سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :24

 گرامي صاحب سان منهنجون ملاقاتون، مهراڻ جي ايڊيٽر ٿيڻ بعد ٿيون. انسانن جي سلسلي ۾، مان وٽس ويندو هوس. مون کي هميشهه چوندو هو، ته مهراڻ جي مواد تي تنقيد ڪر ۽ ڪو خط لکي موڪل، جنهن ۾ رسالي ۾ ڇپيل مواد جي ڇنڊڇاڻ ٿيل هجي. مان وٽس اڪثر ڪري پيو ايندو ويندو هوس، ساڻس ڪچهريون ڪندو هوس. انهن ڏينهن ۾ مهراڻ رسالي ۾ ’هڪ ڏينهن جي ڳالهه‘ جي عنوان سان اديب مختلف واقعا پيش ڪندا هئا. انهن ۾ جويو صاحب، ڏيپلائي صاحب ۽ ٻين دوستن ڪافي ڪجهه لکيو هو. هڪ دفعي مان به هڪ واقعو، ’انڌو ڀيڻسان‘ جي عنوان سان لکي کڻي آيس. انهيءَ ڏينهن گرامي صاحب موڪل تي هو. شمشير الحيدري ۽ ابن حيات پنهور کي ڏنم، جيڪي صاحب گرامي صاحب سان گڏ ويهندا هئا. ٻئي دفعي معلوم ٿيو ته گرامي صاحب به بنهه اهو ساڳيو واقعو ’انڌيءَ جو پٽ‘ جي عنوان سان لکيو، جيڪو منهنجي لکيل ڳالهه کان تمام بهتر هو، جنهنڪري مون پنهنجي تحرير واپس ورتي.

گرامي صاحب تقرير توڙي تحرير جو وڏو ماهر هو. کيس قدرت طرفان ڏات مليل هئي. سندس معلومات ۽ حافظو ايترو ته تيز هو، جو صدين جون ڳالهيون، سَون ڪتابن جا حوالا ۽ ڪيتريون يادگيريون، سندس ذهن ۾ هونديون هيون ۽ اهي هر وقت پيا بيان ڪندا هئا. هڪ دفعي مرزا قليچ بيگ  مرحوم جي ورسيءَ جي موقعي تي، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ گرامي صاحب جي تقرير کان متاثر ٿي، محترم جان محمد جماليءَ چيو، ته  مون کي افسوس آهي، جو ههڙي عالم جو ڪو به قدر ڪونه آهي؛ پر جيڪڏهن گرامي صاحب وفات ڪئي، ته مان پِني به مٿس قبو ٺهرائيندس ۽ اتي مجاور ٿي ويهندس. مگر افسوس جو گرامي صاحب کان به اڳ، جمالي صاحب اسان کان جدا ٿي ويو.

گرامي صاحب اڪثر ڪري بيمار رهندو هو ۽ هڪ شخص هو. کيس هر وقت دوائن ۽ خرچ لاءِ پئسن جي ضرورت پوندي هئي. اهڙن موقعن تي هو اڪثر ڪري اهو شعر ٻڌائيندو هو:

غريبي گلزار اٿئي موچاري مينگهو چوي.

 پوءِ چوندو هو، ته انهن ڏينهن ۾ گهرجون گهٽ هيون، مهانگائي به ايتري ڪانه هئي، تنهنڪري غريبي گلزار هئي، ليڪن هينئر غريبيءَ جهڙو آزار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي.

منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ڪانه آهي، جو گرامي صاحب جي شخصيت، فڪر، تحرير، تقرير، حافظي، مطالعي، مرڪ، اخلاق، خلوص، دوستي ۽ دوستن لاءِ پيار محبت، سڪ ۽ قرب جي ڳالهه ڪري سگهان. ايترين خوبين وارا انسان تمام گهٽ هوندا آهن ۽ تمام دير سان پيدا ٿيندا آهن.

 آءُ جڏهن به پنهنجي ڪچي پڪي لکڻي کڻي، گرامي صاحب کي ڏيندو هوس ته ڪڏهن به گرامي صاحب منهنجي يا ڪنهن ٻئي جي دل شڪني نه ڪئي، پر هميشهه پيو همٿائيندو هو. نه ته اڄ جا نالي چڙهيا ليکڪ، سي به وري ڪنهن اداري ۾ هجن، يا ايڊيٽر هجن، ته انهن جي بخيليءَ کان ته شيطان به پناهه گهري هوندي. اهي صاحب ته ملڪ، قوم، ادب جا بنهه ٺيڪيدار بنيا، اَڪڙيا پيا هوندا، ڄڻ ٻيو ڪو به ڌرتيءَ تي سندن معيار جو ماڻهو نه ملندو. اهڙا صاحب خصوصاً نون کي مايوسين جي غار ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن، ته جيئن اُسري نه سگهن. مگر گرامي صاحب اهڙين ڳالهين کان پري هو. هن جي گفتگو، هر ننڍي خواهه وڏي سان، هڪ جهڙي هوندي هئي. گفتگو دوران يا بحث مباحثي ۾ گرامي صاحب ڪڏهن به ڪنهن کي ناشائسته لفظ نه چيا هوندا، سندس گفتگو هميشه اديبانه ۽ عالمانه انداز ۾ هوندي هئي.

گرامي صاحب جي وسيع معلومات ۽ ڄاڻ جو هڪ مثال هي به آهي ته هو ڪنهن به مسئلي جي هڪ پهلوءَ کي نه، بلڪ ان جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهي سگهندو هو. ڪنهن ڳالهه جي خامين تي ۽ خوبين تي ڳالهائي متاثر ڪري سگهندو هو. مثال طور چوندو هو ته ون يونٽ جون خاميون اوهان کي ٻڌايان يا خوبيون، يا هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم وغيره جون خوبيون اوهان کي ٻڌايان يا خاميون۔

 گرامي صاحب وڏي شخصيت هو، پر افسوس جو اسان سندس جيئري ڪو به قدر ڪو نه ڪيو؛ پر جن جو جيئري ڪو قدر ڪو نه ٿيندو آهي، انهن جو مئي کان پوءِ ڪهڙو قدر ٿيندو. سواءِ ان جي ته پاڻ کي ميان مٺو چوائڻ خاطر ٻارهين مهيني بعد ڪا ورسي ملهائجي، ان ۾ به وڏن دخل ذاتيات جو هوندو.

