سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :8

ابوالحسن ٺٽويءَ جي ٺاهيل  الف—بي جا هي حرف اڄ تائين موجوده الف --- بي ۾ موجود آهن، ٻ---ڀ----ٿ---ٽ----ٺ----ڦ---ڄ---جهه---ڃ---چ ---ڇ---ڌ--- ڏ---ڍ---ڊ ---ڙ--- ک---ڳ--- گهه---ڱ ۽ ڻ.

مولوي ابوالحسن ٻين حرفن جون نج ۽ خالص صورتون ٺاهيون، ’ڀ‘ کي ب ۽ هه جي ملائڻ سان، ’ٿ‘ کي ت ۽ هه ملائڻ سان، ’ڃ‘ کي ج تي نون غنه ملائڻ سان، ’ڇ‘ کي’چ ۽ هه‘ ملائڻ سان، ’ڏ‘ کي ’د‘ ۽ ’هه‘ ملائڻ سان، ’ڊ‘ کي ’د‘ ۽ ’ر‘ ملائڻ سان، ’ڍ‘ کي ’ڊ ۽ ڙ‘ ملائڻ سان، ’ڱ‘ کي گاف اڳيان نون غنه ملائڻ سان، وغيره تيار ڪيائين. اهائي اوائلي الف، ب اڄڪلهه سڌريل صورت ۾ رواج ۾ اچي چڪي آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته مولوي ابوالحسن ٺٽوي ئي سنڌي ٻوليءَ جي الف، بي جو پهريون معمار آهي. ان کان پوءِ مخدوم ضياء الدين ٺٽويءَ جو نالو اچي ٿو.

مخدوم ضياء الدين ٺٽوي رحه، سهروردي طريقي جي بانيءَ ۽ جليل القدر بزرگ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ رحمتہ الله عليہ جي اولاد مان هو. مخدوم ضياء الدين رحه جو پڙ ڏاڏو مخدوم الياس رحه، سومرن جي زماني ۾ بغداد مان لڏي آيو هو، ۽ اچي ’جوڻ‘ شهر ۾ آباد ٿيو هو، جون ان دور ۾ سنڌ جو مرڪزي شهر ۽ تختگاهه هو. ان مخدوم الياس رحه جو پوٽو، مخدوم هارون، ’جوڻ‘ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو هو، جتي مخدوم ضياء الدين 1091هه ۾ يعني 1677ع ۾ پيدا ٿيو.

مخدوم ضياء الدين ٺٽويءَ ديني علوم جي تحصيل ۾ تڪميل اتي ئي ٺٽي ۾ ڪئي، ۽ پنهنجي دور جو يگانه روزگار عالم شمار لڳو.

مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ 1075هه ڄائو ۽ 1165هه ۾ وفات ڪيائين، ۽ مخدوم ضياء الدين ٺٽوي 1091هه ۾ ڄائو ۽ 1171هه ۾ وفات ڪيائين، جنهن مان واضح ٿيو ته مخدوم ضياء الدين، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جو وڏو معاصر هو ۽ سندس وفات کان 6 سال کن پوءِ وفات ڪيائين.

مخدوم ضياءالدين، جڏهن ته ”مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي سنڌي“ نالي ڪتاب توڙي سندس ’مقدمتہ الصلواتہ‘ ڏسي چڪو هو، ۽ پوئين ڪتاب تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شهيد به ڏسي چڪو هو، ان ڪري، پنهنجي ڪتاب کي زيادهه توجهه ۽ فني احتياط سان تيار ڪيائين ۽ ان کي ”مخدوم ضياء الدين جي سنڌي“ چيو وڃي ٿو

سنڌ جي عالمن جون ’سنِڌيون‘ ’نظماڻي نثر‘ سڏ جي، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي، ائين چوڻ سان ڪو به فني تضاد محسوس ڪرڻ نه گهرجي. اهڙين ’سنڌين‘ جي نظماڻي نوعيت ۽ جنس کي سنئون سڌو ’دوهو ۽ ڪَبَت‘ چوڻ به فني طرح سان درست نٿو لڳي.

