دوستو! تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملڪن ۽ قومن ۾ ڪيئي
اهڙا ماڻهو پيدا ٿي پون ٿا، جي سچ پچ ٻاهرين دشمن
قوتن ۽ قومن جي مفاد ۽ نظريات جا مبلغ بنجن ٿا، ۽
چند ڏوڪڙن تي پنهنجي ضمير جو سودو ڪن ٿا، اهڙن
دانشورن کي پنهنجي آدرش ۽ نصب العين سان ڪابه
وفاداري ڪانه آهي. هو ڪٺپتلن وانگر، پرائي ڏور ۾
فقط ناچ ڪري ڄاڻن ٿا، بهرحال، دانشورن تي سڀ کان
اول اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو ترقي پسند ۽ ترقي
پذير معاشري ۾ وقت جي سنگين مجبورين ۽ مشڪلاتن جو
به اندازو لڳائي سگهن، رڳو اجائي تنقيد ڪرڻ سان گڏ
معاشري جي ٻين سڀني فعال ۾ مکيه طبقن، جذباتي
اديبن، رجعت پسند مذهبي ماڻهن جو رت چوسيندڙ
واپارين، اقتدار جي بکين سياستدانن ۽ عوام دشمن
سرڪاري آفيسرن جي عوام ۽ انهن جي بنيادي تقاضائن ۽
مشڪلاتن ڏانهن همدردانه يا دشمنانه رد عمل کي به
جاچين، هروڀرو ۽ هر وقت اعتراض جي زبان نه کولڻ
گهرجي، قومن جي تاريخ ۾ اهڙيون ڪيئي نازڪ ۽ پيچيده
گهڙيون اينديون آهن، جن ۾ سنجيده ۽ باشعور دانشور
هروڀرو ناموري ۽ اجائي شهرت حاصل ڪرڻ خاطر بعاوت ۽
تنقيد جو نعرو نه بلند ڪندا آهن، پر مشڪلاتن جي حل
پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ عقل ۽ دانش، ملڪي تقاضائن ۽
ماحول جي حالتن کي اڳيان رکي ساٿ به ڏيندا ۽
اعتدال پسند ٿي وچ واري واٽ هلند آهن.
بزرگو!
انساني تاريخ جو هي بين الاقوامي دور مجموعي حيثيت سان اقتصادي
بحران، انسانيت سوز اقدام ۽ امن دشمن ڪردار جي ڪري
ڪافي هيبتناڪ ۽ خطرناڪ بنجي چڪو آهي، پري نه وڃو،
رڳو پنهنجي وطن تي نگاهه رکي، تازه ترين خبرن ۽
دعوائن کي اڳيان رکي ڏسو ته جن دانشورن اهڙن حالتن
کي محسوس ڪري اهو چيو ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي
قنڌارون جوکو“ ان ۾ ڪيتري نه صداقت ۽ حقيقت سمايل
آهي. عقل ۽ شعور جي تقاضا اها آهي ته جديد حالات
۽ مقتضيات کي سمجهندي، قومي ۽ وطني مسئلن کي حل
ڪرڻ لاءِ باهمي ۽ تعميري ساٿ ڏجي.
دوستو!
اڄڪلهه اهو مسئلو به هر هنڌ بحث هيٺ هلي رهيو آهي، نه آخر
دانشور طبقي ۽ شاعرن جو ملڪ جي سياست سان ڪهڙو
واسطو هئڻ گهرجي؟ اَن جا ڪيئي جواب ٿي سگهن ٿا.
هڪڙا چون ٿا:
”اٿئي غريبي گلزار، موچاري مينگهو چوي!“
”رموزِ مملڪتِ خويش خُسروان دالند.“
ماڻهو ڪنڊ سنڀالي ويهي رهي، نه ڪجهه ڏسي ۽ نه ڪجهه سوچي پرُ جهي
۽ نه ڪجهه سمجهي، ملڪ ۽ قوم سرڳ وڃن ڇا، نرڳ وڃن
ته ڇا، اصل ۾ اهو فيصلو ۽ نظريو به انتهاپسندانه
رجعت پسندانه آهي. اديب ۽ شاعر، دانشور ۽ فنڪار
لاءِ ايتري فراريت به جائز نه آهي، ٻين جو خيال
آهي ته ڪنهن به معقول ۽ مخلصانه تعمير پسند طريقي
۽ اصلاح پسند وسيلي کان سواءِ سکڻي نعريبازيءَ سان
مخالفت براءِ مخالفت لاءِ سندرو ٻڌي ڪاهي پئجي،
هنگامه خيزي ڪري قوم ۽ ملڪ ۾ اهڙو ته ٻائيتال
مچائجي جو عوام نه ڪجهه ٻڌي سگهي ۽ نه ڪجهه سمجهي
سگهي، ۽ نڪو ملڪ جو ڀلو ٿئي ۽ نڪا قوم جي ٻيڙي تري
اهڙن جذباتي ۽ هنگامه خيز طبقن جو ڪردار ڪڏهن به
تعميري ۽ ترقي پذير چئي نٿو سگهجي اهڙن طبقن کي
اهو سوچڻ گهرجي ته سندن ترقي پسندانه دعوائن جو
جذباتي ٽڪراءُ جڏهن ڪنهن تعمير پسند حڪومت سان ٿئي
ٿو، تڏهن اُن جو فائدو وري به رجعت پسند گروهن،
قديم روايت جي پوڄيندڙ طبقن، پراڻن ۽ فرسوده خيالن
وارن سياستدانن کي پهچي ٿو، ۽ ملڪ ترقي ۽ تعمير جي
بدران اڳتي هلي دوباره رجعت پسندانه نظام ۾
گرفتار ٿي وڃي ٿو ڇا اهو نتيجو افاديت پسند ۽ ترقي
پسند چئي سگهجي ٿو؟
دوستو!
