گرامي صاحب جي اها هڪ وڏي خوبي هئي، جو فڪري حلقن
۾ جڏهن ڪا ڪمي ايندي ڏسندا هئا ۽ ڪن حلقن کي غلط
بحث ۾ پائيندا هئا ته جهٽ ان تي قلم کڻندا هئا ته
جيئن علمي دنيا ۾ فڪر جي جيڪا اوسر آهي، اها
پنهنجي شعوري حيثيت سان سالم رهي، ان جا ڪيترائي
مثال آهن. مون کي ياد آهي ته هڪ صاحب اڪبر جي دين
الاهيءَ تي ڊاڪٽريٽ لاءِ مقالو پئي لکيو، هو صاحب
وٽن استفاده لاءِ ايندو هو. جيئن ته فڪري طور
يگانگت ۽ برابري نه هئڻ ۽ هن صاحب طرفان، هن اهم
علمي بحث ۾ غلط عنديه قائم ڪرڻ سبب، پاڻ اڪبر جي
دين الاهي تي جدا مبسوط مقالو تحرير ڪيائون. جنهن
۾ وحدت اديان، نبوت جي غرض وغايت، انسان جي تعلق
باالله، وحدت الوجود ۽ هندستان جي علمي فڪري ۽
تهذيب جي جائزي جي روشنيءَ ۾ اڪبر جي دين الاهي جي
اسباب ۽ اهيمت کي بيان ڪيائون ۽ وهدانيتجي تصور
تي، هر پهلوءَ کان بحث ڪيو اٿن. جنهن ۾ انسان جي
فڪر کي مختلف تضاد آميز نڪتن کان پري ڪري، هڪڙي
نڪتي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي۔ گرامي صاحب بحث
دوران انهن ڳالهين کي واضح ڪيو ته اڪبر پنهنجي
سياسي بصيرت سان، هندو تهذيب کي رجعت پسندي ۽
قنوطيت کان آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ برهمني فڪر کي
ڪاپاري ڌڪ هنيو؛ جيڪو هندستان ۾ مخصوص ذهنيت رکندڙ
هو. اڪبر جي انهيءَ فڪري ۽ سياسي طريقي سبب
هندستان ۾ مسلم تهذيبي اثرات کي مقبول ٿيڻ جو
موقعو مليو. اڪبر جنهن حڪمت عمليءَ سان مغل سلطنت
جو بنياد وڌو، ان کي پوين فرمان روائن جيئن جيئن
ختم ڪيو، تيئن تيئن انهن ۾ ڪمزوري پيدا ٿيندي
ويئي، ۽ اڪبر جون اهي ڪيل ڪوششون مستقبل ۾ ختم ٿي
ويئون. گرامي صاحب انهيءَ سلسلي ۾ ، مغل سلطنت جي
اسباب زواليت تي مفصل بحث ڪيو آهي، جيڪو سندن علمي
ڄاڻ جو دليل ۽ فڪري غمازيءَ جوثبوت آهي. سندن
انهيءَ مقالي جي تاريخي حيثيت آهي.
محمود احمد عباسي ”خلافت يزيد و معاويه“ تي ڪتاب
لکيو. ديني حلقن ۾ انهيءَ تي ڏي –وٺ ٿي. انهيءَ وچ
۾ مولانا مودوديءَ جو ”خلافت و ملوڪيت“ بابت ڪتاب
منظر عام تي آيو. پاڻ انهيءَ فڪري تضاد کي محسوس
ڪندي، هڪ طويل مقالو ڪتابي صورت ۾ لکيائون، جا هڪ
تاريخي شيءَ آهي. گرامي صاحب انهيءَ اهم علمي ۽
تاريخي مقالي ۾، اسلام جي غرض و غايت، حقيقت،
نبوت، رسالت، منصب، رسالت، خلافت، منهاج، خلافت
امامت، منصب امامت، خلافت ۽ امامت ۾ فرق آهي ڇا؟
امام حاضر ۽ غائب جي تصوير، هاديءَ ۽ مهديءَ جي
تصور، امام ۽ منصب ولايت، واقع ڪربلا جي ظاهري ۽
باطني پهلوئن، اسلام ۾ اسرندڙ مختلف فرقن جي
اسباب، نظريه اجتهاد، تصوف جي اسلامي ۽ ڪائناتي
تصور ۽ ان کي مختلف طبقن طرفان نظرانداز ڪرڻ،
اسلام ۾ ملوڪيت جي ابتدا، اسباب زوال امت ۽ قديم
عربي تهذيب کان وٺي، اسلام جي شروع ٿيڻ، ان جي
ڦهلاءُ جي مختلف مرحلن ۽ سببن کي هن اهم مقالي ۾
بيان ڪيو آهي. سندن اهو مقالو علمي تبحّر ۽
نظرياتي ذهن جوشاهڪار آهي. سنڌي شاعريءَ جي فڪري
ايج لاءِ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“
جهڙو علمي مقالو لکي، سنڌي شاعريءَ ۽ ادب لاءِ
نئين راهه جوڙيائون. حالانڪ ان مقالي ڪري، مٿن
ڪافي الزام آيا ۽ ڏي وٺ ٿي. پاڻ هميشہ انهن سطحي
ڳالهين کي نظر انداز ڪيائون، چوندا هئا ته مون تي
پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جو وڏو حق آهي. هي ته ان جي
پهرين ٽڪي آهي.
