، مصنف، محقق، مفڪر، زميندار،
جاگيردار ۽ هم ڳوٺائي دوست آهن، جن مان ڪيترن کي
اسين سڃاڻون به ٿا. اڄ اهي سڀ سندس غم ۾ اشڪبار
آهن. انهن منجهان ڪيترن جا ته عظيم علمي مقالا ۽
ايڊيٽوريل سندس شان ۾ شايع به ٿي چڪا آهن ۽ اڃا
ڪيئي کيس خراج عقيدت پيش ڪندا ۽ هڪ وڏي عرصي تائين
سندس نالو وڏي احترام سان ورتو ويندو. بيشڪ حضرت
مولانا جون محبت واريون دوستيون هر ڪنهن سان هيون،
پر مون حقير فقير سان سندس ناتا منفرد هئا.
تنهنڪري هي منهنجو مضمون به منفرد قسم جو آهي.
مولانا جا ٻيا به ڪيئي عزيز دوست ۽ مٽ مائٽ هوندا،
پر انهن سڀني کان وڌ مولانا جا ناتا، خواهه مولانا
مرحوم جي والدين جا ناتا، مون سان ۽ منهنجي
والداين سان هئا. مولانا مرحوم خاص منهنجو پڳ مٽ
يار، هم ڪلاسي ۽ ڳوٺائي هو. سندن زندگيءَ جي
احوالن کان فقط مان ئي چڱيءَ ريت واقف آهيان. انهن
سببن جي ڪري مان سندس مڪمل ۽ جامع سوانح عمري به
لکي رهيو آهيان.
1926ع وارو زمانو ڪجهه نه ڪجهه ”قَال الله و قَال
رَسول صلعم“ جو زمانو هو. ان ئي سال ۾ مان ۽
مولانا غلام محمد گرامي رح هڪ ڏينهن ميهڙ جي مشهور
وڏي تلاءِ جي ڪپ تي، هڪ وڏي نم جي وڻ هيٺان
رانديون ڪري رهيا هئاسون. اسان کان بلڪل ٿورو ئي
پرڀرو مولانا جو والد مرحوم جاڙو خان جفت سازيءَ
۾ مصروف هو. اوچتو منهنجو والد مڪرم حضرت مولانا
مولوي غلام حسين جن اچي ويا. جاڙي خان اٿي سندس
استقبال ڪيو. ان وقت حضرت مولانا مولوي غلام رح جي
والد ميان جاڙي خان ۽ منهنجي والد محترم جي وچ ۾
جا گفتگو ٿي، اُها اکر به اکر مون کي ياد آهي.
”جاڙا خان! ڇا تون پنهنجي پٽ غلام محمد گرامي کي
ڪو نه پڙهائيندين؟“
”سائين! مون ڪڏهن انڪار ڪيو آهي. مان ته اوهان جي
هر ڳالهه قبول ڪندو آهيان! پر مدرسي جا کٿابي چون
ٿا ته مولوي دوست محمد ڏاڍو ٿو کٿابين کي ماري!
ٻڌو اٿم ته ميان نور محمد به ان ڊپ کان مدرسي ۾ ڪو
نه ٿو وڃي ۽ اوهان کيس سنڌي اشڪول (اسڪول) ۾ داخل
ڪرائڻ جو خيال ڪري رهيا آهيو. مهرباني ڪري کيس
ميان نور محمد سان گڏ کڻي داخل ڪرايو ته وڏي
مهرباني. اڳتي به اوهان اختيار وارا آهيو.“
”تنهنجي اها راءِ ته بلڪل صحيح آهي. غلام محمد ۽
نور محمد پاڻ ۾ گهاٽا يار به آهن، تنهنڪري شايد دل
لائي به پڙهندا. سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهائڻ ڪو
گناهه ته ڪونهي. ياد رک، فقط جهالت ئي انسان لاءِ
هڪ وڏو گناهه آهي!“
اتي ئي ان نم جي وڻ هيٺان، اهو فيصلو ٿي ويو ۽ ان
ئي وقت سلطان واڍي کان ٻه پٽيون اسان لاءِ تيار
ڪرايون ويون ۽ ٻئي ڏينهن تي اسين سنڌي اسڪول ميهڙ
۾ داخل ٿي وياسون. (نوٽ: ان وقت اسان جي صحيح عمر
اٺ سال هئي، پر اسڪول جي رجسٽر ۾ اسان جي ڄم جي
تاريخ 1920ع واري ڪنهن مهيني ۾ ڏيکاريل آهي. جڏهن
سوانح حيات لکندس ته انهن جي صحيح اپٽار ڪندس ۽
ٻين سڀني واقعن ۽ ملاقاتين جي به صحيح تاريخ ۾ سن
جو ذڪر ڪندس. هت فقط سرسري طور سنن جو ذڪر ڪيو
ويندو.)
انهن ڏينهن ۾ ساڍي ستين کان ساڍي اٺين بجي جو
مُلان عبدالله مرحوم مسلمان ڇوڪرن کي قرآن ڪريم
پڙهائيندو هو، ۽ نوين ڌاري اسين ”شهنشاهه کي اسان
جي تون سلامت رک خداوندا“ واري دعا پڙهي، ڪلاسن ۾
داخل ٿي ويندا هئاسون. پوري هڪ بجي ٻه ڪلاڪ رسيس
ملندي هئي. ۽ ٽين بجي شام کان ساڍي پنجين بجي شام
تائين وري ڪلاس شروع ٿي ويندا هئا. ۽ ساڍي پنجين
کان ڇهين بجي تائين رانديون ڪرايون وينديون هيون.
اسين ٻيئي ڄڻا هڪ ئي بينچ تي ويهندا هئاسون، ۽ هر
ڳالهه تي يڪراءِ هوندا هئاسون، ڪڏهن به ڪو اختلاف
اسان ۾ ڪو نه ٿيو. ها باقي گهورڙين کان شين خريد
ڪرڻ وقت، اسان جا اختلاف آخر وقت تائين قائم
رهيا. اسان ٻنهي کي هڪ هڪ پئسو خرچي ملندي هئي.
مان هڪ پائيءَ جا رڌل بهه ۽ هڪ پائيءَ جا دال ڇولا
وٺندو هوس ۽ هڪ پائي شام جي پڪوڙن لاءَ رکي
ڇڏيندو هوس. مولانا غلام محمد مرحوم کي اهي ٽيئي
شيون ڪو نه وڻنديون هيون. زوريءَ آڇ ڪندو هومانس
ته فقط ٻه-چار داڻا ڇولا جا کائيندو هو. مولانا
رحه کي فقط مٺاڻ وڻندو هو. هڪ پوربي ڀئيي هندوءَ
کان هڪ پائيءَ جي ملائي اسڪريم وٺندو هو ۽ اسڪول
وڃڻ کان ٿورو اڳ هڪ پائيءَ جو ڳڙ جو گبت، ۽ کنڊ جو
وڙو وٺندو هو، ۽ مون کي وري اهي ٻيئي شيون اصل ڪو
نه وڻنديون هيون.
ننڍپڻ ۾ غلام محمد مرحوم نهايت سنهڙو ۽ ڪمزور به
هوندو هو. ان وقت اسڪول ۾ مشهور هو ته پهريون نمبر
غلام محمد سنهڙو آهي، ۽ ٻئي نمبر تي (رئيس)
عبدالحميد خان جتوئي! اسان کي ٻاراڻو ڪتاب ماستر
محمد صالح مرحوم پڙهائيندو هو. محمد صالح جو نالو
ٻڌي، شاگردن کان ڇرڪ نڪري ويندا هئا. هڪ ڏينهن
مولانا گرامي رحه لفظ ’بادامي‘ جي هِـجّي ڪري رهيا
هئا- - ”ب الف با، د الف دا، ميم ي زير مي!“ اهو
لفظ ان هـِجي بعد بادامي پڙهڻ گهرجي ها، پر ماستر
محمد صالح مرحوم، هن جي مٿان بيٺو هو، ڊپ کان هن
جي واتان لفظ بادامي جي بجاءِ ’گدامري‘ اوچتو نڪري
ويو! هن جي واتان لفظ ’گدامري‘ جو نڪرڻ ۽ استاد جي
نيٽن جو وسڻ! هو نهايت سنهڙو هو، سندس بدن تي لڪڻن
جا ڏنا بنجي ويا. ان ڏينهن بعد مون نه ڏٺو، جو
ڪڏهن هن جو سبق ڪچو هجي، ۽ پاڻ مار کاڌي هجين.
گرامي رحه کاٻي هٿ سان کلندا هئا. انهن ڏينهن ۾
”سٺا اکر اڌ علم“ ڪري سڏبا هئا. منهنجو يار جيئن
ته کاٻڙ هو، تنهنڪري خوب مارون کاڌائين، پر پاڻ
محنت ڪري، پنهنجي صورتخطي سڌاري ويا، پر مون کان
اکر ڪو نه سڌري سگهيا، تنهنڪري صورتخطيءَ واري
پيرڊ ۾ خوب مارون کاڌيم، ۽ سياري ۾ ته مورڳو ٻه
ٻه گرم ڪوٽ پائي ويندو هوس ته جيئن لڪڻن جي ڌڪن جو
اثر بدن تي گهٽ پوي.
ائين ڪندي نيٺ اسان سنڌي ڇوٿون درجو پاس ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ اسڪولن جا ساليانا امتحان تعليم کاتي
جو هڪ مشهور برجستو آفيسر جناب علي خان ابڙو وٺندو
هو. هو هڪ نهايت ايماندار، نيڪ نفس، محنتي ۽
ديندار شخص هو، ۽ والد مڪرم ۽ جناب سيد علي اڪبر
شاهه رحه جن جو نهايت معتقد هو، امتحان وٺڻ واري
عرصي ۾، پاڻ ديني بحثن مباحثن ٻڌڻ خاطر اڪثر سائين
علي اڪبر شاهه رحه جن وٽ ترسندا هئا، ڇو ته انهن
ڏينهن ۾ اُنهن وٽ اهل علم وارن جا ميڙا لڳا پيا
هوندا هئا. اهڙي هڪڙي ڏينهن ڳالهيون ڪندي منهنجي
والد مڪرم کي چوڻ لڳا، ”مولوي صاحب! نور محمد ۽
غلام محمد سٺا شاگرد آهن، پر غلام محمد ۽ تجسس ۽
تفڪر جو مادو ڪجهه گهڻو آهي؛ جي تعليم جاري رکائين
ته پوءِ يا ته سائينسدانيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪندو، يا
علمي تحقيق ۽ تفڪر ۾ !“ ڇوٿون درجو پاس ڪرڻ بعد
مون نهايت ڏکيائيءَ سان بابا جن کان انگريزي پڙهڻ
جي اجازت ورتي. هاءِ اسڪول به انهن ڏينهن ۾، يعني
سن 1931ع ۾ ٺهي راس ٿيو هو، ۽ ان ئي سال سر
شاهنواز ڀٽو پارڪ ۽ ڊريو پارڪ به نوان نوان ٺهي
راس ٿيا هئا. اهو هاءِ اسڪول دادو جي ڪليڪٽر مسٽر
جڳت سنگهه آئل مل جي ڪوششن سان ٺهي راس ٿيو هو،
تنهنڪري هن جي نالي سان ان جو نالو جي. اي. هاءِ
اسڪول ميهڙ(J.A. High School Mehar)
رکيو ويو. سڄي دادو ضلعي ۾ فقط هيءُ ئي هڪ هاءِ
اسڪول هو. منهنجي سنڌي اسڪول مان ڪرڻ کان پوءِ
مولانا گرامي رحه پنهنجي سنڌي تعليم جاري رکي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ سائين علي اڪبر شاهه رحه جي
دعائن ۽ بابا سائينءَ جي نصيحتن نيٺ پنهنجي اثر
ڏيکاريو، ۽ سن 1937ع ۾ مولانا غلام محمد جن ديني
مدرسي ۾ داخل ٿي ويا. ان ئي سال مان به پلمنري
امتحان پاس ڪري، وڃي مدرسي ۾ داخل ٿيس.
مولانا غلام محمد رحه ان ڏينهن مون کي پاڻ سان هڪ
دفعو وري گڏ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا هئا. نوجوانيءَ واري
عمر ڏاڍي تفڪر ۽ تجسس واري هوندي آهي. هڪ ڏينهن
اسين ٻيئي ڄڻا پنهنجي استاد حضرت مولوي دوست محمد
رح جن کا ڪي ديني مسئلا پڇي رهيا هئاسون، مون
مولوي صاحب کان پڇيو، ”سائين! چون ٿا ته شراب
انگورن مان ٺهندو آهي؛ پر انگور ته حلال آهن،
اسين کائيندا آهيون؛ پوءِ، شراب ڇو حرام آهي؟“ بس
منهنجو ايترو چوڻ ۽ مولوي صاحب جو تپي باهه ٿيڻ!