اسان کي سياست ۽ ادب جي تاريخ مان اهو پتو پوي ٿو ته جذباتي ۽
رجعت پرست دانشورن جي دانشوري تڏهن ٿي ظاهر ٿئي،
جڏهن هو خواهه مخواهه حزب مخالف سان وابسته ٿا
رهن، ان وقت هو پنهنجي جذباتي انداز ۾ ترقي پسند
گروهه کي ملحد ۽ ڪافر کان گهٽ نٿا سمجهن، هو وقت
جي حڪومت جي پنهنجي طرفان ذاتي ۽ شخصي شڪست جي
سببان مخالفت ڪندي، اهو اعزاز مفت ۽ حاصل ڪرڻ
گهُرن ٿا، ته هو ئي سچا پڪا وطن آهن، باقي ٻيا سڀ
غدار ۽ ناهنجار آهن!
دوستو!
اسان کي ٻن مطلق العنان آمرن جي دور ۾ اهو تلخ تجربو حاصل ٿيو
آهي، جو رجعت پسند گروهن 1955ع کان وٺي اڄ تائين
ترقي پسند اديبن خلاف ڪفر ۽ الحاد جي فتويٰ جاري
پئي ڪئي آهي، اڃا ڪلهوڪو ڏينهن آهي. اسان جي ترقي
پسند دانشورن، رجعت پسند نظريات جي خلاف سوشلزم جي
تائيد ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ مٿن باضابطه ڪفر جون
فتوائون ڏنيون ويون. اصل ۾ رجعت پسند گروهن جو اهو
قدم نه فقط حقيقت جي خلاف سمجهڻ گهرجي، پر ان سان
گڏ پنهنجي قوم ۽ وطن سان غداري ۽ بيوفائي پڻ سمجهڻ
گهرجي، افسوس اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ساده دل عوام
اهڙن ماڻهن جي غلط ڪارين ۽ چالبازي، کي سمجهي به
نٿا سگهن ته رجعت پرستن ۽ اقتدار جي عاشقن جي اها
دردسري ۽ فتوابازي چرب زباني ۽ ڪفر سازي فقط
اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، ۽ بس. عوام جي مفاد سان
سندن ذري جيترو به واسطو ناهي، نڪو قوم ۽ ملڪ جي
مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ منجهن دورانديشيءَ ۽ حڪمت
عمليءَ جو ڪو جوهر ئي آهي. دانشورن ۽ عالمن کي ان
تجزيه ۽ تنقيح تي پڻ غور ڪرڻ گهرجي.
بزرگو!
انساني تاريخ جي ارتقا ۽ انقلاب وارا ورق ٻڌائين ٿا ته هر دور ۾
دانشور ۽ اديب جو نصب العين تاريخ ساز رهندو آيو
آهي. صاحب دانشور جو فڪر ۽ فن هڪ زوال پذير معاشري
کي جنجهوڙيندو رهيو آهي، حالانڪ ڪو به دانشور سنئو
سڌو رياست ۽ ان جي سياست سان وابسته نه رهيو آهي.
پر دانشور جي فڪر، فن ۽ ان جي بيپناهه اثر ۽
انقلاب پسند تشريح سان قومن ۾ تبديلي ۽ انقلاب جا
قدر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن سان رجعت پسند قوتن ۽
سندن زوال پذير قدرن ۾ زلزلا اٿيا آهن، جن کان
متاثر ٿي قوتن جا ضمير جاڳيا آهن، ۽ اڳتي هلي انهن
قومن جي ذهين ترين قوتن انقلاب آڻي سندن تقدير کي
سنواريو آهي.
تاريخي طور تي ان حقيقت کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته فرينچ
انقلاب روسو ۽ والٽيئر جي باطل شڪن تحريرن پيدا
ڪيو. زارشاهيءَ جو خاتمو لينن هٿان ٿيو، جو ڪارل
مارڪس جي فڪر و نظر مان پيدا ٿيو، اگر ٽئگور جو
”گيتانجلي“ وجود ۾ نه اچي ها ته پوءِ گانڌي ۽ نهرو
جهڙا انسان به پيدا ٿي نه سگهن ها. تاريخ ٻڌائي ٿي
ته سڪندر، ارسطوءَ جي پيداوار آهي ۽ اڪبر
مُلافيضيءَ ۽ ابوالفضل جي پيداوار آهي. اها به
حقيقت آهي ته گوئٽي جي تحريرن مان نيپولين بونا
پارٽ جي جراتمندانه شخصيت جي تشڪيل ٿي، بهرحال،
ايترن مثالن مان معلوم ٿيو ته دانشور جو فڪر ۽ فن
ئي تاريخ ساز هندو آيو آهي، اهو ئي نين تبديلين،
نون قدرن، نون معيارن ۽ زندگيءَ جي نون ميدانن ۽
محاذن کي پيدا ڪري ٿو، دانشور جو فن ئي رجعت
پرستانه دور ۽ ان ۾ پيدا ٿيل سڀني بيروح ۽ بي
مقصد قدرن کي مٽائي ناس ڪري ٿو، ان لاءِ تاريخ
شاهد آهي، لهاذا، اهڙين تاريخ ساز ۽ عظيم شخصيتن
جو قول ۽ ڪردار قومن جي تاريخ ۾ اڄ تائين نقش ٿيل
آهي، قومون انهن جي عظيم ۽ تاريخ ساز فن ۽ تخليق
جي اڳيان سِر جهڪائي چڪيون آهن ۽ انهن جا مجسما
بنائي، انهن جي عظمت جا گيت ڳائي رهيون آهن.
