دوستو! انهن جي مقابلي ۾ چوٿون ڪردار موسيٰ عليه السلام جو آهي،
جو آزادي جي جنگ جو سربراهه آهي؛ جو مظلوم ۽
مقهور، مفالوڪ الحال ۽ ڪنگال بني اسرائيل جو نجات
هنده آهي. موسيَ عليه السلام جڏهن فرعون جي
فرعونيت ۽ مطلق العنان جابريت جي خلاف تحريڪ شروع
ڪئي، تڏهن فرعون، هامان ۽ قارون جي پوري مشنري
حرڪت ۾ آئي، هامان فتوابازي کان ڪم وٺي، موسيٰ
عليه السلام جي خلاف اشتعال انگيز ماحول پيدا ڪيو،
فرعون کي ذهن نشين ڪرايائن ته ”موسيٰ عليه السلام
جي دعوت ظل سبحانيءَ جي نظام ڪار، سلطنت ۽ حاڪميت
لاءِ بغاوت ۽ سرڪشيءَ جي دعوت آهي؛ موسيٰ تاج ۽
تخت جي مقدس ۽ عظمت خلاف دعوت ڏيئي رهيو آهي.
موسيٰ هڪ الله جي فرمانبرداريءَ جي دعوت ڏيندي
”مصر جي الله“ جي تقدس ۽ الوهيت لاءِ باغيانه خطرو
پيدا ڪري رهيو آهي“
چناچه موسيٰ عليه اسلام جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ هزارن قسمن جا
حيلا ۽ حربا هلايا ويا. موسيٰ عليه اسلام سان ڀري
دربار ۾ مناظرا ڪيا ويا، کيس دڙڪا ڏنا ويا، کيس
قتل ڪرڻ ۽ مصر مان خارج ڪرڻ جا حڪمناما ڪڍيا ويا؛
سندس پوئلڳن کي بي دريغ تہ تيغ ڪيو ويو. آخرڪار
مڪر ۽ فريب ڄار وڇائي کيس جادوگرن سان مقابلو ڪرڻ
لاءِ للڪاريو ويو. موسيٰ عليه السلام جو حق ۽
آزادي جو علمبردار هو. تنهن بي سرو ساماني جي حالت
۾ فرعون جو مقابلو ڪيو، سندس حمايت ۾ فقط چند
نوجوان هئا. آزاديءَ ۽ حق پرستيءَ جو پيغامبر
موسيٰ ڪنهن به ظاهري اسباب سان آراسته نه هو. وٽس
نه فوج هئي ۽ نه بارود؛ نه هٿيار هو ۽ نه حليه ساز
جاسوسن جو ڄار؛ نه دولت هئي نه جائداد. وٽس فقط
باطل شڪن ۽ حق پسند پيغام هو.
دوستو! موسيٰ وٽ اگر ڪجهه هو ته اها هئي ايمان ۽ اخلاق جي دولت،
حق پسندانه راءِ جي دولت، باطل شڪن جذبات جي دولت،
مطلق العنان آمريت کان متنفر ۽ باغي قلب جي دولت،
فرعونيت، هامانيت ۽ قارونيت جي ظلم ۽ استبداد جي
خلاف جدوجهد ۽ ڪشمڪش ڪرڻ واري بي پناهه انقلابي
دولت، موسيٰ وٽ اها دعوت حق هئي، جنهن جي تشريح
سان لکن ماڻهن جا قلب ڏانهنس ڇڪجي آيا، موسيٰ
عليه السلام فرعون جي فڪر ۽ فريب، دولت سندانه ۽
سرمايه دارانه ذهنيت واري قارونيت، مذهب جي غلط
تعبيرات ۽ تاويلات واري هامانيت جي خلاف بي پناهه
۽ اٿاهه جدوجهد ڪئي ۽ هر محاذ تي فرعوني
ڪارستانيءَ کي شڪست ڏني.