نهايت ڪاوڙجي فرمائڻ لڳا، ”مولوي جو پٽ ٿي ڪري
اهڙا سوال پڇي رهيو آهين! توتي اهو اثر انگريزي
پڙهڻ سبب ٿيو آهي، تنهنڪري ڪري اهڙا نصارن جهڙا
سوال پيو پڇين. نه ته ٻيءَ حالت ۾ هڪ نيڪ مسلمان
جو ڪم آهي ته بنان چون چرا جي اسلام جي هر حڪم آڏو
پنهنجو ڪنڌ جهڪائي عمل ڪري. تون بس ايترو ياد رک
ته اسلام ۾ شراب حرام آهي، اهو هر گز نه پڇ ته
شراب ڇو حرام آهي، ان ئي نڪتي تي عمل ڪري ته گناهه
کان بچين !“ اهو جواب مون لاءِ تسليءَ جو ڳو هوئي
ڪو نه! تنهنڪري مون وري جرئت ڪئي، ۽ کين عرض ڪيم،
”قبلا! خود خدا جي پيغمبر حضرت ابراهيم عليہ
السلام جن هڪ دفعي حق تعاليٰ جل شانه کي عرض ڪيو
هو ته ’اي منهنجا رب، تون ڪيئن مئلن کي جيئاريندو
آهين؟‘ ندا آئي—’اي ابراهيم! ڇا توکي منهنجي ان
ڳالهه جو يقين نٿو ٿئي؟‘ حضرت ابراهيم عرض ڪيو
’يقين ته مون کي آهي، پر مان دلي اطمينان خاطر،
اهو ڏسڻ گهران ٿو ته جيئن ڪو شڪ نه رهي ۽ دل سان
يقين پختو ٿئيم.‘ ان بعد رب تعاليٰ کين ائين ڪري
به ڏيکاريو. جڏهن حال هي آهي، ته پوءِ، جي مون به
پنهنجي اطمينان خاطر اهو سوال ڪيو، ته ڪهڙو گناهه؟
۽ ان جي نصارن سان ڪهڙي نسبت؟“ پر منهنجي ان مثال
حضرت مولانا و استاد نا رح تي ڪو به اثر ڪو نه
ڪيو، مورڳو ايتري ته لعنت ملامت ڪيائون، جو ڪنڌ
هيٺ ڪري ويهي رهيس! مولانا غلام محمد رح منهنجي
ڀرسان ويٺا هئا، مون تي ڏاڍو رحم اچي رهيو هوس.
حضرت سيد علي اڪبر شاهه رح جن به شايد ڪجهه پرڀرو
ويٺا هئا ۽ بحث ٻڌي رهيا هئا اوچتو پاڻ اٿي آيا ۽
مون کي سمجهائيندي فرمايائون، .پٽ! اڄ اسين فقط
ديني علم پڙهندا ۽ پڙهائيندا آهيون، اصولن کي پڙهڻ
اسان ڇڏي ڏنو آهي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ ڪو به اسلامي
حڪم، ڪنهن اصول کان خالي ڪو نه هوندو آهي. تون
شراب جي بڇڙائيءَ ۽ سٺائي بابت وڃي ڪنهن حڪيم يا
طبيب کان پڇ. ان جي جواب ٻڌڻ بعد توکي پڪو يقين
ٿي ويندو ته شراب ڇو حرام آهي ۽ ڇو اسلام ان کي
حرام ڪيو آهي؟“ اهو ارشاد مون لاءِ يقين جو سبب
بڻيو ۽ مان چپ ٿي ويس. پر مولانا غلام محمد رح جن
ايڏو ته متاثر ٿيا، جو ان ئي ڏينهن کان وٺي خاص
طره ديني ڳالهين ۾ سندن دل غور ۽ فڪر ڏانهن مائل
ٿي ويئي.
لاڳيتو ٽي سال مون دل لائي ديني تعليم حاصل ڪئي، ۽
مولانا غلام محمد رح جن مون سان گڏ هئا. راتيون
اسان جون ڪتابن پڙهندي گذرنديون هيون. اوچتو هڪ
ڏينهن ٻن سنڌي هندن جي اخبارن ”سنسار سماچار“ ۽
”هندو“ ۾ حضرت استادنا علامه دائود پوٽي رح جن جي
خلاف ايڊيٽوريل ڇپيا، انهن ڏينهن ۾ علامه دائود
پوٽو، تازو ئي تازو ”ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن ان
سنڌ“ مقرر ٿيا هئا ۽ تعليم کاتي ۾ ڪي تعليمي ۽
علمي سڌارا آندا هئائون، جن جي ڪري ڪن هندن ڪجهه
گوڙ ڪيو هو. اهي اخباري ايڊيٽوريل اسان وَرَ وَرَ
ڪري ٿي پڙها. اسين لسڙاٽ نوجوان هئاسون ۽ شاگرد
به، تنهنڪري همٿ ئي نه ٿيندي هئي ته ڪو مضمون
لکون. پر سائين، منهنجي يار غلام محمد رح همٿ ڪئي
۽ ٽي راتيون جاڳي مضمون لکندو رهيو ۽ ڊاهيندو
رهيو. آخر چوٿينءَ رات هڪ مضمون تيار ٿيو، مون کي
ڏاڍو پسند آيو، ۽ اُهو صبح جو رجسٽر پوسٽ وسيلي
ايڊيٽر اخبار ”الوحيد“ ڏانهن موڪليو سون. شايد اهو
مضمون اهڙو ته سٺو هو، جو نه فقط ڌار، پوري هڪ
اخباري صفحي تي ڇپيو، بلڪ فاضل ايڊيٽر ان جا حوالا
به پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ڏنا. ان ئي پهرئين مضمون
ايڏي ته مولانا غلام محمد رح کي شهرت ڏياري، جو
اصل چوڌاري واهه واهه ٿي ويئي ۽ خود سائين علي
اڪبر شاهه رح جن به خوش ٿيا ۽ ان ئي خوشيءَ ۾ کين
”گراميءَ“ جو لقب عطا فرمايائون ۽ ان ئي ڏينهن کان
وٺي غلام محمد ”گرامي“ سڏجڻ لڳا.
ان ئي دوران منهنجي والد مڪرم حضرت مولانا مولوي
غلام حسين جن وفات ڪئي. ان اوچتي واقعي سبب مان
ڪجهه بد حواس ٿي ويس. ٻه ڀائر ننڍا هئا، هڪ ڀاءُ
دستاربندي ڪري چڪو هو، پر منهنجي هاڻي دستاربندي
اڌ ۾ رهجي ويئي، ڇاڪاڻ جو گذر سفر جو سوال ڪَر کڻي
بيٺو هو. مان مئٽرڪ پاس ڪري چڪو هوس، تنهنڪري
روزگار جي تلاش ۾ نڪري پيس. مختلف نوڪريون ڪندي
ڪندي نيٺ حر سٽيلمينٽ جوهيءَ جو مئنيجر مقرر ٿيس.
منهنجي غير حاضريءَ ۾ اهو به ضرور ٿيو، جو حضرت
مولانا غلام محمد رح به ديني تعليم مڪمل ڪري ڪو نه
سگهيو. هن لاءِ به گذر سفر جو سوال هو. سندس واد
عيالدار هو، تنهنڪري سندس جفت سازيءَ واري مزوري
فقط سندس ڪٽنب لاءِ مس پوري ٿـِي ٿي سگهي. لاچار
مولانا رح پنهنجي ديني تعليم ڇڏي پرائمري ماستر
مقرر ٿيو ۽ کيس اها ئي سنڌي تعليم ڪم آهي.
مان جڏهن به ميهڙ ايندو هوس، مولانا مرحوم سان
ڪچهريون ٿينديون هيون. عالمگير جنگ ۽ پاڪستان،
اسان جا موضوع هوندا هئا. هڪ ڏينهن مان گهر ۾ هوس.
صبح جا 9 لڳا هئا ۽ آچر جو ڏينهن هو. اوچتو در جو
ڪڙو کڙڪيو. در کوليم ته سامهون مولانا گرامي رح
بيٺو هو. ڀاڪر پائي ملياسون. مولانا جو والد ماجد
جاڙوخان، بابا سائينءَ جو گهاٽو يار ۽ نهايت معتقد
هو ۽ مولانا جي والدهه ماجدهه وري منهنجي پياري
امڙ جي پياري ساهيڙي هئي. ايتري ته پاڻ ۾ محبت هين
جو ڪو به ڏينهن ملاقات کان خالي ڪو نه ڇڏينديون
هيون. منهنجي والدهه محترمه 1922ع کان وٺي ڳوٺ جي
نياڻين کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏيندي هئي. ۽ 1965ع
تائين سندن اهو شغل رهيو. ان اڌ صديءَ ۾ هزارن
نياڻين قرآني تعليم حاصل ڪئي. گهرو ڪمن ۾ مدد ڪندي
هئي ۽ 1958کان پوءِ ته اصل رهندي به منهنجي والد
هو ان مصروفيت سبب اڪثر مولانا گرامي رح جن جي
والده سان گڏ هئي ۽ سندن اها وفاقت 1968ع تائين
منهنجي والده جي وفات تائين قائم رهي. انهن ئي
سببن جي ڪري، منهنجي والدهه مولانا گرامي رح کي به
پنهنجو ئي ٻچو ڪري سمجهندي هئي. امڙ جيئن مولانا
گرامي رح کي ڏٺو ته اها به نهايت خوش ٿي . ان
ڏينهن مولانا رح جن ڏاڍا سرها به ٿي ڏسڻ ۾ آيا.
خير عافيت پڇڻ بعد پڇيم، ”اڄڪلهه سرها پيا نظر
اچو، ڪو خاص سبب آهي ڇا؟“ فرمايائين ”هائو! هڪ
عرصي کان وٺي مون کي ڪن اهڙن ڪتابن جي ضرورت آهي،
جن جو تعلق حضرت مولانا حسين احمد مدني سان هجي.
مان انهن جي تلاش ۾ هئس، ته ڪال ميان همزيخان
ٿيٻي۽ ميان غلام سرور خان وقامي چيو ته اهڙا ڪيئي
ڪتاب حضرت مولانا غلام حسين رح جي ڪتبخاني ۾ آهن،
پر چاٻي شايد ميان نور محمد وٽ آهي. اڄ پڇا لاءِ
آيس پئي ته واٽ تي معلوم ٿيو ته اوهان به رات اچي
ويا آهيو، تنهنڪري خوشي ٿي اٿم، جو اهي اڄ مون کي
نهايت سولائيءَ سان ملي ويندا.“
ڪجهه ڪچهري ڪرڻ بعد ڪٻٽن جون چاٻيون سندن حوالي
ڪيم. سڄو ڪتبخانو ڦلهوري آخر 12 ڪتاب هٿ ڪيائون، ۽
اهڙا ته خوش ٿيا، جو ڄڻ ته ڪو قارون جو خزانو هٿ
آيو هجين. وڃڻ وقت مون کين چيو، ”ڪم ته تنهنجو
ٿيو، پر امانت ۾ خيانت نه ڪجان، بلڪ ڪتاب مطالعي
بعد واپس ضرور ڪجو.“ وراڻيائين، ”مان اهي ڪتاب اصل
واپس ڪو نه ڪندس.“ سبب پڇڻ تي جواب ڏنائون ته ”علم
سان لاڳاپا تو ٽوڙي ڇڏيا آهن، ۽ هاڻي تون فقط
ڪمائڻ لاءِ پيو هر هنڌ رلين، اهڙيءَ حالت ۾ هاڻي
تون ڪتابن کي ڇا ڪندين؟“ وراڻيم، ”سائينءَ جن به
ڊاڙون نه هڻن،. اوهان به ته دستاربندي ڪانه ڪئي
آهي، پر جي مان اوهان کان ئي اڳ دستاربندي ڪري
وڃان ته پوءِ؟“ ان تي پاڻ نهايت خوش ٿيا. کلندي
وراڻيائون، ”اهڙي مبارڪ موقعي تي ، انهن ڪتابن سان
گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه تنهنجي خدمت ۾ پيش ڪندس!“
ائين چئي، پوءِ اهي ڪتاب پنهنجي هڪ شاگرد جي مدد
سان کڻائي هليا ويا.
وقت ڦيرو کاڌو، مون ديني تعليم به مڪمل ڪئي، ۽
جوهيءَ کان بدلي ٿي، ميرپورخاص پهتس. خط ڪتابت
جاري رهي. شايد سنه 1947ع جي شروعات هئي. مان
حيدرآباد آيس ته معلوم ٿيو ته مولانا غلام محمد
گرامي رحه جن ٽريننگ ڪاليج ۾ اچڻا آهن. ٻه ڏينهن
صدر ۾ سائين علي اڪبر شاهه رحه جن وٽ رهي، انتظار
به ڪيم، پر پاڻ ڪو نه آيا. نااميد ٿي هليو ويس.
اوچتو پاڪستان بنجي ويو، ۽ لڏپلاڻ جو سلسلو شروع
ٿي ويو. ان افراتفريءَ واري دور ۾، مان سکر ۽ پوءِ
وارهه بدلي ٿيندو رهيس.