بزرگو!
مون کي ائين چوڻ جي اجازت ڏيو ته اسان جي وطن جي تقدير ۽ ان جي
انقلاب پسند تاريخ هتي جي مفڪرن ۽ دانشورن جي
مرهون منت آهي، جن نور نچوئي، زوال پذير معاشري ۾
انقلاب جو ٻج ڇٽي پنهنجي جگر جي خون سان ان جي
آبياري ڪئي، هن دور جي ترقي پذير معاشري جي تاريخ
ڪڏهن به انهن دانشمندن ۽ مفڪرن جي ذڪر کان سواءِ
مڪمل ٿي نه سگهندي، اهو اسان جو ايمان آهي.
آخر ۾ عرض ڪندس ته دانشور قوم ۽ ملڪ، عوام ۽ انهن جي مفادن ۽
حقن جو ترجمان ۽نگران ٿئي ٿو، تنهنڪري ان طبقي تي
فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ڪردار توڙي ادبي
سرمايه سان هميشه ترقي پذير پسند فڪر و نظر جي
تائيد ڪري ۽ عوام جي مفادن ۽ حقن جي نگهداشت ڪري،
اُن جي مقابلي ۾ رجعت پسند گروهن جي دعوائن ۽ ڏٽن
تي لڳي عوامي مفاد کان بيتوجهي ڪري، پنهنجي
دانشورانه نصب العين کي داغدار نه بنائي، تاريخ ان
قسم جي رجمت پسندانه خيالات وارن دانشورن ۽ اديبن
کي ڪڏهن به پنهنجي سونهري ورقن ۾ جاءِ نه ڏيندي.
خاص طرح سان مان سنڌ جي دانشورن کي گذارش ڪندس ته هو جديد
نظريات، جديد اصلاحات ۽ جديد افڪار و خيالات جي
تائيد ۾ عملي ڪردار ادا ڪن، ۽ پنهنجي فن ۽ ڄاڻ جو
رخ فقط ترقيءَ ۽ تعمير ڏانهن رکن، جيئن عوام جي
خوشحالي لاِءِ اڃا به سازگار فضا پيدا ٿي سگهي، ۽
هي ملڪ ڪنهن ٻاهرئين يا ملڪي وطن دشمن قوت جي بگهڙ
واريءَ جهڙپ جو شڪار نه ٿئي. شال اسان جو ملڪ بد
نظرن کان محفوظ رهي، ۽ شال دانشور طبقو پنهنجي فرض
۽ نصب العين جي ادائگيءَ ۾ هر وقت هوشيار ۽ خبردار
رهي،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار.
دوست تو دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
ڇ
لطيف
سنڌ جي عظمت جا اُهڃاڻ
(”سنڌ صدين کان“ سيمينار ميرپورخاص 21-22 ڊسمبر
1974ع جي موقعي تي ڪيل تقرير)
دوستو ۽ بزرگو!
سڀ کان اول انهن مخلص عزيزن ۽ دوستن جو احسان مڃڻ گهرجي، جن جي
ڪوششن ۽ ڪاوشن سان هن قسم جي علمي تقريب منعقد ٿي
آهي، جنهن ۾ ”سنڌ صدين کان“ جي عنوان هيٺ علمي ۽
تحقيقي مذاڪري جو اهتمام ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌ جي
برک عالمن ۽ محققن جي خيالات ۽ تحقيقي مقالات مان
اسان پارن لاءِ استفادي جي صورت پيدا ڪئي ويئي
آهي. ان طرح هتي هڪ نمائش پڻ رکي ويئي آهي، جنهن ۾
هن ضلعي جي هنر ۽ ڪاريگري، صنعت ۽ حرفت، فني
تخليقات ۽ حسين مصنوعات، قديم آثارن ۽ جديد ساز
سامان کي ڏاڍي سليقي ۽ ترتيب سان رکيو ويو آهي،
جنهن کي ڏسي سنڌ جي ذوق جماليات، سنڌ جي حسين ۽
دلڪش نظريه حيات ، سنڌ جي هنر مندن ۽ ڪاريگرن جي
ذوق هنر مندي، سنڌ جي سٻاجهڙن ۽ سونهن وارن جي
پاڪيزه ملبوسات جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جن
کي ڏسي پسي ولوله انگيز ۽ حسين آفرين جذبات موجزن
ٿين ٿا ۽ ”سنڌ“ جون متلاشي ۽ آسائتيون اکيون ٺرن
ٿيون.