’ڪبت‘ به ڪا نئين تخليقي صِنف ناهي. راڳداريءَ جي فني خيال کان ’دوهي‘ جي صنف واري وزن ۽ بحر ۾ اگر ويهارو کن مسلسل ۽ هم قافيه مصرعون آڻجن ته پوءِ ان کي ’ڪَبَت‘ چئجي ٿو. ان طرح اگر ڪا آکاڻي هجي، يا ڪنهن واقعي جي منظر ڪشي هجي، يا ڪو لوڪ، داستان هجي، ان کي ساڳي وزن ۽ بحر ۾ آڻي، لاڳيتو بيان ڪري وڃجي ته ان کي به ’ڪبت‘ سمجهڻ گهرجي. ان قسم جا ڪبت، اسان وٽ سرندائي ۽ تنبور نواز ڀَٽَ ۽ ڀانَ ڳائيندا آهن. اسان پنهنجي سانڀر ۾ اهڙن ڀٽن ۽ ڀانن کي ڏٺو ۽ ٻڌُو آهي. اهي ڀنڀرڪي ۾، گهوڙن تي چڙهي، اڇون پڳون ٻڌل ۽ وڏا پهراڻ پهريل، درن تي اچي ’ڪبت‘ ڳائيندا هئا ۽ دان وٺي روانا ٿيندا هئا. ان طرح ڊگهي ڳالهه ڪرڻ کي به ’ڪبت ڪرڻ‘ چئبو آهي. چئبو آهي ته ”ميان ڪبت کڻي ويٺو آهين!“ نور نامو ۽ جنگ نامو وغيره ان قسم ۾ داخن آهن ’نور نامي‘ جا قافيا فقط الف اشباع سان ٺاهيا ويا آهن، جيئن ”ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما“ اتي عليم ۾ الف ملائي عليما ڪيو ويو آهي. ان طرح دوهي کي شاهه ڪريم ۽ لطيف پارن، فن جي معراج تي پهچايو آهي. دوهي ۾ قافيا ڪڏهن پڇاڙيءَ ۽ ڪڏهن وچ ۾  ايندا آهن. فرق هي آهي ته پوئينءَ سٽ جو قافيو لازمي طور تي  وچ ۾ ايندو آهي. ان قسم جا مثال لطيف جي ڪلام ۾ عام جام موجود آهن، بلڪ ابوالحسن ٺٽويءَ جو مقدمتہ الصواتہ ته آهي ئي انهن ٽن شرطن ۽ مثالن تي ٻڌل.

بهرحال، مخدوم ضياءالدين ٺٽويءَ، پنهنجي ’سِنڌي‘ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ جي طرز تي تيار ڪئي ۽ ان ۾ ’مقدمتہ الصلواتہ‘ جي تتبع ۾ وضوءَ ۽ نماز جي مسئلن کان علاوه ڪجهه ٻيا ديني مسئلا به وڌائين، ۽ ان کي ’مخدوم ضياءَالدين جي سنڌي، نالو ڏنائين.‘

ان ڪتاب جي شروعات هن ريت ڪئي اٿس:

مسائل جي دين جا، سي گهڻا ۽ گهاٽا،
سڀني ڪتابن ۾ عالمن، لکيا ۽ چيا،
تنهن منجهان ڪيترا مون سنڌيءَ ۾ لکيا،
ته سمجهي سگهي سڀڪو، پڙهي سچ منجها.
 

ان حصي ۾ قافيا صحيح آيل آهن. ڇو ته آندل لفظ روزمره جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. ڪتاب جي ’مواد‘ متعلق مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ، مقدمتہ الصلواتہ ۾ لکيو آهي:

عاقل، بالغ جي ٿيا، ڪلمو جي ڪَهَن،
حڪم سڀ حڪيم جا، ثابت مَٿي تَن،
 

سانڍيون ڇهه ويهون فرضن جون، ساري سڀ سِکن.
 

ان ۾ به قافيا درست ڪم آيل آهن، ڪَهَن، تَن ۽ سِکن، صحيح لفظ آهن.

 ان طرح پنهنجي موضوع ۾ مواد لاءِ مخدوم ضياء الدين کليو آهي:

جئن عنايت اسلام ٿيو، توکي ڀليءَ ڀَت،
سک احڪام اسلام جا، وٺ موچاري مَٺ.
ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون ساري تو سکيج،
ڇ

بيان تن جو علحدو، آخر ۾ پڙهيج.
ڇ

ان طرح ”ڀت سان مت“ ۽ ”سکيج سان پڙهيج“، صحيح لفظن جا قافيا آندل آهن.

 ان سلسلي ۾ توجهه جي لائق هيءَ حقيقت آهي ته مخدوم ضياءالدين پنهنجي تاليفات ۾ اگرچ ان دور جي ٻين عالمن ۽ فقيهن جي انداز بيان کي قبول ڪيو آهي، پر فرق هي آهي ته مخدوم ضياءالدين جي انداز بيان ۾ زياده رواني، لفظي صحت، سادگي ۽ پختگي آهي. ان قسم جي فني خصوصيت، سندن ٻين گهڻن معاصر بزرگن جي ڪلام ۾ ڪانه آهي، ۽ نه ڪو سندن کان پوءِ پيدا ٿيل عالمن جي فقهي ۽ ديني ڪتابن ۾ آهي. ان سلسلي ۾ فقط مخدوم عبدالرحيم گروهڙي آهي، جنهن جو ڪلام فني خوبين ۽ خصوصيتن جو آئينه دار آهي.

مخدوم ضياءالدين جو انداز بيان هن طرح آهي: فرمائي ٿو:

پهريون فرض جو ٿئي، بعد بلاغت،
ڪلمو آهي نبيءَ تي، جو صاحب شفاعت.
 

ٻيو مثال هي آهي:

پر جو پوءِ پليتي ان ۾، جئن تئن سائو مٽيو،
جان بوءِ ڪيائين بڇڙي، ڪسائو تنهن رنگو،
ته وضو، غسل ان سان عاقل ڪو نه ڪندو.
 