علامه قاضي مرحوم جي سلسلي ۾ سندن اعليٰ نقطه نظر
هو. پاڻ علامه صاحب جي علمي،فڪري ۽ فلسفيانه خيال
ان کي پيش ڪرڻ، ۽ انهيءَ کي عام ڪرڻ لاءِ، مواد گڏ
ڪيائون. انهيءَ سلسلي ۾ نهايت ئي ڪوشان هئا. چوندا
هئا ته ”اها آس اٿم ته لطيف رحه ۽ علامه قاضيءِتي
سنڌي ادب ۽ فڪري دنيا ۾ يادگار شيءَ ڇڏيان.“ انهن
ماڻهن تي افسوس ڪندا هئا. جيڪي علامه صاحب جي علمي
سرمايي تي پهرو ڪيو ويٺا آهن.
علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم جي حياتيءَ ۾ غلام احمد
پرويز، فڪر قرآني جو متوالو، حيدرآباد ۾ خطاب لاءِ
وارد ٿيو، ان جو بندوبست بسنت هال ۾ ڪيل هو. عالمن
۽ دانشورن جو ميڙ هن اهم اجلاس کي ٻڌڻ لاءِ آيو.
هن تاريخي اجلاس ۾ پرويز صاحب جي کيڪار ۽ آجيان
لاءِ، علامه صاحب، گرامي صاحب کي حڪم ڪيو. پاڻ ان
مرحبائي تقرير ۾، قرآني فڪر تي جيڪو بحث ڪيائون ۽
روحانيت جي نڪتن کي جنهن انداز سان نروار ڪيو، ان
ٻڌندڙن جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا. گرامي صاحب وحي، ڪيفيات
وحي، مقام نبوت ۽ صاحب قرآن جي جيڪا تشريح ڪئي ۽
ان ۾ تصوف جي خيال کي جنهن انداز سان نڀايو ۽
مطالع قرآن فهمي جي پهلوئن کي جنهن نموني سان
اجاگر ڪيو، ان پرويز صاحب کي سوچڻ تي مجبور ڪري
وڌو. پرويز صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو، ته
منهنجي زندگيءَ جو هي پهريون مثال آهي، جو آءِ
فڪري ۽ ذهني طور، هن ماڻهوءَ کان متاثر ٿيو آهيان
۽ علامه قاضيءَ کي مخاطب ٿي چيائون، ته ”ڪاش! ههڙا
صاحب علم اسان وٽ هجن“. پڇاڙيءَ ۾ گرامي صاحب سان
سندن اڪيلائي ۾ گفتگو ٿي.
ڪيترا واقعا آهن، ڪيترا بيان ڪيان! هتي ته هن علم
جي گوهر جي ذڪر سان باب ڀرجي سگهن ٿا، علامه مشرقي
مرحوم، جيڪو علامه آءِ آءِ صاحب قاضي جي ڪليگ ۽
فڪري طور هم مشرب هو، ان جي مشهور تصنيف، تذڪره
حديث القرآن ۽ تڪمله تي، پاڻ سير حاصل بحث ڪندا
هئا. مولانا مودودي، مولانا آزاد، مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي فڪر تي کين ڪامل دسترس ۽ عبور هو.
گرامي صاحب تي پوري زندگي تصوف جو رنگ غالب رهيو.
پاڻ وحدتہ الوجود جي نظريه جو دلداده ۽ شارح هو.
ابن العربيءَ سان انس، رومي سان رهاڻ ۽ لطيف سان
سندس لطيف پسند جي ڪيتري ڪهڙي اپٽسار ڪجي.سدائين
انهي وحدت جي رنگ واري عالم ۾ مستغرف هئا. ڳالهه
ڪرڻ سان ٿڌو ساهه نڪري ويندو هون ۽ چهري جو رنگ
متغير ٿي ويندو هو. شاهه ولي الله رحه ۽ مولانا
سنڌيءَ جي تصوف جي نظر ۾ وحدتہ الوجود جي تشريح
ڪندي، پنهنجي لکڻين ۾ ڪيترن هنڌن نهايت دقيق مسئلن
تي روشني وڌي اٿن ۽ ڪافي اضافا ڪيائون. تصوف جي
آداب و اشغال، قلبي ڪيفيات، روحاني تنزلات جي
سلسلي ۾، سندن تصور نهايت ئي پيارو ۽ لطيف هو.