بزرگو! انساني ارتقا جي تاريخ ۾ سنڌ کي وڏو مقام حاصل ٿي چڪو
آهي، سنڌ ”حسن“، ”حق“ ۽ ”خير“ جي بهترين قدرن جي
جامع ۽ مرڪزي سرزمين آهي. ان جي هر پهلوءَ تي
گفتگو ڪرڻ جي ڪافي گنجائش رهي ٿي، اوهان سنڌ جي
تاريخي عظمت ۽ قدامت، اُن جي هنر ۽ تجارت، ان جي
قديم بين الاقوامي تعلقات، موهن جي دڙي جي ماحول ۽
تاريخي اثرات، ان جي قديم دور واري نظام آبپاشي،
درياهن ۽ ڍنڍن، ڍورن ۽ واهن متعلق تاريخي معلومات،
سنڌ جي نظريه حيات ۽ سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي اصولن ۽
معيارن جي ارتقا ۽ سنڌ جي علم ادب متعلق ڪافي روح
آفرين ۽ معلومات افزا خيالات ٻڌي چڪا آهيو، جن جي
ٻڌڻ سان اسان کي ”سنڌ“ جي تاريخي عظمت متعلق ڪافي
نئين معلومات حاصل ٿي آهي.
آءُ ناچيز فقط ايترو ئي چِئي سگهان ٿو ته سنڌ جو هڪ اخلاقي،
روحاني ۽ مذهبي پهلو پڻ آهي، سنڌ جي سرزمين هڪ
برڪت ڀري زمين آهي، سنڌ جي زمين صوفياء عظام جو
مرڪز به رهي آهي، سنڌ جي شاعرن وٽ زندگي جي بهرين
آدرش جي ترجماني به موجود آهي. سنڌ ۾ زندگيءَ جي
اخلاقي نصب العين جي آبياري به ٿي آهي، سنڌ ۾
زندگيءَ جو اُخوت ۽ مساوات، ڀائپيءَ برادريءَ تي
مشتمل تعبير پيدا ٿيو آهي، تاريخي خيال کان سنڌ
جو اُخوت ۽ خطو پوري انساني تاريخ ۾ انسان جي
ارتقا ۽ نشو نما جي حيثيت سان سڀ کان پهريون مرڪز
۽ سڀ کان پهريون سرچشمه حيات رهيو آهي، تقدس ۽
احترام، عظمت ۽ قدامت جو اهو تاج فقط ”سنڌ“ جي سِر
تي آهي. افسوس هي آهي ته اڄ تائين ”سنڌ ۾ مذهب جي
ارتقا“ متعلق ڪابه جامع ۽ علمي تصنيف نه لکي ويئي
آهي، جنهن ۾ موهن جي دڙي يعني عيسيٰ عليه السلام
کان ڏهه هزار سان اڳ واري دور کان ويندي اڄ تائين
مختلف تاريخي قومن جي نيم مذهبي رسومات توڙي
تاريخي دور جي مذهبن جي ارتقا ۽ تعليمات متعلق
علمي ۽ فڪري بحث ڪيو ويو هجي، ان سلسلي ۾ مون
ناچيز ان عنوان تي ڪافي لکيو آهي، مڪمل ٿيڻ
کانپوءِ ممڪن آهي ته شايع ڪري سگهجي.
حضرات! هن سر زمين تي مذهب ۽ عقيدي ، نيم تاريخي ۽ نيم مذهبي
رسومات جي باهمي اشتراڪ سان پيدا ٿيل آدرش جي
اخلاقي تاريخ نهايت حيرت انگيز آهي، ان ڪري ئي عرض
ڪيو اٿم ته ساري دنيا جي مذهبن ۽ اصولن، انسانذات
جي عقيدن ۽ رسمن، سڀني قومن جي معاشي ۽ معاشرتي
قدرن جي جامعت سرزمين اگر ڪا آهي ته پوءِ اها فقط
”سنڌ“ آهي. سڀني مذهبن، عقيدن نظرين، اصولن ۽ انهن
جي جامع نصب العين جي مشترڪ تخليق اگر ڪٿي ٿي آهي
ته پوءِ اها فقط ”سنڌ“ ئي آهي، دنيا جو ٻيو ڪو خطو
سنڌ جي ان تقدس ۽ عظمت سان مقابلو ڪري نٿو سگهي
اسان لاءِ سنڌ ئي سڀڪجهه آهي.
”ديس سچل دا دُ رس درازا، مڪو نا ملتان.“
به ان حيثيت سان چيو ويو آهي.
حضرات! سنڌ لفظ جي قدامت متعلق فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته سڀ
کان اول اسان کي سُميرين تهذيب جي نيم تاريخي
داستانن ۾ سنڌ جا ڪي اُهڃاڻ ملن ٿا. ان سلسلي ۾
عراق جي آثار قدم جي کوٽاين مان، پڪين فرحين تي
اُڪريل ”گل گامش“ جو داستان ملي ٿو، جنهن ۾ هڪ
”سنڌي سورمو“ نظر اچي ٿو، جنهن جي زباني گفتگو ۽
شاعريءَ ۾ سندس سنڌي هجڻ متعلق فخريه ڪلام ملي ٿو،
۽ ان سان گڏ هو سنڌ کي ”پورب – جوتي“ سڏي چوي ٿو
ته ”منهنجو وطن اهو آهي، جتان سج جا ڪِرڻا طلوع
ٿي، ساري دنيا کي روشن ڪن ٿا.“ تاريخي طور ”گُل
گامش“ جو داستان حضرت مسيح کان هزارين سال اڳ جو
آهي. ان متعلق يورپ ۾ ڪافي تحقيق ٿي چڪي آهي.