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)

سِر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنہ پر ڪلاڙن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻا منہ م موڙ، وٽي ٿي وڌ لهي.
 

سُڻي ساڻيہ ڳالهڙي، وِ هسٻي ويڙيچي،
سڀ سُڌ پييم سومرا، هِتي هُتي جي،
ڀينر ۽ ڀٻيچي، سَوايا سارين مون.
 

ڏکويل اُهڃاڻُ، ڪُلهن ڦاٽل ڪنجرا،
وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه اَڇين پاڻُ،
سورن اسان ساڻُ، ننڍيئي نيہ ڪِئو.
 

ساريو سنياسين کي، ٿي نيڻ ٽمايان نِٿ،
آيل! اُديسين لاءِ، ڏي چاڙهيڪا چٿ،
تن سامين جي سنگت، ساريو ٿي سور چران.
مضمون

غلام محمد گرامي

سنڌي شاعريءَ جو جديد دور

(”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جو هڪ باب)

سنڌي شاعريءَ جو جديد دور ۾ ان جو فن، سنڌي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ قوميت، ادب ۽ روايت جي ڪاسيڪي هيئت، موضوع، اسلوب ۽ پيشڪش جي اصول کي،  جديد دور جي قومي ۽ بين الاقوامي تقاضائن جي روشنيءَ ۾ نئين سر زنده ڪرڻ جي هڪ مقدس جدوجهد آهي، يا ائين کڻي چئجي ته فڪري ۽ علمي تجربن جي مسلسل جهاد جو ترقي يافته مرحلو آهي.

هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته انسان ۽ ان جو فڪر، سندس سوچ ۽ ويچار جا واسطا ۽ ناتا توڙي تبادله خيالات جا ذريعا ۽ وسيلا ڪي جامد نه آهن، بلڪ انهن تي پنهنجي معاشري جي علمي ۽ ادبي، سياسي ۽ سماجي تقاضائن جو اثر رهي ٿو، نت نون سائنسي ۽ فلسفيانه، اقتصادي ۽ نفسياتي انڪشافن جو اثر به رهي ٿو، ذهن ۽ فڪر جي دنيا جيتريقدر وسيع ۽ تيز، دور رس ۽ دقت پسند هوندي، اوتريقدر انساني حيات جي تلخ ۽ مبهم‏، دقيق ۽ عميق مسئلن جي نقاب ڪشائي ٿيندي ايندي، انساني فڪر جي ان تغير ۽ تبديل کي، اگر فڪري ارتقا چئجي، ته به درست آهي، پر جي ’تجديد فن‘ ۽ ’اجتهار فن‘ چئجي، ته به صحيح آهي.

مان جڏهن سنڌي ادب جي جديد نظرياتي ۽ فني موشگافين کي ڏسان ٿو، تڏهن خوشي ٿو محسوس ڪريان ته اسان جي نوجوان گروهه جي نظر تيز ۽ دقت پسند به آهي. تجديد جي شائق به آهي، ۽ ان سان گڏ اجتهاد ۽ تنوع جي تقاضائن ۽ سماجي رد عمل کي به چڱي طرح پروڙي چڪي آهي.

اسان جي سنڌي نوجوانن جي فن ۽ نظريي ۾ جمود ۽ سڪوت نه آهي، پر ارتقا ۽ حرڪت آهي، اضطراب ۽ انقلاب آهي، جدت ۽ حرارت آهي، گرميءَ ۽ روشني آهي، افاديت ۽ مقصديت آهي. هو ’ادب براءِ فن‘ يا ’ادب براءِ ادب‘ جي فرسوده ۽ پائمال گهٽ ۽ گهيڙ کان نڪري ’ادب براءِ حيات‘ ۽ ’فن براءِ تنقيد حيات‘ جهڙيءَ روشن ۽ تابناڪ، وسيع ۽ ترقي پذير واديءَ ۾ پهچي چڪا آهن. انهن هن دور جي تاريخي شعور ۽ بين الاقوامي صحتمند رجحانات کي نه فقط سمجهڻ شروع ڪيو آهي، پر انهن کي پنهنجي پيرايهءِ بيان ۽ اسلوب تحرير ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، اهو جديد رد عمل انشاءالله سنڌي ادب لاءِ هڪ نئين نشاتہ ثانيه لاءِ صور اسرافيل جو ڪم ڏيندو؛ تاريخ ان کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