 گرامي صاحب غريبيءَ جي حالت ۾ به پهاڙ جيان اٽل رهيو. گرامي صاحب ڪيترن کي فيض ڏنو، پر افسوس جو گرامي صاحب کي ڪنهن وٽان به ڪجهه نه مليو.

اڄ اسين گرامي صاحب جي ورسي ملهايون، يادگيريون بيان ڪريون، يا سندس ڪتاب ڇپايون، يا نمبر ڪڍون؛ پر اسين پاڻ کان پڇون، ته جيئري ان عظيم شخصيت کي اسان ڪهڙو سک ڏنو، ڪهڙو سڪون ڏنو، ڪهڙي مدد ڪئي، اڄ اسين نمبر به ڪڍون ٿا ۽ ان کي عظيم شخصيت ڪوٺيون ٿا. ڇا اسان ان عظيم شخصيت سان جيئري ڪو ڏينهن ملهايو، جيئري ڪونمبر ڪڍيو، يا سندس سالگرهه ملهائي. مرڻ بعد جيڪو عظيم انسان آهي، ڇا اهو جيئري ڪجهه به ڪو نه هو؟

گرامي صاحب هميشہ برادرم محمد امين سان چواڻي موڪليندا هئا، ته محمد دائود کي چئو ته ٽي-چار ڪهاڻيون مهراڻ لاءِ ڏي، پوءِ آهستي آهستي پيا شايع ڪنداسون. منهنجن ڪچن ڦڪن افسانن کي شايع ڪندو هو. منهنجي همت افزائي ڪندو هو. ڪڏهن به ائين نه چيائون ته تنهنجو افسانو گند آهي يا ردي آهي. هڪ-ٻه افسانا، جي وقت ۽ حالتن پٽاندر نه هئا، ته اهڙي نموني واپس ڪندو هو ته جيئن منهنجي دل شڪني نه ٿئي.

 منهنجا افسانا اڪثر ڪري مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته ٻيا صاحب وري پنهنجن رسالن ۾ يارن  دوستن ۽کارائڻ پيارڻ وارن کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ مان هڪ ليکڪ، جنهن وٽ ڪهاڻين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه  آهي. نه مٺ، نه پٺ، نه لٺ.

گرامي صاحب اسان وٽ موٽي نه ايندو، نه وري اچي ڪا ميار ڏيندو، پر اسان مان سرنديءَ وارن صاحبن کي گهرجي ته گرامي صاحب جي پوين  لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪن. گرامي صاحب جي مقالن، مضمونن، شعرن، تقريرن، تحريرن، ايڊيٽوريل نوٽن کي ڇپائي، منظر عام تي آڻڻ گهرجي ۽ ان جو معاوضو سندس اولاد کي ڏجي. انهيءَ مان گرامي صاحب کي ته ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿيندو، مگر نئون نسل سندس فڪر ۽ فن مان فائدو حاصل ڪري سگهندو.

هتي هڪ عرض ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته ڪنهن کي به هتي دائمي زندگي نه آهي. هر ڪنهن کي هلڻو آهي. ڪو اڳي هلندو ڪو پوءِ هلندو. عرض آهي ته اسان جا ڪيترا اديب، عالم، دانشور، ليکڪ ۽ شاعر نهايت ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. ڪي بيمار آهن، ڪي بي روزگار آهن، ڪي ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. اسان کي گهرجي ته اهڙن ليکڪن جي مدد ڪريون، سندن همت افزائي ڪريون، سندن سالگرهه ملهايو، ساڻن ڪچهريون ڪريون ۽ سندن شهه پارا ڇپايون. کين انهن نگاهن سان ڏسون، جنهن جي هو لائق آهن. ان لاءِ عرض آهي ته اهڙن ماڻهن جو جيئري سندن قدر ٿئي ۽ سندن صلاحيت جو فائدو وٺڻ  گهرجي، بيمارن ۽ بيروزگارن ۽ پيرسن لکندڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هينئر به اسان وٽ مولانا گرامي صاحب مرحوم جهڙا غريب موجود آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وقت ۽ حالتن کان مايوس ٿي ويٺا آهن. انهن سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي، انهن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، انهن سنڌي قوم جي خدمت ڪئي، انهن سنڌ جي خدمت ڪئي. انهن کي هر گز وسارڻ نه گهرجي، انهن جي جيئري سندن قدر ٿيڻ گهرجي.انهن جا ڪتاب ڇپائڻ گهرجن. انهن جي سالگرهه ملهائڻ گهرجي. انهن جي هرڪا مدد ڪرڻ گهرجي. باقي مئي کان پوءِ ڪنهن تي قبو  اڏيو يا نه اڏيو، ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو. جيڪي پنهنجي جيئري ڏکن، بکن، مصيبتن ۾ نهايت مسيڪينيءَ ۾ مجبور هجن، انهن لاءِ جيڪڏهن جيئري ڪجهه به نه ٿيو ته مئي کان پوءِ ٿيو ته ڇا، نه ٿيو ته ڇا!

 اڄ گرامي صاحب جي پروقار شخصيت منهنجي دل دماغ ۽ ذهن تي ڇانيل آهي. اڄ به سندس مرڪندڙ چهرو منهنجي اکين اڳيان آهي.

انهي رات 12 بجي ڌاري گرامي صاحب کي غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڀرسان آرامي ڪري، اسين واپس آياسين، پر مان ائين پيو سمجهان ته گرامي صاحب وري به ڪنهن ورسيءَ تي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ ضرور ملندو يا گاڏي کاتي جي ڪنهن هوٽل ۾ چانهه پيو پيئندو. سچ آهي ته اهڙا انسان پنهنجو قرب دلين تي ڇڏي ويند آهن. اهي مرندا نه آهن، اهي امر هوندا آهن.

 گرامي صاحب لاءِ مون وٽ جيڪا عزت آهي، جيڪا محبت آهي، جيڪا عقيدت آهي، ان جو اظهار آءُ ڪري نٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ڪانه آهي، پر مهراڻ جي گرامي نمبر لاءِ ٻه-چار ڪچا ڦڪا جملا لکي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته گرامي صاحب جو مون تي حق آهي. افسوس آهي جو حق پوريءَ طرح ادا ڪري نه سگهيو آهيان.