ان کان پوءِ رومن شهنشاهيت جي تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي ”ڪڻڪ“ جو
ذڪر ملي ٿو، جا اٽليءَ جي پراڻن دڙن ۽ ويران ٿيل
شهرن مان ڳولي لڌي ويئي آهي.
ان طرح ”زند اوستا“ ۾ سنڌ جو ذڪر ملي ٿو، جو مسيح کان هزارين
سال اڳ پيدا ٿيل ايراني مصلح ۽ پيغمبر زردشت اعظم
جو مذهبي ڪتاب آهي. منهنجو خيال آهي ته خود لفظ
”زند“ به ”سنڌ“ ئي آهي، ۽ ”اوستا“ اَن جي شرح آهي،
ان بابت تحقيق ٿيڻ گهرجي.
ان طرح سانگ ويد ۾ سنڌ جي درياهه ”سنڌو“ ان جي ڪنارن تي رهندڙ
دراوڙن جي شاندار تهذيب متعلق اشلوڪ ملن ٿا، خود
آرين جي دور ۾ سنڌ جي چر گاهن، گهوڙن، هٿيار، رَٿن
، ٿانونَ ۽ مذهبي رسمن جا آثار ملن ٿا، ان ڪري
تمام ضروري آهي ته رگ ويد کي مطالع ڪرڻ گهرجي ۽ ان
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي.ان طرح موهن جي دڙي
متعلق ۽ جديد کوجنائن مان اتي جي مذهبي رسمن،
تجارت، ٻيڙن، غذا، دوائن، سِڪن، نالن ۽ پيداواري
چيزن جو ذڪر ملي ٿو.
ان کان پوءِ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ، جين ڌرم ۽ هندو ڌرم جي تاريخي
ڪشمڪش ملي ٿي، جا تاريخ جي هزارن سالن تي حاوي
آهي. هيءَ ئي مقدس زمين آهي، جنهن ۾ رام جو اچڻ
ثابت آهي ۽ ان کان علاوه مهاتما ٻُڌ به هت اچي پير
گهمايا آهن.
ان طرح دنيا جي ٻاهرين قومن مان آريه، سٿين، ساڪ، پارٿي، هُڻ،
يوناني، گوجر، مغل، ارغون، ترخان، منگول، ترڪ،
پٺاڻ ۽ عرب قومون آيون، جن جا مذهبي ۽ نيم مذهبي
عقيدا ۽ آثار هن سر زمين ۾ اچي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي
ويا. مطلب ته دنيا جي مڙني تاريخي ۽ نيم تاريخي
مذهبن ۽ قومن جا عقيدا ۽ مَتا هت پهتا ۽ هتي جي
فلسفه حيات جو جُز بنجي هتي جي زندگي ۾ هميشہ لاءِ
ضم ٿي، ختم ٿي ويا، موجوده سنڌي تهذيب انهن سڀني
قدرن ۽ نظرين جو قدر مشترڪ آهي.
ان سلسلي ۾ مصر جي قديم آثارن ۽ اهرامن جي لکيتن ۾ سنڌ جو ذڪر
ملي ٿو، فرعون جي لاشن لاءِ ممي ٺاهڻ لاءِ مسالو
به سنڌ مان ويندو هو. ان سلسلي ۾ گُگر، کونئر،
لاک، نير ۽ مينديءَ جو ذڪر ملي ٿو، ان کان علاوه
فرعونن جي حملن بابت به حوالا ملن ٿا. ان سلسلي ۾
هڪ مصري راڻيءَ جي حملي جو احوال ملي ٿو، جا سنڌ
مان شڪست کائي جان بچائي، مصر رواني ٿي هئي.
ان طرح سان ڪن مورخن حضرت موسيٰ عليه السلام جو سنڌ ۾ اچڻ به
بيان ڪيو آهي. اها حقيقت آهي، ته موسيٰ عليه
السلام ۽ سندس اَمت يهودين جي طول طويل سفر جو
احوال توريت ۾ موجود آهي. اها به حقيقت آهي ته
افغانستان جا افغنه يهودي نسل جا آهن، جي هن وقت
مسلمان آهن. افغانستان جي موجوده آباديءَ جا ابا ۽
اجداد يهودي ئي هئا. ان خيال سان ائين چوڻ ته
موسيٰ عليه السلام به هن خطي ۾ آيو هو، حقيقت جي
خلاف نٿو ٿي سگهي.
ان طرح سليمان عليه السلام متعلق به توريت ۾ آيل آهي ته سندس
لاءِ مان مور، اگر، مشڪ، عنبر، گينڊا ۽ سون وغيره
ٻيڙن جي رستي يروشلم گهرايا ويندا هئا، جي هيڪل
سليمانيءَ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. ان متعلق علامه
ابن خلدون به ذڪر ڪيو آهي.