ان سلسلي ۾، مذهب ۽ تهذيب جي تنقيدي مطالعي لاءِ جيڪي نوان ۽ فلسفيانه، تازه دم ۽ روح پرور  زاويا ۽ فيصلا پيدا ٿي چڪا آهن، انهن جي همه گير اثر کان به اسان جو جديد ادب نا آشنا ڪو نه آهي، رجعت ۽ قدامت جا بوسِدا بُت، جي فڪر ۽ فن جي مڙهين ۽ مندرن ۾ صدين کان وٺي پوڄيا ويا آهن، اهي هاڻي آهستي آهستي ڀُري رهيا آهن. ظلم ۽ استبداد جا بي زنجير ديو هاڻي جديد تنقيد جي سَٽ نٿا جهلي سگهن. اهو ڏينهن هاڻي پري نه آهي جو اهي فڪر ۽ فن تي پيل طوق ۽ اغلال ٽُٽي پون، ڪلام ۽ بيان، سوچ ۽ ويچار جي پهاڙن ۾ جي فڪر ۽ خيال جا خزانا دٻيل آهن، اهي هڪ ئي زلزله افگن انقلاب سان اچي ٻاهر پون. نه ڪو اهو ڏينهن پري آهي، جنهن ۾ بي زبان ڳالهائڻ شروع ڪن، گنگن جي اشاري بازي ختم ٿي وڃي، ۽ انسان پنهنجي احساسات ۽ جذبات کي پڌري پٽ پيش ڪري سگهي. منهنجي خيال ۾، جديد ادب  ۽ ان جو فن گُنگن جي اشارن کي نطق ۽ بيان تائين پهچائڻ جو هڪ ذريعو آهي. هي اهو پيرايهء بيان آهي، جنهن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو جو هوند هزار استعارن ۽ ڪتابن جي آڙ ۾ به نه چئي سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ڪثير التعداد ماڻهن جي طبيعت اڃا ان قسم جي نظرياتي اشاري بازيءَ ۽ فڪر انگيز پيرايهء بيان سان مانوس نه ٿي آهي، ان اجنبيت جي ڪري ئي، في الحال ڪي غلط فهميون به پيدا ٿيون آهن، ته ڪي خدشا ۽ خطرا به محسوس ڪيا پيا وڃن، اصل ۾ اهي خطرا به هڪ جهُرندڙ ۽ ٽُٽندڙ ماحول جي فڪري  انتشار ۽ ذهني زوال مان پيدا ٿيا آهن. انهن جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي. جيستائين ڪو علم ۽ فڪر سان ذهن آراسته ٿئي، ۽ جديد انڪشاف جي روشنيءِ ۾ پسڻ ۽ پروڙڻ جي ڏات ٿئي، تيستائين سطح بين ۽ ڪند فهم ذهن جا خدشا رهندا ايندا. اها به هڪ قسم جي تاريخي چيز آهي، جا تاريخ جي هر دور ۾ ’تجديد‘ ۽ ’قدامت‘ جي ڪشمڪش ۾ پيدا ٿيندي آئي آهي. فرق اهو آهي ته ان دور جا ڏينهن هاڻي اچي کُتا آهن؛ فڪر جي اُفق تي هاڻي اهڙو سج اُڀري چڪو آهي، جنهن جي عالمتاب ڪِرڻن اڳيان اونداهه ۽ جهل جا ڪڪر گهڻو وقت ترسي نه سگهندا.

سنڌيءَ ۾ ’جديد ادب‘ کي آئي ڪو گهڻو زمانو نه گذريو آهي؛ هيءُ اسان جي دور ۾ ئي پيدا ٿيو آهي، اُسريو آهي ۽ وڌي وڻ ٿيو آهي. هينئر سندس پاڙون پاتال ۾ مَچي چڪيون آهن، ۽ ڪي طوفان انگيز جهولا ۽ بلاخيز جهڪو کيس چوري نه سگهندا.

اسان جي سنڌي جديد ادب ۾ ٻي به هڪ خصوصيت نظر اچي ٿي، اها آهي ان جي انفراديت، يعني اسان جو جديد ادب نه فقط قدامت ۽ رجعت کان منهن موڙي تخليق ۽ جديد  سان هم آهنگ ٿي چڪو آهي، پر ان سان گڏ اردو يا مغربي ادب کان به ايڏو متاثر نه ٿيو آهي، اسان جو جديد ادب هيئت جي لحاظ سان سنڌي ادب جي ڪلاسيڪي اصناف جي تجديد ڪري رهيو آهي. سادي ۽ سلوڻيءَ، مٺيءَ ۽ ملوڪ زبان ۾ بيتن، ڏوهيڙن، ڪافين ۽ واين ۾ نئون روح ۽ نئون رنگ، نئون پيغام ۽ نئون آهنگ پيدا ڪري چڪو آهي.ان جي مقابلي ۾ اردو ۽ فارسي ۽ دنيا جون ٻيون ادبي زبانون غير مقفيٰ ۽ آزاد نظم ۾ هوبهو تقليد ڪري چڪيون آهن. بلينڪ ورس، سانيٽ ۽ ترائيل جي مغربي تجربن کي اسان وٽ نه ڪا مقبوليت حاصل ٿي آهي، نڪو اظهار خيال لاءِ انهن کي بيتن ۽ ڏوهيڙن تي ڪا ترجيح ملي چڪي آهي. اسان جو بيت، ڪافي ۽ وائي اسان لاءِ انهن کان وڌيڪ اثر انگيز، شيرين ۽ دلنشين چيزون آهن. ان جي مقابلي ۾، هن کان اڳ اسان جي قديم فن ۾ غزل ۽ قصيدي کي هوبهو فارسيءَ تان ورتو ويو آهي. زبان به اها ته پيرايهء بيان به اهو، تشبيهون به اهي ته استعارا به آهي، شڪر آهي جو جديد ادب ۾ ان قسم جي انڌي تقليد ڪانه آهي.