منهنجو ديني ۽ روحاني لاڳاپو استاد حضرت مولانا
عزيز الله ساند رحه مهتمم مدرسه مظهر العلوم
عربيه، ولهيٽ، تعلقي عمرڪوٽ سان هو. هڪ ڏينهن
(شايد سنه 1951ع) مان پنهنجي استاد صاحب سان ملڻ
لاءِ ولهيٽ ويس، ته مولانا غلام محمد گرامي رحه جن
به اڳ ئي اتي موجود هئا، جن سان به نهايت محبت ڀري
ملاقات ٿي. شام جو خان صاحب عطا محمد خان پليءَ جي
دعوت کاڌيسون. خان صاحب عطا محمد خان پلي هڪ نهايت
ديندار ۽ خداترس بزرگ هو، شايد ان ئي نيڪيءَ سبب
سندس خاندان جا پويان نهايت نيڪ ۽ علم دوست آهن،
جن ۾ جناب عبدالڪريم پليءَ جو نالو نهايت چوٽ تي
آهي. اها رات به اسان اتي گذاري، ٻئي ڏينهن ڍوري
ناري پهچي مولوي غلام محمد رحه هاليپوٽي جن سان
ڏاڍيون ڪچهريون ڪري، هڪ بجي ريل تي سوار ٿي،
حيدرآباد اڏنهن روانا ٿياسون. پاڻ مون سان
ڪلهوڪلهي سان ملائي ويٺا هئا. گاڏيءَ ۾ ڏاڍي رش
هئي. اوچتو هن جي منهن تي مرڪ آئي، ۽ مون کي چوڻ
لڳا، ”تنهنجا هٿ ڊگها آهن، هاڻي اچ ته ڪا سنڌي
ادبي منڊلي مچايون.“ وراڻيم، ”اهو ڪيئن؟“
فرمايائون، ”هندن جي وڃڻ بعد، سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو
خال پيدا ٿي پيو آهي، ۽ ان خال کي هاڻي اسان کي ئي
پر ڪرڻ گهرجي! اچ ته ڪو سٺو سنڌي ادبي رسالو ڪڍون
۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان کي خوب زور وٺرايون!“ مون
کي پنهنجي قوم جي چڱيءَ ريت خبر هئي، تنهن کان
سواءِ اسان جو اٿڻ ويهڻ ۽ ميل ميلاپ ديني عالمن
سان هو. انهن ئي خيالن جي مدنظر کين جواب ڏنم ته
”جي فيل وڃون ته پوءِ فاقن لاءِ به تيار رهڻ
گهرجي، ڇو ته زميندار ته آهيون ڪو نه جو ڌڪ پچائي
وڃون!“ وراڻيائين، ”رزق رازق جي هٿ ۾ آهي، فقط همٿ
درڪار آهي.“ پر مون ساڻن اتفاق ڪو نه ڪيو، ۽ ٻيا
ذڪر ڇيڙي، سندس خيال بدلائي ڇڏيم شايد سنه 1952ع
هو. ميهڙ کان خط آيو ته غلام محمد گرامي رح جن
پنهنجي روحاني پيشوا ۽ استاد حضرت علي اڪبر شاهه
رح جن سان ڪي بحث مباحثا ڪري کين نهايت رنج ڪيو
آهي، ۽ ساڻن سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن. ان روح فرصا
خبر مون کي نهايت غمگين ڪري وڌو. خيال ڪيم ته
روبرو حيدرآباد وڃي ساڻن ڪجهه جهيڙو ڪريان. اڃا
انهن ئي خيالن ۾ هوس، ته اسان جو پامبر ميان حمزو
خان ٿيٻو به مون وٽ پهچي ويو، ۽ ان ڳالهه جي تصديق
به ڪيائين. (ميان حمزو خان ٿيٻو اسان کان اٽڪل ڏهه
سال وڏو آهي، ۽ سنه 1928ع کان اسان جي مدرسي ۽
مسجد جو خادم ٿي رهيو. سيد علي اڪبر شاهه رح ۽
والد مرحوم جو نهايت معتقد هو، ۽ سندن پيامبر به
ٿي رهيو. بابا سائينءَ جي وفات بعد اڪثر سائين علي
اڪبر شاهه جن سان گڏ رهندو هو، ۽ سندن پيامبريءَ
جا فرض به بجا آڻيندو رهندو هو. سيد علي اڪبر شاهه
جي وفات کان پوءِ منهنجو ۽ مولانا غلام محمد گرامي
رح جو پيامبر ٿي رهيو. نهايت نيڪ نفس. پاڪباز،
نمازي ۽ حلال رزق جو طالبو آهي. اڄ تائين حيات
آهي، ۽ نهايت ناموريءَ سان ڪوٽڙي شهر ۾ رهي ٿو.
هميشہ چئين بجي شام جو منهنجي نياپا مولانا گرامي
رح ڏانهن، ۽ مولانا گرامي رح جا نياپا مون ڏانهن
کڻي ايندو آهي.)
جيئن ئي ميان حمزي خان تصديق ڪئي، مان هڪ بجي واري
گاڏيءَ ۾ سوار ٿي، چئين وڳي شام جو حيدرآباد پهتس.
اتفاق سان ان ڏينهن مولانا جو والد مرحوم ميان
جاڙو خان به ويٺو هو. مون کي ڏسي، نهايت محبت ۽
ادب سان مليو، اهڙيءَ ريت جو اصل مون کي شرم اچي
ويو. دانهن ڪري کين عرض ڪيم، ”چاچا! اوهان والد
مرحوم جا دوست آهيو! اوهان کي ڏسي ته مون کي هڪ
عجيب قسم جي راحت ايندي آهي! ادب ته دراصل مون کي
اوهان جو ڪرڻ گهرجي! اوهان ڇو ايتري قدر منهنجو
ادب ڪري مون کي گنهگار ڪري رهيا آهيو!“ وراڻيائين،
”ميان ننڍا! پوري اڌ صدي مون اوهان جي پيءُ حضرت
مولانا غلام حسين جي رفاقت ۾ گذاري آهي مان اڻ
پڙهيل آهيان، پر گهڻو ڪجهه کانئن حاصل ڪيم، ۽ اڄ
منهنجو اولاد سندن ئي ڪوششن سبب دين جو علم پڙهيو
آهي. تون برابر منهنجو غلام محمد جهڙو ٻچڙو آهين.
پر جڏهن توتي نظر پوندي اٿم ته ميان وڏو ياد اچي
ويندو آهي، ۽ دل ڀرجي ايندي اٿم، تنهنڪري اهي سڪون
اوهان مان لاهيندو آهيان!“ عين ان ئي وقت مولانا
غلام محمد گرامي رح به اچي ويو. نهايت ادب ۽ محبت
سان ڀاڪر پائي مليو. مان ڪجهه ڪاوڙيل هوس، هڪدم
کانئس سوال ڪيم، ”ديني دستاربندي تو ڪانه ڪئي آهي،
پر ڪتابن جو ڪيئون آهين. مون کي ٻڌاءِ ته شريعت جي
روشنيءَ ۾، استاد ۽ مرشد جو ڪهڙو درجو آهي؟“ مختصر
جواب ڏنائين، ”ماءُ پيءُ کان به وڌ!“ پڇيومانس،
”ڇو؟“ وراڻيائين، ”ان لاءِ، جو ماءُ پيءُ پنهنجي
اولاد کي رڳو پالي وڏو ڪن ٿا. پر دنياوي عزت ۽ رزق
فقط استاد جي طفيل حاصل ٿي سگهي ٿي، ۽ دوزخ جي
باهه کان ۽ دنياوي آفتن کان فقط هڪ ڪامل مرشد جي
هدايت ئي بچائي سگهي ٿي!“ ”جڏهن تون ان روشن حقيقت
کان واقف آهين، ته پوءِ تو ڪيئن پنهنجي استاد جي
سامهون ٿيڻ جي همٿ ڪئي، ۽ تو ڇو اهڙي محترم استاد
۽ مرشد کان جدائي ڪئي، جنهن تو جهڙي عامي انسان کي
”گرامي“ جهڙو لقب، علم سميت عطا ڪري، اڄ هن اوڃ تي
رسايو آهي! ڇا توکي اها خبر ڪانهي، ته احسان
فراموش انسان پنهنجي خالق اڪبر جا احسان به وساري
ڇڏيندو آهي!“ انهن جملن ٻڌڻ سان روئي ڏنائين، ۽
سندن نيڻن مان نار جاري ٿي ويا. سندس اهڙي حالت
ڏسي منهنجي دل به ميڻ مثل پگهرجي ويئي. نيٺ ڪنڌ
مٿي ڪري نهايت نماڻي آواز ۾ چيائين، ”ميان نور
محمد! ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين، منهنجي هيءَ ڊگهي
حياتي اوهان جي سامهون گذري آهي! منهنجن سڀني فطري
عادتن ۽ افعالن جي به اوهان کي خبر آهي. ڇا ان
هوندي به تون اهڙين ڳالهين تي يقين ڪرين ٿو؟“ ان
سوال تي مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ نهايت محبت سان
وراڻيو ته ”نه! پر هت سوال اهو به ته اُٿي ٿو ته
آخر استاد ۽ مرشد سيد علي اڪبر شاهه جن ڇو اوهان
تي رنج آهن، ۽ ڇو اوهان کانئن جدا آهيو، ۽ ڇو اها
ڳالهه دنيا ۾ مشهور ٿي آهي؟“ ان تي نهايت صاف
دليءَ سان جواب ڏنائين ته ”مولوي نور محمد! اها
ڳالهه در اصل ڪن حاسد ماڻهن، ۽ ڪن مولوين مرچ
مصالحن لڳائي پڌري ڪئي آهي، ۽ ايتريون ته غلط
فهميءَ واريون ڳالهيون ڪري سائين استاد سيد علي
اڪبر شاهه جا ڪَن ڀريا اٿن، جو استاد جن پنهنجي
سادهه لوحيءُ سبب مون کان رنج آهن. مان ڪيئن ٿو
کانئن رنج ٿي سگهان؟ منهنجي سندس آڏو حيثيت ئي
ڪهڙي آهي. دراصل مون کانئن هڪ اجتهادي ديني مسئلو
پڇيو هو، ۽ دلي اطمينان خاطر ساڻن ڪي سوال جواب به
ڪيا هئم، اصل ائين جيئن اوهان هڪ دفعي شراب جي
حرام هجڻ بابت سوال حضرت استاد مولوي دوست محمد
مرحوم کان پڇيو هو ۽ بحث ڪيا هئا؛ پر جاهل ۽ حاسد
ٻڌندڙن ان وسيلي پنهنجي ذاتي وير پاڙيا آهن. هاڻي
خدا جي واسطي تون ئي ڪا مڙسي ڪر، ۽ سائينءَ سان
منهنجو پرچاءُ ڪر، ته جيئن مان کانئن معافي وٺي،
پنهنجي عاقبت موچاري ڪريان!“ انهن احوالن بعد مون
جانچ ڪئي. ڳالهه بلڪل سچي هئي. نيٺ سائينءَ جن
سان مليس. استاد رحم جو گهر هوندا آهن، نهايت قرب
سان گرامي رحه کي ڀاڪر پائي معاف ڪيائون.
شايد سنه 1952ع جي پڇاڙي آهي. هڪ سنڌي روزانيءَ
اخبار ۾ مولانا گرامي رحه جو علمي مضمون ڇپيو، جو
نهايت سٺو هو، پر اردوءَ تان ترجمو ڪيو هئائين، ۽
پهريون دفعو سنڌي زبان ۾ ايترا ته عربي ۽ فارسي
لفظ ملايل هئا، جو اصل سنڌيءَ جو حليو ئي بگڙي ويو
هو، ۽ لغت موجب ڪن لفطن جي اها معنيٰ ئي نه هئي،
جا مولانا گرامي رحه وٺڻ ٿي گهري، ۽ گرامر موجب به
اهي جملا صحي نه هئا. خيال ڪيم ته يار کان پُڇان
ته اها ڪهڙي زبان ايجاد ڪئي اٿو؟ ان مضمون جي ڇپجڻ
بعد، اڃا مان اهي خيال ئي ڪري رهيو هوس، ته اوچتو
ٻئي ڏينهن تي جناب ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو هڪ
زوردار ترديدي مضمون شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب مولانا
گراميءَ تي الزام لڳايو ته مولانا اهو مضمون اردو
مصنف جو ترجمو لفظ بلفظ ڪيو آهي، ۽ خيانت ڪندي اصل
مصنف جو نالو لڪائي، پنهنجي نالي سان شايع ڪري، هڪ
وڏي علمي ۽ ادبي خيانت ڪئي اٿس. اهو ڊگهو مضمون
شايد ٽن-چئن قسطن ۾ شايع ٿيو هو. خير، خيانت جو ته
مون کي ڪو به خيال ڪو نه ٿيو، ها باقي سنڌيءَ جو
پهريون دفعو حليو بگيڙبو ويو هو، ان ڪري مون کي
نهايت ارمان ٿيو هو. اوچتو وقت مليو، حيدرآباد
آيس. خير عافيت پڇڻ بعد کانئن پڇيم، ”ڇا، حيدرآباد
اچڻ بعد توکان سنڌي وسري ويئي آهي؟“ حيران ٿيندي
وراڻياڻين، ”نه!“ ”ته پوءِ هي توڪهڙيءَ سنڌيءَ ۾
پنهنجو مضمون اخبار ۾ شايع ڪرايو آهي؟“ وراڻيائين،
”هيءُ اردو مضمون هو، جنهن کي مون سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو آهي. پر انشا پردازيءَ خاطر ڪي لفظ جيئن جو
تيئن سنڌيءَ ۾ ڪم آندا اٿم. پر ميان نور محمد! مون
کان هڪ غلطي ٿي ويئي آهي، جنهن جو مون کي خيال ئي
نه رهيو، جو اصل مصنف جو نالوڪونه لکيو اٿم،
جنهنڪري هاڻي ڊاڪٽر خليل جا حملا جاري آهن. شايد
تنهنجي نظر مان به اها اخبار نڪتي هوندي.“
مون مولانا رحه کي تسلي ڏني ۽ چيو مان ته ”انهن جي
پاڻ کي ڪابه پرواهه ڪانهي، عالم آخر عالم هوندو
آهي؛ اڌ اکريو ڇا به ڪري، پر عالمن سان مقابلو نٿو
ڪري سگهي. چند ڪتابن جي پڙهڻ سان انسان نقاد نٿو
بنجي سگهي. کيس چئي ڇڏ ته هيءَ ويهين صدي آهي، ۽
ادب ٻن قسمن ۾ ورهائجي ويو آهي، جي هي آهن:
(1)
اقتداري ادب (Literature of power).
(2)
معلوماتي ادب (Literature of knowledge).