ساڳي طرح انجيل مقدس ۾ سنڌ جو واضح ذڪر موجود آهي، سنڌ جي نفيص
۽ ملائم ململ کي انجيل ۾ ”سنڊڻ“(sindon)
سڏيو ويو آهي، جيڪو لفظ اصل ”سنِڌڻ“ آهي. ان بابت
انجيل ۾ آيل اَهي ته صليب تان لاهڻ کان پوءِ حضرت
مسيح عليه السلام کي جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو هو ،
سو ڪپڙو ”سنڌ“ جو هو، جنهن جو نالو هو ”سنڊڻ“
(يعني سنڌڻ) انجيل مقدس ۾ سنڌ جي سُٽ مان ٺهيل رسن
جو پڻ ذڪر ملي ٿو، جي پراڻي زماني ۾ ٻيڙن کي ٻڌڻ
لاءِ ڪتب ايندا هئا. بهرحال، اهي سڀ تاريخي مسئلا
حضرت مسيح کان هزارين سال اڳ کان شروع ٿين ٿا ۽
مسيح عليه السلام تائين پهچن ٿا.
معزز حضرات و خواتين!
هي جو ڪجهه عرض ڪيو اٿم، سو اسلام کان هزارين سال اڳ جي تاريخي
۽ مذهبي واقعن تائين محدود آهي. ان سلسلي ۾ مان
اسلام جي دور متعلق چند حقيقتون پيش ڪندس، جي غور
سان ٻُڌندا.
دوستو! عالمن ۽ محققن ثابت ڪيو آهي ته قرآن ڪريم ۾ سنڌ جي چند
چيزن جو ذڪر موجود آهي، قرآن ۾ بهشتي زندگيءَ جي
منظر ڪشي ڪندي چيو ويو آهي ته اتي اهڙا شراب
استعمال ڪيا ويندا، جن جو مزاج سنڍ ۽ ڪافور جهڙو
هوندو.
”کانَ مزاجُہ“ زنجبَيلا- کانَ مِزاجُہ، ڪافُورا.“
ان طرح قرآن ۾ ”مشڪ“ کي ”مسڪ“ چيو ويو آهي. يهودين جي ذڪر ۾
قرآن ٻڌائي ٿو ته يهودين ٿوم ۽ بصر جي تقاضا ڪئي.
”فُومِها وَ بَصَلها“ صاف ظاهر آهي ته ٿوم کي فوم
۽ بصر کي بصل چيو ويو آهي، جي ٻيئي ٺيٺ سنڌي لفظ
آهن.
ان طرح بهشت جي پوشاڪن ۾ ”سنُدسُ“ ۽ اِستبرق“ بيان ٿيل آهي. اُن
۾ ”سُندس“ اهائي سنڊڻ آهي، جا توريت ۾ به بيان ٿيل
آهي. ”استبرق“ منهنجي خيال ۾ اهو ئي ”اجرڪ“ آهي،
جو معرب ٿي ”استبرق“ ٿيو آهي. اها منهنجي ذاتي
راءِ آهي، ان لاءِ محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي.
دوستو ۽ بزرگو! مسلم روايات ۾ سنڌ جي فضيلت ۾ تمام گهڻيون
روايتون موجود آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آدم
عليه السلام جي پيدائش ”سنڌ“ ۾ ٿي. پهريون پيغمبر
آدم عليه السلام سنڌ ۾ ٿيو، ان ڪري پهريون وحي سنڌ
۾ نازل ٿيو. ان نسبت سان گويا پهريون ڀيرو توهيد
الاهيءَ جو پيغام سنڌ ۾ لٿو. عبادت الاهيءَ جو
پهريون طريقو سنڌ ۾ ٿيو، جو آدم عليه السلام سان
وابسته آهي. سڀ کان اول نبوت جو نور سنڌ ۾ نازل
ٿيو. ان نسبت سان نور محمديءَ جو پهريون ڪرڻو سنڌ
۾ آيو، سڀ کان اول جنت جو تصور سنڌ ۾ پيدا ٿيو.
جنهن جي گهاٽن باغن ۾ آدم ۽ حوا پيدا ٿيا. ان قسم
جي روايتن کي مولانا آزاد بلگراميءَ پنهنجي مشهور
ڪتاب ”سَبحتہ المرجان“ ۾ گڏ ڪيو آهي، جنهن ۾
سَنَدن سان ۽ پراڻن تفسيرن جي حوالن سان بيان ڪيو
ويو آهي ته آدم جي پيدائش سنڌ ۾ ٿي ۽ وحي ۽ نبوت
جو پهريون مرڪز ”سنڌ“ آهي، ۽ نبوت محمديءَ جي
سلسلي جو آغاز سنڌ ۾ ٿيو.
حضرت! مسلم روايات جي ان عملي کوجنائن مان اهو به ثابت ٿيو ته
تورات ۾ بيان ٿيل بهشت ۽ اَن ۾ آدم جو مٽيءَ جي
بوتي مان ٺهڻ، حوا جو آدم جي پاسريءَ مان پيدا ٿيڻ
۽ ان بهشت مان ٻنهي جو تڙجڻ وغيره سڀ زميني معاملا
آهن. توريت ۾ جنهن کي”آسماني جنت“ سڏيو ويو آهي،
سو ”سنڌ“ جي گهاٽن باغن وارو مقام آهي، ان ڪري جنت
کي گهاٽو باغ به سڏيو ويو آهي. هڪ هنڌ توريت ۾ سنڌ
کي ”عدن جو باغ“ سڏيو ويو آهي.