(مهراڻ: 2—3، 1964ع)

ڪتاب ۽ سنڌ

ڪائنات هڪ ڪتاب آهي. تخليق جو هر شاهڪار ڪتاب آهي. جمادات، نباتات، حيوانات مان هر هڪ ڪتاب آهي. انسان ڪتاب آهي ۽ حيات ڪتاب آهي. انهن ڪتابن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ انسان جي زندگيءَ جو مقصد آهي.

هڪ عظيم شاعر چيو آهي ته ”زندگي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جو پهريون ۽ پويون ورق ڦاٽل آهن،  نه آغاز جو علم ۽ نه انجام جي خبر!“

مشهور جرمن شاعر ۽ فيلسوف گوئٽي به ’حيات‘ کي ’ڪتاب‘ سڏيو آهي، فرمائي ٿو: ”مون ڪتابِ  حيات جو چڱيءَ طرح سان مطالعو ڪيو آهي. ان ۾ مسرت بخش حصا تمام گهٽ آهن. سڀ ورق غم ۽ اندوهه سان ڀريل آهن. ان ڪتاب جو وڏو ۽ اهم باب حيرت وارو آهي. ڪائنات ۽ حيات جي نيرنگيءَ تي غور ۽ فڪر ڪندي، فقط حيرت جي حاصلات ٿئي ٿي، ان جو ننڍي ۾ ننڍو باب ’علم‘ جو آهي، يعني اسان کي ڪائنات ۽ حيات متعلق تمام ٿورو ’علم‘ حاصل ٿئي ٿو. ان جا ڪيئي فصل اهڙا آهن، جن جو ادراڪ ڪنهن کي به حاصل نٿو  ٿئي!“

ڪائنات ۽ حيات جي جنگاهه ۾، انسان جو منصب فقط اهو آهي ته هو پنهنجين ڪوتاهين ڪمزورين جي باوجود ’خالق ِ ڪائنات‘ سان تخليق جي سلسلي ۾ معاونڪار ۽ همڪار رهي منشاي تخيلق جي ماتحت، ڪائنات کي سمجهي، پرکي، پروڙي ۽ پوءِ ان جي ارتقاء ۽ تراش خراش جي عمل ۾ خالق جي ڏسيل نصب العين تي هلي.

انسان:

صوفين ۽ ويدانتي مفڪرن جو ان حقيقت تي اتفاق آهي ته ’انسان‘ پنهنجيءَ جاءِ تي، بذات خود هڪ عالم آهي، جو خدا ۽ فطرت ٻنهي جو مظهر آهي. انسان جو وجود، ذات باري تعاليٰ جو خارجي وجود آهي، ان ڪري انساني ذات جي واسطي ۽ رابطي سان، ذات مطلق خود پنهنجو مشاهدو ٿي ڪري. انسان اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ ذات باري جا جلوا منعڪس ٿا ٿين، صوفين سڳورن ته انسان جي مشاهدهء ذات کي مشاهدهء حق ۽ معرفت نفس کي معرفتِ الاهي سڏيو آهي، صوفي ۽ ويدانتي مفڪر چون ٿا ته انساني وجود کان سواءِ، ذات ۽ ڪائنات ۾ ٻيو ڪو به ربطه ۽ نقط ۽ اتصال پيدا ئي ٿي نٿو سگهي. انساني وجود کان سواءِ، ذات ۽ ڪائنات جي ٻنهي وحدتن جي وچ ۾، ڳانڍاپي، ميلاپ، اتصال ۽ قب جو درجو رکي ٿو، غزاليءَ چيو آهي ته ’اِن الله خلق آدم عليٰ صورتہ‘ جي معنويت کي جيستائين نه سمجهي سگهبو، تيستائين ڪتاب حيات جي جي منتشر ورقن کي پڙهي نه سگهبو، جيستائين روح ڪل کي نه سمجهبو، تيستائين ان جي جزن جي باهمي ربط کي نه سمجهي سگهبو، شيخ ابن عربي، مولانا رومي ۽ لطيف به انهن خيالن جو اظهار ڪري چڪا آهن. لطيف چيو:

وسريوم سبق، هڪڙو ورق نه سنڀران!

اهو مقام جاوداني ان انسان کي حاصل ٿو ٿئي، جو مسلسل مطالعي، توڙي متواتر جدوجهد سان پاڻ ۾ مقصد سان وابستگي پيدا ٿو ڪري، ۽ جو ڪتاب فطرت کي غور سان ٿو پڙهي ۽ پوءِ فطرت کي تابع ٿو ڪري.