موسيٰ عليه السلام ۽ سندس ساٿي هن طرح تشريح ڪري ٻڌائيندا هئا
ته ”فرعون هڪ مڪار ۽ عيار، ظالم ۽ مستبد“ مطلق
العنان ۽ جابر حاڪم آهي، جنهن جي حڪومت ۾ نه امن
آهي ۽ نه ايمان! نه اسباب رزق مان بهرو ٿيڻ جا
ذريعا ۽ وسيلا آهن ۽ نه عوام لاءِ ضروريات زندگي
کي حاصل ڪرڻ جا اسباب آهن، ملڪ جي پوري دولت
ڪروڙها ماڻهن جي پورهئي ۽ جدوجهد مان پيدا ٿئي ٿي،
جا فرعون لاءِ قارون جي خزاني ۾ جمع ٿئي ٿي، ۽
رعايا هميشه تباهه حال ۽ ڪنگال رکي وڃي ٿي. اهو ان
لاءِ، ته جيئن هو ڪا باغيانه حريڪ نه پيدا ڪري
سگهن ۽ نه ڪڏهن ظلم ۽ استبداد جي خلاف صداءِ
احتجاج بلند ڪري سگهن.“
دوستو ! موسيٰ جي ساٿي نوجوانن چيو ته ”هامان، فرعون جو مڪار ۽
عيار مذهبي پيشوا آهي، جو فرعون جي تقدس ۽ الوهيت
اڳيان سجده ريزيءَ لاءِ پوري رعايا جا گردن جهڪائي
چڪو آهي. هامان فرعون جي مطلق العنان جابريت جي
حفاظتي جي سلسلي ۾ هزارن ماڻهن تي ڪفر ۽ ارتداد،
لامذهبيت ۽ لادينيت جون فتوائون هڻي، انهن کي قتل
ڪرائي چڪو آهي، انهن کي بدنام ڪرڻ مٿن قسمين قسمين
الزام لڳائي رهيو آهي، انهن کي ڪمزور ۽ مرعوب رکڻ
لاءِ قسمين قسمين ذهني ۽ جسماني عذاب ڏئي چڪو آهي،
هامان پنهنجي تقدس مابيءَ ۽ مذهبي پيشوانيت جي زعم
۾ اچي هزارن نيڪدل، مخلصن همدردن ۽ حق پسندن کي
چيچلائي مارائي چڪو آهي. فرعون ۽ سندس درباري امير
۽ وزير، عالم ۽ مشائخ، مذهبي پيشوا ۽ ٿيا ڪريسيءَ
جا نمائندا سڀ ”فرعون“ کي پنهنجو الله بنائي چڪا
آهن. انهن سڀني مڪارن ۽ عيارن جي سازش سان ملڪ جي
رعايا کي انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو رکيو ويو آهي،
انهن کي بيگار ۾ وهايو ويو آهي، انهن کي فرعونن جي
مقبرن جي تعمير لاءِ ڍڳن وانگر بيگار ۾ وهايو ويو
آهي، اهو هامان آهي، جنهن جي سازش ۽ مڪر سان
فرعون لاءِ بلند مينار کڙا ڪيا ويا آهن، جيئن هو
عرش عظيم تائين الله سان جنگ ڪري سگهي!اهي هامان ۽
قارون آهن، جن مذهب ۽ پيشوائيت جي آڙ ۾
سرمايدارانه نظام ۽ اسباب رزق جا سڀ ذريعا پنهنجي
قبضي ۾ آڻي، لکها مظلومن کي بک ۾ مارائي ڇڏيو آهي،
اهي تقدس ماب وزير ۽ سرمايدارانه نظام جا نمائندا
پنهنجي نظام کي بچائڻ لاءِ ٻيا هزارين خوشامد پسند
مذهبي پيشوا پيدا ڪري چڪا آهن، جن جون زبانون حق
پرستن جي خلاف تلوار وانگر وهي چڪيون آهين، فرعون
جي انهن بدڪردار نمائندن جڏهن فڪر ۽ استدلال، عمل
۽ اخلاق، دعوت ۽ تبليغ جي ميدان ۾ شڪست کاڌي آهي،
تڏهن پنهنجن جادو گرن ، ساحرن، عاملن ۽ طلسم بازن
کي جمع ڪرايو آهي، جن عوام ۾ دهشت ڦهلائي مشهور
ڪيو آهي، ته موسيٰ عليه السلام وڏو جادوگر ، طلسم
باز، حيله تراش ۽ بهانه بار آهي، جو هن ملڪ جي
فرمان روائي مطلق فرعون جي قوت ۽ حڪومت جي خلاف
بغاوت پيدا ڪري چڪو آهي، موسيٰ عليه السلام خواه
مخواه رعايا کي حق جي آڙ ۾ برغلائي رهيو آهي، سندس
عمل ۽ قول نهايت غلط ۽ لغو، مضر ۽ غير مفيد آهن.
