سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :2

گرامي صاحب ادب کي هڪ ”مشن“ ڪري کڻي اڳتي، وڌيو هو، جن کي به سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت سان چاهه آهي، انهن کي اِن ”مشن“ کي توڙ تائين پهچائڻ گهرجي.

ووءِ ووءِ ڪندي وَتُ، مَڇَڻ ووءِ وساريين.

1976 ۽ 1977 جي مُهڙ ۾، ٻيا به ڪيترائي اَملهه ماڻڪ اسن کان وڃائجي ويا آهن، جسٽس فيروز نانا، غزاله رفيق، ٻيڙو فقير، عبدالله اثر، راز بلڙائي، قادو شيدي، عبدالطيف، مقبول ڀٽي، سعيد ٽکڙائي، سونا خان بلوچ، لونگ فقير ۽ محمد ابراهيم. اهي اسان جا بزرگ ۽ دوست زندگيءَ جي آخرين لمحن تائين سنڌ جي خدمت ڪندا رهيا آهن،. انهيءَ ٿوري عرصي ۾، ڪهڙا نه ڍول ماڻهو اسان جي ساٿ کان وڇڙي پنهنجو شاندار رول ادا ڪري، پڙدي جي پٺيان هليا ويا آهن ۽ اسٽيج سُڃي پئي آهي۔

وڇڙيا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو،
اُس چمڪي ته اُجهامي ويا
مينهن وَساڙن جهڙا ماڻهو،
 

امداد حسيني

 


 

راڄ محمد پلي

غلام محمد ”گرامي“

گرامي صاحب، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمت ۽ فڪر و نظر جي تنوع جي حيثيت سان خاص مقام حاصل ڪيو آهي، پير علي محمد راشديءَ جي لفظن ۾.

”جنهن ٻوليءَ ۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي!“

 مون ڪوشش ڪئي ته سندس حالات ۽ علمي، ادبي تحريرن، مقالن، تقريرن، گذارشن ۽ تبصرن، ڪتابن ۽ مقدس ۽ تقريظن تي ڪو سير حاصل مقالو لکان، سندس اسلوب بيان ۽ طرز تحرير تي فني نموني ۾ بحث لکان، پر افسوس جو ائين ڪري نه سگهيس. ان متعلق جواب ڏنائين.

”زندگيءَ ۾ ڪنهن زندهه لاءِ لکڻ درست ناهي، زندگيءَ ۾ اهي پهلو پيش ڪيا وڃن ٿا، جي ظاهر ڪرڻ نه گهرجن، گهڻو ڪري اجائي تعريف ۽ خوشامد ڪبي آهي، ۽ مُئي کان پوءِ اهي پهلو پيش ڪجن ٿا، جي زندگيءِ ۾ پيش ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا.“

سندس تحريرن جو دفتر ايڏو ته منتشر آهي جو ڪير سهيڙي ۽ ڪير پڙهي؟ فڪر و نظر جي حيثيت سان فڪر انگيز ۽ انقلابي نظريات جو حامل، ۽ جديد کان جديد ترين خيالات جو عالم ۽ مبلغ، علم ۽ فن جي هر موضوع سان وابسته، ۽ دينيات، تصوف، فلسفي، سياست، تنقيد، ادب، تاريخ ۽ شاعريءَ کان ويندي راڳ تائين سندس ناقدانه نگاهه، خيالات ۽ نظريات جو تنوع ۽ هم گيري ان حد تائين، جو.