پاڻ خود صاحب توجه هو، فڪري ۽ روحاني مڪاشفي سان
مالامال هو. سندس ذهن ان منزل تي هو، جتي انسان کي
عرفان جي ڪيفيت عطا ٿئي ٿي، ۽ هو محسوسات جي عالم
۾، فڪر جي انهن ڳنڍين ۽ عقل جي انهن مفروضن کان
آجو ٿي، حقيقت شناسي ڪري سگهي ٿو. اهو سڀڪجهه سندن
ڳوڙهي غور و فڪر ۽ محاسبي علمي جو نتيجو هو. وقتي
انهيءَ قلبي واردات ۽ علمي مڪاشرفي کي بيان ڪندا
هئا ۽ لکند به هئا. گرامي صاحب چوندو هو، ته
”پنهنجو جڏهن قلب کلي ٿو، تڏهن جيڪو سُرور حاصل
ٿئي ٿو، ان جو آءُ بيان ڪري نٿو سگهان. مون ’حقيقت
محمديه‘ تي چيل شعرن ۾، انهيءَ تاثرات کي بيان ڪيو
آهي. ڪاشف! تون وقت ڪڍي ويهي انهيءَ وکر کي وهاءِ
۽ مون سان همراهي ڪر.“ ها سائين! آس، آس ئي رهي.
آءُ سنڀرندو رهيس ۽ سڄڻ سفر هليا ويا. رمندا رهيا.
اڄ اهي مڙهيون ۽ ماڳ ويران آهن:
نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون،
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچئون پريت جا.
گرامي صاحب جي شخصيت ۽ علميت تي جيترو لکجي اهو
ٿورو آهي. سندن علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي،
جيترو ساراهجي، اهو گهٽ آهي. سندن صحبت ۽ بلند
اخلاقيءَ جو جيترو بيان ڪجي، اهو اڻپورو آهي. هن
پياري پاٻوهه ڀرئي سٻاجهي دوست جي خوبين جي، لطيف
سائينءَ جو هي بيت ترجماني ڪري ٿو:
کاري جيئن کڻي، ونگ مڙيئي واسيو.
سوهڻ جيئن سيڻن، مٺو ساءُنه مٽيو.
گرامي صاحب سدائين سٻاجهو، کلمک ۽ مجلس جومور
رهيو. آءُ ته ائين چوندس ته ههڙا باڪمال ماڻهو
صدين بعد پيدا ٿيندا آهن ۽ مرندا نه آهن. جيستائين
سنڌي ادب، زبان ۽ قوم آهي، تيستائين گرامي اَمر
آهي.
”گرامي تڏهن مري سگهي ٿو، جڏهن سنڌي زبان ۽ قوم مرندي. قومون
سدا حيات آهن، ادب ۽ زبان سدا حيات آهي، ۽ گرامي
سدا حيات آهي.
جوڳي پنهنجي جوءِ ويا، جهڙ جيئن نيڻ جهمن،
سخن ساميڙن جا، هينئڙن منجهه هُـرن،
سڄو موت مڱن، اڌ ڪُٺا آرام لئه.
ڇ
گرهوڙي رحه
هڪ لاٽ اُجهاڻي
رئندي رئندي رات وهامي،
سنڌڙيءَ جي هڪ لاٽ اُجهامي.
ڇ
رنگ رتيون مهراڻ جون موجون، پائن پنهنجا
پاڻ ڪنارا،
انڊلٺ جا ويا رنگ اُڏامي.
رهجي ويا اڄ گيت اڪيلا، وياڪل وياڪل موڳا موڳا،
ڇ
سُر سمورا ويئڙا کامي.
ڏات قلم جي تات ڏکن جي، فنڪارن ليءِ آهه
ضروري،
فنڪارن وٽ عشق سلامي.
ساعت ساعت هاڻ’بروهي‘، جوهربڻبيون ڀالا بڙڇيون،
ايندو هر هر ياد گرامي.
جوهر بروهي
سيد محمد شاهه
پرينءَ جي پچار
آءَ به مرحوم گراميءَ سان پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن
نسبت هجڻ جو فخر ڪري سگهان ٿو. سوچيم ته جو ڪجهه
حال آهي، سو پيش ڪريان، جي قبول پيو ته وڏي خوشي
ٿينديم. جيتري قدر دوستيءَ جو تعلق آهي ته منهنجو
پنهنجو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو اهو ٻڌائي ٿو ته لفظ
دوست جونڀاءُ ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻانگو آهي. جتي دوست ۽
دوستيءَ جو ٻنڌڻ و قدر، شان ۽ مان، هر موڙ ۽ مهل
تي پختي ۽ پڪي رهڻ جو اصول ۽ حق پڪار ڪري ٿو، اتي
تمام مشڪل ڪو اهڙو مثال ڏيڻ ۾ اچي ٿو ته واقعي
دوستي ۽ دوست ان شيءَ کي چئبو آهي.
زمانو شاهد آهي ته جتي دعوا ڪرڻ جي ڪا حد ئي مقرر
نه هجي ته پاڻ دوست آهيون، اتي هڪ طرف جي زماني
سازيءَ ۽ وقت جي مصلحت، ٻئي طرف جي دوست جي
سچائيءَ ۽ بنا غرض ۽ لالچ جي نڀاءُ کي لتاڙي مُڃ
ڪري ڇڏيو آهي!
اهڙي واقعن ۽ حادثن، مخلص ۽ حساس سنگت کي، پنهنجي
زماني ساز ۽ مصلحت بين ۽ خود غرض دوستن کان، جيڪي
ذهني ڌڪ، دلي صدما، جسماني ڏنجهه ۽ اخلاقي
بدسلوڪيون، هر موقعي ۽ مهل تي پلئه پيون آهن، تن
دوستيءَ جهڙي عظيم ۽ متبرڪ رشتي کي نهوڙي ناس ڪري
ڇڏيوآهي.