موسيٰ رعايا لاءِ نقصانڪار آهي، انڪري رعايا کي
گهرجي ته هو فرعون جي دشمن ۽ باغي، غدار ۽ واجب
القتل منڪر ۽ ملحد جي دعوت تي ڪن نه ڏين، وغيره.“
دوستو! ڪجهه ان قسم جي پرجوش ۽ اثرانگيز تقريرن، دليلن، وسيلن ۽
بهانن سان فرعون جي خلاف باغيانه ڪلام ۽ طرز استد
لال کي استعمار ڪرڻ شروع ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو
جو هڪ ڏينهن نيل نديءَ جي ڪناري تي، حق ۽ باطل
درميان فيصله ڪن تصادم ٿيو، موسيٰ عليه السلام جي
عظيم جدوجهد مان پيدا ٿيل باشعور ۽ مخلص نوجوانن
جي جماعت جي تعاقب ڪندي، فرعون پاڻ، سندس امير ۽
وزير، لشڪر ۽ سپاهه، علماء ۽ مشائخ، دلال ۽ مبلغ،
جادوگر ۽ خطيب سڀ نيل جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ سڀ غرق
ٿي ويا. موسيٰ عليه السلام ۽ سندس آزادي پسند ۽ حق
پرست مخلصن جي فتح ٿي. فرعون جي فرعونيت مان مصر
کي آزادي ملي، حق پرستن کي فرعوني نظام مان نجات
ملي، باطل جو سارو سازو سامان بيڪار رهجي ويو.
قارون جي خزاني جون ڪنجون مسڪين ۽ مفلوڪ الحال
ماڻهن جي قبضي ۾ آيون، موسيٰ ڪامياب ۽ ڪامران ٿيو.
سندس دعوت فڪر وڄ وانگر عالم ۾ پکڙجي ويئي، غلط ۽
لغو قسم جو داعي فرعون مُردار ٿي مُئو ۽ مقابلتہ
حق ۽ صداقت جو ”الله“ باقي ۽ زنده رهيو ۽ فرعون
پنهنجي پرورده موسيٰ هٿان ئي ختم ٿي ويو، ان طرح
مصر جي ظالم جي پڄاڻي ٿي!
قرآن موسيٰ ۽ فرعون جي ان ڪشمڪش کي جنهن بليغ ۽ اثر انگيز
انداز ۾ بيان ڪيو. آئون ان کي بيان ڪرڻ کان قاصر
آهيان.
دوستو! اهو فرعون ۽ اهو موسيٰ- جي قرآن جي عظيم ڪردار نگاريءَ
جو حقيقت پسندانه پس منظر رکن ٿا، سي انساني تاريخ
جي هر دور ۾ موجود رهندا آيا آهن، حق ۽ باطل جي
اها آوبزش ۽ ڪشمڪش هزارن سالن کان جاري آهي. ڪلهه
به هئي ۽ اڄ به آهي:
ستيزه ڪار رهاهي ازل سي تا امروز،
چراغ مصطفوي سي شرار بولهبي!