هن جديد دور جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ به ان مٿينءَ
تحقيق کي قبول ڪيو آهي، ۽ چيو ته ”آدم جي تخليق هن
سر زمين تي ٿي آهي ۽ جنت به هن زمين تي هئي.“ ان
متعلق مون وٽ هڪ مفصل بحث موجود آهي، جو اٺ سال اڳ
، ”سنڌي شام“ سکر ۾ پيش ڪيو هوم، جنهن کي سنڌ جي
ٻن عظيم سپوتن محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ باباء
سنڌ محترم حيدر بخش جتوئيءَ ڏاڍو پسند ڪيو هو.
اميد ته اهو ڪتاب شايع ڪيو ويندو، جنهن ۾ آدم
متعلق سڀ مسئلا ۾ مشڪل عقدا حل ڪيا ويندا.
حضرات! اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته خود حضور ڪريم جي لسانِ
رسالت تان ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي ماڻهو“ جا لفظ موجود ثابت
ٿيا آهن. مثلا هڪ ڀيري کانئن پڇا ڪئي ويئي ته ”يا
رسول الله! اوهان موسيٰ عليه السلام کي ڏٺو ؟“ پاڻ
جواب ۾ اشاد فرمايائونِ”هائو، موسيٰ اهڙو آهي جهڙو
”سنڌي ماڻهو.“
ان طرح سان هي ٻيءَ تاريخي روايت ۾ اچي ٿو ته جڏهن نجران جا
عيسائي، حضور سان مباهلي ڪرڻ لاءِ آيا هئا ۽ اچي
مسجد نبويءَ جي در تي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پاڻ ڪريمن،
کين ڏسي، صحابه کان پڇا ڪئي ته ”هي ڪير آهن؟“ ائين
چوندي هي لفظ به چيائون ته ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا
لڳن!“ صحابه عرض ڪيو ته هي نجران جا عيسائي آهن.
مٿينءَ روايت ۾ ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن“ غور طلب
لفظ آهن.
هڪ روايت ۾ آيل آهي ته پاڻ نماز ادا ڪري، سنڌ ڏانهن مُنهن مبارڪ
ڪري ويهندا هئا. صحابه جي پڇا تي فرمايائون: ”مون
کي اِن طرف (سنڌ) کان جنت جي هير ٿي اچي جا منهنجي
دل کي سڌير ٿي ڪري!“ ان واقعي متعلق اقبال چيو
آهي:
مير، عرب کو آئي ٺنڍي هوا جهان سي
ميرا وطن وهي هي، ميرا وطن وهي هي
ان ۾ ”ميرا وطن“ مان مراد ”سنڌ“ آهي ۽ فقط ”سنڌ“.
ان طرح هڪ روايت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حضور جن فرمايو ته زمين تي
بهشتي درياهه چار آهن: دجله ۽ فرات (عراق ۾) ،
جيحون (مصر جي نيل) ۽ ”سيحون“ (سنڌو درياهه).
حضرات! ان قسم جي حوالن سان ڪتاب ڀريا پيا آهن. مثلا هڪ باب
آهي”الدّيڪ سنڌي“(يعني سنڌ جي مرغي). روايت ۾ آهي
ته ”پاڻ سنڌي مرغي تناول فرمايائون ۽ ان لاءِ
پسندگيءَ جا لفظ ظاهر ڪيائون.“
ان طرح اوهان ”ڪالي ڪملي“ ٻڌي هوندي. گهڻو ڪري قواليءَ يا نعت ۾
اردو زبان جا شاعر ڪالي ڪمليءَ کي گهڻو بيان ڪندا
آهن. اها ڪالي ڪملي آهي سنڌ جو اجرڪ اهو شرف به
سنڌ جي اجرڪ کي حاصل آهي، جنهن کي حضور جن جي لباس
مبارڪ ۾ سعادت ۽ شرف جو اعليٰ مقام حاصل ٿيو، جنهن
لاءِ چيو ويو آهي ته ”پاڻ سڳورا گنهگارن کي حشر جي
ڏينهن تي ان ڪمليءَ ۾ ڇپُائيندا.“
ان ڪالي ڪمليءَ کي برد يمني يا يماني به چيل آهي. اهو ان ڪري جو
اجرڪ يمن منجهان، حجاز، عراق ۽ شام تائين تاجر کڻي
ويندا هئا ۽ يمن ۾ سنڌ کان سنئون سڌو سامان ويندو
هو. اڳ سنڌ جي تجارتي مال گهرائڻ جو وڏو مرڪز يمن
هوندو هو. سنڌ جو سامان سامونڊي سفر طئه ڪري، اول
يمن پهچندو هو ۽ اتان پوءِ ٻين عرب ملڪن ڏانهن
ويندو هو، ان ڪري ٽريڊ مارڪ طور ”يمن“ يا ”يماني“
استعمال ڪيو ويندو هو. ٻيو ته برد جو مطلب آهي
چادر، اها آهي ڪالي ڪملي ۽ برد يمانيءَ جي تاريخ،
جا دراصل سنڌ جي اجرڪ جي تاريخ آهي.