دعوا ته هر ڪو ڪري ٿو ته پاڻ يار آهيون، دوست
آهيون، پر جي هڪ دوست کان ڪو دوکو، فريب ۽ بدسلوڪي
رهي ته پوءِ ٻيو دوست ڪيڏانهن وڃي ۽ ڪنهن ۾
نهاري! سوچ ۽ سمجهه ڪو ڪم ڪانه ٿي ڪري، رڳو ڪاريءَ
وارا ڪک پيا ڏسڻ ۾ اچن. ايتري قدر ته مايوسي ۽
ويچارگي وڪوڙيو وڃي، جو جيئڻ ئي جنجال ٿيو پوي. سو
يارو، دوستيءَ جو نڀاءُ ڏاڍو ڪو ڏکيو ڪم آهي. جنسي
ٽانڊن ۽ ڪنڊن تي پيرين اگهاڙو هلڻو ٿو پوي، ايڏي
ته ٻوساٽ ۽ اُٻس ٿي ٿئي، جو وڃڻ وقت يارن کي
موڪلائڻ به وسريو وڃي ۽ ائين ٿا منهن موڙين، ڄڻ ته
ڪڏهن ۽ ڪٿي به هڪٻئي کي نه ته ڪو ڏٺو هوسون ۽ نه
ته ڪا ملاقات يا ڪچهري ئي ڪئي هئي سون! بلڪل اڻ
واقف ۽ اوپرو ورتاءُ! سو ڏسجي ائين پيو ته يارن کي
ياريءَ کان وڌيڪ پنهنجي مفاد سان لڳاءُ آهي، جي
سندن مفاد ۽ غرض کي ڪنهن هيڻي ۽ هلڪي حيثيت واري
دوست جي موجودگيءَ ۾ نقصان پهچڻ جو خدشو محسوس ٿئي
ٿو ته ڀلائي ۽ ڇوٽڪارو ان ۾ سمجهن ٿا ته اهڙي
دوستيءَ ياري کي ڦٽو ڪرڻ ۾ ئي عقلمندي آهي. اهڙيءَ
سُڃيءَ جو ڇا مطلب، جيڪا پنهنجي زماني جي ضرورتن
کي آڏو اچي. آخر ته زماني ۾ به هلڻو آهي ۽ مصلحت
به ڪا حقيت رکي ٿي. هروڀرو ڇو پاڻ کي پريشان ڪجي.
شاهه صاحب ڪهڙو نه سٺو چيو آهي ته:
مون سان هلي سا، جيڪا جيءَ مٺو نه ڪري.
سو يارو، جيڪي جيءُ مٺو ڪنديون سي ڏونگر ڪيئن
ڏورينديون؟ دوستي ته اهائي گهُر ڪري ٿي، جا پاڻ
کان پوري نه ٿي سگهندي.
هيءَ چند تاثرات مون پنهنجي ذاتي مشاهدي جي آڌار
تي پيش ڪيا آهن. دل ته گهڻو ئي ٿي دانهون ڪري، پر
ٻڌڻ وارو ڪو به ڪونه ٿو ڏسجي. زماني ۾ مرحوم گرامي
صاحب کي پنهنجن دوستن، يارن ۽ ڄاڻندڙن کان جيڪي
ذهني اذيتون پهتون ۽ جيڪي سلوڪ ڪيا ويا، تن کي مون
بنهه ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. ۽ ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه
ٿيندو ته قدرت هن ملنگ صفت هستيءَ کي ايڏي سهپ جي
قوت ۽ تحمل عطا ڪيو هو، جنهن جو انت ئي نه پئجي
سگهيو.
آءُ گرامي صاحب سان، سندس حيدرآباد ۾ اچڻ جي
پهرئين ڏينهن کان، ائين کڻي چئجي ته گڏ هوس. مون
جو ڪجهه مرحوم تي ٿيندي ڏٺو ۽ مرحوم ڪيئن ٿي اهو
سڀ ڪجهه سٺو، ان جو بيان ڪرڻ ئي ڏکيو پيو لڳي.
گرامي صاحب سان منهنجا ڪهڙا واسطا رهيا، سي
پنهنجيءَ جاءِ تي خود هڪ وڏي داستان جي حيثيت رکن
ٿا. هت انهن کي دهرائڻ جي ضرورت نه ٿو سمجهان.
جيئن مٿي چيو اٿم ته دوستيءَ جي دعوا ته سڀڪو ڪري
ٿو، پر نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سو مون به گرامي صاحب
سان دوستيءَ ۽ ڀائپيءَ جي رشتي جي دعوا ته ضرور
ڪئي آهي، پر ان جو حق جيترو مون تي هو، سو آءُ ادا
ڪري نه سگهيس ۽ لفظ ’نڀاءُ‘ جو شان برقرار رکڻ ۾
قاصر رهيس ۽ رواج موجب پوئتي رهجي ويس.