انساني تاريخ ۾ نمرود ۽ ابراهيم فرعون ۽ موسيٰ، ابولهب ۽ محمد
صلي الله عليہ واَلہ، وسلم پهريان باطل جا ۽ پويان
حق جا نمائندا ڪردار آهي تاريخ ابراهيم موسيٰ ۽
محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جي عظمت کان انڪار
نٿي ڪري سگهي، ان سان گڏ تاريخ نمرود، فرعون ۽
ابولهب تي لعنت وجهڻ کان سواءِ رهي نه سگهي آهي.
حق ۽ باطل جي ڪردارن جو اهو تصادم ازل کان اڄ تائين پيو هلي ۽
تيستائين جاري رهندو، جيستائين عالم انسانيت مان
نمرد ۽ فرعون، ابولهب ۽ هامان، قارون ۽ يزيد پارا
باطل پسند ڪردار هميشہ لاءِ ختم نه ٿيندا،
جيستائين فرعوني مزاج، هاماني مزاج، نمرودي مزاج،
ظالم ۽ جابر سرمايدار ۽ سندن مذهبي دلال ختم نه
ٿيندا، تيستائين ڪٿي به خوشحاليءَ، امن ۽ اخوت جو
دور نه ايندو ۽ نڪو دنيا اندر آزادي جو سچو نصب
العين پيدا ٿي سگهندو.
دوستو! افسوس آهي جو اسان وٽ قرآن فقط تلاوت ۽ زيارت لاءِ مخصوص
ڪيو ويو آهي. قرآن جي حقائق ۽ معارف تي نگاهه نه
رهي آهي. قرآن جي قصص ۽ مسائل کي سمجهڻ لاءِ ڪو
تيار ڪو نه آهي، قرآن مان قومن جي زوال ۽ ڪمال جا
اسباب نٿا مطالع ڪيا وڃن.
ظلم هي آهي ته اڄ قرآن اهڙن تعبيرن ۽ تاويلن جي غلاف ۾ لپيٽيو
ويو آهي. جي تعبير غلاميءَ کي پسند ٿا ڪن؛ باطل
اڳيان ڪنڌ ٿا جهڪائين؛ آزادي پسند فردن ۽ حق پرست
ماڻهن کي فرعوني نظام وانگر ڪافر ۽ ملحد ٿا سڏين،
حالانڪ قرآن حق جو داعي ۽ آزاديءَ جو مبلغ آهي، چه
جائيڪ ان کي غلاميءَ ۽ انسان دشمني لاءِ استعمال
ڪيو وڃي. عجيب انقلاب معڪوس آيو آهي:
”خود بدلتي نهين، قرآن ڪو بدل ديتي هين.“
دوستو! بلڪل موسيٰ عليہ السلام وانگر هر مصلح کي نهايت مصلحت ۽
دانشمنديءَ سان فرعوني حالات ۽ واقعات جو جائزو
وٺڻ گهرجي، فڪر انگيز ۽ سنجيدگيءَ جي ماحول ۾
پنهنجي موقف ۽ دعوت جو تعين ڪرڻ گهرجي. پنهنجي حق
۽ صداقت جي يقيني حيثيت تي مردانه وار اٿڻ گهرجي،
پنهنجن جائز ۽ واجبي علمي ۽ ادبي، فڪري ۽ ثقافتي،
تهذيبي ۽ تمدني حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪرڻ
گهرجي.
هن دور جي دعوت “الي الخير“ کي ناڪام بنائڻ لاءِ فرعون، هامان ۽
قارون جا نمائندا، پنهنجي قلم ۽ دولت، مڪر ۽ فريب
سان هر هنڌ حق پرستن کي لامذهب ۽ ملحد، ملڪ دشمن،
غدار ۽ باغي، دهريه ۽ زنديق، واجب القتل ۽ قابل
سنگسار چئي ڌمڪائيندا ۽ ڊيڄاريندا رهندا. انهن
سڀني حالتن ۾ موسيٰ جو ڪردار هڪ عملي ۽ آدرشي
ڪردار آهي.