لغوي تحقيق:

ان سلسلي ۾ ’ڪتاب‘ لفظ جي لغوي حيثيت به ڪافي دلچسپ آهي. قرآن ڪريم به پنهنجي تعارف ڪرائيندي ڪافي هنڌن تي پاڻ کي ’ڪتاب‘ ڪوٺيو آهي. مثلا ”الم، ذالَڪ الڪتاب الاريب فيہ“ هي اهو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪوبه ريب ۽ فريب ڪو نه آهي) مطلب اهو ٿيو ته ڪتاب اهو آهي، جنهن ۾ ڪو ريب ۽ فريب نه هجي!

ان طرح ڪتاب جي لغوي تحقيق متعلق لغت جي عالمن جو چوڻ آهي ته ڪتاب اصل ۾ ان لوهه جي ڇلي کي چيو وڃي ٿو، جو نسل جي حفاظت لاءِ ڏاچين جي شرمگاهن تي چاڙهيو ويندو هو، جيئن هو ڪنهن معمولي يا گهٽ نسل واري اُٺ کان حامله نه ٿي سگهن. ان کان علاوه، اهڙو ڇلو، ڏاچيءَ جي ناسُن ۾ به وڌو ويندو هو، جيئن هوءَ پنهنجي گونري کي سنگهي نه سگهي، ۽ نڪو کيس کير پياري سگهي. ان مفهوم کي وسعت ڏيندي، اهو مفهوم پڻ پيدا ڪيو ويو ته چند چيزن کي ملائي، لوهه جي ڇلي ۾ پوئي ڇڏڻ به ڪتاب آهي، جڏهن ته ڪتاب جي ورقن کي پاڻ ۾ ملائي، ڇلو وجهي ڇڏبو هو، ان ڪري ڪتاب عرفيءَ تي به ان مفهوم جو اطلاق ڪيو ويو. اڄڪلهه لوهه جي تارن سان توڙي ڌاڳي سان ورقن جي شيرازه بندي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي ڪتاب ئي سڏيو وڃي ٿو، ان جي وڌيڪ تشريح محيط المحيط ۽ لغت جي ٻين ڪتابن ۾ ڏسي سگهجي ٿي( محيط 1789 جلد 2)

بهرحال، لغوي تحقيق مان اهو ثابت ٿيو ته ڪتاب جي مفهوم ۾ چند چيزن کي ملائڻ جو مفهوم موجود آهي. لهذا ڪتاب جو اطلاق، لغت جي لحاظ سان ان مجموعه اوراق تي ڪيو ويندو، جنهن جي شيرازه بندي، لوهي ڪڙي سان يا لوهه جي تارن سان، يا ريشمي ۽ سوٽي ڌاڳي سان ڪيل هجي. خود قرآن کي ڪتاب مبين، ڪتاب الحڪيم ۽ ڪتاب عزيز به ان مفهوم موجب چيو ويو آهي.

ڪتاب ۽ انساني تاريخ جي ارتقا:

 ڪتاب جي تاريخ ۽ تعريف به عجيب آهي. خدا جي ڪلام کي به ڪتاب سڏيو ويو، ”ذالڪ الڪتاب لاريب فيہ“ ان طرح ڪائنات ۽ فطرت کي به ’ڪتاب‘ چيو ويو، جنهن جي مطالع لاءِ ’انسان‘ کي حڪم ڪيو ويو آهي. اهو ’انسان‘ ٻنهي ڪتابن کي مطالع ڪري، هن زندگيءَ ۾ ٽيون ڪتابن پيدا ڪري ٿو. انسان جو اهو ٺاهيل ڪتاب به هڪ تخليقي شاهڪار چئي سگهجي ٿو. گويا ڪتاب، انسان جي غور ۽ فڪر، مطالعي ۽ مشاهدي، تجربي ۽ خيال آرائيءَ جو هڪ مقدس ۽ محترم، اڻمٽ ۽ املهه دستاويز آهي.

انساني ارتقا جي تاريخ، جا عالمن ۽ آثار قديمه جي ماهرن بيان ڪئي آهي، سا ٻڌائي ٿي ته لکين سال اڳ جڏهن اڃا انسان تي علم ۽ شعور جو سج طلوع نه ٿيو هو، انسان اڃا اونداهين غارن ۽ گهاٽن جهنگلن ۾ جانورن سان گڏ انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو، ڏولائي جا ڏينهن گذاريندو هو، تڏهن سندس غلط سلط سوچ ۽ ويچار، اڻگهڙيل ۽ منتشر جذبا، سمجهه ۽ پروڙ جا هلڪا تڙڪا، کيس مجبور ڪندا هئا ته انهن کي ظاهر به ڪجي ۽ انهن جي حفاظت جو سامان  به پيدا ڪجي، هيبتناڪ ۽ اڻگهڙيل پهاڙن ۽ ان جي ڇپن ڏانهن نهاريائين، سندس حيرت ۾ غرق نماڻين نگاهن ۾ پيدا ٿيل سوال کي پهاڙ جي ڇپن سمجهي ورتو. ۽ پنهنجو سينو سندس آڏو آندائون، انسان اڻگهڙيل هٿيارن  کان قلم ۽ برش جو ڪم وٺي، پنهنجي جذبات کي ابتين سبتين ليڪن ۽ غلط سلط تصويرن جي ذريعي پٿر جي سينن تي اُڪرڻ شروع ڪيو، ان طرح پنهنجي دل جي ڪيفيات ۽ جذبات جي اڻلکي تحريڪ ۽ پڪار کي پاڻ کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ائين ڪندي سندس دل ۽ دماغ تي ڇانيل بار به هلڪو ٿيو  ۽ ان سان گڏ ڪجهه سرور ۽ سڪون به محسوس ڪيائين.