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
 

(شاهه)

غلام حسين شيخ

ماڻهو سڀ مُئا وڃن...........

هن سونهن ڀرئي سنسار ۾ فن جون آسائتيون اکيون هميشہ فنڪار ڏي واجهائينديون رهنديون آهن. جهڙيءَ طرح فن، فنڪار جي نظر ۾ محتاج آهي، اهڙيءَ ريت فنڪار جون نگاهون ڪنهن پارکوءَ، يا وينجهار جي تلاش ۾ هونديون آهن. جيڪڏهن وينجهار يا جوهري نه هجن، ته هيرا لال ڪير پرکي! اهڙيءَ طرح جيڪڏهن فن جي پرکڻ وارا نه هجن، ته نه فن تخليق ٿئي ۽ نه فنڪار ئي پيدا ٿين. شاهه لطيف به وينجهار يا پارکو کي مٿاهون مرتبو ڏنو آهي:

ويا سي وينجهار، هير لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،
ڪُٽين ڪُٽ لوهار، هاڻي اُنهيءَ ڀيڻين.
 

 مان مرحوم گرامي صاحب کي سنگيت جي پارکوءَ ۽ جوهريءَ جي حيثيت سان سڃاڻندو هوس.

ڳائڻ وديا جا سڄاڻ انسان، پنهنجي هر سکيا وٺڻ واري کي پهريائين اهو قول ٻڌائيندا آهن، ته ”دِکيا، سکيا ۽ پِر کيا.“ پهريائين دل جي اکين سان سچي گروءَ جي ڳولا ڪر، پوءِ انهيءَ کان علم حاصل ڪر ۽ آخري مرحلو آهي پرکيا جو. پنهنجو علم، يا فن ڪنهن  پارکو انسان آڏو پيش ڪر؛ تنهن بعد تون صحيح فنڪارن جي صف ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

مرحوم گرامي صاحب اهو مرد خدا هو، جنهن کي قدرت، علم سان گڏوگڏ فن کي پرکڻ جي ذات ۽ جوهر به عطا ڪيو هو. پاڻ چوندو هو ته ”هن  مختصر زندگيءَ ۾، هر انسان چئن چڱن کي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو، مون به ڪجهه بزرگن ۽ گُني انسانن کي دل کولي ٻڌو آهي ۽ انهن سان ملاقاتون به رهيون آهن.“ پاڻ استاد عاشق علي خان، استاد بڙي غلام علي خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد حبيب خان، استاد الهه ڏني نوناري، خير محمد خان ۽ مائي جيوڻي جا نالا وڏي ادب ۽ احترام سان کڻندو هو. چوندو هو ”ادا، جن ماڻهن انهن ڳائڻن کي نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو، انهن ڄڻڪ زندگيءَ ۾ راڳ ٻڌو ئي ڪونهي.“ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي محفلن جي سحر آموزيءَ جون ڳالهيون به ڪندا هئا چوندا هئا ته ”ابا، اسان جي تربيت ئي اهڙي ماحول ۾ اهڙين محفلن ۾ ٿيل آهي، جتي ٻڌندڙن جي اندر ۾، راڳ اوتيو ويندو هو؛ اسان انهن محفلن ۾ راڳ ٻڌي، زارو قطار رنو آهي. راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ، ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻڪ ڪنهن اندر جو ڪٽ لاهي ڇڏيو هجي. طبيعت ۽ مزاج ۾ اهڙي نرمي ۽ سوزوگداز پيدا ٿيندو هو، جو هر انسان سان محبت ڪرڻ تي دل چوندي هئي. راڳ ٻڌي، ٽهڪ ڏيڻ ۽ تاڙين وڄائڻ وارا اسان ڪو نه آهيون.“

سنڌ جي سرتاج ڀٽ ڌڻيءَ سان وڏي عقيدت هوندي هين. چوندا هئا ته ”لطيف جي ڪلام ۾ ديني توڙي دنيوي، روحاني ۽ جسماني، مڙني مسئلن جو حل موجود آهي.“ بيماريءَ جي حالت م به ڀٽ جي ميلي تي ضرور حاضري ڏيندا هئا. ٻه سال اڳ شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي تي، استاد  منظور علي خان، لطيف سائينءَ جو ڪلام ڳائي رهيو هو، مرحوم کي مون جنهن انداز سان لڇندي ۽ روئندي ڏٺو، انهيءَ ڪيفيت کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ڳائڻ واري کي  اهڙو ٻڌڻ وارو ملي، ته پوءِ هن جون نگاهون ، ان شخص ۾ کُپي وينديون آهن. ائين ٿي لڳو، ڄڻڪ استاد منظور علي خان، راڳ فقط گرامي صاحب لاءِ پيش ڪري رهيو هجي. گائڪ ۽ چڱي ٻڌڻ واري ۾، اهو رشتو، اڪثر قائم ٿيندو رهي ٿو. هر محفل ۾ فنڪار جون آسائتيون اکيون، ڪنهن پارکوءَ يا جوهريءَ جي تلاش ۾ هونديون آهن؛ جنهن جي آڏو ڳائڻو سچن سُرن جا سونا سڪا اڇلائيندو ويندو آهي.

 مرحوم گرامي صاحب کي، مون هر محفل ۾، ڳائڻ واري لاءِ، هڪ سهارو محسوس ڪيو.  هن جي موجودگي، فنڪار ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي هئي، جيئن هو پنهنجو فن سهڻيءَ طرح پيش ڪري سگهي.

مرحوم سان منهنجي ملاقات جو سلسلو سن 1968ع ۾ ٿيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان، هڪڙو ثقافتي پروگرام ”جهڙا گل گلاب جا“ پيش ڪندو هوس. ان پروگرام ۾ ٻين ثقافتي ڳالهين سان گڏو گڏ ، راڳ جي ڪنهن پهلوءَ تي گفتگو ڪئي ويندي هئي  ۽ اُن جو عملي مظاهرو به ٿيندو هو. پاڻ هڪ ڀيري، اهو پروگرام ٻڌائون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ريڊيو اسٽيشن تي آيا. اچڻ سان پڇا ڪيائون ته هن پروگرام جو پروڊيوسر ڪير هو. مولانا صاحب سان ملاقات ٿي. چانهه ڍڪ پي، پوءِ اچي پروگرام جي خوبين ۽ خامين تي ڳالهايائون. مون کي خوشي ٿي، ته اسان جي پروگرام کي مستقل ٻڌڻ وارو، هڪ عالم ملي ويو آهي. پوءِ هر پندرهين ڏينهن، مولانا صاحب کي ٽيليفون تي ٻڌائيندو هوس، ته اڄ رات جو 9 بجي پروگرام نشر ٿيندو، ضرور ٻڌجو. پاڻ پروگرام باقائدي ٻڌندا هئا ۽ اهو سلسلو پورا ٻه سال جاري رهيو.