ان طرح روايات ۽ تاريخ ۾ اهو ذڪر موجود آهي ته حضرت عائشه
سڳوريءَ جي حُجري جي دروازي تي، جو مسجد نبويءَ
سان ڳنڍيل هو پردا ٽنگيل هوندا هئا. انهن پردن تي
ڇُر جو ڪم ٿيل هوندو هو، ۽ ڇُر ۾ گهوڙن، شينهن،
تلوارن ۽ نيزن جون تصويرون هونديون هيون. هڪ ڀيري
حضور جن انهن لاءِ ناپسندگيءَ جو اظهار فرمائي،
حڪم ڪيو ته اهي پردا لاٿا وڃن. سندن حڪم جي تعميل
ڪئي ويئي، پر اُن سان گڏ حضرت عائشه جي پسندگيءَ
کي ڏسي فرمايائون ته ”اهي پردا ڦاڙي، وهائڻ ۽
گديلن تي ڇئون ڪري استعمال ڪيون وڃن.“ سندن حڪم
موجب حضرت عائشه ائين ئي ڪيو.
حضرات! اوهان کي اهو ٻڌي حيرت لڳندي ته اهي تصويرن وارا ڪپڙا
سنڌ جا ڪاريگر ٺاهيندا هئا، ۽ انهن کي اڄ به ”ڇيٽ“
سڏيو وڃي ٿو. اڄڪلهه ڇيٽ جي ڪپڙن تي تصويرن جي
بدران انبڙي يا ڪي گل ٻوٽا ۽ ٻيا نظارا ڏنا وڃن
ٿا، پر هزار ڏيڍ سال اڳ انهن تي جانورن جون
تصويرون به ڇُر ڪيون وينديون هيون.
ان طرح تاريخن ۾ آيل آهي ته هڪ ڀيري ڏکڻ عرب ۾ ايران جي لشڪر کي
شڪست ملي. اُن جي اطلاع ملڻ تي ايران جي شهنشاهه
ڪسريٰ چيو ته ڇا اوهان کي سنڌين شڪست ڏني آهي؟ ان
جي جواب ۾ کيس ٻڌايو ويو ته سنڌين نه پر يمني
ماڻهن کان شڪست ملي آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته
اسلام کان گهڻو اڳ ڪيترا سنڌي قبيلا، سنڌ مان لڏي،
يمن ۽ اُن جي ڀرسان وڃي آباد ٿيا هئا ۽ اها ايران
جي ڪسريٰ کي به خبر هئي. ان ڪري چيائين ته ”ڇا
اوهان کي .”سنڌين“ شڪست ڏني آهي!“
حضرات! مسلم روايات مان باقي هڪ ٻه تاريخي اوقعا بيان ڪندس،
تاريخ ۾ آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه سان صفين
جي لڙائيءَ جي موقعي تي سنڌين جو هڪ وفد مليو،
جنهن سنڌي زبان ۾ کين چيو هو ته ؛” تون حق تي
آهين. اسان جي مدد اوهان کي آهي. نصرت هميشهه حق
کي حاصل ٿيندي آهي.“ تاريخ ۾ آهي ته حضرت علي ڪرم
الله وجهه سندن ان قسم جي تائيد تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
سنڌين جي شڪريه ادائي ڪيائون. ان کان پوءِ حضرت
عليءَ جي توشه خاني جي نگراني سنڌين جي سُپرد ڪئي
ويئي.
اڳتي هلي تاريخ ۾ اهو پڻ ثابت آهي ته اهل بيت اطهار جو ناناڻو
گهر ”سنڌ“ آهي. تاريخ ۾ آيل آهي ته امام زين
العابدين عليه السلام جي والده ماجده سنڌي نسل جي
هئي. ان سلسلي ۾ علم نسب جي ڄاڻن پڻ ثابت ڪيو آهي
ته شهر بانو جو اصل هسب لسب سنڌ سان وابسته هو.
اُن جي تائيد مشهور مورخ علامه سيد سليمان ندويءَ
پڻ ڪئي آهي، ۽ چيو اٿس ته ”سنڌ“ اهل بيت جو ناناڻو
گهر آهي.
حضرات! اڃا به هڪ روايت بيان ڪندس، ڪربلا جي ڪوس ۾ به امام حسين
عليه السلام سان ڪي سنڌي نسل جا سپوت شامل هئا، جن
جا نالا تاريخن ۾ موجود آهن، مشهور فداڪار حبيب بن
مظاهر لاءِ به چون ٿا ته هو بلوچ قبيلي جو فرد هو
۽ سندس قوميت سنڌ سان وابسته هئي. ولله اعلم
حضرات! ان سلسلي ۾ اڃا به هڪ اشارو ڪرڻ مناسب ٿيندو ته مشهور
مجتهد ۽ فقيہ امام ابو حنيفه به سنڌي نسل جو هو.
حضرات ! سنڌ قديم دور کان وٺي علم ۽ ادب جي کاڻ رهندي آئي آهي.
ابن حجر عسقلائيءَ هڪ قول بيان ڪيو آهي، فرمائي ٿو
ته حضرت عليءَ چيو آهي ته ”سنڌ اُها سرزمين آهي،
جتان علم جو سج اڀريو آهي،“ ان قول کي اگر محققن
ضعيف چيو آهي، مگر معنيٰ ۽ حقيقت جي خيال کان بلڪل
درست آهي. |