زمانو گذرندو رهيو _ سوچ ۽ ويچار، توڙي عملي ۽ خيالي زندگي جا نقش پٿڙن تي اڀرندا رهيا، جن کي ڏسڻ جو موقعو ٻين لاءِ به پيدا ڪيو ويو. ان طرح سندس ڪاوش هڪ اڻمٽ فن ٿيندي رهي. ان عمل کي به هزارين سال گذر ههفگگزڙٿي ويا، اِهي اُڪريل نقش اڳتي هلي ’ڪتاب‘ جي هيئت ۽ فن جو سنگ بنياد بڻيا. پٿر تي اُڪريل ڪتاب اڄ به پڙهيا وڃن ٿا.

رقص ۽ موسيقي:

 انسان رڳو ان تي اڪتفا نه ڪئي، ڇالاءِ ته انسان جي تخيلقي صلاحيت لاءِ رڳو لفظن جي ترجماني ڪافي نه هئي. ائين آهي ته جو ’لفظ‘ ڪتابن ۾ محفوظ ٿيو، سو پنهنجي دور ۽ ان سان گڏ ايندڙ دور لاءِ مشعل ِراهه بنيو ۽ ڪتاب انسان جي ارتقائي تاريخ جي هڪ مکيه ڪڙي بنجي ويو، پر انسان پنهنجي جذبات جي اظهار لاءِ ٻيا به ذريعا پيدا ڪيا، رقص سان انسان جي خيالات ۽ جذبات، احساسات ۽ سوچ ويچار جو پڻ اظهار  ٿئي ٿو. ان طرح راڳ به هڪ اهم ذريعو بنيو. جڏهن ته رقص لاءِ اهو لازم نه  هو ته ان ۾ لفظن جي آميزش  ٿي سگهي، ان ڪري رقص جي پيچ و خم، فني حرڪت ۽ چرپر ۾ اشاراتي انداز ۾ پنهنجي جذبات جي ترجماني ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ راڳ کي به اهميت حاصل آهي. راڳ جي ذريعي آوازن جي ترتيب ۽ انهن جي زير و بم ۽ ارتعاش سان ، جادوءَ جو انداز پيدا ڪيو ويو. انهن آوازن ۾ جڏهن لفظ شامل ڪيا ويا، تڏهن زندگيءَ ۽ انساني جذبات کي هڪ نئون لباس مليو، سمجهه ۽ سوچ جو دائرو ڪجهه وسيع ٿيو، ساز ۽ آواز جي ملڻ تي پيدا ٿيل ڪرشمه ڪاريءَ مان انساني ذات ۽ شخصيت جو مخفي جمالياتي ذوق ۽ حسن ظاهر ٿيو.

عالمن ۽ محققن جي راءِ آهي ته جڏهن انسان جي ذات ۾ سوچ، عمل، تجربي ۽ مشاهدي ۾ اشتراڪ پيدا ٿيو، تڏهن تخليق جي فن ۾ تحريڪ ۽ چرپر پيدا ٿي. ان کان مجبور ٿي ڪڏهن ٽامي ۽ پٿر کي زبان ڏنائين، ڪڏهن پاڻ کي ساز ۽ آواز جي گرميءَ ۽ تپش ۾ پگهاري ڇڏيائين،  ۽ ڪڏهن رقص جي اشاراتي ۽ علاماتي منظر ڪشيءَ جي قالب ۾ پاڻ کي پلٽي ڇڏيائين، انساني فن ۽ آرٽ جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان هڪ ئي وقت تي شعر، رقص ۽ راڳ کي پنهنجي ذات ۽ ڏات جي اظهار جو ذريعو بنايو آهي. اڳتي هلي انسان انهن سڀني جذباتي، اشاراتي ۽ علامتي فنن کي قلم، مس، برش ۽ رنگ جي ذريعي ڪتابن ۽ ڪٻينوازن تي محفوظ ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو ڪتاب جو ضايع ٿيڻ انسان جي فن ۽ جذبات جي موت جي برار آهي. ڪتاب جي حفاظت ۾ انسان جي حفاظت جو راز لڪل آهي.