اڄڪلهه اقتداري ادب جو دور آهي، تنهنڪري ڪن عام
عالمن کي ته کڻي ڇڏي، خود سر سيد مرحوم جون به ڪي
تصنيفون انگريزي ڪتابن جا ترجما آهن! سر سيد مسٽر
اسٽيل، ايڊيسن ۽ جانسن جا ڪيئي مضمون ته پنهنجي
نالي سان شايع ڪرايا آهن؛ پر مزو ته هيءُ جو خود
آهي ئي مضمون ٻيهر مولانا محمد حسين آزاد جي نالي
سان به ڇپيا آهن! انهن به اصل مصنفن جا نالا ڪو نه
کنيا آهن. مثلا:
مسٽر ايڊيسن جو هڪ مضمون آهي
the Vision of Mirza
ان کي سر سيد ’سير عدم‘ هي عنوان سان پنهنجي نالي
سان شايع ڪرايو هو، ۽ اُهوئي ان غريب انگريز مصنف
جو مضمون هڪ اردو رسالي ’همايون‘ ماهه جو لاءِ سن
1942ع ۾ ’سير زندگي‘ جي عنوان سان مولانا محمد
حسين آزاد جي نالي سان ٻيهر ڇپيو آهي، ۽ اصل مصنف
جو نالو ڪو نه کنيو ويو آهي. مسٽر ايڊيسن جي
مضمونن جي معمولي لسٽ هن ريت آهي:
1.The Endeavenr of Mankind to get rid of their
Burdens
ان جو ترجمو اردوءَ ۾، ’انسان ڪسي حالت ۾ خوش نهين
رهتا‘ جي عنوان سان مولانا محمد حسين آزاد جي نالي
سان ڇپيل آهي.
اردو نالو ’خوش طبعي‘، ساڳئي آزاد جي نالي سان .2.
Wit and Humour
3. The
Vision of the Table of fame
هڪ انگريزي رسالي
Tatler۾
ڇپيو ان جو اردو ترجمو ساڳئي آزاد ’شهرت علم
وبقاي‘ دوام ڪا بازار‘ جي عنوان سان ڪيو، ۽ فقط
پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرايو. پر توکي ڪيترن ڪتابن جا
نالا ٻڌائي ڪيترا ٻڌايان. سر عبدالقادر خوب ان جو
ذڪر ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر صادق ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو
آهي. هن ته اصل اڳين پوين وڏن ناميارن مصنفن جا
نالا کڻي، ڪمال ڪيو آهي. اصل مولانا شرر جي مڙني
تصنيفن جا نالا کڻي، انهن جي ڀيٽ انگريزي، عربي ۽
فارسي ڪتابن سان ڪئي اٿن! ڊاڪٽر
خليل صاحب ڪجهه عام ڪتاب، رسالو ’نيرنگ خيال‘ ته
پڙهن، جنهن ۾ فاضل ڊاڪٽر صاحب نهايت تفصيل سان
لسٽ به ڪتابن جي پيش ڪئي آهي. مولانا شرر جو مشهور
مضمون ”ايک روپيه ڪي سرگذشت“ مسٽر ايڊيسن جي مضمون
جو ترجمو آهي. ڇا ڊاڪٽر خليل ٻڌائي سگهندو ته اهو
انگريزيءَ ۾ ڪهڙيءَ هيڊنگ سان آهي؟ دراصل ڳالهه
هيئن آهي ته تصنيفي اصول موجب ڪنهن ڌاريءَ زبان جو
ڪتاب، يا ڪابه علمي شيءَ پنهنجيءَ زبان ۾ ترجمو
ڪري پيش ڪرڻ وقت، اهو ضروري نه آهي ته هروڀرو اصل
مصنف جو نالو به لکجي! ها باقي عقيدت سبب ائين
ضرور ڪيو آهي. ها خيالت نه آهي. پر جي ڊاڪٽر صاحب
ضد ڪري، ته پوءِ کيس روبرو چئو ته انهن اڳين پوين
نالي وارن عالمن جو به اُن ’خيانت‘ ۾ ذڪر ڪري. فقط
غلام محمد گراميءَ کي لوئڻ جي ڇا مراد آهي، تنهن
کان سواءِ ڊاڪٽر خليل کي خود پنهنجي ’طبعزاد‘ شعري
۽ نثري تحريرن جو به، جي ٻيو نه ته خود پنهنجي دل
۾ ۽ پنهنجي ضمير سان، جائزو وٺڻ گهرجي.“
ان تي پاڻ ايڏا سرها ٿيا، جو اٿي مون کي ڀاڪر
پاتائون، ۽ نهايت محبت سان چيائون، ”ميان نور
محمد! خدا جي واسطي اهڙا ڪتاب مون کي ڏي!“ مون
هائو ڪئي. پاڻ وري مون سان ميهڙ هليا. جملي پندرهن
ڪتاب، رسالا ۽ ڪيئي پراڻيون اخبارون کڻي آيا. اهي
سڀ اڄ به سندن لئبرريءَ ۾ موجود آهن.
سنه 1954ع ۾ هڪ دفعو ساڻن مليس. رسالي ”شاعر“ جي
ڪاپي آڏو آندائون. ڏاڍا سرها ٿي لڳا. چوڻ لڳا، ”
ميان نور محمد! حضرت مخدوم زمان طالب الموليٰ جن
مون سان وڏا وڙ ڪيا آهن. هي رسالو سندن مدد سان
جاري ڪيو اٿم.“ اهڙيءَ ته خوشيءَ ۾ هئا، جو
منهنجي دليان آواز نڪتو، ”اي منهنجا رب پاڪ! جيئن
هن منهنجي غريب ۽ مسڪين ساٿي کي جناب مخدوم طالب
الموليٰ خوش ڪيو آهي، تون جناب طالب الموليٰ کي به
خوش رک، ۽ هن کي عمر خضري، بخت سڪندري، ۽ هن دنيا
توڙي اڳينءَ دنيا ۾ شاد رک!“
سن 1955ع ۾ ون يونٽ جو لعنتي ڳٽ سنڌ جي گلي ۾ وڌو
ويو! عالمن ۽ اديبن ان جي خوب مخالفت ڪئي، پر وريو
ڪجهه به ڪو نه. سن 1956ع ۾ اوچتو مولانا رحه جن
مون کي گاڏي کاتي جي هڪ بوڪ اسٽال تي مليا. ان وقت
مون وٽ ”ڪمپائونڊرس هئنڊ بوڪ“ جو مسودو هٿ ۾ هو.
ان کي سرسري طور ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. فرمايائون،
”اهو ڪتاب مون کي ڏي ته سنڌي ادبي بورڊ وسيلي شايع
ڪرايان.“ مون وراڻيو، ”وڏي مهرباني! مون کي پاڻ
هاڻي اهو خيال آيو آهي، پر مان آر ايڇ احمد برادرس
وارن سان واعدو ڪري چڪو آهيان. اميد ته ڪو ٻيو
ڪتاب ان اداري مان شايع ڪرائڻ لاءِ پيش ڪندس.“
سنه 1958ع ۾ مارشل لا لڳو. ايوب حڪومت پهريون وار
سنڌيءَ تي ڪيو. سنڌيءَ جو اصل هليو بگيڙيو ويو، ۽
سندس صدين واري حڪمراني حيثيت ختم ڪري، کيس هڪ عام
ادنيٰ حيثيت ڏني ويئي. ان پر آشوب دور ۾، شايد سنه
1959ع جي وچ ڌاري ، مولانا رحه سان ملڻ لاءِ
حيدرآباد آيس. ان وقت ڪجهه گرمي هئي، ۽ وقت هو شام
جا 4 بجا در تي پهتس ته ڏٺم ته ڪيترا بورڊ لڳل
هئا. هڪ تي لکيل هو ”مولانا گراميءَ سان ملڻ جو
وقت!“هڪ ٻئي بورڊ تي لکيل هو ”گرامي صاحب سي ملني
کي اوقات.“ اهي بورڊ ڏسي، مون کي ڏاڍي خار آئي.
نهايت وڏي آواز سان ٻه سڏ ڪيم، پر جواب ندارد!
گهنٽيءَ جي بٽڻ کي دٻائڻ کان سواءِ سڌو ڏاڪڻ پار
ڪري، زور زور سان در کڙڪايم. اوچتو در کليو. سندن
ننڍو ڀاءُ منهنجي سامهون هو. مون کي ڏسي ککو وکو
ٿي ويو. کانئس پڇيم، ”مولانا صاحب گهر ۾ آهي”“
وراڻيائين، ”هائو“، ۽ ائين چئي، هڪدم اندر هليو
ويو.، اڃا ٻه منٽ به ڪو نه گذريا ته پاڻ در تي
آيا، ۽ ڀاڪر پائي مليا، ۽ مون کي ساڻ ڪري، ڪمري ۾
اچي ويٺا. کٽ تي ويهندي، مون کانئن پڇيو، ”ڇا،
ايوب خان توکي چمچا گيريءَ جي عيوض ڪو پي.سي. ايس
جو عهدو ڏنو آهي ڇا؟“ فرمايائون، ”نه!“ ”ته پوءِ
هي تنهنجي در تي بورڊ ڇو لڳل آهن؟ ڇا تو ڪٿي اسان
فقير سنڌي عالمن کان جدا ٿي ڪري، ڪو نئون مذهبي
مسلڪ ته اختيار ڪونه ڪيو آهي؟ يا تو مورڳو مذهب
اسلام جي تجديد ڪري، پنهنجي در تي به ٻين وانگر
بورڊ لڳايا آهن، ۽ وقت مقرر ڪيا آهن؟ مولوي صاحب!
اسان جو مذهب اسلام ان جي هر گز اجازت نٿو ڏئي!
اهو شريعت سڳوريءَ جي سراسر خلاف آهي. اهي هر گز
ڪنهن عالم جي در تي نٿا سونهن. عالم جو در هر
انسان ذات لاءِ هر وقت کليل رهندو آهي، ۽ هر انسان
سان ملڻ هڪ وڏي عبادت آهي، ۽ ڪنهن انسان جو ڪنهن
عالم جو منهن ڏسڻ، ثواب ۾ داخل آهي. مهرباني ڪري
اهي بورڊ لهرائي ڇڏ!“ ان تي پاڻ چپ ٿي ويا، ۽ پوءِ
فرمايائون، ”ميان نور محمد! رنج نه ٿي. اهي بورڊ
مون ڪنهن خاص سبب جي ڪري لڳرايا آهن، نه ته ٻيءَ
حالت ۾ ’هيءَ ڪميڻي ڪير، جو امر جي آڏو اچي!‘ مون
نه ته ايوب آمر کان ڪجهه حاصل ڪيو آهي، ۽ نه وري
ان جي ڪا تمنا به اٿم! ايستائين جو اڄڪلهه منهنجو
هٿ نهايت تنگ آهي ۽ تازو منهنجي مدد منهنجي مهمان
تاجپور جي نوابن ڪئي آهي، مولب صاحب اڄڪلهه ته
چڱا چڱا گڙنگ ۽ دلير سياستدان ليڊر توڙي سرمائيدار
۽ جاگيردار، ها ۾ ها ملائي، واهه واهه ڪري، ايوب
خان جون جتيون سڌيون ڪري رهيا آهن. اهڙي پر آشوب
دور ۾، مون هڪ مسڪين سنڌي عال ڪيئن ٿو سچ چئي
سگهان؟“ ان تي مان لاجواب ٿي ويس. ڪچهري ڪرڻ بعد،
هليو ويس. ڪجهه ڏينهن بعد اهي بورڊ به غائب ٿي
ويا.
1962ع ۾ مولانا واهه جا تحقيق ۽ تنقيد وارا مضمون
۽ مقالا لکيا. پنهنجي مام ۾ خوب سنڌي قوم جي
ترجماني ڪيائون. پر انهن ۾ هڪ وڏو نقص فقط اهو هو،
جو اهي سڀ هڪ نئين قسم جي سنڌيءَ ۾ هئا. سنڌيءَ
سان اهڙي جٺ ٿيندي ڏسي، مون کان اصل سَٺو نه
ٿيندو هو. مولانا رح جي مضمونن ۾ اصل 60 کان 70
سيڪڙو ڌارين لفظن جو وسڪارو هوندو هو. ان ئي سبب
اڪثر سنڌي اديبن جي، خصوصاً نون نوجوان سنڌي اديبن
جي، ڪابه قدر داني ڪانه ٿي ٿِي، جنهن سبب سنڌي
اديبن جا ڌار ٽولا بنجي رهيا هئا؛ ۽ ان ڌن ۾
مولانا رح جن اهڙا ته مست ٿي ويا، جو اصل اڪثر
اديبن کي ڪو سنگل ئي ڪو نه ڏيندا هئا، ۽ ڪڏهن ته
کين جاهل به چئي ڏيندا هئا_ اصل ائين جيئن ڪي
مذهبي عالم پاڻ سان متفق نه ٿيندڙ ماڻهن کي ”ڪافر“
چوندي به ڪو نه ٿا مڙن! ڪيترن نوجوان اديبن مون کي
پنهنجا اهڙا شڪايت ڀريا خط به لکيا. (اهي سڀ مون
وٽ محفوظ آهن.)
