نظم
لغمہ حيات
آئينهء مثالِ تعيّن ازل جي ذات،
ٿي ماورائي عقل و خرِد، عين ممڪنات.
بي رنگ ويو، جهان، خودي، عين ممڪنات،
ٿيو عڪس ِ ذات ِ حق ۾ نهان حسن ڪائنات.
آهي دم ِ خيال ِ معاني تخيلات،
آئينه مثال ِ تجرّد ڪمال ِ ذات.
عالَم تمام آه تشابہ بہ اشتراڪ،
معلوم آه جو، سو، فقط ٿيو تصوّرات.
هو ماورائي وهم و گمان ۽ بلاصفات،
مظهر ۾ ان جو جلوو ٿيو حسن ِ شش-جهات.
آهي حيات بخش هتي لمحهء حيات،
آهي ’زمان مڪان‘ کان مٿي منبع ِ ثبات.
آهي غم و الم ۾ نهان حسن ِ ڪائنات،
آهي غم، ِ حيات ۾ مضمر دم حيات.
آهي نفس ۾ نهان حسن ِ ڪائنات،
آهي نظر نظر ۾ عيان ’روح ِ ڪائنات.‘
ڇيڙي ٿو ساز ِ جذب کي مضراب دلفگار،
آواز آه روح ِ ترنّم، دم ِ حيات.
اي عشق! تنهنجي حسن، تجاذب کي ڇا چوان،
ڪنهن کي نه ٿيو سڪون،’نه ڪنهن کي مليو
ثبات.
واعظ نه ڇيڙ قصّهء خوبان،’خموش ره،
رهندو ڪڏهن نه رند بهَ منت ڪش ِ نجات.
وارفتگيء شوق، ملاقات کي نه پُڇ،
تارن سان همڪلام ڏٺم چشم ِ واردات.
ڪو وقت هو، جنون’ ۽ خِرد کان رهيس بلند،
هو ماورائي عَهد، سندءِ عَهد ِ التفات.
پيدا جڏهن ٿيو حسن ِ نظر ۾ جمال ِ يار،
بي التفات کي به ڏٺم عين التفات.
ڇڇ
آهي نظر نظر ۾ نهان’ حسن صدحيات،
زنده ٿيان’، ڪَرم سان ڪرين جي توجهات.
آهي ’گرامي‘ شعر و سخن ڇا، خموش ره،
سڀ آه ڪنهن جي جذب، نگاهي جي واردات،
غزل
آه ڪٿ اهل ِ نظر، ذوق ِ نظر، حسن ِ نظر،
جو ڪري شعبده ِ حسن ِ گريزان’ تي نظر.
آهي ڪعبي ۽ ڪليسا ڏي يڪي راه گذر،
تو ۾ اي اهلِ نظر، خام ٿيو انداز، نظر
تنهنجي هر نيم نظر ٿي ڪري دل روشن تر،
ڪٿي محروم نظر، هي ڏسي انداز ِ نظر.
کڻ قدم سوچي ۽ سمجهي، اي خداوند ِ خيال،
ايندو هر نڪتہ ِ موهوم بهَ انداز، نظر،
حيف! آدم ٿي ويو حلقہِ پندار ۾ گم،
آهي هر نيڪ بتر، ۽ ٿيو بهتر، بينظر.
ڪير ٻيو توکان سوا ٿو لکي اڄ شعر و ڪلام،
جنهن ۾ ٿيو سوز، جگر، سوز ِنظر، ساز نظر،
نگاهه جن جي معنبر ۽ مشڪ جن جي نظر.
انهن جي حسن ِ تڪلّم ڏني جهان’ جي خبر.
خمير خاڪ فنا آشنا جو ڇا انداز،
نظر سان آهه بڻي ڪيمياي خاڪ اثر،
سڻائي آهه قلندر، نوائي جان’ افروز،
ته رات ويئي، افق تي ٿو چمڪي نور ِ سحر.
عجيب آهه ٿيو، نِظّم، بزم آرائي،جھ
جو سرنگون ٿا رهن صاحبانِ فڪر و هنر.
هنر کان ڪورا سراسر، سڏياسون اهل ِ هنر،
جي بيخبر ٿا رهن، سي مڃياسون اهل، خبر.
اسان جي عقل و نظر جا عجب ٿيا معيار،
جو رهزني ۾ مثال آهه، سوئي ٿيو رهبر،
ڦري ٿو پنهنجي مردان تي مرڪز و محور،
پيو پيو! جو اڃا رات آههِ: خون ِ بشرـ
ڇراهزن راهبر، راه پيچيده تر، هر قدم پُر
خطر،
زندگي مختصر، ڄڻ سفر در سفر، گامزن تيز تر.