زاهدِ تنگ نظر ني مجهي کافر جانا،
اور کاَفر يه سمجهتا هي مسلمان هون مين!
[

جو مصداق، سندس انقلاب آفرين تحرين سان اختلاف ڪندي نه فقط ڪتابن جا ڪتاب لکيا ويا آهن، پر مضمونن جا سلسلا هلايا ويا آهن، ۽ سوين قسطون لکيون ويون آهن، ان کان سواءِ کيس”فتوائن“ سان به نوازيو ويو آهي، پر پاڻ پنهنجي نصب العين ۽ فڪر و نظر تان تِر جيترو به نه هٽيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ”مقصد، تحقيق ۽ تصديق جي اهڙي مقام تي پهچڻ گهرجي، جتي هماليه هٽي سگهي ته ڀلي هٽي، باقي پنهنجي عقيدي ۾ ڪو به فرق نه اچڻ گهرجي.“

سنڌي ادب ۾ سندس اسلوب تحرير ۽ انداز بيان ، پنهنجي حسن ۽ زيبائش جي سببان انفرادي مقام پيدا ڪيو آهي، انداز بيان جي ندرت ۽ انفراديت ايتري ته نمايان آهي، جو سندس تحرير تي ڀلي سندس نالو نه هجي، ان هوندي به هرڪو پڙهندڙ سمجهي وڃي ٿو ته هيءُ تحرير ڪنهن جي آهي.

سندس طرز نگارش ۾ صوري ۽ معنوي حسن ۽ لطافت آهي، ائين چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نه آهي ته سندس طرز نگارش شاعرانه آهي. گرامي صاحب نثر ۾ شاعري ڪري ٿو. سندس تحريرن ۾ خوبصورت ۽ حسين تشبيهون، حسين ۽ دلنشين استعارا، لطيف ۽ معنيَ خيز ڪنايا، بي ساخته ۽ پخته ترڪيبون ۽ روح پرور جملا ملن ٿا. جي هوند شاعريءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجن. سندس تحرير ۾ توازن ۽ تسلسل رهي ٿو، جنهن ۾ نظر جي رواني ۽ غزل جي ترنم ريزي محسوس ٿئي ٿي، گرامي صاحب ”مهراڻ“ لاءِ جي گذارشون لکيون آهن، اهي ”ادب عاليه“ جو اعليٰ مثال آهن، علم ۽ فن جي گهنو ڪري هر  مسئلي تي بحث ڪيو اٿس، انداز بيان ۽ اسلوب تحرير اهڙو حسين ۽ دلنشين، ولوله انگيز ۽ جاذب نگاهه ٿئي ٿو، جو افساني ۽ ڊرامي، ناول ۽ ڪهاڻيءَ کان به وڌيڪ دلڪش ۽ روح آفرين ٿو محسوس ٿئي، سندس تحرير ۾ فڪر انگيز خيان به آهي، صوري تناسب به آهي، منطقي توازن به آهي. دليل جي پختگي به آهي، نتيجي جي صحت به آهي، ۽ بيپناهه رواني۽ برجستگي به آهي، سندس تحرير جي خصوصيت، جا پڙهندڙ کي متوجه ٿي ڪري، سا استعارات ۽ تشبيهات اشارات ۽ ڪنايات، تلميحات ۽ تمثيلات جي ڪثرت ۽ فراواني ۽ ان جي ظاهري حسن سان گڏ معنوي حسن به آهي، جنهن ۾ دلبري ۽ دلاويزي، دلڪشي ۽ دلفريبي موجود آهي، سندس نظريات ۽ خيالات سان اختلاف رکندڙ به سندس حسن بيان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي.

ٻيو ته سندس تحرير جذبات انگيز لفاظيءَ توڙي لفظن جي طلسم انگيزيءَ تي مشتمل نه نظر ايندي. پڙهندڙ هڪ معنوي روح محسوس ڪندو، جو لفظن جي حسن ۽ تناسب جي لباس ۾ نظر ايندو، اسان وٽ اردوءَ ۾ مولانا ”آزاد“ جو نثر ان معيار جو موجود آهي، جنهن اڳيان شاعري به هيچ آهي، بقول حسرت موهائي.

جب ”سي“ ديکهي ابو الکلام کي نثر
نظم حسرت مين کچهه مزه  نه رهيا.
 