مان انهن ڏينهن م بدين ۾ هوس. 1963ع ۾ مون کي وقت
مليو ۽ حيدرآباد ۾ ساڻن مليس؛ کين عرض ڪيم، ”اوهان
هاڻي اديب ۽ عالم آهيو ۽ هاڻي شاعريءَ سان گڏ
مشهور سنڌي محقق ۽ نقاد به ٿي چڪا آهيو. اوهان جو
اوڍڻ وڇائڻ، توڙي روزيءَ جو ذريعو فقط قلم ۽ ڪتاب
آهن؛ مون کي ته پنهنجي دنياوي ڪمن کان ايتري فرصت
ئي ڪانه ٿي ملي، جو مطالعو به ڪري سگهان. پر مون
کي ڏسڻ ۾ اڄڪلهه ائين ٿو اچي ته اها سنڌي، جا اسان
ڄمندي پنهنجي ماءُ-پيءُ جي واتان ٻڌي ۽ سکي، ۽ ان
بعد پنهنجي استادن توڙي خود ان وقت جي عالمن کان
پڙهي، اها اڄڪلهه گم پئي ٿيندي وڃي. ان سبب نه فقط
سنڌي ادب جو واڌارو رڪجي رهيو آهي، بلڪ سنڌي اديبن
جي به دل شڪني ٿي رهي آهي. وڏو نقصان ته اهو ٿيو
آهي، جو سنڌ جو عام عوام به سنڌي ادب کان وانجهجي
رهيو آهي. معاف ڪجو، ان ۾ ڪجهه اوهان وڏن عالمن جو
به هٿ آهي. مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو ته ان جو
سبب ڇا آهي ۽ اهو رواج ڪيتري قدر سنڌي زبان لاءِ
سود مند ثابت ٿي سگهي ٿو؟“
ان منهنجي سوال تي پاڻ ڪجهه دير چپ رهيا ۽ نهايت
غور ۽ فڪر ۾ رهيا . ان بعد ڪنڌ مٿي ڪري فرمايائون،
”هر دور ۾ زبان تي ماحول جو اثر پوندو آهي. هيءُ
دور، جديد سائنسي دور آهي، جنهن ۾ جدت جي تيزي
آهي. ان سبب سنڌيءَ ۾ به جدت اچي رهي آهي ۽ ان ئي
سبب ان کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته منجهس
ڌاريا لفظ وڌا وڃن. ان وسيلي نه فقط سنڌي جي سونهن
۽ سوڀيا وڌندي، بلڪ سنڌي مضمونن ۾ سهڻي رنگيني به
ايندي!“
عرض ڪيم، ”اوهان جو چوڻ ٺيڪ آهي، پر ائين ڪرڻ سان
سنڌي زبان جو مٽجڻ به ته ممڪن آهي، ۽ اوهين ڪنهن
زبان جي مٽجڻ جي اگرن نتيجن کان به ته ضرور واقف
هوندا ان ئي مٽجڻ توڙي ملاوٽ جي خوف کان موجودهه
دور جا عالم ۽ ڊاڪٽر ڏاڍو ڊڄن به ٿا، ايتري قدر جو
ايران جي هڪ وڏي ڊاڪٽر ۽ اسڪالر، فارسي زبان جون
سڀ قديم دور واريون تصنيفون، ديوان حافظ ۽ شيخ
سعديءَ جي سڀني تصنيفن سميت، وري تصنيف ڪرڻ جا
مشورا ڏنا آهن. سندس چوڻ آهي ته ”فارسيءَ جي انهن
تصنيفن ۾ گهڻائي غير فارسي لفظ داخل ٿيل آهن. هاڻي
وقت اچي ويو آهي ته فارسيءَ جي حڪمراني بحال ڪئي
وڃي.“ (تازو ماهه سپٽمبر 1976ع ۾ ريڊيو ايران،
زاهدان، اهڙو اعلان نشر به ڪيو هو، جنهن ۾ چيو
ويو هو ته اهو ايراني ڊاڪٽر اهو ڪم ڪري به رهيو
آهي.) ان بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟“
فرمايائون، ”سنڌي زبان ۾ جدت آڻڻ جي ڳالهه آهي، ۽
فارسيءَ کي فارسيءَ ۾ آڻڻ ٻي ڳالهه! ڪجهه عرصي
بعد، جي حياتي رهي، ته پوءِ ڏسجو ٿوري ئي عرصي
بعد سنڌي اهڙي ته سهڻي ۽ رنگين صورت اختيار ڪندي،
جو ماڻهو ٻين زبانن جا ڪتاب پڙهڻ ئي ڇڏي ڏيندا.“
مان ساڻن متفق نه ٿيس. عرض ڪيم، ”اهڙي سنڌي ادب جي
پڙهندڙن جو ڌيان ته فقط رنگينيءَ ڏانهن ئي ڇڪيل
رهندو، ۽ رنگين لفظن جي صحيح معنيٰ ۽ مطلب معلوم
ڪرڻ لاءِ کين مختلف قسم جي ٻولين جون لغتون به پٺن
تي کڻڻيون پونديون. ان وڏي جدوجهد سبب سندن ڌيان
اصل قصي تان ئي هٽي ويندو. پر خير، اوهين اهو ته
ضرور قبول ڪندا ته موجودهه ناول واري دور جا اصل
باني اهل يورپ وارا، خصوصاً انگريز آهن، ۽ دنيا
جون سڀ قومون ۽ زبانون انهن کان ئي متاثر ٿيون
آهن، ۽ انهن ۾ سنڌي زبان به شامل آهي.“
پاڻ ڪجهه غور ۽ فڪر ۾ مصروف رهيا؛ آخر فرمايائون،
”ها، اهو مان بلڪل قبول ڪريان ٿو ته ناول نويسيءَ
جي هن وڏيءَ شهنشاهيت قائم ڪرڻ ۾، يورپين جو وڏو
هٿ آهي.“ اهو جواب ٻڌي خوش ٿيس. هڪدم عرض ڪيم، ”ته
پوءِ منهنجا يار، اوهان عالمن ۽ اديبن کي اها ناول
واري طرز به اختيار ڪرڻي پوندي، ۽ ناول واري زبان
به قبول ڪرڻي پوندي.“
پاڻ به هڪدم وراڻيائون، ”بلڪل، بلڪل! اڄ ته مذهب
جي اصولن، ۽ تواريخن کي به ناول واري طرز وٺرائي
پئي وڃي، ۽ اهي مقبوليت به حاصل ڪري رهيون آهن!“
ان تي مون به جهٽ کين عرض ڪيو، ”ته پوءِ مثال خاطر
ٻڌو، فقط انهن دنيا جي مشهور انگريزي ناول نگارن
جو احوال، جن جي ڌاڪ اڄ به ادبي دنيا تي ويٺل
آهي. مسٽر ڪيسٽ ۽ فيلڊنگ جا ناول بلاشڪ نهايت سٺا
۽ مشهور آهن، پر ان ئي ’رنگين بيانيءَ‘ سان پُر،
جنهن جو ذڪر اوهان ڪيو آهي. ان ئي ’رنگين بيانيءَ‘
سبب اهي خود پنهنجي ملڪ ۾ مشهور ڪونهن- - سبب؟ ان
جو سبب انگريز عالم ۽ محقق اهو ٿا ڏين ته انهن جي
’رنگين بيانيءَ‘ اصل اهڙو ته ٻيڙو ٻوڙيو آهي، جو
پڙهندڙن جو ڌيان ’رنگين بيانيءَ‘ ڏانهن ڇڪجيو وڃي،
۽ اصل قصو وچ ۾ رهجي وڃي!هوڏانهن مسٽر والٽر
اسڪاٽ ۽ مسٽر مارڪ ٽوئين جا ناول به دنيا ۾ مشهور
آهن، پر اهي خود پنهنجي وطن ۾ به نهايت مقبول آهن.
وري ستم ظريفي ته ڏسو، جو انهن جي ليکڪن اهڙي ته
’غلط‘ عامي انگريزي زبان استعمال ڪئي آهي، جهڙي
مون حقير فقير جي سنڌي! هتان جو جي ڪو انگريزي
شاگرد به اها انگريزي پڙهي، ته کلي. مولانا! اوهان
منهنجا دوست آهيو، اوهان جي علم ۽ غور فڪر جي مون
کي خبر آهي، اوهان بلاشڪ سٺي ۽ سهڻي زبان استعمال
ڪريو ٿا، مون کي ان جو اعتراف آهي. پر ان اوهان جي
سهڻيءَ زبان کي هيءَ زندگي اصل ٺڪرائي ٿي ڇڏي.
هوڏانهن وري نه فقط اوهان، بلڪ ڪيترا فاضل سنڌي
ليکڪ هاڻي ساديءَ ۽ عام فهم واريءَ زبان کي ئي
ٺڪرائي ٿا ڇڏين. پر سچو فنڪار ليکڪ ان کي پنهنجي
سيني سان لڳائي ٿو ڇڏي. اها هڪ حقيقت آهي ته دراصل
عالمن جو تعلق هاڻي ’معياري زندگي‘ سان آهي، ۽
ناول نويس جو تعلق ’حقيقي زندگيءَ‘ سان آهي. نه
عالمن جي زبان داني زبان جو معيار آهي، نه ئي انهن
جون تصنيفون ڪو اصل معيار آهن. اسان جهڙن غريب اڌ
اکرين لاءِ معيار جو ماڻ فقط اها زبان ۽ زندگي
آهي، جا اسان جي آڏو ڳالهائي ۽ گذاري پئي وڃي. هي
سنڌي زبان جي سمنڊ جو اهو گجگوڙ ڪندڙ آواز آهي،
جيڪو اسان جي ڪنن رستي داخل ٿي ڪري، اسان جي عقل
کي زندگيءَ کان نه فقط بهرور ڪرائي ٿو ڇڏي، بلڪ
اسان جي دلين کي به زندگيءَ سان گڏ نچائي ڇڏيندو
آهي. اوهان کي خبر آهي ته هو مر انڌو هو. هن جا سڀ
نظم ان ئي زبان ۾ آهن، جا هو ان وقت جي عام ماڻهن
کان ٻڌندو هو. هن جي ان ئي عمل تي حڪيم ارسطو ”علم
الڪلام“ جو بنياد رکيو هو، جنهن کي اڄ به هيءَ
سموري دنيا قبول ڪري ٿي، جيتوڻيڪ ان ۾ هاڻي ڪافي
اضافي ترميمون به اچي چڪيون آهن. هيگل ته ان کي
بلڪل رد به ڪري ڇڏيو آهي. مطلب ته زبان جي ڪنهن به
اصول کي مطلق صحيح نٿو چئي سگهجي! جي ان جو ڪو
اصول ائين صحيح مڃجي، ته پوءِ اهو به ياد رکڻ
گهرجي ته ان جي متضاد جي به صحيح صورت هوندي. هاڻي
نه فقط رسمي منطق جو، بلڪ مابعدالطبعيات جو دور به
ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي نفسيات جو دور آهي. انفرادي
آئينو اسان جي سامهون آهي. ’معيار‘ هاڻي ’احمقن جو
دور‘ واري ڪا شيءَ بنجي چڪو آهي. انگريزيءَ جو هڪ
مشهور ناول آهي، نالو اٿس ”يوليسس“؛ جي اوهان ان
کي پڙهندا ته اوهان کان اصل دانهون نڪري وينديون.
مصنف وک وک تي انگريزي زبان جو اصل خون ڪيو آهي.
رهيو سوال اسان جي سنڌي نقادن جو ته اها اوهان کي
به ۽ اسان کي به خبر آهي ته سندن تنقيدي شعور
ڪيتريقدر ترقي ڪئي آهي. اوهان ڏسندا هوندا ته
چوٿائي صديءَ جي گذّرڻ بعد به اڃا اسان جي تنقيدي
گهوڙن جا ڏينهن، هڪ ڏينهن لاءِ به نه بدليا آهن.
ان کان وڌ مان ڇا چئي، ڇا چوان“
منهنجي ان ڊگهي تقرير ٻڌڻ بعد پاڻ ڪجهه وقت لاءِ
سوچن ۾ گم ٿي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ فرمايائون،
”اوهان جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو ڪجهه نه ڪجهه ٺيڪ
ضرور آهي.“ عرض ڪيم، “ارسطوءَ کان ڪنهن شخص پڇيو،
’اوهان ايڏو عقل ڪنهن کان حاصل ڪيو؟‘ حڪيم جواب
ڏنو، ’بي عقلن کان!‘ شايد مون بي عقل جون به ڪي
ڳالهيون اوهان لاءِ عقل واريون ثابت ٿين!“
اهو جهيڙو مون فقط ان لاءِ ساڻن ڪيو هو، جو اڪثر
سنڌي ليکڪن ڪيئي شڪايتون مون سان ڪيون هيون، ۽
سنڌي اديبن جي جماعت ۾ ويڇا پئجي رهيا هئا. چاهيم
ٿي ته سنڌي ادبي قافلو هم مهار رهي. اها به هڪ
حقيقت هئي ته مولانا رحه جون لکڻيون منفرد هيون، ۽
عام پڙهندڙن جي اصل سمجهه کان ئي ٻاهر هيون. خود
چڱن چڱن پڙهيل پڙهندڙن لاءِ به بنا لغت جي کين
سمجهڻ نهايت مشڪل هو. بهرحال ان گفتگو بعد مولانا
رحه جن گهڻي گهڻي قدر پنهنجي لائين بدلائي ڇڏي.
سنه 1965ع ۾ مولانا رحه سان مليس. پاڻ ان وقت
نهايت مسرور هئا. سندن لاڙو هاڻي عام اديبن ۽
شاعرن سان هو. جنهن وقت مان وٽن پهتس، ان وقت جناب
حيدر بخش جتوئي مرحوم جو فرزند به وٽن ويٺو هو.
نهايت خوشيءَ مان سندن تعارف مون سان ڪرايائون، ۽
پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين کان به واقف ڪيائون.
سنه 1971ع کان مون سنڌي نون رسالن لاءِ لکڻ شروع
ڪيو. خصوصاّ ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ ڪافي لکيم، ويندي اُن
جي ادارتي نوٽن ۾ به ڪجهه ڀاڱي ڀائيوار رهيس_
جيتوڻيڪ منهنجي پنهنجي نالي سان ڪو هڪ اڌ مضمون
ڇپجندو هو_ ايڊيٽوريل ڀاءُ عبدالغفور ميمڻ جي نالي
سان ڇپيا هئا ۽ مضمون وري پناهه جگر سنڌيءَ ۽ ٻين
جي نالن سان شايع ٿيندا هئا. ان رسالي ايڏي ته
مقبوليت حاصل ڪئي، جو رسالي جو نالو سنڌ ۾ وڄي
ويو. ان وسيلي ڪوشش منهنجي اها هئي ته نوجوانن ۾
لکڻ جو اتساهه پيدا ٿئي. اهو مطلب حاصل به ٿيو.