ساقيء ماهوش، کڻ ڪا نوري نظر، ڪو اُٿي
ڄام ڀر،
عالم ِ رنگ ويو، چارسو، ڪوُ بڪوُ، ٿيو فريب ِنظر.
ساقيء باهنر، تنهنجي ميخانه در، آيا اهل
ِ خبر،
اُٿ ڪو ساغر ته ڀر، جنهن ۾ ٿيو موجزن منهنجو خون ِجگر.
بيخبر ساربان، لٽجي ويو ڪاروان، ٻڌ ته
شور و فغان،
آيو دورِ خزان، وڍجي ويا بال وپر، ڪنهن کي ڪنهن جي خبر.
حيف! رنج و الم، شور ماتم ۽ غم، ڪين همدم
نه دم،
ساقيِ محتشم، ابن ِ آدم جي لئه ڪجهه ته ٿي چاره گر.
هيڏا دارو رسن، قيد ۾ فڪر وفن، زندگي بي
ڪفن،
ڇ
پنهنجو تن ۽ نه من، تابڪي بي دهن، ننڊ ۾ ديده ور.
تنهنجو مشڪڻ، کـِلڻ، تنهنجو ريجهڻ، رُسڻ،
تنهنجو لوڌڻ، سِڏڻ،
تو تان گهوري وڃان، تنهنجي حسن ِ ادا، تنهنجو حسنِ نظر.
*
حريف ِ آتش ِ جان ٿي نه چشمِ تر، نه سهي،
دل و جگر ته رهيا گرم تر، ٻَهر، نه سهي.
ڇ
خدا جو شڪر، غم ِ آبن و اين جو آهيان امين،
نه آهه پنهنجي مقدر ۾ سيسم و زر، نه سهي.
نَفس نَفس غم ِ دوران جو آه حسن ِ حيات،
نه آهه دامن ِ گلچين ۾ برگ و بَر، نه سهي.
قدم قدم تي هي دارو رسن ٿيا ڪنهن کان؟
اوهان کان؟ خُوب! اوهان کي مگر خبر، نه سهي،
نَظر نـَظر ۾ طلسـمات ِ فن جا نظــّارا،
جهان پناهه! اوهان جي کڻي نظر، نه سهي.
مسافر آهيون، نه منزل، نه راهه ۽ نه سُڪون،
اڃان وَڌون پيا، ٿيو خضر همسفر، نه سهي.
ڇ
اي برق رو، ذرا ڏسجان هي آشيان برباد؟
سندءِ به حصّو ٿيو ڪجهه ڪجهه، تمام تر، نه
سهي.
زبان سان مڃ ته قصور آهه، ڪجهه تغافل آهه،
چوي ٿو ڪير؟ تلافي تون ڪر، نه ڪر، نه سهي،
ڇ
اسان ته ديرو حَرم کان مٿي ڪيا سَجدا،
ڪنهين جو در نه سهي ۽ ڪو سنگ ِ در، نه
سهي.
خموشي، نطق و بيان جي ڪئيسون مترادف،
اوهين ٻُڌو ٿا، کڻي ان جو ڪو اثر، نه سهي.
قريب آهيون، تصور ۾ ٿا رهون زنده،
اچون وڃون ٿا، به ظاهر ڪو، نامه بر، نه
سهي.
مشام ِ جان ته خيالات کي ٿي اخذ ڪري،
ڀري تون پير اسان کان نه ڪر گذر، نه سهي.
مقد رات جا قائل رهون ٿا، ڇا به هجي،
جهان ِ عشق ۾ پنهنجو ڪو چاره گر، نه سهي
وفا شناس رهون ٿا ۽ مطمئن آهيون،
ٿي بو الهوس نه قدم تي رکيوسون سر، نه
سهي.
ڇ
وفا جو دم پيا ڀرينداسون جيسين آهيون حيات،
ٻُـڌي، ٻــُڌي نه ٻـُڌي، آه َ پراثر، نه
سهي،
سخن شناس سڪوت آشنائي ٿيندو آه،
ادا شناس اڳيان ناهيون نوحه گر، نه سهي.
دل و نظر کان وساري سگهيو نه تنهنجي ياد،
نه ڪامران ٿو رهي يار، حيله گر، نه سهي،
ڇ
’گرامي‘ ڪو ته اشارات کي به سمجهي ٿو،
سخن شناس ڪو آهي، سڄو شهر، نه سهي. |