خيالات جي تنوع ۽ رنگينيءَ ۾ مقصد ڏانهن جا دعوت آهي، اها سندس وسيع مطالعہ ۽ تجربي جي پيداوار آهي، ڇالاءِ ته سندس نظر ۾ زندگي ظاهري به آهي، ۽ معنوي به آهي، مذهبي به آهي ۽ روحاني به آهي، ذڪر ۽ فڪر سان گڏ سوز ۽ ساز سندس خيال انگيز دنيا کي رنگين به بنايو آهي ۽ حسين به، سندس خيالات ۾ روميءَ جو سوز و ساز به آهي ۽ رازيءَ جو پيچ و تاب به آهي، لطيف جي وجد انگيزي به آهي، ۽ سچل جي سرمستي به آهي بهرحال ، سندس شاعري ۽ نظم ۽ غزل کان وڌيڪ ”فڪر ۽ خيال“ جي آهي، اها نثر ۾ موجود آهي، سندس عبارت ۾ نظم جو تسلسل ۽ بندش ۽ غزل جو ترنم آهي، جملي کان پوءِ ايندڙ جملو ائين معلوم ٿيندو آهي، جيئن آبشار جو صاف ۽ شفاف پاڻي پنهنجي خوش رفتاريءَ سان روان ۽ دوان هجي، اها آهي سندس”شاعري“! باقي رهي سوانح حيات، اها مختصر هن ريت آهي،

نالو. غلام محمد ”گرامي“ بلوچ، والد جو نالو جاڙو خان بلوچ، ولادت، ميهڙ ۾ 30 ڊسمبر 1920، تعليم ڪنهن به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم نه ورتل جو ڪجهه به وٽس آهي اهو ذاتي مطالعه، تجسٿس، تلاش، مشاهدي ۽ تجربي ۽ صحبت سان پيدا ٿيل آهي.

سندس وڏن مان خاندان جو پريو مڙس، برادي خان اول ، شورڻ، چوٽي، ديري غازي خان مان آيو، 1840ع ڌاري ميرن جي ڏنل جاگير ڊگهه بالا(ضلعي دادو) ۾ رهيو، ۽  اتي جي لغارين سان مٽي مائٽي ڪيائين، ممڪن آهي ته اها جاگير ماڻڪاڻي ميرن وٽان مليل هجي، جي به ڊگهه بالا ۾ رهندا هئا ۽ پوءِ ميرپورخاص ڏي آيا، خانه جنگيءَ ڪري اهو سارو خاندان منتشر ٿي ويو، ۽ لاڙڪاڻي، ميهڙ ۽ قنبر تائين وڃي نڪتا، اڄ انهن زمينن تي سندس ڪي عزيز ۽ تر جا مشهور زميندار قابض آهن.

 سندس وڏن جو ڪٽنب هن طرح آهي، جاڙو خان بن ماهي خان بن شهدادخان بن مراد خان بن برادي خان اول.

 ماهي خان کي هي اولاد ٿيو: لونگ خان ۽ جاڙو خان ۽ ٽي نياڻيون، وڏي نياڻي پنهنجي خاندان ۾ پريل خان لغاريءَ کي ڏني وئي، ٻي نياڻي ٻُٽ سِراين (ميهڙ) ۾ بخاري سادات ۾ ڏنل هئي، ۽ ٽين نياڻي به ساڳئي شهر ۾ قريشي خاندان ۾ ڏنل هئي، ٽنهي جو اولاد موجود آهي.

 هن خاندان جا باقي مانده عزيز هن وقت جوهي، ڊگهه بالا، پٽ گل محمد، ميروخان جمالي، ميهڙ، قنبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهن ٿا، ڊگهه بالا مان آيل هڪ شاخ جهڏي (ٿرپارڪر) جي ڀرسان آباد آهي، سي اثناعشري شيعا آهن ۽ پنهنجا ڳوٺ اٿن.