ڪيئي نوجوان نوان ليکڪ پيدا ٿيا، ۽ انهن مان ڪي ته
اڄ نهايت مشهور به ٿي چڪا آهن. ان ئي رسالي ۾ هڪ
ڏينهن جوش ۾ اچي عبدالغفور ميمڻ مولانا رحه جن
بابت لکيو ته ”پاڻ وڏا اديب آهن، پر سندن سنڌي
لکڻيون سنڌي زبان لاءِ هاڃيڪار آهن.“ ان تي مولانا
گرامي رحه جن نهايت رنج هئا، پر مون کي ان جي خبر
ڪانه هئي. شايد ماهه نومبر 1972ع هو. مان مولانا
رحه جن وٽ ويس. مون هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جو نالو
آهي”ماڻڪ مڻيادار.“ مان هونئن ته اهو ڪڏهن به پسند
ڪو نه ڪندو آهيان، ته ڪنهن ڪتاب جي تعريف هروڀرو
ڪنهن دوست تي بار بنجي ڪرائي وڃي، تنهنڪري ديباچو
مان پاڻ ئي لکندو آهيان؛ پر هيءُ ڪتاب مذهب اسلام
بابت هو. تنهن کان سواءِ اهو پهريون دفعو ناول
واريءَ طرز ۾ لکيو ويو هو. مون کي ڊپ ٿيو ته ڪٿي
ان ۾ ڪا غلطي ته هجي، تنهنڪري ان تي ڪيترن ديني
عالمن جي به راءِ لکائي هيم. آخر ۾ خيال ڪيم ته
پنهنجي يار کان به راءِ لکايان، ۽ ڏسان ته هن نئين
طرز واري ڪتاب بابت سندن ڇا راءِ اهي. ڪچهري ڪرڻ
بعد پنهنجو اهو ڪتاب کين ڏنم، ۽ عرض ڪيم ”مولانا
غلام محمد! تون منهنجو يار آهين، تنهنڪري وقت
وڃائي هن ڪتاب جو مطالعو ڪري، پنهنجا تاثرات هن
خالي صفحي تي لکي ڇڏجو، پر اوهان جي راءِ حق ۽
انصاف واري هئڻ گهرجي، پاسخاطري خدا واسطي اصل نه
ڪجانءِ.“ نهايت خوش ٿيندي مون کان ڪتاب ورتائون، ۽
مرڪي فرمايائون، ”مولوي صاحب! اوهين ته چوندا آهيو
ته مان ڪجهه لکندوئي ڪو نه آهيان، پر اڄڪلهه ڏاڍا
پيا اوهين ڪتاب لکو؛ ۽ اوهان جا مضمون به اڄڪلهه
ڏاڍا پيا ’ملير ڊائجسٽ‘ جهڙي ٻاراڻي رسالي ۾ شايع
ٿين!“ وراڻيم، ”مولانا! اها وقت جي تقاضا آهي.
اوهين داد نه ڏيندا، جو ان ئي ٻاراڻي رسالي وسيلي
ڪيئي نوجوان اديب پيدا ٿي رهيا آهن. ۽ مستقبل ۾
اهي ئي سنڌي زبان جا فاضل اديب بنجڻا آهن. هونئن
به وطن عزيز جا اصل وارث به ته اهي ئي اسان جا
نوجوان آهن.“
اهي جملا ٻڌي، مرڪي، کڻي ماٺ ڪيائون. ان ڏينهن پاڻ
ڪجهه خوش به هئا. مان موڪلائي هليو آيس.
ماهه فيبروري سنه 1973ع ۾ مان سندن آفيس ۾ ويس.
مون کي ڏسي فرمايائون، ”اوهان جو ڪتاب مون کي ڏاڍو
پسند آيو آهي. چاهيان ٿو ته اهو سنڌي ادبي بورڊ
مان شايع ڪرايان. مهرباني ڪري درخواست لک ته مان
ان تي پنهنجي نوٽ هڻي بورڊ جي آئينده ميٽنگ ۾ پيش
ڪري منظور ڪرايان“. مون عرض ڪيو، ”ادا! مان هڪ
غريب فقير تن اڌ اکريو مولوي آهيان، جنهن جي لکڻي
به نهايت سادي آهي. مون کي خبر آهي ته بورڊ جا
معزز ميمبر فقط ڪن خاص ماڻهن جي ڪتابن ڏانهن ئي
ڌيان ڏيندا آهن، اسان جهڙن جا ڪتاب ائين ئي سالن
جا سال پيا رلندا آهن. خواهه مخواهه ڇو اوهان
تڪليف ڪريو ۽ ڇو مان به پنهنجي جتي گسايان، جڏهن
ته ٻئي هنڌ به اهو نهايت سولائيءَ سان شايع ڪرائي
سگهان ٿو.“ ائين چئي مون کانئس ڪتاب ورتو.
ڪتاب کولي ڏٺم. حضرت مولانا رحه جن پنهنجا تاثرات
هيئن ظاهر ڪيا هئا: ”مون هيءُ ڪتاب ’ماڻڪ مڻيادار‘
چڱيءَ ريت مطالعو ڪيو آهي. جناب مولوي نور محمد
دراني هڪ مخلص ۽ درد مند دل رکندڙ عالم آهي، جنهن
موجوده دور جي لاديني خيالات، ۽ مادهه پرستانه
نظريات کي انسان ذات لاءِ زهر قاتل محسوس ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ اسلامي روح کي وڏيءَ حڪمت سان ۽ اثرائتي
انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي مطالعي سان
نه فقط پڙهندڙن جي دل ۾ ولوله حيات پيدا ٿئي ٿو،
بلڪ ان سان گڏ سيرت سازيءَ لاءِ به دلڪش ۽ روح
پرور جذبو پيدا ٿئي ٿو. هن دور ۾ جڏهن ته ناول،
افساني ۽ ڊرامي کي زياده مقبوليت حاصل ٿي چڪي آهي،
ماڻهو دينيات ۽ اخلاقيات جي دقيق ۽ علمي مسئلن کي
پڙهڻ لاءِ تيار نه آهن، تنهنڪري ان حقيقت جي زياده
ضرورت آهي ته نهايت دلچسپ ۽ پُرڪشش انداز ۾ ڪتاب
لکيا وڃن، جن ۾ تاريخي واقعات کي ذهن نشين ۽ ڪشش
انگيز پيرايي ۾ پيش ڪيو وڃي، ته جيئن افسانوي ادب
جي پسند ڪندڙن لاءِ اُنهن ۾ ڪابه اجنبيت نه رهي.
هي ڪتاب اسان جي نئين نسل جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت
لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾
منهنجي راءِ آهي ته ان کي نه فقط انعامي طور منظور
ڪيو وڃي، پر ان کان علاوه سنڌي پڙهيل طبقي ۽
لئبررين تائين به پهچايو وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي
فاضل مصنف جي حوصله افزائي ٿي سگهي ٿي. و السلام
غلام محمد گرامي، ايڊيٽر سماهي ’مهراڻ‘ حيدرآباد،
11، جنوري 1973ع“
ان دور ۾ موانا جو دماغ ۽ قلم سنڌي ڪاز کي صحيءَ
ريت سمجهي چڪو هو، ۽ ان ئي جدوجهد ۾ مصروف رهندا
هئا. سچيءَ سنڌ جا شاعر ۽ اديب، باوجود نظرياتي
اختلاف جي، مولانا سان متفق هئا. ان ئي سال ”ڪتابن
جو سال“ ملهايو ٿي ويو. شايد مارچ جو مهينو هو. ان
ئي مهيني ۾ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو هو. ان موقعي تي
حضرت مولانا رحه جن هڪ زوردار مقالو پڙهيو. جون
1973ع ۾ ساڻن مليس. کانئن سوال ڪيم ”ڇا، اوهين
مذهب اسلام کي خيرباد چئي چڪا آهيو؟“ وراڻيائون،
”نه!“—”ته پوءِ هي اوهين پنهنجي مقالي ۾ ڇا ڇا
چئي ويا آهيو—ڪري سيٺ ڏيون مل، ڀري غريب ڏيومل!
اسلام جو تعلق روحانيت سان آهي مولانا! ان جو
سياست سان ڪهڙو تعلق؟“ جواب ڏنائين، ”سنڌ وارن جا
حق به ته اسلام جي آڙ ۾ ماريا ويا آهن.“ عرض ڪيم،
”هنن جاهلن برابر ائين ڪيو آهي، پر اسان ته عالم
آهيون، ڇو نه اصل صحي اسلام جي صحي حڪمن جو آئينو
ڏيکاري، کانئن اڳيون پويون چوريون وصول ڪجن! ان جو
صحي علاج اهو هر گز ڪونهي ته خواهه مخواهه جاهلن
وانگر اسين به اسلام تي جلهه ڪريون! اسان جي ائين
ڪرڻ سان نه فقط اهل سنڌ وارن جا حق موٽي ملندا،
بلڪ اسلام جو نالو به روشن ٿي ويندو، ۽ انسانذات
جو به ڀلو ٿيندو.“
ان موضوع تي برابر ٽي ڪلاڪ بحث هليو، پر پاڻ مڃڻ
لاءِ اڃان به تيار نه هئا. لاچار کين چيم، ”مان
تنهنجي ان مقالي تي تنقيد ڪندس، تون ترديد
ڪجانءِ.“ وراڻيائون، ”مان ان جو خير مقدم ڪندس.“
ان بعد مان هليو ويس.
مون تنقيد لکي، اها ’رهبر ڊائجيسٽ‘ ۾ عابد لغاريءَ
شايع به ڪئي. مولانا جي سڀني دوستن ۾ غلغلو پئجي
ويو. آخر اها ڳالهه ديني عالمن تائين به پهتي. ڪن
دوستن ان کي نور محمد سنڌي ۽ غلام محمد گراميءَ جو
ذاتي جهيڙو سمجهي، ٺاهه ڪرائڻ جا بيان ڏنا. ان
باب ۾ تاجپور جا علم دوست مهربان نواب به شامل
هئا. سوين خط مون کي به مختلف هنڌن کان پهتا.
مولانا عبدالرحمان صاحب مدرس مدرسه ولهيٽ جن اها
تنقيد کڻي جڏهن جناب عبدالڪريم پلي صاحب کي ڏيکارڻ
ويا، ته پاڻ دوستيءَ جي جوش ۾ ان کي پڙهڻ لاءِ به
تيار نه ٿيا. مطلب ته اهل سنڌ وارن جا مختلف خيال
هئا. پر صحي مطلب نه مولانا رحه جي مخالفن سمجهيو،
نه وري ڪو موافقن. چوڻي آهي”ملوڪن جو ڪلام ملوڪ ئي
سمجهندا آهن.“ چئن مهينن بعد اسان جو پيامبر حمزو
خان هڪ ڏينهن مون وٽ آيو، ۽ پيغام ڏنائين ته
”مولانا گرامي صاحب جن چون ٿا ته ”اوهين هاڻي ڪجهه
ٿڌا ٿيا آهيو، يا اڃا ڪجهه لکندا؟ پر هاڻي ته اهو
فرض جناب ڊاڪٽر ابراهيم خليل جن پنهنجي ڪُلهن تي
کنيو آهي، ۽ ’ديوان بلبل‘ جو راڳ آلاپي رهيا آهن.
اوهان بلڪل واندا هوندا، منهن ته ڏيکاري وڃو!“
ڳالهه بلڪل سچي ۽ صحيح هئي. هڪدم ان ئي ڏينهن وڃي
ساڻن شام جو مليس. نهايت محبت سان ملياسون. ان
ڏينهن ڪجهه ٿڪل ۽ مغممن هئا. فرمايائون، ”ميان نور
محمد! غريب هوندي به مون وٽ ڪيئي ڪتاب اچي گڏ ٿيا
آهن. مون کي قبضيت ۽ گئس سبب ايڏي ته سستي چڙهي
ويئي آهي، جو نه ته لکي سگها ٿو، نه مطالعو ئي ڪري
سگهان ٿو. ڪم به تمام گهڻو آهي.“ جواب ڏنم، ”ڀاءُ!
بلاشڪ اوهان جي شڪل ئي شاهدي ٿي ڏئي. اوهان ڪنهن
سُٺي فزيشن کان بلڊپريشر چيڪ ڪرايو. بيماريون گلي
پيون پيون، حياتيءَ جو ڪو به ڀروسو ڪونهي. اوهان
جا مقالا، مضمون، ايڊيٽوريل ۽ انٽرويو ته ضرور
يادگار رهندا، پر هاڻي ته ڪو تصنيف جو ڪم به هٿ ۾
کڻو.“ وراڻيائون، ”اوهان جو چوڻ سچ آهي، پر
مطالعي جي شوق مون کي فرصت ئي نه ڏني. جيڪو وقت
ملي ٿو، اهو فقط مطالعي، تحقيق ۽ تنقيد ۾ صرف ٿئي
ٿو. جيڪي ڪجهه بچي ٿو، ان ۾ ٻيون لکڻيون ضروري
هونديون آهن. هاڻي ته ست ئي ساري نٿو سگهان. اوهان
کي ياد هوندو ته مولانا مدنيءَ بابت مون ڪي ڪتاب
اوهان کان ورتا هئا، هاڻي چاهيان ٿو ته اهي اوهان
واپس کڻي وڃو، مون کان پوءِ ڪير انهن دقيق ۽ علمي
ڪتابن کي پڙهندو ۽ سنڀاليندو!“
انهن جملن مون کي نهايت مغموم ڪري وڌو. وراڻيم،
”يار، اهو ئي سوال منهنجي آڏو به ته آهي. خود مان
ئي جڏهن انهن پنهنجي وڏڙن جا ڪتاب مطالعو نه ڪري
سگهي آهيان، ته مهنجا پويان موجوده ڪريل تعليمي
دور جا نوجوان ڪيئن انهن کي پڙهي ۽ سمجهي سگهندا!؟
مان ته چوان ٿو ته تون اهي سڀ به پاڻ وٽ کڻائي
آءُ، نه ته ٻيءَ حالت ۾ مان اهي ڪنهن ديني مدرسي
وارن کي ڏيئي ڇڏيندس.“
ان ڏينهن الائي ڇو اسان ٻيئي ڪجهه اداس هئاسون.