مرحوم جنهن انداز سان راڳ تي راءِ ڏيندا هئا، يا پسند جو اظهار ڪندا هئا، تنهن مان ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻڪ راڳ هن شخص جي روح ۾ رچيل آهي. ريڊيو تي به ڪا نئين شيءَ رڪارڊ ڪبي هئي، ته دل پيئي ڦٿڪندي هئي، ته ڪڏهين ٿو مولانا صاحب اچي، جو هن کي نئين ريڪارڊنگ ٻڌايون. مرحوم اهڙي پيار ۽  پاٻوهه سان ٻڌندو هو، ڄڻڪ ڪو شخص سُر جي پاتار ۾ انت تري تائين پيهي ويو هجي مولانا صاحب ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ اچي، پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون به ڪندا هئا. چوندا هئا ته ”راڳ سان منهنجي دل ننڍپڻ کان ئي هوندي هئي. اڃا مدرسي ۾ پڙهندو هوس، اُتان سڏ پنڌ تي هڪ مڪان هوندو هو، اُتي روز رات جو، فقير ۽ درويش حقالي ڪلام چوندا هئا. هنن جي چوَڪَ ۽ انداز ۾ هڪ عجيب رندي ۽ مستي هوندي هئي. اهو راڳ روح کي ڏاڍو وڻندو هو. هڪ ڏينهن دل ڇڪ ڏني، پوءِ ته اُنهن سان وڃي ويهڻ لڳس ٿورن ڏينهن ۾، گهاگهر وڄائڻ به سکي ويس. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن دوستن يارن کان لڪي وڃي اوتارن ۾ به گهاگهر وڄائيندو هوس.“ پاڻ ڪنهن وقت، گهاگهر جي ٺيڪن جي وڄت جي باري ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ائين لڳندو هو، جيئن هي شخص سُروديا جي ڄاڻ سان گڏو گڏ، ”لي اِڌيا“ جي فن کان به پوريءَ طرح واقف آهي.

مرحوم اڪثر استاد سينڌي خان جي محفلن جو به ذڪر ڪندو هو. اُستاد سينڌي خان پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت، هالن ۾ جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب وٽ گذّاريو. بقول گرامي صاحب جي، اُستاد سينڌي خان هم صفت انسان هوندو هو. ڪلاسيڪي سنگيت جو وڏو ڄاڻو هو. بهترين ستار وڄائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تمام چڱا شعر به چوندو هو. اهو هو پس منظر، ماحول ۽ صحبت جو اثر، جنهن مولانا صاحب جي شخصيت ۾ ”سُر ۽ لئي“ کي پرکڻ جي جوهر کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو. سنگيت جي ذوق ۽ علمي ڄاڻ کان علاوه، پاڻ موسيقي تي ڪيترائي مضمون به لکيا اٿس.

مرحوم جي شخصيت ۾، هڪ عجيب محبوبيت هئي. جنهن به شخص سان ملندو هو، ته اُن کي اهو احساس ٿيندو هو، ڄڻڪ مولانا صاحب دوست ئي سندس آهي. هو دين جو هڪ مڃيل عالم، محقق اعليٰ مقرر، شاعر ۽ نيڪ سيرت انسان هو. ايڏي علم ۽ فضل سان آراسته انسان جي طبيعت ۾، هڪ عجيب رندي ۽ مستي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ظاهري شرعي پابنديون لتاڙي، بحر ِ بيڪران جيان پلٽجي پوندو هو. ڪيترن محفلن ۾ جڏهن سچل سرمست جو هي ڪلام:

قاضيا ڪيهي مسئلي ڏسيندائين
عشق شرع ڪي لڳي لڳي و و قاضيا
قاضيان دي ڪاهه ڪتابان
عشق دي منزل اڳي اڳي_ وو قاضيا
 

ٻڌندا هئا، ته چهري تي چمڪ اچي ويندي هين. بي اختيار رڙ ڪري چوندا هئا ته، حق آهي. لطيف سائينءَ ۽ سچل سرمست کان سواءِ بُلهي شاهه ۽ خواجه غلام فريد جو ڪلام به وڏيءَ سِڪ سان ٻڌندا هئا.

مرحوم سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هوندو هو. سڄي حياتي سنڌ جي عظمت جا ڳُڻ ڳائيندو رهيو. بظاهر گرامي صاحب اڄ اسان کان جدا ٿي ويو آهي؛ پر مرحوم اڄ به سنڌ جي ڪچهرين ۾ ڳڻ وارن انسانن جي اکين آڏو بيٺو آهي.

 

نقادن جون ذميواريون

”بهرحال، اڄ جي  نقادن کي پنهنجون تنقيدي صلاحيتون تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن، ۽ شخصي ۽ ذاتي رنجشن ۽ رُسامن جي ڪشمڪش ۾ ’ادب ۽ فن‘ جهڙي زندگي بخش موضوع کي غير افادي بنائڻ جي ارادي ڪوشش کان گريز ڪرڻ جڳائي. ذاتيات کان بلند بنجي، نظريات ۽ انهن جي فني افاديت جي ڇنڊ ڇاڻ کي ئي تنقيد چئي سگهجي ٿو. باقي جو ڪجهه به لکيو ويندو، ان کي ’تنقيد‘ ته بهرحال نه سڏڻ گهرجي، ان لاءِ ڪو ٻيو فني ۽ادبي نالو تجويز ڪرڻ گهرجي.“

_غ ـ م ـ گرامي

(مهراڻ:1، سال 1959ع)

 

عبدالخالق ”شهيد “ سومرو

پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن

(پنهنجي محسن استاد جي ياد ۾)