شادي، سندس شادي 1936ع ۾ سندس استاد بزرگن استاد العلماء حضرت مولانا عبدالڪريم ديروي رحه ۽ جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، ۽ رئيس ڪالي خان لغاري، رئيس غلام علي لغاري، حاجي عبدالمجيد جتوئي ايم، ايل، اي، مرحوم ۽ رئيس ضياءُ الدين ايس، ”بلبل“ مرحوم جي ڪوشش سان ٻُٽن سِراين جي قريشين مان سندس پڦاٽ سان ٿي. نڪاح خود شاهه صاحب پڙهايو، ۽ ميهڙ شهر جي سڀني عالمن ۽ ديندارن، دوستن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي.

اولاد. امام الله قريشي اڳ ڄائو فرزند، جنهن جي والد علي محمد مرحوم جي وفات تي چار سال عمر هئي، ان جي پرورش ڪيائين، ڪاليج ۾ پڙهي ٿو ۽ روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪم ڪري ٿو، ٻيو پٽ محمد شبير اٿس ۽ ٻه نياڻيون رضيه ۽ ممتاز اٿس، محمد شبير ۽ رضيه ڪاليج ۾ پڙهن ٿا. ممتاز ستين ڪلاس ۾ آهي.

ناناڻا. سندس ناناڻا پَلي پوٽا خاندان مان آهن، ان خاندان مان مشهور درويش رحيم فقير پليءَ پوٽي(ماڙي تعلقو ميهڙ) جي نياڻيءَ (وفات 1967ع) مان گرامي صاحب پيدا ٿيو‏. کيس ٻيا ڀائر ۽ ڀينر هن ريت آهن، علي محمد ۽ غلام رسول زنده آهن. غلام حسين، مائي بصران ۽ مائي عائشه وفات ڪري چڪا آهن.

حيدرآباد ۾ اچڻ. گرامي صاحب حيدرآباد ۾ 1943ع ۾ جامع عربيه تحريڪ ۾ آيو، ان کان پوءِ هت هميشه لاءِ رهيو، 1951ع کان 1954ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فارسيءَ جو استاد رهيو.

 صحافت. 1943 کان قلمي ۽ صحافي زندگي جو آغاز ”هلال پاڪستان“ جي افتتاح سان ڪيائين‏ ۽ ”عبرت“ جي ٻئي دور ۾ ڪالم نويس رهيو، ان سلسلي ۾ رساله”آفتاب“ ڪراچي، ”عرفان لطيف“ حيدرآباد، ”پاسبان“ هالا، ”الزمان“ هالا ۽ ”ترجمان“ ميرپورخاص جو ايڊيٽررهيو. 9155ع کان ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ آيو ۽ رسالي ”مهراڻ “ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. 56-1957ع ۾ ”شاعر“ حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو، 1958ع کان اڄ تائين ”مهراڻ“ رسالي جو ايڊيٽر آهي، ان طرح سڄي عمر ادب ۽ صحافت سان وابسته رهيو، سندس تعلقات جو سلسلو وسيع آهي، مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولا“ سان محبت ۽ عقيدت وارو تعلق اٿس، ان طرح اسان سان ۽ تاجپور جي نوابن، خاص طرح نواب نور احمد خان لغاري ۽ ٻين سان عزيزن وانگر تعلقات اٿس.

(مهراڻ : 1-2-3/1969ع)

 


اڄ وري مهراڻ آيو موج ۾

(گرامي صاحب جو هيءُ انٽرويو ”برسات“ لاءِ ناصر مورائيءَ ورتو)