ٿوريءَ دير بعد چوڻ لڳا، ”ميان نور محمد، هي
دوائون ته ڏسو، جي مون کي وقت بوقت طبيبن ۽ ڊاڪٽرن
لکي ڏنيون آهن. پر مون کي ته انهن مان اڃا ڪو به
فائدو ڪونهي.“ ميز تي ڏٺم ته ڪيئي قبض ڪشا ۽ ائنٽي
گيس جون دوائون ۽ ’همدرد‘ جون معجونون رکيل هيون.
مثلا
Agrol،
جواهرش ڪموني، وغيره وغيره. مون کين صلاح ڏني ته
ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ کان پاڻ تپاسرائين، ۽ صحيح
طبي چڪاس کان پوءِ علاج ڪرائين. اوچتو فرمايائون،
”اڄڪلهه وري ڊاڪٽر خليل صاحب مون تي تنقيد ڪري
رهيو آهي. ڇا، اوهان کيس واٽ ڏيکاري آهي؟“ وراڻيم،
”يار! منهنجي واٽ ئي ڌار آهي. ڊاڪٽر خليل صاحب ته
اوهان جو پراڻو ’نقاد‘ آهي، مون تي الزام ڇو ٿا
هڻو. مون ته نوٽيس ڏيئي پوءِ تنقيد ڪئي هئي ۽ خود
اوهان جي ذاتي ڳالهين کي به ڪو نه ڇڏيو هوم؛ پر
سائين، اوهان چپ، ڪو به جواب ڪو نه ڏنو هو، فقط ڪن
ماڻهن کي ايترو چيو هو ته نور محمد ڪاوڙيل آهي.‘“
ان تي سندن دل ڀرجي آئي. فرمايائون، ”ٻيئي پڳ مٽ
يار آهيون. اسان جي محبت دل سان آهي. زبان سان يا
قلم وسيلي ان تي ڪهڙو اثر پوندو. پر اوهان ڪو غلط
ته ڪو نه چيو هو. دراصل اوهان حضور نبي اڪرم صلعم
جن جي فرمان کان مون کي واقف ڪرايو هو. فرمان آهي
ته ’اوهين هڪٻئي جا ڀائر آهيو ۽ هڪٻئي لاءِ آئيني
مثل! جڏهن به ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ ۾ ڪا غلطي ڏسي،
ته هڪدم کيس ٻڌائي ڇڏي.‘ ها، اوهين ڊاڪٽر خليل
بابت ڪهڙي ٿا راءِ ڏيو؟“
وراڻيم، ”يار! تون ته منهنجي افعالن ۽ علمي لياقت
کان واقف آهين. مان هڪ صاف گو مسلمان آهيان. نثر
جون ٽنگون ته مان به ڀڃندو آهيان، پر شاعريءَ جهڙي
شهباز کان ڊڄان ٿو. مان فطرت پرست به آهيان، پر
شاعريءَ کان اڻ واقف! اوهين ٻيئي عروضي شاعر آهيو،
اوهان ئي هڪٻئي جون کلون لاهي سگهو ٿا. باقي
منهنجي نظر ۾ سنڌي شاعريءَ جو معيار فقط شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رح آهي. نه شاهه تخلص اختيار ڪيو
آهي، نه وري ٻين ٻولين جي نقاليءَ ۾ پنهنجي سنڌي
شاعريءَ لاءِ ڪو علم عروض اختيار ڪيو آهي، نه وري
اٿن. جيتري قدر مون مطالعو ڪيو آهي، ان مان ته فقط
اهوئي ٿو معلوم ٿئي ته شاعري هڪ فطري ڏات آهي ۽
اول اول انسان کي اهائي عطا ڪئي ويئي هئي، نثر ان
کان پوءِ ئي وجود ۾ آيو هو. دراصل جڏهن جذبات جي
شدت سبب، دل جو آواز لفظن جي صورت اختيار ڪندو آهي
ته اهو خود بخود شعر بنجي پوندو آهي. اها فطري
شاعري خليل بن احمد جي وقت تائين موجود هئي. ان
بعد جڏهن مذهب اسلام جو تاج، عالمن بدران وقت جي
بادشاهن جي مٿي تي رکي، کين نقلي ظل سبحانيءَ جي
روپ ۾ پيش ڪيو ويو، ته ان ئي دور ۾ اهو به ضرور هو
ته فطري مذهب اسلام سان گڏ، فطري شاعريءَ جو به
روپ بدلائي، ان کي درٻاري شاعريءَ جي روپ ۾ پيش
ڪيو وڃي. جيئن ته فطري شيءَ کي انساني صنف بنائڻ
لاءِ ڪنهن انساني اصولن جي به ضرورت ٿيندي آهي،
تنهنڪري ان فطري صنف کي انساني صنف بنائڻ لاءِ
خليل بن احمد علم عروض ايجاد ڪيو هو، ۽ ان بعد
مذهب اسلام ۽ شاعري ٻيئي درٻاري شيون ٿي پيون
هيون. ان تي، جي ڪو اعتراض ڪندو هو ته پوءِ ان کي
امام احمد بن نبل ۽ امام ابو حنيفي جهڙيون سزائون
ڏنيون وينديون هيون. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ اڃا عرب
مسلمان حڪمرانن جي حڪومت هئي، تنهنڪري حڪومت جي
زور ۽ مذهبي لڳاءَ سببان ان جو رواج فارسي، ’هندي‘
(اردو) ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ به پيو اصل ائين جيئن
تخلص جو رواج پهريائين فارسي شاعريءَ ۾ هو، پر
پوءِ مذهبي لڳاءَ ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري اهو رواج
هندي (اردو) ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ به پيو. نه ته ٻيءَ
حالت ۾ اوهين ڏسندا ته روءِ زمين جي ٻئي ڪنهن به
ملڪ ۾ انهن ٻنهي شين جو رواج ڪونهي. سنڌ جي لاکيڻي
لطيف انهن ئي سببن جي ڪري انهن ٻنهي غير فطري
اصولن کان پاسو ڪري، پنهنجي شاعريءَ کي فطري روپ ۾
پيش ڪري لافاني بنائي ڇڏيو آهي. ان ئي فطري
دلڪشيءَ سبب اڄ به دکي انسانيت، ان مان فيض حاصل
ڪري، دلي سڪون حاصل ڪري ٿي. ان کي اسان سند سمجهون
ٿا.“
1974ع هو. ڪن نام نهاد اسلام پسندن، سنڌين جي اکين
۾ ڌوڙ وجهي، ڪن سياسي فائدن حاصل ڪرڻ خاطر ”لطيف
جي ورسي“ ملهائڻ جو ڍونگ رچايو. ان مجلس ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ مولانا گرامي رح سان گڏ مون کي به نينڍ
ڏني ويئي. مقررن تقريرون شروع ڪيون. انهن تقريرن
۾ جيڪي ڪجهه چيو ويو، اهو اهڙو ته عجب جهڙو هو، جو
اسين ته حيرت ۾ پئجي وياسون، پر خود اڪثر سامعين
به عجب ڪري رهيا هئا. آخر مولانا گرامي رح تنگ ٿي
فرمايو، ”شاهه جي رسالي سان جيڪا جٺ ڪئي اٿن، ان
تي خير اسان کي عجب ڪونهي، پر ان سان گڏ قرآن جو
جيڪو تقسير ڪيو پيو وڃي، ان کان ڪجهه ڊپ ڪرڻ گهرجي
ها! هاڻي پڄ هنن ڊگري يافته يا انگريز علامن کي!
قرآن جي به هنن جي نظر ۾ معنيٰ مطلب ڦيرائڻ جائز
آهي. تون ويهه، مان وڃان ٿو.“ ان تي مان به ساڻن
گڏ اٿي هليو ويس.
1975ع ۾ هڪ ڏينهن مولانا رح جو نياپو پهتو، مان
وڃي حاضر ٿيس. ان وقت وٽن هڪ شاعر شايد جناب اسحاق
راهي به هو. ان دور ۾ سندن علمي مضمون نهايت زور
شور سان شايع ٿي رهيا هئا. ان ڏينهن هڪ محبت واري
مجلس ٿي. پاڻ فرمايائون، ”مولانا صاحب! ٻڌو اٿم ته
اسان جا دوست عالم سڳورا اڄڪلهه مون تي رنج آهن.
ڇا اوهان کي ان جي ڪا سڌ آهي؟“ وراڻيم، ”توهان
جڏهن مذهب اسلام جي دائري اندر لکي رهيا آهيو، ته
پوءِ ڪير آهي، جو اهڙي همٿ ڪري. پر ڪو علم عقل جي
سند ته ڪونهي. ٿي سگهي ٿي سگهي ٿو ته ڪي بي عقل
عالم ائين ڪندا به هجن. پر مون کي ته ڪو به اهڙو
عالم اڃا نظر ئي ڪو نه آيو آهي. حتيٰ ڪه اڪثر وڏا
وڏا ديني عالم مون سان گڏيا به آهن ۽ اڪثر منهنجي
ساڻن ملڻ به ٿئي ٿو. اهو به ڏسو ته جناب مولانا
الهه ورايو بروهي مرحوم به ته اوهان جي تائيد ڪندو
هو. مولانا محمد اسماعيل ته اصل اوهان سان متفق
هو.“
ان بعد مولانا مرحوم سان ٻه ڪلاڪ ڪچهري ڪري، واپس
ٿيس.
1976ع نهايت ڳرو سال هو. هن ئي سال ۾ ڪيترين ئي
دنيا جي عظيم شخصيتن وفات ڪئي. ان سال جي ئي
جولاءِ مهيني ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ وفات ڪئي ۽ مان
ڏاڍو ملول ۽ غمگين رهندو هوس. ماهه رمضان آيو. مان
سيپٽمبر جي 14 تاريخ هڪ نهايت ضروري ڪم سان ٻن
ڏينهن جي موڪل تي آيس. حيدرآباد ۾ جڏهن تلڪ چاڙهي
وٽ پهتس ته دل ڇٻي کاڌي ته اڄ جناب محمد ابراهيم
جويي صاحب سان ملندو وڃان. شام جو وقت هو، وٽن
حاضر ٿيس. نهايت محبت سان مليا، ڪچهري ڪرڻ بعد
کانئن موڪلايم. وڃڻ وقت چيائون، ”سڀاڻي ضرور
ملجان، توکي ع. ق. شيخ سان ملائيندس.“ مان گهر
ڪوٽڙيءَ پهتس. حمزو خان مليو ۽ پيغام ڏنائين ته
”گرامي صاحب اوهان کي ياد ڪري رهيو آهي.“ چيومانس،
”کيس چئج ته چوٿين آڪٽوبر تي ضرور اوهان سان
ملندس.“ ٻيئي ڏينهن تي تيار ٿي، ٿيلهو ڳچيءَ ۾
وجهي، موڪلائڻ لاءِ جناب جويي صاحب وٽ پهتس. ان
وقت پاڻ ڏاڍا غمگين ٿي ڏٺا. مون کي چوڻ لڳا، ”توکي
خبر آهي، اڄ جناب گرامي صاحب وفات ڪري ويو آهي!“
جملي ٻڌڻ سان بي اختيار منهنجي واتان نڪتو- - ”انا
الله و انا اليہ راجعون!“ بس پوءِ ان ئي غم ۾ اسين
ٻيئي ڄڻا آمهون سامهون ويهي رهياسون. سندن ذڪر خير
ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وياسون. نيٺ جويي صاحب کان موڪلائي
ڪوٽڙيءَ آيس ۽ ميان حمزي خان کي چيم ته ”ادا! هاڻي
گرامي صاحب وٽ وڃڻ ۽ نياپي ڏيڻ جو ڪو ضرور ڪونهي!“
اهي جملا ٻڌي وراڻيائين، ”ڇو؟ ڇا، وري ڪو جهيڙو
ڪيو اٿو ڇا؟“ وراڻيم، ”نه، بلڪ هو اسان کان
ڪاوڙجي، وڃي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جي درٻار ۾ پهتو
آهي ۽ اتان وري ڪو به ڪو نه وريو آهي، ۽ نه وري
غلام محمد گرامي رحه واپس ايندو. اڄ اڌ صديءَ وارو
باب ختم ٿي چڪو، ۽ اوهان به پيامبريءَ جي فرض کان
هاڻي آجا آهيو!“
ائين سنڌ جي علم جو هڪ ڏيو، ڏسندي ڏسندي گل ٿي
ويو. پر هن فاني دنيا جو ڪاروبار جاري آهي. ايامن
کان ائين ٿيندو آيو آهي، ۽ ابد تائين اهو جاري
رهندو.