ڪتاب ديوتا:

انسان جڏهن تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ فن، ادب ۽ تاريخ جي خزاني کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪتاب ايجاد ڪيو، جڏهن ڪتاب، پنهنجي تقدس ۽ احترام جي حيثيت سان هڪ ’ديوتا‘ جي درجي تي پهتو، کيس ديوتا سمجهي پوتر آستانن ۾ سينگاري رکيو ويو. ان کي هزارين سال گذري ويا، ويدانت، تصوف ۽ فلسفي جي اوائلي ۽ ابتدائي اصولن توڙي قانون ۽ تعليم کي ڪتاب جي صورت بخشي ويئي، اهي ڪتاب ڀوڄ پتر، چُن جي پليٽن ، مٽي جي پَڪل سليٽن، ڪاٺ جي لطيف پُٽين، جانورن جي مُلائم کَلن، ڪاٺ جي ٻوُري، وڻن جي ڇلن ۽  پَنن مان ٺاهيل ڦَرهين تي لکيا ويا. دنيا جي ٽن عظيم ترين تهذيبن، سنڌو ماٿر جي تهذيب، (جنهن جو مرڪز ’موهن جو دڙو‘ هو) ۽ اَن سان گڏ نيل، فرات ۽ دجلہ جي وادين جي تهذيب، جي مسيح عليہ کان پنج ڇهه هزار سال اڳ پيدا ٿيون هيون، اُتي ڪتاب ۽ ڪتابت جو سامان اهو مٿيون ئي هو، اڳتي هلي انهيءَ مٿئين سامان ۾ اُڪريل ۽ لکيل ڪتابن کي پٻيپرس تي منتقل ڪيو ويو. اڄ اسان موهن جي دڙي، بابل، نينوا، مصر، آشور ۽ فلسطين جون ڪي پراڻيون لکيتون ’پيپرس‘ ۾ محفوظ ڏسي رهيا آهيون. ’پيپرس‘ هڪ ٻوُٽيءَ جي ٽارين منجهان تيار ڪيو ويندو هو. موجوده دور جو ’پيپر‘ لفظ شايد انهيءَ مان نڪتل هجي، پٿر ۽ پَڪل مٽيءَ جي بنايل ڪاغذن تي اُڪريل، پراڻن ۽ لازوال ڪتابن ۽ لکيتن، انسان جي سيني کي گويا چيري وڌي. آدميءَ جي ذات ۾ لِڪل نفسياتي ۽ روحاني پهلو، سندس شعور ۽ لاشعور ۾ لِڪل جذباتي طوفان، ڪائنات تي سوچيندي پيدا ٿيل بيشمار هنگاما، اوائلي مذهب جا هزارين عقيدا ۽ سندس فن مان پيدا ٿيل سوين تخيلات، اسان جي سامهون آيا، اهو دور گويا اڃا اڻسڌريل انسانن جو دور هو، جنهن ۾ هڪ ڪاتب ۽ هڪ نقاش مهينن جا مهينا نُور نچوئي، ڪا هڪ اڌ عبادت، ڪو هڪ اڌ ڪتاب يا ڪنهن ڪتاب جو هڪ اڌ باب مڪمل ڪري سگهندو هو ۽ ان دور جو فنڪار ڪا هڪ تصوير، ڪو هڪ نقش، ڪو هڪ خاڪو، ڪنهن هڪ دائري جو هڪ لطيف زاويو مَسَ پيدا ڪري سگهندو هو. حيرت آهي ته ان دور جي انسان پنهنجي نقاشيءَ ۽ لکيت ۾ اهو ئي حُسن پيد ڪري ڇڏيو آهي، جو اڄڪلهه دنيا جي وڏن فنڪارن جي عمل ۾ ملي سگهي ٿو. ان دور جا مليل مخطوطا، پٿر ۽ پَڪل سِرن تي نقاشيءَ جا نمونا، انهن جو هر خط، هر شوشو فن جي ڪمال جو مظهر آهي. بابل بابل ۽ نينوا، اشور ۽ اجنٽا جي فن ۾ اگر ڪا صورت هزار ڀيرا آئي آهي ته پوءِ انهن جي حسن ۽ صحت ۾ وار جيترو فرق به پيدا ٿي نه سگهيو آهي.

 موهن جي دڙي جي خدا ’امون‘ جي عبادتگاهن جون ديوارون، فرعونن جي ايوانن جا ٿنڀا، مصر جي اهرامن جون ڇتيون، بابل ۽ نينوا جون پراڻيون پَڪل سرون اڄ دنيا جي لاءِ عظيم الشان ۽ واجب الاحترام ’ڪتاب‘ مڃيا وڃن ٿا، جن کي هزارين سال گذري چڪا آهن ۽ انهن جا هڪ کان وڌيڪ ٻيا ڪي به نسخا ڪٿي به موجود نه آهن. جنهن زماني جي اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ان زماني ’ڪتاب‘ هڪ ديوتا جي صورت ۾ فقط مذهبي ماڻهن جي استعمال لاءِ رهيو. اهي ئي ماڻهو انهن کي پڙهند هئا، سنڀاليندا هئا ۽ انهن مان نفعو حاصل ڪندا هئا. باقي پوري انسانذات ڪتابن ۾ آيل لکيتن ۽ نقاشيءَ جي جادوگريءَ کان محروم هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com