اقوام عالم جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ۽ جتي به ڪنهن قوم ۾ انقلاب جا اُمنگ پيدا ٿيا آهن، ان قوم پنهنجي قديم تاريخ ۽ ثقافت کان رهنمائي حاصل ڪئي آهي، ۽ انقلابن جي اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن به ڪنهن  قوم تي ڏاڍ ۽ جبر وڌايو ويو آَهي، ان جي سياسي حقن کي ڦٻايو ويو آهي، ان جي اقتصادي ڦرلٽ کي روا رکيو ويو آهي، حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏيندي، ان جي مجموعي وجود کي ميسارڻ لاءِ ان جي تاريخ ۾ ثقافت کان انڪار ڪيو ويو آهي؛ تڏهن ان قوم ۾ انقلاب جا امنگ پيدا ٿيا آهن، انقلاب جا امنگ قوم جي زندگي جي علامت آهن، ته قديم تاريخ ۽ ثقافت انقلاب ڏانهن وک وڌائيندڙ ان قوم جي زندگي ۾ روح ڦوڪيندڙ ۽ تازگي بخشيندڙ چشمو آهي، ۽ ڌرتي جنهن تي ان قوم جا پير کتل هوندا آهن، هڪ اهڙي مقناطيسي قوت آهي، جنهن سان رشتو ڳنڍي اها قوم ڌرتي مان شڪتي ۽ ٻل حاصل ڪندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو پرماريت جي رت پونءِ تي پلجندڙ انقلاب دشمن سامراجي قوتون، انقلاب پسند قومن کي، پنهنجي مڪروهه ۽ منافقيءَ وارين سازشن سان، سندن قديم تاريخ ۽ ثقافت جي حيات بخش چشمي ڏانهن ويندڙ دڳ تان هٽائڻ لاءِ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا جو طوفان کڙو ڪري مونجهارن ۾ مبتلا ڪنديون رهنديون آهن ۽ پوءِ ”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهي ويا.“ جي صورتحال پيدا ٿي پوندي آهي، سنڌي قوم اڄ ان صورتحال  ۾ مبتلا آهي.

سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ثقافت جي ان امرت ڌارا واري چشمي ڏانهن ويندڙ دڳ جا اسان سنڌ ڌرتيءَ جي دانشورن کان چٽا ڏس پتا پڇيا آهن، جتان صديون اڳ اسان جا وڏا لڏي آيا هئا. اچو ته ان حيات بخش چشمي جي هلي ڀر وسايون، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ئي سنڌ ڌرتيءَ جي واث ۽ مختار آهي. ن.م

سوال؛ سائين گرامي صاحب، سنڌ جي قديم تاريخ بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟

جواب؛ انساني تاريخ ۾ سنڌ هڪ اهڙي خطو آهي، جنهن ۾ منهنجي مطالعي ۽ نقطه نظر سان، ساري دنيا جي قومن، ساري دنيا جي تهذيبن، ساري دنيا جي مذهبن جو سنڌ مرڪز به رهي آهي، ۽ اُماجگاهه به رهي آهي. سنڌ ۾ لکت، يا سنڌ ۾ ڪنهن ڪتاب جي تدوين ۽ ترتيب جو دور آرين جي دور کان شروع ٿئي ٿو، ان سلسلي ۾ رگويد ۾ سنڌ بابت گهڻو مواد آهي، سنڌ ۾ ٻاهرين قومن جي اچڻ جو جيستائين سلسلو آهي، پهرين چيني قوم سنڌ ۾ آئي، تاريخي نقطه نگاهه کان خود سنڌو لفظ چين ڏنو آهي، هنن پهرين ”سنڌو“ کي ”شين سڏيو، ”شن“ سڏيو پوءِ