هن وقت گرامي صاحب مرحوم ٿي چڪو آهي. اسان جي اها
پراڻي روايت رهي آهي ته اسين قــبرپرست آهيون (۽
ان ڪم ۾ ڏاڍا ڀڙ آهيون). زندهه هوندي پنهنجي ڪنهن
به محسن کي، جيڪو هن جو مقام ۽ مرتبو هجي، اهو نه
ڏيندا آهيون ۽ هن سان ڪنهن به تنگ ۽ مشڪل گهڙيءَ
۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندا آهيون ۽ نه ئي ڪا اخلاقي
همدردي يا مالي مدد ڪرڻ جو احساس پيدا ٿيندو آهي.
پرمرڻ کان پوءِ جو ڪجهه ڪبو آهي، سو لڪل ڪو نه
آهي. ساڳيو حال گرامي صاحب جو به ٿيو ۽ هينئر
اهائي ڪيفيت قوم ۽ سندس ڄاڻن جي آهي، جا رواج موجب
هلندي اچي ٿي.
گرامي صاحب پنهنجيءَ جاءِ تي سنڌي قوم ۾ هڪ وڏي
وَٿُ هو. سندس شخصيت جي بلندي ۽ احترام ئي ته آهي،
جنهن سڄي قوم کي سندس فوت ٿيڻ ڪري ڌوڏي ڇڏيو آهي
۽کيس جيڪو خراج عقيدت ملي رهيو آهي، تنهن سندس بي
قدر دوستن کي ضرور احساس ڏياريو هوندو.
سنڌي قوم جي ناقدرشناسيءَ ۽ بي حسيءَ جا ڪهڙا مثال
ڏيئي، ڪهڙا ڏجن ۽ ڪهڙو ماتم ڪجي. هن کان اڳي مرحوم
حيدربخش جتوئي جڏهن جيئرو هو ته سندس بيان جون ٻه
سٽون به سنڌي اخبارون ڇاپڻ لاءِ تيار نه هونديون
هيون؛ پر جڏهن مرحوم هن بي قدر قوم کان موڪلايو ته
پوءِ اخبارن ذريعي يا ورسين جي آڙ ۾، ڇا ڪجهه نه
ٿيو ۽ ٿيندو رهي ٿو، تنهن جي ورجائڻ جي ضرورت نه
آهي. علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم جو مقام مقرر ڪري
نٿو سگهجي. اُن بزرگ جي حياتي ڪيئن گذري ۽ مماتيءَ
بعد ڪهڙو قدر رهيو، ان لاءِ ڇا چئجي!
مرحوم گرامي صاحب جهڙي عظيم محقق، تاريخدان،
فلسفيءَ، سڀني مذهبن جي ڄاڻوءَ، سنڌ ۽ سنڌي زبان،
لطيف ۽ ان جي فڪر جي بحر ۽ قلم جي ڌڻيءَ جو جيئري
جيڪو حال هو، تنهن کان ڪو به اڻ واقف نه هوندو.
اها دعوا ڪرڻ ۾ اڃا به آءُ حق بجانب آهيان ته ڪي
اهڙا واقعا ۽ مهلون، جيڪي گرامي صاحب سان شامل
رهيون، تن جي ڄاڻ مون کي وڌيڪ آهي.
افسوس هي به آهي ته هينئر اسين سندس يادگيريون
قلمبند ڪرڻ ۾ هڪٻئي کان گوءَ کڻڻ ۾ جنبي ويا
آهيون، پر ڪڏهن به اهو ڪنهن نه سوچيو ۽ نه معلوم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ههڙي کلمک مهانڊي جي مالڪ،
اخلاص ۽ محبت جي پتلي، صابر ۽ فانع جو وقت ڪيئن
پيو گذري. آيا کائڻ لاءِ اٽو ۽ ڀاڄي، ٻچن کي پهرڻ
لاءِ مناسب ڪپڙو ۽ پڙهائڻ لاءِ گهربل ضرورتون
پوريون ٿين پيون يا نه؟
گرامي صاحب اسان کان رسي ويو. وقت پورو ڪري ويو،
پر پوري قوم لاءِ خاص پيغام ڇڏي ويو آهي، ته اڃا
به ستل رهندين، يا ڪو سجاڳ ٿيڻ جو اونو به اٿئي؟
جاڳڻ منجهان جس، آهي الا جن کي،
لاهي ٿو لطيف چوي، مٿان قلب ڪَس،
ورنهه ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چوي.
گرامي صاحب جو هر علم تي عبور، سندس فڪر ۽ ڄاڻ ۽
تحقيق بابت، وقت جا محقق ۽ ناقد ئي ڪجهه لکي
سگهندا ۽ ٻڌائيندا؛ آءُ هت رڳو پنهنجي پچار ڪندس.
ڪوشش اهائي ڪندس ته جيئن ڊيگهه نه ٿئي.
هت جو ڪجهه به لکندس، اُهي سڀ منهنجا پنهنجا
تاثرات ئي سمجهڻ گهرجن. اُن جو مقصد نه ڪنهن جي دل
آزاري آهي ۽ نه ڪنهن تي حملو يا جرح؛ اگر ڪٿي ڪا
اهڙي ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ته جن صاحبن کي ڪو رنج پهچي،
ته مون کي معاف ڪندا ته احسانمند رهندس.