خون اسرائيل اَجاتا هي آخر جوش مين،
توڙ ديتا هي کوئي موسيٰ طلسم سامري.
اوهان پاڻ ۾ هڪ مخلص ۽ محب وطن، تعمير پسند ۽ سنجيده، باشعور ۽
باوقار ڪردار کي پيدا ڪريو زندگي جو تعمير پسند
نعمتون انهن لاءِ آهن، جن جي جدوجهد ۾ شعور ۽ بصرت
آهي، جن جي فڪر و نظم ۾ سنجيدگي ۽ سادگي آهي؛ جن
جي عمل ۾ حرڪت ۽ پختگي آهي بقول اقبال .
نگه بلند، سخن دلنواز، جان پرسوز،
يهي هي زخت سفر مير ڪاروان ڪي لئي.
ايترو عرض ڪندس ته اوهان جي تاريخ ۽ تهذيب پوري انساني تاريخ ۾
عظيم به آهي ۽ قديم به آهي، اوهان ان جا وارث ۽
نگران آهيو، اهو قلم جو اوهان جي تاريخ ۽ تهذيب جي
تحقير ڪري، ان کي ڀڃي ڦٽي ڪريو؛ اها زبان، جا
اوهان جي عظمت ۽ ثقافت کان انڪار ڪري، ان کي ڇڪي
ٻاهر اڇلائي ڇڏيو؛ اهو ڪتاب جو اوهان جي گلا ۽
تنقيد ڪري، ان کي ڦاڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو، شال
اوهان جو ڪردار پنهنجي وطن ۽ خوشحاليءَ جو ضامن
بنجي!
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست! تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(شاهه)
(”روح رهاڻ“ تان)
موجوده دور ۾ دانشورن جون ذميداريون
محترم بزرگو ۽ دانشورو!
”جمعيت الشعراء سنڌ“ جي هن عظيم اجتماع کي خطاب ڪرڻ جي موقعي
تي، سڀ کان اول مان منتظمين جي دلي شڪريو ادا ٿو
ڪريان، جن هن قسم جو مون کي اعزاز بخشيو آهي. هي
عظيم اجتماع جڏهن ته سنڌ جي شاعرن جي نمائنده
جماعت پاران ڪوٺايو ويو آهي، تڏهن مون لاءِ جواز
پيدا ٿو ٿئي ته اوهان سان سنڌي شعر و شاعريءَ ۽
علم ادب متعلق ئي ڪجهه عرض ڪريان.
محترم بزرگو!
ادب ، شاعري ۽ مصوريءَ کي فن ۽ آرٽ سمجهيو وڃي ٿو، فن انساني
زندگيءَ لاءِ روشن ، تابناڪ ۽ صحتمند معيار ۽
انداز پيدا ڪري ٿو، دماغ جي اوجر، ذهن جي تعمير،
فڪر جي تشڪيل ۽ نفسيات جي اصطلاح جو تعلق ادب، شعر
۽ مصوري سان آهي. موسيقي ادب جو نغمه زير پهلو
آهي، جو جذبات ۾ هدت ۽ حرارت پيدا ڪري ٿو، پر جي
ادب ۽ فن ، مصوري ۽ موسيقي سڀ آهن بيروح ۽ بي مقصد
ته پوءِ سماج ۾ جا ثقافت پيدا ٿيندي، اها معاشري ۽
انسان جي اجتماعي نظام کي کوکلو بنائي ڇڏيندي.