”شنڌو“ پوءِ ”سنتو“ سڏيو، پوءِ  اهو لفظ ڦري ٿيو ”سنڌو“‏. ان کان پوءِ آيل قومن ۾ مشهور قوم يوناني هئي، جيڪا سڪندر سان سنڌ ۾ داخل ٿي، سڪندر سان دنيا جي تاريخ جو ڏاڏو آدم هير ڊوٽس آيو هو. هيروڊوٽس کان پوءِ سندس تاريخ جي سلسلي جا جيڪي به يوناني مورخ ۽ امام ٿيا، انهن سنڌ تي ڪافي لکيو آهي. ان هيروڊوٽس به ساڳيو”سنڌو“ لفظ لکيو آهي، ان کان اڳ ايراني آيا جن، ان لفظ کي ”هندو“ لکيو آهي، سنڌو منجهان هندو، سنڌ منجهان ”هند“ ٺهيو. زند اويستا ۾ لفظ آهي ”زند“ ان ۾ سنڌ بابت لکيل آهي، هفت هندو، هپت هندو، ويدن ۾ به ائين آيل آهي،  منهنجي خيال ۾ ”زند“ لفظ خود سنڌ لفظ آهي ۽ اويستا ان جي شرح آهي. ان کان پوءِ ايرانين کان اهو لفظ جڏهن عربن تائين پهتو ته انهن ان کي ”هند“ ڪري سڏيو اهو ”هند“ لفظ وري جڏهن يونانين جي ور چڙهيو ته انهن ان کي”انڊ سڏيو ۽ سنڌ کي ”انڊو“ ڪري سڏيو، اهو ساڳيو لفظ جڏهن يورپ ۾ پهتو ته انهن ان کي ”انڊيا“ ڪري لکيو. هاڻي اهو ”سنڌ“ لفظ، تلفظ ۾ بدلجي انڊيا ٿي پيو، حالانڪ ان وقت موجودهه انڊيا جو ڪو به وجود ڪو نه هو. سڪندر واري هيروڊوٽس ۽ ٻين يوناني مورخن لکيو آهي ته گنگا جي وادين کان پرتي ڪابه آبادي ڪانه هئي، گويا انهن پوري سنڌ کي انڊيا ڪري تصور ڪيو آهي.

  سنڌ ۾ ٻاهران ڪيتريون قومون آيون، چيني، منگول، پارسي، يوناني، مغل، گجر، ۽ گهڻيون ئي قومون آيون،جن اچي سنڌ ۾ زندگي اختيار ڪئي ۽ گڏجي ڪري تاريخي ۽ تهذيبي ربط پيدا ڪيا، اهو سمورو رڪارڊ موهن جي دڙي ۾ موجود آهي.

 موهن جي دڙي جي لکت کي هاڻي پڙهيو ويو آهي، جنهن ۾ موجوده دور جي سنڌي زبان جا ڪيترائي ٺيٺ لفظ پڙهيا ويا آهن،هاڻي جڏهن اها سموري موهن جي دڙي جي لکت پڙهي ويندي ته پوءِ اسان کي وڌيڪ معلوم ٿي سگهندو ته هتي ڪهڙين قومن جي تاريخ ۽ تهذيب جا اثر رهيا . بهرحال اسان جي ايتري رسائي ٿي نه سگهي آهي.

 رگويد جو سڀ کان پهريون ترجمو ميڪسمولر اهو به تسليم ڪيو ته ويدن جي رچنا سنڌوءَ جي ڪناري تي ٿي، جنهن کي  دنيا تسليم ڪري ٿي.

 ميڪسمولر ان مقدمي ۾ لکيو آهي ته مان سنڌ نه ڏٺي آهي پر منهنجي جسم ۾، منهنجي رڳن ۾ خون جي بدران سنڌوءَ جو پاڻي روان دوان آهي،ان مان توهان اندازو لڳايو ته يورپ جو هڪ جرمن محقق ڪيڏي پائي جو ماڻهو هو، جنهن سنڌ جو ايڏو مطالعو ڪيو، سنڌ کان ايڏو گرويدهه ٿيو، جو سنڌوءَ جي پاڻي کي ايڏي پاڪيزه نگاهه سان ڏسي ٿو. هاڻي سنڌ جي تاريخ  بابت جيڪو سوال پيدا ٿئي ٿو سو آهي ته يوناني دور، گپتا دور، اهي جيڪي دور گذري ويا، انهن ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق ڪابه شيءَ نه لکي ويئي، رگويد ۾ فقط اشارا  آهن، سنڌو درياهه جي تعريف آهي ۽ سنڌ ۾ آباد آرين جي فقط تعريف  موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com