اڄ سنڌ جا سندس دوست، سندس شان ۾ نهايت عاليشان
مقالا لکي، کيس خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. ان
غم جي جوش ۾، هڪ نوجوان ايڊيٽر ته اصل سنڌين کي
طعنو ڏنو آهي ته ”سنڌي بي حس مردهه پرست آهن، ۽
پنهنجي عالمن جو جيئري ڪو به قدر نٿا ڪن.“ پر مان
چوان ٿو ته اهو غلط آهي تاريخ مان ثابت آهي ته
دنيا جي ڪنهن به قوم جو ڪو به مفڪر ۽ عالم ڪڏهن به
جيئري مقبول ڪو نه ٿيو آهي. اهي جيئرا هئا، ته
ڪافر هئا، ۽ کين ڪافر ئي چيو ويندو هو. پر وفات
بعد اهيئي ڪافر ”رحمت الله عليہ“ بنيا، ۽ اڄ دنيا
هنن کي رحمت الله عليهه چئي، سندن ارشادن جي پيروي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي! قدر دراصل وڃڻ کان پوءِ
پوندو آهي. ان ئي ايڊيٽر ماهنامه ”برسات“ جي گهر
ڪئي آهي ته ”گرامي رحه اڪيڊمي“ قائم ڪئي وڃي، يا
يونيورسٽيءَ ۾ ”گرامي ڪارنر“ بنائي وڃي. سندن چوڻ
ٺيڪ آهي، پر اسين چئون ٿا ته اسان ۾ سود و زيان
جو شعور آيو آهي؟ جي جواب ها آهي، ته پوءِ پهريان
اسان جو اهو فرض آهي ته نه فقط ”اڪيڊمي“ ۽ ”ڪارنر“
قائم ڪريون، بلڪ پهريان مولانا گرامي رحه جي دلي
خواهش جي به تڪميل ڪريون. مولانا گرامي رح کي مون
کان وڌ ڪو به ڪو نه سڃاڻي، نه وري ڪا مون کان وڌي
ڪنهن کي ڪا خبر به آهي! حضرت مولانا رح جي دلي
خواهش هئي ته ”سنڌي اڪيڊمي“ قائم ٿئي، ”لطيف
اڪيڊمي“ قائم ٿئي، ”حضرت علامه دائود پوٽه اڪيڊمي“
قائم ٿئي، جنهن جنهن کيس اعزازي سند ڏني هئي. ان
کان وڌ ”علامه آءِ آءِ قاضي اڪيڊمي“ قائم ٿئي،
پنهنجي عمر سنڌيءَ لاءِ پاڻ پَتوڙي، مايوس ٿي،
جان جي قرباني ڏني! مولانا مرحوم هر سماهي مهراڻ
جي صفحي تي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا ارشاد شايع
ڪندو هو. ڇا، اُهي اسان ۾ همٿ، جو اهڙا ڪارناما
سرانجام ڏيون؟ جي اسان اهي بنيادي ڪم نٿا ڪري
سگهون، ته پوءِ ”گرامي اڪيڊمي“ توڙي ”ڪارنر“ قائم
ڪرڻ واريون ڳالهيون سکڻي ڊاڙ آهن. اهڙين ڳالهين
لاءِ بنيادي ڪمن کي اوليت ڏبي آهي.
آخر ۾ اهو عرض ڪندس ته مون حضرت مولانا گرامي رحه
جي سوانح عمري لکڻ شروع ڪئي آهي. اها سوانح عمري،
تصنيفي اصولن موجب بلڪل صحي طور لکي ويندي، جنهن ۾
مولانا جي ڄمڻ جو هنڌ، صحيح ڄم جي تاريخ، انهن
پرائمري اسڪولن جا ذڪر فوٽن سميت، انهن استادن ۽
عالمن جا ذڪر ۽ رايا، جن وٽ مولانا تعليم حاصل
ڪئي، سندن سڀني علمي مقالن، مضمونن، ارشادن،
تحقيقن ۽ تنقيدن وارين شين، ايڊيٽوريلن ۽ انٽرويو
وارين ڇپيل وٿن، سندن سڀني دوستن يارن جي ذڪر سميت
سڀ ڳالهيون هونديون. ان کي ايتريقدر ته جامع بنايو
ويندو، جو اهي سڀ حوالا بلڪل صحيح هوندا ۽ ڪابه
خام ڳالهه اُن ۾ شامل نه هوندي. جن به مولانا
گرامي رحه جي يارن کي ان باب ۾ ڪا راءِ ڏيڻي هجي،
يا ڪا علمي مدد ڪرڻي هجي، ته مهرباني ڪري مون کي
لکن. اهائي صحيح قدرداني آهي.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
_(شاهه)
عبدالله ”خواب“ حيدرآبادي
هاءِ! گرامي
ٿي ويا ڳوڙهن جي مس جا غم جي ڪاغذ تي نشان،
خوش بيان، خوش خو گرامي جو وڇوڙو الامان!
جنهن جي هجرت جا هنئين ۾ زخم ٿا اُڀرن نوان،
تنهن جي يادن جا ڳَلن ڳوڙها اڃا آهن روان:
هو فرشته خو، سندس صورت ۽ سيرت ديندار.
نيڪ نيت، پاڪ بيني جنهن جي فطرت ۾ هئي،
خدمت انسان جي الفت تنهن جي خصلت ۾ هئي،
جذبهء ناموس جي خواهش نه نيّت ۾ هئي،
هڪ فصاحت، ٻي بلاغت، حاضري خدمت ۾ هئي:
جنهن جي جدت ۽ رموزو فڪر جو ناهي شمار.
ملڪ و ملت ۽ وطن جو هو سدائين نغمه خوان،
دين ِ مرسل جي رموز و فڪر جو هو ترجمان،
فڪر هو جنهن
جي زمين، شهرت سندس هئي آسمان،
هو ادب جي کاڻ جو هيرو، املهه ندرت بيان،
طبع هئي شعله نوا، بحر ِ تخّيل بي ڪنار.
جنهن جي صحبت ۾ سوين جاهل سخندان ٿي ويا،
رس رهاڻين ۾ رچي ڪي گل گلستان ٿي ويا،
خشڪ زاهد پڻ سندس گفتن تي حيران ٿي ويا،
جنهن جي قلمي ڪاوشن جا قدر ارزان ٿي ويا،
ڪهڪشان رنگ ِ تغزل، شاعري بزم ِ بهار.
توکي سائين جون سرن شل مغفرت جون نعمتون،
توتي شل وسنديون رهن رب جون سدائين رحمتون،
اهل جنت سان رهن شل تنهنجون دائم صحبتون،
تنهنجي يادن
جون بهارون ڪڍنديون رهنديون رنگتون:
زند: جاويد تون ۽ تنهنجا رهندا شاهڪار.
محمد علي”جوهر“
آه! مولانا گرامي!
نا گهان علم و ادب جي سرزمين ٿي اشڪبار،
چرخ انشاء پروري روئي رهيو آ زار زار،
ٿي وئي تحرير جي رنگين دامن تار تار،
ويو لڏي شعر و سخن جي شهر جو هڪ شهر يار،
ٿيو قل فرط ِ الم کان دل شڪسته دل فگار.
ڇ
آه اي جان ِ ادب، تون ئي ادب جو آن هئين،
سچ ته مولانا گرامي! تون قلم جو شان هئين،
تون بلاغت ۾ بلاشڪ سنڌ جو سبحان هئين،
يعني پنهنجي مارئيءَ جي مُلڪ جو تون مان
هئين،
ملڪ جي دانشور ۾ ئي هيو تنهنجو شمار.
غمزده ٿيو ملڪ جو اهل ِ قلم حضرات آ،
صفحهء قرطاس تي وئي ڇائنجي ظلمات آ،
وادي ِ مهراڻ ۾ رنج والم جي رات آ،
جن پڙهيو، توکي ٻُڌو سڀني چئي هيهات آ،
هر پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل کان ٿا ڳڙن ڳوڙها
هزار.
خاص اسلوب ِ سخن جي ملڪ جو معمار هئين،
تون ئي انداز ِ بيان جو هڪ ”بهادر يار“
هئين،
ملڪ جي ارض ِ مقدس جي ڳلي جو هار هئين،
الغرض اهل ِ قلم، اهل ِ زبان فنڪار هئين،
تابقاي سنڌ تنهنجو فنّ رهندو يادگار.
ڇ
تون فصاحت ۽ بلاغت جو هئين عمده مثال،
توئي سهڻا ٿي رکيا سنڌي زبان جا خد و خال،
”شاعر“ و ”مهراڻ“ تنهنجا ”البلاع“ و
”الهلال“،
قول تنهنجو ”قول ِ فيصل“ فڪر تنهنجو باڪمال،
تون ”بدور ِ بازغه“ جو هئين مبلّغ نامدار.
تو بيان کي زيب بخشيو، ٿي حسن تمهيد ڀي،
ڪئي روايات ِ ادب جي قدر جي تجديد ڀي،
تنهنجو خاصو معتبر تحقيق ۽ تنقيد ڀي،
جامعيّت ٿي وديعت، ايزدي تائيد ڀي.
اي ادب جي سڀني صنفن جا مڪمل شاهڪار.
قدر تنهنجو ڪو زماني ڪو نه ڪيو افسوس يار،
ڇ
تون رهين ماحول جي ريشه دوانين جو شڪار،
فاقه مستي ۾ به خودداري رهيو تنهنجو شعار،
ڏورڻا توسان ڏنا ”مخدوم صاحب“ بي شمار،
جو مُروّت ۽ وفا جي ملڪ جو آ تاجدار.
اوچتو حضرت وئين فاني جهان مان تون لڏي،
جاءِ تنهنجي ڪانه ڀربي، ٿو چوان واڪي وڏي،
ڪيترا شاگرد، ساٿي ۽ پيارا سڀ ڇڏي،
غمزده ’جوهر‘ لقب ڪهڙي سان توکي اڄ سڏي،
محترم، استاد، سائين، دل گهريو دلدار، يار.
(تعزيتي جسلي ۾ پڙهيل)
شبير ”هاتف“
ڏورانهون سفر
’ڪئنبئرا‘ ۾ بهارن جي رُت
چوطرف رنگ ۽ رعنائيءَ جا انبارئي هوندا آهن
منهنجي آڳنڌ ۾ گلابن جا گل
شوخ محبوب جي مکڙي وانگر
مرڪندا ٻهڪندا رهندا آهن
بلبلون قمريون چيها ۽ چتون
منهنجي ’رضوان‘ ۽ ’صفوان‘ جيان
چهڪندا چهڪندا رهندا آهن.
ڪئنبئرا ۾ بهارن جي رُت
آءُ هڪ صبح جو ڇرڪي جو اُٿيس
مون کي بي نور لڳو صبح ِ بهار
منهنجي آڳنڌ ۾ گلابن جا گل
اهڙا بي رنگ لڳم جهڙيون جوان بيواهون
بلبلن قمرين چيهن ۽ چتن
حسب معمول پئي ٻوليون ٻوليون
پر عجب رنج ۽ غم سان سرشار
ڪئنبئرا ۾ بهارن جي رت
اهڙي افسرده ڪڏهن ڪانه ڏٺم
اهڙي غمناڪ سمان ۾ مون کي محسوس ٿيو
منهنجو پنهنجو ڪو بنهه پنهنجو گراميءَ جهڙو
اهڙي ڏورانهين سفر سنڀيو آهي
نه جتان ڪو وري موٽيو نه خبر آئي نه خواب
جان ڏٺم دل ڏي ته هڪ آهه ڪري
غم جي اوڙاهه ۾ ٿي غرق وئي.
(تعزيتي جلسي ۾ پڙهيل)
نور گهلو
لڳي ٿو
سورج ٿڪو ٽٽو
چهري تان پگهر اُگهي
پهاڙن جي پوئتان
شانتيءَ سان وڃي ڍريو آهي
پرڏيهه ۾ اُجالي ڪرڻ لاءِ!
”زائر“ خيرپوري
ڏنو پرواز جنهن سنڌي ادب کي،
پکي لاهوت ڏانهن سو ويو اُڏامي؛
ڇڇ
ڪمي محسوس ٿيندي هر قدم تي،
نه لهندو دل تان مولانا گرامي.
آذر ”ن“ صديقي
محسوس ائين ٿيو ڄڻ،
سهڪو مُنجهي ويو آ؛
پنهنجي ئي گهر جو ڀاتي،
ڪو فوت ٿي ويو آ.
”آڪاش انصاري
هُو جوڳي جهان مان الائي ڇو ويئڙا،
لَڏي لامَڪان مان الائي ڇو ويئڙا.
جنين ٿي ڏسيَ روشني منزلن جي،
آهي ڪاروان مان اَلائي ڇو ويئڙا.
محمد رمضان ڪمبوهه ”زلفي“
اوڇنگارون ڏئي رئڻ تي دل چوي ٿي دوستو،
ويو لهي آهي ادب جي اُڀ تان تارو ڏسو.
موت جا منحوس پاڇا، روشني ڳيهي ويا،
ٿي اسان کان
ڌار ويو، هڪ دوست دل وارو ڏسو.
ابڙو طارق ”نفيس“
هُن جي مک تي،
نيڻ، ويا ڪلتا جي رڃ ۾ ڀٽڪندڙ
پياسا هرڻ
گهايل ڪدڙ هڪ گهور سان
مون ڏي ڏٺائين
مرڻينگ لفظن ۾ چيائين:
سُڌ هوندءِ!
مون چوڻ چاهيو گهڻو ڪجهه
مون رئڻ چاهيو مگر
ڪنڌ ڍرڪي ويم، چيم: ها!
بس ۾
ڪنهن وڏي واڪي پڙهي اخبار جي سُرخي
’سنڌي ادب جو پارکو، ڪلهه ويو مري،
مون رڙ ڪئي:
ڪُوڙ آهي،
هُو امر آهي، امر رهندو،
لکيل لفظن جيان.
عبدالاحد ”آزاد “
هئي جن سين روح رهاڻ، جاني ويئڙا جوءِ ڇڏي!
گهڙي به گهارڻ
آهه اڙانگي،، ڪو ته هجي هت ساٿي ساڻ،
جاني ويئڙا جوءَ ڇڏي!
ڏيهه ڇڏي پرڏيهه ويا، رنگ رنا سڏڪي سرهاڻ،
جاني ويئڙا جوءِ ڇڏي! |