15-سيپٽمبر 1976ع بروز اربع اهڙو دکدائڪ ڏينهن آيو، جو هندوپاڪ جو مشهور عالم، اديب، شاعر، فلاسفر، محقق، صحافي ۽ ائين کڻي چوان ته سنڌ جو ’رومي‘ اسان کان اوچتو ئي اوچتو جدا ٿي ويو، يعني منهنجو محسن استاد قبله گرامي صاحب. سندن جدائيءَ جو اهو داغ سنڌ جي علم و ادب، سندن شاگردن، مداحت ۽ قدر دانت لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي سندن قدر نه ڪيو، هينئر  سڄي سنڌ هاءِ هاءِ ٿي ڪري، ها! ضرور هاءِ هاءِ ڪندي، ڇو ته اسان مردهه پرست، پنهنجن بزرگن ۽ عالمن سان جيئري جٺيون ڪندا آهيون ۽ مُئي کان پوءِ مٿن ماتم ڪندا آهيون. ڇو ته اها اسان جي روايت رهي آهي. ساڳيو حال سائين گرامي  صاحب جن سان هو. جيئري کين طرحين طرحين جون تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون ويون، خسيس ماڻهو به مٿن تمسخر ۽ حملا ڪندا هئا، مگر پاڻ هميشهه خاموشي ۽  صبر اختيار ڪندا هئا. اها سندن اخلاقي بلندي هئي جو ڪنهن سان به پنهنجي شڪايت محسوس ڪرڻ نه ڏنائون. جو به سندن خلاف گند اڇلايو پئي ويو، تنهن کي درگذر ڪندي پنهنجي قلندرانه طبع موجب علم وادب جي خدمت ڪندا رهيا.

سنڌ ۾ سندن شاگردن ۽مداحن جو ڪافي تعداد آهي. مان به سندن پراڻن شاگردن ۽ مداحن مان هڪ آهيان. منهنجي ساڻن 1954ع کان وٺي نيازمندي هئي، جڏهن پاڻ اسان کي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾، فارسي پڙهائيندا هئا. ان وقت کان وٺي سندن محبت جي سعادت نصيب ٿي ۽ فخر اٿم، ته اهڙي عظيم هستيءَ جو شاگرد آهيان. اول ۾ منهنجو تخلص ”جوڳي“ رکيائون، بعد ۾، 1963ع ۾ ”شهيد“ منتخب ڪيائون. ابتدا ۾ مان سندن خدمت ۾ ڏهه سال بالڪل قريب رهيس. پاڻ هميشه فقيرن وانگر گذر سفر ڪندا هئا. ظاهري عبادت گهٽ، ۽ باطني زيادهه. سچ ڪري پڇو، ته سائين گرامي صاحب جن کي مون راتين جون راتيون عبادت ڪندي ۽ سجدي ۾ زاروزار رئندي به ڏٺو. معاشي حالتون هي هيون، جو ٽي-ٽي روز به ائين گذري ويندا هئا.

ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن ڄو.

يا

جنين ڏاند نه ٻڄ، تنين تنهنجو آسرو.

هٿئين جيڪي ڪجهه وٽن هوندو هو، ته ڪنهن هيڻي وهيڻي سان مشڪل ۾ وَهي ويندا هئا. اها سندن فراخدلي ۽ زندهه دلي آخر تائين هلندي آئي. سندن پيار ۽ شفقت جو ڇا بيان ڪجي. هميشه ننڍن سان پيار ۽ شفقت ۽ وڏن جي عزت ڪندا هئا. 1954ع جوسمو هو، ادبي رهاڻيون ۽ رس شروع ٿيا، جن ۾ ان وقت سراج ’بسمل‘، پروانو ڀٽي، شمشير الحيدري، محمد خان ’غني‘، محمد بخش ’جوهر‘، ’راز‘ بلڙائي، ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني ’بيخود‘ وغيره سندن قرب جا ڪٺل ويهي ڏاڍيون ڪچهريون ڪندا هئا. سندن خوش طبعي، زندهه دلي، ڪشادهه دلي ۽ دورانديشي کين گويا ورثي ۾  مليل هئي، جا آخر تائين دائم ۽ قائم رهي. اڄ اهي رهاڻيون ۽ سندن پياريون ڳالهيون ياد ڪري، دل جا ڳچ ڳريو ٿا پون:

نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچيون پرين جا.

(شاهه)

منهنجا محسن استاد هميشهه علمي ۽ ادبي گفتگو ڪندا هئا. سندن مزاج ۾ به معنيٰ ۽ مقصد سمايل هوندو هو. سندن علم و فن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري. ايڏي علم ۽ فيض هوندي به، تڪبر يا غرور نه ڪيائون. ڪنهن به مسئلي تي دوست کانئن لاءِ، يا ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ چاهيندا هئا، ته سمنڊ جيان پَلٽي پوندا هئا ۽ اسان پارا اٻوجهه فيضيابه ٿيندا هئا. ابتدا کان وٺي انتها تائين، ڪنهن  به دوست يا دشمن سان ٻاڙو نه ٻوليائين. ڪجهه وقت اڳ ڪن مُلن ۽ حاسدن، سندن علمي ۽ ادبي مقبوليت ڏسي، هڪ تعصبانه محاذ کڙو ڪيو. مون سندن خدمت ۾ عرض ڪيو، ته اسان کي اجازت ملي ته اسان به قلم کڻون. پاڻ پيار وچان منهنجي ڳل تي هلڪڙي چماٽ هڻي چيائون ته ” نه بابا! گراميءَ جا شاگرد ۽ انتقام! مون وٽ ڪافي ٻيا به دوست آيا هئا ۽ اچن پيا، سي به تو وانگر جوابي ڪاروائيءَ لاءِ مون کان اجازت وٺڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن، مگر، شهيد! ائين ڪو نه ڪبو. گرامي پنهنجي زندگيءِ ۾ ڪنهن کان به انتقام نه ورتو آهي ۽ نه وٺندو. اهڙيءَ حالت ۾ توکي آءُ ڪيئن اجازت ڏيان“ نتيجو اهو نڪتو جو اُهي حاسد پنهنجي موت سان پاڻ ئي مري ويا. سو سائين، عرض پئي ڪيم ، ته هن راڻي جون رهاڻيون جڏهن ياد پون ٿيون، تڏهن دل ڇيهون ڇيهون ٿيو پوي!