اسان فن جي هر شاخ کي تحسين جي نظرن سان ڏسون ٿا، ادب زندگي جو
ترجمان آهي. شعر زندگيءَ جي تنقيد، موسيقي روح جي
غذا ۽ مصوري ذوقِ جماليات کي سنواريندڙ ۽ حسن و
جمال آهي، روح، حيات، پر اِهي سڀ جيڪڏهن بي مقصد ۽
محض شوقيه آهن ته پوءِ نڪو قومي ضمير ۾ زندگي پيدا
ٿيندي ۽ نڪو اها قوم زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ڪو فخر
جي لائق ڪم ڪري سگهندي، اها قوم ” طائوس و رباب“
کان وڌي ڪري نڪو هٿ ۾ تلوار کڻي سگهندي ۽ نڪو
عوامي جدوجهد ۾ تعميري ۽ ترقي پسندانه حصو وٺي
سگهندي، جهاد ۽ دفاع جو ته ڪو سوال ئي نٿو اٿي
سگهي، معمولي کان معمولي حملي کان بچاءُ ته پري
رهيو، پر خنجر قاتل جي زد ۾ گردن خم ڪري مُرده
وانگر پئجي رهڻ کي انداز، صبر و رضائي سمجهندي
رهندي، تاريخ اهڙن عجيب وغريب واقعن کان خالي
ناهي بغداد، دهلي، ائوڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا
هزارين مثال ملي سگهن ٿا، جن ۾ قومن جي بي شعوري ۽
ادب برائي ادب واري اجائي ذوق شوق سندن آزاديءَ کي
هميشہ لاءِ ختم ڪرائي ڇڏيو.
دوستو! اڄوڪو اجتماع سنڌ جي شاعرن جي نمائنده جماعت پاران
ڪوٺايو ويو آهي، سڀ کان اول اِهو سوال ٿو پيدا ٿئي
ته شاعر ڇا آهي؟ مختصر طور چئجي ته ”شعر“، ”شاعر“
۽ ”شعور“ جا مشتقات ساڳيا آهن. ”شاعر“ معني
”باشعور“ ۽ ”شعر“ معنيٰ ”دانش“، سو شاعر ٿيو
باشعور ۽ دانشمند، اِن طرح دانش جا ڪيئي قسم آهن:
هڪڙي مذهبي زبان ۾ ايماني ۽ روحاني دانش آهي، ٻي
رومانوي دانش آهي، ٽين قومي ۽ وطني دانش آهي،
چوٿين سائنسي ۽ عقلي دانش آهي، اِهو ٿيو ”دانشور“
جو تعارف.
صاحبو! شعر و دانش جو بنياد ”تقليد“ ۽ روايت تي نه آهي، پر ان
جو بنياد ”تجديد“ ۽ ”انقلاب“ تي آهي. دانشور جي
جدوجهد، ترقي پذير حالات، ترقي پذير ماحول، ترقي
پذير قدرن، ترقي پذير، معيارن ۽ ترقي پذير اصولن
سان وابسته آهي. اهو شاعر يا دانشور، جو موجوده
حالتن موجوده ماحول جي تقاضائن، موجوده دور هجي
اهم ترين مسئلن ۽ جديد ترين مطالبن کي سمجهي نٿو
سگهي، ان کي نه شاعر سمجهڻ گهرجي ۽ نه دانشور، جو
شاعر اڄ تائين شهنشاهيت واري دور جي درباري شاعري
ڪندي اجائي ۽ بيجا تعريف ۾ زمين کي آسمان سان
ملائي رهيو آهي، اُهو گويا پراڻين روايتن ۽ قصن ۽
فرسوده قدرن ۽ معاملن ۾ اڃا مُنجهيل آهي؛ اهو
ڪوريئڙي جي ڄار وانگر هڪ ئي دائري ۾ پيو تاڃي پيٽي
ٺاهي ۽ ڊاهي، ۽ کيس پنهنجي محدود ۽ روايتي دائري
کان ٻاهر جي ڪابه سمجهه ۽ ٻوجهه آهي ئي ڪانه! يا
هو چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اتي جو اتي پيو ڦيريون
پائي، جو ڏاند نقل و حرڪت به ڪري ٿو، سندس چڪرن کي
ڪڇجي ۽ ماپجي ته هوند هزارن ميلن جو فاصلو ٿي وڃي،
پر جڏهن ته سندس راهه اتي جو اتي محدود مُدور آهي،
تڏهن سندس جدوجهد ۽ پنڌ هڪ ئي هنڌ تي پيا ضايح
ٿين، اهي شاعر، جي اڄ تائين گل و بلبل ۽ زلف وڪاڪل
۽ گيسو و ابرو ۾ گرفتار آهن، سي سچ پچ ته ايماني ۽
روحاني، عقلي ۽ فڪري، قومي ۽ وطني دانش ۽ شعور کان
بلڪل محروم آهن.