مون وٽ، مون ڏانهن گرامي صاحب جا جي لکيل خط محفوظ
آهن، تن مان ڪجهه ٽڪرا پيش ڪندس ته سنڌي قوم ڏسي،
پڙهي ۽ پرکي، ته ڪيئن زماني جا مالڪ، قوم جي
رهنمائيءَ جا دعويدار، مذهبي لباس اوڍيل، مذهب جا
ٺيڪيدار، سچن ۽ بي باڪ شخصيتن کي ڪچلڻ ۽ اذيتن ڏيڻ
۾ رڌل رهن ٿا. گرامي صاحب، جيڪي مون کي خط لکيا
آهن ۽ حال اوريا، تن کي ظاهر ڪرڻ کان پهرين، اهو
ضروري سمجهان ٿو، ته مرحوم جي اوائلي زندگيءَ جون
ڪجهه جهلڪيون، فارئين ڪرام کي پيش ڪريان،ته جيئن
خبر پوي، ته مرحوم جو ڪهڙن ڪهڙن شخصيتن سان واسطو
هو. سندس زندگي ڪيئن ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ پلي ۽ نپني،
سندس ٻچن تي ڪهڙيون مشڪلاتون آيون، سندس گهر ۽
سامان سَڙو، مذهبي مهانڊن ڪيئن اُجَڙَ ڪيو ۽ اسان
جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق ۽ ڳانڍاپو هو ۽ هن مرد ملنگ،
ڪيئن پنهنجي زندگيءَ کي، استقلال ۽ صبر سان ٺاهيو
۽ سنواريو.
گرامي صاحب جي اوائلي زندگي، جامعه عربيه واري
بيان ڪندس. مرحوم گرامي صاحب 1943ع ۾ جڏهن حاجي
علي اڪبر شاهه صاحب مرحوم جي چوڻ تي، جامعه عربيه
حيدرآباد ۾، هڪ معلم جي حيثيت ۾ آيو، ته سندس عجيب
دنيا هئي. مذهبي اثر مٿس بيحد غالب هو. جيئن ته
آءُ به ساڳئي مدرسي ۾ پڙهندو هوس، تنهنڪري مرحوم
سان ويجهڙائي ٿي. ساڻس ڪچهريون ۽ رهاڻيون ٿيڻ
لڳيون. گفتگو گهڻي ڀاڱي مذهبي هوندي هئي. مون کي
ڪجهه مطالعي جو شوق هوندو هو، تنهنڪري سندس طبيعت
مون سان جلد ٺهڪي ويئي. ان وقت جو تعلق ۽ واسطو
ٿيو، سو مرحوم جي وفات تائين هلندو رهيو ۽ اڃا به
سندس پوين سان قائم آهي، ۽ خدا ڪندو، ته سدائين
قائم رهندو، جامعه عربيه، صدر حيدرآباد ڊوسا بلڊنگ
۾ شروع ٿي، عجيب ماحول ۽ فضا هئي. ان ڪارائتي
درسگاهه جا ڪيئن لاهه نڪتا، سوخود پنهنجي جاءِ تي
افسوسناڪ ۽ تڙپائيندڙ داستان آهي. گرامي صاحب جو
جامعه عربيه وارو دور، اکين اڳيان پيو ڦري. ماٺيڻي
طبيعت، گهٽ ڳالهائڻو، منهن ۾ مُــرڪ، رستي ۾ هلڻ
وقت نظر هيٺ ڪري هلڻ، جامعه مسجد صدر جي اڱڻ،
ورانڊي ۽ اندرئين حصي ۾ سندس ڊگهين نمازن ۽ نفلن
پڙهڻ جو نظارو وسري ئي نٿو. قدرتي ڳالهه هئي، جو
جملي شاگردن مان، فقط مون سان ۽ منهنجي دوست محمد
مٺل سان،جيڪو مون سان گڏ پڙهندو ۽ رهندو هو، سندس
طبيعت ملي ويئي، ۽ اسان سان جلد ئي گهرو ٿي ويو،
جنهن تي باقي اُستاد عجب کائيندا هئا. منهنجو دوست
محمد مٺل، ڪن خانداني مجبورين ڪري، ترت ئي مدرسي
کي ڇڏي ويو؛ پر آءُ 1946ع تائين، مدرسي سان وابسته
رهيس. پهرئين مدرسي جي هڪ روم ۾، اسين ٻئي دوست
رهندا هئاسون، بعد ۾ مدرسي جي ڪن ناعاقبت انديش
معلمن جي روش ۽ تنگدليءَ سبب، آءُ ٻاهر جدا جاءِ
مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳس. مدرسي جي دور ۾ ڪن استادن۽
بانين جون عجيب و غريب حالتون، ڍنگ ۽ رنگ ڏسڻ ۾
آيا. ڪافي ڪجهه تجربو ۽ مشاهدو ٿيو.سندن ڪارگذارين
ذهني ۽ دلي صدما پهچايا. مذهبي شڪل ۽ لباس ۾، جو
ڪجهه اکين ڏٺو، تن مذهب ۽ ان جي اُجاري دارن ۽
ٺيڪيدارن لاءِ، دائمي نفرت ۽ ڌڪار پيدا ڪري ڇڏي.