راڻي سندم روح ۾، پسو! پڳهه پيوم،
ٻيڙي جيئن ٻڏي ويو، سوڏو ساهه سندوم،
وهڻ و ِهه ٿيوم، جاڳيو ٿي جَر هاريان.

(شاهه)

اوائلي دور 54-1955ع واري زماني ۾ جيڪي نوجوان سندن رهاڻين مان فيضياب ٿيندا هئا، تن جا اسماءِ شريف مٿي چئي آيو آهيان. اهي اڄ علم و ادب ۾ ڪافي ڌاڪو ڄمائي رهيا آهن. سائين گرامي صاحب جي پڇاڙيءَ تائين ساڻن پيار ۽ شفقت ٿيندي رهي. هتي مون کي معاف ڪيو وڃي، جو سندن ڪن وڌيڪ شاگردن ۽ مداحن جو ذڪر مون کان وسري ويو. جيڪي 1955ع ۾ اسان سان مجلسن ۽ادبي رهاڻين ۾ هر وقت دوش بدوش هوندا هئا ۽ پهرين نوجوانن جي صف ۾ شامل هوندا هئا، جن جوذڪر اڳ ڪيل آهي. اهي آهن: ممتاز مرزا، هن وقت ٽيليويزن تي اسڪرپٽ پروڊيوسر آهي. شيخ محمد اسماعيل ۽ محمد حسين ڪاشف، اهي دوست به سائين گراميءَ جا عاشق ۽ پروانا هئا. ممتاز مرزا ته ساڻن ڏاڍو پيار وچان حُجت ڪندو هو ۽ گهڻي ۾ گهڻو ادب به. 1975ع ۾ ٽي-وي تي هڪ نعتيه مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيو هوس. سائين گرامي صاحب ۽ مان گڏ هئاسين. ممتاز مرزا پري کان جڏهن اسان کي ڏٺو ته يڪدم ڪرسيءَ تان اُٿي اچي سائينءَ جو استقبال ڪيو ۽ وڏي ادب ۽ احترام سان ساڻن پيش آيو. مون کي به وڏي پاٻوهه ۽ خلوص سان ڀاڪر پائي چيائين ته خوش آهين! اڄ سڀ سندن شاگرد ۽ مداح ڇورا ڇنِا ۽ يتيم ٿي ويا آهيون. اهڙو ساقي وري ڪٿان نصيب ٿيندو، جنهن هميشه پنهنجي علم و فن جي صراحيءَ مان اڃايلن کي سڪ، محبت ۽ اخوت جا جامن تي جام پياريا. اُها بلبل ئي اُڏامي وئي، جيڪا گلستان ۾ پنهنجي مٺڙي آواز سان روح کي راحت بخشيندي هئي! اڄ اهوباغيان ڪونهي، جيڪو گلن ۽ مکڙين جي سونهن هو، جنهن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان چمن ۾ رنگيني ۽ دلڪشي پيدا ڪئي. اڄ هر گل ڪوماڻيل ۽ مرجهايل نظر اچي ٿو.

”جن جي هٿان ويڙا سڄڻ، تن کئون پچو سُڌ سور جي.“

 وڏن شاعرن ۽ عالمن ۾، قبلا طالب الموليٰ، سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حيدر بخش جتوئي، جويو صاحب، غلام رباني، شيخ اياز، جمال ابڙو، تنوير عباسي، امر جليل، شيخ علي محمد، عبدالڪريم گدائي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم پلي، حاجي نور احمد خان لغاري(تاجپور)، ڏيپلائي صاحب، مولانا قاسمي، امداد حسيني، نياز همايوني، شمشير، الحيدري، الياس عشقي، ڊاڪٽر الانا، وغيره انهن سنڌ جي عظيم انسانن جون طرحين طرحين جون ڳالهيون ۽ سندن فڪر جو بيان ڪندا هئا. چوندا هئا ته ابا شهيد! اهي ماڻهو سنڌ جي سونهن آهن، انهن جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي آهي، اها تمام وڏي ڳالهه آهي. مطلب ته ننڍن خواهه وڏن لاءِ منهنجي محسن استاد وٽ ڪافي عزت هئي. قبلا طالب الموليٰ سان ته پراڻا پيوند هئن. جڏهن به ڪو فنڪار طالب الموليٰ جو ڪلام ڳائيندو هو ته اهو وڏي غور ۽ فڪر سان ٻڌندا هئا. مٿين محبن جون ڳالهيون ٻڌائي پيا گد گد ٿيندا هئا. لطيف سائينءَ سان ته ازل کان ئي عشق هون. جڏهن به لطيف تي، ڪنهن مجلس يا ورسي ۾ ڳالهائيندا هئا ته ٻڌندڙ هڪ عجيب ڪيفيت محسوس ڪندا هئا.

دوست ته دوست هئن، پر دشمن به ساراهه کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. سچل سرمست شايد ڪا سُرڪي عطا ڪئي هئن، جڏهن به  سچل جي فلسفي ۽ ڪلام تي ڳالهائيندا هئا ته ٻڌندڙن تي مستي ۽ هستي طاري ٿي ويندي هئي. گويا سڄي محفل وجد جي ڪيفيت اختيار ڪندي هئي. اهو سڀڪجهه ڇا هو، جو هڪ انسان، جيڪو بنا ڊگرين جي به هڪ عظيم انسان، شاعر، محقق ۽ عالم تصور ڪيو وڃي. سندن تقريرن جو ڇا بيان ڪجي. تحريرن ڏانهن ڏسو، اعتبار نه اچيو ته مهراڻ جا پرچا ۽ ٻيا علمي ۽ ادبي ڪتاب پڙهو، جنهن مان منهنجي محبوب محسن اُستاد جي قلم جي قلم جي جولاني محسوس ڪري سگهو. هڪ غريب ٻار، بلوچ قبيلي جي لغاري قوم مان ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ حيدرآباد شهر جي گاڏي کاتي ۾ زندگيءَ جا 27 سال رهي، پنهنجي علم و فن جو ڌاڪو ڄمائي. دوستو! اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. دنيا ۾ اهڙا انسان ٿورا پيدا ٿيندا آهن، جن کي تقرير ۽ تحريرن ٻنهي تي عبور حاصل هجي. ڪي تقرير ۾ تيز هوندا آهن، ته ڪي تحرير ۾ تکا، سائين گرامي صاحب انهن ٻنهي شين جو شهنشاهه هو. ٻئي فن سندن قبضي ۾ هئا. اڄ به جڏهن پاڻ ياد اچن ٿا ته سندن مضمون پڙهي دل کي سڪون بخشيون ٿا. سندن تقريرون ڪنن ۾ گونجي اٿن ٿيون:

 

نماڻيءَ جي نجهري، روئڻ ۽ راڙو،
ڪُٺل جو قلب ۾، قرب جو ڪاڙهو،
هوتن لئي هاڙهو، سڀ رڱينديس رت سان.