بزرگو! ترقي پذير معاشري ۾ دانشور جو ڪردار ڏاڍو ڏکيو ۽ انوکو
ٿئي ٿو، اهڙي ماحول جو دانشور، حقيقت پسند نگاهن
سان زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو ناقدانه جائزو وٺي
ٿو، شعور جي کليل ۽ چٽن دليلن سان ، هر معاملي کي
حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، سچ کي سچ ۽ ڪچ کي ڪچ
ڪوٺي ٿو، اهڙن جرئتمند دانشورن جي دانشمندانه
تحريرن ئي ملڪن ۽ قومن جي تاريخ ۾ انقلاب پيدا ڪيا
آهن، ۽ انهن کي ئي ”تاريخ ساز“ سڏجي ٿو، ائين
چوندي منهنجي مُراد رواجي ۽ سطحي قافيه پيما صنعت
گر ۽ لفظن جي ٺاهه ٺوهه ۽ ڊاهه ڊوهه ڪندڙ شاعر يا
روايت پرست ۽ انڌي تقليد ۾ ڦاٿل صاحب، تحرير ڏانهن
نه سمجهڻ گهرجي.
ان طرح وطني ۽ قومي قسم جي دانشورن جا ٻه ٻه طبقا ٿين ٿا: هڪ
طبقو وقت جي اقتدار جو ثناخوان ٿئي ٿو ۽ ٻيو حزب
اختلاف جو الهه ڪار، ٻنهي طبقن جي سوچ ۽ ويچار،
توڙي طريق ڪار ۽ لفظي سرمايي ۾ فرق ٿئي ٿو، عام
طرح سان جذباتي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ حزبِ اختلاف
جو اَله ڪار بنجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، پر وطن ۽
قوم جي مشڪلاتن بين الاقوامي منجهيل مسئلن،
ٻاهرين طاقن جي دٻائن دڙڪن، تاريخ جي صحيح ۽ غلط
نتيجن غير سنجيده ۽ جذباتي دورن کي مطالع ڪندڙ
دانشورن جو ڪردار محتاط ۽ اعتدال پسند سنجيده ۽
غير جذباتي ٿئي ٿو، هو نڪو اقتدار جي صاحبن مان
غلط قسم جي فائدن حاصل ڪرڻ جا متمني رهن ٿا ۽ نڪو
اجائي خوشامندانه قصده گوئي ۾ وقت وڃائين ٿا، هن
قسم جو دانشور پنهنجي ملڪ جي منجهيل مسئلن، صاحب
اقتدار قوتن جي مشڪلاتن ۽ بين القوامي حالتن
دٻائن، اثرن ۽ انهن جي نتيجن جي روشني ۾ فقط هي ئي
سوچي سگهي ٿو ته ملڪ جي سالميت ۽ مقبوليت، بقاءُ ۽
جٽاءُ، استحڪام ۽ ترقي جي اميد آيا ”تعمير“ ۽
”تائيد“ سان وابسته آهي ۽ اجائي غوغاء اَرائيءَ ۽
هنگامه خيزيءَ ۾ مضمر آهي؟ |