مذهبي شڪل ۾ منافقي ۽ بداخلاقيءَ جي ديدهه دليريءَ
کي ڏسندي، مذهب کان طبيعت باغي ٿي ويئي ۽ بغاوت
شروع ڪري ڏنم. گرامي صاحب خود اُن کوري ۾ پچندو ۽
سڙندو رهيو؛ پر سندس ڪچهريون ۽ صحبت، سندس علمي
ادبي گفتگو ۽ سندس اخلاق ۽ ڪردار ئي هو جو مدرسي
کي هلائي سگهيو، پر افسوس جو گهڻو وقت نه!
گرامي صاحب جي رهڻ جي جاءِ، جيڪا مدرسي ۾ کيس
عنايت ڪئي ويئي هئي، ڪجهه ان باري ۾ به ٻڌو: بلڊنگ
جي مٿئين حصي ۾، هڪ وڏو هال، هڪ ڪمرو، باقي اڱڻ ٻن
طرفن کان هو. اُن حصي ۾ ڪاڪوس ۽ غسل خانا به هوندا
هئا. گرامي صاحب کي رهڻ لاءِ، غسل خانو عنايت ڪيو
ويو، جتي هر وقت ڪاڪوس جي بدبوءِ پريشان ڪندي هئي.
عجيب منظر هو، بُڇان ايندي هئي. مرحوم ڪڏهن به
آرام سان ان جاءِ ۾ نه ويٺو ۽ نه رهيو. ڀلا اهڙي
هنڌ ڪيئن رهي سگهبو! تنهنڪري، گهڻو وقت مسجدن ۾
گذاريندو هو ۽ ٻيو نمازون پڙهندو هو. اسان جون
ڪچهريون به، گهڻو ڪري مسجد ۾ ٿينديون هيون. مدرسي
جي ڪن مکيه مهندارن ۽ اُستادن جي بداخلاقي ظاهر
ٿيڻ تي، مرحوم گرامي صاحب کي ڏاڍو صدمو پهتو هو.
واڇنگارون ڏيئي رئندو هو، منهن ويڙهيو پيو ان ڪاري
ڪوٺڙيءَ ۾، سُڏڪا ڀريندو هو! مون کي چٽيءَ طرح ياد
آهي، ته جنهن وقت به آءُ ساڻس ملڻ لاءِ ويندو هوس،
ته دانهون ڪري، مون کي ڀاڪر پائي رئندي چوندو هو،
ته ميان محمد شاهه! منهنجو ته هيانءُ ٿو ڦاٽي تون
دير ٿو ڪرين، ته آءُ پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهان. ڪهڙي
جذبي، حب ۽ عقيدت سان هت آيس، ۽ هِت ڇا ٿي رهيو
آهي! ڪهڙو حشر اسان مسلمانن جو ٿيندو! ڪيئن ماڻهو
مذهب جي عزت پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪن! ڪاش! آءُ نه
اچان ها ۽ هي حالتون نه ڏسان ها.
ان وقت مدرسي جي مالڪن جي خلاف، کلي طرح ڪا بغاوت
ڪئي، ته پهرين گرامي صاحب هو، سخت مقابلو ٿيو، ٻيا
استاد صاحب، حالتون ڏسي جند ڇڏائي ويا، مدرسي کي
ڇڏيندڙن مان، استاد حاجي پير محمد ابڙو به هڪ
باڪمال شخصيت هو. سائين ڪاظم علي شاهه صاحب، پيش
امام جامع مسجد صدر، پڻ مدرسي ۾ فِقۡـههَ
پڙهائيندا هئا. سائين به صدمي کي پاڻ سان ڪري،
مدرسي کان علحدگي اختيار ڪئي.
1946ع ۾، جڏهن آءُ مدرسي کان مايوسي ۽ پنهنجي
خانداني جهڳڙن ۽ حالتن کان مجبور ٿي، مدرسو ڇڏي
ويس ۽ جڏهن مرحوم کان موڪلائڻ ويس، ته ان وقت جا
ڪيفيت ۽ حالت سندس ٿي، سا دل تي نقش ٿيل آهي. مون
اڳئي عرض ڪيو آهي، ته ان قسم جون ڪيفيتون ۽ اثر
صرف اهوئي محسوس ڪندو ۽ ياد رکندو، جنهن سان ٿي
گذرن ٿيون. ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي ايڏي جهٻي نه
ايندي ۽ اهو منظر آءُ بيان ڪرڻ کان مجبورآهيان ۽
ڪري نٿو سگهان. پاڻ بيحد مايوس ٿيو، پر مدرسي جي
حالتن سان مقابلي ڪرڻ ۽ ٽڪر کائڻ کان همت نه
هاريائين ۽ لڙڻ لڳو، تان جو پنهنجو گهر ۽ گهرو
سامان، سڀ ڪجهه تباهه ڪرائي ڇڏيائين؛ نه گهر نه
گهاٽ، نه گذر نه سفر جو بندوبست! ان حالت ۾ مٿس ڇا
نه وهيو ۽ واپريو هوندو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ،
جامع عربيه مدرسي کي ان وقت جي ڪُندنمل گرلس هاءِ
اسڪول ۾ آندو ويو. گرامي صاحب کي تلڪ چاڙهيءَ جي
مٿان، استاد مخدوم اميراحمد صاحب جي ڀرسان، هڪ
ننڍي جاءِ الاٽ ٿي ملي ۽ اتي ٻچن سان گڏ رهڻ لڳو،
پر مدرسي جي مهندارن سان جهيڙي کيس معاف نه ڪيو ۽
جڏهن سندس ٻچا، پنهنجي ڳوٺ ميهڙ ويا ته سندس جاءِ
تي قبضو ڪيوويو، ۽ گهر جوسڄوسامان گم ڪيو ويو،
جنهن جو ذڪر پنهنجن خطن ۾ ڪيو اٿس. ان حالت ۾، هن
غريب تي ڇا ڇا نه ٿي گذريو هوندو! سندس ٻچن جي
فاقي ۽ ويلن گذرڻ جون دردناڪ گهڙيون ڏٺم، پر هن
ملنگ جي همت، صبر، تحمل ۽ تدبر کي ڪهڙن لفظن سان
داد ڏجي. ڊڪشنريءَ ۾ اهڙا لفظ ڪو نه ٿا لڀن.