(شاهه)

1975ع ۾ مون پنهنجي شعر جو مجموعو نظرثانيءَ لاءِ سندن خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ کين عرض ڪيم ته ڪي ٻه ٽي دعا جا اکر لکو. ڪتاب جو نالو پن منتخب ڪرڻو هو.چار-پنج نالا پيش ڪيم، انهن مان ”وڍيل ٿي وايون ڪري“ پاڻ منتخب ڪيائون. شعرن جي اصلاح ۽ نظرثانيءَ کان پوءِ هڪ زبردست علمي ۽ ادبي مقدمو لکيائون، جو مون لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي، ڪتاب ڇپجي جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ۽ پاڻ جڏهن ڏٺائون، تڏهن بيحد خوش ٿيا ۽ چيائون ته ”ابا شهيد! هي تنهنجو ڪتاب ادبي دنيا ۾ ضرور رنگ ۽ اثر پيدا ڪندو.“

سائين گرامي صاحب جن هميشه امن ۽ پيار جا شيدائي هئا. فساد ۽ گوڙ کان هميشه ونءُ ويندا هئا. مطالعو ۽ تحقيق، سندن خاص دلچسپيون هيون. سندن زندگيءَ تي مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا رومي، شيخ سعدي، مولانا آزاد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙن بزرگن ۽ هستين جو خاص اثر هو. سوچيو وڃي ته جنهن ماڻهوءَ تي ايڏي پايه جي انسانن جو اثر هجي ۽ انهن جي تحريرن جو مطالعو ڪيل هجي، ان ماڻهوءَ جي فڪر جو انداز ڇا هوندو!

نوجوانن سان سندن دلي، قلمي ۽ اخلاقي تعاون رهندو آيو. جڏهن به نوجوانن شاگردن تي، ٻوليءَ تي يا ادب تي مشڪل وقت آيو ته پاڻ يڪدم تقريرن ۽ تحريرن ذريعي، انهن جي رهبري ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سندن اوچتي وفات تي، سنڌ جو نوجوان شاگرد رئندو ۽ رڙندو نظر ٿو اچي. جيڪڏهن ڪا مذهبي ڳالهه نڪتي، ته مذهب تي به ائين ڳالهائيندا هئا، جو جن ماڻهو جي قلب تي، جيڪا غلط ۽ اڻڄاڻائي سبب ڪٽ چڙهي ويندي هئي، سا يڪدم لهي ويندي هئي. نام نهاد مُلن کان بالڪل بيزار هئا، مذهب جي آڙ ۾، جيڪي هاڃا ٿين پيا، تن تي افسوس ڪندا هئا. چوندا هئا ته ”ابا! انهن کان اهي اڻ پڙهيل غريب ماڻهو هزار دفعا مٿي آهن. ڇو ته  هو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪجهه غلط ڪم ڪن ٿا، انهن تي ميار ڪانهي، ربّ به اُنهن کي معاف ڪندو، پر هي جيڪي مذهبي ٺيڪيدار، جن صحيح مذهب ڇڏي ۽ جيڪو واپارشروع ڪيو آهي، تن جو حشر ڇا ٿيندو، جيڪي قوم، وطن ۽ غريبن جو استحصال ڪري رهيا آهن، تن کي ڪير سمجهائي. ماڻهو ويو نڪري پاڇو پيو ڪُٽجي، اهڙن عالمن ۽ ملن سان ابا پنهنجي جاءِ ڪانهي“. ۽ هميشه لطيف سائينءَ جو هي بيت جهونگاريندا هئا:

ان پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر اَذر اَهئين.
ڇ

سائين گرامي صاحب جي زندگيءَ جي ڪهڙي موضوع تي لکجي؟ شاعري تي لکجي يا نثر تي لکجي، تقرير يا تحرير تي، مذهب تي يا سندن قلندرانه طبع تي؟

پريتم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

15-سيپٽمبر 1976ع جو، پنجين بجي، جڏهن پنهنجي سائينءَ، پنهنجي محسن، پنهنجي اُستاد جي لاڏاڻي جي خبر سڻيم، خدا ڄاڻي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي. موت کي بددعا ڪيم. اي موت! شل موت پوئي. رئندو رڙندو، مٿو پٽيندو حيدرآباد گاڏي کاتي پهتس. سندن رهائش گاهه تي هر فڪر جا ماڻهو غم ۽ جدائيءَ ۾ غمگين نظر آيا. پنهنجي شمع جي آخري ديدار لاءِ، پري پري کان پروانه اچي رهيا هئا. عجيب دکدائڪ منظر هو. جڏهن سندن جنازو سندن رهائشگاهه تان هيٺ آندو ويو، تڏهن سڀني آيل دوستن،شاگردن، عالمن، شاعرن، آفيسرن ۽ مداحن آخري ديدار ڪيو. سندن پياري صورت ڏسي، هر ڪنهن جون اکيون آليون ٿينديون ويون.پاڻ ڄڻ بالڪل ننڊ ۾ آرام ڪري رهيا آهن ۽ سندن مُنهن مبارڪ تي مِٺڙي مُرڪ پئي محسوس ٿي.

نشان ِ مردِ مومن با تو گويم،
چو مرگ آيد، تبسم برلب ِ اوست.
 

جنازه نمان کان پوءِ، جلوس جي شڪل ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري تي پهتاسين. هتي هي به عرض ڪرڻ مناسب رهندو ته سائين گرامي صاحب کي اها جاٰءِ بيحد پسند هئي. 1954ع کان وٺي پاڻ پنهنجي دوستن ۽ شاگردن سان گڏجي، اُتي وڃي ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪندا هئا، ۽ چوندا هئا ته ابا! هتي ڏاڍو سڪون ٿو اچي. شايد سندن اها آرزو رب سائينءَ قبول فرمائي، جو اتيئي آخري آرام نصيب ٿيو.

اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات،
ساري سناسين کي، رنم ساري رات،
مون تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
ڇ

(شاهه)

امر آواز

مٽي----مڙهه_

جندڙي سڏ

موت پڙاڏو!

اڻ ڄاڻ نٿا ڄاڻن،

نٿا سمجهن،

آوازن جي سچائي،

تون اي منهنجا هميشه لاءِ سُتل دوست!

چوندو هُئين:

”آواز نه مرندا، آواز نه سمهندا“

_”ڪنول“ لهاڻو

 

ڪريم بخش چنا

مرحوم غلام محمد گرامي

مرحوم غلام محمد گراميءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهين مرحوم ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد م، سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو استاد هو ۽ ان سان گڏ، مرحوم حاجي علي اڪبر شاهه جي برپا ڪيل جامعه عربيه سنڌ، واقع حاجي ڏوسل بلڊنگ صدر حيدرآباد (جتي هاڻي اڪبر چئمبرس آهي) ۾ جزوقتي استاد به هو. اها اٽڪل ٽيهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. مان ان وقت مير حاجي قادر بخش هاءِ اسڪول ٽنڊي جان محمد جو هيڊ ماستر هوس. مان جڏهين حيدرآباد ايندو هوس، ته جامعه عربيه ۾ ضرور ويندو هوس،ڇو ته مرحوم گراميءَ وانگر مان به ان اداري ۾، ڪجهه وقت اعزازي ۽ جز وقتي عربيءَ جو استاد ٿي رهيو هوس ۽ هونءَ به، جامعه عربيه جي باني مرحوم علي اڪبر شاهه سان ۽ ان جي صدر مدرس، مرحوم مخدوم امير احمد سان ، منهن جا گهَرا تعلقات هئا. مون کي چٽي طرح يادگيري آهي، ته جڏهن به گرامي مرحوم سان منهنجي ملاقات ٿيندي هئي، ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور پرائي موٽندو هوس. هو مڪتبن ۽ مدرسن جو پڙهيل هو ۽ مان اسڪولن ۽ ڪاليجن جو پڙهيل هوس، جن جا ڪي استاد آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جا، ته ڪي وري قاهره ۽ مدينه مُنوَرّه جا فاضل هئا. ان جي باوجود، جڏهن به  علمي، ادبي ۽ ديني معاملن تي اسان جي گفتگو ٿيندي هئي، ته گرامي مرحوم سمنڊ وانگر پلٽبو ويندو هو. مرحوم حاجي علي اڪبر شاهه ۽ مرحوم مخدوم اميراحمد، جيڪي سندس وانگر، مڪتبن ۽ مدرسن جا طالب رهي چڪا هئا، سي البت ساڻس پڄي کائيندا هئا. باقي اسان جي ڀيڻي ڪانه هئي. ان وقت ئي مون کي احساس ٿيو، ته هي مدرسن جا فاضل ڪيڏا نه هوشيار ۽ بيدار مغز آهن ۽ اسان انگريزي پڙهيلن جي تعليم، ڪيڏي نه ناقص ۽ اڻپوري آهي. آخر ڪلارڪن لاءِ تجويز ڪيل تعليمي سرشتو، ڪلارڪ پيدا ڪندو ته ڪي عالم پيدا ڪندو! انگريزي تعليمي سرشتي مان، ڪنهن عالم جو نڪرڻ، هڪ اتفاقي امر آهي، نه ته مڙوئي منشي پيا پيدا ٿيندا آهن. علم جي وڻ جوجيڪو ظاهري حصو آهي، تنهن کي اسين انگريزي دان خوب ڏسون ۽ جاچيون ٿا، پر ان جي پاڙ، جيڪا پاتال ۾ بيٺل آهي. ۽ ان جي چوٽي جيڪا آسمان جي بلندين ۾ گم آهي تن جي اسان کي ڪا به ڪل ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو هر ڳالهه بابت، اسان انگريزي دانن جي ڄاڻ عمومڙ سطحي هوندي آهي. اسان هر ڳالهه پڙهندا آهيون، پر اَدراڪ جي روشني ۾، ان کي پروڙڻ ۽ ڪشف جي زور تي ان جي اونهاين جي جاچڻ جي، اسان کي سگهه خير ڪا آهي. انهيءَ سلسلي ۾ روحل فقير فرمايو آهي ته:

پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبتہ الله ۾.
ڇ

مرحوم مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد ۽ ساٿي مرحوم مولوي عبدالله لغاري چوندو هو ته ”ابا، جيڪڏهن علم حاصل ڪرڻو اٿوَ، ته وڃي مدرسن جي حجرن ۾ رهو ۽ اتي وَنڊَ جون مانيون کائي هوشيار ٿيو.“ اسان جي سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب ۽ عالم جهڙوڪ سائين جي.ايم. سيد، مرحوم علي اڪبر شاهه، مرحوم مخدوم امير احمد، پير علي محمد راشدي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي سڀ زندگيءَ جي اوائلي عرصي ۾ انهن مدرسن جا شاگرد ٿي رهيا هئا؛ انهن صاحبن جي علميت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. مرحوم غلام محمد گرامي صاحب به ساڳئي ئي طريقي  ۽ مشرب جو تعليم يافتا هو.

عام طرح سان مدرسن جي طالبن ۽  ڪاليجي ڪِڪَن جي وچ ۾ وڏو فرق نظر ايندو آهي ۽ ٻئي طبقا، هڪٻئي کي قدري رقيبانه نموني ۾ ڏسندا آهن.ڪاليجي ڪڪا چوندا آهن، ته هنن دقيانوسي مُلن مان ڇا ورندو؟ هنن کي ته ٻليءَ پير جي به سڌ ڪانهي. ٻئي پاسي وري مدرسن جا طالب چوندا آهن، ته هي انگريزي دان، رڳو ظاهري ۽ اڻپوري علم تي پيا لٻاڙون هڻن.

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com