گرامي صاحب پنهنجو مقام پاڻ پيدا ڪيو. سندس علمي
تحقيق ۽ مطالعو، سندس ئي محنت ۽ جستجو جو ڦل هو.
مون وٽ منهنجي ڳوٺ ڀاڻوٺ ۾، ڪافي وقت اچي رهندو
هو. لکڻ ۽ مطالعي ۾ مصروف رهندو هو. کيس مون وٽ
خبرنه آهي، ته ڪهڙو سرور ۽ سڪون محسوس ٿيندو هو،
جو هميشهه جڏهن روانو ٿيندو هو، ته چوندو هو، ته
مون کي هت تو وٽ جيڪو سڪون ۽ مطالعي ڪرڻ ۽ لکڻ ۾
رواني ٿي ٿئي، سو مون کي خود سمجهه ۾ نٿو اچي ته
الائجي ڇو. مون کي اهو به فخر حاصل آهي، ته گرامي
صاحب جي مطالعي ۽ علمي تحقيق جو گهڻو حصو مون غريب
جي جاءِ تي مڪمل ٿيو. گرامي صاحب جي علم، تحقيق ۽
شاعريءَ مان فائدي وٺندڙن ۽ سکندڙن جو به وڏو حلقو
پيدا ٿيو ۽ تمام گهڻا سندس علمي ۽ ادبي ڄاڻ مان
مستفيض ٿيا. بعد ۾ ڪن جيڪا ناقدرشناسي ۽ احساس
فراموشي ڏيکاري ۽کيس ايذايو، سي لمحا وسرڻ جهڙا نه
آهن؛ پر مرحوم هميشهه سڀني کي سيني سان لاتو،
ماڻهپ سيکارڻ ۾ انهن ڀٽڪيلن لاءِ ڪابه ڪسر نه
ڇڏيائين. مرحوم سدائين ٿڌا ساهه کڻي چوندو هو ته:
ميان محمد شاهه! دنيا رڳو سکڻ ۽ سهڻ لاءِ آهي،
باقي جي دنيا ۾، ڪنهن شيءَ جي ملڻ جي آس ۽ اميد
رکبي ته، پوءِ سڀئي مطلبي ۽ خود غرض ٿياسون. اسان
جو ڪم آهي چڱي شيءَ ڏيڻ ، پوءِ موٽ ۾ اسان کي ڇا
ملندو ۽ ڇا ملڻ گهرجي، ان جو آسرو رکڻ ڪاميابيءَ
جي راهن لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪندو. بس، اسان کي هلڻو
۽ ڪم ڪرڻو آهي ۽ جو ڪجهه اچي ٿو، سو سواءِ ڪنهن
لالچ ۽ عيوض جي ڏيڻو آهي. ملڻ يا نه ملڻ جو اونو
نڪي آهي ۽ نڪي ڪبو.“
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مٺن،
جو وَڙ جڙي جن سين،سو وڙسيئي ڪن.
هڪ عظيم انسان جي سوچ ۽ راءِ اهائي ٿي سگهي ٿي.
گرامي صاحب پنهنجي لاءِ جا منزل ڪئي، ان تائين
پهچڻ ۾، جيڪي به کيس تڪليفون، رڪاوٽون ۽ دشواريون
سامهون آيون، تن کي هن پنهنجي مستقل مزاجي، همت ۽
جرئت سان منهن ڏنو۽ پنهنجي علمي ۽ ادبي تحقيق جي
جستجو کي، جاري رکيو ۽ سنڌ جو هڪ ڪامياب عالم،
فاضل ۽ اعليٰ درجي جو محقق ثابت ٿيو. اهوئي سبب
ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو سندس وفات تي سموري سنڌ ۾ ڏک جي
زبردست لهر ڦهلجي ويئي، ۽ ڪنڊ ڪڙڇ مان کيس سنڌ جو
عظيم سپوت مڃيو ويو. |